|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

علمي ۽ ادبي خط
سيد علي مير شاهه، ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو
تعارف سيد علي مير شاهه
]سيد
علي مير شاهه 1933ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ جوڻا ضلع
بدين ۾ ڄائو، ثانوي تعليم جامعه عربيه هاءِ اسڪول
حيدرآباد ۽ مئٽرڪ هالا مان ڪيائين، ايم.اي عربي ۽
ايل.ايل.بي جي ڊگري ڪراچيءَ مان ورتائين. عربي
زبان جي حوالي سان هو عربيءَ جي وڏي عالم علامه
عبدالعزيز ميمنيءَ ۽ علامه دائودپوٽي جي شاگرد هئڻ
تي فخر ڪندو هو. 1962ع کان 1968ع تائين جامعه
عربيه ڪاليج حيدرآباد جو سربراهه ٿي رهيو. شاهه
صاحب کي عربي زبان ۽ ادب تي وڏي دسترس هئي، جو
بيشمار عربي اشعار سندس حافظي ۾ محفوظ رهندا هئا.
ان کانسواءِ هو فارسي زبان ۽ ادب ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي ڪلام جو به وڏو ڄاڻو هو، سندس آواز
رعبدار ۽ گرجدار هو ۽ ان انداز سان شاهه لطيف جا
بيت مجلسن ۾ پڙهندو هو.
شاهه صاحب زندگيءَ جو پويون وڏو حصو سماجي خدمتن
خاص طور سنڌ ۾ زراعت جي حوالي سان وقف ڪري ڇڏيو
هو. ان لحاظ کان هن سنڌ آباگار بورڊ قائم ڪيو ۽ ان
پليٽ فارم تان سنڌ آبادگار رسالو ڪڍندو هو جنھن ۾
زراعت بابت مضمون شايع ٿيندا هئا. ان رسالي ۾ شاهه
صاحب پنھنجا علمي ۽ ادبي، تحقيقي ليک خاص طور
اسلامي تاريخ ۽ شخصيتن جي حوالي سان شايع ڪندو هو
جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ ’سيرت صحابه‘ جي نالي سان
منظرِعام تي آيا. اهو زمانو هو جڏهن ڪالاباغ ڊيم
جي مخالفت ۾ به هن ڪردار ادا ڪيو.
آءٌ جڏهن 1987ع-1989ع ۾ بدين جو ڊپٽي ڪمشنر هئس ته
ان وقت شاهه صاحب سان ميل ملاقات جو موقعو مليو ۽
ان زماني ۾ هو سنڌ مان زرعي ترقياتي بئنڪ پاڪستان
جو ميمبر هو. آءٌ جڏهن شاهه ڪريم جي ملفوظات بيان
العارفين تي تحقيق ڪري رهيو هئس ته پاڻ ٻڌايائين،
ته هو خانداني طور شاهه ڪريم جا مريد آهن، انھيءَ
نسبت سان بيان العارفين جو نھايت خوشخط نسخو وٽس
خانداني طور موجود هو جيڪو ڪجهه وقت اڌارو ڏيڻ
قبول ڪيائين، جنھن جو پوءِ اسان مڪمل عڪس ’بيان
العارفين‘ سان شامل ڪري ڇڏيو.
شاهه صاحب عربي ادب ۽ علم انساب جي ماهر جي حيثيت
۾ هڪ مقالو منصور حلاج بابت 1988ع ڌاري سنڌ
آبادگار ۾ شايع ڪرايو هو، جنھن بابت مون کيس ڪجهه
معروضات لکي موڪليا هئا ۽ ان سان گڏ پنھنجو مضمون
جيڪو آڪٽوبر 1985ع ۾ جنگ ميگزين اخبار ۾ شايع ٿيو
هو موڪلي ڏنو هو. اها سندس علمي فضيلت هئي، جو
منھنجي خط جو تفصيلي جواب تحرير ڪري موڪيائين.
بلڪه جيئن ان خط ۾ لکيو اٿس ته پوءِ جڏهن اهو
مقالو هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ الڳ شايع ٿيو ته ان ۾
به منھنجو ذڪر خير ڪيائين.
شاهه صاحب زندگيءَ جي آخري سالن ۾ فالج جو شڪار
ٿيو جنھنڪري سندس هڪ هٿ ۽ بدن جو ڪجهه حصو متاثر
ٿيو، پر آخري وقت تائين سندس حافظو مڪمل طور محفوظ
هو. اهڙي وقت ۾ جيڪا يادگار ملاقات ٿي ان ۾ به
ڪيترا عربي اشعار حوالي طور برزبان دهرائيندو
رهيو. اها ملاقات سندس ڪراچيءَ واري گهر تي ٿي، جو
حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائين.
شاهه صاحب وفات کان اڳ پنھنجا ڪجهه ڪتاب منصوره
ڪاليج ڏيپر هالا کي ڏئي ڇڏيا هئا.
