سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:11 

عزيز ڪنگراڻي

 

 

 

ميلوها

 

وشال سنڌُو درياھه جي مست الست لھرن ۾ سِڙھه وارو وڏو ٻيڙو ڇولين کي چيريندو، لھرن ۽ ڪُنن کي لتاڙيندو ٻِي ڀَر وڌي رهيو هو. ملاح وڏي اعتماد سان ٻيڙو هلائي رهيو هو. جنھن مھل واءُ سڻائو گهٽ ٿئي پيو ته ٻيڙي کي ونجهه سان هلائڻ ٿي لڳو. ٻيڙي ۾ ڪافي ماڻھو سوار هئا. هڪ اڌ کانسواءِ باقي سانورا ۽ ڪڻڪائين رنگ جا هئا. هرهڪ کي چاپئين ڏاڙهي هئي. سڀني ماڻھن کي پيرن ۾ گيتلو پاتل هو. مٿي سان کين ڇِيٽ جھڙي ڪپڙي جو ننڍو انگوڇو ٻَڌل هو. سندن بدن تي ململ جي ڪپڙي جي کسِي ڳلي واري گِڊِي پھريل، ڪلھن تي اجرڪ جھڙو ڪپڙو اوڍيل ۽ لاک ٻَڌل هئي. ڪن وٽ ڳوٿرين ۾ ٺڪرِي ۽ ٽامي جون ٽِڪِيون هيون. ڪنھن مھل ڳوٿري کولي آهي ٽِڪيون ڏسِي سنڀالي وري ڳوٿري ۾ رکيائون پئي. ٽِڪين تي اکر اُڪريل هئا، جيڪي سمجهه ۾ نه پئي آيا. وٽن ڪو به هٿيار نه هو، توڻي جو ٻيڙي ۾ طرح طرح جي ڪپڙي جا ٿان، ڪچو سون، ماکي، بانس جا لڪڙا، سُڪل مڇي ۽ ٻيو قيمتي سامان پيل هو.

پاڻ ۾ ڳالھائڻ وقت الائي ڪھڙي ٻولي ڳالھائن پيا. اها ٻولي منھنجي سمجهه کان ٻاهر هئي. ٻيڙو هلائيندڙ ٻين سان ”مھاڻ“ چئي مخاطب ٿي پيو ۽ ٻيا ٻيڙو هلائيندڙ کي ”ملح“ چئي مخاطب ٿيا پئي. ڇولين ۾ ٻيڙو لُڏيو پئي ته سڀني کان ڇرڪ نڪري پئي ويو. مون ڏي ڏسي پاڻ ۾ سُس پُس ڪن پيا ته مان گهٻرائجي پئي ويس. منھنجي چھري جا خوف وارا تاثر ڏسي اشارن ۾ ڪجهه چيائون پئي. ڄڻ چوندا هجن، ”گهٻراءِ نه، اسان ويڙهاڪ نه، پُر امن آهيون.“ جڏهن ’چانھيون‘، ’ڪوٽيجي‘،
’رهڙي‘، ’ڍلوِير‘، ’هيڙپ‘، ’پيرلکو‘ يا  ’مھاڻئين‘ چون پيا ته سمجهي ٿي ويس ته ڪِن وسندين جا نالا وٺن پيا
.

ٻيڙو سِير مان نڪري ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳو. سامھون ڪناري سان سوين ٻيڙا لنگر انداز هئا. ٻيڙو ڪناري سان لڳو. سڀ سامان سنڀالي لھڻ لڳا، ته مان به لھڻ لڳس. منھنجي نظر مٿانھين تي اڏيل هڪ تمام وڏي شھر تي پئي. پڪسرن ٻِماڙ گهرن وارو حَسِينَ شھر جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. شھر ۾ داخل ٿيس ته حيران رهجي ويس، ڏندين آڱريون اچي ويون. ويڪريون ۽ صاف پڪيون گهٽيون ۽ پاڻي جي نيڪال جو شاندار نظام هو. گهر گهر وٽ پڪا کوھه هئا. مختلف شين جا ڪيترائي دڪان هئا. ڪي جواهرات جا، ڪي سونن زيورن ٺاهڻ جا، ڪپڙي جا، ٺڪر جي ٿانون تي چٽ ڪڍڻ جا، ٽِڪيون ٺاهڻ ۽ انھن تي اکر اُڪرڻ جا دڪان به هئا ته اَنَ جا گدام به هئا. شھر ۾ مرڪزي تلاءُ هو، جنھن ۾ ماڻھو وهجندا هئا. مون اشارن ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته تلاءُ ۾ مرد ۽ عورتون گڏ وهجندا هئا يا الڳ الڳ؟ عبادت لاءِ وهجندا هئا يا ائين؟  اشارن ۾ ٻڌايائون پر مان سمجهي نه سگهيس، يا وري هُو منھنجو سوال سمجهي نه سگهيا هئا. سندن اشارن منجهان اهو محسوس ڪيم ته گڏ وهجندا هئا. مٿاهين کان هيٺ نھاريم ته چئو طرف فصل ئي فصل، ساوڪ ئي ساوڪ ڦھليل هئي. اوچتو مينھن شروع ٿي ويو. گهٽين ۾ ايندڙ ويندڙ اَڙِ وٺي بيھي رهيا ته مان به هڪ دڪان جي اَڙِ ۾ بيھي رهيس. جيئن مينھن وسڻ بند ٿيو ته پاڻي بنان دير نيڪال ٿي ويو، ڄڻ برسات ئي ڪانه پئي هئي.

