نورالدين ’نوُر‘
گَلي تي خنجر خونخوار پهتو، اڃا ڀي ڪين ڪي هو يار پهتو.
ڪٿي واپس وري سو وِير ايندو، وڃي جيڪو پرينءَ جي پار پهتو.
خدا آڏو خودي آ خود نمائي، هتي تانگهو ٿيو جو، تار پهتو.
جلي ٿي دل،ڳڙي ڳوڙها پون ٿا، جليءَ دل تي اکين جو ٺار پهتو.
چوي ٿو يار، ڪيڏو قيمتي آ، جڏهن ان وٽ هنجن جو هار پهتو.
چمي ٿو زلف رخسارِ صنم کي، خزاني حسن جي تي مار پهتو.
هي ڪنهن جي آ ڪشش ڪنهن جو اثر آ، جنازي تي اِجهو دلدار پهتو.
مرڻ کان پوءِ مسيحاي زمانه، الائي ڇو دلِ بيمار پهتو.
حياتِ جاودان مون کي عطا ٿي، جڏهن منهنجي قبر تي يار پهتو.
مرڻ کان پوء چوي ٿو ”قم باذني“، جيئارڻ لاءِ هو منٺار پهتو.
ويا ڪافور ٿي دک درد دل جا، جڏهن کان ’نُور‘ هو غمخوار پهتو.
’سوز‘ ٽکڙائي
تبسم چپن تي، نگاهن ۾ ناز، ادا دلنشين، گفتگو دلنواز.
سندس مرڪ ورکا گلن جيِ ڪر، سندس گفتگو ڄڻ ڇڙي پيو ڪو ساز.
نگاهن کي ڪيڏانهن وٺي ٿا وڃن، گلابي بدن جا نشيب و فراز.
اوهان کي سدائين جفائن تي فخر، اسان کي سدائين وفائن تي ناز.
متان پوء سرِ عام بدنام ٿيون، کُلي شل نه پنهنجن اشارن جو راز.
سندءِ هڪڙي هڪڙي قدم تي، اي دوست، جُهڪي ٿي اسان جي جبينِ نياز،
گهڻو ئي سڀاليم، حفاظت ڪيم، کسي دل کڻي ويو نگاهن جو باز.
مزو شعر ان مان ايندو ڪڏهن، هجي ڪونه جنهن ۾ڪو’سوز‘ و گداز.
گل نصر پوري
هڪ خوشي آهي ته آهي سؤ غمن سان همڪناز،
درد هڪ آهي ته آهن ساڻ اميدون هزار.
ايتريون اميدون آهن، جيتريون رسوائيون،
موت تائين، يار، منهنجو ڪونه گهٽبو انتظار.
حڪم جي تعميل ۾ ٿو خوش رهِي ڏيکارجي،
ورنه منهنجي دل کي، سهڻا، ڪنهن طرح ڪونهي قرار.
تنهنجي احساسن کي ڪنهن جي قرب جو ڪهڙو ضرور،
تنهنجي اڳيان پنهنجو سر مون خود جهڪايو بار بار.
قرب کي پرکي پئي سُود و زيان واري نگهه،
هي ٿيو تنهنجو پيار ۽ هو ٿيو منهنجو پيار.
دل جي ٻن ڪيفيتن کي ٿا چئون غم ۽ خوشي،
ذهن جي ٻن فيصلن کي چئون گمان ۽ اعتبار.
عمر ڀر تنهنجوتوجهه ڪنهن گهڙيءَ حاصل نه ٿيو،
زنده آهيان، ليڪ آهيان زندگيءَ کان ڌار يار.
زندگي تنهنجي هزارين فرحتن سان آشنا،
زندگي منهنجي الم، آه و فغان ۽ انتظار.
وهم هڪڙي کي وسوڙيل ٿا ڏين نالو نباهه،
خود فريبيءَ کي سڏن ٿا، ’گل‘، جهان وارا پيار.
”علي احمد پلي’ ساحر‘
رخِ يار تي آ جا تا بندگي، بهارن ۾ اهڙي ڪٿي دلڪشي.
تڪلم سندس جو ترنم عجيب، نه سازن ۾ ٻڌجي اُها نغمگي.
تبسم صنم جي جو ڪهڙو بيان، ڪٿي آهه مکڙين ۾ سا تازگي.