هي خط شاهه صاحب جي وسيع مطالعي ۽ سندس اسلامي
فڪرتي دسترس جو حامل آهي جنھنڪري اسان ان کي
’مھراڻ‘ جي صفحن جي حوالي ڪيو آهي. –
عبدالغفار سومرو، ڪراچي[
بسم اللہ الرحمٰن الرحیم
|
ٽيليفون 81274 ۽ 83598
14- اي/ڊي،
لطيف آباد-6، حيدرآباد
1989-1-9 |
Ali Mir Shah
Joona, Distt, Badin
Tel: 260 |
مڪرمي جناب سومرو صاحب
السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتھ
(1)
اوهان جو خط مؤرخه 89/12/25 مليو، منھنجي ڄاڻ
مطابق اردو زبان ۾ ’سيرت ابن منصور‘ نالي هڪ ڪتاب
موجود آهي، پر ان جو مصنف مولانا ظفر احمد انصاري
آهي نه ڪه اشرف علي ٿانوي. مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته
اهو ڪتاب هٿ ڪريان پر دستياب نه ٿيو، ٿي سگهي ٿو
ته ان ۾ ابن منصور جي شاعري بابت ڪو مبسوط مواد ۽
تبصرو هجي، ان ڪتاب جو مصنف ڪير به هجي، پر آءٌ ان
جي حصول جي ڪوشش ڪندس ۽ جيڪڏهن ڪا ڪم جي شيءِ ملي
ته مضمون ۾ اصلاح ڪندس، اوهان جي نشاندهيءَ لاءِ
ممنون آهيان.
(2)
مون وٽ ’طواسين‘ جو انگريزي ترجمو موجود آهي، ان
جون عبارتون مغلّق ۽ مبھم آهن. عربي ادب جي تاريخن
۾ حلاج کي قابل ذڪر شعراءَ ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي،
اڪثر و بيشتر هن جو ذڪر صوفين ۽ درويشن ۾ آيو آهي.
ابن نديم وفات 378هه حلاج جي تصنيفات جي فھرست ڏني
آهي، پر انھن مان ڪوبه قابلِ ذڪر ڪتاب شعر جو نه
آهي، تاهم هنن جو صوفيانه نڪتن ۽ هن جي نظرين کي
سمجهڻ لاءِ آءٌ طواسين جو وڌيڪ اڀياس ڪندس.
(3)
مون پنھنجي مضمون جي آخر ۾ حضرت امام ربانيءَ جي
راءِ نقل ڪئي آهي، جنھن مطابق شريعت اصل آهي ۽
طريقت ان جو ٻاهريون خول آهي. شريعت حاڪم آهي ۽
طريقت خادم- صوفين جي اڪابرين جو انھيءَ تي اجتماع
آهي. محي الدين ابن العربي جنھن کي صوفياءِ ڪرام
’الشيخ الاڪبر‘ جي لقب سان ياد ڪن ٿا تنھن جو
فرمودو آهي.
”لا يصحِّ لعبد مقام المعرفة بالله وهو يجهل حکمئا
واحداً من شرائع الانبياءِ“
يعني: ”اهڙي بندي لاءِ معرفت الاهيءَ جو مقام حاصل
ڪرڻ محال آهي جو انبياءِ جي شريعت جي ڪنھن هڪ حڪم
کان به غفلت ڪري.“
ڪلابازي، غزالي، عبدالقادر جيلاني، هجويري، عوارف
المعارف جو مصنف شھاب الدين سھروردي ۽ ٻيا اڪابر
سالڪ لاءِ شريعت جو اتباع ضروري بلڪه سلوڪ ۽ طريقت
کي شريعت جي مقاصد جي حصول لاءِ هڪ لازمي ذريعو
ٺھرائين ٿا. حلاج بابت آڳاٽن مؤرخن ۽ تذڪره نگارن
جا حوالا مون پنھنجي مضمون ۾ پيش ڪيا آهن. امام
غزاليءَ ۽ ٻين هن جو دفاع محض ان بنياد تي ڪيو
آهي، ته هن ڏانھن جيڪي غير شرعي اقوال منسوب ڪيا
آهن، سي هن حالت سڪر ۾ چيا آهن ۽ ان ڪري شطحيات جي
زمري ۾ اچي وڃن ٿا جن لاءِ هو معذور آهي.
(4)
اوهان بلڪل بجا طور تي عنوان هيٺ لکيل شعر بابت
منھنجي غلطيءَ جي نشاندهي ڪئي آهي. ’ابيات سنڌي‘
منھنجو ٻه ڀيرا پڙهيل آهي، پر اهو شعر ڪن رسالن ۾
به اچي ويو آهي. بلڪل ائين جيئن شاهه ڪريم، شاهه
عنايت ۽ ٻين بزرگن جا ڪي بيت ان ۾ آيل آهن. ان ڪري
اهو مقالو لکڻ وقت مون ان کي شاهه جو بيت ڪري لکيو
آهي. گرهوڙي ۽ دائودپوٽي ان کي خواجه محمد زمان جو
ڪلام تسليم ڪيو آهي، انھن ٻن صاحبن جي تائيد جي
مقابلي ۾ في الوقت اسان وٽ ٻي ڪابه قوي شھادت
موجود نه آهي، جا ان کي لطيف جو ڪلام ٺھرائي.
اوهان ان سھو ڏي اشارو ڪري منھنجي رهنمائي ڪئي
آهي.
(5)
اوهان جو مضمون پڙهيم، بلاشبه اوهان ان سبجيڪٽ تي
وسيع مطالعو ڪيو آهي. درحقيقت ابن منصور کي عجم ۾
عطار ۽ روميءَ جھڙا مداح
(Exponents)
ملي ويا. ان ڪري فارسي زبان ذريعي حلاج کي ’توحيد
وجودي‘ جو شھيد ڪري پيش ڪيو ويو. سنڌ ۾ عربن جي
دور کان پوءِ فارسيءَ جو رواج پيو ۽ فارسي شاعريءَ
۾ ’ابن منصور جي شھادت‘ جيڪو جذب ۽ ڪيف ڀريو، سو
هند ۽ سنڌ ۾ پھتو، جتي فارسيءَ جي حڪمراني هئي اتي
حلاج جو ذڪر عام هو.
