غلاماڻي دؤر ۾ جاگيرداريءَ واري سماج جو تصور
۽ ان خلاف ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند نظريو
سمجهيو ويو. جاگيرداري کان پوءِ سرمائيداريءَ
واري نظام خلاف جدوجھد کي به ترقي پسنديءَ جو
نظريو چئجي ٿو. سرمائيداراڻي سماج مان جان
ڇڏائڻ لاءِ اشتراڪي تحريڪ يا ”ڪميون سسٽم“
(Commune
System)
کي وڌيڪ ترقي پسنداڻي سوچ ڪوٺيو وڃي ٿو.
درحقيقت تبديلي وارو عنصر انسان جو مکيه متو
رهيو آهي. ان ڪري هر ايندڙ تبديلي لاءِ ٿيندڙ
جاکوڙ کي ترقي پسند سوچ سان سلھاڙيو
ويندو رهيو آهي“.(1) اها راءِ تاريخي ۽
مارڪسزم واري نقطئه
نظر سان جزوي طور درست آهي.
ڇاڪاڻ ته جاگيرداري خلاف جدوجھد،
پوءِ سرمائيداري نظام خلاف تحريڪون ۽ ان کان
اڳتي اشتراڪي نظام ڏانھن لاڙو، سڀني کي پنھنجي
دور ۾ ترقي پسند سوچ سمجهيو ويو، ڇو ته انھن
جو مقصد سماج ۾ برابري ۽ انصاف وڌائڻ هو؛ پر
اهو چوڻ ته هر تبديلي يا هر جدوجھد لازمي طور ترقي پسند هوندي، مڪمل طور صحيح ناهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه تبديليون سماج کي پوئتي به
وٺي وڃن ٿيون، تنھن
ڪري ترقي پسند هجڻ جو دارومدار صرف تبديلي تي
نه پر ان جي نتيجن تي هوندو آهي، جھڙوڪ انساني
حقن، آزادي ۽ انصاف ۾ بھتري
آڻي. دنيا جي ٻين سماجن وانگر ترقي پسند ۽
رجعت پسند جو نظريو قديم آهي.
رجعت پسند ۽ ترقي پسند ٽڪراءُ
سنڌي ادب سميت سڄي برصغير جي ادب ۾ هڪ اهم
فڪري بحث رهيو آهي. هي ٽڪراءُ اصل ۾ ٻن مختلف
سوچن، قدرن ۽ ادبي رخن جي وچ ۾ آهي.
رجعت پسند
(Reactionary)
لاڙو رکندڙ پراڻن روايتي قدرن جي حمايت ڪندڙ هئا. هو مذهب، روايت ۽ ثقافت کي بنياد بڻائي
تبديليءَ کان گهڻو ڪري ڊڄي يا ان جي مخالفت
ڪندڙ هئا. هنن وٽ ادب ۾ ماضي جي واکاڻ، روايتي
موضوع ۽ اخلاقي ۽ مذهبي رنگ رکندڙ هئا. ٻئي پاسي ترقي پسند
(Progressive)
لاڙي وارا سماجي تبديلي، برابري ۽ انصاف
جي ڳالھه ڪندڙ هئا. هو استحصال، ناانصافي ۽
جبر خلاف آواز اٿاري نون خيالن ۽ انقلابي سوچ
کي هٿي ڏيندڙ هئا. ادب ۾ هو مزاحمت،
سماجي مسئلن جي عڪاسي، نون تجربن ۽ حقيقت نگاري ۾ يقين رکندڙ
هئا“.(2)
مثال طور يورپ ۾ جاگيرداري نظام خلاف فرانسيسي
انقلاب (1789ع) ترقي پسند تحريڪ هو، جڏهن ته
بادشاهت ۽ اشرافيه رجعت پسند هئا. آمريڪا ۾ شھري
حقن جي تحريڪ (Civil Rights Movement)
۾ ڪاري
رنگ جي ماڻھن
لاءِ برابري جي جدوجھد
ترقي پسند هئي ۽ نسلي امتياز برقرار رکڻ
واريون قوتون رجعت پسند، برصغير ۾ انگريزن
خلاف آزاديءَ جي تحريڪ ترقي پسند هئي جڏهن ته
نوآبادياتي حڪمراني رجعت پسند. اهڙيءَ طرح عورتن جي ووٽ جي حق (سفريج
موومينٽ) يا جديد دور ۾ تعليم، اظھار
جي آزادي ۽ مزدورن جي حقن لاءِ ٿيندڙ تحريڪون
به ترقي پسند مثال آهن، جڏهن ته انھن جي
مخالفت ڪندڙ روايتي يا مفادپرست ڌريون رجعت
پسند سڏجن ٿيون. هن ٽڪراءُ ذريعي سماج ۾ تبديلي اچي ٿي،
پر هر حالت ۾ ضروري آهي ته ان تبديلي کي ان جي
نتيجن،
يعني انصاف، آزادي ۽ انساني ڀلائي
جي بنياد تي پرکيو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد ادب جي تاريخ
ڪا گهڻي پراڻي نه آهي، پر گهڻو اڳ سنڌ جي صوفي
شاعرن وٽ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر موجود
هو. سومرن جي دؤر ۾
حاڪمن جي چونڊ وقت جنسي امتياز نه ڪيو ويندو
هو. ان ڪري همو ٻائي، تارا ٻائي ۽ ٻيون عورتون
اقتدار حاصل ڪري وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪومتون
ڪنديون رهيون ۽ اها ڳالھه ان وقت جي معاشري ۾
ترقي پسند رجحانن جي علامت آهي.
قاضي قادن، توڙي جو مذهبي اسڪالر هو، پر سندس
انداز ترقي پسند هو.
قاضي قادن مرشد جي لاءِ ”جوڳيءَ“ جو لفظ
استعمال ڪيو:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تھان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
هتي مرشد جي لاءِ ”جوڳيءَ“ جو لفظ سڀ کان
پھريائين قاضي قادن استعمال ڪيو، جيڪو سندس
ڪشاده دلي ۽ وسيع نظرئي جي شاهدي ڏئي ٿو.
حالانڪه ان وقت جا ٻيا عالم ”جوڳيءَ“ کي عارف
سمجهڻ بدران ملحد ۽ گمراهه سمجهندا هئا. اهو
بحث ان ئي دور ۾ شروع ٿي ويو هو“.(3)
ڪلھوڙن جي دور جي هڪ عالم مولوي ابوالحسن
ڏاهري (1661ع) ان بيت تي تنقيد ڪئي هئي، خاص
ڪري لفظ ”جوڳيءَ“ جي معنى، مفھوم ۽ استعمال تي
هن اعتراض ڪيو هو. ان ڪري مسلمانن جي رهبري يا
سجاڳيءَ لاءِ ڪنھن اهڙي ديسي لفظ جي استعمال
کي مناسب نٿي سمجهيائين جيڪو ”مرشد“ جي معنى
ظاهر ڪري. هن تنقيد فارسيءَ ۾ ڪئي جيڪا ان وقت
عالمن ۽ اميرن جي زبان هئي.
”نه جوڳي ست عارف نه سمني گهي شده هريک ملحد و
گمرهي.“
هن جملي مان محسوس ٿئي ٿو ته ابوالحسن ان دور
جو رجعت پسند عالم هو، جيڪو ’جوڳي‘ لفظ کي
”عارف“ جي متبادل يا برابر نٿو سمجهي بلڪ
مرڳوئي جوڳيءَ مان الحاد ۽ گمراهيءَ جو شڪ ٿو
ظاهر ڪري“.(4)
سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه عنايت جنھن
پھريون
دفعو
’جو
کيڙي سو کائي‘ جو نعرو ڏنو.
پير حسام الدين راشديءَ کيس سنڌ جو پھريون
سوشلسٽ (Socialist)
سڏيو آهي. شاهه عنايت برابريءَ جي بنياد تي
حڪمرانن ۽ زميندارن کان حصو وٺڻ لاءِ تحريڪ
شروع ڪئي. ”جوکيڙي سو کائي“ سندس نعرو هو. اها
سنڌ جي مزاحمتي ۽ رجعت پسند حڪمرانن جي خلاف
پھرين تحريڪ به هئي. ان دور جي مغلن، نوابن ۽
سنڌ جي وڏيرن جي جاگيرداري نظام خلاف هن ۽
سندس ساٿين مزاحمتي جنگ وڙهي. نتيجي ۾ هن غيور
درويش کي پنھنجي ڪيترن ئي ساٿين سميت شھيد ڪيو
ويو. ميان يار محمد ڪلھوڙي شاهه عنايت صوفي کي
حڪمرانن سان ٺاهه ڪرائڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ بعد ۾
دغا ڪئي هئي.
شاهه لطيف پنھنجي دور جي ڪيترن ئي دقيانوسي
روايتن سان ٽڪر کاڌو. هن پنھنجي شاعري ۾ فارسي
گو شاعرن وانگي فارسي جي تقليد ۽ فارسي بحرن ۽
وزنن ۾ شاعري ڪانه ڪئي. هن ان شاعري واري
نظريي کي رد ڪندي چيو ته:
جي تو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
جي ٻڌو ٻن ڳالھين، سو ڪيئن چائي ڄام،
اڃو تان آب گهري، بکيو تا طعام،
اي عامن سندو عام، خاصن منجهه نه ٿئي.
شاهه جي دور ۾،
سنڌ جو جيد عالم، استاد ۽ محقق مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جنھن جي تصنيفن جو تعداد 150 کان
مٿي آهي. سو پنھنجي سوچ ۾ انتھائي رجعت پسند
سمجهيو ويندو هو. خواجه محمد زمان پنھنجي دؤر
جو وڏو عالم هو، جيتوڻيڪ شاهه لطيف کان عمر ۾
ننڍو هو پر لطيف سائين وٽن مريد ٿيڻ لاءِ آيا
هئا، پر جيئن ته نقشبندي طريقي ۾ راڳ جي
ممانعت ٿيل آهي ۽ لطيف سائين راڳ جو شوقين هو،
ان ڪري سندس مريد ٿي نه سگهيا.
