سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

 

 

 

تحقيقاتِ تصوف

تيرهين صديءَ جي هڪ اهم

 

        هن ڪتاب جي مصنف جو نالو ڄاڻايل قلمي نسخي جي مُنڍ ۾ فقير سيد شاهه حسين بخاري آهي ۽ ان جي ڪاتب جو نالو جيئن ترقيمي ۾ ملي ٿو، فيض محمد آهي. جيڪو لکي ٿو ته هن اهو ڪتاب پنھنجي پير سيد نور شاهه قادري عمروٽي (امروٽي) جي هدايت موجب نقل ڪيو. هتان ايتري خبر پوي ٿي ته ان جو مصنف اصل بخاري سيد ۽ ان جو خاندان سنڌ ۾ ڪٿانَ ٻئي هنڌ کان آيو آهي. انھن بخاري سيدن بابت ٻئي ڪنھن ڪتاب ۾ احوال نه ملي سگهيو آهي. البت جناب جي.ايم.سيد، شمس الدين شاھه جي احوال هيٺ ضروري معلومات هن طرح ڏني آهي:

هن خاندان جا حسيني سيد اصل اُچ جي طرف کان آيل چوڻ ۾ اچن ٿا. اُچ کان سيد شاهه حسين شاهه لڏي اچي سنڌ جي شھر الور ۾ ويٺو. ان جا ٻه فرزند ٿيا، جن مان سيد حامد شاهه هنگورن تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، باقي هڪ سيد حميد شاهه جو اولاد امروٽ ۾ آهي.(1)

     انھيءَ شجري موجب اُچ کان جيڪو پھريون شخص سنڌ ۾ وارد ٿيو، اهو سيد شاهه حسين شاهه اول هو، جنھن جو مدفن الور سنڌ ٻڌايو ويو آهي. هتي الور مان مراد اروڙ يعني روهڙي جو شھر يا ان جي آسپاس سمجهڻ کپي. ان شجري موجب سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ هن خاندان جون ٻه شاخون ٿي ويون. پھرين سيد حامد شاهه ولد سيد حسين شاهه اول هنگورن ۾ پنھنجي رهائش جاري رکي ۽ ٻي حميد شاهه جي اولاد مان سيد موسيٰ شاهه ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جو سندس مدفن جهلي بند جي اندر ٻيلي آندل دل ۾ موجود آهي. هن جو پٽ سيد شير محمد شاهه اتان لڏي امروٽ جي ڳوٺ ۾ مستقل طور آباد ٿيو ۽ سندس مدفون امروٽ ۾ آهي، جنھن کان پوءِ هن خاندان جا ڪجهه فرد ٻين شھرن جھڙوڪ لاڙڪاڻي ۾ به اچي رهيا، جن مان قائم شاهه بخاري به آهي جنھن جي مزار لاڙڪاڻي شھر جي وچ ۾ اڄ تائين موجود آهي. ٻيو پير الف شاهه جنھن جي درگاھه شڪارپور شھر ۾ آهي.

هن خاندان بابت ٻه شجرا اسان جي نظر مان گذريا، پھرين جو ڪاتب يا مرتب نامعلوم آهي. ٻئي شجري جو مرتب سيد شاهه محمد شاهه هنگورن وارو آهي جنھن اهو شجرو سال 1379ھه / 1959ع ۾ سيد گلاب شاهه ابن سيد جمن شاهه ساڪن امروٽ واري جي فرمائش تي تيار ڪيو جو اهو شجرو هر لحاظ کان مڪمل آهي، جو ٻنھي خاندانن جي فردن جو پوئين زماني تائين تفصيل موجود آهي. اسان جي خيال ۾ جي.ايم.سيد جي آڏو به اهو شجرو هو جنھن تان سيد حسين شاهه اول کان وٺي نالا ڏنائين. ٻيو اسان جي معلومات مطابق سيد شاهه محمد شاهه جا جي.ايم.سيد سان گهاٽا تعلقات هئا ۽ اهو شجرو غالباً هن ئي فراهم ڪيو هوندو.

ٻنھي شجرن مان ظاهر آهي ته سيد حسين شاهه ٻه ٿي گذريا آهن. هڪ اول جيڪو سڀ کان پھرين اُچ کان سنڌ ۾ آيو، ڇو ته سندس والد سيد اسحاق شاهه اُچ ۾ مدفون ڏيکاريو ويو آهي. ٻيو هن جو تڙپوٽو يا پنجين پيڙهيءَ ۾ جنھن کي سيد حسين شاهه ثاني چوڻ گهرجي. اهو فرق ان ڪري مدنظر رکڻ ضروري آهي جو ان سان اها ڳالھه سمجهڻ ۾ مدد ملندي، ته هن ڪتاب جو مصنف سيد حسين شاهه اول آهي يا ثاني. اها غلط فھمي ڪاتب طرفان پھريائين لکيل تاريخ سبب نظر اچي ٿي جنھن کي پوءِ وري 1179ھه ڪيو ويو آهي يا پھرين 1179ھه لکيل آهي جنھن کي بعد ۾ 1279هه ڪيو ويو آهي.(2)