شرابِ نِگہ ۾ ٿيو اهڙو سرور، پيئڻ سان ئي بس ٿي وڌي تشنگي.
سڄڻ منهنجو ’ساحر‘ سراپا غزل، ڪجي شان تنهنجي ۾
ڇا شاعري.
رباعيون
نياز علي شاهه ’محسن‘
(1)
ڪمزور قيادت ۾ مَرن ٿيون قومون،
مضبوط قيادت ۾ جيئن ٿيون قومون:
قومن جو اُٿڻ آهه فقط هڪ ڀيرو،
ان کي نه دٻايو، جي اُٿن ٿيون قومون.
(2)
مايوس ۽ بزدل نه ڪڏهن ٿينداسين،
ڏيندا جي کڻي زهر ته پِي وينداسين:
پنهنجو ته اِهو عزم مصمم آهي،
دنيا کي صداقت جو سبق ڏينداسين.
(3)
تُنهنجي ئِي ثنا، حمد ٻُڌائڻ وارا،
تنهنجي ئي اڳيان سر کي جُهڪائڻ وارا،
فاقا ٿا ڪڍن تنهنجا ئي لکها بندا،
او پاڻ کي رزاق سَڏائڻ وارا!
(4)
احساس ئي ڪونهي، ته وفا ڇا ڪريون؟
توهين وفا، ذڪرِ جفا ڇا ڪريون؟
غيرن جي عداوت کي پڄي وينداسين،
پنهنجن جي ڀلاين کي ڀلا ڇا ڪريون!
(5)
بيڪار رسومات جو باغي آهيان،
فرسوده روايات جو باغي آهيان:
دنيا ۾ صداقت ئي ڏسڻ چاهينداسين،
فتنن جو، فسادات جو باغي آهيان.
’ آثم‘ ناٿن شاهي
(1)
هڪ ڏينهن سڄڻ ساڻ ملي وينداسين،
جيئري نه سَهي، مُئي ته ڪَٺا ٿينداسين؛
سِر ساڻ ڪفن پنهنجو ٻَڌي، اي يارو،
دَم يار جي قدمن ۾ هلي ڏينداسين.
(2)
شب روز صفت تنهنجي ڪريون ٿا ويٺا،
هن ذڪر کان محفوظ ٿيون ٿا ويٺا؛
اي دوست، سندءِ نام تي سِر گهورڻ جو،
مخلوق کي پيغام ڏيون ٿا ويٺا.
(3)
ڏسجي ٿو هي بيداد زمانو سارو،
منصف کي به بيداد لڳي ٿو پيارو؛
انصاف کي ڳولڻ جي ڪريون ٿا ڪوشش،
انصاف ته مدّت کان لڏي ويو، يارو!
(4)
توکي جو، چڱا مڙسَ، مِلي آ ڪرسي،
محتاج و مساڪين جي ڪر داد رَسي؛
مظلوم کي اُٽلو ٿو ستائين تون ڀي،
ڇا ياد ڪبي تنهنجي اِها چڱ مُڙسي!
(5)
حاسد کي ڏئي آهه ڇڏي مون رخصت،
ڇا، هن جي چوڻ ساڻ ڪا گهٽبي عز ّت؟
نيڪيءَ ۾ خلل ڪم آ وجهڻ شيطان جو،
چوري آ ڪندو چور، ڏسي ڪا دولت.
(6)
خود تنهنجي ئي ’هستيءَ‘ سان عداوت ڪنهن جي،
يا تنهنجي ئي ’تخليق‘ سان الفت ڪنهن جي:
خلقيل ته سڀئي تنهنجا ئي آهن، مولا،
تعريف ڪريون ڪنهن جي شڪايت ڪنهن جي؟
قطعا
مولوي ’ماعر‘
پنهنجو ساغر ۽ پنهنجو پيمانو
(1)
ساقيا، آڻ باده گلفام، ڪير ٿو چئي ته آهي باده حرام؟
جو چوي ٿو قدح کي بد، سوئي، آهي عالم ۾ بدتر ۽ بدنام.
ميڪشن جو چڱو آهي آغاز، نيز ٿيندو سٺو سندن انجام.
زاهد و محتسب کي ناهي بقا، ساقي و جام لاءِ آهي دوام.