مصر، شام ۽ المغرب ۾ ابن منصور کي اها عمومي شھرت
حاصل نه ٿي جيڪا فارسيءَ جي ذريعي هن کي مشرق ۾
حاصل ٿي. شاهه عبداللطيف جي زماني ۾ سنڌ ۾ فارسي
سرڪاري، درٻاري ۽ اعليٰ حلقي جي زبان هئي. لطيف جا
ٺٽي، سيوهڻ، کھڙا ۽ ٻين هنڌن تي علماء سان رابطا
هئا. هن جي ڪلام ۾ ابن منصور جو نه فقط ذڪر آهي پر
ڪن داستانن جي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هن
علماءَ جي مجلسن ۾ يا ذاتي مطالعي سان عطار جو
’تذڪرة الاوليا‘ چڱيءَ ريت سمجهيو آهي جو هو ان
کان متاثر ٿيو آهي.
ڪلياڻ داستان ٻيو جو پھريون بيت:
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سوريءَ تان.
ان ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
(6)
عجم ۾ هند سنڌ جي مجذوبن ۽ صوفي شاعرن ۾ حلاج جي
عمومي مقبوليت تي سرمد جو اهو شعر به گواهي ٿو ڏئي
جنھن ۾ هو چوي ٿو:
عمرسيت که افسانهء منصور کهن شد،
من از سر نو جلوه دهم دار و رسن را.
(گهڻي وقت کان منصور جو قصو پراڻو ٿي ويو آهي، مان
نئين سر سوريءَ کي سينگار ڪرايان ٿو).
سچل فقير به ڪُنيءَ جو ڍڪ لاٿو ته ماڻھن کيس
’منصور ثاني‘ ڪوٺيو.
بھرحال اوهان جي تحرير ڏسڻ کان پوءِ مون ان مضمون
کي ٻيھر ڇپائڻ وقت ان ۾ ڪن تصحيحن ۽ ڪن اضافن جو
فيصلو ڪيو آهي. ان لاءِ شڪر گذار آهيان.
فقط والسلام
نيازمند
علي مير شاهه
ڊاڪٽر دُرشهوار سيد

شاهه عبداللطيف جي عڪسي شاعري
سنڌ جي پھرين نياڻي، جنھن ايڊمبرا يونيورسٽي مان
1984ع ۾ شاهه عبداللطيف جي فڪر تي
Ph.D
ڪئي،. جيڪاThe
Poetry of Shah Abdul Latif”
عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ 1988ع ۾ شايع ڪئي، اچانڪ
وفات ڪري وڃڻ ڪري، ڪيتروئي سندس مواد اڻ ڇپيو رهجي
ويو، ان منجهان هي مضمون پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.
–آزاد قاضي
شاهه صاحب کي قدرت شاعريءَ جھڙي ڏات سان نوازيو
هو، شاهه صاحب پنھنجا جذبا ۽ احساس عڪسي شاعريءَ
ذريعي تخليق ڪري ايندڙ نسل لاءِ بي بھا خزانو ڇڏي
ويو آهي. شاهه صاحب ڪيترن ئي واقعن ۽ نظارن کي
لفظن جو جامون پھرائي، اهڙي سھڻي انداز ۾ پيش ڪيو
آهي، جو محسوس ائين ٿئي ٿو ته اُهي ڪردار جيئرا
ٿي، وري اسان جي سامھون ٻي زندگي گذاري رهيا آهن.
يا ائين کڻي چئجي ته شاهه صاحب جا ڏنل منظر ۽
وارداتون محسوس ڪيل جذبا ۽ واقعا ۽ لمحا، عڪس،
شاعريءَ ذريعي ائين پيش ٿيل آهن، جيئن مووي ڪيمرا
۾ يادگار گهڙيون محفوظ ڪيون وينديون آهن. جيڪي
Replay
ڪري گذريل خوشگوار گهڙين مان ٻئي دفعي يا بار بار
لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو.
شاهه لطيف روزمره زندگيءَ ۾ جيڪي واقعا، منظر ۽
جذبا محسوس ڪيا، اُهي عڪسي شاعريءَ ذريعي ٻيھر
تخليق ڪري پڙهندڙن کي به انھيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ
جو موقعو ڏنو اٿس. هتي انھن مان ڪجهه مثال پيش ڪجن
ٿا.
سرڪاپائتي ۾ محسوس ٿئي ٿو ته شاهه صاحب ڪَتڻ وارين
جي آتڻ جي پاسي مان گذريو هوندو، جتي ڪي عورتون ڪم
جون چست هونديون، پر ڪي وري سُسُت به هونديون،
جيڪي بھانا ڪري ڪم کان پيون لنوائينديون هونديون،
شاهه صاحب انھن سُسُتُ عورتن کي هن طرح نصيحت ڪئي
آهي:
سون ساريڪا هَٿڙا، ڪوهُه نه ڪَتِئين رَڏِ؟
ويھي ڪُنڊَ، ڪاپوڪر، گهُتُون گوهِيُون ڇَڏِ،
ته صرافاڻي سَڏِ، مَــرَڪِيو هوندِ مٽائيين.
شاهه صاحب محسوس ڪيو ته هرڪا ڪتڻ واري سچائيءَ سان
ته ڪم ڪانه پئي ڪري، پر ڪجهه نه ڪجهه ڪري پئي،
انھيءَ ڪري چيو اٿس ته:
محبت پائي من ۾، رَنڊا روڙيا جَن،
تَنِ جو صَرافَن، اڻ توريو اَگهائيو.
