|
ڪهاڻيون

(جنم: 1951ع )
گهڻا- گهڻا سال اڳ.
سپنو ڏٺو هئم
ته اگهاڙن پيرن رڻ ۾ پئي ٿي هلان (جڳن کان)باهه ۾
ٻرندڙ سج جو گولو ڌرتيءَ تي لھي آيو آهي ۽ منھنجا
پير تپي ٽامو ٿي ويا آهن دور- تائين منھنجن پيرن
جا نشان ڦھليا پيا آهن.
اهو سپنو آءٌ اڄ به ڏسندي ٿي اچان.
۽ منھنجا پير اڄ به تپي ٽامو ٿي ويندا آهن.
اهڙن لمحن ۾ مون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون آهن
ڪيتريون ڦاڙي به ڇڏيم. لکڻ مون لاءِ اهڙو مسلسل
عذاب رهيو آهي جنھن مان پاڻ آجو ڪرائڻ مون ۾ ساهس
ڪونھي. لکڻ ڪارڻ مون پاڻ کي جڳن کان صليب تي ٽنگيل
ڀانيو آهي ۽ پنھنجن هٿن جون ڏهه ئي ڪپيل آڱريون
ٿوهر جا ڪنڊا ڀانيو اٿم. پوءِ جيڪر منھنجن لفظن ۾
ڪو زهر آهي به ته انھي ۾ ڀلا منھنجو ڪھڙو ڏوهه؟
ڪڏهن ڪڏهن اهوئي زهر نس نس ۾ ڊوڙندو محسوس ٿيندو
اٿم. اهڙن لمحن ۾ ڏاڍي تيزيءَ سان لکندي آهيان پر
جيڪر زهر جي اهائي ڌارا امرت ڌارا بڻجيو پوي ته
لکڻ- پڙهڻ- سوچڻ ۽ جيئڻ مٽيءَ جي گهروندن سمان
ڀريو پون ۽ هڪ ڊگهي ماٺ من- پاتال تائين ڦھلجيو
وڃي. سو ذهني آسودگيءَ واري دور ۾ ڪجهه به نه لکي
سگهندي آهيان.
لفظن جي گھري درياهه ۾ گم ٿيڻ کان پوءِ ڇا وڃايم،
ڇا پاتم، انھيءَ جي ڪٿ آءٌ پاڻ ڪريان اهو مون کي
ڪين جڳائي، مون ڌرتيءَ تي ويھي لکيو آهي ۽ منھنجا
سڀئي گس ڌرتيءَ ۾ پاتال تائين وڃيو پڄاڻي ڪن. مون
ڪيتري قدر ٺيڪ لکيو آهي انھيءَ جو فيصلو ايندڙ وقت
۽ نسلن تي به ته نه ٿو ڇڏي سگهجي، جو مون هن وقت
جي ڄڀ ڪپيل اُداس نسلن لاءِ لکيو آهي، جيڪو منھنجي
مٿان کان ڪاري اونداهي رات وانگر هوريان هوريان
وهندو ٿو وڃي.
مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾
ويھي انيڪ ڪھاڻيون لکيون آهن جنھن جي پاڙ ۾ ڪيترا
زنده لاش جڳن کان دفن آهن. اُهي ئي منھنجين پورين
اڻپورين انيڪ ڪھاڻين جا ڪردار آهن. ديوار، جيڪا
ڊهي نه سگهي آهي پر جنھن سان سِر ٽڪرائي ٽڪرائي
رتوڇاڻ ٿيندي جڳ وهامي ويا
آهن. ڪير ڄاڻي انھيءَ ديوار جي هن پار ڇا آهي، هڪ
نئون نڪورو صبح (!!؟)
منھنجي هر ڪھاڻي منھنجو اڻپورو سپنو آهي.
مون ڪڏهن به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو نعرو
منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي. ڄاڻان ٿي ته انھيءَ
سنڌي سماج ۾ سموريون ڪھاڻيون لکڻ جي موٽ ۾ مون تي
انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اُهي الزام مڙهڻ
وارا ڪير آهن. آءٌ انھن کي به سڃاڻان ٿي پر ڇا
انھن الزامن کان هارائجي آءٌ به انھيءَ ديوار جي
پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان؟
پير ڪڙيون پائي چوواٽي تي سنگسار ٿيڻ کان پوءِ به
ڪم از ڪم منھنجو ڪنڌ نميل آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪو
هر سچوءَ سان ٿيندو پي آيو آهي. مون لاءِ
ڇرڪائيندڙ ته ناهي، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي
آهي سا ايڏي اڙانگي آهي جيڪا اُڪري پار پوڻ لاءِ
اڃان سگهه گهرجي ٿي، پر ائين ته ناهي ته ڪو اها
وڇوٽي اُڪري ئي نه ٿي سگهجي.
۽ آءٌ زمانن کان انھيءَ وڇوٽيءَ تي (جنھن جو ٻيو
نانءُ پلصراط آهي) هلان ٿي پئي.
۽ منھنجا پير تپي ٽامو ٿي ويا آهن.
منھنجين ڪھاڻين ۾ پلصراط تي هلندڙ منھنجو پنھنجو
وجود ڪيتري قدر شريڪ هوندو آهي انھيءَ لاءِ جي
ائين چوان، ته منھنجي هر ڪھاڻيءَ جو ڪردار آءٌ پاڻ
آهيان ته اها ڳالھه ايڏي ڇرڪائيندڙ ته نه هوندي.
هر ليکن پنھنجي اندر جي صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ پنھنجي
تنھا وجود رتي به لکي ٿو، ڪائنات جي سموري پيڙا
ليکڪ جي اندر اڱارن سان دکندي رهي ٿي.
نورالهديٰ شاهه
ڪتاب: ”جلاوطن“، مھاڳ، ڇاپو پھريون، 1980ع
ص 7-9 تان کنيل
زيب سنڌي

ٽيويهون در
سج ڪَني مس نڪتي ته ميھار ملاح المنظر واري پاسي
کان پنھنجي ٻيڙيءَ جا ونجهه هلائڻ شروع ڪيا.
درياهه ۾ ڪنھن وڍيل وڻ جون ٽاريون هڪ ٻئي پويان
لڙهنديون پئي آيون. درياهه جي وچ تي پھچي هو ڄار
کڻي اٿي بيٺو. ڄار کي اڇل ڏئي ڦٽي ڪيائين ته، سندس
نظر درياهه جي هڪ در ۾ ڪجهه لڙهي آيل ٽارين جي وچ
۾ لوڏا کائيندڙ ڪپڙي تي وڃي پئي. چتائي ڏٺائين ته
اڇي رنگ جو اهو ڪپڙو کيس ڪجهه ڦوڪيل محسوس ٿيو. هن
پنھنجي اڇلايل ڄار کي ڇڪي واپس ٻيڙيءَ ۾ رکيو ۽
ويھي ونجهه ۾ هَٿ وڌائين. ويجهو پھتو ته پنھنجي
مشاهدي آڌار کيس پڪ ٿي وئي ته ڦوڪيل اڇو ڪپڙو لاش
کي پاتل قميص آهي. فڪرمنديءَ سبب ميھار جي ڀروئن
جي وچ تي سڌي ليڪ ٺھي پئي. هو اڃا ڪنھن فيصلي
ڪنڌيءَ نه پھتو ۽ سوچ ويچار جي ڄار ۾ ئي ڦاٿل هو
ته، پاڻيءَ جي هڪ لوڏي سندس ننڍڙي ٻيڙيءَ کي ڌِڪي
لاش تائين پھچائي ڇڏيو. ٽارين کي پري ڪري، ميھار
ٻانھن ڊگھي ڪري قميص ۾ هٿ وڌو ته لاش جي ٻانھن ۾
سندس هٿ پئجي ويو. هن ٿورو ھيٺ نِوڙي لاش کي سڌو
ڪري ڏٺو. لاش سترهن ارڙهن سالن جي نوجوان جو هو.
پنھنجي پٽ جي عمر جي نوجوان جو لاش ڏسي ميھار جي
دل کي جهٻو اچي ويو. سندس اکين منجهان ٻه لڙڪ نڪري
درياهه ۾ ڪري پيا. هن لاش مان هٿ ڪڍي ورتا. لاش کي
در وٽ اٽڪيل ڇڏي، ونجهه ۾ هٿ وجهي ٻيڙيءَ کي واپس
المنظر واري پاسي ڏانھن ورايو ته پويان ايندڙ
ٽارين جو هڪ وڏو جهڳٽو اچي سندس ٻيڙيءَ سان
ٽڪرايو. هن وڏي ڪوششن کانپوءِ پنھنجي ننڍي ٻيڙيءَ
کي ٽارين جي جهڳٽي کان آزاد ڪيو. ٽارين جو جهڳٽو
لاش مٿان وڃي پيو ۽ لاش ڍَڪجي ويو. ڪناري تي پھچي
پڳھه ٻَڌائين ۽ ڊوڙندو مٿي چڙهي ويو.
آبپاشي کاتي جي آفيس ٻاهران وڻ هيٺان کٽ تي ستل
چوڪيدار پنھنجي مُنھن تي وڻ جي ٽارين وچ مان پھتل
اُس جي تپش تي اکيون کوليون. اوٻاسي ڏئي اٿي ويٺو
۽ نيراني سگريٽ دکائي وڏو سوٽو هڻي کنگهندي ڪنڌ
مٿي ڪيائين ته، ميھار ملاح کي ڊوڙندو پاڻ ڏانھن
ايندي ڏٺائين. ميھار ڊوڙندو اچي چوڪيدار جي سامھون
بيھي سھڪڻ لڳو. ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته کيس
کنگهه ورائي وئي.
