|
پروفيسر سائين بخش قبولائي

ٽڳر پرڳڻي جو
تاريخي احوال
تاريخي ڪتابن جي مطالعي مان بخوبي خبر پوي ٿي ته
اڳ سنڌ جا مختلف علائقا
رياستن، سرڪارين، محالن ۽ پرڳڻن تي مشتمل هئا.
آڳاٽي وقت ۾ سرڪار صوبي/پرڳڻي کي ڊويزن، ضلعي يا
تعلقي جيتري ايراضي ۽ حيثيت ۾ رکندا هئا.
اهڙيءَ طرح ”ٽڳر“
جنھن کي اڪثر ڪري
”ٽڳر
باغبان“
پڙهيو، لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو.
هونءَ به سنڌ ۾ شھرن جي ٻٽن نالن استعمال ڪرڻ جو
رواج عام جام آهي ۽ اهڙن جاڙن شھرن جا مثال سنڌ ۾
گھڻا آهن، جھڙوڪ: هالاڻي- بھلاڻي، سکر- بکر، بگي-
ٻنڊي ۽ ڪوٽ- قبولو وغيره،
پر
اهي
اصل ۾ الڳ الڳ ڳوٺ
يا شھر
آهن.
ساڳيءَ طرح ٽڳر ۽ باغبان سنڌ جا
ٻه
الڳ
علائقا
آباد ۽ مشھور
شھر هئا.
هڪ
باغبان پرڳڻو ۽ شھر، جيڪو پھريائين
سيوهڻ سرڪار ۾ هو ۽ هاڻوڪي
دادو
ضلعي جي ديھه
مخدوم بلاول يونين ڪائونسل موندر
۾
واقع آهي
۽ ٻيو
ٽڳر پرڳڻو ۽ شھر، بکر سرڪار ۾ هو ۽ هاڻي موجوده
لاڙڪاڻي
ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي هڪ ديھه
جو نالو آهي، سي جدا جدا
تاريخي
شھر ۽ پرڳڻا هئا.
’چچ نامه‘ ۾ ذڪر آهي ته راءِ گھراڻي جي زماني ۾ هن
علائقي کي ”ٻڌيه“ نالي سان سڏيو ويندو هو، جنھن ۾
موجوده لاڙڪاڻو (قمبر شھدادڪوٽ سميت)، شڪارپور،
جيڪب آباد ضلعا ۽ بلوچستان جو ڪڇي، ناڙي (فتحپور)
وارو علائقو اچي ٿو.(1)
”ٽڳر“ هڪ قديم تاريخي شھر هو، جنھن لاءِ چيو وڃي
ٿو: ”محمد بن قاسم جي لشڪر هن وسندي تي ڪاھ ڪئي ۽
اهو سنڌو درياھ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي نھايت ئي
خوبصورت شھر اڏيل هوندو هو.(2)
ارغونن جي دؤر ۾ انتظامي لحاظ کان سنڌ ڇھن يونٽن
يا سرڪار ۾ ورهايل هئي. هڪ بکر، ٻيو سيوهڻ، ٽيون
نصرپور، چوٿون چاچڪان، پنجون ٺٽو ۽ ڇھون چاڪر هالا
۽ جوڻ، بکر سرڪار جي پرڳڻن ۾ هڪ ٽڳر پرڳڻو هو.
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته: سنڌ جڏهن
مغل حڪمرانن جي ماتحت ٿي، ته هنن سنڌ کي انتظامي
لحاظ کان ٻن حصن يعني صوبي ٺٽي ۽ صوبي ملتان ۾
ورهايو. ’آئين اڪبري‘ جي لکت موجب سنڌ جو اتريون
حصو، جنھن ۾ سيوهڻ ۽ بکر سرڪار به شامل هئا، اهو
علائقو ملتان صوبي ۾ ۽ ڏاکڻيون حصو، ٺٽي صوبي ۾
شامل ڪيو هو. بکر سرڪار ۾ وري 12 محال (پرڳڻا) هئا،
جن ۾ چوٿين نمبر تي ”جاندوله“ محال ۽ ستين نمبر تي
”سنکر“ محال ڄاڻايل آهن، جيڪي اسان جي تحقيق موجب
ڪاتب ”چانڊوڪا“ يا ”چانڊڪا“ کي بگيڙي ”جاندوله“ ۽
ٽڳر کي ”سنکر“ ڪري لکيو آهي. چانڊڪا پرڳڻي جي
ايراضي پنج لک
اٺھتر
هزار چار سؤ ستر (578470) بيگه ڏيکاري ٿو، جنھن ۾
علائقي جي بچاءَ واسطي پيادل 800 ۽ سوار 400 سپاھي
رهندا هئا ۽ ذات جھنه (جھنجھڻ / شاهاڻي) ڏيکاريل
آهي. ان وقت سندس محصول ايڪٽيھه
لک ٻه هزار ست سؤ نوَ (3102709) رُپيه هو، ايترو
محصول ڪنھن ٻئي پرڳڻي جو ڪونه هو. ان مان هن
علائقي جي سرسبزي ۽ شادابي جو به اندازو لڳائي
سگھجي ٿو. ساڳئي ڪتاب ۾ ستين نمبر تي ”سنڪر“ پرڳڻو
لکيل آهي،(3) جنھن کي ’مظھر شاهجھاني‘
واري ”ٽڪر“ جي نالي سان سڏيو آهي.(4)
اهوئي سبب آهي جو پوين سڀني مؤرخن ”ٽڪر“ ئي نالو
نقل ڪيو آهي. محترم ايم - ايڇ پنھور ’پيرائتي سنڌ
ڪٿا‘ ۾ ۽ پنھنجي تيار ڪيل سنڌ جي انتظامي نقشي
(1700ع - 1680ع) ۾ ڪٿي ٽاڪار ته ڪٿي ٽڪر ڪري لکيو
آهي ۽ انھيءَ پرڳڻي کي چانڊڪا پرڳڻي جي اولھه ۾
مٿي جابلو علائقي ۾ ڄاڻايو آهي.(5) پر
اسان جي تحقيق موجب اهو ٽڳر پرڳڻو آهي، جنھن کي
’آئين اڪبري‘ وارو ”سنڪر“ سڏي ٿو ۽ سندس لکت موجب
هڪ لک اٺ سؤ ارڙهن (100818) بيگه ايراضي تي مشتمل
هو، جنھن ۾ هڪ هزار (1000) پيادا ۽ پنج سؤ (500)
سوار سپاھي علائقي جي تحفظ لاءِ موجود هئا ۽ ذات سھيجه
(سميجا) ڏيکاريل آهي. سندس محصول ارڙهن لک اٺ هزار
ڇھه
سؤ اٺاويھه
(1808628) رُپيه بيان ڪيل آهي.(6)
مغل دؤر جي هڪ ٻئي مشھور مؤرخ يوسف ميرڪ، بکر
سرڪار جا ڪل اٺ پرڳڻا ڄاڻايا آهن، جن مان پنج
درياھ جي کاٻي پاسي ۽ ٽي درياھه
جي ساڄي پاسي آهن. انھن ساڄي پاسي وارن ۾ ٽيون
نمبر ٽڪر پرڳڻو آهي جنھن بابت لکي ٿو:
”ٽيون ٽڪر وارو پرڳڻو آهي، جنھن ۾ سميجن، بڪيجن
(ٻگھين) ۽ لاکيرن جا راڄ رهن ٿا... پٽيجي ڳوٺ آهي،
جيڪو بکر جي راڄڌانيءَ واري ٽڪر جي پرڳڻي سان تعلق
رکي ٿو.“(7)
مٿي ڏنل حوالي تي جڏهن غور ۽ فڪر ڪجي ٿو ته لفظ
”ٽڪر“ پرڳڻو اصل ۾ ٽڳر پرڳڻو ئي واضح ٿي سامھون
اچي ٿو، جنھن کي ٽڳر پڙهڻ ۽ سمجھڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته
هن پرڳڻي ۾ ڳوٺ ”پٽيجي“ اڄ سوڌو موجود آهي، جيڪو
پهريان ٽڳر پرڳڻي ۽ تعلقي جي ديھه
طور مشھور هو ۽ هاڻي ميھڙ تعلقي جي ديھه
۽ تپو آهي. البت ديھه
جي نقشي ۾ پراڻي سنڌي لکت موجب ان جو املا
”پٽريجي“ ملي ٿو.