شاهه صاحب جي دور ۾ مغربي قومون آهستي آهستي
پنھنجا سنڌ ۾ قدم ڄمائي رهيون هيون، جن کان اسان
جا ماڻھون بي خبر هئا. شاهه صاحب هيٺئين بيت ۾
انھن ڏانھن نه صرف اشارو ڪيو آهي، پر اهو منظر
ٻيھر تخليق ڪري پڙهندڙن جي اکين اڳيان آڻي بيھاريو
آهي:
دَنگي وچ درياهَه، ڪي ٻُڏي ڪي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سُنھڻَ سڀ سڙيا،
مُعلَمَ ماڳ نه اڳيين، ڦلنگي منجهه ڦِريا،
ملاح! تنھنجي مَڪڙئ اَچي چورَ چڙهيا،
جتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تتي تاري تنھنجي!
شاهه صاحب پنھنجي دور رس نظر سان پرکيندي قوم کي
انھن لٽيرن کان اڳواٽ خبردار ڪيو آهي.
شاهه عبداللطيف جا عڪس ڳوڙها ۽ تمام گهڻ رخا آهن.
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪيترا ڪردار ۽ شيون اهڙيون
ملنديون، جن کي شاهه صاحب ٻيھر تخليق ڪري انھن کي
جاندار بنايو آهي. مثال طور سج جو عڪس شاهه جي
شاعريءَ ۾ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد جو مظاهرو ٿو ڪري،
انھيءَ جي برعڪس جلال الدين رومي سج جو پرستار ٿو
ڏسجي، جيڪو سج جي تعريف ڪندي، انھيءَ جي مان مرتبي
کي بيان ڪندي لکي ٿو ته، سج سمبل آهي باري تعاليٰ
جي عظمت جو، سج سڄي دنيا کي روشني ۽ گرمي پھچائي
زندگي بخشي ٿو.
شاهه لطيف وٽ سج جا ٻه روپ آهن، هڪڙو ظلم، ڏاڍ،
سختيءَ وارو آهي، تمام ٿورين جاءِ تي سونھن ۽
سوڀيا وارو خيال به پيش ڪيو اٿس، سر مومل راڻي ۾
ساميءَ جي سونھن جي تعريف سج سان ڀيٽي ڪئي وئي آهي
مثلاً:
سج سڀاڻي جا ڪري، ساميءَ سائي رُوءِ،
اچي ٿي عطر جي، منجهان منگٽ بُوءِ،
سا ڏيکاريھُون جوءِ، جئان لاهوتي لال ٿيو.
گهڻو ڪري شاهه جي ڪلام ۾ سج عڪس ظالم ۽ تشدد پسند
پيش ڪيو ويو آهي. سُر سھڻي، سُر سسئي آبري، سُر
حسيني، سرُ معذوريءَ ۾ سج جي ڏهڪاءُ ۽ بربريت
وارو روپ پيش ڪيو ويو آهي، مثال طور سُرسھڻيءَ ۾
شاهه صاحب هيئن اظھار ڪري ٿو:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جَمُرَ جَــرَ،
ڪوسا تپن ڪَڪِرا، ٻي دَمِ دم تپي ڌَر،
ويچاريءَ ڏِي وَرَ، پيرُ نه لھي پرينءَ جو.
شاهه صاحب کي اهڙيون شيون ناپسند آهن، جن جو بنياد
ڏاڍ، ظلم ۽ بربريت تي هجي، اهڙن خيالن کي شاهه
صاحب پنھنجي بيتن ۾ قلمبند ڪيو آهي.
سج جي برعڪس شاهه صاحب چنڊ کي ٿو پسند ڪري، چنڊ جي
ٿڌي ٿڌي چانڊوڪي اکين کي ٺار ۽ من کي سڪون ٿي
پھچائي، شاهه صاحب انھيءَ پرسڪون ماحول جو عڪس ان
وقت ٿو پيش ڪري جنھن وقت چنڊ اڃان اُڀرڻ جي ٿو ڪري
ته انھي لمحي، شاهه صاحب کيس پرينءَ لاءِ پيغام هن
ريت ٿو ڏئي:
نا سيدي نِھارَ، پھرين ڪج پرينِ ڏي،
آئون جي ڏيئين سنيھا چئج چنڊ اَڀارَ،
ساجن! سڀ ڄمار، اکيون اوهين جي آسري.
چنڊ جو ٻيو به هڪ سھڻو عڪس پيش ٿو ڪري، جنھن ۾ هڪ
پريمي پنھنجي محبوب لاءِ تمام نھٺائيءَ سان چنڊ کي
منٿ ٿو ڪري ته سندس طرفان وڃي محبوب کي پيرين پئي
آهستگيءَ سان پيغام رساءِ:
چڱا چنڊ چئيج، سنيھا کي سڄڻين،
مٿان اَڱڻِ اُڀري پِرين جي پئيج،
جهِيڻو ڳالھائيج پيرين وِجهي هَٿِرا.
هن بيت ۾ ناراض دوست جو عڪس پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو
هٿين پيرين پئي پنھنجي محبوب کي پرچائڻ لاءِ چنڊ
کان قاصد جو ڪم ٿو وٺي، چنڊ کان علاوه شاهه صاحب
ڪانگ کي پيغام رسائيندڙ سڏيو آهي. خالص ڳوٺاڻي
ماحول ۾ اهڙا نظارا اڪثر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جتي
گهريلو عورتون پنھنجي دل جو حال ڪانگ کي ٻڌائي،
محبوب لاءِ پيغام ڏينديون آهن. يقيناً شاهه صاحب
اهو منظر ڏٺو هوندو ۽ انھيءَ کي لفظن ۾ هن ريت
ٻيھر تخليق ڪيو اٿس:
اُڏر لڳ اَللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وچ ۾،
آئون جو ڏيانءَ سنيھو، سانڍ برابر ساهه،
سندي ڳُجهاندَر ڳاهه، ڪھج مَ قريبن رئ.
