|
بشير احمد ڪلهوڙو

ڪتاب: ”سيد احمد بن خالد شاميرح“
جڏهن انسان ڌرتي تي پير ڍريو آهي تڏهن
اڻڄاڻائي، ناسمجهي ڌرتي جي چئني ڪُنڊن کي جڪڙي
رکيو هو. اهڙي صورتحال لاءِ باري تعاليٰ
پنھنجي پيارن نبين جو هڪ سلسلو شروع ڪيو، جن
اچڻ سان پنھنجي پنھنجي ڏات آهر درس و تدريس،
واعظ و تقرير وسيلي اڻڄاڻائي، ناسمجهي جي ور
چڙهيل ڀُليل ڀٽڪيل انسانن جي فلاح جو ڪم شروع
ڪيو. انھن ماڻھن کي ٻڌايو ته توهان هر ڏهاڙي
پنھنجو خدا تبديل ڪري رهيا آهيو، توهان ڀُليل
آهيو. توهان ڪڏهن باهه کي، ڪڏهن طوفان، برسات،
سج چنڊ مطلب ته هر سگهاري قوت کي پنھنجو خدا
تسليم ڪيو ٿا. ٿورو ويچاريو ته اهي سڀ اچن ٿا
وري گم ٿي وڃن ٿا. معلوم ٿيو ته انھن سڀني کي
بقا ڪين آهي بقا صرف دائمي رهندڙ هڪ خدا
تعاليٰ کي آهي. جنھن انھن سڀني کي پيدا ڪيو ۽
پنھنجي حڪم تي هلايو، توهان سڀني کي به ان
هميشه قائم رهندڙ هڪ خدا جي عبادت، رياضت ڪرڻ
گهرجي. يقيناً اوهان فلاح وارن مان ٿيندؤ.
ان کانپوءِ وقت بوقت نبي سڳورن جو سلسلو هلندو
رهيو، پنھنجي پنھنجي دور جي انسانن جي اصلاح
ٿيندي رهي، تان جو نبين سڳورن جو اهو سلسلو
آخري نبي حضور پُرنور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
تائين پھتو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ
وسلم ٽيويھه سال دين ۽ اسلام جي واڌ ويجهه ڪئي
۽ بيشمار انسانن کي حلقه اسلام ۾ شامل ڪيو.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم قرآن شريف
جي صورت ۾ هڪ اهڙو دستور ڏنو جيڪو قيامت تائين
رهنمائي ڪندو رهندو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وآلھ وسلم فرمايو ته دين مڪمل آهي، مون کان
پوءِ ڪوبه نبي اچڻو ڪين آهي. لھٰذا مون کان
پوءِ دين اسلام جي دائري کي وسيع و عريض ڪرڻ
وارو ڪم عالم سڳورا ڪندا رهندا، اهڙن ئي جيد
عالمن ۾ حضرت سيد احمد بن خالد شامي رحمة الله
تعاليٰ عليھ به شامل آهي. جنھن پنھنجي پوري
حياتي ڀُليل ڀٽڪيل انسانن جي رهنمائي ڪئي. هن
ڪامل ڪرامت واري بزرگ جي حوالي سان ڪتاب ”سيد
احمد بن خالد شاميرح“ سنڌي ٻولي ۾
ترجمو ٿيل پڙهيو، جيڪو ڏاڍو وڻيو. هن ڪتاب ۾
بزرگ جي سوانح ۽ ڪرامتن جو تذڪرو ٿيل آهي.
ڪتاب جو ليکڪ خليفو احمد يار خان بڙودوي آهي،
جڏهن ته شڪارپور شھر جي علمي ادبي ساڃاهه وندن
۾ شمار ٿيندڙ شخصيت پروفيسر عبدالجبار ”عبد“
سومرو صاحب جستجو ۽ جاکوڙ ڪندي، هن ڪتاب جو
سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
قبله پير سيد لطف علي شاهه راشدي صاحب عثمانيه
پرنٽنگ پريس سکر مان ڇپرائي، جانڻ فقير اڪيڊمي
شڪارپور وسيلي جولاءِ 2025ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.
ڪارڊ ڪور سان خوبصورت ٽائيٽل جيڪو 172 صفحن تي
مشتمل آهي.
