سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  02/ 2026ع

ايديٽر: جبران زيب

ايڊيٽوريل

 

السلام عليڪم مانوارا ساٿيو!

ٽماهي  جو شمارو 2/2026ع اوهان تائين پھچي چڪو آهي. مان عزت مآب جناب مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن سدائين ساٿ ڏنو، رهنمائي ڪئي ۽ وقت سان  کي شايع ڪرڻ ممڪن بڻايو آهي. اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته، اداري جي وڌيڪ بھتر ڪارڪردگي لاءِ جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب کي ٽيون ڀيرو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جنھن لاءِ کين مبارڪون ڏجن ٿيون.

مانوارا ساٿيو، مون سدائين ايڊيٽوريل ذريعي اهو ئي پيغام ڏنو آهي ته، اسان جي سينيئر ۽ نوجوانن ليکڪن کي ٽماهي  لاءِ لکڻ گهرجي. ادارو اوهان کي مھراڻ جو بھترين پليٽ فارم ڏي ٿو، ته جيئن اوهان جون معياري لکڻيون هن ادبي رسالي ۾ شايع ٿي پڙهندڙن تائين پھچي سگهن. رسالي جي بھتريءَ لاءِ  منھنجي ڀرپور ڪوشش آهي ته هر ڀيري نڪور لکڻيون شايع ڪري اوهان تائين پھچايون وڃن.

 مون سنڌي ادبي بورڊ کان اڳ ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٻارنھن سال پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. مون کي ذاتي طور تي ڄاڻ آهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي آڊيو لائبريري ۾ شاندار ادبي ڪچھريون، مذاڪرا، ليڪچر ۽ فيچر موجود آهن. هاڻ اها ئي ڪوشش آهي ته ريڊيو پاڪستان جي سھڪار سان انھن آڊيو رڪارڊنگس کي لکت جي صورت ڏئي  ۾ شايع ڪجي، ته جيئن نه فقط پڙهندڙ ناياب رڪارڊ ٿيل مواد کان فيضياب ٿي سگهن، پر اهو علمي ادبي خزانو تحريري صورت ۾ محفوظ به ٿي سگهي.

مان اوهان سڀني ليکڪن جو بيحد ٿورائتو آهيان، جو توهان مون کي سدائين مانُ بخشيو آهي ۽ ادبي لحاظ کان بھترين موٽ ڏني آهي. آخر ۾ اوهان مانوارن دوستن کي آگاهي ڏيندو هلان ته  جي ساليانه ميمبرشپ لاءِ هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري سگهو ٿا.

فون نمبر: 0335-7482521

مواد موڪلڻ لاءِ اي ميل ايڊريس                                                                            0345-3667266

mehranmagazinesab@gmail.com

جبران زيب

ايڊيٽر، ٽماهي ”مھراڻ“

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

 

سيد احسن الهاشمي

( جنم:  1923ع- وفات: 2007ع )

احسن الھاشمي، سنڌي غزل جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل نالو سيد حسن علي شاھه ولد مٺن شاھه هو ۽ پاڻ مٽياروي سيدن جي اجناڻي پاڙي مان آهي، جن جي نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليھ السلام سان ملي ٿو. 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شھر جي ٽنڊي مير نورمحمد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، ان کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، اوريئنٽل ڪاليج امرتسر ۽ درسگاھه ’عالم نزاد جاشڪ‘ ايران ۾ حاصل ڪيائين. شاعريءَ ۾ اول وڏي ڀاءُ سيد حيدر شاھه ’حيدر‘ سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ طالب الموليٰ سائينءَ جي صحبت، رفاقت ۽ همت افزائي ساڻس شامل حال رهي. سندس شاعري اعليٰ پايي جي آهي. 43-1942ع واري دور ۾ پھريائين خاڪسار تحريڪ ۽ پوءِ مسلم ليگ حيدرآباد شھر جي نيشنل گارڊ جو سالار اعليٰ رهيو. پاڻ شاھه لطيف جو وڏو پارکو هو. آخري وقت شاعريءَ جو شغل گهٽ، زمينداريءَ ڏانھن گهڻو لاڙو رکيائين، سندس ڪلام جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو. ڪجهه

 

ڪلام هِتان هُتان هٿ ڪري تاج جويي ”سُڪل وڻ صحرا جو“ عنوان سان ترتيب ڏنو آهي ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي. پٽن جي غيرطبعي موت جي صدمي کيس ضعيف ۽ هيڻو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ اکين کان به وڏو ٿي ويو. دل جي باءِ پاس به ڪرايائين. 24 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)

غزل

آرزوئن جو شاهڪار آهيان

وصل هوندي به بيقرار آهيان.

