|
مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“
ڪافي
ڏک لِڪائي کِلو مسڪرائي مِلو،
سوچيو زندگيءَ ۾ سَڀن جو ڀلو.
هي زمانو اصل کان رکي ساڙ ٿو،
جو ٻين سان رهي خوش سَوَنَ ۾ آ ڪو،
پو ٻين جي خوشين کان نه هرگز جلو.
خوش رهڻ لئه ٻين جي نه ڦُريو خوشي،
زندگيءَ ۾ سڀن سان رکو دوستي،
۽ ٻين کي نه ڏک ڏئي پو خوش ٿي ٽلو.
ڪنهن به انسان جي دل نه ٽوڙڻ کپي،
۽ چڱائي سڀن لاءِ سوچڻ کپي،
هر ڀلائيءَ جو آخر ته ملندو صلو.
جو ٿئي زخم ٿو ان جي ملندي دوا،
نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي به ٻڌندو خدا،
درد سهندي به رکبو سدا حوصلو.
غم نه جنهن ۾ مليا زندگي ڇا اها،
۽ ڏکن جي پٺيان ٿا ملن سک سدا،
نيٺ پنهنجو به هڪ ڏينهن ٿيندو بلو.
آخرڪار هڪ ڏينهن مرڻو به آ،
ساري سنسار کي خوش ته ڪرڻو به آ،
زندگيءَ ۾ سڀن سان رهائي هلو.
ظلم جيڏو به ٿئي اک ڪڏهن نم نه ٿئي،
ڪنهن جي سامهون به ظاهر اهو غم نه ٿئي،
زخم دل جا اي ’عاطف‘ وساري کلو.
سرفراز راڄڙ

ڪافي
مون کي نينهن ڇڏي اتي نيئي
ڪانه جتي ڪل پنهنجي پيئي.
آءُ ته اڪيلو گهڙيون گهاريون،
ورهه وڇوڙا سڀ وساريون،
قول ڪيا تو ڪيئي.
تنهنجي ملڻ کي ساهه ٿو ساري،
هي نماڻو راهه نهاري،
سڻج سڄڻ مون کان حال سڀئي.
عشق جي منزل آهي اڻانگي،
محبت ”فراز“ آهي مهانگي،
پرت لڳي ڪل پيئي.
آزاد نظم
منهنجي زندگيءَ ۾
بهار آئي ته ڇا ٿي پيو
مان انڌيرن جو مسافر
پنهنجي حال جو محرم آهيان
سورن سان ساٿ منهنجو آ
دردن جي دوا ناهيان
تون اجايو تڙپين ٿي
لڇين ۽ ڦٿڪين ٿي
اجايا نياپا نه موڪل
توکي جيڪي نظر اچان ٿو
تنهنجي خلوص جو قسم
حقيقت ۾ مان اهڙو هرگز ناهيان
ادل سومرو

تون ئي منھنجي اڻ ڇپيل ڪا شاعري
ٽهڪ پنهنجا تون جڏھن ٿي موڪلين
زندگي جاڳي پوي ٿي
رقص ۾ دل تي ھوائون ٿيون رھن.
مان ڏسان ٿو وڻ اھوئي
جنهن جي ھيٺان بينچ تي
ويٺا ھئاسين پاڻ ٻئي
ڪنهن پکيءَ جان ڏيئي ڀڙڪو
تون اتان اڏري وڃين ٿي اوچتو
ساھ منهنجو تو پٺيان
ڊڪندو ويو پئي
تنهنجي پيرن جي نشانن جي مٿان
جھڪندو ويو پئي
تو ڳجھارت ھئي ڀڳي
زندگيءَ کي ڀاڪرن ۾ مون ڀريو
مورتي جاڳي پئي ڏيئو ٻريو
وائلن جي ڌن وڳي.
ڳالهه تنهنجي سمنڊ سان اوريان جڏھن
مون کي ٻوڙي ٿيون وڃن ھو ڇوليون
۽ پکين جون ٻوليون.
دل اندر درياھه تنهنجي سار جو
ڪيترو پيارا اڃارو ٿو رھي.
ڀال تنهنجا مون مٿان آھن ھزار
زندگي آھي سڪندر جي ترار
تون ئي منهنجي ڍال آھين.
تون ئي منهنجي اڻ ڇپيل ڪا شاعري
تون ئي منهنجو اڻ ڇهيل احساس ڪو
زندگيءَ ۾ تون آھين وشواس ڪو.