اچانڪ ڏٺم ته دڪان بند ٿيڻ لڳا هئا. عورتون ۽ مرد پاڻ سنواري ڪنھن طرف وڌڻ لڳا هئا. عورتن کي ڪَرائِي کان ڏورن تائين عاج جون چوڙيون پاتل هيون. مان به اوڏانھن وڃڻ لڳس. اُتي وڃي ڏٺم ته هزارن جي تعداد ۾ هيٺاهين ميدان تي مرد ۽ عورتون گڏ ٿيا هئا. مٿانھين تي ٻه ماڻھو هئا. هڪ مرد جنھن جي چاپئين ڏاڙهي، کيس ڪلھي ۽ سيني وٽان اجرڪ نما ڪپڙو اوڍيل هو. عورت اهڙي انداز ۾ هئي، جو سندس هڪ پير هيٺ ۽ ٻيو پير ڪنھن سِرُن جي ٺھيل دِڪي تي لڳو پئي. سندس هڪ هٿ چيلھه تي ۽ ٻيو هٿ سٿرن وٽان اڳتي وڌايل لڳو. سندس انھيءَ هٿ ۾ ٿانءُ هو، جنھن ۾ ڪا شيءِ هئي ۽ هيٺ ناچ ڪندڙن تي ان جي ورکا پئي ڪيائين. هيٺ مرد، عورتون، نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ ٻار نچي به رهيا هئا ته ڳائي به رهيا هئا. نھايت خوبصورت آواز ۽ ناچ! ڪائنات جهومڻ لڳي هئي. ٻولي ڪھڙي ۾ پئي ڳاتائون مان نه سمجهي سگهيس. پر سحر انگيز آواز ۽ من موهيندڙ ناچ ڏسي جھڙوڪر مان به جهومڻ لڳس. شايد سندن ڪو ڏڻ يا تھوار هو، جنھن ۾ شايد هن شھر کانسواءِ ٻين شھرن کان آيل ماڻھو به شريڪ هئا. مان اڳتي وڌي مٿي ويٺل اجرڪ جھڙي چادر اوڍيل شخص کان اشارن ۾ پڇيو:

”تون بادشاھه آهين ۽ هيءَ ناچڻي آهي؟“

هن جي اشارن مان سمجهيم. ڄڻ چوندو هجي ته، ”نه ھت ڪوبه بادشاھه ناهي، سڀ برابر آهيون. هيءَ ناچڻي ناهي مقدس عورت آ“.

”۽ هن شھر جو نالو ڇاهي؟“ مون اشارن ۾ پڇيو هو. ڄڻ سمجهِي وراڻيو هئائين، ”ميلوهائين“.

”ميلوهائين يا مھاڻائين؟“ مون اشارن ۾ پڇيو، پر هُو خاموش رهيو. شايد منھنجي ٻولي يا سوال نه سمجهيو هئائين. مون هيٺ ناچ ڪندڙن ڏانھن نھاريو مس، ته ڪُلھي تي هٿ رکندي هالار چيو:

ڪٿي گُم آهيو سائين؟“

مان سوچ سمنڊ ۾ ٻڏل هئس ۽ تاريخ جي ساگر مان غوطا کائيندي ٻاهر ايندي وراڻيو: ”هون، ڇا چيوئي؟“

هالار وراڻيو:

”مان سڄو مھين جو دڙو گهمي آيو آهيان ۽ توهان يڪو ڪنگ پريئيسٽ جي مجسمي وٽ بيٺا آهيو“.

مون مجسمي ڏانھن نھاري وراڻيو:

”مان ميلوها جي ماڻھن سان ملي آيو آهيان، هيءُ بادشاھه ناهي ۽ نه وري هوءَ ناچڻي آهي، نه وري ميلوها مھين جي دڙي کان الڳ هو. ميلوها يا مھاڻائين مھين جو دڙو ئي سمجهان ٿو.“ مون چوندي مھين جي دڙي واري ٺُلھه ڏانھن لوڻو ڦيري ڇڏيو.

نئون ڪتاب

 

 

سليم چنا 

 

 

 

 

پيغام ۽ پيار

 

ڪجهه مھينن کانپوءِ پاڻ ئي فون ڪري، اچي مون کي شھر جي ٻڌايل چوڪ تان ڪار ۾ کنيو هئائين، ايئرڪنڊيشن جي ٿڌڪار ۾ مون کي چيائين، اُئين ٿو لڳي ڄڻ پاڻ ٻئي ڪلھه به گڏ هئاسين.“

ها يادگيرين جو خوبصورت جزيرو گڏ هجي ته ڪابه وٿي، وٿي نه رهندي آهي.