تو ٿئين گو قريب تر منهنجي

ته به سراپاءِ انتظار آهيان.

پنهنجي نظرن تي اعتماد رکي

پوءِ وري ڏس ته اشڪبار  آهيان.

جنهن تي ٿيون خنده زن خزائون اڄ

آئون اها عظمتِ بهار آهيان.

ڪجهه نه ٿئي پوءِ هجي ڪرم يا ستم

بس ادائن تي ئي نثار آهيان.

منهنجو سر لائقِ جفا به نه ٿيو

آئون جفا تي به ڄڻ ته بار آهيان.

تنهنجي خدمت ۾ التجاءِ وصال

پنهنجي جرائت تي شرمسار آهيان.

حسن جي عظمتن جو مون کي قسم

عشق جي راه جو غبار آهيان.

واديءِ شعر ٿيو وطن منهنجو

آءٌ تخيل سان همڪنار آهيان.

ذڪرِ مولا جي صدقي اي ”احسن“

بيقرارن جي لئه قرار آهيان.

 

ڪتاب ”ڪلامِ احسن“ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، 2022ع تان ورتل

ميرزا حامد علي بيگ حامد

(1925ع کان 1991ع)

ميرزا حامد علي بيگ ولد ميرزا علي نواز بيگ ڪربلائي 23 شعبان المعظم 1343هه/19 مارچ 1925ع تي ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي ديني تعليم پنھنجي مامي ميرزا قربان علي بيگ وٽ حاصل ڪئي ۽ پرائمري تعليم آسودومل پرائمري اسڪول (موجوده سيٺ حافظ اسڪول) مان پاس ڪري، نور محمد هاءِ اسڪول مان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. تعليم سان گڏ پاڻ شعر و شاعري ۽ مرثيه خواني ۾ پنھنجي ماروٽ ميرزا علي محمد بيگ مظفر جو شاگرد رهيو ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ پنهنجي پُڦاٽ ميرزا علي بخش بيگڪوثر کان به شعر ۾ اصلاح وٺندو هو. پاڻ حمد، نعت، قصيدي، منقبت، سلام، نوحه، مرثيه، غزل، نظم ۽ قطعات تي سنڌي ۽ اردو زبان ۾ سخن آرائي ڪئي اٿس. سندن مختصر ڪلام ”ڪلامٖ حامد“ جي نالي سان ميرزا فتح علي بيگ شاهد مرتب ڪري بزمٖ فتح جي توسط سان، سال 1994ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. ميرزا صاحب بھترين شاعر ته هو، پر نثر به ڪمال جو لکيو اٿس، سندن نثري شاهڪارن ۾ افسانا ۽ سوانحي خاڪا ملن ٿا، جيڪي مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ان کان سواءِ پاڻ اردو جي نامياري ناول نگار ايم.اسلم جا ٻه ناولَ اشڪٖ ندامت ۽ چشمٖ ليليٰ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. ايم.اسلم سان سندس دوستاڻا تعلقات ھئا. ايم.اسلم جا ميرزا صاحب ڏي لکيل خطُ ۽ تحفي طور موڪليل ڪتابَ ۽ ميرزا صاحب جون  سرجيل تصنيفونڪلياتٖ حامد،وعده فراموش (افسانا اشڪ ندامت“ (ناول) ۽ چشمِ ليليٰ“ سندس پوٽي ميرزا علي نواز بيگ ’جاويد‘ وٽ محفوظ آھن)

ميرزا صاحب جي شادي سندس ماروٽ ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس چار پُٽ ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘، ميرزا فياض علي بيگ، ميرزا خادم حسين بيگ، ميرزا منظور علي بيگ ۽ هڪ نياڻي (زوجه ميرزا جمشيد علي بيگ) اولاد ٿيو. پاڻ هِن فاني جھان مان 13 جمادي الثاني 1412هه/21 ڊسمبر 1991ع تي لاڏاڻو ڪيو.

