|
رياض ڏاهري
|
 |
غزل
آهن گهڻا اسان تي، احسان زماني جا،
ڏاڍا مگر ڏکيا هِن، امتحان زماني جا.
پن پن ڪري بڻايا پنڇيءَ پنهنجا پکڙا،
ويا لحظي ۾ اڏائي، طوفان زماني جا.
هت ماڻهپو ٿا ماپِن مايا جي مُلهه سان،
آھن عجب بڻايل، پيمان زماني جا.
جهيڙا جهٽا اجايا، فتنا وڃن فنا ٿي،
انسانيت جي سمجهن، انسان زماني جا.
صبر و فهم سان آدم ثابت قدم هجن بس،
سگهندا نه ڪجهه بگاڙي، شيطان زماني جا.
اڄ تن جي مزارن ۾ چمڙن ڪيا ٺڪاڻا،
ڪنهن وقت ۾ ها سڏبا، سلطان زماني جا.
تاريخ ۾ زنده سي، ظالم اڳيان ٿي بيٺا،
جانچي ڏسي ڀلي ڪو، زندان زماني جا.
”رياضَ“ ذھن ڪيئي، ٿِي شاعري جهنجهوڙي،
تنهن رمز کي ڇا ڄاڻن نادان زماني جا.
|
امداد سروري
|
 |
غزل
ڀلا ڪنهن کي آهي فڪر زندگي جو،
جو مرڻ بعد ٻُڌجي ذڪر زندگي جو.
ڪرين ناز جنهن تي تون آڪڙ وڏائي،
اهو نيٺ ڀڄندو، ٺِڪر زندگي جو.
جيڪا پوک پوکي تون ويندين پيارا،
سو دنيا ۾ رهندو، اثر زندگي جو.
لڪي وئي شرم کان ته آهي سچائي،
هلي ڪوڙ تي ٿو، گذر زندگي جو.
خوشي ۽ غميءَ ۾ ڪونهي حال ڀائي،
ٿئي مائٽن سان، ٽڪر زندگي جو.
قبر جو ته سوچو، قبر ۾ آ پَوَڻو،
آهي آخري سو ته گهر زندگي جو.
دنيا ۾ رهندو، هميشه سلامت،
جيڪو تو پڙهايو، اکر زندگي جو.
ڪري وَٺُ پيارا، جيڪي اٿئي ڪرڻو،
ٻه ٽي ڏينهن آهي، سفر زندگي جو.
”امداد“ جيڪو، ڪَم ايندو اڳتي،
اهوئي ته آهي، وکر زندگي جو.
|
ڊاڪٽر واحد سولنگي
|

|
غزل
سرها سرها ساھه کڻي پو،
ڪيڏا آئي چاھه کڻي پو.
گل ڦل نيٺ ٽڙي ئي پوندا،
ڦٽندا ساوا گاھه کڻي پو.
آئي هوءَ ته اجالو بڻجي،
روشن ٿي وئي راھه کڻي پو.
رات جو آئي ڌيري ڌيري،
ڪيڏا آئي ٽاھه کڻي پو.
هوءَ جي پل ڀي ڌار ٿئي ٿي،
منٽ لڳن ٿا ماھه کڻي پو.
ڳالهين کي ته ولوڙي ويٺي،
ڳاهي پئي ٿي ڳاھه کڻي پو.
ڪارا ڪارا وار وکيري،
هن ته ڪئي آ ڪاھه کڻي پو.
دوست بڻجي خنجر هڻجان،
ڪڍجان منهنجا لاھه کڻي پو.
عرش تي آخر پڄندي ”واحد“،
نيٺ ته منهنجي آھه کڻي پو.
