سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:16 

رکيل مورائي

 

 

 

ساميءَ جي شاعريءَ تي سنڌ کان ٻاهر ٿيل تحقيق

 

سنڌي ٻوليءَ جي ويدانتي شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ شاهه، سچل ۽ سامي جي هڪ مورت چئنراءِ سامي جي حوالي ۾ جنھن شخص عالم ۽ اديب جو اعليٰ مقام آهي، اهو بي.ايڇ ناگراڻي آهي پر اهو نه وساريو وڃي ته ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي اهو پھريون سنڌي عالم آهي، جنھن ساميءَ جي زندگيءَ جو مختصر احوال آڪٽوبر 1885ع ۾ شايع ٿيل پنھنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي جنھن ڪتاب جو نالو آهي ”ساميءَ جا سلوڪ“ (جلد پھريون).

جيتوڻيڪ ان کان اڳ ڪن عالمن ”ساميءَ جا سلوڪ“ گرمکيءَ ۾ ڇپائي ظاهر ڪيا هئا پر ساميءَ جي سوانح ۽ پھريون ڀيرو سلوڪن ڇپائڻ جو اصل ڪم ديوان ڪوڙيمل ڪيو، جيڪو عربي لپيءَ ۾ هو، پوءِ بي.ايڇ ناگراڻي آهي. هن عالم ساميءَ کي دريافت ڪيو، ترتيب ڏنو ۽ اهم نموني ان جي سلوڪن کي ٽيڪا/تشريح لکي ۽ سندس ئي ترتيب ڏنل اهي سلوڪ سائين محمد ابراهيم جويي، داد دولت مھتاڻيءَ جي سھڪار سان سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد پاران ”شاهه، سچل، سامي“ جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيا ۽ انھن ٽنھي شاعرن تي هڪ بيمثال مقدمو لکيو، جيڪو اڄ به اهڙي اهميت رکي ٿو، جھڙو شاهه جي رسالي ۽ زندگيءَ تي لکيل ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ”مقدمئه لطيفي“ آهي، جيڪو اڄ به بيمثال آهي، ساميءَ تي ڪيل ڪم جو وچور قيمت هريسنگهاڻي جي ڪتاب کان پوءِ تفصيل سان وندنا اشوڪ رامواڻي جي ڪتاب ۾ آهي جيڪو پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز آهي ۽ الھاس نگر ممبئي مان ڇپيو آهي.

جيئن سنڌي شاعراڻي ادب ۾ اسان جي شاعرن جي ڊگهي لسٽ ۾ اساسي شاعرن ۾:

§       قاضي قادن                        1413ع کان 1551ع تائين

§       شاهه ڪريم                        1538ع کان 1623ع تائين

§       سوامي دادوديال            1514ع کان 1603ع تائين

§       مخدوم سرور نوح         1554ع کان 1641ع تائين

§       لطف الله قادري                    1611ع کان 1694ع تائين

§       مھامتي پراڻ ناٿ         1618ع کان 1694ع تائين

§       ميون شاهه عنايت رضوي          1625ع کان 1713ع تائين

§       شاهه عبداللطيف ڀٽائي           1689ع کان 1752ع تائين

هڪ جيترا اهم آهن، تيئن شاهه سائين کان پوءِ جا خاص شاعر مثال طور:

§       سچل سرمست                     1739ع کان 1829ع تائين

§       چئنراءِ سامي                       1743ع کان 1850ع تائين

§       صوفي دلپت                       1769ع کان 1841ع تائين

§       بيدل فقير                  1814ع کان 1872ع تائين

۽ ٻيا ڪيترائي اهم شاعر آهن.

عجيب اتفاق اهو آهي ته مٿين سڀني اهم شاعرن مان شاهه سائين تي جيترو ڪم ٿيو آهي، اوترو ڪم ٻئي ڪنھن به شاعر تي نه ٿيو آهي، ٿيڻ اهو گهربو هو ته شاهه سائين کان اڳ جي اهم شاعرن، جن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، انھن تي سربستو ڪم ٿيڻ گهرجي ها، ائين ٿيڻ سان شايد شاهه سائين جي عظمت سان گڏ انھن مڙني شاعرن جي عظمت ۾ وڌيڪ نکار اچي ها، پوءِ به شاهه سائين پنھنجي تخليقي عظمت کان وڌيڪ سنڌ ۾ پنھنجي خانداني بزرگيءَ سبب ڄاتو سڃاتو ويو آهي، ائين سچل سرمست پڻ اهو سچ آهي.

ان سموري، تاريخ ۾ بنا ڪنھن گهٽ وڌائيءَ جي اهو به وڏو سچ آهي ته سنڌي شاعراڻي ادب ۾ ٻه اهم شاعر گهڻي ۾ گهڻو نظرانداز ڪيا ويا آهن، ائين ڇو ٿيو آهي انھن سببن تي ڳالھائڻ جو وقت هيءُ نه آهي، پر اهو ضروري ٿي پيو آهي ته انھن ٻنھي شاعرن تي ڳالھايو وڃي ۽ انھن کي اهو مقام ضرور ڏنو وڃي، جيڪو هو سنڌي شاعراڻي ادب ۾ لھڻن ٿا.

اهي ٻھڳڻا شاعر آهن سوامي پراڻ ناٿ 1694ع/1618ع چئنراءِ 1850ع/1743ع

گهڻي وقت کان پوءِ شاهه، سچل، ساميءَ جي ٽمورتي جوڙڻ، هڪ اهڙو عمل هو، جنھن سبب سامي سنڌ ۾ اهم شاعر طور سڃاپجڻ لڳو ۽ ڪنھن حد تائين هو پڙهڻ هيٺ آيو، اها ڳالھه به سچ آهي ته ساميءَ جي ٻولي ڏکي آهي ۽ عام پڙهندڙن کان مٿانھين آهي، ائين شاهه سائين جي ٻولي به ڏکي آهي.

اڄ جڏهن ساميءَ تي ڪجهه به لکڻ جو سبب بڻيو آهي، تڏهن اها ڳالھه شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ته شاهه سائينءَ تي جيترو ۽ جھڙو ڪم اسان جي هندو سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪيو هو، اوترو ۽ اهڙو ڪم سڀ کان اول اسان جي اساسي شاعر سوامي پراڻ ناٿ تي اسان جي ڪنھن سنڌي اسڪالر کي ڪرڻ کپندو هو، اهڙي طرح ايترو ۽ اهڙو ڪم اسان جي چئنراءِ سامي تي به اسان جي ڪنھن سنڌي عالم کي ڪرڻ کپندو هو، ٻيو نه تڏهن به ايترو ڪم ته ساميءَ تي ٿيڻ کپندو هو، جيترو هڪ سنڌي شاعر قاضي قادن تي هڪ سنڌي عالم هيري ٺڪر ڪيو آهي.

عجيب اتفاق اهو به آهي ته صدين کان تصوف ۽ ويدانت پنھنجي روح ۾ سانڍيندڙ سنڌ ۾ سنڌي ادب ائين ورهائجي ويو ۽ ان جي وچ ۾ هڪ لڪير اچي وئي. جيئن اڄوڪن ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ ڊگهي لڪير اچي وئي آهي. پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو وسارڻ جھڙو نه آهي، جنھن سامي صاحب تي ڌيان جوڳو ڪم ڪيو، شريمان ناگراڻي صاحب جو ذڪر الڳ ٿلڳ آهي، ڇاڪاڻ ته ساميءَ کي محفوظ ڪرڻ سھيڙڻ ۽ ٽيڪا لکڻ وارو بنيادي ڪم وري به ناگراڻي صاحب ئي ڪيو آهي، پر اهو سڀ يا ان جو وڏو حصو ورهاڱي کان اڳ جو آهي.

منھنجي هن ليک جو پوتا ميل ورهاڱي کان پوءِ ”ساميءَ صاحب جي شاعريءَ تي سنڌ کان ٻاهر ٿيل تحقيق“ آهي.

سنڌ ۾ لکجندڙ سنڌي ادب ۾ هند جي سنڌي ادب جو ذڪر گهٽجڻ لڳو ۽ هند ۾ لکجندڙ سنڌي ادب ۾ سنڌ جي سنڌي ادب جو ذڪر ثانوي رهجي ويو، انھيءَ وڇوٽيءَ سبب شاهه سائين ته مجموعي طور سڀني سنڌين جو شاعر قبول ڪيو ويو، پر سامي فقط انھن سنڌين جو شاعر بڻجي ويو جيڪي ٻي پار هئا. جيتوڻيڪ سامي اسان سڀني سنڌين جو شاعر آهي جيئن شاهه آهي جيئن سچل ۽ جيئن ان کان پوءِ ٻيا اسان جا شاعر آهن.

منھنجو خيال آهي ته هو اول آخر تخليقڪار آهن، سندن انھيءَ پاسي تي لکڻ جي اڄ گهڻي گهرج آهي، سندس ڏنل فڪر، تصوف ۽ ويدانت جي گهرج ته سدائين رهڻي آهي، پر سندن تخليقي پھلو به آهن، جن تي ڳالھائڻ ۽ لکڻ جي گهرج آهي ۽ هاڻ مان ان تحقيق ڏانھن اچان ٿو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ هند جي محققن، عالمن ۽ اديبن ساميءَ جي سوانح توڻي شاعريءَ بابت ڪئي آهي.

اڄ جي تاريخ تائين منھنجي اکين جي آڏو/اڀياس هيٺ آيل ساميءَ بابت آخري اهو ڪتاب آهي جيڪو ٻه هزار ڏهه ۾ شايع ٿيو آهي ۽ نھايت اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب سامي صاحب جي شاعري تي ڪيل تحقيقي مقالو آهي، جيڪو پي.ايڇ.ڊي لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ”سامي هڪ ويندانتي شاعر“ هن مقالي جي ليکڪا ڊاڪٽر ونديا اشوڪ رامواڻي آهي، جنھن سامي صاحب تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري ورتي آهي.

خوشي ڏيندڙ ڳالھه اها آهي ته سامي صاحب تي لکيل هي اهم ڪتاب سنڌ ۾ به شايع ٿيو آهي، مون کي خبر ناهي ته اسان جي ڪيترن عالمن جي نظر مان اهو ڪتاب گذريو آهي، سنڌ ۾ ان ڪتاب جو نالو رکيو ويو آهي ”سچا سامين پنڌ“.