شاهه صاحب پنھنجي ڪلام ۾ جن به عورتن جو ذڪر يعني
عڪس پيش ڪيو آهي، اُهي پُرعزم دلبر، مشڪل کي منھن
ڏيڻ واريون ۽ بھادر عورتون هيون، مثال طور سھڻي،
سسئي ۽ مارئي ٽئي بي ڊپيون ۽ مستقل مزاج عورتون
هيون، جيڪي ڪنھن به تڪليف کان ڊڄي پوئتي نه هٽيون.
سُر ڪوهياريءَ ۾ سسئي جبل جي سختيءَ ۽ ظالماڻي
روشُ تي اُن کي تنبيهه ڪندي هن ريت هڪل ٿي ڪريس:
تپي ڪندين ڪوهُه؟ ڏونگر! ڏُکوين کي،
توجي پَھَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱ منھنجا لوهُه،
ڪنھنجو ڪونھي ڏوهه، اَمُرَ مون سين ائين ڪيو.
سُر حسينيءَ ۾ شاهه صاحب سسئي جي جبل جهاڳڻ وارو
منظر هن ريت پيش ڪيو آهي:
تِپُون ڇپر کٽ، پھڻ پٿراڻيون ڀانئيان،
جتي رهان راتڙي، مِروُن منھنجا مِٽَ،
سڻين جيءَ سَھَٽَ، ڏونگر ڏولي مون ٿيو.
ڇپرکٽ هونئن ته خوشحاليءَ جي نشاني آهي، جنھن تي
پٿراڻيون وڇائي ان کي وڌيڪ آرامده ڪيو ويندو آهي،
پر سسئي کي ڇپُون يعني کھرا جبل ۽ پٿر به سندس
پنھونءَ لاءِ سچائيءَ ۽ عزم جي ڪري هن کي نرم
بسترو ٿي لڳا ۽ جهنگل جي جانورن سان هن رشتو جوڙي
انھن کي پنھنجو مائٽ ٺاهي ڇڏيو. ان خيال جي، شاهه
صاحب تمام سھڻي منظرڪشي ڪندي، تاثر ڏنو آهي ته
سسئي سيج تي ويٺي آهي ڄڻ ڏوليءَ ۾ ڪنوار ٿي ساهرين
پئي وڃي.
سھڻيءَ جو مسئلو اڃان پيچيده هو، ڇو ته هُو شادي
شده هئي، تنھنڪري نه صرف سماج ۽ مڙس جي هن تي روڪ
ٽوڪ هئي پر ڪاري ڊيڄاريندڙ رات ۽ دهشت ڀريو درياهه
به سندس رستو روڪيو بيٺا هئا. شاهه صاحب انھن سڀني
شين جو عڪس گڏي هڪ ڀيانڪ منظر هن ريت پيش ڪيو آهي:
پل پل ٿي پَلي ڏُمَ ڏيھاڻي ڪيترو،
پسي دور درياهه جو، وچان ڪِينَ وَلي،
ڪاري رات قريب ڏي، منجهان حُب هلي،
نه ڪنھن جهول جهَلي، هئي سَمَن پوري سھڻي.
سھڻي ڇو ته پنھنجي ميھار سان واعدو ڪري چڪي هئي،
تنھنڪري درياهه جي ديوانگي ۽ رات جي ڀنوائتي
اوندهه ۽ ڏم جا دڙڪا، هن کي پنھنجي پختي ارادي تان
هٽائي نه سگهيا.
مارئي جو پيار مارو (يعني کيت سين) مارُن ۽ ملير
سان اڻ ٽٽندڙ هو. جنھن کي شاهه صاحب پنھنجي
شاعريءَ ساڻ امر ڪري ڇڏيو.
مارئيءَ عمر جھڙي بادشاهه جو رشتو، پنھنجي غريب
ماروءَ جي ڪري ٺڪرائي ڇڏيو، محلن جون موجون، پلاءَ
۽ قورما ۽ آرام واري زندگي هُو پاڻ تي حرام سمجهي
عمر کي چوي ٿي:
پٽ نه پھريان سومرا! جا نڪي تان جئان،
آئون ڪئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏيھان،
جانسين ٿي جئان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
اڳتي هلي جڏهن مارئيءَ کي شڪ ٿو پوي ته متان جيئري
کيس آزاد نه ڪيو وڃي، ته مئي کان پوءِ لاءِ به
پارت ڪريو ٿي ڇڏي، ته اي عمر منھنجو لاش به منھنجي
وطن ڏي موڪلج، منھنجو لاش جڏهن ملير جي مٽيءَ ۾
دفن ٿيندو ته مون کي سمجهو ٻي زندگي ملي ويندي.
شاهه صاحب هيٺين بيت ۾ مارئيءَ جي آخري وسعت جي هن
طرح منظرڪشي ڪئي آهي:
واجهائي وطن کي، آئون جي هت مُياس،
گور منھنجي سومرا! ڪج پنھوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻين ڏيھه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
نصير مرزا

امر جليل صاحب، جيئن مون پڙهيو، ڏٺو ۽ ٻڌو
هي آءٌ پنھنجي پسنديده ترين افسانه نگار ۽ سنڌي
سماج جي لاءِ عظيم مزاحمتي قلمڪار ۽ موٽيويشنل
مقرر
امر جليل صاحب بابت ڪو مقالو نه پر پنھنجا تاثرات
لکي رهيو آهيان.