سچل سر مست جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي ته
ان ۾ جديد فڪر آهي. هن بين الاقواميت جي ڳالھه
ڪئي آهي، امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالھه ڪئي آهي.
مذهبي انتھا پسندي، جا اڄ جي دنيا جو به وڏو
مسئلو آهي.
سنڌ جي ترقي پسند سوچ کي انگريز سرڪار پوئتي
رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
ناميارو ڪھاڻيڪار امرجليل ان سلسلي ۾ نئين رخ
سان راءِ رکي آهي. هو لکي ٿو ته ”فاتح قومون
ٻين قومن جي ملڪ کي طاقت سان يا ٺڳيءَ سان هٿ
ڪرڻ کان پوءِ سڀ کان اڳ ان قوم جي ٻولي ۽ تمدن
کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو رٿينديون آهن. انگريز
سامراجين سنڌ تي مڪمل قبضو ڪرڻ کان پوءِ،
معمول جي خلاف، سنڌي ٻوليءَ تي وار نه ڪيو.
انگريزن جي ان چالبازيءَ جا گڻ اڄ تائين
اسڪولن کان يونيورسٽين تائين ساراهيا وڃن ٿا.
سامراجين، رٿيل منصوبي مطابق، سنڌ جي عظيم
شاعر لطيف سائين ۽ سنڌ جي لاثاني باغي شاعر
سچل سرمست جي ڪلام جي پرچار، پيغام ۽ حق جي
آواز کي صوفي ازم جو ليبل هڻي، ٻنھي هٿن ۾
يڪتارو ڏيئي ڇڏيو.
هڪڙي کان چورايائون ”پيرين پوندي سان، چوندي
سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“ ۽ ٻئي کان چورايائون
”جنھن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست
مدام“. جابر ۽ ٺڳ قومون، جيڪي ويساهه گهاتيءَ
سان ٻين ملڪن تي قبضو ڪنديون آهن، سي ان مفتوح
قوم جي ادب مان
باِغي رجحانن کي ڪوري ڪڍڻ جي ترڪيب استعمال
ڪنديون آهن“.(6)
سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ ۽ رويو، خاص طور تي
انگريزن جي دؤر ۾ ڪميونسٽ فڪر سان شروع ٿيو.
روس ۾ آيل انقلاب جي اثر سبب سماج ۾ اها سوچ
اڀري ته وڏيرو ۽ هاري، مرشد ۽ اُمتي، فيڪٽري
مالڪ ۽ مزدو سڀ برابر آهن.
هن دؤر ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽
ثقافتي رهڻي ڪھڻي ۾ تبديلي آئي. ادب ۾ بنگالي جاڳرتا جي ڏس ۾ سڄي ھندستان ۾
سماج سڌارڪ ديش ڀڳتي جون تحريڪون برپا ٿيون.
ديوان ڪوڙومل کلناڻي پھريون اديب هو، جنھن
بنگالي جاڳرتا جو اثر قبول ڪيو هو. ان سلسلي ۾
هن ڪي ڪھاڻيون ۽ هڪ ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽
هڪ سلسلو شروع ٿيو. ان سلسلي ۾ ڪريم بخش خالد
لکيو آهي ته: ”1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي جي
تحريڪ زور پڪڙيو جنھن ڪري هندن ۾ هڪ نئين
جاڳرتا پيدا ٿي، هو ورهاڱي جي خلاف هئا.
پنھنجي قومي اتحاد ۽ ناموس خاطر، هنن هندو
سماج مان براين ۽ اوڻاين جي خاتمي آڻڻ جي
تحريڪ هلائي. هن دؤر ۾ ڪيترائي بنگالي ناول،
ناٽڪ، ۽ ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. ميلارام
منگتراءِ واسواڻي ’سماجڪ بلوو‘، ناول لکيو،
جيڪو بنگالي ليکڪ شري چندر چئٽرجي جي ڪتاب جو
ترجمو هو“.(7)
ديوان ڪوڙيمل بنگالي جاڳرتا جي تحريڪ جي اثر
هيٺ لکيل بنگالي ڪھاڻين جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا.
ان سلسلي ۾ سندس ”منڊليون“، ”اندرا“ ۽ ”راڌا“
اهم ڪھاڻيون آهن.
سنڌي ادب ۾ ورهاڱي اڳ وڏو بحث ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي شاهه جي رسالي تي ٿيو هو. ڊاڪٽر
گربخشاڻي ترقي پسند اديب هو،
سندس رسالن جي اشاعت سان هڪ وڏو طوفان مچي
ويو ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مخالف ۽ حمايت ۾
اخباري ڪالم، رسالن ۾ مضمون
شايع ٿيڻ شروع ٿيا. اهو سلسلو
ورهاڱي کان پوءِ به جاري رهيو. ڪجهه عالمن،
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي انتھائي مستند ۽ معياري تسليم ڪيو ته ڪن عالمن
ان تي الزام لڳائي رد ڪري ڇڏيو. اهو مباحثو
تمام طويل آهي، جيڪو مختلف اخبارن، رسالن ۽
ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي، پر اهو هڪ جاءِ تي سھيڙجي نه سگهيو آهي. اڪثر سنڌي مسلمان
نقادن پاران، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي اهو به
الزام لڳايو
ويو
ته هن رسالي ۾ آيل شعرن جون غير اسلامي
معنائون ڪڍيون آهن. سندن اهو خيال رهيو آهي ته
شاهه جو سمورو ڪلام مذهبي آهي ۽ شاهه جيڪي سر
چيا آهن ۽ انھن ۾ جيڪي ڪردار ڏنا آهن، اهي
تمثيلي طور تي مذهبي عقيدي سان واسطو رکن ٿا.
ڪجهه عالمن جو الزام هو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي
عربي نسخ جي آڌار تي عربي لفظن مطابق رسالي جي
معنائن ۽ هجي جي شڪيلن کي ڪتب آندو آهي. ڪجهه
عالمن جو خيال هو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ بغير ڪنھن
تصديق جي ڪيترائي شعر خارج ڪري ڇڏيا آهن. ڪجهه
عالمن لفظن جي معنائن سان اختلاف ڪيا. ڪجهه
عالمن تصوف ۽ رسالي جي لساني حوالن سان اختلاف
رکيا.
ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪاڪي ڀيرومل مھرچند
سلسليوار مضمون لکيا ۽ هڪ ٻئي
کي
جواب ڏنا. اڳتي هلي عبدالله چنا، محمد عثمان
ڏيپلائي، نانڪي گدواڻي ۽ ڪجهه ٻين پڻ ڊاڪٽر
گربخشاڻي رسالي تي سخت تنقيدون ڪيون ۽ سلسلو
بعد ۾ هلندو رهيو“.(8)
1936ع
۾ لنڊن ۾ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد پيو.
انھيءَ زماني ۾ ئي هندستان جي ترقي پسند اديب
سجاد ظھير
يورپ ۾ رهائش دؤران رالف فاڪس ۽ لوئي آراگون،
جھڙن اديبن سان ملاقات ڪئي، ساڻن ترقي پسند
تحريڪ هلائڻ ۽ هندستان ۾ ان کي وڌائڻ بابت
مشورا ڪيا. پوري هندستان ۾ هن تحريڪ جي مخالفت
ٿي. سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو اثر اردو معرفت
آيو. ان
سلسلي ۾ شيخ راز لکيو آهي ته: ”ترقي پسند
اديبن اردو ادب ۾ هڪ وڏو مقام پيدا ڪيو ۽ اردو
شاعريءَ جي هيئت، اسلوب ۽ فڪر ۾ ڪيترائي جاذب
۽ خوشگوار تجربا ڪيا، جن گهڻو ڪري ملڪ جي نئين
نسل کي انتهائي متاثر ڪيو. سال 1943ع ۾، سنڌ
جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي ان جو اثر قبول
ڪيو. مان ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾، ڪاليج ۾
پڙهندو هئس، ۽ اسان جي مختصر ادبي حلقي ۾ جديد
ادب جو خاص مقام هو. اردو ادب جي جديد تخليقن
۽ تحريرن اسان تي ڪافي اثر ڇڏيو. نارائڻ شيام،
ڏيارام منشاراماڻي، شيخ راز ۽ شيخ اياز جي
جديد ادب سان گهڻي دلچسپي هئي ۽ اسان جي پوري
سنگت جديد رجحانن جو به خوب مطالعو ڪيو هو.
اسان جديد ادب جو ڪافي ذخيرو گڏ ڪيو ۽ اسان جو
گهڻو وقت ان نئين ادب جي بحث مباحثي ۾ گذرندو
هو. ساڳئي سال، اهلِ ذوق نوجوانن جي مدد سان
ڪاليج ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جو بنياد رکيو ويو.
ان کان اڳ ڪاليج ۾ ڪا سنڌي ادبي جماعت ڪا نه
هئي، حالانڪ اردو ۽ گجراتي جماعتون ادبي
سرگرمين ۾ پيش پيش هيون“.(9)
1931ع جي پڇاڙي ڌاري شڪارپور ۾ ”سنڌو ساهت
منڊل“ قائم ٿيو. بولچند وسومل راجپال ان جو
روح روان هو. سنڌو ساهت منڊل، ”سنڌو“ رسالي
کان علاوه، ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. سال 1932ع
۾ سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري
لاءِ هڪ تحريڪ هلي. انھيءَ تحريڪ جي شروعات
مسٽر بولچند راجپال کان ٿي. هن سنڌي زبان ۾،
”ماڊرن ريويو“ انگلش ۽ ”چاند“ هندي رسالي جي
طرز تي ”سنڌو“ جي نالي سان هڪ علمي و ادبي
باتصوير ماهوار رسالو شڪارپور سنڌ مان جاري
ڪيو“.(10)
سنڌو رسالو، ڪيترائي سال
شايع ٿيندو
رهيو،
جنھن ۾ هر
مذهب، عقيدي
۽
سياسي ڀيد جو
مواد شايع ٿيندو هو. هي رسالو ان وقت ترقي
پسندن جي سوچ جي نمائندگي ڪندڙ رسالو هوندو
هو. ان سوچ جي خلاف
1942ع کان 1952ع تائين هڪ ادبي رسالو ”اديب
سنڌ“ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيو،
جنھن جو مرتب ۽ هلائيندڙ حاجي محمود خادم هو.