ٻيو ثبوت اِهو آهي ته هن ٽڪر پرڳڻي ۾ لاکير قبيلي
جا باشندا گھڻي تعداد ۾ ڄاڻائي ٿو. اِها ڳالھه
درست آهي ته اڄ به لاکير قبيلي جا پنجاھ ڳوٺ هن
علائقي ۾ آهن. مذڪوره قبيلي جي ايتري آبادي سنڌ جي
ٻئي ڪنھن به هنڌ ڪونھي. تنھن ڪري وڏي وثوق سان چئي
سگھجي ٿو ته اصل ۾ ٽڪر پرڳڻو ”ٽڳر“ آهي، جنھن جي
حدن ۾ لاکيرن ۽ ٿيٻن جا ڳوٺ موجود آهن.
انگريز جيمس مئڪمروڊو، سنڌو درياھ جي اولھندي پاسي
وارن پرڳڻن ۾ باغبان، ٽڳر
Tiggar
۽ چانڊڪا يعني ٽنھي پرڳڻن جا الڳ نالا کڻي ٿو.(8)
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:
”قديم
وقت ۾ باغبان واري پرڳڻي ۾ ٻه وڏا ڳوٺ هئا: هڪڙو
ٽڳر ۽ ٻيو باغبان، ٻئي گڏ
سڏجڻ
۾ ايندا هئا. هاڻ ٽڳر ميھڙ تعلقي ۾ آهي ۽ باغبان
دادو
شھر
جي ويجهو آهي.“(9)
ڊاڪٽر غلام علي سانگي لکي ٿو ته:
”هي ”خطو ٽڳر باغبان“ هڪ ٽيڳڙ خان نالي امير ارغون
کي جاگير طور انعام ڏنو ويو، جڏهن ته باغبان
علائقو ضلع دادوءَ ۾ پوي ٿو ۽ ٽڳر ضلع لاڙڪاڻي جي
حدن ۾ اچي ٿو، هي ٻه علائقا ”ٽڳر باغبان“ جي نالي
سان سنڌ ۾ مشھور رهيا. ان امير (ٽيڳڙ خان) ارغون
جاگيردار جي مالڪي جي ڪري هن شھر جو نالو ٽڳر سڏجڻ
۾ آيو.“(10)
اسان جي تحقيق موجب مٿين ڳالھه درست ڪونھي،
اصل ۾ سنڌي سماٽ جي ذاتين ۾ آڳاٽي ذات ٽَڳڙ موجود
آهي ۽ انھيءَ ذات جي نالي سان سنڌ جي مختلف ضلعن
يا تعلقن ۾ ڳوٺ، شھر ۽ ديھون آهن. هن علائقي جي
آسپاس ۾ به مذڪوره ذات جا ماڻھو ۽ سندن ڳوٺ موجود
آهن، تنھنڪري چئي سگھجي ٿو ته ”ٽڳڙ“ ذات تان ئي هن
شھر جو نالو پيل آهي، جيڪو عربي ۽ فارسي ٻولين جي
اثر ڪري بدلجي تکر، تگر ۽ پوءِ ”ٽڳر“ ٿي ويو آهي،
جيڪو انگريزي لکت ۾
Tiggar،
Tigar
۽
Tigir
ملي ٿو.
ياد رهي ته،
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ پرڳڻن مان ڍل وصول
ڪندڙ مختيارڪار، ڪاردار ۽ مک عملدار ارباب، مکي ۽
ڪوٽوار هوندا هئا. ارباب علائقي جا ڪي وڏيرا ۽ نيڪ
مرد هئا ته ڪي وري ٺيڪيدار مقرر ٿيندا هئا، جيڪي
فصل لھڻ
مھل
پيدائش مان آبياني ۽ محصول طور جنس يا ڍل وصول
ڪندا هئا. اهي نه فقط پنھنجي مرضيءَ موجب ڳريون
ڍلون يا محصول اُڳاڙي وٺندا هئا پر رعيت تي وڏا
ظلم پڻ ڪندا هئا، جنھنڪري رعيت بيزار ٿيندي هئي.
پر جي انھن جون شڪايتون مٿي وينديون هيون ته داد
رسي ته ٺھيو، مورڳو وڃي قيد ۾ پوندا هئا. اهڙو ذڪر
ڪتاب ’تاريخ مظھر شاهجھاني‘ ۾ به ملي ٿو. مثال طور
بکر سرڪار جي عامل طرفان چانڊڪا ۽ ٽڳر پرڳڻن جي
ظلمن جو هڪ واقعو هيٺ ڏجي ٿو:
”حڪيم (محمد) صالح بکر جي ملڪ ۾، جيڪو جواهرن سان
ڀريل سوني پيالي جيئان آهي، جڙتو ٺيڪيدارن جي ڪري
جمع بنديءَ ۾ گھٽ وڌايون پيدا ڪيون ۽ رعيتي ماڻھو
جيڪي باقاعدي ڍل ڀريندڙ هئا، ان کان سرڪش ٿي ويا.
جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو شاهي امين هجي ها ۽ دستور جي
خلاف ورزي ڪرڻ نه ڏئي ها ته اهڙا المناڪ واقعا
رونما ٿي نه سگھن ها ... جنھن چانڊڪا ۽ ٽڳر پرڳڻي
جي رعيت کي آزاري بيزار ڪري بکر ۾ وڳوڙ وجھرايا ۽
ماڻھن کي وِتَ مان ڪڍي ڇڏيائين. حڪيم صالح، چانڊڪا
پرڳڻي جي ارباب نندي (؟) جي پٽ صديق ۽ سندس ڄاٽي
شھ بيگ (شايد جنھن جي نالي سان ڏوڪري تعلقي ۾ ”ديھه
شھ بيگ“ پڻ موجود آهي) تي الزام مڙهي کيس قيد ڪري
بکر آندو ... ٽڳر جي پرڳڻي جي جاگيردار طاهر محمد،
اسي ماڻھن سان وڃي، انھن جي پرڳڻي (ٽڳر) جي ارباب
عبدالواحد کي (جيڪو ان وقت لاکيرن جي ڳوٺ ۾ هو)
قيد ڪري وٺي اچڻ چاهيو، پر سميجا لاکيرن وچ ۾ آيل
پاڻيءَ جو بند ڀڃي، لشڪر جي چوڌاري گھيرو ڪري بيٺا
۽ لشڪر تي تير وسائڻ شروع ڪري ڏنائون، جنھن ۾ اسي
(80) سوار ڪسجي ويا. تنھن کان علاوه هٿيارن ۽
گھوڙن جي به جيڪا ڦرلٽ ٿي سا پنھنجي جاءِ تي رهي،
ماڳهين خود طاهر محمد به سميجن جي ور چڙهي ويو.