۽ هتي... هي آءٌ ئي ڇا، سڀ پڙهندڙ پڻ آگاهه، ته
امر جليل صاحب ڪنھن به تعارف جا محتاج ناهن. هو
سنڌي ادب ۾ عظمت جي اعليٰ مقام ۽ معيار تي پھتل
عظيم شخصيتن ۾ شمار ٿي چڪا آهن. خاص ڪري سنڌ جي
نوجوانن لاءِ پاڻ اتساهه جو سبب آهن. جيئن سنڌي
ادب کي هڪ کان هڪ شاهڪار ڪھاڻيون ڏنيون آهن، ’اروڙ
جو مست‘.... ’سرد لاش جو سفر‘... ’جرنيل هوشو‘،
’تاريخ جو ڪفن‘، ’هڪ دؤر جو ماتم‘، ’سچل سرمست ان
ٽربل‘، ’ڪپيل ٻانھن جو وارث‘ ۽ ’منھنجو ڏس آسمان
کان پُڇو‘....
علاوه ڪھاڻين جي امر جليل صاحب جا ريڊيو لاءِ لکيل
ڇا ته زبردست ڊراما... جن ۾ نمايان هئا ’درياهه
توتي دانھن‘، ’زخم زندگيءَ جا‘ ۽ ’سڄڻ سفر
هليا‘... ۽ جن سنڌي فلمن لاءِ امر صاحب زبردست ڦڙت
۽ چست ڊائلاگ لکيا انھن جا نالا آهن: ’نوري ڄام
تماچي‘، ’گهونگهٽ لاهه ڪنوار‘،’بادل‘، ’مٺڙا شال
ملن‘ ۽ ’البيلي‘.
آگاهه رهو ته امر جليل صاحب هڪ اڻٿڪ قلمڪار آهن،
جنھن جي تحرير جو ڦھلاءُ سمنڊ مثل آهي. ڪھاڻين سان
گڏوگڏ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪالم نگاري پوءِ
مختلف سنڌي ٽي.وي چئنلنز لاءِ سندن لانگ پليز،
سيريلز ۽ ليڪچر پروگرام. ڪنھن کان وسريا هوندا،
هتي اسين ستن سمونڊن جهڙي قلمڪار کي محض پنجن ستن
صفحن ۾ سميٽي ئي نه ٿا سگهون...
امر جليل پنھنجي ذات ۾ هڪ بي انتھا رومينٽڪ شخص
آهي، پر هن جو قلم ذوالفقار تلوار وانگر دو ڌاري
آهي. يعني ٻنھي طرفن کان تيز ۽ تکو. ظالم سماج
خلاف هو ويڙهاڪ ليکڪ طور به سامھون آيو هو. ان ڏس
۾ ڪنھن وقت پروفيسر ناگپال صاحب کي هڪ انٽرويو ۾
چيو هو ته....

منھنجو لکڻ، دراصل ري-ايڪٽ آهي ۽ حالتن خلاف ري
ايڪشن ڏيکارڻ منھنجي جبلت ۾ آهي. لکڻ مون وٽ شوق
نه، ضرورت آهي. اگر لکان نه ها ته اسٽريٽ فائٽر
هجان ها، ظالمن کي ڳٿڙ مان جهلي ۽ پجيرو مان لاهي
ٺونشا هڻان ها. ڪوڙن ۽ دوکيبازن جي گهرن تي حملا
ڪريان ها، مطلب ته وان ڊين وانگر هجان ها. تڏهن
پرک رسالي لاءِ انٽرويو وٺندي، امر جليل صاحب کان
پڇيو هيم، توهان اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇو ٿا لکو؟
وراڻيائين ته ٻوليون اظھار جو ذريعو ٿينديون آهن.
آءٌ اردو ۾ لکان انگريزي ۾ يا سنڌيءَ ۾ منھنجو اول
۽ آخر موضوع آهي: سنڌ... سنڌ ۽ صرف سنڌ. جو سنڌ ۽
سنڌي ٻولي ئي منھنجي سڃاڻپ آهي. سنڌ جي ذڪر ۽ سنڌ
بابت آواز اٿارڻ کان سواءِ آءٌ بيڪار آهيان. پوءِ
امر صاحب هي به چيو، منھنجي لکڻ تي جي ڪنھن پابندي
وڌي، ته آءٌ هي ملڪ ڇڏي ويندس، جو دنيا جي ڪئين
ليکڪن جلاوطني ۾ پنھنجي وطن بابت لکيو آهي ۽ آئون
به جلاوطني ۾ سنڌ بابت لکڻ لاءِ تيار آهيان.
اسان جو هي امر جليل صاحب، ”سنڌو“ جنھن جي ساهه ۾
آهي ۽ سندن جيئڻ مرڻ سڀ سنڌ لاءِ آهي، ڪنھن وقت
علي الاعلان هي به لکيو هئائون ته:
پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ ڏوهه آهي ته پوءِ مان
ڏوهاري آهيان. ۽ ان ڏوهه لاءِ جيڪڏهن مون کي
گوليءَ سان اڏايو وڃي ته مان اڄ به ان لاءِ تيار
آهيان.