”ڇا ٿيو ڙي، صبح ساڻ ڪو مانگر ڏٺو ٿي ڇا؟“
چوڪيدار سگريٽ جو وڏو سوٽو ڀري چپن مان دونھين جا
ڇلا هوا ۾ اڏائيندي پڇيو.
”نه اوڀايا.“ ميھار پنھنجي ساهن کي جائيتو ڪندي
چيو، ”لاش... لاش ڏٺو اٿم درياهه ۾!“
”لاش!“ چوڪيدار کان ڇرڪ نڪري ويو. وات اڳيان سندس
ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل سگريٽ ڇڏائجي وڃي ھيٺ
ڪريو.
”ها، بئراج جي در ۾ لاش اٽڪيل آهي!“ ميھار درياهه
ڏانھن اشارو ڪندي وراڻيو، ”اٿي هل ته توکي
ڏيکاريان.“
چوڪيدار ڳيت ڏئي چيو، ”تون ڄاڻ ۽ درياهه ڄاڻي،
توهان ٻنھي سان منھنجو واسطو ناهي.“
”اڙي ڪجهه ڪھل ڪر انسان جو ٻچڙو آهي، ڪو ڍور ڊڳو
ناهي، اٿي ته...“
”مان ننڊ پيو آهيان.“ چوڪيدار ميھار جو جملو
ڪٽيندي ليٽي پيو، ”تو مون کي اها ڳالھه ٻڌائي ئي
ناهي!“
ميھار ڪجهه سوچي اڳتي وڌيو ته چوڪيدار رڙ ڪئي،
”ڳالھه ٻڌ.“
ميھار ڪنڌ ورائي پوئتي نھاريو.
”ڪٿي به منھنجو نالو کنيئي ته مان چوندس اهو ماڻھو
تنھنجي ٻيڙيءَ مان ڪِري ٻڏي مئو آهي.“ ليٽيل حالت
۾ اهو چئي چوڪيدار اکيون بند ڪري اکين مٿان ٻانھن
رکي ڇڏي.
ميھار المنظر هوٽل واري اندرئين رستي تان ڄام شوري
واري روڊ طرف هليو ويو.
روڊ جي پرئين پاسي تي وڻ هيٺان هڪ بينچ تي پوليس
جا ٻه سپاهي ويٺا هئا. هڪ سپاهي جهوٽا کائي رهيو
هو ۽ ٻئي جون نظرون پنھنجي موبائل فون جي اسڪرين ۾
اٽڪيل هيون. ميھار سندن سامھون اچي بيٺو ته کين
خبر ئي نه پئي.
ميھار ڳيت ڏئي چيو، ”صاحب، درياهه جي در ۾ لاش
ڦاٿل آهي!“
سپاهي بنا ڪو جواب ڏيڻ جي فيس بڪ تي هندستاني
اداڪاره جون تصويرون ڏسندو رهيو.
”صاحب، درياهه جي در ۾ لاش ڦاٿل آهي!“ ميھار ڪجهه
وڏي آواز سان پنھنجي ڳالھه ورجائي.
”ته پوءِ مان ڇا ڪيان!“ سپاهيءَ منھن ۾ گُهنڊ وجهي
ويٺي ويٺي وراڻيو.
جيسين ميھار ڪجهه ڳالھائي، انھيءَ کان اڳ سپاهيءَ
پُل ڏانھن ڏسندي هڪدم اٿي سيٽي وڄائِي. سيٽيءَ جي
آواز تي جهوٽا کائيندڙ سپاهي به سجاڳ ٿي اوٻاسي
ڏني. موبائل فون واري سپاهيءَ پُل تان ايندڙ موٽر
سائيڪل کي بيھڻ جو اشارو ڪيو پر موٽر سائيڪل بيھڻ
بدران سائلنسر جي وڏي آواز سان سندس ڀرسان گذري
هلي وئي.
”پکيءَ پَرُ ئي نه هنيو.“ سپاهيءَ ڪاوڙ منجهان
ميھار ڏانھن ڏسندي چيو، ”وڏي ڪا برائي آهين تون
به!“
”صاحب، درياهه جي در ۾ لاش ڦاٿل آهي، هلي ڏس ته
سھي.“
”اڃا ٻوهڻي ئي ناهي ٿي ۽ مان صبح مڙدان سان هلي
لاش جو مُنھن ڏسان!“
”صاحب، ڪجهه ڪھل ڪر، انسان جو ٻچڙو آهي!“
”منھنجي ڊيوٽي درياهه تي ناهي، روڊ تي آهي. تون به
ڪھل ڪرڻ ۾ وقت وڃائڻ بدران ٿاڻي تي وڃي اطلاع ڪر.“
ميھار سوچ ۾ پئجي ويو.
”تو جمادار صاحب جي ڳالھه نه ٻڌي ڇا!؟“
اوٻاسيون ڏيندڙ سپاهيءَ ڪاوڙ منجهان چيو.
”هل هاڻي، ٽر هتان.“ جمادار ميھار کي هٿ جي اشاري
سان پري ٿيڻ جو اشارو ڪندي چيو، ”سگهو وڃي ٿاڻي تي
اطلاع ڪر. دير سان اطلاع ڪيئي ته توتي به قانون جو
ڪو نه ڪو قلم لڳي ويندو.“
ميھار سپاهين کان ٿورو پرتي سُري بيھي رهيو. ڪجهه
دير کان پوءِ پُل تان هڪ سوزوڪي ايندي نظر آئي ته
ميھار هٿ جو اشارو ڪيو. ماڻھن سان سٿيل سوزوڪي
بيٺي ته ميھار فٽ بورڊ تي چڙهي، ڏنڊي ۾ هٿ وجهي
ڄامشوري طرف روانو ٿي ويو.
***
”درياهه جي در ۾ لاش ڦاٿل آهي صاحب!“ وڏي منشيءَ
اڳيان ويٺل ميھار پنھنجي ڪياڙيءَ تان قميص جي آڳي
سان پگهر اگهندي چيو.
وڏي منشيءَ بي فڪريءَ سان پنھنجي اڳيان رکيل چانھه
جو ڪوپ کڻي سرڙاٽ ڪري آخري ڍڪ پيتو ته، چانھه جي
پتي اچي سندس چپن سان لڳي. چپن تي لڳل پتيءَ کي
چوسي، پتيءَ سان ڀريل ٿُڪ ڦٽي ڪري ميھار جي منھن ۾
چتائي ڏسندي پڇيائين، ”واردات ڪنھن مھل ٿي؟“
ميھار کي ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي، ”واردات ڇاجي
صاحب!؟“
”ڪنھن ڌڪو ڏئي ماريس يا پاڻ ٽپو ڏئي آپگهات
ڪيائين؟“
”اها خبر ته مون کي ناهي پر لاش پرتان ڪٿان لڙهي
آيل ٿو لڳي صاحب!“
”اها خبر توکي ڪيئن پئي ته لاش لڙهي آيو آهي؟“ وڏي
منشيءَ ڪَرڙيون اکيون ڪري ميھار جي منھن ۾ چتائي
ڏسندي پڇيو.
ميھار وڏي منشيءَ جي اکين کي پنھنجي اندر ۾ ڪنڊي
جيان چڀندي محسوس ڪيو، ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.
”ڪرين ٿو سچي يا وجهان لِتر ۾ هٿُ؟“ وڏي منشيءَ
پنھنجي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍندي ڳالھايو.
”صاحب، مھاڻو آهيان، درياهه جي رمز کان واقف
آهيان.“ ميھار ڳيت ڏئي ڳالھايو، ”اهو منھنجو
اندازو آهي ته لاش لڙهي آيو آهي.“
”خون جي ڪيس جي جاچ ڌُڪن تي ناهي ڪبي.“ وڏي منشيءَ
شڪ واري نظر سان ميھار جي منھن ۾ چتائي ڏٺو.
ميھار جو پگهر هاڻو ٿڌو جسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو، هو
ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.
”نالو ڇا ٿئي؟“ وڏي منشيءَ سرد لھجي ۾ پڇيو.
ميھار کي خوف ورائي ويو، ”صاحب... ميھار... ميھار
نالو آهي منھنجو...!“
وڏي منشيءَ مرڪي پڇيو، ”ڪا سھڻِي به ملڻ ايندي
اٿئي يا رڳو نالي جو ميھار آهين؟“
”ٻارن ٻچن وارو آهيان صاحب.“ ميھار ڳيت ڏئي هٿ
جوڙي وراڻيو.
”ٻيڙيءَ ۾ رهندو آهين؟“
”نه صاحب، بابو مرحيات جيئرو هو ته اسان وٽ بتيلو
هوندو هو ۽ بتيلي ۾ ئي گهر هو. مڇي پلو به جام
هوندو هو، سُکيا ستابا هوندا هئاسين.“ ميھار ڊگهو
ساهه کڻي چيو، ”هاڻي ته مڙئي ڇوڏي تي پيا هلئون.
صبح ساڻ ٻه ٽي ڪُرڙيون ٻچن جي قُوت خاطر هٿ ڪرڻ
لاءِ ڄار وجهندو آهيان، پوءِ سڄو ڏينھن ماڻھن کي
درياهه جو سير ڪرائي روزي ڪمائيندو آهيان.“
”ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگهه نه ڪر.“ وڏي منشيءَ
بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ منجهان پڇيو، ”رهندو ڪٿي آهين؟“
”درياهه جي ڀرسان ڳوٺ ۾ گهر آهي.“
”درياهه جي ڪھڙي پاسي؟“
”هيڏانھن صاحب، ڄام شوري واري پاسي.“
”لاش ڪھڙي پاسي واري در ۾ آهي، ڄام شوري ضلعي واري
حد ۾ آهي يا حيدرآباد جي حد آهي؟“
”حد جي ته مون کي خبر ناهي صاحب پر درياهه جي وچ
واري ڪنھن در ۾ ڦاٿل آهي.“
”اها جاچ ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اچي اسان تي ڪڙڪيو آن!“
وڏي منشيءَ ترشيءَ سان چيو، ”وڃ وڃي جاچ ڪري اچ!“
”صاحب، جانچ ڪرڻ ته پوليس جو ڪم آهي، مون مسڪين
مھاڻي کي ڪھڙي خبر.“ ميھار وڌندڙ پريشانيءَ منجهان
پڇيو.