غزل

حال دل جو چئي خوار ٿيڻو هو،

مفت ۾ بي وقار ٿيڻو هو.

حسرتٖ عرضٖ شوق ئي نه رهِي،

عشق جو اعتبار ٿيڻو هو.

روح بيتاب دل تمنائي،

مون کي خود اختيار ٿيڻو هو.

زندگي ٿي وئي اُداس اي دل،

توکي شمعٖ مزار ٿيڻو هو.

دلبري ۽ وري هي بي دردي،

هُن کي ڪجهه غمگسار ٿيڻو هو.

عاشقي ۽ وري هي بيتابي،

ڪجهه ته صبر و قرار ٿيڻو هو.

هُئِي جو اهڙي ئي مضطرب طينت،

دل کي برق و شرار ٿيڻو هو.

هُئِي ڏسڻي جو بي نيازئ حُسن،

گهڻو اميدوار ٿيڻو هو.

لطفٖ گلگشت هو اگر مطلوب،

بي نيازٖ بھار ٿيڻو هو.

نه بچيو خارٖ غم کان غنچهء دل،

هن کي حامد فگار ٿيڻو هو.

- ميرزا دبير حسين بيگ

 


 

ولي محمد ”وفا“

(جنم: 1944ع - وفات: 2019ع)

محترم ”ولي محمّد“ پلي جن جناب ’خانصاحب عطا محمّد‘ پلي مرحوم جن جا چوٿون نمبر ۽ آخري فرزند آهن. پاڻ پنھنجي اَباڻي ڳوٺ  ”خانصاحب عطا محمد پلي“ تعلقي عمرڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر ۾ 7 ڊسمبر 1944ع تي تولد ٿيا.

سندن پرورش ۽ سنڀال سندن لائق صد آفرين و قدر، وڏي ڀاءُ جناب ’عبدالرحمان‘پلي صاحب (جن ڀاءُ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ شفيق والد جا فرائض پڻ سھڻي نموني انجام ڏنا) جن جي زيرِ سايه تمام سھڻي نموني ۾ ٿي.

سندن تعليم ست درجا سنڌي ۽ اردو آهي ۽ پاڻ انگريزي تعليم لاءِ به ڪوشان رهيا. قصا، ڪھاڻيون، ناول ۽ انھن سان گڏ ڪجهه علمي، ادبي ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جا ڪتاب مطالعو ڪرڻ سندن خاص مشغلا هئا؛ انھيءَ مطالعي جي طفيل پاڻ بيت، وائي، ڪافي ۽ ويندي غزل تائين طبع آزمائي ڪيائون ۽ علمي، ادبي ۽ تاريخي مضمونن جو ترجمون پڻ نھايت ئي سھڻي نموني ۽ سليس زبان ۾ ڪندا هئا. شاعريءَ ۾ سندن تخلص ”وفا“  آهي. علم و ادب سان سندن ايترو اُنس ۽ والھانه محبت واقعي قابلِ داد هئي. پاڻ 2019ع ۾ وفات ڪيائون.

(ڪتاب ”وڻجارن وايون“ ڇاپو پھريون 2022ع،

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
 

 

غزل

ڪڏهن تنھنجي وارن سندي رات ٿيندي،

ڪڏهن محب ملندين، ملاقات ٿيندي.

 

ڪڏهن ڇوڙي ڪاڪل، ڪڪر ڇانوَ ٿيندين،

ڪڏهن ورندين بادل ٿي، برسات ٿيندي.

 

نه تون ويڙهه وارن کي، رخ تي رهڻ ڏي،

نه ئي رات رڙهندي، نه پرڀات ٿيندي.

 

نه هئي آس ائين ڪا پرين! اوچتوئي،

سرِ رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي.

 

سندءِ صبح سان ئي، سندم صبح ٿيندو،

سندءِ رات سان ئي، سندم رات ٿيندي.

 

”وفا“ ڄاڻ اڳ ۾ نه هرگز هئي سون،

وڇوڙي ۾ ورهين جي هرَ رات ٿيندي.