مفت جي مَي اسان کي ڪانه کپي، مفت جي مَي آ موت جو پيغام.
آهي ’ماعر‘، ۽ رهندو تا آخر، ساغر و ساقي و سبو جو غلام.
(2)
ساقيا، شل وسيئي ميخانو، محتسب جو خراب ٿئي خانو!
حڪم تنهنجو مڃي ٿو عالم ۾، هر قدح خوار، رند، مستانو.
آهي تنهنجي قدح نوازيءَ جو، عالمِ ميڪشان ۾ افسانو.
جو اوهان جو نٿو مڃي فرمان، سو حقيقت ۾ ناه ديوانو.
آهي موجود هر گهڙي مون وٽ، پنهنجو ساغر ۽ پنهنجو پيمانو.
’امداد‘ حسيني
(1)
رات اڄ سڏڪا ڀري روئي پئي اهڙيءَ طرح،
جيئن وڃي ٺڳجي ٿي وعدن تي ڪا ڀوري ڇوري:
صبح، ڪنهن ماءُ جيان، پيار مان پيو سمجهائيس،
جيڪي ٿيڻو هوٿيو، رو نه ندوري ڇوري!
(2)
هو محبت مان نهارڻ ڪو وساري سگهبو،
تنهنجو نفرت سان نهارڻ به ته وسري ئي نٿو:
ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن وسارين ها يقيناً، ليڪن
هيترو جلد وسارڻ به ته وسري ئي نٿو.
(3)
هاءِ، هيءَ ڪنهن جي وسارڻ جي وري ياد آئي،
آهَ ترسي نه سگهي، لڙڪ جهلڻ سان نه جهليا:
دل ذري گهٽ ٿي وِڌي ماري اڪيلائيءَ جي درد،
پاڻ کي پائي ڳرهاٽي، مون ويهي سور سليا.
(4)
هر گهڙي تنهنجا ڪرم ياد ڪرڻ ۾ گذري،
تلخيء زهرِ ستم پوءِ به گهٽجي نه سگهي:
ڪيئن جبل جيڏي حياتيءَ کي گذاري سگهبو،
مون کان معمولي شبِ هجر به ڪٽجي نه سگهي.
نياز علي شاهه ’محسن‘
(1)
آدميّت نثار ٿي ويئي،
عزتون، غيرتون ويون لُٽجي،
شيطنت جي گرفت ۾، افسوس،
ڪيتريون عصمتون ويون لُٽجي.
(2)
ڇا ٻُڌايان ته ڇا ڪندو آهيان،
بيوفا سان وفا ڪندو آهيان؛
اشڪ، سُڏڪا، قرار کان محروم،
دلربا کي دعا ڪندو آهيان.
(3)
انصاف جو خون ڪرين ٿو ۽ انسان جي حجت، ڇا معنيٰ؟
پنهنجن کي نوازڻ سمجهين ٿو مخلوق جي خدمت، ڇا معنيٰ؟
الزام سڀئي مسڪينن تي ٺهڪي ٿا اچن، ليڪن تنهنجو
هيِ فخِر حسب ۽ فرقِ نسب، تهذيب و شرافت، ڇا معنيٰ؟
(4)
عشق کي ايترو ته خوار نه ڪر،
بُوالهَوسَ! حُسن داغدار نه ڪر؛
جي ڪرين ٿو، ته بيغرض ئي ڪر،
ورنه هر وقت ’پيار- پيار‘ نه ڪر.
(5)
روش روش تي محبت مون اشڪبار ڏٺي،
هزار بار صداقت مون اشڪبار ڏٺي؛
امير دوست جو جاه و جلال زنده باد،
قدم قدم تي شرافت مون اشڪبار ڏٺي.
(6)
هِي مڪان ۽ مڪين ڌوڪو آهه،
آسمان ۽ زمين ڌوڪو آهه؛
زندگيءَ جي حَسين ڌوڪن مان،
عشق ڀي هڪ حَسين ڌوڪو آهه.
(7)
ڪير ’ڪافر‘ چوي، ته بسم الله،
ڪير ’نادان‘ چوي، ته غم ناهي:
حُسن کي ڇو نه مان ڪريان سجدا،
حُسن ۾ مون خدا ڏٺو آهي.