تون جي مصروف ٿو رهين ته مان به ڀلا ڪٿي واندي ٿي رهان، نوڪري جي هڻ هڻان سُک به ڏنا آهن، ته اڪثر ننڍا ننڍا سفر به ڪرڻا پون ٿا.

”تون خوشنصيب آهين، تنھنجون آفيس ڪليگس به توسان گڏ فيلڊ ۾ هلن ٿيون.“

تڏهن ئي ته ننڍن وڏن شھرن جو سفر دلچسپ به گذري ٿو ته نوڪريءَ جو فرض به ادا ٿيو وڃي. ائين سفر جا ڪي ذاتي لمحا ياد ڪري به خوش ٿيون ٿا ۽ خوشگوار ساروڻيون ساري کلندا به رهون ٿا. هي ڪار کي اچي شھر کان ٻاهر هاءِ.وي تي هڪ اوپن ريسٽورنٽ جي پارڪنگ ۾ بيھاري چئي ٿو، گاڏي ۾ ئي ويھي ٿا ڪجهه گهرائي وٺون!

ڇا گهرايان؟ جيڪو توکي وڻي فلائينگ ساسر گهرايان ٿي ۽ جوس، تون ڀلي جوس پي مان ڪڙڪ چانھه پيئڻ جو عادي آهيان.

تيسين بيرو به هٿ ۾ خالي ٽِري کڻي آرڊر وٺڻ لاءِ پھچي ٿو، هوءَ شيشو هيٺ ڪري فلائينگ ساسر، جوس ۽ ڪڙڪ چانھن جو آرڊر ڏئي، وري شيشو چاڙهي ٿي ڇڏي.

هن کي چيم هو سامھون ڏس، سج ڪيئن نه لڪن ۾ لڪندو ٿو وڃي، ڪيڏو نه منظر سھڻو پيو لڳي. هوءَ دور جبلن ڏانھن ڏسي چئي ٿي.

What a wonderful sun set view

اَلا!

۽ پوءِ اسان ٻنھي جون اکيون لھندڙ سج ۽ آسمان تي ڦھلجندڙ شفق رنگن ڏانھن نھارينديون رهيون، ڳاڙهاڻ ۽ پيلاڻ جي سنگم کي ڏسنديون رهيون، هن ٽچ موبائيل ڪڍيو ۽ يڪا چار پنج لھندڙ سج جا حسين نظارا ڪڍي ورتا. نيٺ سج به جبلن پٺيان هليو ويو، وري ٻئي ڏينھن اسان وٽ اچي آب تاب سان اڀرندو.

بيرو به ٽري ۾ فلائينگ ساسر، جوس ۽ چانھن کڻي آيو، کائڻ پيئڻ کان واندا ٿي، هڪٻئي کي مھربان نظرن سان ڏٺوسين.

ڪجهه ٻيو گهرايان! ”نه“ مون چيو پوءِ هُن سنجيده ٿي چيو.

”ها هڪ نه هڪ ڏينھن پنھنجو به سج لھي ويندو، وري ڪڏهن به نه اڀرندو.

پوءِ هُن پراعتماد ٿي چيو، ”پاڻ مري به زنده رهنداسين، توکي پراڻا سماجي ڪم وري ڪرڻ گهرجن.“

هاڻي اهي سماجي ساٿي هن جھان ۾ نه رهيا آهن. تو به منھنجن سماجي ڪمن ۾ ساٿ نه ڏنو هو، چيائين تڏهن منھنجي ڪوشش هڪ سُٺي نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ هئي. هاڻ مان سمجهان ٿي اسان کي انفرادي يا اجتماعي طور سماج سڌارڪ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ڏسان پئي ته اسان وٽ سياست ۽ حڪمراني هڪ ٿي نه ٿا هلي سگهن. ۽ اپوزيشن کي براشت نه ٿا ڪن، مورڳو انھن لاءِ تڪليفون، عقوبتون، رڪاوٽون ۽ قيدخانا آهن. تون به هاڻي سماجي دنيا ڏانھن موٽي وڃ اڃان تنھنجا چار ڊاڪٽر دوست جيئرا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ توسان مفت طبي ڪئمپن ۾ مختلف شھرن ۾ گڏ هلندا هئا.

بيرو اچي، ٿانوَ کڻي ٿو، بل وٺي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو.

ڪار اسٽارٽ ڪري هوءَ سوال ڪري ٿي.

ڇا تون ادب کي ڇڏي سگهين ٿو؟

”نه هرگز نه ادب سان هن ديس کي سنوارڻ، سڌارڻ ۽ اڀارڻ چاهيان ٿو. هوءَ ڪار کي هڪ سائيڊ کان بيھاري ڇئي ٿي: ”جيڪو اثر تقرير ۾ آهي، سو تحرير ۾ ناهي، تون لکڻ ڇڏي دانشور ٿي، مقرر ٿي، ليڪچر ڏي، ننڍو ئي پر اڳواڻ ٿي سرواڻ ٿي، توکي خبر ناهي، آواز ۾ ڪيڏي نه تِکي، تيز ۽ پراثر طاقت آهي جيڪا عدم ماڻھن کي پنھنجو بنائي ٿي ڇڏي، تنھنڪري تون مون سان گڏ مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ هلندو ڪر، مان فيلڊ انچارج هوندي آهيان، منھنجون سرتيون منھنجون هم خيال آهن.