(ڪاش!) جيڪڏهن بروقت رعيت کان ڍل اُڳاڙڻ ۾ آڙا
گوڙي نه ڪئي وڃي ها ۽ ان کي ظالم بگھڙن (ڪارندن)
جي ارڏاين کان امان ڏني وڃي ها. هاڻ جيڪڏهن حڪيم
صالح کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪيو وڃي ته به ساڳيو بکر نه
ٿي سگھندو.“ (11)
ساڳيو مؤرخ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”بکر جي راڄڌانيءَ ۾ ٻن هنڌن تي قبضي رکڻ جي ضرورت
آهي، جيڪا دائمي صورت ۾ هئڻ گھرجي. پهريون چانڊڪا
پرڳڻي جي وچ ۾ مضبوظ قلعو اڏائي اتي برجستن ماڻھن
جو ڪٽڪ ٿاڻي طور مقرر ڪيو وڃي جيئن هرڪو اٿندي
ويھندي مغلن جي مُنھن پوندو رهي، اُنھن کي چڱي ڀلي
جي پروڙ پئجي سگھي ۽ ڪو به پنھنجي آڏوڏائي ڏيکارڻ
جي نه ڪري .... ٻيو ٽڳر واري پرڳڻي ۾، باقي ٻيا
پرڳڻا هڪڙي جاگيردار ۽ عاملن وسيلي پوري ڍل
پھچائيندا رهن ٿا، تنھن هوندي به هڪ شاهي امين جو
اتي هجڻ لازمي آهي جيئن جاگيردار دستور جي خلاف ڪو
به قدم کڻي نه سگھي.“(12)
اهڙي طرح ڪتاب ’تواريخ حکام و متصديان بکر‘ جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو درياھ جي کاٻي
پاسي ”گاگڙي“ ۽ ”درٻيلي“ پرڳڻي جي شھرن ۽ ڳوٺن تي
جڏهن به مغل حڪمرانن طرفان لشڪر ڦُرلُٽ ۽ تاراج
ڪرڻ ايندو هو ته مذڪوره پرڳڻن جا رهاڪو درياھه
پار پرڳڻي جاندوله ۽ ٽڪر پرڳڻي ۾ وڃي پناھه
وٺندا هئا.(13)
مٿي بيان ڪيل حوالن تي جيڪڏهن اسين ٻنھي (چانڊڪا ۽
ٽڳر) پرڳڻن تي نظر وجھون ٿا ته اسان کي بخوبي
معلوم ٿيندو،
ته مغلن جي دؤر حڪومت ۾ بکر سرڪار جي انھن ٻنھي
پرڳڻن ۾ ڪوٽ تعمير
ٿيا.
ٽڳر پرڳڻي جي ديھه
ٽڳر ۾ ٻن ڪوٽن جا ڦٽل آثار ۽ کنڊرات اڄ به موجود
آهن. هڪ ”ٺَٽِيءَ جو دڙو“ جيڪو ”مغلن جو ڪوٽ“ سڏجي
ٿو ۽ ان جي ٿورو پرڀرو اوڀر طرف ٻيو ”شھيدن جو
ڪوٽ“ آهي،(14) جنھن ۾ هن وقت کبڙاڻي جي
سيدن ۽ ٻگھين کان علاوه ڳوٺ گولو گاڏهيءَ جي
گاڏهين جو مزارون مشھور آهن.
ٻيو چانڊڪا پرڳڻي ۾ (ڏوڪري/موجوده باقراڻي تعلقي)
جي تپي ڪنوري ۾ تاريخي ”ڪوٽ چانڊڪو“ ديھه
موجود آهي پر هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته
قديم زماني کان هن ديھه
۾ ڪوبه هڪ چانڊيو نالي ماتر به نه آهي، ان جي ڀيٽ
۾ هتي ڪلھوڙا ڪڙم جھجھو ۽ جام آهي ۽ ٻن ڪوٽن جا پڻ
آثار موجود آهن. هڪ ”ڪوٽ دائود“، جيڪو آدم شاهه
ڪلھوڙي جي پٽ جي نالي سان مشھور هو ۽ ٻيو ”ڪوٽ
چانڊڪو“، جيڪو پڻ هٽڙي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ موجود هو. هتي
ست قبا، هڪ مسجد ۽ کوھه
جا ڦٽل آثار ۽ اهڃاڻ هئا.(15)
پر زماني جي ستم ظريفي سبب هن وقت اهي آثار به نه
رهيا آهن.
غلام حسين ٻگھيو پنھنجي ڪتاب ’ٻگھيو قبيلو تواريخ
جي آئيني ۾‘
ڄام قربان علي ٻگهيو
ڏوڪري واري
کان
روايت ڪندي لکي ٿو:
”شاهه بيگ
ارغون
پنھنجي
حڪومتي دؤر ۾
سندن وڏي ڏاڏي
ڄام
ڪاهو
خان ٻگهيو کي
خط لکيو
هو
۽ ڏاڏي ڄام فتح محمد خان ٻگھيو، جنھن جي نالي سان
ديھه
”فتح پور“ آهي، سو ترخانن جي دور ۾ هن پرڳڻي (ٽڳر)
جو ڪاردار
هو
۽
علائقي جي ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتري جا ڪم
ڪيائين.
پر پوءِ
مغل بادشاهه
فتح محمد خان تي
علائقي
جي
عوام کي مغل حڪومت خلاف ڀڙڪائڻ
جي الزام ۽ ڍل نه ڏيڻ ڪري گرفتار ڪرايو.“
خانداني روايت موجب فتح محمد خان ٻگھيي
پنھنجي گرفتاري کان ڪجهه ڏينھن اڳ پنھنجي راڄ ڀاڳ
۽ خطي جي ماڻھن کي گهرائي سڀني جي موجودگيءَ
۾ پنھنجي وڏي پٽ ڄام دوست محمد خان کي خانداني پڳ
ٻڌائي
هئي، سو
سندس گرفتاري
بعد پيءُ
کي مغل بادشاهه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ دهلي روانو
ٿيو.
هن مغل حاڪم کان نه رڳو پنھنجي والد کي آزاد ڪرائي
ورتو، پر کيس
بادشاهه
طرفان ”يارنھن
هزاري“
جو لقب
(منصب)
به
وٺي
ڏنائين.
ساڳئي خاندان جي روايت مطابق
ستت ئي
پوءِ
اورنگزيب عالمگير بادشاهه سنڌ ڏانھن سفر ڪيو ۽
مختلف پرڳڻن
کان ٿيندو،
ٽڳر
باغبان
پرڳڻي ۾
اچي
منزل ڪيائين
۽ اُتي عام درٻار لڳايائين، جنھنڪري
آسپاس جي ڳوٺن جا چڱا
مڙس
۽
ڪمدار ڪاراوا
ماڻھو
اچي ساڻس مليا.
سندس حڪم موجب
ڄام
دوست محمد خان (ٻگھيي)
سنڌو درياھه
کان ٽڳر تائين
”مُنھڙو
واھه“
يعني درياءَ
جي مُنھن مان نڪرندڙ
واھ کوٽايو
هو،
جيڪو پوءِ ويڪري ٿيڻ ڪري ان ۾ غوراب ۽ ٻيڙيون
هلنديون هيون، جنھنڪري کيس ”غورابو واھه“
به سڏيو وڃي ٿو، جنھن جا آثار اڄ به ڳوٺ ٽڳر يا
درگاھه
نانگو شاهه بخاريءَ جي ڀرسان نظر اچن ٿا. اهو واھه
ٽڳر شھر جي اولھه ۽ ڏکڻ پاسي مان نڪري قبولو ۽ ڪوٽ
مرزا ڪالو جي زمينن کي سيراب ڪندو هو، ڪي ماڻھو هن
کي ”غاريبو واھه“
به سڏين ٿا.(16) پر انگريز سرڪار جي
رپورٽ ۾ اِهو واھه
”ڍورو مُنھڻو“
(Dhoro
Mohino)
جي نالي سان لکيل ملي ٿو.(17) جنھن مان
وري ٻه واھه
هڪ
’غاريبو‘
۽ ٻيو
’واهُو‘
واھه
نڪرندا هئا،
مٿي بيان ڪيل روايت جي تصديق تاريخ جي ڪنھن به
ڪتاب مان ٿي نه سگھي آهي، ته پوءِ ڪيئن چئجي ته
اورنگزيب بادشاهه ٽڳر پرڳڻي ۾ آيو هو؟ ائين ٿي
سگھي ٿو،
ته سندس طرفان ڪو گورنر يا ٻيو ڪو سرڪاري عملدار
آيو هجي. باقي هتي هن ڳالھه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي،
ته هن ٻگھيا خاندان وٽ دهليءَ جي مغل بادشاهه
اورنگزيب
جي سَند موجود آهي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄام
دوست محمد خان ٻگهيو هن علائقي جو ڪاردار مقرر هو.