جڏهن ته ايڊيٽوريل بورڊ
۾ ماستر جمع خان
’غريب‘،
عبدالفتاح
’عبد‘ عاقلي، غلام محمد نظامي ۽ رئيس ضياءُ
الدين
’بلبل‘
شامل هئا. هي رسالو جميعت
الشعراءَ وارن جو هو.
هن رسالي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي.
منجهس طرحي مشاعري سان گڏ مقالا، مضمون ۽
افسانا پڻ شايع ڪيا ويندا هئا. سنڌي ادب
۾”سنڌوءَ“ کان پوءِ هن رسالي ۾ معياري ۽
صحتمند تنقيدي ادب شايع ٿيندو هو. هيءُ رسالو
قادريه پريس لاڙڪاڻي مان ڇپجي پڌرو ٿيندو هو“.(11)
هن رسالي هر نئين سوچ جي مخالفت ڪئي، هر جديد شعر جي خلاف لکيو. ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي رسالي جي خلاف قسطوار مضمون
شايع ڪيا.
سنڌي ادب ۾ 1940ع کان 1960ع تائين ترقي پسند
تحريڪ زور تي هئي. ان دور ۾ ئي رجعت پسندن، ترقي پسند ادب تي ڪيترائي الزام هنيا.
ترقي پسندن جي وڌندڙ اثر کي ڪيترن ئي رجعت
پسند اديبن قبول نه ڪيو ۽ هڪ قسم جون نئون بحث
هليو. ان سبب نقاد مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا.
هڪڙي گروهه کي سنڌي ادب ۾ اخلاقي پستي نظر
آئي. ٻئي گروهه کي سنڌي ادب جديد تقاضائن سان
ڀرپور نظر آيو، مذهبي عقيدن، ثقافتي قدرن ۽
اخلاقي معاملن کي غلط نموني پيش ڪرڻ جو الزام
لڳو. سنڌي ترقي پسند ادب تي باغي هجڻ سميت
گهڻا ئي الزام لڳا. هندستان ۾ به ساڳيو بحث
هليو.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته
”ان
پريوگ واد دور جا ڪيئي اگرا نتيجا سنڌي
ڪھاڻيءَ ۾
نظر
آيا آهن، جن ۾ مکيه آهن: ليکڪن ۾ اڀمان،
انگريزي لفظن جو ڏيکاءُ، چترتائيءَ واري لکڻي،
زمان حال ۾ آکاڻي لکڻ، غلط ٻولي ۽ رٿا جي بي
ترتيبي“.(12)پروفيسر
ملڪاڻيءَ پنھنجي انھيءَ
دليل کي هندستاني ڪھاڻيءَ مان مثال کڻي ثابت
ڪيو آهي. سنڌ ۾ سھڻي
رسالي ۾ انور پيرزادي، مشتاق شوري، آغا سليم ۽
ٻين ڪيترن ئي اهڙن الزامن کي رد ڪندي پنھنجا
دليل ڏنا هئا.
انور پيرزادو ترقي پسند ادب لاءِ لکي ٿو ته
”هر دؤر ۾ هر سماج ۾ ترقي پسند ادب جا نعرا
مختلف رهيا آهن، حڪمت عملي مٽجندي رهي آهي.
تقاضائون ڦرنديون رهيون آهن ۽ ماپا مٽجندا
رهيا آهن، پر جيئن ته ادب هميشه ترقي لاءِ
واجهائيندو رهيو آهي ۽ اها ترقي ظاهر آهي ته
انساني زندگيءَ سان واسطو رکي ٿي. ان ڪري ترقي
پسند ادب هر دؤر ۾ هر سماج ۾ ظاهري حالتن
پٽاندڙ ترقيءَ جا مختلف نظريا ڏنا آهن“.(13)
1960ع کان پوءِ آهستي آهستي رجعت پسند يا غير مزاحمتي لاڙا وڌڻ
لڳا. نتيجي ۾ ادب ۾ هڪ تمام وڏي تنقيدي بحث
جنم ورتو.
رجعت پسندن ۾ پھريون نقاد الھه بخش سرشار
عقيلي هو، جنھن مختلف رسالن ۾ ادب جي مذهب جي
بنياد تي تشريح شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو
نالو ضياءُ الدين بلبل جو به آهي، هو جڏهن
”اديب سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿيو ته کيس مختلف شعرن
جي ڪلام ۽ ليکڪن جي ڪتابن تي تنقيد ڪرڻ جو
موقعو مليو. پاڻ انھن نقادن مان هو، جن جي قلم
جي نوڪ سنڌي ادب ۾ رجعت پسندن ۽
ترقي پسندن جي وچ ۾ اختلافن کي هوا ڏني. انھن
ئي ڏينھن ۾ شفيع محمد اوج علويءَ ساڄي ڌر جي
ادبي تحريڪن ۽ تنظيمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان
اوائلي دور جي هڪ تعليمدان ۽ نقاد عبدالله
’عبد‘ جو نالو به اهم آهي، جڏهن 1960ع واري
ڏهاڪي ۾
رجعت پسندن ۽ ترقي پسندن ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽
تنقيدي طوفان برپا ٿيو ته
عبدالله
’عبد‘
ڌر بڻجي حافظ خير محمد اوحدي، شفيع محمد اوج
علوي ۽ ٻين هم خيالن جي تنقيدي ڪاوشن جي تائيد
ڪئي. ون يونٽ واري سختين واري دور ۾
ادب، تقرير جي آزادي، تحرير جي آزادي، اخبار
جي آزادي ۽ ڇاپخانن جي آزاديءَ تي سختي ڪئي
وئي. 26 اپريل 1960ع تي پريس ۽ پبليڪيشن
آرڊيننس نمبر 15 پاس ٿيو.
شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين جي ڪتابن
کي هن قانون تحت ضبط ڪيو ويو هو. قوم پرست دؤر
واري تحريڪ دوران ڪيترن ئي سنڌي رسالن تي
پابندي هنئي وئي.
”وڌندڙ
مباحثي جي ڪري 27 فيبروري 1961ع تي محمد عثمان
ڏيپلائي جي نڪرندڙ رسالي ”انسان“ تي بندش ۽
ڏيپلائي صاحب جي نظربندي وڌي وئي“.(14)
1965ع کان 1970ع واري زماني ۾ ڪيترن ئي سنڌي
اديبن ۽ شاعرن جي تحريرن ۽ تقريرن تي بندش وڌي
ويئي. ڪيترا سنڌي رسالا ۽ ڪتاب بند ڪيا ويا.
هن دور ۾ ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تي
بندش پئي. هن دور ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جا
ڪيترائي ناول بندش هيٺ آيا. شيخ اياز جي شاعري
سنڌ جي سياسي، سماجي، انقلابي حالتن جو آئينو
آهي، هن دور ۾ سندس ٽي ڪتاب بندش هيٺ آيا.
اياز 1947ع ۾
”اڳتي قدم“ کي لکيل پنھنجي خط ۾ اڳواٽ ئي
ٻڌائي چڪو هو،”ته چيو وڃي ٿو ته منھنجن بغاوتي
ترانن تي بندش وجهندي. جي ائين آهي ته توهين
پنھنجي رسالي رستي آواز اٿاري، منھنجي مدد
ڪجو.“ اياز جو اهو خدشو صحيح ثابت ٿيو، ۽ هن
تي مقدمن، الزامن، بُھتانن
۽ فتوائن جون بارشون به ٿينديون رهيون. سندس
ٽي ڪتاب
”ڀونر
ڀري آڪاس“،
”ڪلھي
پاتم ڪينرو“
۽ ”ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي“ تي بندشيون پيون. مجرم لغاريءَ
جي شعري مجموعي
”سچ
۾ مچ“
تي بندش پئي.
رشيد ڀٽيءَ جي قومي شاعريءَ جي ڪتاب
”آڏِي ڍال مَ ڍار“ تي بندش پئي. اهو ڪتاب پاڪستان رائٽرز گلڊ
سنڌ سب ريجن پاران، سکر مان 1966ع ۾ شايع ٿيو
هو. سائين جي.ايم.سيد جي ڪتابن تي بندش پئي، جنھن ۾
”جديد
سياست نو رتن“
اهم آهي. منير احمد ماڻڪ جي ڪھاڻي
”حويليءَ
جا راز“ تي الزام لڳا. امرجليل جون ڪھاڻيون
”هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ“
۽
”جڏهن مان نه هوندس“ بندش هيٺ آيا. نامياري تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻي جي
ڪتاب
”سنڌي
سٻاجھڙا“ کي ضبط ڪيو ويو.
ان دور ۾ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون نڪرنديون هيون، جن ۾ تنقيدي
مباحثي جو ٽڪراءُ ٿيندو هو، پر انھن ڏينھن ۾ علي نواز وفائيءَ جي
هفتيوار آزاد، ادبي مقابلن جي ڪري تمام گهڻي
مشھور هئي.