ڪٿي نه ڪٿي موقعو ڏسي مان سياسي تقرير ڪنديس، تون وري فلسفانه، مفڪرانه، دانشورانه انداز سان ڳالھائي ٻڌندڙن کي متاثر ڪري، پنھنجو هم خيال حلقو ٺاهجانءِ، ۽ مون کي ته پنھنجو مستقبل سياست ۾ ئي نظر ٿو اچي. منھنجي فيلڊ ۾ ڪاميابين جو راز به منھنجي مدبرانه انداز ۾ آهي.

ڌرتي جو سج ته گهڻو وقت اڳ لھي چڪو هو ۽ هيءَ مون کي منھنجي محبوبا کان وڌيڪ اُها حسينا لڳي رهي هئي، جيڪا ناز ۽ انداز ڏيکاري پنھنجي لپ سروس سان مون کان وڏي ۾ وڏي انشورنس پاليسي وٺندڙ بنجي رهي هئي.

منھنجي ۽ هن جي سامھون چوڏهين جو چنڊ به پنھنجي آب تاب سان سامھون هو، پر نه هن ۾ پراڻو پيار پيدا ٿيو نه ئي، منھنجي جمالياتي ۽ شاعرانه حس ڦڙڪي کاڌي، چوڏهين جو چنڊ نه هو، ڄڻ اڇو اڇو روشن گولو هو، مون سفيد چمڪندڙ گولي کي نظرانداز ڪندي هن کي چيو پياري سانئڻ!

مان لکڻ نه ٿو ڇڏي سگهان، مان لکندس جيڪو صدين تائين قائم رهندو. ۽ پڙهبو رهبو. تقريرون ۽ آواز ته فضائن ۾ تحليل ٿي ويندا آهن.

مان توکي سھڻي صلاح پئي ڏيان ۽ توکي خبر آهي اوائلي انساني دور پر ان کان به اڳ دنيا آوازن جي ٽڪراءُ سان وجود ۾ آئي آهي. دنيا ۾ وڏيون وڏيون تبديلون ۽ انقلاب ڳالھائڻ، ٻڌائڻ، سمجهائڻ، تقريرن ۽ خطابن آندا آهن.

منھنجي مٺي واقعي تون سچي آهين، تنھنجي پياريل ڪڙڪ چانھه دماغ کي هاڻ سنوت ۾ آندو آهي، لکڻ ته پوءِ شروع ٿيو، پھريون آواز هو ”ڪن فيڪون“ ڌرتي تي، ڪائنات تي، تارن ۽ جهنگن، ميدانن، پھاڙن ۽ سمنڊن ۽ فضائن ۾ آواز ئي آواز گونجڻ لڳا. سڏ ٿيڻ لڳا، سڏ ورنائڻ لڳا، پڙاڏا ٿيڻ لڳا، آواز ٻڌجڻ لڳا، عمل ۾ اچڻ لڳا.

هاڻي وارو ڪر سامھون اڇو ٿڌو برف جو گولو چوڏهين جو چند اٿئي اِن جا به سونھن ڀريا ڪي فوٽا ڪڍي وٺ، هن پنھنجي ڪاميابي تي مُرڪيو ۽ مون مشڪيو، هن چنڊ جا به چار پنج فوٽا ڪڍيا ۽ هاڻي ٻيو ڇا ڪجي، بحث ته پورو ٿيو، نتيجو آواز کٽيو، تقرير کٽيو، مقرر کٽيو ۽ سڏ کٽيو.

هاڻي هينئن ڪجي جو اڄوڪي ملاقات کي يادگار بنائڻ لاءِ مان پنھنجي موبائيل سان ۽ تون پنھنجي موبائيل سان هڪٻئي جا فوٽا ڪڍون.

نه هڪٻئي جون سيلفيون ٿا ڪڍون، پھرئين مون هن سان سيلفي ڪڍي هن تعريف ڪئي، پوءِ هُن سيلفي ڪڍي، مون کي ڏيکاري ته چيم تو گِدي ڪئي آهي تنھنجي تصوير اهڙي سھڻي ۽ منھنجي اُهائي مون جھڙي. تون جھڙو هوندين ته اهڙو ايندين نه مٺا!

نه مٺي! تو پنھنجي فوٽو کي فلٽر هنيو آهي. ڪيئن؟ هي ڏس تنھنجا چپ صفا گلابي ٿي پيا آهن، پوءِ هن موبائيل بند ڪري پنھنجا چپ کولي مون کي ڏيکاريا، جيڪي واقعي به گلابي گلابي هئا، ان وقت مون ڏٺو هن ۾ اُهائي انداز دلربائي، ماڪ ڀنل مرڪ، موجود هئي ۽ ان ۾ فلٽر جو ڪوبه ڪمال نه هو، پر اها حقيقي مرڪ هئي. گلابي پنکڙين جھڙي نرم ۽ ملائم.