اِها سَند تاريخ 12 ذوالحج 1116ھه
مطابق 7 اپريل 1705ع تي لکي وئي آهي.
انھيءَ سَند جو فارسي متن هن ريت آهي:
مُهر
سَند اورنگزيب بادشاهه دهلي
زبدة الاماثل
سردار ڄام دوست محمد بھکه که
بسببيت عالي متعالي اميدوار بوده بدانند
که درين والا از راه تفصيل رسيد
از
ورثي آن زبدة الامّاثل
بدستور سابق بحال فرموديم بايد که خود را زميندار
مستقل آنجا
وابسته
کسان
بيارد بي دين
بھم
قرين و کسان افغان را در حد زمينداري خود دخل
ندهند و آرند غلبه کما همه جھنميان از تعلقه
زمينداري او نرسدان اوشان المستعان در زبستان موکب ظفر نظران عالي متعالي زينت بخش آن ضلع
خواهد شد و هرکه با مفسدان مسطور رفاقت دارند.
اسير و يا قتيل خواهند شد.
و
درين باب از جناب عالي متعالي تاکيد اکيد داند که
باعث بھبود دين و دنيائ
او
درين است.
]دوازدهم
شھر ذي حجه سنه 46 از جلوس مقدس تحرير شد.[
سنڌي ترجمو
زبدة الاماثل سردار ڄام دوست محمد ٻگھيه، حاصل
مقصد ته ڪنھن سبب جي ڪري عالي جناب اميدوار هو.
معلوم هجي ته انھيءَ زبدة الاماثل بابت ان جي
وارثي جو جيڪو تفصيل پھتو ان بابت اڳوڻي دستور
(حڪم) موجب هينئر به چئي ڇڏيو آهي. کيس گهرجي ته
اتي جي مستقل رهندڙ زميندارن کان ماڻھو آڻڻ کپن.
غير مسلم توڙي ويجھا هجن ۽ افغاني ماڻھو (پٺاڻن)
کي پنھنجي زمينداري حدن ۾ دخل اندازي ڪرڻ نه ڏين ۽
پنھنجو غلبو رکڻ کپي ته جيئن جملي ..... زمينداري
تعلقي ۾ پهچي نه سگهن. انھيءَ عالي همت جي مددگاري
سان هن زبستان (علائقي) کي سوارن مٿان هن ضلعي کي
سوڀ ملندي ۽ جيڪي به فسادين سان لک پڙھ وارو تعلق
رکن ٿا انھن کي قيد ڪيو ويندو يا ماريو ويندو.
انھيءَ باري ۾ عالي جناب جو سخت تاڪيد سمجھيو وڃي،
ڇاڪاڻ ته دين ۽ دنيا جي ڀلائي انھيءَ ۾ آهي.
]12
ماھ ذوالحج سنه 46 جلوس مقدس تي لکي وئي.[
ٽڳر شھر ۾
جڏهن
هڪ
سيد صوفن شاهه اچي رهيو، تڏهن اُتي ٽڳر تي
مغلن جا ٻه ڪاردار
عاقل ۽ وريو
نالي ذات جا آگاڻي رهندا هئا. ٻي روايت آهي ته اهي
ذات جا ٻگھيا
هئا
۽ ٽئين روايت آهي ته اهي مغل پٺاڻ هئا.
انھن جون زمينون
”غاريبو
واھ“
تي آباد ٿينديون هيون،
جن ۾ خاص ڪري جوئر جي پوک ٿيندي هئي. ڪنھن ڳالھه
تان آگاڻين
تي صوفن شاهه مست ناراض ٿي پيو ۽ کين پاراتو ڏيندي
چيائين:
غاريبو
غار
ٿئي،
وهي نه واهُو،
الله آگاڻين جو ڪري،
سلو نه سائو.
جنھن تي پوءِ ڪجهه آگاڻين وڃي صوفن شاهه مست جي
آڏو پيش
ٿي
معافي گھري، انھن تي راضي ٿي، پوءِ هي لفظ چيائين:
غاريبو گل ٿئي، وهي واهو،
عاقل ۽ وريي جو سلو ٿئي سائو.(18)
ميان نور محمد ڪلھوڙو لکي ٿو ته:
”چانڊڪو پرڳڻو، ڪاڇي جو ڳچ حصو جنھن جو تعلق
سرداريءَ سان آهي، اهي سڀئي برخوردار محمد مراد کي
ڏنم. ڪنڊياري جو اڌ پرڳڻو، راڻيپور جو تپو، باغبان
جو اڌ پرڳڻو ... منھنجي ڀاءُ مرحوم مغفور محمد خان
(وفات: 1144ھ) وٽ هئا. ان کان پوءِ اهي منھنجي
اکين جي نور فضل علي کي ڏنا وڃن.“(19)
اسان جي تحقيق موجب مٿين حوالي ”باغبان جو اڌ
پرڳڻو“ مان مراد هي (ٽڳر پرڳڻي) جو علائقو آهي،
جيڪو ڪلھوڙن جي دور ۾ محمد خان ڪلھوڙي ۽ سندس پٽ
ميان فضل علي ڪلھوڙي جي ملڪيت ۾ هو ۽ سمجھڻ گھرجي.
اهوئي سبب آهي جو پوءِ اڳتي هلي، ميان فضل علي
ڪلھوڙي جي اولاد مان يا مٽن مائٽن مان جادم
ڪلھوڙو، قبول محمد ڪلھوڙو ۽ سندس پٽ ٻڍل ڪلھوڙو جا
نالا هن تعلقي جي ٽن ديھن تي پئجي ويا ۽ اهي ٽئي
ديھون هڪ ٻئي سان دنگيءَ به آهن. ٻيو هن علائقي
(موجوده دادو ضلعي جي اتر واري حصي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي
جي ڏکڻ واري حصي) ۾ درياھ جي ساڄي توڙي کاٻي پاسي
گھڻي ڀاڱي ڪلھوڙا قبيلو ۽ انھن جي نُکن / شاخن جا
سوين ڳوٺ موجود آهن. اِنھيءَ ڳالھه جي پٺڀرائي
ڪتاب ’لُب تاريخ سنڌ‘ مان به هن ريت ٿئي ٿي:
ڪلھوڙن جا چڱا مڙس ”ڪلھوڙڪي“ ۾ رهن ٿا، جيڪڏهن
ڪلھوڙڪيءَ جي علائقي کي هن وقت لاڙڪاڻي، نصيرآباد،
ڪڪڙ ۽ جوهي تعلقن ۾ شامل سمجھيو وڃي ته مناسب آهي.(20)
ان کان علاوه سندن لاڳاپي وارا گھڻ گھرا راڄ جا
ماڻھو هتي اچي رهائش پذير ٿيا، جن ۾ خاص طور تي
جوڻيجا
قبيلو به سرِ فهرست آهي، جيڪو آخري حڪمرانن ميان
غلام نبي ڪلھوڙي ۽ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جو
ناناڻِڪو راڄ هو. ان کان علاوه لشڪري ذاتين ۾
گاڏهي، لاشاري، جمالي، جسڪاڻي، سرگاڻي، بروهي،
چانڊيا، مگسي، کوسا،
جتوئي، جانوري، ڪهيري، ڪولاچي وغيره به ڪلھوڙا دور
۾ هنن علائقن ۾ اچي آباد ٿيل ڏسجن ٿا. جڏهن ته
هتان جا اوائلي مقامي رهندڙ قبيلن يا ذاتين ۾
(دادو ضلعي جي اتر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏکڻ ۾ درياءَ
جي ڪنڌيءَ تي) ابڙا، انڙ، اوڏ، ٻُرڙا، ٻَرڙا،
ٻگھيا، ڀاڳت، ڀٽي، تُنيا، ٿيٻا، جھتيال، جيسر، چنا،
ڏيرا، راڌڻ، ساريا،
سما، سومرا، سهتا،
سامٽيا، سولنگي سيهڙ، ڪانڌڙا، ڳورڙ، لاکير، ماڇي،
ميربحر، ميراڻي، ملاح ۽ مهيسر وغيره آباد نظر اچن
ٿا.