 

رسالو ٽماهي ”مھراڻ“ 1-2/1983ع

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

 

تحقيق

 

جنم: 1882ع-وفات: 1942ع

 

ميرن جي صاحبيءَ ۾ ماڻھن جي دنيائي حالت:

ميرن جي صاحبيءَ جو وقت دنيائي حالت ۾ هڪ بھشتي وقت هو. ماڻھون ميا متارا، ڀريا ڀاڳيا هوندا هئا. قوت گذران گهٽ پورهئي سان ججهو موجود ٿي ملندو هو. گهر جو هڪڙو ڀاتي ڪمائيندوو هو ته سڄي آڪھه کي سکيو رکي سگهندو ۽ سڄي گهر جي ڀاتين کي کارائي سگهندو هو. عام طرح پوڙهن کان ٻڌو ويو آهي ته هڪ گوبندي (ميراڻي) رپئي مان هڪ موچاري آڪھه مھينو گذر ڪري سگهندي هئي، انھيءَ وقت هڪ روپيو هن وقت جي هڪ سئو روپين کان به وڌيڪ ڪمائتو

هو. ميرن جي وقت عام طرح بازارين ۾ ڪوڏيون هونديون هيون. سنھيون ۽ گهٽ قيمت واريون شيون ڪوڏين سان وڪامنديون هيون. سھانگ ۽ سڪار ايتري قدر هو، جو گهڻن سڪن جي ضرورت ئي ڪانه هئي.

حڪومتون گهڻا سڪا ڇو ٺاهي هلائينديون آهن؟ ۽ گهڻن سڪن جو هجڻ ڏڪار جي نشاني آهي:

اوهين ڀائيندا هوندا ته جيڪي حڪومتون گهڻا ۽ گهڻن قسمن جا سڪا ٺاهي ملڪ ۾ هلائن ٿيون، سي ڪو ڏاڍو چڱو ڪم ڪن ٿيون، ۽ اهي حڪومتون سڌريل حڪومتون چئبيون. نه نه ائين نه آهي. گهڻا ۽ گهڻن قسمن جا سڪا، نشاني آهي مھانگ ۽ ڏڪار جي. جڏهن ڏسبو ته ملڪ ۾ گهڻا ۽ گهڻن قسمن جا سڪا ٺھڻ ۽ هلڻ لڳا آهن، تڏهن سمجهو ته ملڪ ۾ مھانگ ٿيڻو ۽ ڏڪار اچڻو آهي. ٿوري رقم ڏيڻ سان ججهي شيءِ ملندي ته گهڻن سڪن جي ضرورت ئي نه ٿيندي. پر جڏهن گهڻي رقم ڏيڻ سان ٿوري شيءِ ملندي ته ضرور گهڻن سڪن ۽ گهڻن قسمن جي سڪن جي ضرورت ٿيندي، نه ته ملڪ جو واپار ۽ وهنوار هلي ڪين سگهندو.

ميرن جي وقت جا سڪا:

سو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ايترو ته سڪار ۽ سھانگ هو، جو گهڻن سڪن جي گهرج ئي ڪانه هئي. قدرتي سڪن يعني ڪوڏين سان ئي ڪم پيو هلندو هو. ٽامي جا سڪا فقط پايون، ڪسيرا، ۽ پيسا هئا. چانديءَ جا سڪا فقط رپيا هئا. سون جو سڪو جيتريقدر مون کي معلوم آهي، اوتري قدر ائين آهي، ته ميرن

جي طرفان ڪونه ٺھندو هو. بلڪ دهليءَ جي حڪومت ۽ ڪن ٻين وڏين حڪومتن جا سونا سڪا اتفاق سان سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ انھن کي سونيون مھرون ڪري سڏيندا هئا. اهي هئا سڪا، جي سنڌ ۾ چالو هئا. باقي گهڻي قدر ڏيتي ليتي وڻج واپار، ڌنڌو وهنوار، قدرتي سڪن يعني ڪوڏين ۽ ڪنھن شيءِ جي عوض ۾ اناج ڏيڻ سان هلندو هو. اڄ تائين به ڪيترن شھرن خاص طرح پراڻن شھرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ ڪوڏين ۽ اناج ڏيڻ جو گهڻو رواج آهي، ڪوڏيون پائيءَ جا ٽي چونڪ يا گهٽ وڌ ملنديون آهن.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

ڪتاب: ”ميرن جي صاحبي“، ڇاپو پھريون 1924ع،

الوحيد پريس ڪراچي،

ص 84-87

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org