ورهاڱي کان پوءِ سامي صاحب تي هند ۾ لکيل توڻي سھيڙيل اُهي ئي ساميءَ جا سلوڪ ۽ انھن تي لکيل ٽيڪا آهي، جيڪا ناگراڻي صاحب جي لکيل آهي، ٽن حصن ۾ ساميءَ جا سلوڪ ٻه ٻه ڀيرا هند ۾ ڇپيا آهن جيڪي ترتيب سان هن طرح آهن:

سامي جا سلوڪ 1 بي.ايڇ.ناگراڻي    -       ممبئي 1955ع

ساميءَ جا سلوڪ2 بي.ايڇ.ناگراڻي   -       ممبئي 1958ع

ساميءَ جا سلوڪ 3 بي.ايڇ.ناگراڻي  -       ممبئي 1967ع

مٿين ٽنھي حصن کي گڏي، 1997ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي جي نگرانيءَ ۾ شايع ڪرايا ويا، هيءُ پھريون ڀيرو هو، جو سائين محمد ابراهيم جويي صاحب پاران ڇپايل ”شاهه، سچل، سامي“ جو گڏيل سيٽ ٽن جلدن ۾ هند مان شايع ٿيو، ان کان پوءِ:

سامي جا چونڊ سلوڪ ڇپائيندڙ ستيلداس آهوجا                             - ممبئي 1984ع

ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ڪوڙومل چندن ملڪ کلناڻي چونڊ واڌو مل بولچند - ممبئي 1955ع

سامي جي سلوڪن جو جائزو قيمت هري سنگهاڻي                          - ڀوپال 1990ع

سامي/ ليکراج عزيز                                                   - ممبئي 1965ع

سامي/ ڪلياڻ آڏواڻي ۽ چيتن ليکراج ماڙيوالا                               - ممبئي 1965ع

شاهه ۽ سامي/ پروفيسر رام پنجواڻي                                - ممبئي 1951ع

شاهه سچل ۽ سامي (نئين نظر) اي.جي.اتم                          - ممبئي 1962ع

سامي، ساهتڪ پشپ، منوهرداس ڪوڙومل                           - ممبئي 1960ع

سامي جا سلوڪ/سيٺ ماڌوداس مينڍا                                        - ممبئي 1958ع

انھن موضوعن ۽ مقالن جو وچور ممڪن حد تائين هت موجود آهي، جيڪي ساميءَ جي شاعري، سوانح ۽ سندس فن ۽ فڪر بابت الڳ الڳ وقتن تي ليکيا ويا آهن ۽ الڳ وقتن تي الڳ رسالن توڻي ڪتابن ۾ شايع ٿيا آهن. جن کي هند توڻي سنڌ ۾ ڪن چونڊ ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهي مضمون، مقالا ۽ ليک لڳاتار ڇپبا رهيا آهن، مثال طور ڪي اهم مضمون هي آهن:

ساميءَ تي هڪ نئين نظر                     -       اي.جي.اتم

ساميءَ جا سلوڪ ۽ مٿن ٽيڪا               -       ڪيرت ٻاٻاڻي

ساميءَ جا اُتم سلوڪ                 -       تيجومل ميرچنداڻي

ساميءَ جو جيون ڪاريه                        -       سشيلا موٽواڻي

ساميءَ جي سلوڪن ۾ سماج جو عڪس            -       ڪرشن راهي

سامي صاحب جي ٻولي ۽ شاعري            -       کيئلداس فاني

سامي ۽ سندس سلوڪن جا ڇاپا             -       ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سامي جي سلوڪن ۾ سانڍيل فيلسوفي              -       يشوڌرا واڌواڻي

ڀارتي سنڌي ڪاويه ۾ ساميءَ جو اسٿان              -       هيرو ٺڪر

ساميءَ جي سلوڪن ۾ ويدن جي واڻي                -       قيمت هريسنگهاڻي

ساميءَ جي ٻولي ۽ شاعري                   -       گورڌن شرماگهايل

ساميءَ جي سلوڪن ۾ ڀارتيه سنت           -       موهن لعل شرما

مٿين مضمونن، جيڪي پوءِ قيمت هريسنگهاڻيءَ ترتيب ڏيئي شايع ڪيا، کانسواءِ ناگراڻي صاحب واري ٻن جلدي ڪتاب ۾ لعل سنگهه اجواڻي ۽ ديوان راج رشي ڏيارام گدومل جو ساميءَ جي سلوڪن تي لکيل ليک پڻ گهڻو اهم آهي.

ٻڌي ليکي سامي صاحب جي شاعريءَ تي سنڌ کان ٻاهر جيترو به لکيو ويو آهي، اهو گهڻو نه آهي، هُو گهڻو لکڻ جو ۽ وڌيڪ تحقيق جو گهرجائو آهي، هن تي وڌيڪ تحقيق ڪري اسان سندس شاعراڻو مان وڌيڪ مٿي ڪري سگهنداسين اهو اوس ٿيڻو آهي.

۽ سنڌ ۾ به جيڪو ساميءَ صاحب بابت لکيو ويو آهي اهو به ڪو گهڻو نه آهي، پوءِ به اڌ درجن کن ڪتاب مضمونن جا سھيڙيل آهن جن ۾ آخري ڪتاب شايد سائين خليل مورياڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي وٽ ڇپائيءَ لاءِ رکيل آهي، جنھن ۾ ڪجهه هند جي اديبن جا ليک به شامل آهن. جيڪي سنڌ ۾ پھريون ڀيرو عالمن، اديبن ۽ محققن جي مطالعي هيٺ ايندا. ٻيءَ طرح سامي انھن شاعرن مان آهي جن وٽ پنھنجو تخليقي اعتماد عظمت جي حد کي ڇھندو آهي. سنڌي ۾ سامي وٽ به اهو اهم ۽ اعتماد آهي تڏهن ته چوي ٿو:

ويدن جي واڻي، ٿو سڻيان سنڌي ۾،

هي اهوئي اعتماد آهي جنھن ڀٽائي کان چوايو هو ته:

جي تو بيت ڀائنيا، سي آيتون آهن.

سامي هندو هو تنھنڪري هن جي آڏو عظيم ڪتاب ويد هئا. ڀٽائي مسلمان هو ان ڪري سندس آڏو ڪتاب قرآن شريف هو، پر ٻنھي عظيم شاعرن وٽ تخليقي اعتماد موجود هو، انھيءَ بابت لکڻ وقت جي گهرج آهي ۽ بس.

 

ادريس جتوئي

 

 

 

جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ مادري ٻولين جي واڌ ويجهه

 

يونيسڪو، سڄي دنيا ۾ لساني ۽ ثقافتي رنگارنگيءَ جي سلسلي ۾ سُجاڳي وڌائڻ ۽ گهڻ ٻوليائي سرشتي جي اوسر جي حوالي سان، سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائيندو رهندو آهي. هن سال جي مادري ٻولين جي ڏينھن جو موضوع آهي:

”گهڻ ٻوليائي سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال: للڪارون ۽ موقعا“ Using Technology for multilingual Learning: Challenges and Opportunity يونيسڪو، هلندڙ ڏهاڪو (2022ع کان 2032ع) تائين اصلوڪين ٻولين ۽ ثقافتن جو ڏهاڪو ڪري ملھائي رهيو آهي.

اسان کي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ ۽ ڦھلاءُ لاءِ پنھنجو ضرور ائڪشن پلان تيار ڪرڻ کپي ۽ اصلوڪين ٻولين ۽ ثقافتن جو ڏهاڪو ڀرپور نموني ملھائڻ گهرجي. انھيءَ ڳالھه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته گهڻ ٻوليائي تعليم کي اڳتي وڌائڻ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو سگهارو ڪردار آهي. اها مادري ٻولين جي معياري سکيا ۽ سيکارڻ جي عمل ۾ ڀرپور سھڪاري آهي.

ٽيڪنالاجيءَ ۾ اها سگهه آهي جنھن سان اڄ جي تعليمي مسئلن کي منھن ڏئي، سکيا جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.

’ڪووڊ‘ وبا ۾ اسڪول  بند ٿيا ته ٻين سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ پڻ ٽئڪنالاجيءَ جي استعمال سان آن لائين ڪلاس هلائي، تعليمي عمل کي ممڪن بڻائي شاگردن جي تعليمي نقصان کي ڪجهه حد تائين گهٽايو ويو. حالانڪ، آن لائين سکيا، روبرو سکيا ۽ تعليم جو متبادل ته نه آهي پر تنھن هوندي به ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي ڪنھن وڏي تعليمي نقصان کان بچي سگهجي ٿو.



 

 

Text Box:  

 

ادريس جتوئي

 

 

                     جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ مادري ٻولين

                                                           جي واڌ ويجهه

 

 

يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ پاران عالمي وبا دوران تعليم ۽ سکيا جي عمل بابت ڪيل سروي موجب، ڪيترن ئي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ’آن لائين سکيا‘ رستي ڏورانھن علائقن ۾ تعليم ڏني وئي. ان کانسواءِ ترقي پذير ملڪن ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيي کي به تعليمي چئنل طور استعمال ڪيو ويو. سنڌ اندر به تعليم کاتي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ ڪووڊ 19 وبا دوران متبادل ڏينھن تي شاگردن جي ’آن لائين سکيا‘ جاري رکي. انھيءَ سلسلي ۾ ڪجهه حد تائين استادن جي تربيت پڻ ڪئي وئي. استادن، ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال به شروع ڪيو پر فاصلاتي تعليم هئڻ ڪري، ڪافي رڪاوٽون پڻ پيدا ٿيون. ان کانسواءِ ڪيترن ئي شاگردن وٽ بجلي، انٽرنيٽ موبائل، ڪمپيوٽر جون سھولتون نه هئڻ ڪري فاصلاتي تعليم کي ڌڪ به رسيو. فاصلاتي تعليم، سکڻ ۽ سيکارڻ جون سھولتون، پروگرام ۽ مواد به ان قابل نه هئا جو مختلف موضوعن خاص طرح مادري زبانن جي سکيا کي ڀرپور نموني سان شامل ڪري سگهن ها.

تنھن هوندي به سنڌ جي تعليم کاتي، سبق فائونڊيشن ۽ پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ جي سھڪار سان آن لائين سکيا جو تمام گهڻو مواد، سبقي منصوبا، ڪھاڻين يا نظمن جا درجيوار ڪتاب ۽ ٻيو مطالعاتي ۽ سکيا جو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ آن لائين ڪيو ويو ۽ استادن کي سکيا ۽ تربيتي مواد به ڏنو ويو جنھن مان شاگردن، استادن، والدين ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڪارڪنن پڻ فائدو ورتو.

