سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:12 

حسيب ڪانھيو

 

 

 

 

شادي ڪارڊ

 

پھريان ٻه گراهڪ:

”شادي ڪارڊ ڇپرائڻو آهي.“ ڪاٽن ۽ ڪوٽن ۾ ملبوس ٻن همراهن دڪان ۾ داخل ٿي، رسمي دعا سلام ڪري چيو.

مون انھن کي ڀليڪار ڪيو ۽ کين مختلف قسم جا سستا ته ڪي مھانگا ڪارڊ ڏيکارڻ لڳس ته جيئن اهي پنھنجي مرضي سان پسند ڪري سگهن.

هڪ هڪ ڪارڊ کي هٿ ۾ کڻي هُو پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا. هڪڙي چيو، ”ٻن طرح جا ڪارڊ ڇپرائڻا آهن، وڏي چيو آهي.“ هن چيو، ”هڪڙا عام خلق لاءِ ۽ ٻيا وڏن ماڻھن جي لاءِ.“

ٻئي هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ هن مختلف ڪارڊن منجهان ٻه ڪارد چونڊيا. کاٻي هٿ ۾ پيل سادي ڪارڊ کي لوڏيندي چيائين، ”عام خلق جي لاءِ هي ٺيڪ آهي؟“ ۽ ساڄي هٿ ۾ پيل اوچي ڪارڊ کي لوڏيندي وراڻيو، ”وڏن ماڻھن جي لاءِ هي ڪيئن آ؟“

ٻئي همراهه کاٻي هٿ ۾ جهليل عام خلق واري ڪارڊ تي ته ڪو اعتراض نه واريو، پر ساڄي هٿ ۾ جهليل اوچي ڪارڊ ڏانھن اشارو ڪندي وراڻيو، ”ٺيڪ آهي پر وري به اڃا ڪجهه رعب وارو هجي ته سٺو.“ هن چيو، ”وڏيري جانڻ جي پٽ جو ڪارڊ ڏٺو هئيي... ڪيئن؟“

سادي ڪارڊ کي مون ڏانھن ريڙهي هُنن اوچي ڪارڊ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪارڊن جي جانچ پرتال شروع ڪئي. هنن هڪ نه ٻيو ڪارڊ کڻي، وري رکي ٿي ڇڏيو. گهڻي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ نيٺ هڪڙي عمدي ڪارڊ تي ٻئي راضي ٿيا ۽ اهو ڪارڊ به مون کي ڏنائون.

ڪارڊ پسند ڪرڻ کانپوءِ اگهه طئه ڪرڻ جو وارو آيو. ”هي گهڻي ۾ پوندو ڀائو؟“ سادي ڪارڊ تي هٿ رکندي هڪڙي مون کان ملھه پڇيو.

”25 روپيا في ڪارڊ پوندو ادا.“ مون چيو.

”هڻ سٽ! هي ته صفا ردي آهي. ان جا به 25 روپيا!؟“ ٻئي همراهه شادي ڪارڊ بابت چيو.

”ادا اڄڪلھه ڪاغذ جام مھانگو آهي. ٻيو مشين جو به ته خرچ آهي نه. مون اوهان کي مناسب چيا آهن.“ مون وضاحت ڪئي.

منھنجي ڳالھه ٻُڌي هنن هڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ هڪڙي چيو، ”ڪاغذ مھانگو آهي ته سستي وارو ڏيکار. هي ته عام خلق جو ڪارڊ آهي. هن ۾ مھانگي جو ضرور ڪونھي.“

”ان کان سستو ڪاغذ اچي ئي ڪونه ٿو ادا. اهو ئي آهي سستي ۾ سستو.“ مون عرض ڪيو.

”ڀلا ڪجهه ته گهٽ ڪر.“ ٻئي همراهه چيو.