شيخ محمد ابراهيم خليل، جديد شاعريءَ جي صنفن
۽ پرڏيھي صنفن تي ڪيل شاعري ۽ شاعرن تي تنقيد
جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو ڪيتري عرصي تائين
هلندو رهيو. ساڻس گڏ عبدالڪريم لغاري به هڪ اڻ
کٽ سلسلو شروع ڪيو. سندس شمار ساڄي ڌر جي سخت
گير نقادن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند
تحريڪ هلي ته هي ان تحريڪ جي مخالف اديبن مان
هڪ هو. هن ”هفتيوار آزاد ڪراچي“ ۾ ترقي پسند
شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن خلاف ۽ ترقي
پسند فڪر خلاف سخت تنقيدي مضمون لکيا. بعد ۾
سندس اهي مضمون ”ترقي پسند ۽ سندن ادب“ نالي
ڪتاب ۾ شايع ٿيا. هن خاص طور تي شيخ اياز،
جمال ابڙو، تنوير عباسي، جمال رند، غلام رباني
آگرو ۽ ٻين قسطوار تنقيدون شامل هيون. کيس
جواب ڏيندڙ ۾ مختلف اديب شامل هئا، پر شمس
الدين عرساڻي جا جواب مُدلل هوندا هئا. سندس
ڪتاب ”موجوده سنڌي ادب“ 1965ع ۾ شايع ٿيو. هن
ڪتاب ۾ سڀ کان اول ادب بابت مشرقي ۽ مغربي
ادبي نظريا بيان ڪيل آهن، ان کان پوءِ سنڌ جي
ترقي پسند ادب تي تنقيد ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ به
ليکڪ ترقي پسند ادب جي سخت مخالفت ڪئي آهي.
هفتيوار ”آزاد“ ڪراچي ۾ امرجليل،
قمر شھباز ۽ تاج بلوچ جي وچ ۾ ڪافي مباحثا
ٿيا، جيڪي اڄ به ترتيب ڏيڻ جھڙا آهن. انھن
ڏينھن ۾
سيد سردار علي شاهه ذاڪر، مشھور صحافي، ايڊيٽر ۽ شاعر هو. صحافت جي
ميدان ۾ سندس قلم تيز تلوار وانگر بيخوف ۽ بي
ريا هو. هن جا مضمون ۽ ايڊيٽوريل
ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندا هئا. کيس بيباڪ صحافي
سمجهي ’سردار صحافت‘ ۽ ’پاسبان آبروءِ قلم‘
جھڙا خطاب ڏنا ويا.
60 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ترقي پسند ۽ رجعت پسند
مڪتبه فڪر وارن ۾ اختلاف تيز ٿيا، ته سردار
شاهه ’ذاڪر‘ ساڄيءَ ڌر وارن جو ٻانھن ٻيلي ٿي
بيٺو ۽ روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن جي خلاف
سخت مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکيائين. جي. ايم. سيد
جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ جي خلاف مسلسل
مضمون هلايائين. ان لاءِ هن ’مھراڻ‘ اخبار کي
هٿيار طور ڪم آندو. نتيجي طور سمورا ترقي پسند
اديب محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ ٻيا
سرڪاري عتاب هيٺ آيا. سندس اخبار ۾ امرجليل جي
ڪھاڻين جي مجموعي ۾
”دل جي دنيا“ جي ڪافي ڇوهه ڇنڊيا ويا.
1965ع ڌاري پاڪستان جي سمورين قومن جي اديبن
”عوامي ادبي انجمن“
قائم ڪري ان جو منشور ٺاهيو هو، جنھن تي
فيض احمد فيض، شيخ اياز، اجمل خٽڪ، محمد
ابراهيم جويي، جوش مليح آبادي ۽ ٻين ترقي پسند
اديبن جون صحيحون آهن. ان ئي دؤر ۾ شيخ اياز
جي جڳ مشھور نظم ”هي سنگرام... سامھون آ نارائڻ شيام“ جي خلاف
ڪجهه اديبن مخالفت ۽ تنقيد جو طوفان کڙو ڪيو،
جنھن تي سنڌي ۽ اردو ترقي پسند اديبن هڪ
پمفليٽ صحيحن سان جاري ڪري، شيخ اياز جو دفاع
ڪيو هو. شيخ اياز جي شاعريءَ تي الزام ۽
فتوائون لڳنديون رهيون، جنھن جي نتيجي ۾ سندس
”ڀؤنر
ڀري آڪاس“،
”ڪلھي
پاتم ڪينرو“
۽
”ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي“
تي بندش پئجي وئي“.(15)
ان ئي دؤر ۾ رسول بخش پليجي ڏٺو ته جديد سنڌي ادب خلاف هڪ مھم
شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي
بچاءَ ۾ روزانه
”خادمِ وطن“
اخبار
۾ انھن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾
”انڌا اونڌا ويڄ“ جي نالي سان ابن حيات پنھور 1967ع ۾
ڇپرايا.
اهو درحقيقت، ڪتابي صورت ۾ رجعت پسندن کي پھريون ڀرپور جواب هو. 1963ع ۽
1964ع
۾ جڏهن شيخ اياز جي ڪتابن
تي
بندش پئي ۽ ٻين ترقي پسند شاعرن تي ڇوهه ڇنڊيا
ويا، تڏهن غلام محمد گرامي ٻيو وڏو نقاد هو،
جنھن سنڌي شاعريءَ جي نون لاڙن تي هڪ تحقيقي
مقالو
’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ لکيو. ان مقالي
جي
ٽماهي ”مھراڻ“ ۾ ڇپجڻ کان پوءِ رجعت پسند ڌرين گرامي صاحب کي
مذهب ۽ ملڪ جو
دشمن ۽ ملحد ڪوٺيندي ڪورٽن ۾ مقدما داخل ڪيا.
جڏهن ته گرامي صاحب اسلامي فڪر ۽ فلسفي سان
معطر، نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جو عاشق ۽
اسلام جو
زبردست مبلغ هو. غلام محمد گراميءَ جي ان ڪتاب
جي جواب ۾ ڪتاب لکيا ويا. ان سلسلي ۾ وڏو نالو
شيخ عبدالرزاق
’راز‘ جو آهي، جيڪو ڪڏهن جدت پسند تحريڪن جو
باني هو، پر شيخ اياز سان اختلافن جي ڪري ساڄي
ڌر جي اديبن سان ويھي رهيو. سندس
”تنقيد ۽ تجزيو“ 1966ع
۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب دراصل غلام محمد گرامي جي
ڪتاب ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي
تنقيد ۾ لکيل هو. هو پنھنجي خاڪن واري ڪتاب ۾
لکي ٿو ته ”سنه
1964ع ۾، گرامي صاحب سماهي
”مھراڻ“
۾ هڪ مقالو شايع ڪيو. مون ان مقالي تي سخت
تنقيد ڪئي، جنھنڪري منھنجا گهڻو ڪري، سڀ گهاٽا
دوست ناراض ٿي ويا. جي اڄ تائين منھنجي متعلق
هڪ عجيب و غريب راءِ رکندا آهن. ٻه سال تنقيد
ٿيندي رهي“.(16)
گرامي صاحب جي ڪتاب خلاف ٻين به ڪيترن ئي
لکيو.
سنڌ جي ترقي پسندن ۽ رجعت پسندن جا
اختلاف هلندا رهيا ۽ واضح طور تي هو هڪٻئي جي
خلاف لکندا رهيا ۽ هڪٻئي جي لکڻين کي رد ڪندي
پابنديءَ جون سفارشون ڪندا رهيا. جمھوريت
جي دور ۾ هو ڪتابن ۽ رسالن مان نڪري پريس
ڪانفرنس ۽ وائيٽ پيپر تائين پھچي
ويا، جنھن جو نقصان سنڌي ادب جي ادارن تي پيو.
سنڌ جي ساڄي ڌر يعني رجعت پسندن، جن ۾ گهڻو
ڪري
مختلف
جماعتن جا حامي اديب هئا، انھن سنڌيءَ جي ترقي
پسند اديبن جي تحريرن مان ٽڪرا ڏئي، هڪ وائيٽ
پيپر شايع ڪيو، جيڪو لاهوري اخبار ”نوائے
وقت“ طمراق سان سان شايع ڪيو. ان ۾ سنڌيءَ جي
جديد ليکڪن جي تحريرن مان سِٽون ۽ جملا ڪڍي،
حوالي طور پيش ڪيا ويا.
ان
جي جواب ۾ 18 اپريل 1975ع جي سنڌي اخبارن ۾
پنجويھن
ترقي پسند اديبن جو بيان وڏي اهميت رکي ٿو.
جنھن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته
”رهبر
ڊائجيسٽ“
۽ آئينو پبليڪيشن کي فورن بند ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ
ته اهي رسالا ڪيتري وقت کان سنڌي ادب ۽ اديبن
خلاف مھم
هلائي رهيا آهن.
ان کان اڳ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، سيد علي مير
شاهه ۽ روزاني
”مھراڻ“
اخبار جي ايڊيٽر سيد سردار شاهه هڪ پريس ڪانفرنس ڪري
مطالبو ڪيو هو، ته لاديني سنڌي رسالن ۽ ڪتابن
تي بندش لاڳو ڪئي وڃي.
مطلب ته حڪومت تي دٻاءُ وڌندو ويو، جنھن جو
نتيجو اهو نڪتو ته
ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار اولھه پاڪستان پريس ائنڊ پبليڪيشن آرڊيننس
1963ع هيٺ
11 مئي 1975ع جي منظوريءَ سان
ستٽيھن
سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي فوري بندش وڌي. ڪتابن ۽
رسالن جي بندش خلاف سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن
۾ بي چيني ڦھلجي
وئي. اخبارن، ڪچھرين
۽ جماعت جي گڏجاڻين ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي
ويو. ڪجهه ڌرين ان بندش جي مخالفت ڪئي ته ڪجهه
انھن جي حمايت ڪئي.