موجوده وقت ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري تعليم جي رهنمائيءَ ۽ نگرانيءَ هيٺ ’ڊجيٽل سکيا‘ کي بھتر بنائڻ لاءِ مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ سان ڪجهه معاهدا ڪيا ويا آهن، ته جيئن ٽئڪنالاجيءَ کي ڪجهه ادارن تائين رسايو وڃي پر اڃا به سنڌ جي ٻھراڙين جي اسڪولن جي ڪلاس روم ۽ استادن کي ٽيڪنالاجيءَ جي سھولتن ۽ انھيءَ جي استعمال جي سکيا جي سخت ضرورت آهي موجوده وسيلن ۽ بجيٽ کي آڏو رکي مرحليوار اسڪولن کي ٽيڪنالاجيءَ جون سھولتون ڏنيون وڃن، انھيءَ کانپوءِ سنڌ جي اسڪولن جي سکيا جي ماحول کي ٻار دوست بنائڻ لاءِ بجليءَ سولر سسٽم، صاف پاڻي، فرنيچر، چوديواري، ڪلاس روم، واش رومز ۽ ٻين صحت جي سھولتن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. ڪووڊ 19 ۾ گهٽتائي اچڻ کانپوءِ ۽ اسڪولن جي پڙهائي معمول تي اچڻ کانپوءِ استادن به ٽئڪنالاجيءَ جي استعمال کي گهٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته موجود ٽيڪنالاجي جي وسيلن کي هن وقت به استعمال ڪندي، مختلف مضمونن ۽ خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي سکيا کي بھتر بنائڻ گهرجي. ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف مضمونن سان لاڳاپيل دستاويزي فلمون، ڪارٽون، ڊرائنگ سيکارڻ، سنڌي ٻولي آن لائين سکيا، نظمن ۽ آکاڻين جي بصري ۽ اليڪٽرانڪ مواد، سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ ٻين ادارن پاران تيار ڪيل مواد، يوٽيوب ۽ مختلف ويب سائيٽس تي موجود آهي، انھيءَ کي موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سھولتن جي موجودگيءَ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته مادري ٻوليءَ جي سکيا لاءِ اهي بھترين اوزار آهن. ٻار، لفظن کان وڌيڪ تصويرن ۽ حقيقي منظرن ذريعي سکي ۽ سمجهي سگهي ٿو، پنھنجا تصورَ پختا ڪري سگهي ٿو، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، هن دور ۾ هر فرد جي ضرورت آهي. ڪلاس ۾ اهڙيون سرگرميون ڪرايون وڃن، جن ۾ شاگردن کي موبائل، ڪئميرا ۽ وڊيوز وغيره مان معلومات گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي. اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سھولت موجود آهي، ته ان مان به فائدو ورتو وڃي. اها حقيقت آهي ته ٽيڪنالاجي ذريعي ٻار کي مختلف ٻوليون سکڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، پر اهي ٻار جيڪي مادري ٻولين جي تعليم کان محروم آهن. اهي ٻيون ٻوليون به بھُتر طريقي سان سکي نه ٿا سگهن. انھيءَ ڪري مادري زبانن جي سکيا جي بنياد تي ئي ٻار گهڻ ٻوليائي تعليم، ثانوي زبان ۽ قومي زبان سکي سگهن ٿا. افسوس انھيءَ ڳالھه تي آهي ته اڄ عالمگيريت جي لھر ۾ ٻولين جي رنگارنگيءَ کي خطرا درپيش آهن، ڪيتريون ئي ٻوليون تيزيءَ سان ختم ٿي رهيون آهن. ڪيڏي نه حيراني ۽ افسوس جي ڳالھه آهي، هن وقت به دنيا جي 40 سيڪڙو آباديءَ کي، پنھنجي ٻوليءَ ۾ تعليم ۽ سکيا حاصل نه آهي، جنھن ٻوليءَ ۾ هو ڳالھائين ٿا، خواب ڏسن ٿا ۽ جيڪا ٻولي هُو چڱي ريت سمجهن ٿا.

اسان سنڌي انھيءَ سلسلي ۾ خوشنصيب آهيون، جو اسان جي بزرگن ۽ وڏڙن جدوجھد ڪري تڪليفون ڪاٽي، پنھنجي همت سان وڏين مشڪلاتن هوندي به، سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حاصل حاصل ڪري ورتو. اڄ اسين انھيءَ پنھنجي امڙ جي زبان ۾ تعليم حاصل ڪريون ٿا. جنھن ۾ اسان خواب ڏسون ٿا، ڳالھايون ٿا ۽ ان کي سمجهون ٿا. اسان جي موجوده نسل توڙي ايندڙ نسل لاءِ به اهو سبق آهي ته اهي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ به تعليم جي حق جي بچاءَ لاءِ هر دور ۾ هر صورت ۾ سجاڳ ۽ باخبر رهن ۽ متحرڪ رهن.

وڌيڪ لاءِ مادري زبانن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال لاءِ ڪجهه تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اڄوڪي دنيا ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ۽ ٻي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ئي سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ادب کي ترقي وًٺرائي شاهوڪار ڪري سگهجي ٿو. جديد ٽيڪنالاجيءَ کانسواءِ سنڌي ٻولي ۾ تحقيق، تخليق، تعليم کي اڳتي وڌائي نٿو سگهجي. موجوده ايڪيھين صدي جيڪا انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آهي، انھي ٽيڪنالاجيءَ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ اسان جا ٻارڙا ايندڙ دور جي للڪارن کي منھن ڏئي نه سگهندا.

تجويزون ۽ سفارشون:

§     جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ مادري ٻولين جي واڌ ويجهه لاءِ عام طور ۽ خاص طرح سنڌي زبان جي ٽيڪنالاجيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ سنڌ جي يونيورسٽين جي ٽيڪنالاجي جي، خاص طور مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، قائدِِ عوام نواب شاهه يونيورسٽي، ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن کي گڏجي سھڪار ڪري رابطه ڪاميٽي ٺاهي، استادن، شاگردن، انتظاميه پاران سنڌي ٻولي کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان اڳتي وڌائڻ لاءِ ۽ ايندڙ دور جي للڪارن کي موٽ ڏيڻ لاءِ مضبوط رٿابنديءَ سان پلان ٺاهي،  پنھنجي مادري ٻولي ۽ صوبي جي ٻولي جو بچاءُ ڪرڻ ۽ انھيءَ کي محفوظ ڪرڻ جي سلسلي ۾، پنھنجو نمايان اڳڀرائيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

§     سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ لئنگويج لئبارٽري ضرور ٺاهڻ گهرجي، ۽ انھيءَ لئبارٽري کي هلائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي چونڊ ماهرن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن کي عالمي سطح جي ڪنھن ساکائتي اداري مان تربيت ڏيارڻ گهرجي ۽ اداري ۾ لئنگويج ليبارٽري کي هلائڻ لاءِ ڪو سيل قائم ڪرڻ گهرجي.

§     سنڌي ٻوليءَ جي لائبريرين کي ڊجيٽلائيز ڪيو وڃي.

§     سنڌي ٻوليءَ ۾ شاگردن ۽ استادن لاءِ حوالاجاتي مواد، درسي ڪتاب ليڪچرز، اي بڪس ۽ مختلف وڊيوز تيار ڪيون وڃن.

§     سنڌي ٻوليءَ ۾ مادري زبان طور ۽ غير مادري زبان طور مؤثر آن لائين سکيا جا ڪورس ۽ مواد تيار ڪري مختلف ويب سائيٽس تي رکيو وڃي.

§     سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪري رکيو وڃي.

ª

رضوان گل

 

 

 

ناميارو شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي

 

سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر ۽ محقق ذوالفقار راشدي 10 مارچ 1938ع تي نئين ديري ڀرسان پير ڳوٺ ۾ ڄائو. هن 1948ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، پر سندس صحافتي خدمتون پڻ قابلِ ذڪر آهن. پاڻ 1953ع ڌاري لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”هاري“ رسالي جو ايڊيٽر رهيو، جنھن بعد 1960ع ۾ لاڙڪاڻي مان ئي پنھنجو هفتيوار رسالو ”مذهبِ انسانيت“ جاري ڪيائين ۽ ڪاميابيءَ  سان هلايائين.

ذوالفقار راشدي ملنسار ۽ کل مک انسان هو. سندس مَنُ شفاف پاڻيءَ جيان اُجرو هو. کيس ادبي بحث مباحثا ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي هوندي هئي. هو پنھنجو مؤقف پختن دليل سان رکندو هو، پر هو هڪ سلجهيل انسان طور ٻين جي دليلن جي به عزت ڪندو هو ۽ مڃڻ جھڙي ڳالھه مڃيندو به هو. راشدي، سڄي حياتي خط و ڪتابت ذريعي هنڌ سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن سان رابطي ۾ رهيو.  پاڻ نه رڳو ادبي لکپڙهه جي حوالي سان متحرڪ رهيو، پر ادبي پروگرامن ۾ ڀرپور نموني شرڪت به ڪندو رهيو. ان سان گڏ پاڻ به ادبي پروگرام منعقد ڪرائڻ ۾ هميشه اڳڀرو رهيو. ڪجهه پروگرام پنھنجي ڳوٺ ۾ به ڪرايائين جن ۾ مشاعرا، رهاڻيون ۽ ادبي ڪچھريون وغيره شامل آهن.

ذوالفقار راشدي کي سنڌيءَ کان علاوه ڪجهه ٻين ٻولين تي پڻ دسترس حاصل هئي، اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌي ادب سان گڏ فارسي، عربي ۽ انگريزي ادب جو مطالعو پڻ ڪندو رهندو هو. هو پنھنجي گفتگوءَ ۾ اڪثر انھن ٻولين جي ادب جا حوالا پڻ  ڏيندو رهندو هو. اردو ۽ فارسي شاعريءَ جا ڪيترائي شعر کيس برزبان ياد هوندا هئا، جيڪي موقعي ۽ مھل جي مناسبت سان ڪچھرين ۾ ٻڌائيندو رهندو هو.

ذوالفقار راشديءَ جو تعلق جيتوڻيڪ پنھنجي ڳوٺ جي ورسيل طبعي سان هو ۽ سيد هجڻ ناتي خانداني پيري مريديءَ جو سلسلو به هلندڙ هو پر هو پنھنجي شخصيت ۾ سادگي پسند هو. اڪثر سادو سودو لباس يعني اڇي سلوار قميص پھريندو هو. مٿي تي روايتي سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ رومال ۽ پيرن ۾ بوٽ. هن جو آواز ماٺيڻو ۽ لھجو پيار ڀريو هو. پاڻ ڪچھرين جو پڻ وڏو شوقين هو.

ذوالفقار راشدي جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سوچ کي لوچ“  اپريل 1982ع ۾ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جو ٽائيٽل نامور آرٽسٽ فتاح هاليپوٽي جو ڊزائن ٿيل آھي. جنھن ۾ غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، قطعا ۽ دوها شامل آهن. اداري پاران زيب سنڌيءَ جون ڳالھيون جي سري هيٺ نوٽ ڏنل آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جو مھاڳ  ليکڪ ’ذهن جي زبان سان‘ جي سري ھيٺ پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا منور جي نالي ٿيل آھي. ھي شعري مجموعو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجي ڌار سڃاڻپ ڪرائيندڙ هڪ اهم ڪتاب آھي.