مون وٽ گهٽ ڪرڻ جي ڪا گنجائش ڪانه هئي پر تِرن جو تيل تِرن مان ئي ڪڍڻ جو طئه ڪري نيٺ سادو ڪارڊ 23 روپيه في ڪارڊ جي حساب سان طئه ڪيوسين.

سادي ڪارڊ کان پوءِ عمدي ڪارڊ جو وارو آيو ته مون اڳ وٺي چيو، ”ادا، هي ڪارڊ ته مھانگو اٿو. اوهان ڪونه وٺي سگهندا. ڪو ٻيو پسند ڪريو.“

”نه نه، اسان ڇو نه وٺي سگهنداسين.“ هُو ڪارڊ کي وڌيڪ ڌيان سان جانچڻ لڳا. هڪڙي چيو، ”گهڻي جو پوندو. ٻُڌاءِ.“

”ادا هي ته في ڪارڊ اوهان کي 70 رپيه پوندو.“ مون چيو، ”هي وڏا وڏا ماڻھو ڇپرائيندا آهن. اوهان ڪارڊ ته ڏسو.“

هو ڪارڊ کي وري وري جانچڻ لڳا ۽ چپ ٽيڙي واڇون هيٺ ڪرڻ لڳا. يعني هو ڪارڊ کي اهم سمجهڻ لڳا.

”اسان به وڏن ماڻھن لاءِ ته ڇپرايون ٿا.“ هڪڙي چيو، ”اوهان ڪجهه رعايت ڪريو.“

”رعايت جي ڳالھه ٿا ڪريو ته ان کي ڇڏيو. هي وٺو اوهان کي 35 روپيا في ڪارڊ پوندو.“ مون ڏانھن وچولي قسم جو ڪارڊ وڌائيندي چيو.

هنن وچولي قسم جي ڪارڊ کي واپس ڪندي چيو، ”نه نه! اسان ڪارڊ هي ئي ڇپرائينداسين.“

اهڙي ريت هو 70 روپيه في ڪارڊ تي راضي ٿيا ۽ تِرن جو تيل تِرن مان نڪتو. هاڻي اسان ڪارڊ جي ڪمپوزنگ کي لڳي وياسين.

ڪمپوزنگ جڏهن ’الله اچن اوءِ‘ کان شروع ڪري
’شريڪ ٿي مانُ مٿانھون ڪندا.‘ تي ختم ڪئي سين ته مون چيو، ”آجيان ڪندڙن ۽ آسائتن جا نالا ٻُڌايو.“

”پھرين آجيان ڪندڙن جا نالا لک.“ هڪڙي نالو کنيو، ”پھرين سردار جو نالو لِک“ ان تي ٻئي روڪيس، ”نه نه ادا، پھرين پاڻ واري وڏيري جو نالو لکايو، اهو ڪڙيي جو زميندار آهي. سردار وٽ ايتري زمين ڪانھي ڪا.“

”ائين ته رئيس خان نه ڪاوڙجي وڃي! اهو وڏيري سان ٺھي ڪون ٿو.“ وري پھرئين همراهه چيو.

اهڙي ريت اُهي سوچ ويچار ۾ پئجي ويا ۽ ڪنھن وڏي کي فون گهمائي ترتيب طئه ڪرڻ لڳا.

مون وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا چيو ته، ”ادا جلدي ڪريو، منھنجو وقت نه وڃايو.“ پر منھنجي ڳالھه کي هر هر ٽاريندا رهيا.

نيٺ هڻ هڻان وٺ وٺان کان پوءِ فون مان واندا ٿيا ته هڪڙي چيو، ”ڪارڊ ۾ مهمانِ خاص جو خانو به وڌاءِ. رئيس خان جو نالو ان ۾ لڳايون ٿا.“

مون خاص مھمانن لاءِ خانو وڌائي ان ۾ رئيس خان جو نالو لکيو ته وري ٻئي چيو، ”رئيس خان کان پھرين پٽيل جو نالو لک. اسان جي قوم جو پٽيل آهي.“

مون پٽيل جو نالو مٿي چاڙهيو ته پھرئين همراهه وراڻيو، ”خاص مھمانن ۾ ٻيو نالو به لک، ان سان گڏ عھدو ضرور لکجان.“

مان چڱو اچي ڦاٿس پر ڦٿڪندي وري حڪم جي بجا آوري ڪيم ۽ ڊي ايس پي عبدالرحمان کي به خاص مهمانن جي خاني ۾ شامل ڪيم.