 

گُل ڪونڌر

 

 

 

وَقت جي ڌُنڌَ ۾

 

زندگيءَ جا ڪَي واقعا ذهن جِي سِليٽ تي، پٿر وارِي قلم سان لکيل صُورَت خَطيءَ جِيان، جلدي مِٽائڻ لاءِ نه هوندا آهن، پر اُهي ته ذهن جَي فيئر بُڪ تي، اَڻمِٽ مَسُ سان تحرير ٿِيَل، اهڙا پَڪا پُختا حَرف هوندا آهن، جيڪي ڊگھو عرصو وِهامِي وڃڻ کان پوءِ به، يادُن جَي ڪاغذ تي نِروار هوندا آهن. وقت جو وهڪرو مستقبل کي حالَ ۾، ۽ حال کي ماضيءَ ۾ تبديل ڪري، دنيا کي بدلائي ڇڏيندو آهي. ٻار جوان ٿي ويندا آهن ته جوانَ وري، پوڙهائپ جي وَهيءَ کي پُڄِي ويندا آهن ۽ پوڙها زندگيءَ جَي قيد کان ئي آزادي ماڻي، بقا وارِي منزل ڏانھن روانا ٿي ويندا آهن. پر ٻاروتڻ کان پوڙهائپ ۾ پَيرَ پائي ويندڙَ، هڪ شخص جَي ذهن تي ڪي خاص يادون، اُماوَس رات ۾ ٽانڊاڻي جِيان، ٽِمڪنديون رهنديون آهن. اڄ کان لڳ ڀڳ چاليھه ورهيه اڳ جِي هِڪَ اهڙي ياد، منھنجي دل ۽ دماغ تي بلڪل تازه آهي. جڏهن آئون ايم.بي.بي.ايس ۾ داخلا نه ٿيڻ کان پوءِ به، مسيحا بنجڻ جَي شوق ۾، بي يو ايم ايس جِي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪاليج ۾ پڙهندو هُيس.

ڪلاس ۾ منھنجو ويجهو دوست حنيف عزيز، پڙهائيءَ ۾ هوشيار، رنگ جو گورو، قداور ۽ سھڻو نوجوان هو. سندس وڏو ڀاءُ حيات عزيز، جيڪو اسان کان مٿي پڙهندو هو، پر حنيف جَي ڪري ان سان ملاقات رهندي هُئي. حيات عزيز خوش مزاج ۽ راندين جو شوقين هو، ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ فوٽ بال کان ويندي، والي بال تائين سندس شوق ڦھليل هو. ان وقت سائيڪل هلائڻ وارَي کي ڪو، رانديگر شمار نه ڪندو هو، پر حيات عزيز جِي سڃاڻپ، هڪ سائيڪلسٽ واري هُئي. کيس سائيڪل هلائڻ جو خَفتُ هو. ان زماني ۾ اسپورٽس سائيڪلون عام نه هيون، پر حيات عزيز پنھنجِي ”سُھراب سائيڪل“ کي اهڙي نموني ٺھرايو هو، جو اها اسپورٽس لڳندي هئي. ان ڪري حيات عزيز جِي اُها سائيڪل، پاڙي ۽ علائقي ۾ تَوَجَھه جو مرڪز بڻجي وئي هُئي.

حنيف عزيز ۽ حيات عزيز جو والد عزيز احمد، پوليس کاتي ۾ هڪ ايماندار آفيسر جي سڃاڻپ رکندڙ، سُٺِي شخصيت جو مالڪ ۽ اصولن جو پَڪو ماڻھو ھو. منھنجِي به ساڻس ملاقات رهندي هُئي، هُو مون کي پٽن جِيان ڀائيندو هو. حنيف عزيز مون کي اڪثر چوندو هو؛ ”علي! بابا جَي ايماندار هئڻ ڪري، اسان کي دنياوي آسائشون ته نه مليون آهن، پر عزت تمام گھڻي ملي آهي.“

آئون چاچا عزيز احمد جَي ڪردار کان واقف هئڻ ڪري، کيس وراڻيندو هُيس؛ ”يار سُٺن انسانن لاءِ دنيا ۾، عزت ئي ته سڀ ڪجهه آهي.“

ڪاليج ۾ ڪلاسن جو سلسلو هلندو رهيو، وقت تيزيءَ سان گذري امتحاني فارم ڀرجڻ جي منزل کي پھتو. فارم ڀرجي ويا ان کان پوءِ، پِرِي ايگزام موڪلون ٿِي ويون. اسان پيپرن ڏيڻ لاءِ سٺي محنت ڪئي. هڪ ڏينھن حنيف عزيز چيو؛ ”علي، ڪاليج ۾ امتحاني سِلپون اچي ويون آهن.“

”نه يار ائين ڪيئن هوندو، اڃا ته فارم ڀَريَي کي مھينو مَسَ ٿيو آهي، تو کي ڪنھن ٻڌايو.“ مون جواب ۾ چيو.