”سڀ ڪم پوليس ڪندي ڇا؟ عوام تي به گهڻيون
ذميواريون آهن.“ وڏي منشيءَ حڪم واري انداز سان
چيو، ”وڃ وڃي جاچ لھي اچ ته لاش ڪھڙي نمبر واري در
۾ ڦاٿل آهي.“
ميھار سوچ ۾ پئجي ويو.
”وڃين ٿو يا وجهانءِ لاڪپ ۾؟“ وڏي منشيءَ دڙڪو
ڏنو.
ميھار اٿي کڙو ٿيو، ”جي صاحب، وڃان ٿو... وڃان
ٿو.“
ميھار وڃڻ لڳو ته پٺيان وڏي منشيءَ رڙ ڪئي، ”سگهو
موٽجانءِ نه ته توکي کنڀڻ لاءِ موڪليندوسانءِ
موبائل.“
ميھار ڪنڌ ورائي وڏي منشيءَ ڏانھن ڏسي، هٿ جوڙي
ڪنڌ سان هاڪار ڪئي ۽ تڪڙ ۾ ڪمري مان ٻاهر نڪري
هليو ويو.
هو ٿاڻي کان ٻاهر نڪتو ته کيس ڀنواٽيون اچڻ لڳيون،
تڏهن به هو تڪڙو تڪڙو، ذري گهٽ ڊوڙندو ۽ پگهر
ڳاڙيندو اوور هيڊ برج جي هيٺان پھتو. حيدرآباد
ويندڙ سوزوڪي ۾ ٽي چار ماڻھو ويٺل هئا. هو به چڙهي
پيو. اسٽارٽ ٿيل سوزوڪيءَ کي ڊرائيور هروڀرو
ايڪسيليٽر ۽ بريڪ سان لوڏا ڏئي رهيو هو ۽ پاسي ۾
بيٺل ڪنڊيڪٽر سوزوڪيءَ جي لوهي چادر تي ڌڪ هڻي
ماڻھن جو ڌيان ڇڪائي رهيو هو، ”حيدرآباد
حيدرآباد... ڀٽائي ٽائون، قاسم چوڪ، هير آباد،
مارڪيٽ ٽاور.“
ڪنڊيڪٽر لوهي چادر کي ڌڪ هڻي هوڪا ڏيندو رهيو،
ڊرائيور سوزوڪيءَ کي اڳتي پوئتي ڪري لوڏا ڏيندو
رهيو ۽ دير ٿيڻ سبب ميھار جي من ۾ مانڌاڻ متل
رهيو. ٻه ماڻھو ٻيا به ويٺا ته هن ڪنڊيڪٽر ڏانھن
ڏسندي چيو، ”ادا، هاڻي ته ھلڻ وارِي ڪيو، دير پئي
ٿئي!“
”اهڙي تڪڙ اٿئي ته هي رڪشا کوڙ بيٺا ٿي.“ ڪنڊيڪٽر
خالي رڪشائن ڏانھن اشارو ڪندي ڪاوڙ منجهان وراڻيو،
”اڃا به جي بالم بڻجي وڃڻو ٿي ته ٿورو اڳڀرو
ٽيڪسيون به تنھنجي انتظار ۾ بيٺيون هوندئي.“
ميھار پنھنجي اندر جي مونجهه وڌندي محسوس ڪئي، هو
ڳڻتيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي پيو.
ڪيتري دير کان پوءِ جڏهن سوزوڪي کاري ۾ پيل مڇين
جيان ماڻھن سان سٿجي وئي، تڏهن وڌيڪ وزن سبب لڏندي
لمندي هلڻ شروع ٿي.
***
ميھار المنظر تي لٿو ته قميص سان گڏ سندس سٿڻ جو
مٿيون حصو به پگهر سان آلو ٿي چڪو هو. هن ڊگهو
ساهه کڻي، جسم سان چنبڙيل آلي قميص کي ڪالر کان
ڇڪي پٺيءَ کان ڌار ڪيو ته سندس نظر وڻ هيٺان ويٺل
پوليس جي سپاهين تي وڃي پئي. سپاهين جي ڊيوٽي
بدلجي وئي هئي. هاڻي ٻه ٻيا سپاهي ويٺل هئا. انھن
منجهان هڪ سپاهيءَ سان سندس دعا سلام هئي، جيڪو هر
ٻئي ٽئين ڏينھن کائنس ٻه ٽي مڇيون مفت ۾ گهري
وٺندو هو.
ميھار پگهر ڳاڙيندو سخت پريشانيءَ مان وڃي سندس
سامھون بيٺو. نڙي خشڪ ٿي وڃڻ ڪري اڃا هن ڪجهه
ڳالھايو ئي ڪونه ته، سپاهيءَ هن ڏانھن ڏسندي چيو،
”ڇا ٿيو ڙي، کنڊ جو جھاز ٻڏي ويو ٿي ڇا؟“
ميھار ٻه ٽي ڳيتون ڏئي پوءِ چيو، ”درياهه جي در ۾
لاش ڦاٿل آهي.“
”ڀليو آهين ڀوتار!“ سپاهيءَ بي فڪريءَ سان وراڻيو،
”درياهه جي در ۾ لاش هجي ها ته هن مھل تائين وڏو
چؤٻول مچي وڃي ها، وڏي هُوهوا ٿي وڃي ها ۽ اسان
عملدارن تائين ڪڏهوڪو اطلاع پھچي وڃي ها.“ سپاهي
پنھنجي مڇ مروٽڻ لڳو.
ميھار ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”صاحب، لاش ٽارين جي وڏي
جهڳٽي جي وچ ۾ ڦاٿل آهي، تنھن ڪري ڪنھن کي نظر نه
آيو هوندو.“
”لاش رڳو تو ڏٺو، ٻيا سڀئي ماڻھو ڀلا اڄ انڌا ٿي
ويا آهن ڇا!“ سپاهيءَ ٽھڪ ڏئي وراڻيو.
”صبح مڙدان سان ڏٺو هئم صاحب.“ ميھار پريشانيءَ
سان چيو، ”منھنجي ٻيڙيءَ سان ٽارين جو اهو وڏو
جهڳٽو ٽڪرايو هو ته پوءِ لاش ٽارين سان ڍڪجي ويو
هو.“
”درياهه تي صبح کان اچ وڃ لڳي پئي آهي. ٻيڙيون به
هلن پيون، ماڻھو درياهه جو سير به ڪن پيا پر هن
مھل تائين ته ڪنھن به دانھن ناهي ڪئي!“
”صاحب، اڄ ته مڇيءَ جو مُنھن به نه ڏٺو اٿم.“
ميھار آڱوٺي سان پنھنجي نرڙ تان پگهر کي لوندڙيءَ
ڏانھن ڪري، آڱوٺو ڇنڊيندي وراڻيو، ”صبح ساڻ لاش
ڏٺم ته ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ هليو ويس.“
”ڀلو ڪم ڪيئي، لٿو اسان جي مٿي جو سور.“ سپاهيءَ
سڪون سان چيو، ”پاڻھي ٿاڻي وارا اچي جانچ ڪندا.“
”پر صاحب...“ ميھار پريشانيءَ سان ڳالھايو، ”ٿاڻي
تان مون کي جانچ ڪرڻ لاءِ موڪليو ٿئون!“
ميھار جي ڳالھه تي ٻنھي سپاهين زور زور سان ٽھڪ
ڏنا.
ٻي سپاهيءَ کلندي ميھار ڏانھن ڏسي چيو، ”تون اڄ
پوليس ۾ ڊاريڪٽ سورهين گريڊ ۾ جانچ آفيسر مقرر ٿيو
آهين ڇا!؟“
ميھار پنھنجي واقفڪار سپاهيءَ ڏانھن ڏسندي چيو،
”صاحب، وڏي منشي صاحب چيو آهي ته، مان اها جانچ
ڪري اچان ته لاش ڄام شوري ضلعي جي حد ۾ آهي يا
حيدرآباد پوليس جي حد ۾ آهي.“
”اها خبر ته اسان کي ئي نه پوندي، تون ڪھڙي باغ جي
موري آهين جو هليو آهين جانچ ڪرڻ!“ سپاهيءَ ڀرسان
پيل ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل کڻي کولڻ لڳو، ”وڃي بيلدار
يا چوڪيدار کان پڇا ڪر.“
ميھار بي وسيءَ سان چيو، ”صاحب، صبحوڪي چوڪيدار کي
لاش جو ٻڌايو هئم ته، اکيون ٻوٽي چيو هئائين ته
مان ننڊ پيو آهيان. هن مھل جي ڊيوٽيءَ وارو
چوڪيدار ۽ بيلدار مون سان ٺھن ڪونه.“
”صفا ڪو ڊَرڙ نڀاڳو آهين!“ سپاهي بيزاري محسوس ڪري
وراڻيو.