هاڻي هُو وري به پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا ۽ ’الاڻي خان کي به شامل ڪجي نه ته ڦلاڻو خان ڪاوڙجي ويندو.‘ ڪندي ڪندي گهڻي بحث ۽ فون تي مٿا ماري کانپوءِ ڪيترن ئي جا نالا به وري آسائتن واري خاني ۾ شامل ڪرايائون. اڃا به ڪي ڀوتار ڪمدار رهيا پئي سي وري آجيان ڪندڙن جي خاني ۾ سٿائي ڇڏيائون.

مون ان وچ ۾ به ٻه ٽي ڀيرا دانھون ڪيون ته، ”ادا مھرباني ڪري جند ڇڏايو. منھنجو وقت زيان نه ڪريو ٻيلي.“ پر هنن مون کي کنگهيو ئي ڪين.

آخرڪار، مون نالا لکي بس ڪيا ته وري چيائون،
”هاڻي ڪارڊ ۾ وڏن اکرن سان لک، ’بدستِ مبارڪ مرشد اعليٰ صاحب.... جنھن جا اسين مريد به آهيون پر هُو ايم.اين.اي آهي ۽ ننڍو سائين ايم.پي.اي آهي. ’ايم.اين.اي، ايم.پي.اي لازمي لکجان.“

ڪارڊ ۾ وڌيڪ لکڻ جي جاءِ ڪانه هئي پر وري به مون جيئن تيئن ڪري چونڊيل مرشدن لاءِ جاءِ ڪڍي. پر همراهن رهندو اهو اسرار ڪيو ته سندن نالا وڏا ڪريان ته جيئن پري کان نظر اچن. ٻي ڪا واهه نه ڏسندي مون گهوٽ جو نالو  کڻي ننڍو ڪري، چونڊيل نمائيندن جا نالا وڏا ڪيا ۽ اهڙي ريت ڪارڊ کي عھدي، عقيدي ۽ آڪڙ جي آلودگي سان ايترو ته ڀري ڇڏيائون جو وڌيڪ ڪا گنجائش باقي نه رهي.

اڌ ڪلاڪ جو اهو ڪم جڏهن چار ڪلاڪن ۾ پورو ٿيو ته همراهن کان سوٿي وٺي کين ڏينھن ڏنم ۽ هو ويندي ويندي به مون کي اجايون سجايون تاڪيدون ڪندا ويا.

ڪاٽن ۽ ڪوٽن ۾ ملبوس همراهه ته ويا هليا، پر مون کي مٿي ۾ سور ڏئي ويا.

****

ٻيا ٻه گراهڪ:

”ادا ڀائو ڪارڊ ڇپائڻو آهي شاديءَ جو.“ ٻه اڌڙوٽ ۽ سادا سودا همراه دوڪان ۾ داخل ٿيا ۽ رسمي دعا سلام کان پوءِ انھن منجهان هڪڙي چيو.

”ڪارڊ ڇپجي ويندو، پھرين اوهان ڪارڊ پسند ڪريو.“ مون ڏانھن مختلف قسم جا ڪارڊ وڌايا ته جيئن اُهي چونڊ ڪري سگهن.