”ان
سلسلي ۾ 13 مئي تي عبرت اخبار ۽ اردوءَ جي
مختلف اخبارن ۾ سنڌ جي
ٻاويھن
رجعت پسند اديبن، وڪيلن ۽ دانشورن جي هڪ بيان
۾ حڪومت جي انھيءَ
قدم جي ساراهه ڪئي، ته حڪومت سنڌي ڪتابن تي
پابندي هنئي آهي. انھن اديبن ۾ سردار علي
شاهه، ابراهيم خليل، علي نواز جتوئي شامل هئا“.(18)
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٽڪراءُ زور وٺڻ
لڳو ته هڪ طرف ڊاڪٽر ابراهيم خليل، رشيد احمد
لاشاري، سردار علي شاهه ”ذاڪر“،
قربان علي بگٽي، عبدالقيوم صائب، ڊاڪٽر
عبدالجبار ”عابد“ ۽ ڪي ٻيا شامل هئا. هنن جي
مورچي ۾ ”مھراڻ“ اخبار،
آئينو ڪتابي سلسلو،
”رهبر ڊائجسٽ“ وغيره سرفھرست هئا.
ٻي ڌر نون خيالن ۽ ادب براءِ زندگي جي قائل هئي، جنھن ۾ شيخ
اياز، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي،
غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري، تنوير عباسي،
رشيد ڀٽي، طارق اشرف، ظفر حسن، مدد علي سنڌي ۽
ٻيا ڪيترائي شامل هئا. هنن جي مورچي ۾
”سھڻي“ رسالو سڀ کان اڳتي هو.
ان گروهه ۾ رشيد احمد لاشاري، انتھائي
قابل محقق، نقاد، شاعر ۽ لطيفيات جو ماهر عالم
هو. رشيد احمد لاشاري، سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست، فڪر وارن اديبن
خلاف لکڻ ڪري انھن وٽ تڪراري رهيو. رشيد احمد
لاشاريءَ جو همعصر
قربان علي بگٽي، جنھن جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو،
ترقي پسند اديبن ڪوٺيو ۽ خاص طور تي شيخ اياز،
تنوير عباسي، جي.ايم.سيد ۽ ٻين خلاف لکيو. پاڻ
ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس ڪتاب ”شيخ
اياز ۽ سندس شاعري“ 1976ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي مختلف رخن،
سندس فڪري تبديلين، ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾
سندس مقام تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.
هي ڪتاب ان وقت سامھون
آيو جڏهن شيخ اياز جي شاعري ۽ سندس شخصيت (خاص
طور تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور
مقرري) تي ادبي توڙي سياسي حلقن ۾ وڏو بحث
جاري هو. هن ڪتاب شيخ اياز جي شاعريءَ تي
مختلف حوالن سان الزام هنيا ۽ تنقيدون ڪيون.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جھڙي محنتي محقق تي
”ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس ادبي چوريون“
لکيائين.
جنھن زماني ۾
ايم.آر.ڊي
تحريڪ پنھنجي زور تي هئي ته پاڪستان اڪيڊمي آف
ليٽرز
اهل قلم ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي سنڌي اديبن شرڪت
ڪئي، جنھن تي سنڌ ۾ اديب ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا
۽ ڪيترن پنھنجا تعلق ختم ڪري ڇڏيا.
ادبي ٽڪراءُ، جنھن کي اسان ادبي
جهڳڙا چئون ٿا، اهو بنيادي طور تي اديبن جو
نظرياتي ٽڪراءُ آهي، جيڪو اڄ به سنڌي اديبن ۾
هلندڙ آهي. اهڙو ٽڪراءُ هند جي سنڌي اديبن ۾
به موجود هو. ان سلسلي ۾
’ساهت مالھا‘
پاران 1962ع ۾، موهن ڪلپنا جو تڪراري
تنقيد
تي
ٻڌل ڪتاب: ”سنڌي
اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“
ڇپائي پڌرو
ڪيو، جنھن ۾ مختلف موقعن تي اديبن جا تڪرار
۽
انھن جا نتيجا ٻڌايل آهن. جڏهن ته موهن ڪلپنا
لکي ٿو ته
”ان
وقت مون قسم کنيو هو ته اڳيان هلي اسين سنڌي
ادب ۾ نيون ڌارائون پيدا ڪنداسين. جلد ئي هن
قسم نامي ۾ راجن چاولا
به داخل ٿيو ۽ ان طرح
ٽن ڄڻن
جي هن مورچي کي
“Three angry young men of Sindhi Literature”
جو خطاب عطا ٿيو“.
ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو ڪتاب پرم ابيچنداڻيءَ جو
”نظر ۽ نظريو (ادبي جڳهڙن جي هڪ داستان)“ آهي،
جيڪو 2005ع ۾ شايع ٿيل آهي.
بھرحال،
سماج ۽ ادب جي ڪردار بابت اختلاف، يعني هڪ ڌر
ادب کي سماجي تبديلي، برابري، انصاف، آزادي ۽
جبر خلاف مزاحمت جو ذريعو سمجهندي هئي، جڏهن
ته ٻي ڌر ادب کي مذهبي، اخلاقي، ثقافتي ۽
روايتي قدرن جي حفاظت جو وسيلو سمجهندي هئي؛
پراڻن ۽ نون قدرن جي ڇڪتاڻ، يعني رجعت پسند
پراڻن روايتن، مذهبي تشريح ۽ ماضي جي عظمت تي
زور ڏيندا هئا. جڏهن ته ترقي پسند حقيقت
نگاري، نون تجربن، طبقاتي شعور، قومي سجاڳي ۽
انساني برابري جي ڳالھه ڪندا هئا،
ادبي متنن جي تعبير تي اختلاف، جيئن قاضي قادن
جي
”جوڳي“
واري استعمال، شاهه جي رسالي جي معنائن، شيخ
اياز جي شاعري، ۽ جديد ادب جي تشريح بابت وڏا
تڪرار پيدا ٿيا؛ سياسي ۽ سماجي حالتن جو اثر،
جھڙوڪ روسي انقلاب، بنگالي جاڳرتا، آزاديءَ
جون تحريڪون، ڪميونسٽ فڪر، ون يونٽ، رياستي
سنسرشپ ۽ قومي سڃاڻپ جا سوال ۽ ذاتي، گروهي ۽
ادارياتي مخالفتون، جنھن سبب رسالن، اخبارن،
ادبي جماعتن ۽ سنگت اندر ڌڙا بندي وڌي.
هن نظرياتي ٽڪراءَ جا نتيجا به گهڻ رُخا نڪتا:
هڪ پاسي سنڌي ادب ۾ نوان فڪر، حقيقت نگاري،
مزاحمتي ادب، تنقيد، ترجما، ادبي تنظيمون ۽
بحث مباحثي جي روايت مضبوط ٿي، جنھن ادب کي
وڌيڪ زندهه، متحرڪ ۽ سماجي بڻايو؛ پر ٻئي پاسي
اديب مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا، هڪ ٻئي خلاف
الزام، فتوائون ۽ مھمون
هليون.
ڪيترن ڪتابن، رسالن ۽ ليکڪن تي بندشون لڳيون،
سرڪاري دٻاءُ ۽ سنسرشپ وڌي، ادبي ادارا به
متاثر ٿيا ۽ اختلاف علمي حدن کان نڪري سياسي ۽
شخصي دشمنيءَ تائين پھتا.
مطلب ته
انھيءَ
ٽڪراءَ هڪ طرف سنڌي ادب ۾ سجاڳي، نوان رجحان ۽
فڪري واڌارا
آندو، پر ٻي طرف ورهاست، تڪرار، بندشن ۽ ادبي
ماحول ۾ ڇڪتاڻ پڻ پيدا ڪئي.
حوالا:
1.
ملاح مختيار احمد: ”سنڌي ادبي اصطلاحن جي
لغت“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2015ع، ص
90
2.
ساڳيو حوالو، ص 89، 185
3.
رچنداڻي، ليلورام: ”سنڌي نظم جي تاريخ“،
1988ع، گجرات سنڌي
اڪاڊمي، گانڌي نگر ، ص 88
4.
حسين فھميده ڊاڪٽر: ”ادبي، تنقيد، فن ۽
تاريخ“، سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1997ع، ص 97
5.
جليل امر:
”لھندڙ سج جي لام“، ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي، 2010ع، ص 15
6.
خالد ڪريم بخش:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ عالمي ادب“، ماهوار پيغام، سنڌ
جو سڌ سماءَ وارو کاتو، ڪراچي، 1985ع،
ص: 57
7.
ملاح مختيار احمد: ”ڊاڪٽر
گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي ٿيل مباحثا“،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،
ڪراچي، 2026ع، ص 36
8.
شيخ عبدالرزاق راز: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند
تحريڪ“ ماهوار نئين زندگي، مارچ، 1970ع، ص: 33
9.
لطف الله بدوي: ”سنڌي ادب جا گذريل پنجويھه
ورهيه“ (مضمون) ”مھراڻ جا موتي“، پاڪستان
پبليڪيشن ڪراچي، ص 165
10.
قريشي حامد علي ”خانائي“: ”سنڌي زبان جا
ادبي ماهوار رسالا“، ٽماهي
مھراڻ 1.2- 1981ع
11.
ملڪاڻي، پروفيسر منگهارام:
”مون اڃا اميدون نه لاٿيون آهن“ (چيتنا، سمپادڪ آنند کيماڻي)، ساهت ڌارا پبليڪيشن، نئين
دهلي، 1967ع، ص: 109
12.
پيرزادو انور: ”جديد سنڌي ادب“ انور پيرزادو
اڪيڊمي، ڪراچي، 2001ع، ص: 75
13.
انسان دوست ۽ بي باڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي- مرتب تاج جويو، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم،
حيدرآباد، 2003ع
14.
شورو شوڪت حسين: ”سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نوان لاڙا ۽
تحريڪون“ (سنڌ ماضي حال مستقبل) شاهه
عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، 2006ع، ص:
344
15.
راز شيخ عبدالرزاق: ”تنقيد
۽ تجزيو“،
سجادالله قريشي، سنڌي ادبي بورڊ پريس،
حيدرآباد،
1966ع ، ص 3
16.