ميھار هٿ جوڙي چيو، ”ڪا ته مدد ڪر صاحب، ڏکئي وقت
۾ ڦاسي پيو آهيان!“
سپاهيءَ ڪجهه سوچي چيو، ”درن مٿان لکيل نمبر وڃي
ڏس.“
”صاحب، درن تي نمبر رڳو مھڙئين پاسي لکيل آهن، لاش
پٺئين پاسي آهي.“
”مان کڻي سنگت ۾ توسان گڏ هلان ٿو.“ سپاھيءَ اٿندي
چيو، ”باقي حد جو حساب تون پاڻ ڪجانءِ.“
ڪناري تان لاش ته ڇا پر ٽاريون به نظر نٿي آيون ته
ميھار سپاهيءَ کي پنھنجي ٻيڙي ۾ ويھاري وچ درياهه
۾ وٺي ويو. پري کان هڪ در ۾ ڦاٿل ٽارين جو جهڳٽو
نظر آيو ته ميھار چيو، ”صاحب، لاش انھن ٽارين جي
پيان ڦاٿل آهي.“
سپاهيءَ سگريٽ دکائي سوٽو ڀري ميھار ڏانھن ڏسي
چيو، ”ڪر حد جو حساب سھڻا.“
”مان ڪيئن حد جو حساب ڪيان صاحب!“
ميھار بي وسيءَ سان وراڻيو.
سپاهيءَ دکيل سگريٽ کاٻي هٿ جي آڱرين ۾ ڦاسائي
ساڄي هٿ جي آڱر سان درَ ڳڻڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ ميھار
ڏانھن ڏسي چيو، ”لاش ٽيويھين در ۾ آهي، هاڻي اها
ڳالھه وڃي تون وڏي منشي صاحب کي ٻڌاءِ.“
ميھار پڪ ڪرڻ لاءِ پاڻ به ٻه ڀيرا ڳڻپ ڪري پڪ ڪئي
ته سپاهيءَ چيو، ”ٿاڻي تان موٽي اچي اڳ ۾ منھنجي
لاءِ اڄ وڏي ڪُرڙي جو بِلو ڪجانءِ، ماڻھن کي
درياهه جو سير پوءِ ڪرائجانءِ.“
ميھار ڪناري ڏانھن واپس ورڻ لاءِ ونجهه هلائيندي
پريشانيءَ منجھان وراڻيو، ”اڳ ۾ تنھنجي پَٽي
ڀائيُن جي ڄار مان ته پنھنجي جان ته آجي ڪيان.
جانچ جي نالي ۾ مون کي کڻي ڪُرڙي جيان ڦاسائي
سوڙهو ڪيو اٿائون.“
وري ساڳيو ڄام شوري جو ڀڳل ٽٽل رستو، گرمي، مڇين
وانگي سٿيل ماڻھو، پگهر، پگھر جي ڌپ. رکي رکي
انساني جسمن مان خارج ٿيندڙ گئس جي بدبوءِ. کاريءَ
۾ مڇين جيان ماڻھن سان سٿيل سوزوڪيءَ جو سفر.
ميھار ڄام شوري ٿاڻي تي پھتو ته وڏي منشيءَ کيس
ڏسڻ شرط پڇيو، ”ڪري آئين جاچ؟“
ميھار سخت ٿڪاوٽ سبب ڪاراٽيل بينچ تي ويھندي چيو،
”صاحب، لاش ٽيويھين در ۾ آهي.“
”اها اسان جي حد ناهي.“ وڏي منشيءَ مرڪي سڪون جو
ڊگهو ساهه کنيو.
ميھار گهڙي کن لاءِ پنھنجي مٿي جو بار هلڪو ٿيندي
محسوس ڪيو، ”هاڻي مان وڃان سائين؟“
”ها ڀلي وڃ پر پنھنجي گهر نه وڃجانءِ. حيدرآباد
پوليس کي وڃي اطلاع ڪر.“ وڏي منشيءَ وراڻيو.
ميھار کي نئين ڳڻتي ورائي وئي. هو ويٺو ئي رهيو.
”اٿي هلندو ٿي.“ وڏي منشيءَ زبان سان گڏ کيس هٿ
سان به وڃڻ جو اشارو ڪيو، ”ڇِڪِ پنڌ کي.“
ميھار پنھنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چُڀندي محسوس ڪيا،
”صاحب، اڃ لڳي آهي. ڪو پاڻيءَ ڍُڪ ته پيئاريو.“
”مان اٿي پيئاريانءِ ڇا؟“ وڏي منشيءَ ترشيءَ سان
چيو، ”ٻاهر مَٽ پيو اٿئي.“
ميھار ڪنڌ هيٺ ڪري وڏي منشيءَ جي ڪمري مان نڪتو.
مَٽ مٿان رکيل گلاس کڻي پاڻي پي ٿاڻي مان ٻاهر
نڪري ويو. ڳڻتين ۾ ڳرندو جُهرندو، پگهر ڳاڙيندو،
آهستي آهستي اوور هيڊ برج ڏانھن روانو ٿيو.
اوور هيڊ برج هيٺان سوزوڪي ڀرجڻ جو وري ساڳيو
انتظار... وري ڄام شوري کان حيدرآباد طرف ويندڙ
ڀڳل ٽٽل رستو، گرمي، پگهر، ڌپ، مڇين وانگي ماڻھن
سان سٿيل سوزوڪيءَ جو سفر. سوزوڪيءَ جي المنظر تي
پھچڻ جي هن کي خبر تڏهن پئي، جڏهن ڪنڊيڪٽر رڙ ڪئي،
”المنظر... المنظر...“ پر نه ڪاڙهي ۾ ڪو ماڻھو
المنظر تي لٿو ۽ نه ئي چڙهيو. ميھار جي دل چاهيو،
جيڪر هو لھي پوي ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي لڱ ٿڌا
ڪري پر اڄوڪي ڏينھن هو پنھنجي وس ۾ نه هو. پوليس
هن جي ڪڍ نه هئي پر هو پوليس جي ڪڍ لڳڻ تي مجبور
هو.
***
حيدرآباد پوليس جي حد ۾ هو ڀٽائي ٽائون وٽ
سوزوڪيءَ مان لٿو ته، تيز گرم هوا سان گڏ مٽي ۽
بجريءَ جا ذرا اچي سندس منھن ۽ پگهر هاڻن ڪپڙن سان
چنبڙيا. کن پل هن اکيون بند ڪري قميص جي آڳي سان
مُنھن اگهيو ۽ پوءِ مين روڊ تان ڪجهه اڳتي وڃي،
نيم ويران رستي تان ٿاڻي ڏانھن هليو ويو.
”سلام صاحب.“ هن ڪمري ۾ ٽيبل جي پويان ويٺل ننڍي
منشيءَ کي سلام ڪيو پر ننڍو منشي ميھار ڏانھن ڏسڻ
کان سواءِ، پنھنجي پاسي ۾ ڀرسان ويٺل عورت جي ڏاڍي
همدرديءَ سان دانھن ٻڌندو رهيو. عورت پنھنجي مڙس
پاران مارَڪُٽ جون تفصيل سان ڳالھيون ٻڌائي رهي
هئي ۽ ننڍو منشي عورت کان سنھيون سنھيون نه ٻڌائڻ
جھڙيون ڳالھيون به رازداريءَ جھڙي لھجي سان کوٽڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ڪيتري دير گذري وئي پر ننڍي منشيءَ ڪنڌ ورائي
ميھار ڏانھن ڏٺو به ڪونه. ميھار بيھي بيھي ٿڪجي
پيو ته هن ٻيھر وڏي آواز سان سلام ڪيو، ”صاحب
سلام!“
ننڍو منشي ائين ڇرڪي پيو، ڄڻ سندس چوري پڪڙجي پئي
هجي. ميھار ڏانھن ڏسندي ڪاوڙ مان چيائين، ”اڙي تون
ڪنھن مھل اندر آئين!؟“
”صاحب، مون کي ته ڪا مھل ٿي وئي آهي!“ ميھار هٿ
جوڙي وراڻيو.
ننڍي منشيءَ اکيون ڦوٽاري چيو، ”ڏسين نه پيو ته
مان مصروف آهيان!“
”صاحب، مون کي رپورٽ داخل ڪراڻي آهي!“ ميھار ٻيھر
هٿ جوڙي چيو.
”توکان اڳ ۾ هيءَ عورت جو رپورٽ داخل ڪرائڻ آئي
آهي، هن کي اٿاري ته ڪونه ڇڏيندس.“ ننڍي منشيءَ
ناگواريءَ سان وراڻيو، ”فلحال مان مصروف آهيان.
ٻاهر وڃي انتظار ڪر.“
”پر صاحب...“ ميھار ڳالھائڻ چاهيو.
ننڍي منشيءَ رڙ ڪئي، ”نڪر ٻاهر، تنھنجي ڪا ريل ته
ڪونه ٿي ڇٽي وڃي!“
”صاحب، دير پئي ٿئي.“ ميھار ٻاهر نڪرڻ بجاءِ دل
ٻڌي ڳالھايو، ”مون کي هڪ لاش جي رپورٽ داخل ڪرائڻي
آهي.“
”ڇا!“ ننڍي منشيءَ هڪدم پڇيو، ”ڪنھن جو لاش آهي؟“
”الائي ڪنھن جو آهي صاحب!“
ننڍي منشيءَ تڪڙ ۾ گهنٽي وڄائي ته سنتري اندر داخل
ٿيو، ”جي ننڍا.“
”هتي لاش جون خبرون پيون ٿين ۽ وڏي جي خبر ئي ناهي
ته ڪھڙي دنيا ۾ آهي!“
”وڏو ته صاحب سان گڏ مانجهاندي جي دعوت تي نڪتل
آهي، جنھن مھل صاحب واڳ ورائيندس ته گولي ٿي اچي
ٿاڻي تي ٺڪاءُ ڪندو.“
ننڍي منشيءَ هڪ نظر پنھنجي پاسي ۾ ويٺل نوجوان
عورت ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سنتريءَ ڏانھن ڏسندي
چيائين، ”اڄ ته ڏاڍي گرمي آهي، ٻه ٿڌيون بوتلون ته
گُهرائي وٺ.“
”حاضر ننڍا.“ سنتري اک هڻي مرڪندو ٻاهر نڪري ويو.