ٻنھي شجرن موجب سيد شاهه حسين شاهه جيڪو سنڌ ۾ پھتو ۽ الور ۾ مدفن آهي، حضرت امام حسين رضي الله جي اوڻٽيھين پيڙهي ۽ امام علي نقي جي ايڪيھين پيڙهي آهي. روهڙيءَ جي رضوي ساداتن جي لکيل هڪ ٻئي شجري موجب سيد ابوالبرڪات محمد بن ابوالمڪرم زيد مڪي ارڙهين پيڙهي ٿئي ٿو، اهو عراق کان ڪوچ ڪري بخارا ۾ پھتو ۽ اتان پوءِ اُچ ۾ آيو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هو شيخ عبدالقادر جيلاني جي فرزند شيخ عبدالرزاق کان دست بيعت ۽ فيض يافته هو. ان لحاظ کان هن جو زمانو ڇھين صديءَ جي آخر ٿي سگهي ٿو، ڇو ته شيخ عبدالقادر جيلاني جي وفات جو سال 561ھ آهي. سيد شاهه حسين اول سيد ابوالمڪارم زيد جي چوڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏيکاريل آهي. ان لحاظ کان هن جو زمانو يارهين صديءَ جي آخر يا ٻارهين صديءَ جي شروعات وارو ٿي سگهي ٿو ۽ سنڌ ۾ هن جو اچڻ جو اهو ئي عرصو ٿي سگهي ٿو.

هاڻي اسان موجود شجرن جي تفصيلي جائزي موجب اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته موجوده ڪتاب جو مصنف ڪير ٿي سگهي ٿو. ڇو ته انھيءَ شجري موجب جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي، ته ٻه شاهه حسين ٿي گذريا آهن، هڪڙو شاهه حسين اول جيڪو سنڌ ۾ پھتو ۽ جنھن جو زمانو اندازن ٻارهين صدي جو شروع آهي ۽ ٻيو هن جو تڙپوٽو شاهه حسين ثاني آهي، جيڪو امروٽ ۾ پھرئين گادي نشين سيد پير محمد شاهه جي پٽ سيد غلام شاهه جو پڙپوٽو آهي. سيد غلام شاهه لاءِ روايت آهي، ته هو حاجي فقيرالله علوي (وفات: 1195ھه) جو ناٺي آهي. ان لحاظ کان هن جو زمانو تيرهين صديءَ جي شروعات آهي ۽ انھيءَ اندازي موجب سيد شاهه حسين شاهه ثاني جو زمانو تيرهين صديءَ جو آخري اڌ بيھي ٿو.

سيد پير محمد شاهه امروٽيءَ جي خاندان ۾ سيد نور علي شاهه پڙپوٽو ڏيکاريل آهي. هن ڪتاب جي ترقيمي ۾ ڪاتب فيض محمد ٻڌائي ٿو، ته هن هيءُ ڪتاب سندس مرشد پير نور شاهه قادري امروٽي جي هدايت موجب لکي پورو ڪيو.(3)  ترقيمي جي عبارت مان خبر پوي ٿي ته سيد پير نور شاهه قادري طريقي سان وابسته هو، جو کيس قادري عمروٽي (امروٽي) لکيو ويو آهي. مليل شجرن موجب اهو پير نور شاهه ولد پير لشڪر علي شاهه ولد سيد پيرمحمد شاهه امروٽ ۾ ٽيون گادي نشين هو، جنھن جي هدايت موجب ڪاتب هي نسخو نقل ڪيو. پر ڪتاب جي مصنف سيد حسين شاهه پاڻ کي ڪنھن به سلسلي سان وابسته نه ڏيکاريو آهي، بلڪه هو اندر ڪتاب ۾ ڪو به اهڙو اشارو نه ٿو ڪري.

اسان جي خيال ۾ هن ڪتاب جو مصنف سيد حسين شاهه اول نه بلڪه سيد حسين شاهه ثاني آهي. پھرين صفحي تي مصنف کي قدس سره العزيز لکيو ويو آهي. اهي الفاظ ڪو به زنده مصنف پنھنجي لاءِ استعمال نه ڪندو آهي. ٻيو ترقيمي ۾ به اهڙي ڪا وضاحت نه ٿي ملي. وڏي ڳالھه ته ڪاتب اهو به ڪٿي نه لکيو ته هن ڪتاب جو اصل نالو ڇا آهي. هونئن عام طور ڪتاب جو مصنف پنھنجي نالي سان گڏ اڳ ۾ يا پوءِ ڪتاب جو نالو ضرور لکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مصنف جي تنقيدي نقطئه نظر کي سامھون رکندي اسان ان جو نالو تحقيقاتِ تصوف‘ رکيو آهي.