لغاري عابد:
”سنڌي
ڪتابن تي بندش جي ڪھاڻي
رهبر ڊائجيسٽ جي زباني“،
ماهوار رهبر ڊائجيسٽ، آگسٽ 1975ع، ص 8
17.
طارق اشرف:
”22
مھينا جيل ۾“،
نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1977ع، ص 19
18.
ڪپلنا موهن: ”سنڌي
اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“،
’ساهت مالھا‘
1962ع، ص 2

پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله سومرو

ساهتيءَ جو مشهور عالم
مولانا فيض الڪريم
مولانا فيض الڪريم ولد حاجي عيسٰي اعواڻ ”ڳوٺ
ساند“ جو رهواسي هو. هيءُ ڳوٺ ٺاروشاهه جي
اوڀر ۾ ڀريا ۽ ٺاروشاهه روڊ سان ٻن ڪلوميٽرن
جي مفاصلي تي آهي. مولانا فيض الڪريم اصل ۾
ذات جو اعواڻ هو، پر ساندن جي ڳوٺ ۾ رهڻ جي
ڪري ساند سڏجڻ ۾ ايندو آهي. سندس اصل وڏا ڊيره
غازي خان جا ويٺل هئا، اهي رنجيت سنگھه جي
زماني ۾ شھدادڪوٽ ۾ آيا. ان کان پوءِ مولوي
صاحب جو والد پھريان جلباڻي ضلعو نوشھرو فيروز
۽ پوءِ ساندن ۾ آيو. سندس ناناڻا خيرپور رياست
۾ ”پير جي ڳوٺ“ جي ڀرسان ويٺل هئا ۽ پير محمد
راشد روضي ڌڻيءَ جا مريد هئا. (1)
تعليم:
مولوي صاحب ابتدائي تعليم پنھنجي والد مولوي
عيسيٰ کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پاڻ ڳوٺ ”فيض
محمد آگرو“ تعلقي ميھڙ ۾ مولوي ميان محمد آگري
وٽ اچي ديني تعليم حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ
مولانا عبدالقادر پنھواري واري کان ۽ مولانا
نذير حسين دهلوي کان علم حاصل ڪيو.
اتر سنڌ ۾ حضرت شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جي
ٻن همعصرن جا ٻه وڏا درسگاهه هئا. هڪ همايون ۾
خليفي محمد يعقوب جو، ٻيو شھداد ڪوٽ ۾ ميان
نور محمد صاحب جو. مولانا فيض الڪريم ٻنھي
درسگاهن مان بالواسطه يا بلا واسطه علم حاصل
ڪيو. مولانا فيض الڪريم جو استاد مولانا
عبدالقادر پنھواري وارو سنڌ جو هڪ جيد عالم
هو. استادي جو اهو سلسلو علامه عبدالحليم
ڪنڊوي (بلوچستان) سان ملي ٿو، جنھن جا شاگرد
سنڌ ۾ تمام گھڻا هئا. مولانا فيض الڪريم جو
استاد مولانا عبدالقادر پنھواري واري جو
استاد، خليفو محمد يعقوب همايوني هو ۽ خليفو
وري مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو شاگرد هو.
علامه غلام مصطفٰي قاسمي جي تحقيق موجب مولانا
شھدادڪوٽي جو پڻ حوالو ملي ٿو. خليفو صاحب جن
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جا شاگرد هئا ۽ اهي
علامه عاقل شاهه هالاڻي واري جا شاگرد هئا ۽
اهي وري مخدوم محمد آريجن واري جا شاگرد هئا.
اهو سلسلو علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي تي پھچي
ٿو. (2)
مولانا
غلام مصطفٰي قاسمي صاحب، جيڪو استادي سلسلي جو
شجرو ڏنو آهي، ان جو مختصر نقل، علامه ڪنڊوي
صاحب، سيد محمد عاقل شاهه ۽ مخدوم محمد آريجوي
جي اضافي سان هيٺ ڏجي ٿو:

ٻئي
پاسي شھدادڪوٽي استادن جي هڪ شاخ جو سلسلو
هيءُ آهي:

۽ پنھنجي پيءُ حاجي عيسيٰ جي طرف کان سندن
نسبت علامه عبد الڪريم مٽياروي سان به لڳي ٿي.(3)
مولانا فيض الڪريم نوشھري فيروز جي وڏي عالم ۽
محدث مولوي قاضي محمد عالم وٽ به پڙهيو هو.
ٿوري وقت لاءِ ٽکڙ ۾ به تعليم ورتي هئائين.
(4) بعد ۾ مولانا فيض الڪريم 1305هه ۾
دهليءَ مان مولانا نذير حسين دهلوي وٽ علم
حديث پڙهي، فارغ التحصيل ٿي ڳوٺ موٽي آيو. پاڻ
پنھنجي دور جو هڪ وڏو جيد عالم هو. علم حديث،
فقھ ۽ تاريخ اسلام تي کيس وڏو عبور حاصل هو.
علم طب جو به وڏو ڄاڻو هو. (5)
پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي والد جي مدرسي ۾ مدرس ٿي
رهيو. سندس شاگردن ۾ مولوي ميان محمد شريف
ابجي وارو، مولانا نذر محمد جلباڻي، حڪيم شمس
الدين، ميان حسن الله، مولانا عبدالله لغاري
(جيڪو مولانا عبيدالله سنڌي سان ڪابل به ويو)،
مولوي عبدالڪريم ڏاهري ۽ مولوي عبدالغفور
سومرو وغيره شامل آهن.
مولوي فيض الڪريم پنھنجي ڳوٺ کان علاوه لواري
شريف، سڪرنڊ، مٺياڻي ۽ پير ڳوٺ ۾ به پڙهايو.
سن 1919ع ۾ پھرين مھاڀاري
جنگ جي خاتمي کان پوءِ خلافت جو مسئلو کڙو
ٿيو. برصغير جي مسلمانن ۽ عالمن انھيءَ تي
انگريزن جي خلاف تحريڪ هلائي. هندستان جي
عالمن انگريزن جي خلاف فتوائون ڏيڻ شروع ڪيون.
مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي
انھيءَ تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري
آيا. انھيءَ تحريڪ جو اثر سنڌ تي تمام گھڻو
پيو. مولانا تاج محمود امروٽي ۽ پير رشدالله
جھنڊي وارن جي ڪوشش سان انھيءَ تحريڪ سنڌ ۾
ڏاڍو زور ورتو. انگريزن ”امن سڀا“ قائم ڪري ان
تحريڪ جي روح کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. انھيءَ
سلسلي ۾ نوشھروفيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر خان صاحب
نبي بخش ، محمد حسين، مولوي فيض الڪريم کي سنڌ
جي ڪمشنر لارينس جي اڳيان پيش ڪيو. خلافت
تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن مولوي صاحب
جو انتخاب ڪيو، جنھن ڪري پاڻ ”امن سڀائي“
عالمن جو روح روان هو. مولانا فيض الڪريم
هندستاني عالمن جي جاري ڪيل فتوٰي جي رد ۾
”تحقيق الخلافت“ نالي 44 صفحن جو هڪ رسالو
لکيو. جنھن تي سنڌ جي 95 امن سڀائي عالمن،
پيرن، مولوين، مشائخن ۽ سجاده نشينن صحيحون
ڪيون ۽ مولانا جي فتويٰ جي تصديق ۽ تائيد ڪئي.
ان جو انگريزي ترجمو
“Facts about Khilafat”
جي نالي سان ٿيو. انھيءَ فتويٰ ۾ مولوي فيض
الڪريم اهو ثابت ڪيو ته ترڪيءَ جو خليفو صحيح
نه آهي پر جڙتو آهي انھيءَ فتويٰ جي رد ۾
مولانا دين محمد وفائي ”اظھارالڪرامة“ نالي هڪ
رسالو شايع ڪرايو. پر مولوي فيض الڪريم جي
لکيل فتويٰ جي ڀيٽ ۾ ان کي ان کي ايتري
ڪاميابي حاصل نه ٿي ته پوءِ سندن جان جا دشمن
ٿي لڳا. مولوي صاحب ان ڊپ کان لڪندو وتندو هو.
سن 1920ع کان 1923ع تائين روپوش رهيو.
(6) ان روپوشي واري زماني ۾ پير علي
محمد راشدي جي ملاقات مولوي فيض الڪريم سان
ٿي، جنھن جو راشدي صاحب تفصيلي احوال پنھنجي
ڪتاب ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ جلد ٽيون ۾ ڪيو
آهي. راشدي صاحب لکي ٿو ته:
شروع ۾ ساڻس (مولوي فيض الڪريم سان) هي ”سٽل“
ڪيائون ته مولوي صاحب پنھنجي نالي ۾ هڪ زبردست
ڪتاب لکي، خلافت جي باري ۾ هندستان جي علمائن
جي جاري ڪيل متفقه فتويٰ جو جواب ڏيندو ۽ ترڪي
جي سلطان کي مسلمانن جو سچو خليفو نه پر هڪ
خواهه مخواهه جو خليفو ثابت ڪندو. ان سان گڏ
هو خلافت جي خلاف ۽ انگريزن جي فائدي ۾
ڪانفرنسن اڳيان تقريرن ڪرڻ لاءِ به تيار
رهندو ۽ مقامي خلافتي پيرن ۽ مولوين سان بحث
تڪرار ڪرڻ لاءِ به هردم سندس ڪمر ڪشيل رهندي.
ان جان نثاري جي معاوضي ۾ سرڪار ازخود مولوي
صاحب کي، سندس گھرڻ يا درخواست ڪرڻ کان سواءِ
ئي، چار سئو ايڪڙ زمين ۽ سندس ڇوڪري کي آبڪاري
کاتي ۾ عزت ڀري نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڏنو.