’باقيات از احوال ڪلھوڙا‘ ۾ ميان غلام شاهه جي دؤر
۾ پرڳڻن جي پيداوار بابت ياداشت ڏني وئي آهي، جنھن
۾ هتان جي ٻنھي چانڊڪا ۽ ٽڳر باغبان پرڳڻن جي
آمدني هن ريت بيان ٿيل آهي:
”پرڳڻو لاڙڪاڻو ۽ چانڊڪو ۾ وڏي درياءَ مان هتان
ناري واھ ذريعي پاڻي وهي وڏي ڍنڍ منڇر ۾ پوي ٿو.
سندس پيداوار 11 لک، 35 هزار، ڇھه
سؤ هڪ روپيو ۽ اٺ آنا آهي. پرڳڻو ٽڪر باغبان (اصل
۾ ائين لکيل آهي.) جي پيداوار 10 لک، 19 هزار، 71
روپيو آهي.“(21)
مٿئين حوالي مان ان راءِ جي پٺڀرائي ٿئي ٿي،
ته چانڊڪا پرڳڻو ۽ ٽڪر پرڳڻو الڳ هئا. هن حوالي ۾
”ٽڪر“ پرڳڻو جيڪو اصل ۾ ”ٽڳر“ لفظ آهي ۽ ٽڳر ئي
پڙهڻ گھرجي،
ته جيئن هن علائقي جي تاريخ کي سمجھڻ ۾ آساني پيدا
ٿئي. ٻيو ته ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ ٽڳر ۽
باغبان الڳ الڳ پرڳڻا بکر ۽ سيوهڻ سرڪار ۾ هئا.
ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: هڪ
حصي تي حيدرآباد جي شھداداڻي، ٻئي حصي تي
ميرپورخاص ۾ ماڻڪاڻي ۽ ٽئين حصي تي خيرپور رياست ۾
سهراباڻي ميرن پنھنجون پنھنجون حڪومتون ٺاهي هلائڻ
لڳا، پر مرڪزي حيثيت وري به حيدرآباد وارن
شھداداڻي ميرن وٽ هئي. ان زماني ۾ اسان جو هي
علائقو سهراباڻي ميرن يعني خيرپوررياست جو دنگئي
هو ۽ شھداداڻي حيدرآباد وارن ميرن جي حڪم هيٺ هو ۽
اتي سندن طرفان نواب ولي محمد خان لغاري
گورنر/وزيراعظم مقرر هو، جيڪو پنھنجي وفات: 1832ع
تائين انھيءَ عھدي
تي فائز هو.(22)
ياد رهي ته شروع کان ”ٽڳر“ پرڳڻو برقرار هو، پر
پوءِ شايد کيس ”باغبان“ پرڳڻي سان شامل ڪيو ويو،
جنھنڪري پوءِ ٻئي پرڳڻا گڏجي هڪ ئي نالي ”ٽڳر -
باغبان“ سان پڻ مشھور ٿيا. اهڙو ذڪر اسان کي ڪتاب
’انشاءَ ابري‘جي لکت ۾ هن ريت ملي ٿو:
”مجموعه فضائل محمودة الخصائل منتخب نسخه فطانت
فهررتِ ابواب و ديانت و امانت دولت بي نظير ميان
پريه فقير بعد از شيرازه بندي مجموعه شوق آغاز
محبت انجام منکشف رائي ادراک انتمائي مي نمايد
دراين ايام ميمنت فرجام طنطنه (آواز) شادماني و
زمزمه خجسته فرجامي بدين نهج سامعه افروز احيا
کرديم او حضور پر نور عهد کارداري پرگنه ’ٽکر
باغبان‘ بنام و اسم سامي مقرر که مفوض شد از اين
معني نھال آمال دوستان ريشه آمال دراز کشيده بساز
و برک رسيده و شاخسار تمنيات ثمره مرداد بازداد
باري تعاليٰ تشريف اين خذمت باعظمت را بر وجود
مسعود مبارک عاقبت محمود کرداند دراينولا بر
استظهار توجھات عاليات برخوردار اقبال آثار فلان
در خدمت ميرسد توقع وقيع که مشاره اليه را بکاربار
ضبط خواه ديگري بوده باشد مشغول و سرگرم فرموده
احقر را مرحون منت فرمايند.“(23)
جڏهن انگريز تاريخ 17 محرم 1259ھ مطابق 17 فيبروري
1843ع تي سموري سنڌ تي قابض ٿيا ته هنن انتظامي
لحاظ لاءِ سنڌ کي ٽن ضلعن: ڪراچي، حيدرآباد ۽
شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو. جڏهن ته شڪارپور ضلعو وري
چئن سب ڊويزنن:
هڪ روهڙي، ٻيو شڪارپور/ سکر، ٽيون لاڙڪاڻو ۽ چوٿون
ميھڙ ۾ ورهايو.
انگريز سرڪار ”ٽڳر“ شھر جي تاريخي قدامت ۽ علمي
اهميت کي مدِنظر رکندي، کيس تعلقي جو درجو ڏنو ۽
ٽڳر شھر ئي سندس پهريون تعلقه هيڊڪوارٽر بڻيو.
جڏهن شڪارپور ڪليڪٽوريٽ هئي، تڏهن ميھڙ سندس سب
ڊويزن هئي، جنھن ۾ چار تعلقا: هڪ ميھڙ، ٻيو ڪڪڙ،
ٽيون نصيرآباد ۽ چوٿون ٽڳر هئا. (1) ميھڙ تعلقي ۾
8 تپا
۽ 100 ديھون (2) ڪڪڙ تعلقي ۾ 11 تپا
۽ 124 ديھون، (3) نصيرآباد تعلقي ۾ 8 تپا
۽ 55 ديھون ۽ (4) ٽڳر تعلقي ۾ 7 تپا
۽
68
ديھون شامل هيون.
ٽڳر (هاڻوڪي ڏوڪري تعلقي جي ڏکڻ واري حصي تي) جدا
تعلقو موجود هو، جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ هن ريت
هئي: اُتر ۾ لب درياءَ تعلقو ۽ نصيرآباد تعلقو،
اوڀر ۾ سنڌو درياھُ، ڏکڻ ۾ ڪڪڙ تعلقو ۽ اولھه ۾
ميھڙ تعلقو هو. هي تعلقو 13 ميل ويڪر، 24 ميل ڊيگهه
۽ 301 چورس
ميل يعني 192640 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل هو،
جنھن جي 1856ع ۾ اوڻويھه
هزار ٽي سو ڏھه
(19310) ۽ 1868ع ۾ ٽيويھه
هزار (23000) آدمشماري هئي. 63 - 1862ع ۾ ٽڳر کي
نانگي شاهه وٽ سنڌو درياَ
کان بچاءُ بند ڏنو ويو، (اهو بند هن وقت به موجود
آهي ۽ پراڻو بند سڏجي ٿو) ڇاڪاڻ ته هر سال تعلقي
ٽڳر جون 17 ديھون سيلاب هيٺ اينديون هيون. ٽڳر
تعلقي ۾ 7 تپا ۽ 68 ديھون هيون، جيڪي هي آهن:
(1) تپو ناري، جنھن ۾ 3 ديھون:
1. ناري 2. دائود ديرو 3. پيروز شاھ.
(2) تپو مگسي، جنھن ۾ 5 ديھون:
4. مگسي 5. ٿلهو/ تلو (Tallo)
6. سيالي (Seyli)
7. ساهڙ 8. شاهه پنجو.
(3) تپو نئون ڳوٺ، جنھن ۾ 5 ديھون:
9. نئون ڳوٺ 10. آڳرا 11. گھارو (Gharo)
12. ويگھيا (Vighia)
13. ڪڙيو راوت.