محبوب ’سروري‘
(1)
اوهين هڪڙو لمحو ٿا گڏ گهاريو مشڪل،
اسان زندگيءَ جو هنيو داءُ آهي؛
ڇا برتاءُ آهي اسان جو اوهان سان،
اوهان جو اسان ڇا برتاءُ آهي!
(2)
ٻيو ته سڀڪجهه لُٽي وئين، دلبر،
صرف اکين ۾ آب رهجي ويو؛
يعني مجروح دل جو تنهنجي لئه،
هڪڙو هلڪو عتاب رهجي ويو.
(3)
هر قدم جي نشان کي ڳوليان پيو،
گم ٿيل ڪاروان کي ڳوليان پيو؛
مون کان وڇڙي وِيَل، ورو، ساٿيو!
آءٌ ڏاڍو اوهان کي ڳوليان پيو.
(4)
عشق وارن جي پَرِ ڪندوئي رهيس،
پاڻ کي دربدر ڪندو ئي رهيس؛
پاڻ کي پاڻ ڳولي ڳولي ٿڪس،
عمر ساري سفر ڪندو ئي رهيس.
حافظ محمد’ احسن‘
(1)
عاقلن اخلاق جو ’سيرت‘ ٻيو نالو رکيو،
آدمي اخلاق عمدن سان نزاڪتدار آهه،
بد هجي صورت ۾ ڪو، پر بد نه سيرت ۾ هجي،
ڇو ته صورت کان به سيرت جي گهڻي درڪار آهه.
(2)
خود ثنائي، خود نمائي، آدميءَ لئه عيب آهه،
خاڪ جي تخليق کي هر گز جڳائي ڪين ٿي؛
اهڙي خصلت کان ٻين جي دل ۾ نفرت ٿي ٿئي،
ٿي ٿئي تحقير پر عزت وڌائي ڪين ٿي.
(3)
پاڻ کي پاڻهي پڏائڻ، خوءِ ٽرڙائيءَ جي آهه،
لائقي ڪنهن جي به ڪنهن کان ڪين ٿي مخفي رهي؛
بُوي عنبر، مشڪ جي پردن ۾ لڪندي ڪين آهه،
ليڪ نهٺائيءَ سان عزت عام ۾ وڌندي رهي.
(4)
پاڻ جي ڀانيو، توائي سي ٿيا، فرمايو شاهه،
سِک ايازي رمز، تان محمود جو محبوب ٿين؛
هوت تن جي هنج ۾ آ، جيڪي هيٺانهون هلن،
پاڻ ٿي خادم ته پوء مخدوم ٿين، مرغوب ٿين.
(5)
جو نيازيءَ ۾ ملي ٿو، سو نه ملندو ناز ۾،
ناز’احسن‘ زيب ۽ محبوب جو ئي شان آهه؛
عشق جي هستي هئڻ، هوندا نه گڏ ٻئي پاڻ ۾،
حسن جي آڏو نه ايندو عقل جو سلطان آهه.
’ آثم‘ ناٿن شاهي
(1)
خوشي آهي ته خوش آهيون، جي غم آهي ته غم ناهي،
بجز دلبر، اسان کي ڪنهن به شيءِ سان ڪوبه ڪم ناهي؛
خوشي ناهي مڪمل، ۽ نه غم ئي آهه روز افزون،
عجب آهي، ٻنهي مان ڪوبه دم آهي ته دم ناهي!
(2)
مدت کان، مِٺا، حال پڇڻ ئي نه اچين ٿو،
معلوم ٿئي ٿو ته فراموش ڪيو ٿَئي؛
ڇو نيڻ کڻي ڀي نه نهارين ٿو اسان ڏي،
ڇا پنهنجي نگاهن کي به خاموش ڪيو ٿَئيِ؟
احمد شاهه ’استاد‘ بخاري
(1)
اسان جو احتجاج آهي، انهن وٽ،
نه مرده دل، مگر زنده دلن وٽ.
اچو سڀ منهن ڏسو انسانيت جو،
دمِ انسانيت آهي چپن وٽ.
(2)
نه تون ڪنهن لاءِ، دل ۾ سانڍ نفرت،
نه منهنجي وقف ٿئي. ڪنهن هڪ لئه الفت،
ضميرن ساڻ اچ، اڄ عهد ڪريون،
حقيقت کي ڪري مڃبو حقيقت! |