ننڍي منشيءَ ميھار کي پاڻ کان پرتي در جي پاسي ۾
پيل ڇڳل ڪرسيءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. ميھار ڇڳل
ڪرسيءَ تي پاسيرو ٿي ويٺو ته ڪرسيءَ چيڪٽ ڪيو.
”ڪر خبر جاءِ واردات جي؟“ ننڍي منشيءَ شڪ جي نظر
سان ميھار ڏانھن ڏسندي سوال ڪيو.
”صاحب، درياهه تي بئراج جي هڪ در ۾ لاش ڦاٿل آهي.“
”مڙسالو آهي يا ڪا رن ذات آهي؟“
”سترهن ارڙهن سالن جو نوجوان آهي صاحب.“
”تو لاش پاڻ ڏٺو آهي؟“
”ها صاحب، پنھنجي اکئين ڏٺو اٿم.“
”ڪنھن مھل ڏٺو اٿئي؟“
”صبح سويل صاحب.“
”صبح سوير لاش ڏٺو اٿئي ۽ منجهند جو اطلاع ڪرڻ آيو
آهين!“
”صاحب، اڳ ۾ ڄام شوري ٿاڻي تي ويس. انھن چيو ته
ڏسي اچ ته لاش ڪھڙي نمبر واري در ۾ آهي. موٽي وڃي
پڪ ڪري ٻيھر ڄام شوري ٿاڻي تي ويس ته چيائون، اهو
در اسان جي ٿاڻي جي حد ناهي، حيدرآباد ضلعي جي حد
آهي.“
”لاش ڪھڙي نمبر واري در ۾ آهي؟“
”ٽيويھين نمبر واري در ۾ آهي صاحب.“
”بئراج ۾ ڪُل دروازا گهڻا؟“
”ڪُلئي در ته چوئيتاليھه آهن صاحب.“
ننڍو منشي سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ
نظر پاسي ۾ ويٺل نوجوان عورت ڏانھن ڏسي، گهنٽي
وڄايائين.
سنتريءَ اندر داخل ٿيندي چيو، ”ٿڌيون بوتلون اچن
پيون ننڍا.“
ننڍي منشيءَ هڪ نظر ڀرسان ويٺل عورت ڏانھن ڏسي
ڳالھايو، ”ٿڌا گرم پيا ايندا، مھمان َ اڃا ويٺا
آهن. توکي اها خبر آهي ته هتان واري بئراج ۾ در
ڪيترا آهن ۽ ٽيويھون در حيدرآباد جي حد آهي يا ڄام
شوري جي؟“
سنتريءَ ڏند ٽيڙي وراڻيو، ”مون کي اها خبر هجي ها
ته مان تو واري ڪرسيءَ تي هجان ها ننڍا.“
ننڍي منشيءَ کي سنتريءَ جي ڳالھه نه وڻي پر زهر جو
ڍڪ پي ويو، ”تون ته صفا ڪو آڱوٺي ڇاپ آهين!
ڪمپيوٽر واري ڇوري کان پڇا ڪري اچ. انھيءَ کي پڪي
خبر هوندئي.“
سنتري ٻاهر نڪري ويو. ميھار چيڪٽ ڪندڙ ڀڳل ڪرسيءَ
تي ويھڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري اٿي بيٺو ته، ننڍي
منشيءَ هڪدم ميھار ڏانھن ڪنڌ ورائي ڪاوڙ منجھان
چيو، ”ڀڳو پيو وڃين ڇا؟“
”نه صاحب.“ ميھار هٿ ٻڌي وراڻيو، ”ڀڳل ڪرسيءَ جي
ڪري چيلھه جي پاسي ۾ سور پيو ٿئي.“
ننڍي منشيءَ جي ميز جي سامھون نئين ڪرسي پيل هئي
پر هن ميھار کي انھيءَ تي ويھڻ جي صلاح نه ڪئي.
ميھار پاسيرو ٿي وري ڇڳل ڪرسيءَ تي ويھي رهيو.
ڪجهه دير کان پوءِ سنتريءَ اچي اطلاع ڪيو،
”ڪمپيوٽر وارو ڇوڪرو چوي ٿو ته پاڻ واري بئراج ۾
چوئيتاليھه در آهن. پھرين نمبر کان ٻاويھين نمبر
تائين ڄام شوري ضلعي جي حد آهي ۽ ٽيويھين نمبر
واري در کان چوئيتاليھين در تائين حيدرآباد ضلعي
جي حد آهي.“
”لاوارث لاش، ڪنھن ڪم جو نه ڪار جو... اهو به اسان
جي ڪنڌ ۾ اچي پيو آهي!“ ننڍو منشي پنھنجي مُنھن
ڀڻڪي، مٿي تي هٿ رکي سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان
پوءِ مٿي تان هٿ هٽائي ڏٺائين ته سنتري اڃا اتي ئي
بيٺو ڏند ٽيڙي عورت ڏانھن ڏسي رهيو هو.
”اڙي هل تون ٻاھر.“ ننڍي منشيءَ مُنھن ۾ گُهنڊ
وجهي سنتريءَ کي چيو، ”منھنجي جاچ ۾ رخنو نه وجهه
وائِڙي واڇَ!“
سنتري ٻاهر هليو ويو.
ننڍي منشيءَ ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ ميھار کان
پڇيو، ”ڀلا ڏي حال احوال، لاش بئراج جي اوڀاري
پاسي يا لھواري پاسي؟“
”اوڀاري پاسي صاحب.“
”اتي رکينس نه!“ ننڍي منشيءَ ميز تي ايترو زور سان
چنبو هنيو جو ميھار ته ڇڳل ڪرسيءَ تي پاسو ورايو ۽
ڪرسيءَ چيڪٽ ڪيو پر ننڍي منشيءَ جي ڀرسان ويٺل
عورت کان ڇرڪ نڪري ويو.
زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٿاڻي تي آيل عورت کي خوف
ورائي ويو، هوءَ اٿي بيھي رهي.
ننڍي منشيءَ عورت ڏانھن ڏسندي نرميءَ سان چيو،
”لاش جي جاچ پوري ٿي وئي. توکي پريشان ٿيڻ جي
ضرورت ناهي، هاڻي تنھنجي مڙس کي گهرائي سوڙهو ٿو
ڪيان.“
”نه ادا، اهڙي رڙ ته منھنجو مڙس به ناهي ڪندو.“
عورت ڊنل هرڻيءَ جيان تڪڙي ٻاهر نڪري وئي.
ننڍي منشيءَ ڪاوڙ ۽ چڙ مان اٿي بيھي ميھار ڏانھن
ڏسي ڏند ڪرٽي ۽ اٿڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڪندي چيو،
”اٿي... اٿي... نڪر تون به هتان!“
ميھار اٿي بيھي چيو، ”صاحب، لاش جي رپورٽ ته داخل
ڪيو.“
”اڙي ٻڌاءِ... ٻڌاءِ... ڀٽائي سائينءَ ڪڏهن ڪو غلط
بيت چيو؟“ ننڍو منشي ڪاوڙ سبب وڦلڻ لڳو.
”نه صاحب.“
”ته پوءِ ڀٽائي سائينءَ جي نالي سان قائم ٿيل هن
ٿاڻي تي غلط رپورٽ ڪيئن داخل ٿيندي... هان!؟“
”صاحب، لاش ٽيويھين در ۾ ڦاٿو پيو آهي، توهان پاڻ
هلي ڏسو.“
”کڻ پنھنجي ڀاءُ کي رليءَ ۾ ويڙهي. نڪر هتان.“
”صاحب، لاش منھنجي ڀاءُ جو ناهي!“
ننڍي منشيءَ پنھنجي مٿي تي هٿ هڻي چيو، ”اڙي عقل
جا انڌا، ٻي ٿاڻي تي وڃي رپورٽ داخل ڪراءِ.“
”صاحب، ڄامشوري کان پوءِ هتي ٻي ٿاڻي تي ته آيو
آهيان!“ ميھار پريشانيءَ ۽ حيرت سان وراڻيو.
”لاش بئراج جي اوڀاري پاسي آهي نه؟“
”ها صاحب.“
”لاش ڀلي ٽيويھين در ۾ ۽ حيدرآباد ضلعي جي حد ۾
هجي پر اها حد اسان جي ٿاڻي جي ناهي.“
ننڍي منشيءَ جي ڳالھه ٻڌي ميھار کي ڀنواٽي اچي
وئي. پاڻ سنڀالي پريشانيءَ سان پڇيائين، ”ته پوءِ
ڪھڙي ٿاڻي جي حد آهي صاحب!؟“
”بئراج جي اوڀاري پاسي وارو اڌ حصو به حيدرآباد
ضلعي ۾ ته آهي پر اها حد مين روڊ جي ٻي پاسي واري
ٿاڻي جي آهي.“
ميھار منجهي پيو، سوچ ۾ پئجي ويو.
ننڍي منشيءَ ٽيبل جي پويان نڪري اڳئين پاسي ايندي
ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي، ”اڙي نڪرين ٿو يا ڪيانءِ لاڪ
اپ!؟“
ميھار هيسجي هڪدم ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. ٿاڻي
منجهان ٻاهر نڪرڻ بدران سنتريءَ جي اڳيان اچي
ٻانھون ٻڌائين، ”صاحب!“
”جي چوان؟“ سنتريءَ نرميءَ سان وراڻيو.