ساھ منهنجو تون بيهاري ٿي سگھين
تون اجھائي، تون ئي ٻاري ٿي سگھين.
پيار جي پنهنجي سفر جو انت ناھي
تون صبح جي جاڳ جهڙو ڀاڳ آھين
محبتن جو ماڳ آھين
ذڪر تنهنجو شاعريءَ ۾ ٿو ڪيان
نانءُ تنهنجو آھي اڪريل دل مٿان
ڪاڳرن تي ڪيئن لکان
توکان پڇان!
نوَ لکو
راشد مورائي!
تو ڌرتيءَ جي عاشقي
سولي سمجهائي.
راشد مورائي!
ڪٿي جهڪي ڪينڪي
تنهنجي ارڏائي.
راشد مورائي!
سنگت کي تو ارپي
پنهنجي دانائي.
راشد مورائي!
مٽيءَ جو منشور آ
تنهنجي هر وائي.
راشد مورائي!
ڪيڏي تو ۾ انا هئي
ڪيڏي نهٺائي.
راشد مورائي!
تنهنجي هر تخليق ۾
اوچائي گهرائي.
راشد مورائي!
تو ورهائي لوڪَ ۾
مُرڪي سَرهائي.
راشد مورائي!
هئين سچو سنڌ جو
عاشق سودائي.
راشد مورائي!
ناهي ڪوئي موري ۾
تو جهڙو جائي.
|
ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو
|
 |
زِندِگيءَ کان زِندگِي دِلڙي پَلي
مينديءَ رتن هٿڙن، ڪالهه ڏٺو هو گهوٽ،
مڙس هيو اڻ موٽ! موت! مرين تون ڇو نه ٿو.
--
ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون، ماٺ ٿيون ماٺيون،
هَانو ته هُرکُر ۾ هئا، ڦاٽيون پئي ڇاتيون،
روئندي رَتُ ڳاڙي، اکڙيون ٿي ڦاٽيون،
واهيرن وسري ويون، پکين کان لاتيون،
چوڏس چُپِ چَپَاتيُون، بَڙُ سڄو ڀڙڀانگ ٿيو.
ميان مون ڏٺا ڪيئي، مڻيادار مرد،
پر اهڙا ڪي ڪي فرد، آدم آيا عرش تان!
اوچتو موت جيئن ڪو زلزلو
ڪربلا خاموش ويندڙ قافلو
اوچتو حيدر ڏي حيدر* ويو هليو
سمجهه ۾ ايندو نه شايد معاملو.
زندگيءَ کان زندگيءَ دلڙي پَلي،
تڙ تَڪڙ ۾ موت ٿي جهولِي جهَلي،
ڏار ڏونگر پاڻ تون انور فگار!
دل اسان جي ڪانه دنيا سان لڳي.
سال ويهه سؤ ۽ هيو ڇَويهه جو
نائين هئي فيبروريءَ جي شام پڻ
اوچتو حيدر ڇڏي جَڳُ هي ويو
جام شهادت جو ڪيو هن نوش پڻ.
|
وسيم سومرو
|
 |
غزل
مون ۾ نئين پيدا ڪري ڪنهن آس جي موجودگي،
تو ئي ڏني هن جسم کي احساس جي موجودگي.
هرڻيءَ جي هڪ صحرا جيان جيون ڪٺن منهنجو هئو،
تون ٿي ندي آئين اڳيان، ٿي پياس جي موجودگي.
مونکان پري پل ٿئي نه ٿي، هر پل رکي ٿي پاڻ سان،
تنهنجي چڳن ۾ جا رتل آ واس جي موجودگي.
ناهين ته گم ٿيو ٿي وڃي، آهين ته ٿي محسوس ٿئي،
نيرِي اجهي جي ڇت مٿان آڪاس جي موجودگي.
منهنجون اکيون آگم جيان برسي پيون منهنجي مٿان،
مونکي ملائي پاڻ سان بنواس جي موجودگي.
هي جي ڏيئا ٽِم ٽِم ڪري ٻرندا رهن ٿا رات ڀر،
مندر اندر سي ٿا ٻڌائن داس جي موجودگي.
هيءَ جنگ جا آهي لڳي پاڻيءَ مٿان پيٽرول تي،
هر هڪ ڏِسا جي لاءِ آ اتهاس جي موجودگي.
آئون ”وسيم“ آواز ٿي پڙهندو رهان ٿو پاڻ کي،
مون مان اڃان گم ٿي نه آ اڀياس جي موجودگي.