”ها بابا سِلپون اچي ويون آهن، مون کي پاڻ واري ڪلاسِي، فرحان ٻڌايو آهي ته هُو سِلپ وٺي آيو آهي.“

”ته پوءِ پاڻ به شام ڪاليج هلنداسين.“

ڪاليج وڃي سِلپون ورتيوسين ته خبر پئي، اسان جو امتحاني مرڪز پنھنجَي ڪاليج ۾ نه، پر ڪنھن ٻئي ۾ قائم ٿيو آهي. اهو ڏسي ڪجهه پريشاني ٿِي، ڇو ته جيڪڏهن سينٽر پنھنجي ئي ڪاليج ۾ هجي ها، ته اُتي اچڻ وڃڻ ۽ سائيڪل بيھارڻ ۾ آساني ٿئي ها. بھرحال اُنھيءَ سينٽرن تي امتحان شروع ٿِي ويا، هِنَ اداري ۾ ڪنھن گاڏي پارڪ ڪرڻ جِي جاءِ ته نه هئي، پر سائيڪلن تي ايندڙ شاگرد به، سائيڪلون ٻاهر بيھارڻ تي مجبور هئا. امتحان هلي رهيو هو خير جا ٽي پرچا ٿِي چُڪا هئا، چوٿون پرچو ڏئِي آئون امتحاني مرڪز کان ٻاهر نِڪتُس، ڏٺم ته منھنجِي سائيڪل غائب هئي..!

ها..! اُها پراڻي سائيڪل، جيڪا مون وڏي مشڪل سان، پَٽَ سَٽَ ڪري ورتي هئي، سائيڪل نه ڏسي پريشانيءَ ۾ پَگهرجِي ويس. سائيڪل جِي ڳولا ۾ ھيڏي ھوڏي ڀَڳس، پر جاڏي تاڏي ڪاريءَ وارا ڪَکَ هئا. وائڙائپ ۾ سامھون ڏٺم، ته پوليس وارن تي نظر پئي، کانئن پڇيم؛ ”مون هِتَي سائيڪل بيھاري هُئِي، هاڻي نظر نه ٿِي اچي، اوهان کي ڪا خبر آهي، توهان ڪنھن کي کڻندي ته نه ڏٺو...؟“

هُنن جواب ۾ چيو: ”بابا اسان هتي ان لاءِ موجود آهيون، ته سينٽر تي ڪير آيو، ڪير ويو، ڪا بدنظمي ته نه ٿِي ٿِئَي! باقي سائيڪلون ڪنھن بيھاريون ڪنھن کنيون، ان بابت اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي.“

مان روئڻ هارڪو ٿِي وَيُس، اکيون آليون ٿِي ويون، سائيڪل مون لاءِ رُڳو سواري نه، پر منھنجو سھارو ۽ ساٿي هُئي. آئون ڏُکارو بيٺو هُيس ته منھنجو دوست، حنيف عزيز سينٽر مان ٻاهر آيو، مون کي ان حال ۾ ڏسي پڇيائين؛ ”علي ڇا ٿيو آهي. ڇو ائين پرِيشان بيٺو آهين؟“

مون مايُوس لَھجَي ۾ کيس ٻُڌايو؛ ”يار منھنجِي سائيڪل چوري ٿِي وئي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪريان؟ مون لاءِ ته وڏو مسئلو ٿي ويو، سائيڪل نه هئڻ ڪري هاڻي آئون ڪاليج ڪيئن ايندس. ٻيا ڪيترائي ڪم ڪيئن ڪندس؟ يار حنيف. مون وٽ ته ٻي سائيڪل وٺڻ لاءِ پيسا به ناهن۔“

حنيف عزيز منھنجَي ڪُلھي تي هَٿُ رکندي چيو؛ ”تون سائيڪل وٺڻ جو فڪر نه ڪر. پريشانيءَ جِي ڪا ڳالھه ناهي. منھنجَي ڀاءُ حيات عزيز وارِي اسپورٽس سائيڪل، هاڻي هُنَ جَي استعمال ۾ ناهي. ڇو ته حيات موٽر سائيڪل ورتي آهي، تون چاهين ته اُها سائيڪل حيات توکي ڏئي ڇڏيندو.“

حنيف جِي اِنَ ڳالھه منھنجَي اندر، اُميد جو ڪِرڻو روشن ڪري وِڌو. مون ھَٻڪندَي کانئس پڇيو: ”پر اُنَ سائيڪل جِي قيمت ڪيتري آهي؟“

حنيف دلداري ڏيندي وارڻيو؛ ”في الحال تون سائيڪل کڻي وڃ، ڀاءُ حيات کي ٿورا ٿورا ڪري، ٽِي سؤ روپيا ڏئي ڇڏجانءِ، آئون هُن کي راضي ڪري وٺندس۔“

سچ اهو آهي ته اُنَ وقت جا، ٽَي سؤ روپيا ڪا ٿوري رقم نه هُئي، پر ضرورت مون کي همت ڏياري ۽ ٿورا ٿورا پيسا ڏيڻ وارِي سھوليت جَي آسرَي، حيات عزيز جِي سائيڪل مون وٽ اچي وئي. آئون چوري ٿِي ويل سائيڪل به هلائيندو هُيس، پر هِن سائيڪل تي چڙهڻ جو مزو ئي الڳ هُو.