(4) تپو ويھڙ، جنھن ۾ 7 ديھون:
14. ويھڙ 15. چڪرو 16. ڪلھوڙا 17. ٽڳر 18. چنه 19.
سوئي 20. لاشاري.
(5) تپو گاجيديرو، جنھن 20 ديھون:
21. ٻڍوديرو 22. جکرا 23. خيروجھتيال 24. عالماڻي
25. ٽاٽڙي 26. گاجيديرو 27. گھانگھرڪو 28. ٻنڊي
جمالي (Bindi
Jamali
) 29. فتح پور 30. ڪاراڻي 31. کبڙاڻي 32. اوٺوال (Otwal)
33. خچرپور 34. سوفو (Sufo)
35. شينهڻ (Shihun)
36. قبولو 37. الهيارلاشاري 38. سامٽيا 39. منڇر (Mancher)
40. سيھڙ.
(6) تپو باڊھه،
جنھن ۾ 15 ديھون:
41. باڊھ، 42. وارياسو 43. ڪمالپور 44. بوٿرو 45.
پَٽ ڪنڊي 46. وهڻي (Vehni)
47. خيرواھ 48. گنجڙوٺ 49. آڏي 50. ڌامراهو
51.جلباڻي، 52. ڪلاچ (Kallach)
53. مرزائي 54. ڏتو کوکر 55. بُٺ.
(7) تپو محمد جھتيال، جنھن ۾ 13 ديھون:
56. محمد جھتيال 57. ڀنڀور 58. پٽيجي 59. نسوئي
60. ٿرڙي محبت 61. راڌڻ 62. نيرھ 63. ملوڪ شاهه
64. آهند (Ahand)
65. يارولاکير 66. جادم ڪلھوڙو 67. ڪڙيه قاسم شاهه
68. اڪهور (Akhor).
انگريز دؤر ۾ ٽڳر تعلقي جا 48 ڳوٺ روينيو آمدني جي
لحاظ کان ٻن گروپن ۾ ورهايل هئا:
پھرين
گروپ ۾ 18 ڳوٺ:
1. خيرواھ 2. گهانگھرڪو 3. گاجيديرو 4. ٽاٽڙي 5.
خيروجھتيال 6. سامٽيه 7. ٻڍوديرو 8. قبولو 9. سيھڙ
10. خچرپور 11. آڏي 12. جادم ڪلھوڙو 13. راڌڻ 14.
يارولاکير 15. نيرھه،
16. ٿرڙي محبت، 17. پٽيجي، 18. ڪيرڙو.
ٻي گروپ ۾ 30 ڳوٺ:
1. باڊھه
2. مرزائي 3. ڌامراهو 4. بُٺ 5. پَٽ ڪنڊي 6.
ڪمالپور 7. وارياسو 8. نسوئي 9. ٽڳر 10. سوئي 11.
لاشاري 12. نئون ڳوٺ 13. شاهه پنجو 14. مگسي 15.
سعد (sidh)
16. ناري 17. رپ ناري 18. مريد لاکير 19. ڪوٺي
(کوکر) 20. پيروز شاهه 21. ڪڙيو قاسم شاهه 22. کوھ
نورنگ 23. سيري 24. ڪانڌڙا 25. فتح پور 26. ڪاراڻي
27. چڪرو 28. ويھڙ 29. بوٿرو 30 گُڪو.(24)
ميھڙ ڊويزن (ميھڙ تعلقه ٽڳر سميت، نصيرآباد، ڪڪڙ
۾) مقرر ٿيل پوليس وارن جو ڪُل تعداد 131 هو يا هڪ
پوليس وارو آباديءَ جي 1086 ماڻھن تي مقرر ٿيل هو.
اُهي ضلعي ۽ پيادل ٻهراڙيءَ جي رستي ۾ ورهايل هئا.
ميھڙ (تعلقه ٽڳر سميت) ۾ رهندڙ پوليس دستي ۾ 11
سوار سپاهي، 47 (هٿياربند ۽ بناهٿياربند) پيادا
سپاهي ۽ 4 ميونسپل پوليس هئي.(25)
ٽڳر تعلقو جيڪو اڳ ۾ 68 ديھن تي مشتمل هو، سو آخر
انھن ۾ ردوبدل يا ڪجهه
ديھون هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيڻ ڪري باقي 47 ديھن تي وڃي
رهيو، جنھن ۾ موجوده تعلقي ڏوڪريءَ جون ڏاکڻيون 22
ديھون: گاجي ديرو، فتح پور، چڪرو، ڪاراڻي،
گهانگھرڪو، باڊھه،
مرزائي، خيرواھه،
ٽاٽڙي، خيرو جھتيال، کوھه
نورنگ، ٻڍوديرو، خچرپور، ٽڳر، سامٽيا، سيھڙ،
يارولاکير، قبولو، جادم ڪلھوڙو، ويھڙ، سوئي ۽ ناڙي
لاشاري. ميھڙ تعلقي جون 21 ديھون: ڪمال پور،
وارياسو، ڪانڌڙا، سيري، بوٿرو، (پَٽ) ڪنڊي، ناري
(نيرھه)،
راڌڻ، ٿرڙي محبت، ڪڙيو قاسم شاھه،
پٽيجي، رپ ناري، شاهه پنجو، ڪيرڙو، نسوئي،
پيروزشاھه،
مريد لاکير، مگسي ۽ نئون ڳوٺ ۽ نصيرآباد تعلقي جون
4 ديھون: بُٺ، گُڪو، ڌامراهو ۽ آڏي شامل هيون.
مطلب ته انھن ٽنھي تعلقن جون مٿيون ديھون پھريان
ٽڳر تعلقي ۾ موجود هيون.
انگريز پنھنجي دؤر ۾ انتظامي لحاظ کان سنڌ جي
علائقائي تڪبندن جي جوڙجڪ ۾ گھڻي ڦيرڦار ڪندا
رهيا. 24 نومبر 1884ع تائين ٽڳر تعلقو پنھنجي
تعلقي واري حيثيت برقرار رکيون آيو. ان کان پوءِ
شايد ڪنھن وڏي ٻوڏ سبب ٽڳر تعلقو پنھنجي انتظامي
اهميت ۽ افاديت وڃائي ويٺو، جنھن ڪري سندس ديھون
ٽن تعلقن: هڪ ميھڙ، ٻيو نصيرآباد ۽ ٽيون لب درياءَ
۾ ضم ڪري، ٽڳر تعلقي کي هميشه جي لاءِ ختم ڪيائون.