سيد احمد شاميرح سيد خالد شامي جي
گهر شام ملڪ جي طرابلس ۾ جنم ورتو. ديني ماحول
هئڻ ڪري ظاهري علم ننڍپڻ ۾ ئي مڪمل ڪيائين ۽
باطني علم پنھنجي والد بزرگوار کان حاصل
ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ علم جي وڌيڪ
طلب کيس شام ملڪ کان گڏيل هندستان ڏانھن سفر
ڪرايو، هو فرانسيسي، ترڪي، فارسي، هندي ٻولين
کي رواني سان ڳالھائي سمجهائي سگهندو هو.
اهڙيءَ طرح هندستان ۾ پاڻي پٽ، دهلي، عليڳڙهه،
آگري، لکنو، بريلي، رامپور، ترڪ، ڀوپال،
ڪاسني، بنارس بمبئي، کان سواءِ ڪلڪتي، ريگون،
لاهور، ڪشمير، سنڌ، بلوچستان جو دورو ڪيو. جتي
ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به وڃي، درس و تدريس ۽
ڪرامتن وسيلي دين جي پرچار ڪئي، آخر ممبئي شھر
کي پنھنجو مسڪن بڻايو. سونھاري سنڌ ۾ مولانا
حافظ محمد صديق شھدادڪوٽي سان ملاقات ڪرڻ کان
پوءِ سنڌ ۾ اچڻ وڃن شروع ڪيو. سيد احمد شاميرح
هونئن ته ڪيترائي ڀيرا آيا، 1924ع ڊسمبر ۾ آيا
ته انھيءَ موقعي تي سنڌ جي ناميارين شخصيتن
ساڻن بيعت ڪئي. اهڙن عقيدتمندن ۾ نواب ۽ رياست
جا والي شامل هئا، جن جي اصلاح فرمائيندي کين
گناهن کان پري رهڻ ۽ احڪام خداوندي جي مڪمل
سچائي سان عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. حضرت احمد
شامي رح پنھنجي پوري حياتي
انسانذات جي رشد هدايت دينِ اسلام جي واڌ
ويجهه ڪندي گذاري، وقت جي هن جيد عالم ۽ صاحب
ڪرامت بزرگ 1933ع ۾ ممبئي ۾ وفات ڪئي، سندس
آخري آرامگاهه به اُتي ئي آهي، هي ڪتاب وري
وري پڙهڻ ۽ سانڍڻ جھڙو آهي.
شاعري

(جنم: 1935ع- وفات: 2000ع))
سنڌي شاعريءَ جي ابتدا:
سنڌي شاعريءَ جي ابتدا بابت اڳ ۾ لکيل ادبي تاريخن
۾ ماموئيءَ جا بيت ۽ ڪجهه ٻيا بيت آيل آهن. اُنھن
بابت ڪي روايتون به بيان ڪيل آهن. تان جو ڊاڪٽر
بلوچ جي تحقيق سان انھن روايتن ۽ بيتن بابت نه رڳو
درستگي ٿي، بلڪه بيتن ۾ سَنَدَن سان اضافو ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ هن
باري ۾ اهم ماخذ آهي. شاعريءَ جي باب جي ابتدا
ڊاڪٽر صاحب جي مذڪوره ڪتاب جي سَنَدَ ۽ ٿورن سان
ڪجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب ادبي تاريخ بيان ڪرڻ کان اڳ
عربي ۽ ٻين ٻولين جي سنڌيءَ
سان لاڳاپي ۽ اثر نفوذ جو ذڪر ڪيو آهي. ٻولي ڪھڙن
ڪھڙن مرحلن مان گذري ۽ شعر لاءِ ڪيئن زمين هموار
ٿي، اهو پھرين ڄاڻڻ ضروري آهي. اُن سان گڏ شعر جي
تلاش ادبي تاريخ جو پھريون مقصد آهي. اسان جي
اڳوڻن ادبي تاريخ لکندڙن گهڻي ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪري
اُهي شعر هٿيڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي اول چيا
ويا. مليل تحريري ۽ زباني روايتن تي پنھنجي تحقيق
جو بنياد رکيائون. سڀ روايتون سچيون به نه ٿيون
ٿين. بھرحال ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُنھن مليل روايتن جي
تحقيق به ڪئي ۽ اُن سان گڏ جيڪو جاکوڙ وارو ڪم
ڪيائين سو مختلف هنڌن تي وڃي نوان شعر هٿ ڪيائين ۽
اُنھن جون مڪمل روايتون به بيان ڪيائين. ڪن ڳالھين
۾ شڪ هو ۽ سن سال جي غلطي هئي ته اُها درست
ڪيائين. ڀلا ڀليءَ جو ڇيھه ڪونھي، پر هن وقت تائين
ادبي تاريخ جي تحقيق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا دليل
وزنائتا آهن.