هن ڪتاب جي تيرهين صديءَ ۾ تصنيف ٿيڻ جو ٻيو وڏو ثبوت هن ريت آهي، ته هن ڪتاب جو گهڻي ۾ گهڻو مواد ڪتاب مفتاح القلوب تان ورتل آهي. خوش قسمتيءَ سان ان ڪتاب جو قلمي نسخو ڪتابخانه گنج بخش راولپنڊي مان اسان کي مليو آهي اهو ڪتاب خطي شماره 14933 تحت ملي ٿو ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جو لکيل آهي.(4) دلچسپ ڳالھه اها آهي ته هن ڪتاب جي مصنف ڪتاب مفتاح القلوب مان ڪيترائي ڊگها اقتباس بنا حوالي ڏيڻ جي شامل ڪيا آهن، حد ته اها آهي ته هن جا ڪيترائي اشعار پنھنجي ڪتاب ۾ ڏئي ٿو. البت اسان جو گمان آهي ته ڪٿي ڪٿي پنھنجي طرفان به ڪجهه اشعار ٺاهي ملائي ڇڏي ٿو، پر ڪٿي به اهو ڪونه ٿو ٻڌائي، ته اهي اشعار سندس آهن. ڇو ته اهڙا اشعار وري ’مفتاح القلوب‘ ۾ ڪونه ٿا ملن. وڏي ڳالھه ته ’مفتاح القلوب‘ واري مصنف جو تخلص به ’حسين‘ آهي، ته هن ڪتاب جي مصنف جو نالو به ’حسين‘ آهي. ڪتاب مفتاح القلوب جي مصنف جي حياتيءَ جو احوال به معلوم ٿي نه سگهيو آهي، پر سندس انداز تحرير ۽  مواد جي نوعيت مان پتو پوي ٿو، ته هن جو تعلق نقشبندي سلسلي سان آهي ۽ هو غالباً افغانستان جي مٿاهين علائقي يا وچ ايشيا جي ڪنھن ملڪ سان آهي، جتي نقشبندي سلسلي کي اوج نصيب ٿيو هو. جيئن ته اهو ڪتاب ٻارهين صديءَ جي تصنيف ٻڌايو ويو آهي ۽ اسان جي مصنف ان ڪتاب تان وڌ ۾ وڌ استفادو ڪيو آهي، تنهنڪري اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي ڪتاب تيرهين صديءَ جي تصنيف آهي ۽ ترقيمي ۾ 1279هه جو جيڪو سال لکيو ويو آهي، اهو درست سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن خاندان جو فرد جيڪو تيرهين صديءَ ۾ انھيءَ نالي سان ملي ٿو، اهو شاهه حسين ثاني آهي، تنھنڪري اسان جي نتيجي موجب هو ئي هن ڪتاب جو مصنف ٿي سگهي ٿو. اسان جي تحقيق موجب هن ڪتاب جي مصنف جو لاڙو به گھڻي ڀاڱي نقشبندي سلسلي ڏانھن آهي.

امروٽي خاندان مان ئي سيد پير طارق شاهه آهي. جنھن سان اسان جي سکر ۾ تفصيلي ملاقات ٿي، جنھن اهي ٻئي شجرا فراهم ڪيا. هن ڪتاب جو قلمي نسخو به وٽس ئي موجود آهي. هن ٻڌايو ته کيس اهو نسخو ڳڙهي ياسين جي سيد امير علي شاهه وٽان هٿ آيو، جيڪو پڻ هن خاندان جو فرد آهي. هن وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ ٻئي لکيل خوش خط قلمي نسخي ڏسڻ جو موقعو مليو جيڪو پڻ شروع ۽ آخر ۾ ناقص آهي، جنھن ۾ ڪجهه نجوم ۽ تعويذن وغيره جي سمجهاڻي ڏنل آهي. سندس چوڻ مطابق هو پاڻ سيد حسين شاهه اول جي ٻارهين پيڙهيءَ ۾ آهي. هن پنھنجي خاندان بابت گهڻي کوجنا ڪئي آهي ۽ ڪيتريون زباني روايتون جمع ڪيون اٿس ۽ خانداني قبرستان به ڳولي ڏٺا اٿائين. پاڻ سموري خاندان جو موجوده زماني تائين هڪ مڪمل شجرو تيار ڪري رهيو آهي، جنھن کي شايع ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.

هن ڪتاب جا ماخذ:

هن ڪتاب جا اڪثر موضوع جيئن بابن جي عنوانن مان ظاهر آهي، تصوف جا ساڳيا روايتي موضوع آهن. پر اها خاص ڳالھه آهي ته ڪتاب جو مصنف پاڻ کي ڪنھن به صوفي سلسلي سان وابسته نه ٿو ڄاڻائي. بابن جي ترتيب گهڻي ڀاڱي قلمي ڪتاب ’مفتاح القلوب‘ سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنھن بابت هن کان اڳ اشارو ڪيو ويو آهي. پھرين باب ۾ الله جي وحدانيت خاص طور الله جي ذات ۽ صفات بابت علم ڪلام جي اصطلاحن موجب سمجھاڻي ڏئي ٿو، جيڪا پڻ ’مفتاح القلوب‘ واري آهي. هن سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو بحث خدا جي ذات ۽ صفات متعلق ڪري ٿو، ته خدا جون صفتون هن جي ذات جو نه عين آهن نه غير ۽ اهو ئي موقف اهل سنت وارن ۽ سڀني صوفين جو آهي. ان کان پوءِ روح، قلب ۽ نفس جي باري ۾ بحث ڪري خدا جي ذات ۽ صفات جي سولي سمجهاڻي ڏئي ٿو. اتي ئي صوفي فڪر جو نھايت اهم نڪتو بيان ڪري ٿو ته انسان ڪيئن خدا جي ذات ۽ صفات جو مظھر آهي. ٻين لفظن ۾ مخلوقات منجهان آدم ئي هن جي ذات ۽ صفات جو مظھر ٿيو آهي. پر اتي ئي مصنف واضح ڪري ٿو ته ان جو مطلب خدا ۽ خوديءَ ۾ ڪو فرق نه ٿو رهي، سمجهڻ بلڪل غلط آهي. هتي ئي هو ڪاٺيءَ جي ٻرڻ سان دونھين ۽ باھه جي پيدا ٿيڻ جو مثال ڏئي ٻڌائي ٿو ته اصل حقيقت باھه آهي جنھن جو مظھر شعلو آهي ۽ شعلي جو مظھر دونھون آهي ۽ دونھين جو مظھر ڪاٺي آهي. اهي سڀ مظھر مخلوق ۽ حادث آهن جيڪي ڪڏهن به باھه جي برابر ناهن. ان لحاظ کان هيءَ ڪائنات خدا جو مظھر آهي پر خدا جي ذات ان کان بلڪل ٻيءَ طرح ۽ جدا آهي. انھيءَ پسمنظر ۾ مصنف پنھنجي اها راءِ زوردار لفظن ۾ پيش ڪري ٿو، ته جيڪڏهن ڪي وجودي صوفي (همه اوست) مان اهو مفھوم وٺن ٿا ته اهو بلڪل غلط آهي ۽ ڪفر جي برابر آهي.