هتي هي به پوري اعتماد سان پيو لکان ته شاعري
ذريعي سنڌ اندر سجاڳي، شيخ اياز صاحب جي هنن سٽن
”سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو“ يا ”سنڌ ديس جي ڌرتي
توتي پنھنجو سيس نمايان“ سان سجاڳي آئي. ائين نثر
ذريعي سنڌ جو جوان خون يعني خاص ڪري شاگرد طبقو
امر جليل صاحب جي نثر سان ئي سجاڳ ٿيو. مون بطور
اسٽيج سيڪريٽري شيخ اياز صاحب جون ڪي شامون ملھائڻ
۾ گڏ رهيس ته امر جليل صاحب جون به. ۽ پنھنجي اکين
سان مون ڏٺو ته ڊائيس تي خطاب لاءِ اچڻ جي دعوت
شيخ اياز صاحب کي مون ڏني پئي ته ماڻھن صرف زبردست
تاڙيون ٿي وڄايون پر جيئن ئي چيم ٿي، اچن ٿا
امرجليل صاحب، ته هزارن جو مجموعو آڌرڀاءَ
لاءِ اُٿي بيھي ٿي رهيو. ۽ اهڙو سڀاڳ سنڌ ۾ اڄ
تائين امر جليل صاحب کان سواءِ ڪنھن به قلمڪار کي
حاصل ٿي نه سگهيو آهي. ان کان علاوه امر جليل صاحب
اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ جو اهو واحد پسنديده ليکڪ
ثابت ٿيو آهي، جنھن جو هر ڪتاب شايع ٿيندي ئي
بازار مان ختم ٿي ويندو آهي. آءٌ هتي هي به لکڻ
چاهيان ٿو ته امر جليل صاحب بي خوف ۽ بھادر قلمڪار
آهي. هو قضا ۽ فنا کان بلڪل ئي خوفزده نٿو رهي.
بابر بادشاهه طاقت ور بادشاهه هو. جنھن چيو هو ته
بابر به عيش ڪوش ڪه عالم دوباره نيست. پوءِ هن چيو
ته ڪو به ماڻھو نوي سال جيئي يا نوَ سئو سال، مرڻو
ان کي هر حالت ۾ آهي.
عظيم ڪھاڻيڪار چيخوف چيو هو، ڪو به ليکڪ ڪيڏو به
عظيم ڇو نه ادب تخليق ڪري پر هڪ ڏينھن نيٺ مري
ويندو. ان ڪري زندگيءَ ۾ ئي ان کي مانُ ڏيو. ان
ڪري اسان جي ڀٽائي صاحب فرمايو آهي: ’جيڪي مُئي
ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري‘. سو دل چوي ٿي ته امر
جليل صاحب جي حياتيءَ ۽ زندگيءَ ۾ ئي کين خوشيون
ڏنيون وڃن. سندن مجسما ٺهرائي ادبي ادارن جي
ايوانن ۾ نصب ڪرايا وڃن ۽ هن سان وڌ ۾ وڌ شامون پڻ
ملھايون وڃن.
امر صاحب سان هن شام جو خيال اسان جي عبدالحميد
آخوند پاران آهي ۽ ياد پيو ڪريان ته شايد هي 72-
1971ع ڌاري امر جليل صاحب جي ڪھاڻي ڪتاب ”دل جي
دنيا“ تي رائيٽرس گلڊ پاران کين بھترين ڪھاڻيڪار
جو ايوارڊ ڏنو ويو ته اهي حميد آخوند صاحب ئي هئا،
جن پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد جي ڊائريڪٽر واري
حيثيت ۾ امر جليل صاحب سان شايان شان شام ملھائي
هئي.
ائين ٿورا سال ٿيا، پريس ڪلب حيدرآباد جي آڊيٽوريم
۾ جليل صاحب سان، نوجوان صحافي، اي.جي.چانڊيي
زبردست شام جو انتظام ڪيو هو ۽ مون ئي ان پروگرام
کي هلايو هو.
امر جليل صاحب.... جنھن جي زندگي اسان کي بيحد
عزيز آهي. ۽ جنھن جو افسانوي اسلوب سنڌ جي نوجوانن
لاءِ هر دؤر ۾ هردلعزيز رهيو آهي، ۽ جنھن جي هر سٽ
وقت جو آواز آهي. هو سنڌ جي ناراض نسل جو آدرش
آهي. هن جي بھادر ۽ بيباڪ قلم مان ڪڏهن سچل سرمست
جو نعرو انالحق ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ڪڏهن سرمد ۽
منصور جون صدائون بلند ٿينديون پئي رهيون آهن. هن
جي قلم کي آءٌ دولھه دريا خان جي تيز رفتار گهوڙي
سان به تشبيھه ڏيندو رهيو آهيان. هن جي تيز تر
رفتار ۾ لکيل نثر کي همعصر ليکڪن ۾ انتھائي
انفراديت حاصل آهي. جنھن جي تاثر ۽ تاثير جي ته
ڳالھه ئي الڳ آهي.
سڀ پڙهندڙ گواهه ته هن جي تحرير پڙهڻ بعد وڏي کان
وڏي ۽ عظيم کان عظيم تر ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻي يا نثر
کي.... پڙهي ناهي سگهبو. ان لاءِ جو هن جي تيز
رفتار نثر جو جادو دير تائين دماغ تي حاوي رهندو
آهي. امر جليل صاحب جي ان گُڻ کي ڏسي، همعصر
ڪھاڻيڪار نسيم احمد کرل، هن کي واچوڙو ڪھاڻيڪار
سڏيو هو.