صبح کان پوليس جي داٻن دڙڪن ميھار جو ساهه سڪائي
ڇڏيو هو. سنتريءَ جي نرم لھجي سان سندس دل تي ڇنڊو
پيو، ”مين روڊ جي ٻي پاسي وارو ٿاڻو ڪٿي آهي؟“
”ڄام شوري مان بئراج واري پاسي کان آئين ته مين
روڊ کان ساڄي هٿ تي نڪتو هن ٿاڻي جو رستو.“
”جي صاحب.“
”ساڳئي مين روڊ کي ٽپي ٻئي پاسي وڃي، اڳڀرو ويندين
ته کاٻي پاسي جيڪو رستو نڪرندو، اهو دڳ وٺي ويندين
ته ٺڪاءُ وڃي ڪندين ٻئي پاسي واري ٿاڻي تي. هاڻي
ڇڪ پنڌ کي.“
”پنڌ پري آهي ڇا صاحب؟“
”پري ناهي ته پر ويجهو به ڪونھي. ايڏانھن وري ڪا
لاري يا سوزڪي به ناهي ويندي. جي اٿئي هڙ ۾ ٻه ٽي
سئو ته رڪشا تي چڙهي پئه، نه ته پوءِ هليو وڃ
گوڏَي گاڏيءَ تي.“
پريشان ۽ مايوس ميھار ڪنڌ هيٺ ڪري ٿاڻي جي ٻاهرين
در ڏانھن هليو ويو. ٻاهر نڪتو ته کيس ٿاڻي ٻاهران
ئي ڪجهه خالي رڪشائون نظر آيون پر خالي رڪشائن
جيان ميھار جو کيسو به ذري گهٽ خالي هو. هن وٽ فقط
سوزوڪي يا بس جي ڪرائي جيترا پئسا مس ھئا.
***
نيم ويران لنڪ روڊ تان واپس ويندي هن هڪ هڪ وک تي
سخت تڪليف پئي محسوس ڪئي. هن پنھنجي پيرن ۾ ڪنڊا
چڀندي محسوس ڪيا. کيس لڳو ڄڻ ٻيرِ جي ڍينگري سندس
پاچي ۾ ڦاسي پئي هجي. ٽاڪ منجهند جو سخت گرميءَ
سبب پنھنجو جسم جلندي محسوس ڪيائين. مين روڊ تي
پھچي ٿوري دير بيھي رهيو. ڪجهه ڊگها ساهه کڻي،
تيزيءَ سان گذرندڙ ٽريفڪ کان بچندو روڊ ڪراس ڪري
ٻيو پاسو وٺي اڳتي وڌيو. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ
اڳتي وڌي کاٻي پاسي ويندڙ رستي تي پڇائون ڪندو،
ڊگهو پنڌ ڪري، ٿاٻڙجندو، بنھه نستو ٿي وڃي روڊ جي
ٻي پاسي واري ٿاڻي تي پھتو ته منجهس ڳالھائڻ جو
سَتُ به نه بچيو هو. ٿاڻي اندر راھداريءَ ۾ هڪ
نوجوان اي ايس آءِ همدرديءَ سان کيس سھارو ڏئي
بئنچ تي ويھاريو. ميھار خشڪ نڙيءَ سان ڳيت ڏني ته
هن پنھنجي سڄي وجود ۾ ڪنڊا چڀندي محسوس ڪيا.
”پاڻي... صاحب پاڻي...“ ميھار سڪل چپن تي زبان
ڦيرائيندي چيو.
نوجوان اي ايس آءِ ڪجهه مفاصلي تي بيٺل سپاهيءَ کي
پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. پاڻيءَ جو گلاس ميھار جي هٿ ۾
پھتو ته هو يڪساهيءَ پي ويو ۽ ٻيھر پاڻي گهريائين.
ٻيو گلاس پي سامت ۾ آيو ته هن ٻن ٿاڻن کان پوءِ
ٽئين ٿاڻي تائين اچڻ واري ڳالھه اي.ايس.آءِ کي
ٻڌائي. اي.ايس.آءِ کيس وڏي منشيءَ جي ڪمري ۾ وٺي
ويو.
ميھار وڏي منشيءَ کي سربستو احوال ڏئي هٿ جوڙي عرض
ڪيو، ”صاحب، لاش جي رپورٽ داخل ڪري مون کي آجو ڪيو
ته مان گهر وڃان.“
وڏي منشيءَ وڏين مڇن جي پڇڙين کي مروٽي مٿي ڪندي
وراڻيو، ”ائين وري ڪيئن گهر ويندين، رپورٽ داخل
ڪرائڻ به ڪو سولو ڪم آهي ڇا!“
ميھار جو ساهه سڪي ويو. هن مدد جي اميد سان، وڏي
منشيءَ جي پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺل اي ايس آءِ
ڏانھن ڏٺو پر ڪميشن پاس ڪري آيل نوجوان اي ايس آءِ
کيس وڏي منشيءَ اڳيان لاچار نظر آيو.
وڏي منشيءَ ڪجهه سوچي اي.ايس.آءِ ڏانھن ڏٺو، ”هن
کي پھري ۾ ٻاهر ويھار. مان صاحب سان صلاح ڪري
وٺان.“
پھري ۾ ويھڻ جي ڳالھه ٻڌي ميھار پاڻ کي ڪوڙڪيءَ ۾
ڦاسندي محسوس ڪيو. اٿڻ جي ڪيائين ته سندس هٿ
ڪرسيءَ جي ٻانھينءَ مان ٿڙي ويو. اي.ايس.آءِ کيس
سھارو ڏئي اٿاريو ۽ کيس ٻاهر وٺي ويو.
وڏي منشيءَ ايس.يڇ.و صاحب تائين ڳالھه پھچائي.
ايس ايڇ او ٿاڻي جي چئن تجربيڪار ماتحت اهلڪارن
سان ميٽنگ ڪئي. فيصلو ٿيو ته لاش جو اطلاع کڻي آيل
شخص کي ٿاڻي تي هٿيڪو ڪري فلحال لاڪ اپ ۾ ويھاريو
وڃي، وڌيڪ ڪارروائي سج لٿي کان پوءِ ڪئي ويندي.
ٿاڻي جي راهداريءَ ۾ بئنچ تي ٻن سپاهين جي وچ ۾
ويٺل ميھار سخت پريشان ۽ وسوسن ۾ ويڙهيل هو ته
ٽئين سپاهيءَ اچي ميھار جي ٻانھن ۾ هٿ وڌو اٿي!“
سپاهي ميھار کي لاڪپ وٽ وٺي ويو ته ميھار رڙيون
ڪيون، ”ڪجهه خدا جو خوف ڪيو... مون ڪھڙو گناهه ڪيو
آهي جو مون کي ٿا جيل ۾ وجھو...!“
ميھار کي لاڪپ ۾ ڌڪو ڏئي، لاڪپ جو در بند ڪيو ويو
ته سپاهيءَ ٽھڪ ڏئي چيو، ”اڃان ته لاڪپ ۾ آهين. اٺ
ڏينھن جانچ ڪرڻ کان پوءِ خبر پوندي ته تنھنجو ڏوهه
ضمانت جوڳو آهي يا اڳوپو وڏي جيل وڃڻ جھڙو آهي!“
ميھار لاڪپ جي سيخن ۾ هٿ وجهي مٿو سيخن مٿان رکيو
ته بي اختيار سڏڪا ڀري روئي پيو. کيس لڳو ته سندس
زندگي اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ۾ جيل اندر گذرندي ۽
سندس ٻچڙن کي بک جو ڄرڪو ڳڙڪائي ويندو.
***
رات جي ٽئين پھر ذري گهٽ اوندهه جھڙو ماحول هو.
آسمان تي ٽِم ٽِم ڪندڙ ستارا ۽ هنداڻي جي ڳر لٿل
ڦار جھڙو سنھڙو چنڊ هو. هَئو مَئو ٽريو ۽ هر
ماڻھوءَ جي کيسي ۾ پيل موبائل فون جي ڪئميرائن جو
خوف لٿو ته، ايس ايڇ او صاحب ميھار کي موبائل ۾
وجهي پنھنجي ٽيم سان درياهه ڪناري المنظر تي پھتو.
سنڌوءَ ڪناري وارا هوٽل بند ٿي چڪا هئا. موبائل
ايريگيشن آفيس کان ڪجهه پرڀرو جهيڻي روشنيءَ ۾
اهڙي هنڌ وڃي بيٺي، جتي پري کان ڪنھن جي نظر نه
پوي.
رات جي وڳڙي ۾ بيلدار ڊيوٽيءَ تي موجود نه هو ته،
چوڪيدار کي هٿيڪو ڪري، بيلدار کي گهران ڪڍي
صوبيدار صاحب جي اڳيان حاضر ڪيو ويو. چوڪيدار کي
وات بند رکڻ لاءِ دڙڪو دھمان ڏئي روانو ڪيو ويو،
پوءِ بيلدار کي حڪم ٿيو ته ٽيويھون در مٿي ڪري لاش
کي اڳتي لوڙهيو وڃي.
نوجوان بيلدار بنا ڪجهه سوچڻ جي انڪار سان ڪنڌ
لوڏي وراڻيو، ”صوبيدار صاحب، لاش ڪو پاڻيِءَ جي
تري ۾ ناهي جو در ٿورو مٿي ڪبو ته لڙهي ٻي پاسي
هليو ويندو، لاش پاڻي جي مٿان پيو لوڏا کائي. سڄو
در مٿي ڪبو تڏهن ٻئي پاسي لُڙهي سگهندو.“
”ته پوءِ سڄو در مٿي ڪر.“صوبيدار حڪم واري انداز
سان چيو، ”اهو لاش هر حال ۾ اسان کي پنھنجي ڪنڌ
مان ڪڍڻو آهي.“
”نه سائين، اهو ڪم مون کان نه ٿيندو.“ بيلدار
وراڻيو، ”سڄو در مٿي ڪندس ته پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو
ٻئي پاسي ويندو. اها ڳالھه وري منھنجي ڪنڌ ۾
پوندي. لاش سان گڏ منھنجي نوڪري به لڙهي ويندي.“
”لاش لوڙهين ٿو يا وجهانءِ موبائيل ۾؟“ صوبيدار
ڌمڪيءَ واري انداز سان چيو.