اسان جو مصنف انھيءَ راءِ قائم ڪرڻ ۾ مفتاح القلوب کان متاثر نظر اچي ٿو جنھن جو پڻ ساڳيو استدلال آهي.(5) مطلب ان ريت هو خدا جي وحدانيت ۽ توحيد جي سمجهاڻي ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته شريعت محمديءَ جو اُهو ئي اصول يا نظريو آهي.

ٻئي باب ۾ مصنف سمجهائي ٿو ته آدم ڪيئن الله جي ذات ۽ صفات جو مظھر آهي، بلڪه سندس جلال ۽ جمال جو به مظھر آهي ۽ ان ڪري سندس خليفو آهي. مطلب خليفي بنجڻ واسطي انسان ۾ خاص صلاحيتون ۽ قوتون رکيل آهن جنھن جو وڏي ۾ وڏو مثال انسان جو قلب آهي.

هتي مصنف نھايت خوبصورتيءَ سان ٻڌائي ٿو ته ڪيئن انسان ۾ ٻي هر مخلوق جمادات، نباتات ۽ حيوانات واريون صفتون ته آهن پر ان کان وڌيڪ ٻيون به آهن جنھن ڪري هو حق جو مظھر آهي ۽ خدائي خليفي ٿيڻ جو اهل آهي. هن سلسلي ۾ هو صوفين وٽ نھايت مشھور ۽ مقبول حديث پيش ڪري ٿو:

ان الله خلق آدم عليٰ صورته

يعني: بيشڪ الله تعالي انسان کي پنھنجي صورت (خاص نموني) تي پيدا ڪيو.

ٽئين باب ۾ ايمان جي حقيقت سمجهائي وئي آهي ته ان جو مطلب حق تعاليٰ کان سواءِ ٻي هر شيءِ جي نفي آهي، جنھن ۾ خاص طور انسان جو پنھنجو نفس شامل آهي. ڇو ته انسان لاءِ وڏي ۾ وڏي رُڪاوٽ يا رنڊڪ اهو نفس ئي آهي، جيڪو گويا هڪ بُت جي حيثيت رکي ٿو ۽ هر وقت انسان کي گمراھه ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.

باب چوٿين جو عنوان معرفت الاهي آهي. انھيءَ ساڳي عنوان سان مفتاح القلوب جو ٽيون باب آهي.(6) ٻنھي ۾ معرفت جا ٽي قسم ڄاڻايل آهن معرفت عام، معرفت خاص ۽ معرفت خاص الخاص ۽ ٽنھي جا ذريعا جدا جدا آهن ۽ اهي علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين آهن.

پنجين باب ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ حقيقت الحقائق تي بحث ٿيل آهي. ان جي مقابلي ۾ مفتاح القلوب ڪتاب جي چوٿين فصل اندر وري انھيءَ غلط فھميءَ جي دور ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته معرفت جي حصول کان پوءِ شريعت جي ڪا ضرورت نه ٿي رهي. باب ڇھين جي شروعات ۾ ٻڌائي ٿو ته شريعت دراصل سڀ ڪجهه هن کان سمجهڻ (همه ازوست) ۽ طريقت دراصل هو پاڻ سڀ آهي (همه اوست) سمجھڻ سان واسطو رکن ٿا. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال اهو آهي ته سج جي روشني هر ذري کي روشن ڪري ٿي، پر هر ذرو سج ڪونه آهي پر سموري روشنيءَ جو وجود سج جي ڪري آهي. جيڪڏهن سج نه هوندو ته روشني نه هوندي گويا همه ازوست ۽ همه اوست جي اها بھترين سمجهاڻي آهي.

انھيءَ باب ۾ آدم ۽ ابليس جو فرق سھڻي نموني ۾ سمجهائي ٿو ته آدم کان خطا به پنھنجي ارادي سان ٿي ۽ وري معافي به پنھنجي ارادي سان گهريائين. ان ڪري بندو فاعل مختيار آهي. هن جي مقابلي ۾ ابليس جڏهن لعنتي بنجي ويو ته ان فعل جي ذميواري حق تعاليٰ ڏانھن ڪيائين ۽ چيائين ته اهو سڀ تنھنجي ڪري آهي يا سڀ تنھنجو ڪيل آهي. انھيءَ پسمنظر ۾ واضح ڪري ٿو ته ابليس يعني عزازيل کي خدا جو عاشق چوڻ بلڪل غلط ۽ حقيقت جي خلاف آهي. ڇو ته جيڪڏهن خدا هن جو محبوب هو، ته پوءِ هن ان جي حڪم جو انڪار يعني ڪُفر ڇو ڪيو.