بنده راقم جي هيءَ ڪاوش مڙني ماخذن جي مدد سان
حاضر آهي.
پهريون شعر:
پھرئين يا پھريَن سنڌي بيتن جي تلاش ڪندي جيڪو شعر
مليو آهي، اُهو ابوحاتم محمد جي حوالي سان آهي. هن
پنھنجي ڪتاب ”روضة العبقلاءِ و نزهة الفضلاءِ“ ۾
لکيو ته: مون ابراهيم کان ٻڌو، جنھن ابن ابي
القعقاع چيو ته مون سان ابو هُذيل ڳالھه ڪئي ۽
چيائين ته: آءٌ يحيٰ بن خالد برمڪي وٽ ويٺو هئس جو
هڪ هندي شخص پنھنجي مترجم سان گڏ ڪچھريءَ ۾ آيو؛
يحيٰ کي مترجم چيو ته هي شخص شاعر آهي ۽ توهان جي
مدح ڪئي اٿس. يحيٰ چيو ته ڀلي ٻڌائي. انھيءَ تي هن
شخص چيو:
اَرهَ، اَصَره، ککر- کي کِره مَندره
(جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو
آهي تڏهن تنھنجو مثال ڏيندا آهن)
مٿئين متن کان قدري مختلف صورت ۾ هي شعر ”مجمل
التواريخ والقصص“ ۾ آيل آهي. اُن جي صورت هيءَ
آهي:
اَره بره کنکره- کراکِري مندره.
هن ڪتاب ۾ اُن شخص کي سرزمين سنڌ جو شاعر لکيو ويو
آهي ۽ يحيٰ بدران سندس پٽ جو نالو اچي ٿو.
هي شعر حضرت بلال حبشيءَ جي تصنيف ڄاتو ويو هو.
دمشق ۾ سندس مزار جي ديوار تي هي شعر لکيل آهي، جا
پوءِ ٺھي. اندازو آهي ته هي شعر حضرت بلال پنھنجي
حبشي زبان ۾ چيو هو. حقيقت ۾ هي شعر عربي ڪتابن ۾
لکجڻ سبب پنھنجي اصل صورت ۾ نه رهيو آهي، ٻيو ته
”نزهة الجليس“ جو مصنف ابن نورالدين المڪي جنھن هي
ڳالھه لکي سو پوءِ جو آهي. مون 1966ع ۾ پيڪنگ ۾
چيني زبان جي تعليم دوران آفريڪي ملڪن جي هڪ
ڪلاسين کان سواحلي ۽ ٻيون ٻوليون ٻڌيون ۽ ڪجهه لفظ
سکيا ۽ اهو محسوس ڪيو ته هنن جا آواز ۽ انداز ٻيا
آهن. مثلاً گهڻا لفظ هيئن آهن: ڊانگا ڊُونگا-
بامائوڪا، نيڪُونا وغيره. ڊاڪٽر دائودپوٽي هي شعر
دمشق ۾ حضرت بلال جي مزار تي لکيل ڏٺو آهي. منھنجي
ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي پھرئين ڇاپي
(1973ع) کان وٺي مون هن شعر بابت سوچيو ۽ هيءَ
ڳالھه خيال ۾ آئي ته: شاعر يا صاحب ممدوح جو نالو
منڌرو هوندو يا هو ذات جو منڌرو هوندو. بغداد وڃڻ
کان اڳ اِهو شعر سنڌ (لاڙ) ۾ چيو هوندائين.
صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ برمڪي وزير اڳيان اهو
شعر پڙهيو هجيس. انھيءَ ڪري شعر جو اصل متن هينئن
هوندو:
اهڙا ٻُڙا ڪو (نه) ڪري، ڪِ ڪري منڌرو
(منڌرا قوم لاڙ، ڏکڻ بدين ۾ آباد آهي)
(موليٰ مٿان مون، ٻُڙو لاه مَ ٻاجهه جو – شاهه)
مليل متن ۾ سمجهه ۾ اچڻ ڪري به ٻي صديءَ هجريءَ جو
هي شعر بقول ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي زبان جي تاريخ
بنسبت هڪ قيمتي وٿ آهي. ڇو جو مليل روايت موجب هي
شعر سنڌ/ سنڌ جي زبان/ سنڌيءَ ۾ آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“، (جلد پھريون)، ڇاپو
پھريون
2004ع، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد
ص 24-26 |