|
احسان دانش
|
 |
ماڻهو (آزاد نظم)
هر پار انڌيرو آ
چوڌار انڌيرو آ
ڪجهه ڪيئن ڏسان اي دوست
هر دوار انڌيرو آ
هن ٻاٽ جي دريا ۾
ڪا لاٽ نه ٿي ڀڙڪي
۽ سج نه ٿو جرڪي
صدين کان ٻَڌل آهي
اکين تي پٽي انڌَ جي
ڪجهه ڪيئن ڏسان پو مان
هر پار انڌيرو آ
چوڌار انڌيرو آ
ڪا حسرت ئي ناهي
ڪا خواهش ئي ناهي
احساس نه ڪوئي آ
وشواس نه ڪوئي آ
ڪو ڪرڻو، ڪو جگنو
مون ڪونه ڏٺو آهي
۽ خواب ڪو اکڙين ۾
مون ٽاڪيو ئي ناهي
ڪا حسرت ئي ناهي
ڪا خواهش ئي ناهي
هڪ عمر وئي گذري
مان ڪجهه به ڪڇيو ناهي
ڪجهه گھاو ته گهرا هن
پر پو به لڇيو ناهي
مون کي آ زبان ڪاٿي
منهنجي آ ڪٿي مرضي
لفظن تي لڳل ڪرفيو
ڪڏ نرم نه ٿيو آهي
هڪ عمر وئي گذري
مان ڪجهه به ڪڇيو ناهي
ڪجهه شور به ٿيو هوندو
پر مان ته ٻڌان ئي نه ٿو
ڪنهن مون کي سڏيو هوندو
پر مان ته سڻان ئي نه ٿو
بم گولن جا آواز
يا گولين جي گونجار
ڪجهه دانهون ۽ سڏڪا
ڪجهه آهون ۽ نوحا
ڪجهه چهبڪ ۽ ڪيهون
ڪنهن ابهم جون ريهون
ڪنهن ٻالڪ جون سسڪيون
ڪنهن ماءُ جا پار به ها
مون ڪونه ٻڌا ڪڏهين
ڪجهه شور به ٿيو هوندو
پر مان ته ٻڌان ئي نه ٿو
ها سال سوين گذريا
پر نيڻ اڃا تائين
اوندهه ۾ ٻڏل آهن
۽ چپ سبيل آهن
صدين جون صدائون ڀي
مان ڪين ڪنايان ٿو
مان ڏاڍو بيوس هان
مان ڏاڍو هيڻو هان
هن دور جي ظلم اڳيان
مان پٿر ٿي ويو هان
مان اڄ جو ماڻهو هان
مان اڄ جو ماڻهو هان.
|
رضوان گل
|
 |
غزل
عقل سان ڪڏهن عشق وارا ڏٺا ٿئي؟
درياهن جا ڪُنَ ۽ ڪنارا ڏٺا ٿئي؟
سمورا ئي منظر محبت جا آهن،
دلين تائين ويندڙ هو چارا ڏٺا ٿئي؟
رکي دل مٿان هٿ ٿو شاعر چوي،
حَسينن جا دلڪش اشارا ڏٺا ٿئي؟
خبر توکي ڪهڙي ته ڇا عشق آهي،
نه جوڳي ڏٺا ٿئي نه ڍارا ڏٺا ٿئي.
درياهن سدائين ڏني زندگي آ،
ڇا دريا ڪڏهن ڀي ڪي کارا ڏٺا ٿئي؟
گداگر جو ابهم لڇي ٿو پڇي،
سياري جي موسم جا پارا ڏٺا ٿئي؟
ٿڌو ساھه کڻندي مهاڻي پڇيو آ،
سڪي ويل سنڌوءَ جا ڪنارا ڏٺا ٿئي؟
ڏکي ويلَ ۾ جيڪي پهچن پيارا،
اهي ”گل“ ڪڏهن جيءَ جيارا ڏٺا ٿئي؟
ª
غزل
مون کي تون ڇڏ وساري، تنهنجو چوڻ ٿو ماري،
تنهنجي نه هان سهاري، تنهنجو چوڻ ٿو ماري.
هو عشق وشق ڇاجو، ڏيکاءُ هو سمورو،
اهڙا اکر اچاري، تنهنجو چوڻ ٿو ماري.
تون ڏور ڀل هليو وڃ، ڪشتي کڻي ڪناري،
مان ڌار ٻي ڪناري، تنهنجو چوڻ ٿو ماري.
ڪجھه پَلَ پهر يادون، توساڻ جيڪي گذريون،
ڇڏيان ٿِي سڀ وساري تنهنجو چوڻ ٿو ماري.
نياپو ڏئي اچي ڪو، ”رضوان گل“ کي منهنجو،
مون ڏي نه هُو نهاري تنهنجو چوڻ ٿو ماري ماري.
غزل
درد جي هُو ڪهاڻي آ بڻجي ويو،
رڪَ مان ڄڻ ته پاڻي آ بڻجي ويو.
حالتن جي هٿان زخم ايڏا مليس،
هن جو سينو به ڇاڻي آ بڻجي ويو.
عشق جي ابتدا هئي عجب رنگ هو،
هاڻي راڻي پڄاڻي آ بڻجي ويو.
وقت توساڻ جيڪو به گھاريو هيو،
ياد ڪائي پراڻي آ بڻجي ويو.
هيءُ جيون الائي ڇو ائين ٿو لڳي،
حادثن جي وراڻي آ بڻجي ويو.
غزل
ڪٿي اسان جا پرين آسرا پليل آهن،
اچي ڏسو ته اوهان لئه ئي در کليل آهن.