باب ستين ۾ وري شريعت ۽ طريقت جي سمجهاڻي ان حوالي سان ڏئي ٿو ته شريعت جو واسطو عالم ناسوت سان آهي، طريقت جو واسطو عالم ملڪوت سان آهي، حقيقت جو واسطو عالم جبروت ۽ معرفت جو واسطو عالم لاھوت سان آهي. هن باب ۾ هو فنا ۽ بقا جي بايزيد بسطاميءَ جي حوالي سان سمجهاڻي ڏئي ٿو، ته ڪيئن سندس مقامات ۾ تبديلي ۽ ترقي ٿيندي رهي آهي جنھن جو واسطو فنا ۽ بقا، نفي ۽ اثبات، الھام ۽ وسوسه، تجليات ۽ مشاهدات سان هو. ٻين لفظن ۾ هو مقامات ۾ گهٽ وڌائي جو شڪار ٿيو آهي جو ’سبحاني ما اعظم شاني‘ واري دعويٰ ڪري ويٺو هو. ان ڪري ڪن صوفين مطابق جنھن سان اسان جو مصنف اتفاق ڪري ٿو ته بايزيد فنا ۾ ڪمال تي پھتو هو پر بقا ۾ ڪامل نه هو.

هن ئي باب ۾ منصور حلاج جي نعري ’انالحق‘ جو بيان اچي ٿو. ان نعري بابت ’مفتاح القلوب‘ ۽ هن ڪتاب جي مصنف ساڳي راءِ جا آهن، ته اتان پڻ منصور حلاج جي ڪمال تي نه پھچڻ جي نشاندهي ٿئي ٿي.(7)همھ اوست‘ جي باري ۾ مصنف جو خيال آهي ته اها ڄڻڪ ٻالڪپڻ جي نشاني آهي، جيئن ٻار پنھنجي والدين کي سڀ ڪجهه سمجهندو آهي. غلط ۽ صحيح شيءِ ۾ فرق نه ڪري سگهندو آهي.

باب نائين جو موضوع ۽ مواد مفتاح القلوب سان گهڻي مشابھت رکي ٿو. بلڪه مفتاح القلوب ۾ ان جو عنوان ’جنونيت و جدّبيت ۽ جلاليت‘ آهي(8) ۽ اتي اهو ئي فرق سمجهايو ويو آهي ته ڪرامت ڇا آهي ۽ استدراج ڇا آهي. ڪرامت اهڙو غير معمولي واقعو جيڪو ڪنھن نبيءَ کان ظاهر ٿئي، پر جيڪڏهن اهڙي قسم جو واقعو ڪنھن غير مسلم کان واقع ٿئي ته ان کي استدراج چئبو. استدراج  جو تصور قرآن شريف ۾ ملي ٿو، جنھن جي آڌار تي مصنف اهو بحث ڪري ٿو. مثلاً فرعون کي استدراج حاصل هو.

ليڪن هتي مصنف استدراج کي سالڪ جي اها حالت ٻڌائي ٿو، جڏهن شيطان کيس قائل ڪري وجهي ٿو ته دنياداريءَ جا مسئلا شريعت سان واسطو رکن ٿا ۽ هو ان تي راضي ٿي وڃي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو، ڇو ته سالڪ لاءِ طريقت جي واديءَ ۾ ٽي مرحلا آهن. پھريون فنا في النفس، ٻيو فنا في الروح ۽ ٽيون فنا في الله، جن جو واسطو ملڪيت، روحانيت ۽ رضائيت سان آهي. انھيءَ مناسبت سان هن باب ۾ رجال الغيب، غوث، قطب ۽ ابدال وغيره جو ذڪر ڪري ٿو.

باب ڏهين ۾ ’علم ۽ ان جي حقيقت‘ سمجهائي ٿو ۽ ڇھين صديءَ ۾ لکيل ’مفتاح النجاة(9) ڪتاب جو نالو کڻي ٿو جنھن جو حوالو ’مفتاح القلوب‘ ۾ پڻ ملي ٿو. اڳتي سيد علي همدانيءَ جي فارسي رباعي آڻي ٿو، جيڪا پڻ مفتاح القلوب ۾ آيل آهي. هن باب ۾ هو عالمن جا ٽي قسم عالم بياني، عالم عياني ۽ عالم رباني ٻڌائي ٿو.

باب يارهون ’توڪل‘ جي موضوع بابت آهي جيڪو صوفين وٽ نھايت محبوب موضوع آهي ۽ تصوف جي سڀني بنيادي ڪتابن ۾ جھڙوڪ: ڪشف المحجوب، احياءُ علوم الدين ۽ عوارف المعارف وغيره ۾ ان تي گهڻو مواد ملي ٿو. هتي به مصنف مفتاح القلوب تان گهڻو ڪجهه ورتو آهي.(10)

باب ٻارهون ’وجد ۽ سماع‘ جي حقيقت بابت آهي. مفتاح القلوب ڪتاب ۾ پڻ انھيءَ موضوع تي پورو باب موجود آهي جنھن جو عنوان ’راڳ ۽ سرود جي مذمت‘ آهي.(11) راڳ جنھن جي ڪري ڪي صوفي مست ٿي نچن ٽپن ٿا، انھن جي سخت برائي ڪئي وئي آهي ۽ ان کي قطعي طور غير شرعي عمل ٻڌايو ويو آهي. جنھن لاءِ قرآن، حديث ۽ فقيھن ۽ وڏن صوفين جا اقوال ۽ احوال بيان ٿيل آهن.

هن باب ۾ اسان جو مصنف شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جي مشھور ڪتاب ’عوارف المعارف‘ مان عربي ۾ شعر آڻي ٿو، جيڪو مفتاح القلوب ۾ ڪونھي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته وٽس عوارف المعارف موجود هو، جو ان مان سڌو حوالو ڏئي ٿو. ڇو ته هونئن اسان ڏٺو ته هو اڪثر مواد ’مفتاح القلوب‘ تان جيئن جو تيئن کڻي ٿو.