پنھنجي سڀاءَ ۾، امر جليل اڄ به تيز رفتار
ڳالھائيندڙ هستي، ۽ اينگري اولڊ مئن لڳندو آهي.
پنھنجي عزيز ترين دوست قمر شھباز کي هڪ ڀيري چيو
هئائين:
”دل چوي ٿي ڊڪندو رهان ڊڪندو رهان ڊڪندو ئي رهان ۽
ڪٿي هڪ پل لاءِ به نه ترسان... ۽ بس ڊڪندو ئي
رهان.“
ڪرڪيٽ امر صاحب جي پسنديده راند رهي آهي، ائين پاڻ
ڪھاڻيءَ جي پِچ تي به .... قلم سان ڪھاڻين جا ڇَڪا
پئي ڇڪيا آهن، جن سان سماجي ۽ معاشرتي خرابين جي
کڙڪين جا هن شيشا ٺڙاڪ ٺڙاڪ ڪري پئي ٽوڙيا آهن.
”سرد لاش جو سفر“، هن جي هڪڙي اهڙي ڪھاڻي هئي جنھن
سنڌي سماج کي ڌوڏي ڇڏيو هو ۽ خود امر صاحب جي لاءِ
به وڏا ڏچا پيدا ڪري ڇڏيا هئا.
هن وقت 88 ورهين تائين واري زندگيءَ دؤران به
پنھنجي تيز رفتار قلم سان هو اڻٿڪ اننگ کيڏندو ٿو
رهي پر ڪڏهن ڪڏهن هاڻي هو هي به ته چوڻ لڳو آهي
”ڀڪشو پوڙهي گهوڙي مثل ٿي ويو آهي.“ سندس ان جملي
کي پڙهڻ بعد مون دل ۾ سدائين چيو هوندو ته سنڌي
ڪھاڻي جا اي مرد قلندر - ڇو ٿا وساريو ته مرد ۽
گهوڙا پوڙها ڪڏهن به ناهن ٿيندا.
۽ هاڻي آخر ۾ لکڻ چاهيان ٿو ته: ڪھاڻي هجي، ريڊيو،
ٽي.وي، اسٽيج لاءِ ڊرامو يا سنڌي فلمون، امر جليل
صاحب ڊائلاگ لکڻ جو، بادشاهه نه شھنشاهه آهن. انھن
سڀني ميڊيمس ۾، ڊائلاگ سندن اسڪرپٽ جي جان هوندا
آهن، جيڪي پڙهندي يا ڪنھن صداڪار اداڪار واتان
ٻڌندي، اسان کان ٻيو ساهه کڻڻ ئي وسري ويندو آهي،
جن ۾ طنز پوشيده هوندي آهي ته پيغام به.
امر صاحب جي اموشنل ڊائلاگس جي هڪ جهلڪ... جيڪي
سندس شاهڪار ڊرامي سڄڻ سفر هليا مان آهن، جن لاءِ
مون کي وهم ته امر جليل صاحب اُهي ڊرامي جي هيرو
”عابد“ لاءِ نه... پر پنھنجي لاءِ ئي لکيا آهن.
اهي هتي ٿورو غور سان پڙهو، جو انھيءَ کان پوءِ هن
تحرير مان آئون اوهان کان موڪلائيندس.
-
مون به پٿر جي هڪ بُت کي چاهيو هو. کيس پنھنجي دل
جي شيش محل ۾ ويھاري زندگي سينگارڻ جي ناڪام ڪوشش
ڪئي هئي. پر مون کي خبر نه هئي ته هڪ ڏينھن، پٿر
جو بُت، دل جو شيشو چُور چُور ڪري، منھنجي زندگيءَ
کان ڌار ٿي ويندو. مان کيس اڃا ڇو نه وساري سگهيو
آهيان. منھنجي حياتي جي هنج ۾، ناڪامين جو لاش
آهي، مان شايد – کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
۽ ان ڊرامي جو هي آخري ڊائلاگ به ڏسو:
-
مان ٻٻر جي ٽاري آهيان. بھارون منھنجي لاءِ بي وفا
آهن. وقت مون لاءِ ڪات ثابت ٿيو، جدائيءَ جو هڪ هڪ
ڏينھن، درد جو هڪ نه کُٽندڙ طويل سفر ٿي ويو آهي.
تنھنجي ياد منھنجي دل جو داغ آهي.... مون سھڻ سکيو
آهي، نجمه... جيئندس ته اميدن جو لاش کڻي جيئندس،
مرندس ته منھنجو روح مايوسين جي، اونداهن آسمانن
تي ڀٽڪندو رهندو....
-
مان پٿر جو بُت ڏسڻ چاهيان ٿو، مقدر جي سڪرات ڏسڻ
چاهيان ٿو. اڀاڳ جي بڙڇي، هن هيانوَ ۾ کائڻ چاهيان
ٿو. مان ڌرتيءَ جي ڌوڙ زمين جي خاڪ آهيان. هڪ
بيڪار بي سود ڪَکُ آهيان. منھنجي محبت صحرا جي سُڃ
آهي رُڃ آهي. آءٌ سڪندر آهيان، مون کي آبِ حيات جي
تلاش آهي.
-
مون کي محبت ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي نجمه... مان مفلس
آهيان، مجبور ۽ لاچار آهيان. مان توکي وساري
ڇڏيندس نجمه، توکي وساري ڇڏيندس – ها ... ها، مان
– هليو ويندس. پنھنجي محبت جو لاش. پنھنجي ڪلھن تي
کڻي هتان هليو ويندس. مان هليو ويندس. هميشه هميشه
لاءِ – هليو ويندس... هليو ويندس. |