اهڙي طرح نثر ۾ سندس تنقيدي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ڪسوٽي“ پڻ ذوالفقار راشدي جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو، جنھن جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته ”هن ڪتاب ۾ مون تنقيد کي نئون ڍنگ ڏنو آهي، تنقيد ۽ تحقيق تي مشتمل سندس ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪتابن تي لکيل تنقيدي مضمونن سان گڏ ”شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل“ جي عنوان سان ھڪ جامع مضمون پڻ شامل آھي، جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ٻين ٻولين کان آزاد ڪري سنڌي لھجي، مزاجي شعريت، موسيقيت، تخليقي مصنوعيت ۽ شعور جي بلنديءَ تائين پڄڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ”ڇنڊ ڇاڻ“ مضمون ھڪ اھم ادبي بحث تي مشتمل آھي، جيڪو مھان ڪوي شيخ اياز جو ادبي مرتبو طئي ڪري ٿو. ڪتاب ۾ نورالھديٰ شاھه جي ڪھاڻي ”جلاوطن“، مھتاب محبوب جي ڪھاڻين جي اڀياس، نياز ھمايوني جي شاعريءَ جي تڪ تور، بلوچي شاعري ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي مقالو، ۽ ٻيا مضمون شامل آھن. ھي ڪتاب 1986ع ۾ سڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي پاران ڇپايو ويو.

راشدي صاحب جي حاوي سڃاڻپ ته هڪ شاعر واري آهي پر هو هڪ بھترين افسانه نويس پڻ هو، پر سندس ڪھاڻيون ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي نه اچي سگهيون آهن.

هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ذوالفقار راشدي بيشڪ جديد سنڌي شاعريءَ جي قافلي جو هڪ نمايان شاعر هو. هر شاعر وٽ پنھنجي الڳ سڃاڻپ جو ڪو نه ڪو حوالو ضرور هوندو آهي، ائين ئي راشدي صاحب جي شاعريءَ جو خاص حوالو ۽ ڳُڻ سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل نج نبار ۽ ٺيٺ ٻھراڙڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ تشبيھن جو ڀرپور استعمال آهي. ايترو ئي نه پر هن عوامي لھجي کي ادبي چاشني بخشي، هڪ نئين لھجي کي به جنم ڏنو. انھيءَ ڪري هن سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پنھنجي هڪ خاص ۽ ڌار سڃاڻپ ٺاهي ورتي. راشدي صاحب جي انھي سھڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ سبب هن جي ڪافي شاعري سندس هم عصر دوستن کي ياد رهندي هئي. سندس هن قسم سان شعر اسان سندس دوستن ۽ مداحن جي زباني ٻڌندا رهيا آهيون:

مون کي ڪنھن جي مُرڪ سودائي ڪيو، چنڊ جي چانڊاڻ تي بھتان هو

 هانوَ جو حال ٻڌايان ته گنهگار ٿيان

حال ڀائي جو هئا ڪالھه انھن ماڻھن کي

اڄ بھانن سان ڀلايان ته گنگهار ٿيان.

آنءُ ڄاڻان ٿو مقدر ۾ اداسيون آهن

تنھنجي پاران اهي ڀانيان ته گنهگار ٿيان.

گهڻي تائين تنھنجون تڪيون سين پي راهون مگر تون نه آئين

تڪيندي تڪيندي ٿڪي پيون نگاهون مگر تون نه آئين.

سوچيان ٿو مري جي ويندس منھنجي لاءِ روئندو ڪير

پنھنجا اڳي مري ويا باقي آهن سڀئي غير.

شاعري ڪرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم به نه آهي. اها ڏات به ڪنھن ڪنھن کي نصيب ٿيندي آهي. هر شاعر جي مَن ۾ احساسن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هوندو آهي، جنهن کي سانتيڪو ڪرڻ لاءِ هو انھن احساسن جي اپٽار لفظن جي صورت ۾ ڪندو آهي. جيئن راشدي صاحب سماجي ناسورن کي ڏسي پنھنجي اُڌمن جو اظھار هن ريت ڪيو آهي:

ٽِه پَھريءَ جي مھل چون ٿا، ڀرئي ترئي ڪنھن گهر کي گهيري،

ڏاڍو ماڻھو هڻندو آهي، آسودن ماڻھن کي ڌاڙو.

 شاعر وٽ داخليت ۽ خارجيت جا مليل جليل احساس جنم وٺن ٿا، جن کي هو خوبصورت لفظن جون مالهائون پارائي سھڻن شعرن جي صورت تخليق ڪري ٿو. اهڙا موهيندڙ عڪس ذوالفقار راشدي جي شاعري ۾ جابجا موجود آهن. سندس شاعري جي ڌنڪ رنگن مان هي به هڪ رنگ آهي:

ڪائي وانگر ٽُٽي ڇڻي پيا، رنگ برنگي سارا سپنا،

ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اهڙا نازڪ پيارا سپنا،

نئين زندگي جي جنوري 1987ع واري شماري ۾  ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ذوالفقار راشدي تي لکيل مضمون ”ذوالفقار علي شاهه راشدي لِبرل شخص مٺو ماڻھو“ ۾ لکيو آهي ته: ”ذوالفقار راشدي ظاهري طور صوفي ازم کان گهڻو متاثر هو ۽ هن پنھنجي شاعريءَ ۾ عشق جي حوالي سان ان جو ٿورو عڪس ڏنو آهي سندس چواڻي ته (جيڪو عشق جو انڪاري آهي، سو يا ته ڪوڙو آهي يا شاعر ئي ڪونھي، مون کي هر عاشق سان عشق آهي، ڇو ته عاشق قربانيون ڏيندا ۽ مخلص ٿيندا آهن “.

ذوالفقار راشدي وٽ مايوسيءَ بدران اميدن جا روشن ڏيئا آهن. هن وٽ مستقبل لاءِ خوبصورت خواب آهن. انھيءَ حوالي سان سندس هي سٽون ڏسو:

نيٺ ته ڦٽنديون باکون، راتيون ڄاڻ ويون،

ٿي نه ڪڏهن پرڀات، ڀلا ائين ممڪن آ.

ڪو يزدان اورام بتن جي پردي ۾،

تنھنجي آ خود ذات ڀلا ائين ممڪن آ.

ذوالفقار راشدي بنيادي طور غزل جو شاعر هو. هن رڳو غزل کي روايتي رومانوي فضا ۾ تخليق نه ڪيو پر هن جا غزل گهڻ موضوعي ۽ فڪري اعتبار کان گهرا ۽ جديد آهن. سندس هڪ خوبصورت غزل جون سٽون پڙهي ڏسو:

ڪائي وانگر ٽٽي ڇڻي پيا رنگا رنگي سارا سپنا،

ڪير اسان کي موٽائي ڏي اھڙا نازڪ پيارا سپنا،

رات نه ڳايم راڻو ڀانيان بين ڀڄي پئي ھانء ڇڄي پيو،

 

ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

 

 

 

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جا مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل

مضمون ۽ مقالا

 

تاريخ جو ڄاڻو، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر، سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر، پنجويھن ڪتابن ۽ ڪيترن مضمونن ۽ مقالن جو ليکڪ غلام محمد لاکو تاريخ ۾ Ph.D ڊاڪٽر هو. ڊاڪٽر غلام محمد ولد محمد ابراهيم لاکو ٻھراڙي جي ڳوٺ مِٺا خان جوکئي، دولتپور صفن جي ويجهو تعلقي قاضي احمد ۽ ضلعي شھيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ۾ تاريخ 6 جولاءِ 1954ع ۾ ڄائو.

پرائمري سنڌي، قرآن شريف ۽ ابتدائي فارسي پنھنجي ڳوٺ ۾ پرايائين. مئٽرڪ هاءِ اسڪول دولتپور ۾ پڙهيو. انٽر ۽ بي.اي کان پوءِ انگريزي ادب ۽ تاريخ ۾ ايم.اي ڪيائين. ”ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جو سماجي، سياسي حالتون ۽ ادارن جو مطالعو“ جي عنوان سان سال 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. سندس Ph.D ٿيسز جو تحقيقي ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت“ جي نالي سان 2004ع ۾ ڇپيو.

روزگار جي سلسلي ۾ پاڻ 1982ع کان عمرڪوٽ، سڪرنڊ ۽ موري جي ڪاليجن ۾ ليڪچرار ٿي پڙهايو. اڳتي هلي سال 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ جنرل هسٽري شعبي ۾ پڙهايو. سال 2014ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائرڊ ٿيو. مستقل طور رهائش لاءِ مھراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز هاؤسنگ سوسائٽي ڄام شوري ۾ جاءِ ۽ لائبريري ٺھرائي رهڻ لڳو.

افسوس! ڊاڪٽر لاکي صاحب دل جي دؤر سبب تاريخ 3 مارچ 2025ع رات جو 8 وڳي ڄام شوري ۾ وفات ڪئي ۽ اَباڻي ڳوٺ ويجهو ”امين شاهه جي قبرستان“ دولتپور شھر ۾ دفن ٿيو! گويا پاڻ ”مرڻ مند ناهي، تائب ٿيو تڪڙا“ جي يادگيري ڏياري ويو.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جا پنجويھه ڪتاب ڇپيل آهن. ”مھراڻ“ رسالي ۾ لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين سندس مضمون مقالا شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس پھريون تاثرات ”نوجوان نسل ۽ گرامي صاحب“ مھراڻ 4/1976ع ۾ ڇپيو. جڏهن ته ”مھراڻ“ لاءِ لکيل سندس آخري مقالو سنڌ ۽ ملتان جا لاڳاپا (1752ع کان پوءِ) عنوان سان 2/2025ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.

 

هِتي هيٺ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي مرحوم جي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جي سال وار لسٽ ڏجي ٿي ته جيئن سندس علمي ادبي خدمتون سامھون اچن.

 

 

1.      

ٺل مير رڪن

1/1979ع

2.    

ڇا دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ شخص آهن؟

1-2/1981ع

3.    

سنڌ جا قديم آثار

1-2/1982ع

4.    

راشدي صاحب جو علمي مان مرتبو ۽ ادبي اثاثو

1/1983ع

5.     

ڪلھوڙن جا تختگاهه

2-3/1983ع

6.    

يارهين صدي هجريءَ جي سنڌ

4/1983ع

7.    

سنڌ سڀا- سنڌ جي پھرين

سياسي تنظيم

2-1-1985ع

8.    

شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پھلو

3/1985ع

9.    

سنڌ ۾ مرتب ٿيل فارسي گو شاعرن جا تذڪرا

4/1985ع

10.                             

انتخاب منتخب: سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڌيڪ ماخذ

1-1986ع

11.                               

عمرڪوٽ: چند تاريخي مسئلا

2/1986ع

12.                             

انڊيا آفيس لائبريري ۾ سنڌي

قلمي ڪتاب

3/1986ع

13.                             

عربي سنڌي رسم الخط جي اوسر جو تاريخي پس منظر

3/1987ع

14.                             

برٽش ميوزم ۾ سنڌي قلمي ڪتاب

3/1988ع

15.                              

ڪولاب عمرڪوٽ عرف لامبو تلاءَ

4/1988ع

16.                             