اهڙو نوٽيفڪيشن نمبر 9334 بمبئي مان تاريخ 25
نومبر 1884ع تي جاري ٿيو، جنھن ۾ هن ريت ذڪر آهي:
”ڪمشنر پاران سنڌ ۾ ٽڳر تعلقو ختم ڪرڻ، جوهي تعلقو
ٻيھر
بحال ڪرڻ، دادو، سيوهڻ، ڪڪڙ، ميھڙ، نصيرآباد ۽ لب
درياءَ تعلقن جي ٻيھر
جوڙجڪ لاءِ پيش ڪيل تجويزون، عزت مآب گورنر جي
ڪائونسل کي مناسب لڳن ٿيون ۽ انھن سان خرچ ۾ ٿورو
اضافو ٿيندو. تنھنڪري اِهي تجويزون جيئن سفارش
ڪيون ويون، پھرين
ڊسمبر کان نافذ العمل ٿيڻ جي منظوري ڏني وڃي ٿي.“(26)
انگريز دؤر ۾ تعلقي ٽڳر جا ڪيترا مختيارڪار ٿي
گذريا آهن؟ تنھن بابت اسان کي في الحال ڪا فهرست
ملي نه سگھي آهي، پر خوش قسمتي سان ڪجهه
نالا مليا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
هڪ مرزا ڪالو خان پٺاڻ ٽڳر تعلقي جو مختيارڪار ٿي
رهيو هو، جنھن جي نالي سان ٻڍوديرو ۾ ڳوٺ ”ڪوٽ
مرزا ڪالو“ آباد آهي ۽ اتي هن مٽيءَ جو ڪچو اوڏڪو
ڪوٽ ٺھرايو
هو، جنھن جو هاڻي ڪو به وجود ڪونھي، باقي سندس
نالي سان اهو تاريخي ڳوٺ اڄ به موجود آهي.(27)
ٻيو مير فيض محمد ٽالپر ٽڳر تعلقي جو مختيارڪار ٿي
گذريو آهي، جيڪو اصل خيرپورميرس جو رهاڪو هو، پر
ان دؤر ۾ ٽڳر تعلقي جو مختيارڪار ٿي آيو. جيئن ته
نانگو شاهه ڳوٺ، ٽڳر شھر جي ويجھو هوندو هو ۽ ان
دؤر ۾ نانگي شاهه ڳوٺ ۾ ٻه سدا سھاڳڻيون:
هڪ نوابزادي ۽ ٻي خانزادي نالي هر عام و خاص جي
ڌيان
جو مرڪز بڻيل هونديون هيون. مير صاحب جي مائي
خانزاديءَ سان لنؤن لڳي وئي، جنھنڪري ساڻس شادي
ڪري ويٺو ۽ خيرپور شھر کي خيرآباد چئي، نانگي شاهه
۾ ئي پنھنجو گھر ڪري ويھي رهيو ۽ اتي ئي پنھنجا
پساھه
پورا ڪري دفن ٿيو.(28)
ٽيون ديوان سخاوت راءِ به ٽڳر تعلقي جو مختيارڪار
ٿي گذريو آهي. اسان جي نظر مان هڪ دستاويز جو سچو
نقل گذريو، جنھن ۾ لکيل آهي ته: تاريخ 25 مارچ
1875ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب بھادر سب ڊويزن ميھڙ،
ڪچي جي ديھه
ويھڙ ۾ منزل ڪئي هئي، جتي روينيو ڪورٽ ۾ ديوان
سخاوت راءِ مختيارڪار تعلقه ٽڳر جي اڳيان وڏيري
فتح محمد جوڻيجو جي زميني معاملي تي فيصلو ڪيو
ويو. انھيءَ لکت موجب ان وقت تعلقي ٽڳر جو
مختيارڪار مذڪوره ديوان صاحب هو.
چوٿون گل محمد خشڪ ٽڳر تعلقي جو مختيارڪار ٿي
گذريو آهي، جنھن بابت مرحوم ماستر حبيب الله
جوڻيجو ويھڙائي کان روايت آهي ته 1876ع ۾ ٽڳر
تعلقي جو مختيارڪار گل محمد خشڪ هو، جنھن پنھنجي
نالي سان ”ڳوٺ گل محمد خشڪ“، جيڪو موجوده ويھڙ شھر
کان ڳوٺ گل محمد هيسباڻي جي رستي تي وچ ۾ واقع هو،
سو چوڏهن جريبن تي قائم ٿيل هو. (پر
روينيو رڪارڊ ۾ 3 ايڪڙ 27 گھنٽا
ڄاڻايل آهي.) مختيارڪار گل محمد خشڪ ڪجهه
وقت کان پوءِ هتان لڏي دادو شھر جي ڪچي طرف وڃي
رهيو ۽ هتان واري سندس زمين واڻين وٽ گروي هئي، جا
پوءِ نيلامي هيٺ آئي ۽ آخر واڻين جي حوالي ٿي.
انھيءَ ڳوٺ جي آثارن ۾ هن وقت رڳو مسجد جا آثار
موجود آهن ۽ اڄ به اها ”خشڪ واري مسجد“ سڏجي ٿي.
(29)
پنجون مرزا قليچ بيگ به تعلقي ٽڳر جو مختيارڪار ٿي
رهيو، پاڻ پنھنجي ڪتاب ’سائو پن يا ڪارو پنو‘
۾ لکي ٿو ته:
”مون کي ميھڙ ڊويزن جي ٿرڙي محبت تعلقي جو
مختيارڪار ڪيائون، جتي ٻه ٽي ورهيه گذاريم. ٿرڙي
محبت جي ويجھو راڌڻ اسٽيشن ... ڪوھ ڏيڍ پنڌ تي
آهي.“ (30)
مرزا صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ پنھنجي زندگيءَ سان واسطو
رکندڙ مکيه ڳالھين جو سالوار نقشو ڏنو آهي، جنھن ۾
هن پاڻ کي 1880ع ۾ ٽڳر تعلقي جو مختيارڪار ڄاڻايو
آهي.(31)
پر اُن ۾ ٿرڙي محبت تعلقي جو ذڪر ڪونھي. راقم جي
راءِ آهي ته ٿرڙي محبت شھر ڪڏهن به تعلقو ڪونه
رهيو آهي، بلڪ هي شھر ٽڳر تعلقي جو ڪجهه
وقت صدر مقام يعني تعلقه هيڊڪوارٽر ٿي رهيو آهي.
ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته:
”مرزا قليچ بيگ 23 فيبروري 1880ع تي ٽڳر ضلعي
لاڙڪاڻي (ان وقت ضلعي شڪارپور) جو مختيارڪار ٿيو
ته سمجھيائين ته هاڻ ڪنھن لائقيءَ لڳو آهيان.“
(32)
ٽڳر شھر جيڪو آڳاٽي زماني يعني ارغونن ۽ مغلن جي
دؤر ۾ تمام وسندڙ شھر ۽ وڏي عروج تي هو، جنھن ۾
رڳو ڪاسبي (لوهر، موچي ۽ ڪنڀرن)
وغيره جا 600 کن گهر موجود هوندا هئا ۽ هن شھر ۾
وڏا عالم، محدث، مفسر، فقيھ، شاعر ۽ عارف ٿي گذريا
آهن. هتان جو مدرسو ماضيءَ ۾ علمي لحاظ کان تمام
گھڻو مشھور هو ۽ انھيءَ مدرسي جي شاگردن مان مخدوم
محمد اسماعيل جوڻيجو پريالوءِ وارو به هڪ هو، جيڪو
اصل هتان جو رهاڪو هو ۽ پاڻ پنھنجو شجرو هن ريت
لکيو اٿس: ”فقير پر تقصير اميدوار بدرگاه رحيم،
اسماعيل بن ملا فريدالدين بن شريعت پناه ميان
اسماعيل مفتي بن ملا اسحاق محتسب عرف قاضي ساکن
تڳر“(33)
هن حوالي مان ظاهر آهي ته مخدوم صاحب جي خاندان
مان سندس والد عالم، ڏاڏو مفتي ۽ پڙڏاڏو احتساب
(قضا) جي عهدي تي فائز هو ۽ ٻيو سيد صوفن شاهه
بخاري ۽ ٽيون مخدوم حافظ محمد قاسم جوڻيجو هن شھر
جا مشھور بزرگ هئا ۽ پويان ٻئي بزرگ ٽڳر ۾ مدفون
آهن ۽ سندن مزارون اڄ به مرجع عام و خاص آهن.
ٽڳر شھر اڳتي هلي پنھنجي پرڳڻي واري تاريخي اهميت
۽ پوءِ تعلقي واري حيثيت به برقرار رکي نه سگھيو ۽
پنھنجو اهو اوج وڃائي ويٺو. جنھنڪري 85 - 1884ع
کان پوءِ هڪ ڳوٺ واري صورت ورتائين. انھيءَ ڳوٺ
واري حيثيت ۾ به هڪ صدي کان پوءِ هن ڳوٺ جي باري ۾
ڊاڪٽر غلام علي سانگي لکي ٿو ته:
”ٽڳر جي گذريل دٻدٻي کان پوءِ هن مهل (1988ع)
۾
20 جھڳا آهن، جن ۾ 100 کن آدم ساھه
کڻي ٿو، منجهس سيد، جوڻيجا، ڀاڳت، شيخ، مڱڻهار،
ميربحر ۽ گوپانگ ذاتيون رهن ٿيون، .... ٽڳر ڏوڪري
شھر کان 16 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي.“(34)
ياد رهي ته ٽڳر شھر جي زوال جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا:
هڪ مھا
ٻوڏن ۽ درياھه
جي پائڻ ڪري ۽ ٻيو اَسيءَ
واري ڏهاڪي ۾ ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن جو آماجگاھ
بنجڻ ڪري،
حفاظتي ادارن
جي هر وقت ڇاپن سبب هتان جا مقامي ماڻھو شھرن
ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا، جنھن ڪري هي تاريخي شھر ڦٽي
برباد ٿي ويو، جنھن جا آثار ۽ اهڃاڻ ڪٿي ڪٿي دڙن
جي صورت ۾ موجود آهن. مطلب ته هاڻي2025ع ۾ ٽڳر ڳوٺ
واري حالت ۾ به نه رهيو آهي، هينئر هتي فقط هڪ سيد
پيرل شاهه بخاري جي حويلي ۽ سندس اوطاق کان سواءِ
سموري ديھه
۾ رڳو ٻن ماڳن تي هارين جا هڪ ٻه جھڳا وڃي رهيا
آهن.