غزل
اجايا خيال تون دل تان ڀُلائي ڇڏ خدا ڪارڻ،
ملي جيڪو حڪم سِرَ کي جهڪائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اُهائي عشق جي بازي اُهوئي عشق ساڳيو آ،
سِوا تنهنجي نه گهاريندس نڀائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
نگاهِ ناز جا حملا سدائين ڇو ٿين دل تي،
اِها عادت صنم سهڻا مَٽائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
متان ڪنهن بدنظر جي بدنظر گهائي وجهئي دلبر،
حسين چهرو لڪائي ڇڏ لڪائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
ڪيو آ حڪم دلبر ماٺ ۾ هردم رهڻ بهتر،
چيو آ دل ته ڳالهين کي لنوائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
نه ايڏو ظلم ڪر دلبر قسم توکي محبت جو،
حياتي قيمتي آهي بچائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
نڀائڻ ۾ مزو آهي جدائي ۾ رکيو ڇاهي،
نه آهي واسطو مون سان ٻڌائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اِها دل جي تمنا آ آرزو آهي،
نگاهن سان نگاهون اڄ ملائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
چيو آ دلربا مون کي ته توسان واسطو ناهي،
دلِ نادان مڃي ڇو ٿو نٽائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اجائي ماٺ آ ڇا جي اجائي سوچ ۾ ڇاهي،
”حقيقي راز تان پردو هٽائي ڇڏ خدا ڪارڻ.“

اِها رسمِ جهان آهي ته پرچي پيار سان هلجي،
مٺا اڄ پيار جي محفل مچائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اجائي بي رخي ڇا جي مناسب ڪين ٿو سمجهان،
اگر مون سان محبت ناه چوائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
ستائڻ ۾ مزو ناهي وفا ۾ ئي مزو آهي،
خوشي گر ٿي ملي توکي ستائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اجائي گفتگو ناهي چوان ٿو برملا جاني،
دلِ ناشاد سان اڄ دل لڳائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اُهوئي آسرو آهي اُهائي جستجو آهي،
ملڻ جي لاءِ تون مون کي سڏائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
اگر ”همدم“ ڪئي آ بيوفائي پوءِ ته بهتر آ،
ڀلي نالو سندس دل تان مِٽائي ڇڏ خدا ڪارڻ.
|
سقراط سيتائي
|
 |
غزل
حالتن سان نه ٿو ٺهين سُقراط!
تون به مشڪل هتي رهين، سُقراط!
تون به ٻين
جيان ئي ٿي وڃين
خوشحال
ٿورڙو هيٺ جي لهين، سُقراط!
تنهنجي هوندي ته عُرس ۽ عيدون
نه ته مُحرم جي آ ڏهين، سُقراط!
تنهنجا ساٿي سڀيئي ڪاڏي
ويا؟
هيڪلو ڏاڍُ پيو سَهين، سُقراط!
ڪوڙ کي ساڀيان ڪري پوڄين
سچ جا خواب ڪيئن لهين، سُقراط!
اڳتي پنھنجن سان گڏ ئي گھمندو ڪر
ڏاڍو پنهنجن سان ٿو ٺهين، سُقراط!
ايتري گھَرَ جي پيٽَ جي ڳڻتي؟
ڍور وانگيان پيو وَهِين، سُقراط!
غزل
تنهنجي خوشي آ جڳ سان جالڻ،
نيڻ ڀِنا منهنجا، ٻي ڳالهه.
دنيا سان دنيا جون ڳالهيون،
نيڻن جا ناتا ٻي ڳالهه.
سوچون سُرڪڻ ڄاڻن
ٿيون پر،
لوچن تي پهرا ٻي ڳالهه.
تو ڏي اچڻ جو ساهس آ پر،
اِينگھِي پيا رستا ٻِي ڳالهه.
پهتو ناهيان، پهچڻ تي هان،
پُور اچي پهتا ٻي ڳالهه.
غزل
روح جي رولاڪين کان تنگ جسم هجرت ڪئي
بزدليءَ بُڇان بحشي، اختيار قدرت ڪئي!
زندگيءَ جي محرومين ڇا سڪون بخشيو آ!