ميان نورمحمد ڪلھوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا

1/1989ع

17.                             

سيد حسام الدين راشديءَ جو منتشر ادبي ذخيرو

2/1989ع

18.                             

تختگاهه الھه آباد جي تلاش

3/1989ع

19.                             

برٽش ميوزم ۾ موجود تفسير آية الڪرسيءَ جو تحقيقي مطالعو

1/1990ع

20.                           

تاريخ سنڌ جا ماخذ ۽ اسان جون جوابداريون

2/1990ع

21.                             

رسالي شاهه عبداللطيف سان عمرڪوٽ ۾ رهاڻ

4/1990ع

22.                           

سيد حسام الدين راشدي ۽

سنڌي ادبي بورڊ

2-3/1991ع

23.                           

مخدوم بلال جي شھادت جو مسئلو

1-2/1993ع

24.                           

ڪرنل تروٽ

3-4-1993ع

25.                            

اروڙ جو تاريخي شھر

1-1995ع

26.                           

سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري زبان

2/1995ع

27.                           

فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما

3/1995ع

28.                           

خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي هڪ وڌيڪ تصنيف

4/1995ع

29.                           

نونار جي جنگ ۽ معاهدو

1/1996ع

30.                           

راشدي صاحب جو ڪتابي ورثو

2/1997ع

31.                             

خداآباد ثاني- ڪلھوڙن جو آخري تختگاهه

3-4/1997ع

32.                           

فارسي ادبيات جي ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ڪيل خدمتون

3-4/1998ع

33.                           

ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي

1-2/1999ع

34.                           

ڪراچي شھر جي اوائلي تاريخ

4/1999ع

35.                            

سنڌ- قلاب لاڳاپا، هڪ دستاويزي مطالعو

1/2001ع

36.                           

ٺٽو: ڪلھوڙن جي دور ۾

2/2001ع

37.                           

نصرت نامه ترخان- هڪ عام جائزو

3-4/2001ع

38.                           

بيان العارفين هڪ عام جائزو

بھار 2004ع

39.                           

ڪلھوڙا دور جو گم نام فارسي ادب

بھار 2006ع

40.                           

ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ- ايران تعلقات

سيارو 2006ع

41.                             

ايم.ايڇ.پنھور ۽ سنڌ شناسي

1-2/2007ع

42.                           

پير حسام الدين راشدي ۽ ايران ولايت

3-4/2007ع

43.                           

سومرا دور تي موجوده دور تائين ٿيل تحقيق

1-2/2008ع

44.                           

مير محمد معصوم بکري: سوانح ۽ علمي آثار

1/2009ع

45.                            

منگهو پير ۾ برفتن جا مقبرا (ترجمو)

2/2009ع

46.                           

سنڌ جي انتظامي تاريخ مختصر جائزو

2/2009ع

47.                           

غلام رباني آگرو شخصيت جو هڪ پھلو

2/2010ع

48.                           

سنڌ ۾ فارسي زبان جي زوال جا سبب (ترجمو)

3/2010ع

49.                           

پاڪستان ۾ وچئين دور (مسلم) جي تاريخ جو زوال  (ترجمو)

4/2010ع

50.                            

عبدالله جي ميمڻ: وفات کان پوءِ هڪ ڏينھن اڳ (ترجمو)

1-2/2011ع

51.                              

ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي قبيلا (ترجمو)

4/2012ع

52.                            

مخدوم محمدزمان

”طالب الموليٰ“

1/2013ع

53.                            

سائين محمد ابراهيم جويو ڪجهه ڳالھيون

3-4/2014ع

54.                            

شڪارپور جون چار صديون

2/2019ع

55.                             

مولانا رومي ۽ اينيمري شمل

3/2021ع

56.                            

جامع مسجد ٺٽو يا شاهجھان مسجد

4/2024ع

57.                            

سنڌ ۾ تاريخي انشاءَپردازيءَ جي اوسر (هڪ ترجمو سوانحي ۽ ڪتابياتي جائزو)

1/2025ع

58.                            

سنڌ ۽ ملتان جا لاڳاپا (1752ع کانپوءِ)

2/2025ع

]نوٽ: اهڙي طرح سندس ”مھراڻ“ ۾ شايع ٿيل تاثرات، علمي خط ۽ ڪتابن تي تبصرن جي الڳ لسٽ مرتب ڪرڻ جي به ضرورت آهي.[

آزاد انور ڪانڌڙو

سائين جوهر بروهي

(سرموڙ شاعر، محقق، مترجم، لغت نويس، شاھه لطيف کي

 براھوئي ۾ ترجمو ڪندڙ اسڪالر)

 

’جـوهر‘ جـھڙا گــوهر ماڻھو،

ســنڌڙيءَ جا ته ثناگر ماڻھو.

سائين جوهر بروهي جي شخصيت جا مختلف پھلو آهن، هُو هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. پاڻ هڪ ئي وقت هڪ سرموڙ شاعر، اديب، محقق، مترجم، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پارکو، ڀٽائي سائين جي شاعريءَ کي براهوئي زبان ۾ ترجمو ڪندڙ، مانائتو، مڻيادار، محبتي، شفيق انسان هو. سائين جوهر بروهيءَ کي سراپا مجسم سنڌ ۽ مجسم محبت چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اسان کي سندس علمي، ادبي پورهئي کي سنڀالڻ ۽ سندس مثالي ڪردار ۽ ڳڻائتي صفتن جي روشنيءَ ۾ سندس تخليقي، تحقيقي، ترجمي واري پورهئي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپرائي محفوظ ڪرڻ گهرجي.

سائين جوهر بروهي سچن جذبن جو شاعر آهي. سندس شعر، اسان جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا، هو مذهبي سوچ ۾ به رواداري، ڀائيچاري ۽ امن جو پرچارڪ هو.

رنـگ اهڙا رتا رات رنگين ٿي!

مصطفيٰ آيو دل کي تسڪين ٿي!

هاڻي ڪائي نڌڻڪي نه غمگين ٿي!

آهه جوهر بروهي جي آمين ٿي!

سائين جوهر بروهي پنھنجي تخليقن سان نوجوانن ۾ شعور جون نيون ڏياٽيون ٻاريون ۽ نئين نسل کي زندگيءَ جي خوبصورت خوابن سان هم ڪنارڪيو. هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ حوصلو ڏيندڙ، اتساهيندڙ ڏات ڌڻي آهي.

جوهر جذبا جوهر جيتون،

هاڻي ٻيوڪو رستو ڪونھي!

سائين جوهر بروهي جي پھرين سڃاڻپ شاعر ۽ شاعري آهي، هو اسان جي ادبي تاريخ جو هڪ امر ڪردار آهي، سندس ادبي ڪم، سنڌ دوست ۽ قومي سوچ وقت جي اهم ضرورت آهي.

درٻاريءَ جي ڳائڻ وارا ٿر جو سور نه ٿو سمجهين!

پاڻيءَ جي لئه پيارا ماڻھو هن مجبور نه ٿو سمجهين!

سائين جوهر بروهي جي شاعريءَ ۾ سماج جا عڪس آهن، ماڻھن جا بدلجندڙ رويا، روپ مٽائڻ، ٻھروپو ڪردار، سماج ۾ سڄاڻ ڌرين جي مفادن خاطر بدلجندڙ روش کي جتي پڌروڪيو آهي اتي هن هر حال ۾ امن جي آجيان جو پيغام ڏنو آهي.

جيڪي ماڻھو سھڻا ڏسجن،

تن وٽ سونهن اڌاري آهي!

-

دنيا مطلب واري آهي

ڪا دل ڪاري ڪاري آهي!

-

شھر جي چوڪ تي شرافت جو

هاڻ پويون پساهه اي ساٿي!

-

چوڌاري روپ بدلن، ڏاڍا مھانڊا ماڻھو!

ڪر آجيان يار امن جي سفير جي!

سائين جوهر بروهي سنڌ جو بيباڪ شاعر هو، هن هر دور جي داداگيرن، ڏاڍن مڙسن خلاف لکيو. هن دجالي دور ۾ جڏهن، خسيس مفادن خاطر ماڻھو خوشامد ۾ اڳتي نظر اچن ٿا، اتي اسان جو هي شاعر وڏي واڪي اهڙي عمل خلاف حق جو آواز بلند ڪري ٿو. هو سنڌ دشمني واري ڪردار کي به وائکو ڪري ٿو.

ڄاڻون نه ٿا خوشامد سردار مير جي،

ڪڍبي نه ڪاڻ يار امير ۽ وزير جي!

-

پيٽ وڏا تون ماڻھو آهين، پيٽ بکيو پڻ ماڻھو آ،

پنھنجائپ سان پنھنجا جاتي مورک مور نه ٿو سمجهين!

اهي اقتداري وڏا اشتھاري،

کلن کاتا هوندا، سندن ڏوهه ڀاري.

-

اهي ته وطن سان وفادار ناهن،

هو چاهن ٿا ڌارين جي آبادڪاري

-

مفادن جي ٻولي تي ٻولي ٿا وڪڻن

رکن پنھنجي مطلب مفادن لئه ياري

سائين جوهر بروهي، سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاري جو همعصر شاعر هو. سائين جوهر بروهي جو شمار اهڙن شاعرن ۾ آهي جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ Trendsetter آهن. سائين جوهر بروهي شاعريءَ ۾ اڄڪلھه جي شاعرن وانگر هِن هُن جي قافين تي شعر لکڻ بجاءِ نون نون قافين تي شعر لکيا. هو اهڙن ڏات ڌڻين مان هو جيڪي شاعريءَ ۾ تخلص استعمال ڪن يا نه پر سندس شاعري نون نون قافين ٻولي، لھجي، ڊڪشن جي انفراديت مان ئي پرکي سگهجي ٿي.

سائين جوهر بروهي پيار جو شاعر هو. پيار جي پچار، پيار جا گيت سرجيندڙ شاعر آهي.

خوشبو جا پکڙجي وئي ڀانيان ٿو سڄڻ آيو،

آ آس اجھو آيو، هو حال پڇڻ آيو.

-

مجبوري ٻڌائيندو هو مرڪ مٺي مرڪي،

جي رات نه آيو هو هاڻي ته ملڻ آيو.

-

سونھن سامھون ڏسي پاڻ هرکي پئي،

دل چري ٿي چري بي چئي دوستو.

-

مون کي ڪھڙي خبر جنھن کي چاهيان پيو،

سور صدما به ويندو ڏئي دوستو.

-

مون ته ڏوري لھڻ جو وچن آ ڪيو،

ڳالھه جيڪا ڀٽائي چئي دوستو!

سائين جوهر بروهي مسلسل، گھڻو ۽ سٺو لکندڙ شاعر هو. هن پنھنجي شاعريءَ جو اصل دڳ سڃاڻي ورتو هو. اسان سندس ان روشن رستي کي شاعري وسيلي سڃاڻي ورتو آهي ۽ سندس تخليقن ۽ ڏات جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. اهو رستو سڀاڻي جي استحصال، پرماريت، ظلم، ڏاڍ ، نا انصافي کان آجي سنڌ ڏانھن ويندڙ رستو آهي.