اهڙيءَ طرح هن باب ۾ احمد جام نامقيءَ جي ڪتاب ’مفتاح النجاة‘ مان هڪ حديث جي ڊگھي عربي عبارت کڻي اچي ٿو، جيڪا مفتاح القلوب ۾ ڪونھي. جيتوڻيڪ ان جو فارسي ترجمو اتي موجود آهي.(12)

هن باب ۾ پنجين صديءَ جي متڪلم ۽ فقيھم ابوشڪور سالميءَ جي ڪتاب مان راڳ ۽ سرود جي حُرمت بابت راءِ نقل ڪيل آهي جيڪا مفتاح القلوب تان ورتل آهي. پر سيد علي همدانيءَ جي ڪتاب ’ذخيرة الملوڪ‘ جي ڪتاب مان عربيءَ ۾ هڪ روايت آندل آهي، جيڪا مفتاح القلوب ۾ ڪونھي. حالانڪه ذخيرة الملوڪ جا ٻيا حوالا مفتاح ۾ ملن ٿا. اتان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته مصنف وٽ ’ذخيرة الملوڪ‘ موجود هو.(13)

باب تيرهون سڌوسنئون راڳ رنگ ۽ سرود يا سازن ٻڌڻ جي مذمت ۾ آهي. هن باب ۾ ’مفتاح النجاة‘ مان هڪ آخري حديث جي عبارت ملي ٿي، جيڪا مفتاح القلوب ۾ ڪونھي. هن باب ۾ ڪيترائي اهڙا نقل ۽ حڪايتون ملن ٿيون جن مان راڳ ۽ سرود جي برائي ۽ خراب اثرات کي بيان ڪيو ويو آهي. مطلب مفتاح القلوب ۾ راڳ رنگ ۽ سرود جي مذمت جي باري ۾ هڪ باب آهي ته هن ڪتاب ۾ ٻه باب آهن ۽ ٻنھي جو موقف نھايت ساڳيو ۽ سخت آهي.

باب چوڏهين ۾ ظاهري حسن ۾ ڦاسڻ سان جيڪي برايون جنم وٺي سگهن ٿيون، انھن جي نشاندهي ڪري ٿو. صوفين جو هن باري ۾ شروع کان ڪھڙو نقطئه نظر رهيو آهي، اهو واضح ڪري ٿو. مصنف جي پنھنجي وقت ۾ به ڪي اهڙا صوفي هئا جيڪي حُسن پرست هئا ۽ انھن مان هڪ ملا ظفر احمد جو نالو کڻي ٿو ته هن پاڻ کيس ڪيئن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪي صوفي وري ظاهري حسن جي ديدار کي منتھي درجي تي پھتل صوفين لاءِ جائز سمجهن ٿا پر اسان جي مصنف جي راءِ آهي ته مبتدي، متوسط ۽ منتھي سڀني لاءِ ظاهري حسن فساد جو سبب آهي، جيئن ڪيترن نقلن ۽ حڪايتن ذريعي واضح ڪري ٿو. ظاهري حسن جي اهڙي بيان کان پوءِ مصنف ‘معنوي حسن’ ڏانھن ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ اهو موضوع باب پندرهين جو عنوان آهي.

انھيءَ پسمنظر ۾ سورهين باب جو موضوع الله تعاليٰ جي عبادت آهي، جنھن ۾ عبادت جا ٽي قسم بيان ڪري ٿو. عام، خاص ۽ خاص الخاص، جنھن کي رحماني جو نالو ڏئي ٿو. جسماني عبادت ۾ نماز، روزو، زڪوات، حج وغيره شامل آهن. خاص عبادت جنھن کي روحاني به چوي ٿو، ان ۾ حرص ۽ حوس کي ترڪ ڪرڻ پاڻ کي هر قسم جي غلط ڪمن کان روڪڻ، اخلاقي اصولن جي پيروي ڪرڻ وغيره. رحماني عبادت ۾ معرفت آهي، جنھن کي مصنف ’علم الله‘ جو نالو ڏئي ٿو. پاڻ کي هر قسم جي خيالن کان خالي رکڻ آهي، جنھن سان حقيقي مشاهدي ۽ تجليات جي توفيق نصيب ٿئي ٿي.

باب سترهين ۾ بدعت جي برائي بيان ڪري ٿو جنھن مان مراد دين ۾ هر قسم جي گهٽ وڌائي آهي، جيڪا سالڪ جي نفسيات تي اثر انداز ٿئي ٿي. ان لحاظ کان آخري ارڙهين باب ۾ شريعت جنھن مان مراد سنت جي پيروي آهي، ان تي زور ڏئي ٿو. هڪ دفعو وري شريعت، طريقت ۽ حقيقت جي اهميت بيان ڪري ٿو.

ٻيو اهم ماخذ جيڪو هن ڪتاب جي مصنف وٽ موجود هو. اهو ’مفتاح النجاة‘ آهي. احمد جام پنجين صدي هجري جو وڏو صوفي ٿي گذريو آهي، جنھن جي ديوان کي سنڌ هند ۾ گهڻي شھرت حاصل ٿي. هن جون نثر ۾ ٻه تصنيفون ’مفتاح النجاة‘ ۽ ’انيس التائبين‘ گهڻيون مشھور آهن. جيتوڻيڪ مفتاح القلوب ۾ به هڪ ٻه حوالا مفتاح النجاة جا آيل آهن. پر هن ڪتاب جي مصنف وٽ مفتاح النجاة موجود هو، جو ان مان به ٽي تفصيلي حوالا ڏنا اٿس. هيٺيون ٻئي عربي ۽ فارسي عبارتون جيئن جو تيئن مفتاح النجاة تان کنيل آهن، ڇو ته اهو مواد مفتاح القلوب ۾ ڪونھي.