گهرج ڪا رهي ناهي، تَرڪ هر ضرورت ڪئي
حاجتن جي محتاجي آ ڦَسايو ماڻهوءَ کي
ڪا رَهِي نه مجبوري، مون جڏهن بغاوت ڪئي
وقت سِر ٿين ها جي،
فيصلا محبت جا
ڪو به چئي نه ها: ”مون سان هاءِ! هيءَ قدرت ڪئي!“
هِيجڙن کي هٿ آئي
جيڪڏھن
حڪومت آ
حيرت آ، انهن جي ڪيئن نر ۽ ماد نوڙت ڪئي؟
غزل
سقراط! سا سچائي،
تنهنجي ئي ڪم ته آئي!
ڪو مانُ ٽياس کي ڏئي،
گھاڻي کي ڪو وڏائِي.
ڌرتيءَ جو قرض ڏيڻ لاءِ،
مون زندگي وڌائِي.
جا حقُ وٺڻ سِکي پئي،
سا زندگي سجائِي.
ڌرتي کپي، نه گُھرجي،
آڪاش تي رسائِي.
مون لئه سزا به سچ جي،
ڪارائتي ڪمائِي!
ª
|
آزاد قاضي
|
 |
نظم
شهر سڄو سنسان سمورا رستا خالي،
ٿيو آ ڪو گمسان سمورا رستا خالي.
اشرف جا مخلوق چوائي،
هڪ ٻئي جو سا ماس ٿي کائي،
ٿو شرمائي شيطان، سمورا رستا خالي.
شهر جا مَنگهه ميارون ڏين ٿا،
طنزيه ڏسندي ائينءَ چون ٿا،
ڇو ٿيا هِيو نادان، سمورا رستا خالي.
پنهنجو پاڻ ۾ ڀل ته وڙهن پيا،
هڪ ٻئي جو سي رت پين پيا،
ڌاريي جو اعلان، سمورا رستا خالي.
شهر جي رونق يار مري وئي،
چوڌاري آ باهه ٻري وئي،
انسان ٿيو حيوان، سمورا رستا خالي.
ª
|
رجب ٻگهيو
|
 |
غزل
غُربت جا ڪُجھه گهاوَ ھُئا، ڪُجھه پنهنجَنِ جا
اَرمانَ ھُئا!
تو به ڀُلايو منهنجا جانِي، تُنهِنجا ساڳيا دانَ
ھُئا!
خواب ھُئا، ڪُجهه گُلَ ھُئا ۽ ڦُلواڙيءَ جو ڏيکُ
ھُيو،
ھِيرَ ڏکڻ جِي شامَ لَٿِي، جنهن آندا بَخِمل ٿانَ
ھُئا!
واءُ پَکِي ۽ لَهرنِ سان گَڏُ، وڻ وڻ وَيٺَي رَقصُ
ڪيو،
ڍنڍَ ڪنولَ ڀِي ڳاتا تُنهنجا، شاھاڻا ھِي شانَ
ھُئا!
ھِيءَ حَياتِي ڦوٽي وانگر، عِشقَ بِنا ڪِيئن
گُذرِي چوءُ !؟
ڊوڙيا ڊوڙيا زَر پُٺِيان جَي ماڻهو سَي نادانَ
ھُئا!
خوشبوءِ وِھنتل باکَ بَدَنَ جا، انگَ انگَ سارا
نانءِ ھُيا،
موتيو، مُگرو، چنڊُ چَنبيلي ياقُوتِي مَرِجانَ
ھُئا!
ڏَڍُ ڏُکويل ماڻهن لئِ ۽ اِنسانيت سان عِشقُ
جَنين جو،
ڀونءِ مَٿَي سَي ڀُورَلَ ماڻهو، ڀانيان ٿو
ڀَڳِوانَ ھُئا!
مون ته سنجها کان گَهرَ جَي آڳرُ، واءَ سان
وَيٺَي ڳالهايو،
ڏورُ گَگَنِ ۾ تارا، ڪَتِيُون حالُ ڏِسِي
حَيران ھُئا!
|
شبنم گل

|
نظم
سنڌو درياھه
تون رڳو پاڻي نه آهين،
تون وقت جي رڳن ۾
وهندڙ اها طاقت
آهين
جنهن جي ڇهاءَ سان
ڌرتيءَ جا زخم ڀرجي ويندا آهن.
رِگ ويد جي پراڻن منترن ۾
تنهنجو نالو
هڪ دعا وانگر گونجي ٿو،
هڪ اهڙي دعا
جنهن ۾ اناج جي خوشبو آهي،
مينهن جي آلاڻ آهي،
۽ انسان جي بقا جو خواب آهي.