اوهان کي ياد ڪندي نيڻ رات ڀر برسيا،
اسان جا ڳل اڃا تائين ڏس ڀنل آهن.
اسان جي دل جو هي شيشو ٽٽل جڙيو ناهي،
اوهان جي هٿ ۾ پٿر اڃا کنيل آهن.
اڃا ته ڪين اگھاميون اهي ايامن جون،
دعائون توسان ملڻ جون لکين گھريل آهن.
جڏهن عروج تي ها سين هزارين يار هئا،
اڄ اهي نه رهيا هون ته سڀ رٺل آهن.
|
امر کهاوڙ
|
 |
غزل
تارو تارو ڳوڙھي وانگي ڀاسيو پئي،
اُڀ ڪنهن مُفلس پوڙھي وانگي ڀاسيو پئي.
ڪهڙي خيال سان ٻانهُن جو تو ھارُ وڌو،
مون کي ڳَل ۾ ٽوڙھي وانگي ڀاسيو پئي.
تنهائيءَ جو سَمنڊ ڇڏي ھا ٻوڙي، پر،
تنهنجو تصور ھوڙھي وانگي ڀاسيو پئي.
پيار ۽ پِيڙا کان خالِي ڄڻ سيني ۾،
مَنُ مِٽيءَ جي ڳوڙھي وانگي ڀاسيو پئي.
توڙي مايا ڪيڏو ٿيڙيو، ھِرکايو،
عشق اسان کي لوڙھي وانگي ڀاسيو پئي.
پنهنجو ھيڏو سارو ديسُ غلاميءَ ۾،
ھڪڙي ڪمري سوڙھي وانگي ڀاسيو پئي.
|
رحيمداد جوڳي
|
|
 |
وائي
آءُ پرين آءُ،
موٽي رت ملهار!
هاڻي ڪيو پرچاءُ،
ماريو آ سوداءُ،
موٽي رت ملهار!
مرڪي چنڊ پيو،
ساهن منجھه هڳاءُ،
موٽي رت ملهار!
لکيو آ اخبار،
جوڳي جو نانءُ،
موٽي رت ملهار!
آءُ پرين آءُ،
موٽي رت ملهار!
|
گهايل لغاري
|
 |
غزل
آس ۽ مان قطار ۾ آھيون،
صبح جي انتظار ۾ آھيون.
دوستو! پيار ۾، ڀلي ماريو،
پاڻ جيئرا به پيار ۾ آھيون.
نقطو ھڪ جو آ، ھڪ نه ٿا ٿيون،
پيا وڏي انتشار ۾ آھيون.
مسڪرائڻ اکيون، ڇڏي ويون ھن،
پوءِ به ڌرتي! قرار ۾ آھيون.
جُستجو، گُفتگو، کنئي آهي
موت! تنهنجي شڪار ۾ آھيون.
زندگيءَ کان ڇُٽون نه ٿا ”گھايل“،
ڍور وانگي ونگار ۾ آھيون.
|
گل محمد ”گل"
سومرو
|
 |
غزل
همراز ڏسي بس حال اڃان اورڻ تي هو،
هٻڪي هٻڪي سُڪل چپڙا چورڻ تي هو.
هو جو نينگر ٽُڪر ڳَڀي لاءِ دانهيو در در،
ڇڙٻ وٺي پوءِ سڏڪا سڏڪا روئڻ تي هو.
رت ته پِي ويو پهريئن ڍُڪ ۾ پياسو هو ڪجهه،
ماس ڪپي پوءِ ماسا ماسا تورڻ تي هو.
تهجد پڙهندو يا ڪا تسبيح هن ٿي سمجهيو،
ڪاري رات ۾ ڪا ڪابينه ٽوڙڻ تي هو.
اي قاتل! تو رات انڌيري ۾ وار ڪيو،
مظلوم اڃا مس مس خيما کوڙڻ تي هو.
سوچُون خيال ۽ رُوح ته جوڙي راس ڪيائين،
هاڻي هيڪر جسم جسم سان جوڙڻ تي هو.
هن جي مُرڪ ۾ موسيقي چَهرو چنڊ ڏسي،
بس چُپ چاپ ۾ چارڻ چنگ به چورڻ تي هو.
تنهنجي حُسن جي هڪڙي هڪڙي جَهلڪ تي سانئڻ،
”گل“ ڀي جان ۽ مال سڀيئي گهورڻ تي هو.
|
ابراهيم کوسو
|
 |
غزل
روح روڪي رکڻ ڪونه ٿيندو،
هاڻ تو ڏي اچڻ ڪونه ٿيندو.
دل ته هڪڙي هئي ويئن کڻي تون،
هاڻ ڪنهن
کي ڏيڻ ڪونه ٿيندو.