نوجوان بيلدار کي ڪاوڙ لڳي. بي خوفيءَ سان
وراڻيائين، ”ڌمڪي نه ڏي صاحب، لاش نه لوڙهيندس.
باقي مون کي گھليندئو ته منھنجي بالا آفيسرن کي
ضرور خبر پوندي ۽ لاش جي ڳالھه ڦاٽ کائيندي.“
صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو. سندس ڀرسان بيٺل جمادار
سخت ڪاوڙ منجهان بيلدار ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ صوبيدار
ڏانھن ڏسندي چيائين، ”صاحب حڪم ڪيو ته هن ڇوري کي
کنڀيئون؟“
صوبيدار جي جواب کان اڳ ئي نوجوان بيلدار، جمادار
کي اکيون ڏيکاريندي سخت لھجي ۾ وراڻيو، ”مون ۾ هٿ
وجهندين ته صبح ساڻ پل تي ڌرڻو لڳل هوندئي. پاڻ
سان گڏ پنھنجي صاحب جي نوڪري به ڌوڙ ڪندين!“
جذباتي نوجوان بيلدار جي ڳالھه ٻڌي جمادار سان گڏ
صوبيدار صاحب جا به ڍڍر ڍرا ٿي ويا. صوبيدار ڪاوڙ
منجهان جمادار ڏانھن ڏسندي چيو، ”تون ته پنھنجي
شڪل پري ڪر. هل هتان، وڃي موبائل ۾ اندر ويھه.“
”تڪڙ نه ڪبي آهي سھڻا!“ صوبيدار صاحب نوجوان
بيلدار ڏانھن ڏسندي نرميءَ سان چيو، ”ڪا صلاح
مصلحت ڪيون ٿا، جيئن لٺ به نه هڻڻي پوي ۽ نانگ به
نڪري وڃي.“
صوبيدار ٽن سپاهين کي پاسي تي وٺي وڃي صلاح ڪئي.
موٽي اچي بيلدار کي چيائين، ”در مٿي نه ٿا ڪيون ۽
توکي به ڇڏيون ٿا پر جي تنھنجو وات کليو ته پوءِ
پنھنجو خير نه سمجهجانءِ.“
نوجوان بيلدار کي ڪاوڙ ته لڳي پر هن ڪو جواب نه
ڏنو.
صوبيدار موبائل جي ڊيش بورڊ تي رکيل پستول کڻي
بيلدار کي ڏيکاريندي، نرم لھجي سان ڌمڪي ڏيندي
چيو، ”هي بنا لائسنس وارو غير قانوني هٿيار آهي.
اهڙا هٿ ڪيل ٻيا به کوڙ هٿيار اسان وٽ هوندا آهن.“
نوجوان بيلدار ڳيت ڏني پر ڪجهه نه ڳالھايو.
صوبيدار، بيلدار جو هٿ جهلي پستول سندس هٿ تي رکي
سخت لھجي سان چيو، ”جيڪڏهن وات کوليئي ته ڪنھن ٻي
موقعي مھل سان ڪو غير قانوني هٿيار تنھنجي ھٿ تي
رکي توکي چالان ڪري ڇڏيندس.“
بيلدار پنھنجي اندر ۾ خوف جي لھر محسوس ڪئي.
صوبيدار پستول سوڌو بيلدار جي هٿ کي مروٽي چيو، ”۽
توتي ٻه ٽي ڪلو هيروئن جو ڪيس به هڻي ڇڏينداسين.“
جذباتي بيلدار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. بيلدار جي هٿ
جي ڪنبڻي صوبيدار به محسوس ڪئي. هن بيلدار جي هٿ
تان پستول کڻي چيو، ”هاڻي وڃ ۽ پنھنجي وات کي ٽاڪا
هڻي ڇڏجانءِ.“
بيلدار ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي آهستي هلندو اوندهه ۾ گم
ٿي ويو.
صوبيدار هڪ سپاهيءَ کي ٻانھن کان جهلي چار وکون
پرتي وڃي ڪا صلاح ڪري موٽيو ته، ميھار صوبيدار کي
هٿ ٻڌي عرض ڪيو، ”بابا سائين، مان به وڃان نه؟“
”تون به پنھنجي وات کي ٽاڪا هڻي ڇڏ.“ صوبيدار
ميھار کي داٻو ڏنو، ”هاڻي توکي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو
آهي، جيڪو اسان چونداسين، نه ته توتي اهڙا قلم
هڻنداسين جو ضمانت به نه ٿيندئي!“
ميھار کي ماٺ ورائي وئي، هن کي ساهه کڻڻ به ڏکيو
ٿي لڳو.
صوبيدار ميھار کي ٽي سپاهي ساڻ ڪري ڏنا ۽ حڪم ڪيو،
”پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ وڃي لاش ڪڍرائي اچي موبائل ۾
رکراءِ.“
ميھار ۾ انڪار جي جرئت ئي نه هئي. هو سپاهين کي
ساڻ ڪري وڃڻ لڳو ته صوبيدار چيو، ”سڄي ڪارروائي
خيال سان ڪجانءِ، ڪنھن کي کُڙڪ نه پوڻ گهرجي.“
ميھار هاڪار سان ڪنڌ لوڏي سپاهين سان گڏ هليو ويو
ته، صوبيدار جمادار کي سڏ ڪري موبائيل مان لاٿو.
نرميءَ سان چيائين، ”آھين ته عقل وارو پر ڪڏهن
ڪڏهن توکان عقل موڪلائي ٿو وڃي. ڏنگي ڇوري جي
سامھون ٿو کيس کنڀڻ جي ڳالھه ڪرين!“
”بس مڙئي ڪاوڙ اچي ويئي هئي سائين.“ جمادار
ڦڪائيءَ سان ٽھڪ ڏنو.
صوبيدار موبائل جي فرنٽ سيٽ تي ويھي سگريٽ دکائي
وڏو سوٽو هڻي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
ڪلاڪ ڏيڍ کان پوِءِ ميھار جي ٻيڙي ڪناري تي پھتي.
آلن ڪپڙن سان هڪ سپاهيءَ لاش ڪڍي اچڻ جي خوشخبري
صوبيدار تائين پھچائي. پوليس موبائيل ٻيڙيءَ جي
سامھون وڃي روڊ تي بيٺي. ميھار ۽ سپاهين لاش کڻي
اچي موبائيل ۾ رکيو ته ميھار سھڪندي هٿ جوڙي
صوبيدار کي عرض ڪيو، ”صاحب، هاڻي مان وڃان؟“
”ايڏي تڪڙ ڇاجي ٿي ڙي!“ صوبيدار ميھار کي رهڙ ڏني.
”صاحب، صبح مڙدان کان اُڃ ۽ بک تي پوليس جي ڪڍ هلي
هلي سٽجي پيو آهيان!“
”ترس، لاش کي پل جي ٻئي پاسي لوڙهي جان ڇڏايون ته
پوءِ هليو وڃجانءِ.“ صوبيدار بي فڪريءَ سان
وراڻيو. ميھار جي سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ ڪاوڙ ۾ بدلجي
وئي. پاڻ تي ضبط ڪندي چيائين، ”مان جيئري درياهه ۾
اکين ڏٺو مئل ماڻھو لوڙهڻ نه ڏيندس.“
”اڙي تون ڪير ٿيندو آهين اسان کي روڪڻ وارو!“
صوبيدار ڪاوڙ مان رڙ ڪئي.
”مھاڻو درياهه جو پُٽ هوندو آهي صوبيدار صاحب!“
ميھار جي دل درياهه جيڏي وڏي ٿي وئي، ڪاوڙ جو جواب
ڪاوڙ سان ڏنائين، ”جيڪڏهن تون لاش کي درياهه ۾
لوڙهيندين ته منھنجي وات کي تنھنجي بندوق به بند
نه ڪري سگهندي!“
ميھار جي ڪاوڙ ڏسي صوبيدار جا ٺَپَ ٺري ويا. کيس
پڪ ٿي وئي ته هاڻي مھاڻو مُٺِ ۾ نه ايندو. ڪجهه
سوچي چيائين، ”چڱو، لاش کي پُل جي ٻئي پاسي به نه
ٿا لوڙهيون پر هاڻي توکي هڪڙو ڪم ڪرڻو پوندو.“
لاش کي نه لوڙهڻ جي ڳالھه ٻڌي ميھار جي دل تي ڇنڊو
پيو. ٿڌو ساهه کڻي، ٿڌائيءَ سان پڇيائين، ”ڪھڙو
ڪم؟“
”هاڻي تون اڳ ۾ ڪوڏر هٿ ڪندين ۽ پوءِ قبر
کوٽيندين.“
”پر صاحب، مان گورڪن ناهيان!“ ميھار سخت پريشانيءَ
سان وراڻيو.