ياتي زمان علي الناس ينکرالحق في ذالک الزمان من عشرة تسعة اعشار لاينجو شر ذلک زمان الکل مؤمن و مؤمنة ان من وارءکم ايام الصبر فالمتمسک منهم يومئذٍ بمثل ما انتم عليه له اجراً مثل خمسين عاملان قالوا منهم يا رسول الله قال بل منکم يقولها ثلاث مراتٍ(14)

يعني: اهڙو زمانو ايندو جڏهن ڏهن مان نو ماڻھو حق جا منڪر هوندا ۽ انھيءَ شر کان اهي بچي سگهندا، جيڪي ايمان وارا مرد ۽ عورتون هونديون، بشرطيڪ اهي صبر کان ڪم وٺندا. پر جيڪو انھن مان انھيءَ طريقي تي عمل ڪندو ته هن کي ان اجر کان جيڪو توهان کي هينئر ملڻو آهي، انھن کي پنجاھه دفعا وڌيڪ ملندو. انھن پڇيو يا رسول الله، اهي ڪير؟ چيائون اهي انھن مان هوندا. ٽي دفعا پاڻ اهو جواب ڏنائون.

ان کان پوءِ پاڻ ڪريمن وري هيئن فرمايو:

ياتي علي الناس زمان المقِّرُّ بالحق فيه ناج، قالوا يا رسول الله فاين العمل يومئذٍ. قال لاعمل يومئذٍ.“(15)

يعني: اهڙو زمانو ايندو جڏهن حق جي اقرار ڪندڙ کي نجات ملي ويندي. وري پڇيائون يا رسول الله! اهو عمل ڪھڙو هوندو؟ چيائون انھيءَ وقت ڪو ڪم نه ٿيندو. ليڪن جيڪو به حق جو اقرار ڪندڙ هوندو يعني شريعت اهو نجات وارو ٿيندو.

مفتاح النجاة ۾ ٽيون حوالو فارسيءَ اندر هن ريت آهي:(16)

”اي دوستان و عزيزان و برادران من که شما را در اين راه بس تجربه نيفتاد باشد. پنجاه و نه سال شد که تا ما را در کاري افگنده اند و چندان از خير و شر اين راه بر ما گشاده کرده اند. که هيچ کس را امروز خود آن باور نباشد چه از ائمه و چه از مشائخ طريقت بشما مي گويم و پرده خويش مي درم. نصيحت برادر خود نگاه داريد که اين کار بين راست نبايد که کسي از سر دعويٰ خويش نعره اي بزند، و يا درميان حلقه درويشان آستين بر افشاند، و يا سري جنباند، و يا پاي بر زمين زند، و يا عاو عويي بکند، ويا کخ کخي چند بکند، اين هرگز نه رسول کرده است ﷺ و نه اصحاب او حالت اوليا را منکر نيستم، اما اين نه حالت اوليا خدا است عزّ وجلّ، اين نهاد هر که ديو و ديو مردم است.“

يعني: اي منھنجا دوستؤ، عزيزؤ ۽ ڀائرؤ! توهان کي هن راھ جو آزمودو ناهي پر اسان کي اڻھٺ سالن کان انھيءَ جو تجربو آهي ۽ انھيءَ راھ جي چڱائي ۽ لڱائي کان ايتري قدر واقف آهيون جو ٻيو ڪو شايد ئي ٿيو هجي. اهي ڪيڏا به وڏا مشائخ ۽ طريقت جا صاحب ڇو نه هجن پر آءٌ توهان کي پنھنجو پردو فاش ڪري ٻڌايان ٿو. هن برادرانه نصيحت تي ضرور ڌيان ڏجو. ڇو ته اها سولائي سان هٿ نه ٿي اچي، جيڪڏهن ڪو ڪيڏي به وڏي دعويٰ ڪري ۽ درويشن جي حلقي ۾ ويھي هٿ مٿي کڻي نمونو ڪري يا پنھنجو مٿو ڌوڻيندو رهي يا زمين تي هڻندو هجي يا دانھون ۽ ڪوڪون ڪندو هجي يا بڪواس ڪندو هجي. انھن مان ڪا به ڳالھه نبي ڪريم ﷺ ۽ سندس صحابين ڪونه ڪئي آهي. مان اوليائن جي حالتن جو منڪر ناهيان پر اها حالت ڪنھن اولياء الله جي ناهي بلڪه شيطان پليت جي آهي.