حوالا:
1.
بلوچ،نبي بخش خان، (ڊاڪٽر)، ”چچ نامو“، مترجم
مخدوم امير احمد، صفحو 402، سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، ڇاپو چوٿون، 1994ع
2.
جوڻيجو، ماستر حبيب الله ويھڙائي ۽ ماستر وزير علي
منگي ٽاٽڙي، ”ٽڳر“ بابت قلمي مواد
3.
فيضي، ابوالفضل علامه، ”آئين اڪبري“ جلد پھريون،
ڇاپو ٻيو،
سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور، 1978ع،
صفحو 145
4.
ميرڪ، يوسف، ”تاريخ مظھر شاهجهاني“، صفحو 120،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، 1994ع
5.
پنھور، ايم ايڇ، ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“، صفحو 356،
پنھور ايم - ايڇ انسٽيٽيوٽ ڄام
شورو، سنڌ، 2003ع
6.
فيضي، ابوالفضل علامه، ”آئين اڪبري“ جلد پهريون،
ڇاپو ٻيو،
سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور، 1978ع،
صفحو 145
7.
ميرڪ، يوسف، ”تاريخ مظھر شاهجهاني“، صفحو 12- 120،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، 1994ع
8.
مئڪمورڊو، جيمس، سنڌيڪار: ڀنڀرو، عطا محمد، ”سکاري
سنڌ ڏکارا ماڻھو“، صفحو 16، سنڌيڪا اڪيڊمي
حيدرآباد، 2015ع
9.
ميرزا، قليچ بيگ، ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشھور شھر ۽
ماڻھو“، صفحو 315، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1990ع
10.
سانگي، غلام علمي همت علي، (ڊاڪٽر)، ”لاڙڪاڻو
سڀيتا سنڌو ناڻو“، صفحو 229، دودائي سانگي
پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2017ع
11.
ميرڪ، يوسف، ”تاريخ مظھر شاهجهاني“، صفحو 113 -
315، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، 1994ع
12.
ساڳيو، صفحو 126
13.
نامي بيگ، محمد بن زنده علي بيگ، ”تاريخ حکام و
متصديان بکر“، قلمي مسودو
14.
سانگي، غلام علمي همت علي، (ڊاڪٽر)، ”لاڙڪاڻو
سڀيتا سنڌو ناڻو“، صفحو 229، دودائي سانگي
پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2017ع
15.
ساڳيو، صفحو 214
16.
ٻگھيو، غلام حسين، ”ٻگھيو قبيلو تواريخ جي آئيني
۾“، صفحو 94، 95، 121، 143، ٻگھيا اڪيڊمي لاڙڪاڻو،
2016ع
17.
روينيو سروي سيٽلمينٽ رپورٽ لب درياھه
تعلقه، صفحو 15، سال 1909ع
18.
سانگي، غلام علمي همت علي، (ڊاڪٽر)، ”لاڙڪاڻو
سڀيتا سنڌو ناڻو“، صفحو 230، دودائي سانگي
پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2017ع
19.
ڪلھوڙو، نور محمد ميان، ”منشور الوصيت“، مترجم
قادري عبدالرسول مولانا، صفحو 46، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام
شورو، 2005ع
20.
خانبھادر، خداداد خان، ”لب تاريخ سنڌ“، مترجم حافظ
خير محمد اوحدي، صفحو 132، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، 1989ع
21.
بلوچ، نبي بخش خان، (ڊاڪٽر)، ”بقايات از احوال
ڪلھوڙا“، مترجم قادري عبدالرسول مولانا، صفحو 53 -
54، ڊاڪٽر اين - اي بلوچ انسٽيٽيوٽ، 2017ع
22.
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، (ڊاڪٽر)، ”لاڙڪاڻو ماضي ۽
حال“، صفحو 92، موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي
لاڙڪاڻو، 2001ع
23.
انصاري، محمد ابراهيم، احمداڻي سيوستاني، ”انشاء
ابري“، قلمي مسودو سن 1204ھه
24.
سيٽلمينٽ رپورٽس آف دي ميھڙ ڊويزن، صفحو 32،
شڪارپور ڊسٽرڪٽ، سنڌ، 1889ع
25.
هيوز، اي - ڊبليو: ”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو
526،
سال 1876ع
26.
سيٽلمينٽ رپورٽس آف دي ميھڙ ڊويزن، صفحو 21،
شڪارپور ڊسٽرڪٽ، سنڌ، 1889ع
27.
راوي ماستر مرحوم حبيب الله ولد الھرکيو
جوڻيجو ويھڙائي
28.
سانگي، غلام علمي همت علي، (ڊاڪٽر)، ”لاڙڪاڻو
سڀيتا سنڌو ناڻو“، صفحو 241، دودائي سانگي
پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2017ع
29.
راوي ماستر مرحوم حبيب الله ولد الھرکيو
جوڻيجو ويھڙائي
30.
ميرزا، قليچ بيگ، ”سائو پن ڪارو پنو“،
سنڌ ادبي بورڊ ڄام شورو،
1988ع،
صفحو 38.
31.
ساڳيو، صفحو 40
32.
ٽماهي تخيل (علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالو)، صفحو
128، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد، 3 / 2016ع
33.
جوڻيجو، سائين بخش قبولائي، (پروفيسر)، ”حضرت
مخدوم محمد اسماعيل پريالوي“ (مقالو)، صفحو 12،
سووينيئر ’پرين پريان لوءِ‘، مخدوم عبدالرحمٰن
شھيد ڪلچرل ايجوڪيشنل اينڊ ڊولپمينٽ ٽرسٽ کھڙا
شرريف، 2019ع
34.
سانگي، غلام علمي همت علي، (ڊاڪٽر)، ”لاڙڪاڻو
سڀيتا سنڌو ناڻو“، صفحو 230، دودائي سانگي
پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2017ع
راقم انھن ڪوٽن جا ڦٽل آثار ڏھه
سال اڳ اُتان جي سُڄاڻ شخص مرحوم ماستر
حبيب الله جوڻيجو ۽ هاڻي تازو 29 ڊسمبر
2024ع تي وري ضمير حسين جوڻيجو ويھڙائي ۽
استاد احمد علي جوڻيجو، اُتان جي غلام
رسول (ولد حاجي ٻيڙو ولد گاهي خان ولد
ٻيڙو خان ولد عبدالحڪيم) جوڻيجو سان گڏجي
ڏٺا.
راقم تاريخ 26 مارچ 2006ع
تي ڏوڪري شھر ۾ رهندڙ محترم ڄام قربان علي
ولد غلام نبي ٻگهيو سان ملاقات ڪندي، سندس
وٽ اِها وڏن واري سَند ڏٺي هئي ۽ انھيءَ
جو نقل ڪيو ۽ فوٽو پڻ ورتو هو. ان فارسي
سَند جو متن ۽ سنڌي ترجمو مٿي ڏنو ويو آهي،
ته جيئن اها تاريخي سَند هميشه يادگار رهي.
|