منھنجو سنڌ سان روح جو رشتو

ميري اک مردار ملامت!

-

جوهر جذبا جوت سان جرڪن

سنڌ وطن سان اڻ کٽ چاهت!

-

دشمن جي لئه گيت اي جوهر،

چوٽ به ڄڻ ڪا پاري آهي.

-

گيت بروهي جوهر تنھنجا ڏيھه ۾ ڏوهي سڏجن ٿا،

چوڌاري ٿي باهه ٻري ۽ وقت به جھور نه ٿو سمجھين.

-

سنڌ منھنجي جند آهي جند جو سودو به ڇو؟

۽ ضميرن وارو ماڻھو ٿي پوي سستو به ڇو؟

-

صبح ساجھر آجپي جا رنگ لکون پيا،

سنڌ سھڻو ديس آ ان ساڻ ڪو رونشو به ڇو ؟

-

دوستو ماحول ٻوسٽ وارو مٽجي ڇو نه ٿو،

وک وڌائيندڙ کي روڪي ڌاڍ جو دڙڪو به ڇو؟

-

ڏاڍ سان اٽڪڻ جي لئه تيار ٿي!

تون غريبن بيوسن جو يار ٿي!

-

مان ته شڪستون مڃيندو ناهيان،

منھنجي من ۾ دوکو ڪونھي.

تازو وڇڙي ويل سنڌي، براهوئي، اردو ٻولين جي نامياري شاعر، اديب، محقق، مترجم، مصنف، لغت نويس، اسڪالر، شاهه لطيف جي عاشق ۽ ڀٽ ڌڻي جي شاعريءَ کي براهوئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو اعزاز رکندڙ سائين جوهر بروهيءَ جي وڇوڙي سبب نه صرف سنڌي، براهوئي، اردو زبانن ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي پر اسين سنڌي ۽ براهوئي ٻولين جي هڪ وڏي عالم ۽ ماهر کان محروم ٿي ويا آهيون.

سائين جوهر بروهي کي سنڌي ادب ۾ ته وڏو مان ۽ مڃتا حاصل هئي، پر ساڳئي وقت بروهي ادب ۾ کيس سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز جيترو مان ۽ مڃتا حاصل هئي، جيڪو به سنڌ لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي.

سائين جوهر بروهي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ پنھنجي جيجل ماءُ جي ٻولي يعني مادري زبان ۾ به وڏو ڪم ڪيو، سائين جوهر بروهي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، محقق، مترجم، مصنف، لغت نويس، اسڪالر، شاهه لطيف جي عاشق طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو، ساڳئي وقت هو براهوئي زبان جو انقلابي، قومي، شاعر اديب، عالم، مترجم، محقق، ايڊيٽر هو. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌي، براهوئي قوم، زبان، ادب ۽ شاعري پنھنجي هن عظيم محسن ۽ سدا حيات ڏات ڌڻي جي ٿورائتي ۽ قرضي آهي.

سائين جوهر بروهي جي سوانح حيات، تعليم:

سائين جوهر بروهي جا وڏا اصل کير ٿر ڪتي جي قبر واري علائقي جا رهواسي هئا. مند موسم مطابق سياري ۾ لڏپلاڻ ڪندا هئا. محمد صالح بروهي پنھنجي ٽن پٽن محمد يوسف، عبدالڪريم ۽ عبدالرحمان کي ڳوٺ مير رند ۾ مولانا محمد لنڊ وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. 1940ع ۾ سندس ڏاڏو محمد صالح بروهي مستقل طور فريدآباد ۾ رهيو ۽ اتي دڪان کوليو.

سائين جوهر برهي جو جنم 29 جنوري 1950ع تي سکر ضلعي جي پنو عاقل ڀرسان ڳوٺ ٿريچاڻي ۾ ٿيو. سندس والد قاري عبدالڪريم ”ذبيح“ ساسولي بروهي، مولانا ظفر علي (زميندار اخبار جي ايڊيٽر) سان تعلق جي ڪري ابتدائي نالو ظفر علي رکيو. اهو مولانا ظفر علي ٿريچاڻي شريف ۾ قاري عبدالڪريم ذبيح وٽ ايندو رهندو هو. قاري عبدالڪريم ذبيح ۽ سندس اهليه (جوهر بروهي جي والده صاحبه) ٻنھي جي بيعت مولانا احمد علي لاهوريرحه سان هئي. فيبروري 1950ع ۾ ٿريچاڻي شريف ۾ مولانا احمد علي لاهوري جن آيا ۽ مولانا عبدالڪريم ذبيح کيس فرزند جي جنم بابت ٻڌايو. مرشد سائين سندن نالو پڇيو، قاري عبدالڪريم ذبيح کين ٻڌايو ته ٻارڙي جو نالو ظفر علي رکيو آهي، سائين لاهوريرحه چيو ته هن جو نالو عبدالقيوم ٿا رکون. وڌيڪ هي به فرمايائون ته تنھنجو مطلب آهي ته تنھنجو پٽ شاعر ٿئي، (مولانا ظفر علي به شاعر هو، سائين ان ڪري ان طرف اشارو ڪندي اها ڳالھه ڪئي.) قاري عبدالڪريم ذبيح، مرشد جي ڳالھه غور سان ٻڌندو رهيو. مرشد وري کيس چيو ته ڀلا هن جو نالو جوهر ٿا رکون. سندس نالو عبدالقيوم جوهر ٿي ويو. سندس والد به پنھنجي ڊائري ۾ پنھنجي سڪيلڌي ۽ صدوري پٽ جو نالو عبدالقيوم جوهر لکندو هو. سائين جوهربروهي پنھنجي والد وٽ قرآن پاڪ پڙهيو، پنھنجي ابتدائي تعليم ڪجهه ٿريچاڻي ۾ ۽ ڪجهه فريدآباد ۾ حاصل ڪئي، والد جي وفات بعد ميھڙ ويا، قاري محمد مدنيرح وٽ ان جي مدرسي ۾ پڙهيا، پاڻ مولانا در محمد پنھور ۽ مولانا تاج محمد شاهل سڌايو، حافظ ابوبڪر رند ۽ حافظ محمد صادق شيخ وٽ به پڙهيا. حضرت قاري محمد مدنيرح وٽ ڪافيه تائين پڙهيائيون. قاري صاحب سنڌ کي ڇڏي حجاز هليا ويا ته جوهر بروهي به ميھڙ بعد گھوٽڪي ۾ مدرسه عربيه قاسم العلوم ۾ مولانا عبدالحي گھوٽو، سائين مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ، شيخ الحديث مولانا محمد اسحاق گهوٽڪي وارا، مولانا عبدالحق چنو ۽ محمد اسماعيل چاچڙ وٽ پڙهيا. بعد ۾ مدرسه انوار الرحمان دريا خان مري. ۾ پڙهيا جتي سندن والد صاحب جوشاگرد مولانا عبدالڪبير وڍ وارو، بروهي، مولانا عبدالرحمان خاصخيلي وٽ ٻه سال پڙهيا. مولانا عبدالرحمان وٽ هدايه ۽ مشڪوات پڙهيا. تفسير قرآن به مولانا خاصخيلي وٽ پڙهيا. آخري ٻه سال جامعه اشرفيه سکر ۾ شيخ الحديث محمد ضياءُ الحق ڪيبل پور وارو ۽ مفتي عبدالحڪيم سکر واري وٽ ترمذي پڙهيا. شيخ الحديث وٽ بخاري ۽ مسلم پڙهيا. مولانا محمد موسيٰ پٺاڻ وٽ به تعليم حاصل ڪيائون. محمد احمد ٿانويرح وٽ طحاوي پڙهيا اهو جامعه اشرفيه جو مھتمم پڻ هو. مولانا محمد اسحاق شيخ نسائي پڙهائيندو هو. جوهر بروهي کي دوري ۾ ٻه سال لڳا. 1970ع ۾ جامعه اشرفيه سکر مان دستار بندي ڪيائون. سال 1968ع ۾ تفسير جي علم جي ماهر مولانا عبدالغني جاجروي وٽ مدرسه عربيه بدرالعلوم رحيم يار خان ۾ تفسير قرآن پڙهيا.

سائين جوهر بروهي سکر مان پڙهي تحصيل ڪرڻ بعد 1973ع ڌاري ميھڙ کان چار ڪلو ميٽر پري ڳوٺ الله ڏنو جانوري (روڻي) ۾ درس ۽ تدريس ڏيڻ شروع ڪيائون. 1974ع ۾  باضابطه فريد آباد ۾ پنھنجي والد صاحب جي قائم ڪيل مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. 1992ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميھڙمان مئٽرڪ ۽ 1996ع ۾ بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد مان دعوت جو ڪورس ڪيائون. جوهرصاحب لکيو آهي ته: ”منھنجي ٻالجتيءَ جي عمر ۾ حضرت سائين قاري محمد مدني ديروي ۽ محمد يعقوب جتوئي سانگي وارا رهنمائي نه ڪن ها ته ڪنھن دڪان تي درزي، يا ڪنھن پريس ۾ ورڪر يا ڌڻ جو ڌنار هجان هان.“

سائين جوهربروهي صاحب چوندو هوته  ”حضرت قاري محمدصاحب جن وٽ ٻه اکرپڙهي سگهيس نه ته اڄ عام بروهي وانگرڪٿي مال جوڌنارهجان ها.“

سائين جوهر بروهي والد قاري عبدالڪريم ذبيح جي وڇوڙي کانپوءِ سندس قائم ڪيل مدرسو شاهه لطيف جي شارح ۽ عاشق حاجي رسول بخش صاحب ڏيري جي نگراني ۾ هلندو رهيو. حاجي رسول بخش ڏيري جي وفات بعد سندس فرزندن اهو مدرسو سنڀاليو ۽ هلايو.

تازو سائين جوهر بروهي جي وڇوڙي بعد اهو مدرسو حاجي علي نواز ڏيري جو فرزند ڊاڪٽر عبدالفتاح ڏيرو سنڀالي ٿو جڏهن ته مدرسه عربيه محمديه فريدآباد ۾ سائين جوهر بروهي جو ڀائيٽيو حافظ عبدالقدير بروهي استاد آهي جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالفتاح ڏيرو مھتمم ۽ عبدالمجيد نديم بروهي، حاجي محبوب بروهي، علي عباس بروهي، خليفه ذوالفقار علي آصف، ثاقب علي ڏيرو ڪميٽيءَ جا ميمبر آهن.