عيد ماڻهو ملن پيا کلي سڀ،
تو بنا مون ملڻ ڪونه ٿيندو.
تو بلي ٿي پوي هي حياتي،
تو سوا ڪٿ وڃڻ ڪونه ٿيندو.
ڄڻ ته بهانو هو وڇوڙي جو،
موت کان اڳ ملڻ ڪونه ٿيندو.
نثري نظم
”منزل تي پڄي سگهو ٿا“
نه کٽندڙ تڪليف ده آزمائشي گهڙي
ڊگهي ضرور ٿيندي آهي،
هميشه لاءِ نه رهندي
نيٺ ته گذري ويندي آهي،
آيل تڪليف
زندگي جي
آزمائش سمجهو،
پنهنجي درد کي
ڪنهن اڳيان
ڪنهن به صورت
ظاهر نه ڪريو،
همت ۽ حوصلي سان
آيل هر مصيبت جو
مقابلو ڪريو،
عزم ۽ حوصلو
سلامت رکي
هزار رڪاوٽن باوجود به
منزل تي پڄي سگهو ٿا،
|
شميم سومرو
|
 |
وائي
سيني ۾ سؤ سور،
سانڍيا اٿم دلربا.
تنهنجا ئي مون ھر گھڙي،
پورن مٿان پور،
سانڍيا اٿم دلربا.
تنهنجا ستم پاڻ کان،
پري ناھن مور،
سانڍيا اٿم دلربا.
يادن جا سڀ عڪس مون،
ڪيا ناھن دور،
سانڍيا اٿم دلربا.
وائي
مٺڙي منھنجي ماءُ،
توکي ساريان ٿي پئي.
وڇڙي ورھيه ويا ٿي،
گھرو آهي گھاءُ،
توکي ساريان ٿي پئي.
سورج تنھنجي ياد جو،
ساڙي ڏي ٿو تاءُ،
توکي ساريان ٿي پئي.
اڄ به آھه شميم جي،
سيني ۾ سوداءُ،
توکي ساريان ٿي پئي.
|
امر پيرزادو
|
 |
غزل
نه تنهنجي دل سگهيس ڀائي، الائي ڇو،
نه دل ٻي سان سگهيس لائي، الائي ڇو.
نه بيهان هان، ملي جيڪر نه منزل هان،
لڳو هر جستجو پائي، الائي ڇو.
پيو ڄاڻي زمانو بي قدر آھي،
تڏھن ڀي ٿو پيو ڳائي، الائي ڇو.
بکيو سامهون ڏکيو آھي، تڏھن ڀي هو،
رڳو بس پاڻ ٿو کائي، الائي ڇو.
نئون جوڙو مٽائي روز ٿو اجرو،
اندر ميرو مگر پائي، الائي ڇو.
غزل
مان هوندس سندر سيرن ۾،
جي ويهارين تون پيرن ۾.
ڪنهن غربت کان هي پڇيو آ؟
تون ڳولين ڇا ٿي ڍيرن ۾؟
ڪيڏو اجرو ٿي ويندو هو،
هو ويهي ماڻهن ميرن ۾.
بيت اندر ۾ اوتي لهبو،
هي ملڻو ناهي ڀيرن ۾.
ساهن مان پرواز ڪبي پر،
مان ملندس توسان شعرن ۾.
نثري نظم
منهنجي دل جي
گهر ۾
اچڻ چاهين
ته گلا ۽ ٽوڪن
واري جُتي
ٻاهر لاهي
ايندو ڪر
۽ تعصب واري
عينڪ
گهر
رکي ايندو ڪر
هتي ميرين شين جي
داخلا منع آھي
هي آستان ڏسڻ لاءِ
اندر جو اجرو هجڻ
لازمي شرط آھي ....
(اسرائيل فلسطين جي جنگ تي لکيل)
هو چون ٿا ٻارڙا مري ويا
ڀورڙا ڪي ڪارڙا مري ويا
سوڳ ۾ آڪاس ڀي اُجهاميو
ڇو ته ان جا تارڙا مري ويا !
پهرين تاريخ
مهيني جي
پهرين تاريخ
سدائين دير سان
ايندي آھي
پگهار جي خوشي
هڪ ڏينهن به
ناهي هلندي
سڀ بل
وات پٽيون
قطار ڪيون
اچي پگهار
ڦريندا آھن
ڌاڙيل لڳندا آھن
گهڻا پيسا
ٿورا ٿي ويندا آھن
خواهشن جو ڳلو
گهٽي
پهرين تاريخ
جو انتظار
ٻيهر ڪرڻو پوندو آھي
جيڪا
سدائين دير سان ايندي آھي ... |