ڌڪڙ کي اٽو لڳي ويو. مولوي صاحب کي انعام کان
وڌيڪ هن ڳالھه سان دلچسپي هئي ته ”مولوين ۽
پيرن جا تاريخ تي مڙهيل ڪوڙ ظاهر ڪري، جيئن
خلق خدا جي اهڙي ٺيٺ علمي مسئلي تي غلط فھمي ۾
نه رهي“.
تنھنڪري مرڻ جيئڻ جي ڪانه ڪري هڪ تڪراري مگر
زبردست ڪتاب لکي ڇپرائي ملڪ اندر تقسيم ڪيائين
جنھن تي چئو طرف باهه لڳي وئي، ڪتاب ۾ لکيل ڇا
هو. تاريخي دليلن جي لحاظ کان صحيح هو يا غلط،
تنھن ڏانھن ڪنھن ڪونه ڏٺو، ماڻھن لاءِ اشتعال
۾ اچڻ واسطي اهو سبب ڪافي ھو ته سنڌ جي هڪ
مولويءَ کي اها جرئت ٿي آهي ته هو خلافت خلاف
”بڪواس“ لکي اڻ سڌي طرح ڪافر انگريز جي حمايت
ڪري. سنڌي پنھنجي عادت ۽ روايت موجب زبان ۾
کٽي نه سگھندو ته ڪھاڙيءَ يا پادر ۾ هٿ
وجھندو. مولوي صاحب کي ڳوليندا وتيا ته ڪٿي هٿ
اچي ته سندس حجامت جا حق ادا ڪيا وڃن. ويچارو
ان ڀئو کان لڪندو، ڀڄندو ۽ جايون مٽائيندو
وتيو. انگريز خود عام سرڪاري مزاج موجب،
پنھنجي ڪم ڪڍڻ کان پوءِ منجھائنس هٿ ڪڍي ويھي
رهيو، جيڪو مسلمان آفيسر کيس ڏٽا ڏئي پھريان
وٺي ويو هو سو ته بنھه بدلي ڪرائي ڀڄي ويو.
جيئن سندس نالو مولوي سان گڏ مشتھر ٿي کيس
مسلمانن هٿان لٺين کارائڻ جي باعث نه بڻجي.
خلافت ۽ هجرت جي مسئلي تي سنڌ جي ٻھراڙي جو اڻ
پڙهيل مستيءَ ۾ اچي ويل هو. پڙهيل لکيل ماڻھو
ته وري به اڳ پوءِ جو خيال ڪري ها، پر هن مست
مولائي تي ڪير ڪنٽرول ڪري سگھيو ٿي. جيڪو مرڻ
مارڻ کان بي فڪر، رات ڏينھن موڪ جي واري يا
مھڻين تي لٺين ڪھاڙين وهائڻ جو عادي ٿي چڪو هو
۽ جيل کي ”ونواهه“ سمجھندو هو.
چنانچه 1920ع کان 1923ع تائين مولوي فيض
الڪريم صاحب روپوش رهيو. مون کي پاڻ ٻڌايائين
ته ان روپوشيءَ واري زماني هو نالو بدلائي
گھڻو وقت امرتسر ۾ گذاري چڪو هو. اتي شايد
ڪنھن مسجد جي حجري ۾ ٻارن کي پڙهائيندو به
رهيو هو جنھن جي عيوض ۾ کيس ماني ۽ هنڌ کٽولو
مليو ٿي.
24- 1923ع جي سياري ۾ خيرپور وڃڻ لاءِ آءٌ سکر
کان لانگھائو ٿيس. خبر پيم ته مشھور مولوي فيض
الڪريم، مدرسه بورڊنگ هائوس ۾ سپريڊنٽ مرحوم
قاضي عبدالواحد جي پناهه هيٺ، هڪ ڪمري ۾ پوريو
پيو آهي، ۽ رات کان سواءِ ڪمري کان ٻاهر ڪونه
ٿو نڪري.
قاضي عبدالواحد مرحوم جي مھربانيءَ سان مولوي
صاحب سان ملاقات ٿي. سٺ ورهيه کان مٿي جو
پوڙهو، جسم ۾ ڪمزور، قد محدود، سونھاري نيم
سفيد پر تيل ڦڻي ڪانه ڏني هئائين، جنھنڪري
ڇڙوڇڙ هئي، رنگ بنيادي طرح کليل پر فڪرات ۽
جسماني تڪليفن ڪري ڪاراٽيل،
لباس:
شلوار
۽ پيرهن، مٿي تي ميرانجھڙو پٽڪو، پير ۾ پراڻي
جُتي. آواز گرجدار ڄڻ گھنڊ پيو وڄي. طبيعت ۾
سادڙو، مزاج ۾ جيئن معصوم ٻار، حافظي جو
اهوحال جو گويا ڪيئي ڪتبخانه سندس دماغ ۾ ٽيپ
رڪارڊ ٿيل هئا.
ٻن-ٽن ملاقاتن کان پوءِ مولوي صاحب ان ڳالهه
تي آماده ٿي ويو ته هو ڪجهه عرصو مون وٽ هلي
رهي، سندس حفاظت خواه ضروريات جي ڪفالت جو
ذميدار آءٌ رهندس، مونکي اها لالچ هئي ته
وٽائنس ڪجهه پرايان.
انھيءَ موقعي تي آءٌ کيس پاڻ سان گڏ خيرپور به
وٺي ويس. وزير شيخ محمد قادر مرحوم جا مھمان
ٿياسين. شيخ صاحب هر شام جو اسان سان ملاقات
ڪندو هو، رات جي ماني به گڏجي کائيندا هئاسين.
هو مولوي صاحب کي ڇيڙي، بحث ۾ وجھي وٽائنس
علمي نڪتا جھٽيندو رهيو. آخر ۾ مولوي صاحب جي
باري ۾ پنھنجي راءِ ڏنائين: چيائين، ”هو نه
فقط تاريخ جو ڄاڻو، پر تاريخ جو فلاسفر آهي“.
خيرپور کان واپسيءَ تي مون آڻي ڳوٺ رهايس،
جيڏانھن ويندو هئس، پاڻ سان گڏ وٺيو ويندو
هئس. ڪجهه عرصي بعد سندس ڀؤ به ڀڄي ويو ۽ موٽي
وڃي پنھنجي ڳوٺ ۾ رهيو. ان وچ ۾ خلافت خود
ترڪن هٿان ختم، ۽ هتان واري تحريڪ خود بخود
ڇڙوڇڙ ٿي وئي هئي. چندن جي حسابن ڪتابن ۽
جزيرة العرب جي مستقبل تي نئين طرح جا جھيڙا
لڳي ويا هئا. مولوي فيض الڪريم ڪنھن کي ياد
ڪونه رهيو. سندس مشڪلون آسان ٿي ويون.
مولوي صاحب جي زير نظر مون ڪو خاص ڪتاب ڪونه
پڙهيو، پر گفتگو هميشه غور سان ٻڌندو رهيس،
بلڪه ان جا نوٽس به وٺندو رهيس.
هڪ دفعي تاريخ جي مطالعي جا اصول ٻڌايائين.
فرمايائين ته تاريخ جو هر ڪو ڪتاب سچو ڪونه
هوندو آهي، ڪتاب جي سچائي ڪوڙائي پهريان ڪن
اصولن تي پرکڻ گھرجي ۽ ان کان پوءِ ئي ڪتاب
پڙهڻ تي وقت ضايع ڪرڻ گھرجي. ڏسڻ هيءُ گھرجي
ته لکندڙ ڪير آهي ۽ ان جو پنھنجو پسمنظر ڇا
آهي، اکين سان ڏٺل واقعا لکيا اٿائين يا ٻڌل
ڳالھين جي آڌار تي، انھن واقعن جي سلسلي ۾
ڪنھن خاص ڌر جو طرفدار يا انھن ۾ ذاتي طرح خود
ته ملوث ڪونه هو، جنھن زماني ۾ ڪتاب لکيائين،
ان وقت جو بادشاهه ڪير هو، عادل هو يا جابر،
نيڪوڪار هو يا بدڪار، ڪنھن جي حڪم تي يا اثر
هيٺ ته اهو ڪتاب لکڻو ڪونه پيو هئس، سندس
تحرير ۾ طرفداري جو جوش ته ڏيکاريل ڪونه آهي،
زبان معتدل، محققانه ۽ منصفانه استعمال ڪئي
اٿائين يا جذباتي ۽ جوشيلي، واقعات مان صحيح
نتيجن اخذ ڪرڻ جي لياقت به پاڻ ۾ هئس يا نه؟
واقعات جا محرڪات ۽ اسباب به ٻڌايا اٿائين يا
محض واقعات جي اپٽار تي اڪتفا ڪئي اٿائين،
تاريخي حوادث کي ڪن اصولن تي پرکڻ تي ڪوشش ڪئي
اٿائين يا نه؟ وغيره وغيره.
مسلمانن جي تاريخ کي ته بالعموم مظلوم
سمجھيائين ٿي، چي، گھڻيون تاريخون جابر ۽ شخصي
حڪمرانن پنھنجي عملن کي جائز ثابت ڪرائڻ يا
پنھنجن زيادتين تي پردو وجھرائڻ خاطر هٿ ٺوڪين
ماڻھن کان اهڙي ماحول ۾ لکرايون جڏهن تحرير يا
ضمير جي آزادي جو ڪو تصور ڪونه هوندو هو، ڪھڙي
مؤرخ کي مجال هجي جو هو سچ لکي وقت جي حاڪم جي
پردي داري ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجھي ها؟ تنھن
کانسواءِ مذهبي اختلاف، اعتقادن جا اختلاف ۽
فرقن جا باهمي تنازعه به چوٽ چڙهيل هوندا هئا.