سائين جوهربروهيءَ کي شاعري جو شوق ننڍ پڻ کان هو، 1972ع کان شاعري شروع ڪيائون.  1974ع ۾ ڪوئيٽه ريڊيو تي شاعري پڙهي سندن اهو شعر وڏو مقبول ٿيو. مھراڻ اخبار ۾ جيڪا شاعري ڇپجندي هئي، ان جي مطالعي مان کيس فائدو ٿيو. سائين جوهر بروهي جنھن دور ۾ جامعه اشرفيه سکر ۾ پڙهندو هو، ان وقت سکر جو هڪ نوجوان مليس، جيڪو ڪاليج جو شاگرد هو. ان سان گڏجي جمعيت طلباءِ اسلام ضلع سکر جي تشڪيل ڪيائون. جوهر بروهيرح ان باڊي ۾ ضلعي جنرل سڪريٽري ٿيو. هڪ اخبار به ڪڍيائون الجمعيت جي نالي سان. ان جا صرف ٻه پرچا نڪتا، مدير اهو هيو جوهر بروهي ان جو نائب هو. سائين جوهر بروهيءَ جا لکڻ جي شروعاتي زماني ۾ سندس ڪجهه شاعري ۽ خاص طور چوسٽا نامور شاعر حافظ احسن چنه جي هفتيوار اخبار ”آواز سنڌ“ ۾ ڇپيا.

سائين جوهر بروهي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون شعر راڌڻ ۾ مشھور عوامي شاعر ملنگ حيدري پاران بزم حيدري 1976ع ۾. . . ”اشارن ئي اشارن ۾ وڏو واپار ٿيندو آ“ پڙهيو.

”هتان جي خاڪ اهڙي آ جو پنھنجي ڌار ٿيندو آ“

ان مشاعري ۾ مشھور شاعر استاد بخاري، دادن فقير، اسحاق راهي، ناظم منگي، احمد خان مدهوش، نواز رڪڻائي، گل حسن گل ٻرڙو ۽ ٻيا شاعر شريڪ هئا. سنڌ جي قومي ۽ عوامي شاعر استاد بخاري کيس مشاعري جي پنڊال مان ٻاهر سڏي چيو ته:

”هي تنھنجو آغاز آهي شاعري ٻڌي محسوس ڪيم ته تو ۾ ترقيءَ جو عنصر آهي. پر تو هڪ لفظ خاڪ چيو، حالانڪ سنڌ جي خاڪ مقدس ۽ قابل احترم آهي ان ڪري سنڌ يا سنڌ جي خاڪ / مٽي يا ڌرتي لاءِ احترام رکڻو پوندو.“ بخاري صاحب کيس شعر تي توجهه ڏيڻ جو چيو.

ان ئي دور ۾ کيس سنڌ جي مشھور شاعر اسحاق راهي ۽ ناظم منگي جي دوستي ۽ ساٿ مليو، سائين جوهر بروهي فارسي، عربي جي تعليم پرائڻ دوران به شاعري ۾ رهنمائي حاصل ڪيائون. پاڻ هڪ انٽرويو ۾ استاد بابت چيو ته: ”احمد خان آصف مصراڻي کان، جنھن کي ڌاڙيلن خاندان سوڌو ڪڪڙ ڀرسان ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ شھيد ڪيو، ان کان مشورو وٺندو هُيم، ان کي اوهان استاد چئو ته چئي سگهو ٿا.“

سائين جوھر بروھي ھڪ مثالي محقق، اديب: سائين جوھر بروھي سنڌي ۽ براھوئي ادب جو ھڪ مثالي محقق، اديب ھو، تحقيق ۾ به روايتي مقالن بجاءِ ھن منفرد ۽ مثالي ڪم ڪيو، سندس مقالا ۽ مضمون اعلي معيار جا آھن، جيڪي ٽماھي مھراڻ، ٽماھي سنڌ، تخيل، ماھوار ادب، ماھوار ڪينجھر ۾ ڇپيا. جن ۾ ماھوار نئين زندگي ۾ ڇپيل ”سنڌي ادب ۾ ميھڙ جو ڀاڱو“، ماھوار ڪينجھر ۾ ڇپيل ”منھنجو ڳوٺ فريدآباد“، ماھوار پيغام رسالي ۾ ڇپيل خلافت تحريڪ جا وکريل ورق ۽ تخيل ۾ ڀٽائي سائين تي ڇپيل مقالا اھم آھن.

ھن ڪيترائي اھم ڪتاب به لکيا. جن ۾ ھن علائقي جي مشھور بزرگ عبدالله شاھه گودڙيو کي ميان وال تحريڪ جو جرنيل ۽ ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو جنگجو ساٿي لکيو، اھو ڪتابڙو 1981ع ۾ ڇپيو.

پروفيسر عبدالله مگسي ۽ ٻين گھڻو پوءِ عبدالله شاھه گودڙيو تي لکيو. براھوئي ادب ۾ شاعري جي علم عروض بابت پھريون ڪتاب تاجل 1986ع به اھم ڪتاب آھي. سائين جوهر بروهي جي شاعريءَ سان گڏ نثر ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي، علمي، مقالا، مضمون مختلف رسالن ۾ ڇپيا. ماهوار رسالي نئين زندگي ۾ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن ۾: ڪاڇو ۽ پاڻي: جولاءِ 1995ع، سنڌي ادب ۾ ميھڙ جو ڀاڱو (قسط پھرئين): جنوري 1991ع، سنڌي ادب ۾ ميھڙ جو ڀاڱو (قسط ٻئين): فيبروري 1991ع، گهايل گل:آگسٽ سيپٽمبر 1989ع شامل آهن.

ٽماهي تخيل: ڀٽائي سائين جوڪلام، کيرٿرجون ٻوليون ۽ لھجا: جولاءِ سيپٽمبر 2016ع.

شاهه جوڪلام ۽ ان جا ترجما: جنوري1991ع، ڪاڇو سرڏهر جي روشني ۾:ڊسمبر1985ع، سرڏهر هڪ جائزو: آڪٽوبر1989ع.

ماهوار النصيحت سکر ۾ جوهر صاحب جو ڇپيل مواد هن ريت آهي: حضرت عمر فاروق: فيبروري، مارچ 1998ع، حضرت عمر فاروق: اپريل، مئي1998ع، مدرسه ديني تعليم جا مرڪز: سيپٽمبر 1998ع، شاهه ولي الله جي آتم ڪھاڻي: ڊسمبر 1998ع، ضمير لوڪو ڪائو: آڪٽوبرنومبر1997ع، تھذيب، جو موت: جون-جولاءِ 1997ع، سٽ سٽ آهي. سور: مئي1997ع، يھودي سامراج: مئي جون 2004ع، مڃيو ڪل ملوڪن: مئي 2008ع  ۽ ماهوار اهدنا الصراط المستقيم ۾ پيران پير عبدالقادر جيلاني: جنوري 2011ع، وحيءَ جا ڪاتب: نومبر2010ع، مدينه منوره: سيپٽمبر 2011ع، خليفه سوم حضرت عثمان ذي النورين: نومبر2011ع، عشره مبشره رضوان الله تعاليٰ عليھم اجمعين: ڊسمبر2011ع، حضرت خليفو ميان محمدصالح بائجي شريف وارو: فيبروري 2012ع، حضرت سيد شاهه محمد بقا پٽ ڌڻي: اپريل 2012ع، انگن جو اعجاز: جنوري 2013ع، 78 جوانگ ڇا آهي؟ جنوري 2013ع.

اهڙي ريت ماهوار الحماد ۾ گوهر ناياب حضرت سائين حمادالله ۽ سلسلو راشديه قادريه محرم 142هه.  ماهوار ”شريعت“ ۾ امام ابو حنيفه: مئي 1998ع، ڊاڪٽر عبدالسلام جي شخصيت: فيبروري مارچ 1997ع، ڪجهه يادون: مارچ اپريل1999ع.  صحت ۽ سنت: آگسٽ 1997ع، مفتي نظام الدين شامزئي، جولاءِ آگسٽ 2004ع، عجيب واقعات، آڪٽوبر-نومبر، 1996 ع سڄڻ پنھنجا ساريا سيپٽمبر 2004ع.  ان کانسواءِ ماهوار الفاروق ڪراچي ۾ مسلمان ڏاها ۽ سندن ايجادون: مارچ 2008ع، مولانا محمد عالم پهوڙ: سيپٽمبر 2012ع، شاندار مڪه ڪلاڪ ٽاور: ڊسمبر 2014ع، شاهه عبدالعزيز دهلوي: نومبر 2000ع هئا.  هيڪاندا حبيب سين: آڪٽوبر 2006ع، تفسير جو علم: ذوالحج 1433هه، حضرت امام جعفرصادق: جولاءِ-آگسٽ 2010ع، سيد محمد راشد روضي ڌڻي: آگسٽ2010ع، دماغ: اپريل 2014ع، مولانا غلام قادر لغاري: مارچ 2006ع، مولانا عبدالڪريم ڏيرو: جولاءِ 2007ع، حافظ محمد صديق ڀرچونڊي: جولاءِ 2011ع، اصلي زيور: فيبروري مارچ 2008ع، سقراط زهر پيتو: مئي2008ع.

سائين جوھر بروھي ھڪ وڏو مترجم به ھو، ھن سنڌيءَ مان براھوئي ۽ براھوئي مان سنڌي ۾ شاعري، تحقيقي مقالا، نثر ۽ نظم ۾ ڇپيل ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ۽ براھوئي ادب کي مالا مال ڪيو. ھن نامياري اديب، اسڪالر لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي جي سيرت پاڪ تي لکيل جڳ مشھور تصنيف ”محمد رسول الله صلي الله عيلھ وآلھ وسلم“ کي براھوئي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو 2014ع ۾ ڇپيو. سائين جوھر بروھي سنڌ جي ھڪ سئو کان وڌيڪ ڪلاسيڪل، جديد ۽ ترقي پسند شاعرن جي شاعري کي براھوئي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ’سنڌ رنگ‘ جي نالي سان 2017ع ۾ ڇپيو.

ھن سنڌ جي براھوئي شاعرن جي شاعري کي اردو ۾ ترجمو ڪري ’براھوئي تخليقڪار‘ ڪتاب لکيو.

ان کانسواءِ سائين جوھر بروھي جو شمار سنڌ جي ناميارن لغت نويسن ۾ پڻ اهم آهي. ھن قرآن پاڪ جي لغت تي ڪم ڪيو، ڪيترن سالن جي محنت بعد قرآن پاڪ جي لغت ”ڪريم اللغات“ نالي ڪتاب جيڪو 1441 ھجري ۾ ڇپيو. جنھن کي سنڌي ادب ۾ ساراھيو ويو، ھن مختلف شاعرن جي شاعري جي لغت تي به ڪم ڪيو.

سائين جوھر بروھي دنيا جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پارکو  ۽ شارح ھو.  شاھه جي شاعريءَ جو براھوئي ترجمو سندس مثالي، ڪارنامو آهي، جنھن جا ڪجهه سر ھن ’لطيفي توار‘ ۽ ’سنگت ڀٽائي‘ نمبر 1986ع جي نالي سان پاڻ ڇپائي پڌرا ڪيا.