مون توکي ڏٺو آهي
خشڪ اکين ۾ وهندي،
پوڙهن وڻن جي پاڙن ۾ ڌڙڪندي،
۽ انهن ماڻهن جي ساهن ۾
جي اڃا به اميد کي
پنهنجي آخري دولت سمجهن ٿا.
تون شفا ڏيندڙ آهين،
پر تنهنجا پنهنجا زخم به گهٽ ناهن.
ڪنارن جي ڀڃ ڊاهه،
سمنڊ جو
وڌندڙ لوڻ،
۽ انسان جي بي حسي
تنهنجي جسم تي لکيل
اڻ ڳڻيا درد آهن.
تنهن هوندي به
تون وهين ٿو،
ڄڻ بخشش جو ڪو پراڻو فلسفو
پاڻي جي صورت اختيار ڪري
دنيا کي سيکاري رهيو هجي
ته زندگي جو مطلب
رڳو جيئڻ نه،
پر ٻين کي جيارڻ به آهي.
رِگ ويد مطابق ،
”سنڌو روشن، سگهارو ۽ بي مهار آهي؛
هو سهڻي گهوڙي وانگر
دلڪش ۽ ڏسڻ وٽان آهي“
تون جڏهن به سهڻي گهوڙي
وانگر ڊوڙين
ٿو
ڌرتيءَ جي بيٺل
نبض
ٻيهر ڌڙڪڻ لڳي ٿي،
۽ تون وقت
جي ٿڪل پيشاني تي
اميد جو ٿڌو هٿ رکي ڇڏين ٿو!
|
روبينه ابڙو
|
 |
غزل
چَنڊَ بڻائي چَنگُ وڄايان، ويجهو ٿيءُ،
اُڀُ سڄو تولاءِ وڇايان، ويجهو ٿيءُ.
سَرد هوا ۾ ڪَنبڻي منهنجو ساهُه ڪڍي،
توکي اوڍيان توکي پايان، ويجهو ٿيءُ.
جوڀن کي مان سازَ بڻائي آلاپي،
تنهنجي تَن مان تَندَ تَپايان، ويجهو ٿيءُ.
هيءُ نه ٿو جَڳُ منهنجي مَنَ کي ڀانءِ پوي،
ٻيهر ڪو سَنسارُ سجايان، ويجهو ٿيءُ.
تون ڀي مون کي جوڙُ ڪري رَکُ جيون ۾،
مان ڀي توکي ونڊُ ونڊايان، ويجهو ٿيءُ.
وَصلُ پيو ٿو ڀَڙڪي منهنجي رڳَ رڳَ ۾،
تَنُ مَنُ ٻاري مَچُ مچايان، ويجهو ٿيءُ.
جُڳَ جُڳَ کان هي جاڳَ آ نيڻن کي،
تو ۾ پنهنجي نِنڊَ نپايان، ويجهو ٿيءُ.
غزل
ڪي ڊگها پاڇا ٻه ڪارا راتِ جو،
دَهڪندڙ دِلِ جا شرارا راتِ جو.
قُربتن جو طلسماتي مُعجزو،
رنگَ ها جنهن جا نيارا راتِ جو.
چوڏسا آ تنهنجي چهري جو جمالُ،
مون ڏٺي آ کِير ڌارا راتِ جو.
سمنڊ! کي هڪ سُرڪ ۾ اوتي پيئڻ،
نيٺ پهتا هِن اُڃارا راتِ جو.
ڏينهُن هو تنهنجي رُسڻ جو حادثو،
۽ ڳِچي منهنجيءَ ۾ ڳارا راتِ جو.
جامَ تي ٿي جامَ آڇي ڪائنات،
ٿيڙَ کائن ٿا ستارا راتِ جو.
منهنجي نيڻن ۾ نهاري بي حجاب،
چَنڊُ آ ڏيندو اشارا راتِ جو.
فاصلن جي ڪا نَدي هُئي درميان،
پاڻ هُئاسين ٻئي، ڪنارا راتِ جو.
|
رخسانه پريت
|
 |
غزل
ڪي سانوڻيون ھليون ويون، سيارا ھليا ويا،
جوڀن جا دور آيا، سي سارا ھليا ويا.
ھُئي نينهن ناوٓ، گھرٓي ساگر ۾ وئي لهي،
ڏسندي ئي ڏسندي دور ڪنارا ھليا ويا.
ڄڻ ٽرين جو سفر ھيو اڳتي وڌي ويو،
نديون، حسين چهرا،
نظارا ھليا ويا.