مون کي اڳينءَ کان سُٺي سائيڪل مِلي وئي، پر اُنَ جِي قيمت ادا نه ٿيڻ ڪري پريشان رهڻ لڳس. آئون انھن ڏينھن ۾ صبح جو، شھر ۾ يوناني ڊاڪٽر وٽ سِکيا وٺڻ ويندو هُئس، هُو مون کي هفتيوار خرچي ڏيندو هو. ڊاڪٽر ۽ بابا جَي ڏنل خرچيءَ مان، حيات عزيز کي ڏيڻ لاءِ، ڪجهه رقم گڏ ڪندو هُئس..! پر ڪو نه ڪو معاملو ٿي ويندو هو ۽ مان کيس پيسا نه ڏئي سگھندو هُيس. ائين ڪجهه مھينا گذري ويا ته سوچيم، هاڻي حيات عزيز کي سائيڪل جِي، اڌ قيمت ڏئي ٿو ڇڏيان. رقم به هٿ ڪري ورتم، پر ياد ناهي ڪھڙو مسئلو ٿيو، جو اُهي پيسا به هُن کي نه ڏئي سگھيس. بھرحال آئون سائيڪل جَي قيمت جِي، هڪ قسط به ڏيڻ ۾ ناڪام رَھيُس. حنيف ۽ حيات عزيز جِي شرافت جو هنن مون کي، هڪ دفعو به ياد نه ڪرايو ۽ نه ئي ڳالھين ڳالھين ۾ ڪو اِشارو ڪِنايو ڏنو، ته مون کانئن سائيڪل ورتي آهي ۽ کين اُنَ جِي قيمت ادا نه ڪئي آهي. ائين سالَ گذري ويا، مان سائيڪل جا پيسا نه ڏئي سگھيس.

وقت پنھنجِي رفتار سان هلندو رهيو، مون ”بيچلر آف يوناني ميڊيسن اينڊ سرجري“ جِي ڊگري وٺڻ کان پوءِ، حيدرآباد ۾ ڪلينڪ کولي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي. آئون ٽن چئن سالن ۾ پنھنجَي استاد، يوناني ڊاڪٽر وٽ مَريضَن کي جانچڻ جو، کوڙ سارو تجربو حاصل ڪري چُڪو هُئس، ان ڪري مون لاءِ دوا خانو هلائڻ ڪا ڏکي ڳالھه نه هُئي. منھنجو پيارو دوست حنيف عزيز ۽ سندس ڀاءُ حيات عزيز، ڪاليج مان ڊگريون حاصل ڪري، يوناني طِبَ ۾ اعلى ڊگريون وٺڻ لاءِ، ٻاهرئين ملڪ هليا ويا ۽ اُتان موٽڻ کان پوءِ شھر جا ناميارا يوناني ڊاڪٽر بڻيا، کين وڏي عزت ۽ شُھرتَ نصيب ٿي. منھنجِي اڄ به ساڻن ملاقات ٿيندي آهي، اسان پراڻيون ڳالھيون ياد ڪندا آهيون، پر سائيڪل ۽ ان جَي ٽي سؤ روپين جو ذڪر ناهي ٿيندو.

اڄ جڏهن ماضيءَ جِي ياد وارَي، اُنَ صُفحي ڏانھن ڌيانُ ويندو آهي، جنھن تي ٽي سؤ روپين جو داستان لِکيَل آهي، ته حيران ۽ پريشان ٿي ويندو آهيان. اُن وقت اها رقم مون لاءِ پَھاڙَ جيڏي هُئي، پر اڄ جَي رائج الوقت سِڪَي ۾، اُهو ٽي سؤ روپين وارو پَھاڙُ، بَي معنيٰ لڳي ٿو. هاڻي به اِهو احساس ضرور ٿيندو آهي، ته دوستيءَ ۾ ئي سَھي، پر هِڪُ قرض ادا نه ٿِي سگهيو. سچ اهو آهي ته ڀائپيءَ ۾ ڪَي حِسابَ، وقت جِي دَزَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن. حنيف عزيز ۽ حيات عزيز جِي نظر ۾، دوستيءَ جو قَدُر پيسن کان وڌيڪ رهيو، ان ڪري تقاضا نه ڪيائون ۽ هاڻي آئون کَينِ پيسا ڏئي، سندن ڀَرمُ ٽوڙڻ نه ٿو چاهيان. رب سائينءَ هُنَنِ کي تمام گهڻو نوازيو آ ۽ مون تي به وڏي مِھرَ ڪئي اٿس. سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر.. ٽي سؤ روپين جِي ڪھاڻي، وقت جَي ڌُنڌ ۾ گُم ٿيڻ باوجود، ياد وارِي سِليٽَ تي موجود آهي.