سائين جوھر بروھي ناميارو خطاط، ڪئليگرافر، ڪتابت جو ماھر ھو، جڏھن ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ نه آيو ھو، ڪتابن، دعوت نامن جي ڇپائي اکرن واري پريس تي ٿيندي ھئي، ان زماني ۾ سائين جوھر صاحب پنھنجي سھڻن اکرن سان خطاطي، ڪئليگرافي، ڪتابت جو ڪم ڪيو، ھن اھو فن ڪنھن کان باقاعده سکيو نه ھو، پر مختلف دوستن جا فن پارا ڏسي کيس اھو شوق ٿيو.

سائين جوھر بروھي ڪي فن پاره پنھنجي اصلي نالي ’ظفر علي يا ظفر قلم‘ سان به ٺاھيا. جن ۾ سنڌ جي نامياري شاعر ملنگ حيدري جو ڪلام، براھوئي زبان جا ڪتاب شيموش، ڊغار، سنگت ڀٽائي نمبر 1986ع، سنگت سھيل نمبر 1984ع، سنگت تاجل 1986ع، سنگت غزل رنگ 1985ع، سنگت چلتن 1987ع، سنگت تنھائي 1986ع، سنگت اشاعت خاص 1988ع، سنگت گربام، سنگت زراب، سنگت زم زر 1990ع ۽ ٻيا شامل آھن.

سائين جوهر بروهي جي براهوئي شاعري ڳائڻ تي بلوچستان ۾ اعتراض: سائين جوهر بروهي قومي، انقلابي، رومانوي، مذهبي شاعري ڪئي، 1990ع ۾ بلوچستان جي عالمن سائين جوهر بروهي جي شاعريءَ جي باري ۾ فيصلو ڪيو ته اهو فنڪارن لاءِ شعر نه لکي ڇوته جمعيت علماء اسلام جو ميمبر آهي، جوهر بروهيرحه عالمن جي فيصلي کي ته قبوليو پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ فنڪارن سندس شاعري ڳائيندا رهيا جڏهن ته حاجي امداد الله ڦلپوٽي، اظھار الحق صديقي ۽ ٻيا جڳ مشھور نعت خوان سندس نعت ۽ حمد سريلي آواز ۾ ڳائيندا رهيا آهن.

جوهر صاحب جا سنڌي توڙي براهوي زبان ۾ لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب هن ريت آهن: شاهه گودڙيو 1981ع، ختم نبوت (مترجم) 1986ع، امام العصر (سائين ٻير وارو) 2001ع ۽ 2002ع، مٺو مير مدني 2006ع، اتم انسان2008ع، ورند جو ڪلام 2011ع، روشني ئي روشني 2011ع، ڪاڇي پئي ڪوڪ 2012ع، گل ڦل گيت 2014ع، منزل (7 ڇاپا) 2014ع، غزليات بيدل. (فقير قادر بخش بيدل جي فارسي ڪلام جو سنڌي ۾ ترجمو) 2016ع، نور ميبن (3 ڇاپا) 2017ع، سيرت مصطفيٰ 2017ع، ڪريم اللغات1441هه، عرفان سالڪ (علامه هدايت علي تارڪ نجفي جي عربي ڪلام جو ترجمو) 2023ع.

اهڙيءَ ريت براهوي ٻُولي ۾ سندس ڪتابن ۾: (1) احوال غم (اراجار). (بروهي شاعري) 1976ع ، 1999ع، (2)گوريچ (بروهي نثر/ انشائيه) 1980ع، (3) دردانه (بروهي شاعري) 1981ع، (4) شيموش (بروهي شاعري) 1991ع، (5) روشنائي (هفت وار) 1991ع ۽ 2002ع، (6) ڊغار 1990ع، (7) شاد وزباد (قومي شاعري). 1992ع، (8) سيرت رحمت للعالمين 1993ع، (9) طوبينارند (مرثيه). 1995ع، (10)کارواں 1995ع، (11) شکرپھل (انشائيه). 1996ع، (12) داستان (ٻارن جي شاعري). 1996ع، (13) لولي 1998ع، (14) سيرت سيد المرسلين 2003ع، (14) فريد 2004ع، (15) لطيفيتوار 2006ع، (16) حيات اقبال 2007ع، (17) حرفاتاخوشبو 2008ع، (18) الله اکبر 2009ع، (19) محمد رسول الله 2014ع، (20) سندھه رنگ 2017ع، (21) اقبال رنگ 2006ع، (22) غزل رنگ 2023ع، ۽ (23) مقالاتجوهر شامل آهن.

اردو ٻوليءَ ۾: 1.براهوئي تخليقڪار 2000ع ۽ 2015ع، کتاب رنگ 2006ع  2. گلدسته سندھه (سندھه جا براهوئي شاعر)، اتحاد المدارس 1413هه ڪتاب شامل آهن.

سائين جوهر بروهيءَ جي ادبي تنظيمين سان وابستگي ۽ منصب: سائين جوهر بروهي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ جو 1995ع کان ميمبر رهيو پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ جو ڪائونسلر، ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت جي ادبي قافلي جو سرواڻ ۽ روح روان هو.

بزم لطيف ميھڙ جا سرپرست رهيا. ميھڙ ۾ بزم لطيف جا ڪيترا ئي وڏا ادبي پروگرام ڪيا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي طرز تي نوجوان شاعرن، اديبن جي تربيت به ڪئي. لطيف ادبي سنگت جا به ميمبر رهيا. پاڻ بروهي اڪيڊمي سنڌ جا صدر هيا. پاڻ بزم ايلم جا ميمبر رهيا. هيءَ مستونگ جي براهوي ٻولي جي بزم، هڪ اهم ادارو آهي جنھن جي پاران اخبار ايلم ۽ رسالو ايلم به ڇپجي ٿو. هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميھڙ جا چيئرمين رهيا.

سائين جوهر بروهي بزم شاهه گودڙيو فريدآباد سان به وابسته رهيو. بزم شاهه گودڙيو فريدآباد سيد عبدالرحمان شاهه اظھر جي خاص دلچسپي سان قائم ٿي. هرسال بھار جي موسم ۾ ٽڪري تي ادبي ڪچھريون ٿينديون هيون. هن بزم جو مقصد شاهه گودڙيو جي سوانح ۽ تاريخ تي ڪم ڪرڻ هو.  هن بزم جا سائين جوهر بروهي جنرل سيڪريٽري هئا.

هن بزم جي طرفان 1981ع ۾ هڪ ننڍڙو ڪتابڙو تذڪره شاهه گودڙيو شايع ڪيو ويو، جيڪو 26 صفحن تي مشتمل آهي.  هن ڪتاب ۾ علي دوست عاجز، نشتر ناٿن شاهي، علي نواز رڪڻائي، ناظم منگي، اسحاق راهي ۽ جوهر بروهي جي شاعري آيل آهي.

سائين جوهر بروهي بزم لطيف ميھڙ سان به وابسته رهيو.  1976ع تائين هن بزم ڪافي ترقي ڪئي، پر 1976ع واري مھا ٻوڏ جي ڪري هيءَ بزم ڪافي متاثر ٿي.  1987ع ۾ وري بحال ٿي. هن بزم جي طرفان ڪافي مشاعرا ۽ شاعرن سان رهاڻيون ٿيون. سائين جوهربروهي به هن بزم سان ڪافي وقت تائين وابسته رهيو، 1991ع ۾ بروهي ادبي سيمينارفريدآباد ۾منعقد ڪرايائون. 1998ع ۾ پاڻ هن بزم جو سرپرست مقرر ٿيو.

سائين جوهر بروهي پاران قائم پبليڪيشن:

سائين جوهر بروهي، براهوي پبليڪيشن سنڌ جا سيڪريٽري رهيا. پاڻ سنگت پبليڪيشن قائم ڪري هڪ سلسليوار ڪتاب/ رسالو ”سنگت“ شايع ڪندا هئا، ان جا 17 پرچا ڪڍيا. الڪريم پبليڪيشن فريدآباد قائم ڪيائين جنھن جي پاران مختلف ڪتابي سلسلا ڇپيا سندس جڳ مشھور ڪتاب ڪريم اللغات به 1441هه ۾ الڪريم پبليڪيشن پاران ڇپيو.

سائين جوهر بروهي لطيف پبليڪيشن فريدآباد الحاج رسول بخش خان ڏيرو جي سرپرستي ۾ قائم ڪئي. سائين جوهربروهي جو هن پبليڪيشن جي طرفان ڪتاب ڇپرائڻ ۾ اهم ڪردارهو. هيءَ پبليڪيشن ڏيري صاحب جي وفات کان بعد بند ٿي وئي. هن پبليڪيشن جي طرفان 2 ڪتاب شايع ٿيا. (1) نئين شرح لطيف سرڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ 1973ع (2) شاهه جوشان ڇپيا. پاڻ براهوئي بپليڪيشن فريدآباد قائم ڪري ”روشني ئي روشني“ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپرايائون جڏهن ته اشاعت الاسلام پاڪستان فريدآباد جي نالي سان پبليڪيشن قائم ڪري ”امام العصر سائين ٻير“ وارو ۽ ٻيا ڪتاب ڇپرايائين.

سائين جوهر بروهيءَ کي مليل ايوارڊ:

 سائين جوهربروهي کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور سنڌ توڙي بلوچستان، ملڪي توڙي بلوچستان ۽ سنڌ جي سرڪار پاران مختلف وقتن تي ادبي پورهئي، تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي واري شاندار ۽ مثالي ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ مليا، جيڪي هيٺين ريت آهن.

رئيساڻي ميموريل سوسائٽي ڪوئيٽه ادبي ايوارڊ 1999ع، ميان شاهل محمد ايوارڊ 2000ع، وزارت مذهبي امور اسلام آباد سيرت ايوارڊ 2000ع، خان بھادر قادر بخش جتوئي ايوارڊ 2004ع، شھيد مخدوم بلال ايوارڊ 2004ع، عر ايوار

دبي سنگت شاخ ميھڙ2025ع، ڊاڪٽر قربان جھتيال ايوارڊ، ڊاڪٽر قربان جھتيال يادگار ڪاميٽي 2025ع ۽ صلاح الدين مينگل صوبائي ايوارڊ 2025ع.

 سائين جوهر بروهي جي فريدآباد ۾ هڪ وڏي لائبريري آهي جنھن ۾ سنڌي، فارسي، عربي، اردو ۽براهوئي ٻولين ۾ وڏي تع

ڊ، ظفر تڳر ضلعي رابطه سيڪريٽري سنگت نوشھرو فيروز 2023ع، لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ، سنڌي اداد ۾ ڪتاب موجود آهن. ان سان گڏ سنڌي، براهوئي، اردو ٻولين ۾ سوين رسالا ۽ ڪتابي سلسلا موجودآهن. سائين جوهرصاحب جي لائي خوشبو سان ادب جو آڳر سدائين واسيل رهندو.

ª

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org