”ڪرين ٿو اهو ڪم يا ڪيون هڪڙو ٺڪاءُ ۽ وجهئون
تنھنجو لاش به موبائيل ۾؟“
ميھار کي لڳو ڄڻ هن جو ڪاريھر تي پير پئجي ويو
هجي.”مان... مان ڪوڏر کڻي ٿو اچان. هتي... درياهه
ڪناري هڪڙي هوٽل جي سامان ۾ پيل هوندي آهي.“
”پر خيال ڪجانءِ، ڪنھن کي کُڙڪَ نه پوڻ گهرجي.“
ميھار ويو ۽ ٿوري دير ۾ ئي ڪوڏر کڻي آيو.
پوليس موبائيل درياهه جي اوڀاري پاسي کان مين روڊ
ڪراس ڪري لھواري پاسي پھتي ۽ بند تي هلندي پرتي هڪ
ويران هنڌ تان درياهه جي پيٽ ۾ لھي وئي.
صوبيدار ۽ ميھار هيٺ لٿا. صوبيدار جي حڪم سان
سپاهين موبائيل مان لاش ڪڍي هيٺ رکيو. اهو ڏسي
ميھار جي اندر ۾ باهه ٻري پئي. صوبيدار ھيڏانھن
ھوڏانھن جو جائزو وٺي، اکين ئي اکين ۾ کڏ کوٽڻ جي
هنڌ جي چونڊ ڪري ميھار ڏانھن ڏٺو، ”اڙي ڪوڏر ڪٿي
آ؟“
”ڪوڏر موبائيل ۾ پئي آهي.“ ميھار پنھنجي ڏک ۽ ڪاوڙ
کي سيني ۾ سانڍي خشڪ لھجي سان وراڻيو.
”ڪوڏر پڻھين جي قبر کوٽڻ لاءِ گهر کڻي ويندين ڇا!“
”بابي مرحوم جو نالو نه کڻ صاحب!“ ميھار پنھنجي
ڪاوڙ تي ضبط ڪندي وراڻيو. ”لاش کي توهان درياهه جي
پيٽ ۾ دفن ڪندئو ڇا!؟“
”ٻيو تڏهن بابن شاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪري، گهر
وڃي ڪانڌپو ڪنداسين ڇا!“ صوبيدار داٻو ڏيڻ واري
انداز سان چيو.
ميھار جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه ڀڙڪو ڏئي سندس وجود
مان ٻاهر نڪري آئي. هن سر جو سانگو لاهي ڪاوڙ مان
وراڻيو، ”مان درياهه کي قبرستان ٿيڻ نه ڏيندس!“
”ڇو ڙي، درياهه تنھنجي پيءُ جي ٻني آهي ڇا!“
”هڪڙِي ڳالھه ٻڌي ڇڏ صوبيدار صاحب!“ ميھار ڊگهو
ساهه کڻي وراڻيو، ”هن درياهه هزارين سالن کان اسان
جي پيڙهين کي پاليو آهي. سنڌوءَ کي ڪو ميري اک سان
ڏسندو آهي ته اسان مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا
آهيون!“
صوبيدار کي ميھار جي بھادريءَ حيران ڪري ڇڏيو.
ٻه سپاهي ڪاوڙ منجهان ميھار ڏانھن وڌيا ته،
صوبيدار هٿ جي اشاري سان کين روڪي ڇڏيو ۽ سخت ڪاوڙ
منجهان ميھار ڏانھن ڏٺائين، ”اڙي توکي موت کنيو آ
ڇا!؟“
”ڀلي مون کي اڦٽ ماري ڇڏيو پر مان توهان کي درياهه
جي پيٽ ۾ لاش پورڻ به نه ڏيندس.“ ميھار بنا خوف جي
وراڻيو، ”درياهه مري ويو ته منھنجا ٻچا بک مري
ويندا.“
”اڙي درياهه ڪو ماڻھو آھي ڇا جو مري ويندو...!“
”سنڌو درياهه ڪو هڪڙي ماڻھوءَ جو نالو ناهي پر سنڌ
جو ساهه آهي.“ ميھار ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، ”درياهه
رڳو وهندو ناهي، ساهه به کڻندو آهي صوبيدار صاحب!“
صوبيدار ٽھڪ ڏنو. صوبيدار کي ٽھڪ ڏيندي ڏسي سپاهين
به هرو ڀرو کلڻ شروع ڪيو.
”درياهه ساهه کڻندو آهي ته پوءِ درياهه کي اڃ به
لڳندي هوندي!“ صوبيدار ميھار جي ذهني صحت تي شڪ
ڪندي طنز ڪئي.
”ها، درياهه کي اڃ به لڳندي آهي. ڏسو، اڄ به
درياهه اڃارو آهي سائين!“ ميھار درياهه ۾ چوڌاري
اڏامندڙ واريءَ جي وچ مان وهندڙ واهيءَ جيتري
پاڻيءَ ڏانھن اشارو ڪندي ڏک سان چيو، ”سنڌوءَ جي
اڃ تڏهن پوري ٿيندي، جڏھن تارئون تار وهندو وڃي
سمنڊ سان ملندو.“
صوبيدار جواب ڏيڻ بدران سگريٽ ڪڍي دکايو.
ميھار ٻيھر ڳالھايو، ”جڏھن درياهه کي اڃ لڳندي
آهي ته انسان بک مرندا آهن.“
صوبيدار سپاهين ڏانھن ڏسي بيزاريءَ منجهان چيو،
”هي ته الائي ڪھڙيون چريائپ واريون ڳالھيون ٿو
ڪري!“
”اهي سڀ عقل واريون ڳالھيون آهن صاحب!“
ميھار وراڻيو ”۽ اهي ڳالھيون درياهه سان عشق ڪندڙ
ئي سمجهي سگهندا آهن.“
”اوچتو عقل جون ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون اٿئي ۽ وڏو
بھادر ٿي پيو آن ڙي!“ صوبيدار جي ڀرسان بيٺل
جمادار ٽوڪ هنئي.
”ملاح سڀ خوف خطرا ڪناري تي رکي درياهه ۾ لھندو
آهي. متان سمجهو ته مان پويان پير ڪندس!“
”صاحب فل فرائي ڪيونس ڇا؟“ هڪ سپاهيءَ رائيفل تي
هٿ رکي صوبيدار ڏانھن ڏسندي پڇيو.
صوبيدار جي جواب کان اڳ ميھار رڙ ڪئي، ”ڀلي مون کي
ماري ڇڏيو پر مان سنڌوءَ کي مرڻ نه ڏيندس. هڻو مون
کي گولي!“
صوبيدار ڪاوڙ مان سپاهيءَ ڏانھن ڏٺو، ”هڪڙي لاش
مان اچي ڦاٿا آهيون، ٻي ڍونڍ کي وري ڪاڏي
ڍوئينداسين!“
صوبيدار پاسيرو ٿي جمادار سان صلاح ڪئي. ڪجهه دير
پاڻ ۾ ڳالھين کان پوءِ انھيءَ نتيجي تي پھتا ته،
چوڪيدار ۽ بيلدار کي به خبر آهي ته رات جي وڳڙي ۾
ميھار اسان سان گڏ هو. ان ڪري ميھار کي سٽڪو ڏيڻ
سان متان سڀاڻي ڪو احتجاج ٿئي ۽ ضلعي ڪماني هتي
موجود سڄي پوليس پارٽيءَ سسپينڊ ڪري، تنھن ڪري
ميھار سان وڙهڻ مھانگو پئجي ويندو.
صوبيدار صلاح ڪرڻ کان پوءِ موٽي اچي سپاهين کي لاش
واپس کڻي موبائيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي، سخت ڪاوڙ
منجهان ميھار ڏانھن ڏٺو. ڏند ڪرٽي چيائين، ”لاوارث
لاش جي ايف.آئي.آر داخل ڪري اسان پنھنجي مٿي ۾ سور
نه وجهنداسين. لاوارث لکي هڻئون ٿا لاش وڃي ڪنھن
مقام ۾ پر جي سڀاڻي تو وات کوليو ته پستول جو سڀئي
گوليون وات ۾ هڻندو سانءِ.“
ميھار هڪدم وراڻيو، ”پر جي توهان هتي نه، ڪنھن ٻي
هنڌ به لاش درياهه جي پيٽ ۾ پوريو ته مان ماٺ ڪري
نه ويھي رهندس.“
صوبيدار ڪو جواب نه ڏنو. هن پاڻ کي مھاڻي اڳيان
جنگ ۾ شڪست کاڌل سپاهيءَ جيان محسوس ڪيو. ڪنڌ هيٺ
ڪري وڃي موبائيل ۾ ويٺو. موبائيل جنھن هنڌ تان
درياهه جي پيٽ ۾ لٿي هئي، انھيءَ پاسي کان ئي بند
تي چڙهي واپس وڃڻ لڳي. ميھار درياهه جي پيٽ ۾ بيٺو
رهيو. سندس نظرون موبائيل جو پيڇو ڪنديون رهيون.
موبائيل پل تي موجود روشنيءَ منجهان گذرندي، پُل
اڪري هلي وئي.
رات جو آخري پھر پورو ٿي چڪو هو. پرهه ڦٽڻ واري
هئي. ميھار سڪون جو ڊگهو ساهه کڻي ڳيت ڏني ته، کيس
سنڌوءَ جيان خشڪ ٿي ويل پنھنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا ڇڀندي
محسوس ٿيا. هو ٿڪل قدمن سان آهستي آهستي هلندو،
درياهه جي پيٽ ۾ ڪنھن واهيءَ جيان وهندڙ پاڻي وٽ
پھتو. واريءَ تي ويھي، گوڏن ڀر جُهڪي، سنڌوءَ جي
پاڻي مان ٻُڪ ڀري هن پنھنجي وات ۾ اوتيو ته کيس
ائين لڳو، ڄڻ هو ننڍڙو ٻار هجي ۽ سندس نڙيءَ
منجهان ماءُ جي ٿڃ سندس اندر ۾ اوتجندي هجي! |