 

عزيز احمد ميمڻ

 

 

 

مٽيءَ جو نڪ

 

شھر کان پنھنجي گهر ڏانھن ويندڙ بس جو اسٽاپ اهو به پنھنجي اندر هڪ مڪمل دنيا هو. ڊگهي قطار، هر چھري تي انتظار جي ٿڪاوٽ، پر ساڳي وقت نظم ۽ ضبط جي حسين جهلڪ. مان به ان ڏينھن قطار جي پھرين سرحد تي بيٺو هئس، ڄڻ ڪنھن اڻ ڏٺل اصول جو نگھبان. اوچتو، هڪ سفيد پوش شخص تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو. هٿ ۾ پئسا، اکين ۾ جلدي، ۽ لھجي ۾ هڪ سادي گذارش، ”ڀاءُ، منھنجي لاءِ به هڪ ٽڪيٽ وٺي ڏيو.“

مون جڏهن غور سان ڏٺو، ته سڃاڻپ جا در کلي پيا هو غلام قاسم هو.

مون نرم، پر اصولي لھجي ۾ وراڻيو، ”سائين، اوهان جا اصول ته اهي آهن جو اوهان قطار جي احترام جو مثال بڻجو. جيڪڏهن اوهان ئي ٻين جو حق ماري اڳتي وڌندؤ، ته پوءِ انصاف جو سبق ڪير سيکاريندو. مھرباني ڪري قطار جي پڇاڙيءَ ۾ وڃي بيھو.“

سندس چھري تي ڪاوڙ جو پاڇو آيو، پر شرافت جي روشنيءَ ان کي ڳاري ڇڏيو. هو خاموشيءَ سان وڃي قطار جي آخر ۾ بيھي رهيو.

وقت آهستي آهستي وهندو رهيو. ٽڪيٽون ورهائجڻ لڳيون. مون ٻه ٽڪيٽون ورتيون هڪ پنھنجي لاءِ، ٻي سندس لاءِ. بس رواني ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون رهجي ويون هيون. مون ٽڪيٽون کيس ڏيندي چيو، ”سائين، مون کي شھر ۾ ٿورو ڪم آهي جيڪڏهن مان نه پھچي سگهان، ته ڪنھن ٻئي کي ويھاري ڇڏجو.“

هو مون ڏانھن ڏسندو رهيو. اکين ۾ سوال، پر لبن تي خاموشي.

ڪجهه دير کان پوءِ واپس اچي بس تي پھتس.

ڏٺم ته سيٽ اڃان خالي هئي، ڄڻ ڪنھن امانت جيان منھنجو انتظار ڪري رهي هجي.

مان انھيءَ سيٽ تي وڃي ويٺس ٿوري دير ۾ ئي بس پنھنجي منزل ڏانھن سفر شروع ڪيو. ان سان گڏ ڳالھين جو به سلسلو شروع ٿيو. هن ٽڪيٽ جا پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون انڪار ڪيو. پوءِ سڃاڻپ جو سلسلو شروع ٿيو.

”ڪير آهيو؟“ اوهان جو نالو؟

مون مرڪندي چيو، ”غلام قاسم رهبر.“

هڪ پل لاءِ وقت ڄڻ بيھي رهيو. سندس چھري تي حيرت، شرمندگي ۽ مسڪراهٽ گڏجي هڪ انوکي تصوير بڻجي پئي. سفر جاري رهيو، پر هاڻي ڳالھه فاصلي کان اڳتي وڌي چڪي هئي ۽ خيالن تائين پھچي وئي هئي.

هن وري سوال ڪيو ”ڇا ڪندا آهيو؟“

مون وراڻيو، ”شھر ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور آهي پر اصل ڪم ته ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. جتي ماڻھن جو ميڙ ڏسان ٿو، اتي بيھي سچ جون ڪجهه ڳالھيون ڪندو آهيان.“

منھنجي ڳالھه ٻڌي، هو ڄڻ سوچ جي ڪنھن اونھي سمنڊ ۾ لھي ويو. سندس اکين ۾ هاڻي سوال نه، پر تلاش هئي رات جيان خاموش، پر چنڊ جيان جاڳندڙ.

منزل هاڻ ويجهو اچي چڪي هئي. وڇوڙي جي گهڙي اچي پھتي. هن اوچتو منھنجي ٻانھن پڪڙي چيو: ”خدا جو واسطو اٿوَ ٻڌايو ته سھي اصل ڪير آهيو؟“

مون بس جي دريءَ مان آسمان ڏانھن نھاريندي آهستي چيو، ”مان ڪچي مٽيءَ جو ٺھيل آهيان، جنھن جي سڃاڻپ دولت ۾ نه، پر سادگيءَ ۾ آهي. درياھه جي ڪناري جو رهواسي آهيان ۽ بس ايترو ڄاڻان ٿو ته انسان جو نڪ مٽيءَ جو ٺھيل آهي، غرور وڌي ته ڪٿي به ڪري سگهي ٿو.“

هو خاموش ٿي ويو. شايد ان لمحي ۾ هن ڪنھن ٻئي کي نه، پر پاڻ کي سڃاتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org