ٽيون اهم ماخذ ’تذڪرة الاولياءُ‘(17) آهي، جيڪو فارسي زبان جي وڏي شاعر فريدالدين عطار جي تصنيف آهي جيڪو ستين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو. هن جا ٻه ڪتاب خاص طور ’تذڪرة الاولياءُ‘ ۽ ’منطق الطير‘ سنڌ هند ۾ تصوف جا اهم ماخذ طور استعمال ٿيا آهن. تذڪرة الاولياءُ مان خاص طور وڏن صوفين جي زندگيءَ بابت نقل نظيرن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل رهي آهي. هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترا نقل يا حڪايتون آندل آهن، جيڪي ساڳيءَ ريت مفتاح القلوب ۾ به آيل آهن. بلڪ مفتاح القلوب ۾ آندل سڀ نقل هتي ڪونھن. اهڙيءَ طرح منطق الطير مان به ڪافي اشعار ٻنھي ۾ ساڳيا ملن ٿا. ليڪن ائين نه چئي سگهبو ته انھن ٻنھي ڪتابن کان ٻاهر ٻيا ڪي به شعر نه آندا ويا آهن يا ڪي ٻيا اقوال وغيره ڪونه ٿا ملن جڏهن ته انھن جو تعداد تمام گهٽ آهي.

هاڻي اسان هتي ڪجهه اهي شعر ڏيون ٿا جيڪي مصنف سڌوسنئون مفتاح القلوب تان کنيا آهن، جنھن جي مصنف جو نالو به ساڳيو ’حسين‘ آهي. جنھن ڪري اها غلط فھمي ٿي سگهي ٿي، ته اهي شعر اسان جي مصنف جا آهن. هن ڪتاب ۾ اُهي ڪُل پنج اشعار هن ريت ملن ٿا:

نفس کافر را بکش ايمن مباش
چون نکشتي نفس را ايمن مباش
غير کشتن نفس را ايمان مدان
نفس پرور کافر است اما نهان
از درون
ـــت بارهـــا زنارها
ظاه
ـــراً گلذار باطـــن خارها
نفس ک
شتن کار شيران ست و بس
ني سگ و ني گربه و ني خوک
و مگس
نفس کشتن پيشه سازي اي
حسين
تا بيابد تو ز ايمان تو
ازين؟

هاڻي اسان ’مفتاح القلوب‘ وارا پنج شعر نقل ڪريون ٿا جيڪي هن ريت آهن:(18)

نفس کشتن کار مردان را بود
ني خسيسي و هر لئيمي را سزد
نفس کشتن کار شيران ست و بس
ني سگ نه گربئه خوک و مگس
نفس بد را هرکه سيرش مي کند
بر گنه کردن دليرش مي کند
سير خورده غافلان را پيشه شد

عارفان را هر زمان انديشه شد

نفس کشتن پيشه سازي اي ’حسين‘
تا بيابد دين و ايمان تو ازين

ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ٻنھي ۾ ٻه شعر اهڙا آهن، جيڪي بلڪل ساڳيا آهن، جن ۾ آخري مقطع وارو شعر جنھن ۾ ’حسين‘ تخلص اچي ٿو شامل آهي. باقي ٻيا ٽي شعر مختلف آهن، پر اسان جي مصنف جيڪو هتي پھرين شعر ڏنو آهي، اهو عطار جي شعر جي تحريف آهي جنھن ڪري اسان هتي ٻئي شعر وري ڏيون ٿا:

هن مصنف جو پھريون شعر جيڪو ’مفتاح القلوب‘ ۾ ڪونھي، هي آهي:

نفس کافر را بکش ايمن مباش
چون نکشتي نفس را ايمن مباش

ترجمو: تون پنھنجي نفس کي ڪُھه، بي خوف ٿي نه ويھه. جيستائين نفس کي نٿو ڪُهين ته بي خوف نه ٿيءُ.

فارسيءَ جي وڏي شاعر فريد الدين عطار جو اصلي شعر هن ريت آهي. (19)

نفس کافر را بکش مؤمن بباش
چون بکشتي نفس را ايمن بباش

ترجمو: تون پنھنجي نفس کي ڪُھ ۽ ايمان وارو ٿي وڃ. جڏهن تون نفس کي ڪُھي ڇڏيو ته پوءِ ڀلي بي خوف ٿي وڃ.

ان لحاظ کان ڪتاب ۾ حوالن طور ڏنل اشعار گهڻو مونجهارو پيدا ڪن ٿا ته انھن مان مصنف جا پنھنجا اشعار ڪھڙا ۽ ڪيترا آهن. بھرحال ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته مصنف جا پنھنجا اشعار ان ۾ شامل آهن.

حوالا:

(1)        جي.ايم.سيد - ’جنب گذاريم جن سين‘ - جلد ٻيو، ص 444

(2)       ڏسو عڪس آخري صفحو

(3)       ساڳيو عڪس

(4)       مفتاح القلوب- قلمي- فھرست الفباي نسخه هاي خطي- ڪتابخانه گنج بخش. تاليف: محمد حسين  تسبيحي، اسلام آباد، 2005 ميلادي

(5)        ساڳيو - ص 45

(6)       ساڳيو - ص 46

(7)       ساڳيو - ص 96، 230

(8)       ساڳيو - ص 79

(9)       مفتاح النجاة - احمد جام نامقي - تھران 1387

(10)   مفتاح القلوب - قلمي - ص 66

(11)     ساڳيو - ص 93

(12)   مفتاح النجاة - ص 117 ۽ 118

(13)    ذخيرة الملوڪ - سيد علي همداني - اردو ترجمو محاسن السلوڪ - لاهور، 1986ع

(14)   مفتاح النجاة - ص 126

(15)    ساڳيو - ص 127

(16)   ساڳيو - ص 158

(17)   تذڪرة الاولياء - به تصحيح رينولد نڪلسن - تھران، 1387

(18)   مفتاح القلوب - قلمي - ص 192

(19)    منطق الطير - اهتمام صادق گوهرين - ص 34

 

قلمي نسخي جو پھريون صفحو

          قلمي نسخي جو آخري صفحو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org