آئي ڏينهن بادشاهه گرديون، بغاوتون، انقلاب،
جنگيون ۽ جھيڙا، تنھن کانسواءِ ڪرستانن ۽
يھودين ته خاص طرح سان مسلمانن کي بدنام ڪرڻ
لاءِ دروغ بافي جون حدون ڪري ڇڏيون هيون،
حالانڪه اهڙيون جعلسازيون به ڪندا رهيا ٿي جو
اسلام خلاف ڪتاب پاڻ لکي ان تي مصنف جو نالو
ڪنھن مسلمان جو هڻي ڇڏيندا هئا. تنھنڪري تاريخ
لکڻ کان تاريخ پڙهڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ڪو تاريخي ڪتاب سندس اڳيان
رکندو هئس ته ڪتاب جو نالو ٻڌندي چوندو هو ته
”پري اڇلائينس، اهو ڪتاب فلاڻي قسم جي حالات
هيٺ، فلاڻي ڪيريڪٽر جي ماڻھو، فلاڻي مقصد کي
حاصل ڪرڻ يا نقصان رسائڻ خاطر لکيو هو. تاريخ
نه آهي، ناول آهي. منھنجو ۽ پنھنجو وقت نه
وڃاءِ.“
چوندو هو: ”سچ جي ڳولھا ڪندين ته آزار ۾
پوندين، سچ پڙهندين ته ڏک پرائيندين، سچ
لکندين ته تڪليف ۾ ايندين، تنھنڪري بيوقوفن ۽
بدبختن کي سندن بيوقوفي ۽ بدبختيءَ جي حال ۾
رهڻ ڏي، ٿي سگھي ته پڙهڻ جي ڪوشش به نه ڪر.
آءٌ پڙهي لکي ۽ سچ جي ڳولھا ڪندي، پاڻ کي ۽
پنھنجي ٻچن کي برباد ڪري ويٺو آهيان، تون اهڙي
غلطي نه ڪجانءِ،. چرين سان چريو ٿي رهجانءِ“.
ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي تقرير جي پڇاڙي وتايي فقير
جي ڪنھن نه ڪنھن قصي يا قول تي ڪندو هو. چوندو
هو، ”سنڌ فقط هڪ سياڻو ماڻهو پيدا ڪيو هو ۽
اهو هو وتايو فقير“.
مرحوم پير سائين تراب علي شاهه رحمة الله عليھ
کي خبر پئي ته مون مولوي فيض الڪريم سان سنگت
رکي آهي ۽ پاڻ وٽ رهايو اٿمانس ته مون تي
ناراض ٿي پيو. چيائين: ”واقعي عالم ته وڏو آهي
پر پنھنجي علم کان ابليس وارو ڪم پيو وٺي“.
مون عرض ڪيس ته ”آءٌ معذور آهيان، هر تصوير جي
ٻنھي پاسن ڏسڻ کانسواءِ ڪنھن نتيجي تي پھچي
ڪونه ٿو سگھان“.
هڪ ٻه دفعي اهڙا به اتفاق ٿيا جو مون وٽ ٻنھي
جو پاڻ ۾ ميلو ٿي ويو. دوران ملاقات ڪنھن به
تلخيءَ جو اظھار ڪونه ٿي ڪيائون. ڪلاڪن جا
ڪلاڪ آءٌ چپ ڪيو ويٺو سندن علمي بحث ۽ گفتگو
ٻڌندو هئس. سندن ڪي نڪتا جھٽڻ جھڙا هوندا هئا.
(7)
مولانا فيض الڪريم جي مھاتما گانڌيءَ سان به
خط و ڪتابت هلندي هئي. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
مرحوم پنھنجي ڪتاب ”سنگيت آچاريه ماسٽر چندر
مھان ڪلاڪار“ ۾ لکي ٿو ته
:
مھاتما گانڌي جي ٺاروشاهه ياترا جو هڪ وڏو سبب
اهو به هو ته هو انگريزن واري دور حڪومت ۾ برک
عالم شمس العلماء مولانا فيض الڪريم آف ساند
جي عظمت کان گھڻو متاثر هو. سندن ويجھڙائيءَ
جو سبب به اهو ئي هو جو سندن وچ ۾ لک پڙهه
ٿيندي رهندي هئي. علامه مرحوم جي پوين وٽ
مھاتما جا ڪي خط محفوظ آهن. علامه فيض الڪريم
وقت جو برک عالم ٿي گذريوآهي، علامه صاحب لاءِ
چيو ويندو هو ته هي تحرير جو بادشاهه هو. سندس
ديني فضيلت کان اثر انداز ٿيندي انگريز سرڪار
کيس شمس العلماء جو لقب ڏنو. ان سان گڏ انعام
، زمينون پڻ ڏنيون، جيڪي هن نه ورتيون. (8)
مولوي فيض الڪريم ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽
فتوائن جو مؤلف ٿي گذريو آهي. سندس انھيءَ قسم
جو ذخيرو گھڻي قدر قلمي صورت ۾ موجود آهي.
مولوي فيض الڪريم شادي پنھنجي ناناڻن مان ڪئي.
مولوي صاحب کي ڇھه ٻار هئا: 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون.
مولوي صاحب جو وڏو پٽ عبدالحق هو، هن شادي نه
ڪئي. ٻيو پٽ عبدالسميع جنھن کي هڪ ڌيءَ هئي.
ٽيون پٽ عبدالحليم جنھن متعلق مستند ڄاڻ نه
ملي سگھي ۽ چوٿون پٽ فيض الله جيڪو ننڍي هوندي
گم ٿي ويو هو. هن کي ڳولھڻ لاءِ پروفيسر محمد
هارون سومري جو پيءُ ميان عبدالله انڊيا تائين
ويو، پر ان جو ڪوبه پتو نه پيو. مولوي صاحب جي
هڪڙي ڌيءَ جي شادي ڀرٽن ۾ ٿي ۽ ٻي ڌيءَ جي
شادي استاد ڌڻي بخش ساند سان ٿي. مولوي فيض
الڪريم زندگيءَ جا پويان ڏينهن تنگدستيءَ ۾
گذاريا ۽ آخرڪار 1953ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي
آخرت جو راهي ٿيو. مولوي صاحب کي غسل پنھنجي
شاگرد عبدالڪريم ڏاهريءَ ڏياريو ۽ جنازي جي
نماز به ان ئي پڙهائي ۽ کيس ڀر واري قبرستان
”گڙنگ مقام“ ۾ دفنايو ويو.
مولوي صاحب جي شاگرد حڪيم ميان حسن الله جو
چوڻ آهي ته، مولانا صاحب جي عمر 138 سال هئي.
اسان ان ڳالھه کي گھڙي کن لاءِ مڃون ٿا، پر جي
1953ع مان 138 ڪٽ ڪيا وڃن ته باقي 1815 ٿا
بچن. حالانڪه
حاجي محمد عيسيٰ مخدوم عبدالڪريم سان مڪي معظم
1843ع ۾ ويو آهي، تنھنڪري حڪيم صاحب جي ڳالھه
مڃڻ جي لائق نه آهي.
تصنيفات:
مولانا صاحب جون تصنيفات جيڪي معلوم ٿيون آهن،
انھن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1.
حواشي شرح الھمداني عليٰ مختصر الميزان
(عربي)
2.
مخزن الصيغة منظوم
(فارسي)
3.
ڪشف الحجاب عن اعتراض اولي الالباب
(فارسي)
4.
نيل المراد
(فارسي)
5.
ضميمة نيل المراد
(فارسي)
6.
رساله درجواز اختضاب بسواد
(فارسي)
7.
جواب الجواب
(فارسي)
8.
شڌي جو شور
(سنڌي)
9.
تحقيق الخلافت
(سنڌي-
انگريزي)
10.
قرآن شريف ۽ برطانيه هند
(سنڌي)
11.
اشتھار واجب الاظھار
(سنڌي)
12.
الاجوبة الغريبة للاسئلة العجيبة
(فارسي)
13.
ترڪ موالات ۽ قرآن شريف جا احڪام
(سنڌي)
14.
دليل الاحسان وضياء الايمان
(سنڌي)
15.
رسالو شرڪ، نِوڙي ملڻ، چمڻ، ڀاڪر پائڻ
(سنڌي)
16.
تفسير سورة الفاتحھ
(سنڌي)
17.
معجزات القرآن
(سنڌي)
18.
تعزيت نامه
(عربي)
19.
مجمع المفاسد
(عربي)
20.
کڏي وارن جي اتھامن ۽ بھتانن جا جماعت لواري
تي جواب (سنڌي)
21.
خلافت جي خرقي جو خاتمو
(سنڌي)
22.
تاريخي اسلامي واقعات
(سنڌي)
ان کان سواءِ به ڪافي مواد آهي، جيڪو قاسميه
لائبريري ڪنڊيارو، مولوي فيض الڪريم جي خاندان
۽ احقر وٽ موجود آهي.
حوالا:
1.
خانائي، حامد علي قريشي، ڊاڪٽر. ”نوابشاهه
ضلعو، تاريخي شھر ۽ شخصيتون“. نوابشاهه:
ڊسٽرڪٽ نوابشاهه ڪلچرل سوسائٽي. 1987ع ص 63.
2.
قاسمي غلام مصطفى علامه ” مقالات قاسمي “
حيدرآباد، نظير احمد قاسمي 2000ع، ص 84-383
3.
وفائي دين محمد مولانا ” تذڪره مشاهير سنڌ“ ج
2، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ 1985ع، ص 208
4.
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر، ”نوابشاھه ضلعو
تاريخي شھر ۽ شخصيتون“ نوابشاھه: ڊسٽرڪٽ
نوابشاھه ڪلچرل سوسائٽي 1987ع، ص 64
5.
ايضاً
6.
راشدي علي محمد پير ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ جلد
ٽيون حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ 1981ع، ص 46 –
241.
7.
سومرو غلام قادر ڊاڪٽر ” سنگيت آچاريه ماسٽر
چندر مھان ڪلاڪار“ حيدرآباد: ساهتيڪا اڪيڊمي
2007ع، ص 24.
8.
هي ڪتاب سنڌ ڊيلي گزيٽ پريس ڪراچي طرفان ڇپيو.