ٿيو صبح، حسين خواب ڀي سارا ٽٽي پيا،
ويو چنڊ ڀي لڪي سڀئي تارا ھليا ويا.
ڇو پنهنجو
گھر ئي اوپرو آھي لڳڻ لڳو،
ماڻهو
الائجي ڪاڏي ھا پيارا ھليا ويا.
ڪو، بي وسين جي بند گلين ۾ ڦري پيو،
آٿت، اميدون ڪاڏي سهارا ھليا ويا.
سارا نشان ماڳ جا ڌنڌلائجن پيا،
اکيون پڇن ٿيون ڪاڏي ھي چارا ھليا ويا.
ª
وائي
دور ھليو ويندي پرين،
ساري جيون جو،
سج لهي
ويندو.
ڪين گڏيو جي، نينهن
سان،
جاني جوڀن جو،
سج لهي
ويندو.
ساڀيائون ماڻڻ بنا،
سندر سپنن جو،
سج لهي
ويندو.
وصل بنا ئي واٽ تي،
جلندڙ
جذبن جو،
سج لهي
ويندو.
وھم ورائي ويا اگر،
روشن سوچن جو،
سج لهي
ويندو.
|
خليل عارف سومرو
|
 |
غزل
پيار ۾ شَڪ اچي ويندو آ،
هيانوَ ۾ چڪ اچي ويندو آ.
پير هن جا رقيب ڏي ڏسندي،
دلٌ کي ڍَڪ اچي ويندو آ.
ڀروسي وارو بي وفا ٿي پئي،
ساھ کي ڌَڪ اچي ويندو آ.
هيڪلائي سفر اڙانگو آ،
روح کي ٿَڪ اچي ويندو آ.
لڙڪ اکڙين ۾ ايندي ئي ”عارف“،
وات ۾ اَڪ اچي ويندو آ.
غزل
تنهنجي نِهار ماريو،
اک جي ڪَٽار ماريو.
هاٺيِ جيِ ڪاٺيِ موهيو،
ڇاتين اڀار ماريو.
جوڀن جي پنهنجي سونهن آ،
تنهنجي نِکار ماريو.
ايندي الئه نه اينديِ،
هِن انتظار ماريو.
هر پل اٻاڻڪو آ،
مَن بيقرار ماريو.
هڪ عشق درد ڪيئي،
دِل بار بار ماريو.
رَبّ جي ”خليل عارف“،
هِڪ شاهڪار ماريو.
|
امر ساهڙ
|
 |
غزل
زندگي! عذاب ٿِي لڳين!
پو به لاجواب ٿِي لڳين!
ڪو لحاظ ڪونه ٿي ڪرين،
ھاڻ بي حجاب ٿِي لڳين!
نيڻَ غزلَ، چَپّ چئو سٽا،
شاعريءَ-ڪتاب ٿِي لڳين!
ھر ڏِسا ھُڳاءُ ٿي ڪرين،
سُرخ ڪو گلاب ٿِي لڳين!
مُوڊَ ۽ مِزاجَ ۾ صفا،
نينگري! نواب ٿِي لڳين!
روُبرو رِھاڻ ڪيئنَ ڪجي؟
ڪو خيالُ، خواب ٿِي لڳين!
عشقَ- آسمانِ تي کڙيل،
مُنڌَ! ماھِتاب ٿِي لڳين!
نيڻ ٿِي خُماريل کڻي،
ووڊڪا شراب ٿِي لڳين!
وائِلُن جيان وَڄين پئي،
روُحَ جو رباب ٿِي لڳين!
ڇڏ غُصو غريب ڇو ڪري!،
خوامخواه خراب ٿِي لڳين!
روز ٿو پيار مان پڙھان،
نينهنَ جو نصاب ٿي لڳين!
راتِ جي قَيدَ و بندَ مان،
باکَ! بازياب ٿي لڳين!
|
ملهار سنڌي
|
 |
غزل
الفت جو اتهاس لکان ٿو،
انساني احساس لکان ٿو.
جيون سونهن وئي آ کسجي،
ناھ خوشي ڪا راس لکان ٿو.
توکي ياد ڪري يادن مان،
وٺندو آھيان واس لکان ٿو.
موسم چين وڃائي ڇڏيو،
مونجھو من آڪاس لکان ٿو.
پوءِ به آءٌ جيئڻ ٿو چاھيان،
تڙپي ٿي ھر آس لکان ٿو.
دوکو آ ”ملهار“ زمانو،
ڪونه ڪجي وشواس لکان ٿو. |