 مختلف ڪارڊ جانچيندي، ٻن منجهان هڪڙي چيو، ”پاڻ کي شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪارڊ کپي سو هروڀرو مھانگو وٺي مٿو ڇو ڦاڙايون. منھنجي ته خيال ۾ هي ئي ڪارڊ بھتر آهي.“ هن هڪڙو سادو وچولو ڪارڊ ٻئي ڏانھن وڌائيندي چيو. ڪارڊ ڏسي، ٻئي همراهه به هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

مون پڇيو، ”سڀني ماڻھن لاءِ ساڳيو ئي ڪارڊ ڇپرائيندا يا خاص ماڻھن لاءِ ٻيو به؟“

”ابا، سڀ آدم جو اولاد آهيون. پاڻ جي لاءِ سڀ بروبر آهن.“ هڪڙي چيو، ”اسان لاءِ سڀ خاص آهن.“

ٻئي همراه مُلھه پڇندي چيو، ”ابا تون هاڻي چِٽي مِٺي ڪر.“

مون چيو، ”چاچا، ريڙهه پيڙهه نه ڪجو. 25 روپيا مناسب اٿئو.“

”ريڙهه پيڙهه ابا ڇاجي. جيڪو حق آهي تنھنجو، سو ڏينداسين.“ ٻن منجهان هڪڙي مُرڪندي چيو.

بس پوءِ بنا ريڙهه پيڙهه جي ملھه طئه ڪري ڪارڊ جي ڪمپوزنگ شروع ڪيم. منھنجي سامھون تازو ئي اٿي ويل همراهن جو فارميٽ اسڪرين تي پيو هو، جنھن ۾ گهوٽ جو نالو نئون ڪري وڌيڪ پڇيم، ”چاچا آجيان ڪندڙن ۽ آسائتن جا نالا ٻُڌايو پھرين.“

ٻنھي ٻاجهارن منجهان هڪڙي چيو، ”ابا، گهڻو گند چڱو ڪونھي، آسائتن ۾ لک ’ڀائر ۽ دوست‘ باقي آجيان ڪندڙن ۾ ٻه ٽي نالا ٻُڌايون ٿا.

اسڪرين تي موجود ڪارڊ ۾ آسائتن واري خاني منجهان ٽائون چيئرمين، ايس.ايڇ.او ۽ مختيارڪار وغيره جي سموري آلودگي صاف ڪري مون لکيو، ’ڀائر ۽ دوست.‘

ايتري ۾ هنن پاڻ ۾ هڪٻئي کان پڇي پڪ ڪري ورتي، ته آجيان ڪندڙن ۾ به پھرين ان جو نالو لکجي، جنھن ڌيءَ ڏني آهي ۽ پوءِ هڪ وڏي چاچي ۽ هڪ وڏي مامي جو نالو لکجي ته ڪافي ٿيندو.

اهڙي ريت مون آجيان ڪندڙن جي خاني سٿيل سڀني رئيس، وڏيرن، ڀوتارن ۽ ڪمدارن کي ڊاهي گلڻ، خميسي ۽ سدوري جا نالا لکي ڇڏيا.

اسڪرين تي موجود ڪارڊ ۾ شامل خاص مهمانن وارو خانو ته مون بنا پڇڻ جي ئي ختم ڪري ڇڏيو، جو هِنن اڳ ئي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته سندن لاءِ سڀ ئي مھمان خاص آهن. باقي ’بدستِ مبارڪ...‘ هيٺ لکيل چونڊيل نمائيندن ۽ مرشدن جا نالا ڏسي مون کانئن پڇيو، ”ڀلا اوهان ڪن چونڊيل نمائيندن جا نالا لکرائيندا چاچا؟ . . . يا ڪنھن مرشد ٻئي جو؟“

منھنجي پڇڻ تي ٻن منجهان هڪڙي کي ته ڪاوڙ اچي وئي، هن چيو، ”ابا مرشد هئا جي، سي ويچارا پنھنجو وارو وڄائي ويا، ٻئي وري چونڊيل نمائيندن بابت چيو، ”اهي ڪھڙو اچي ڪاڄ کي ڪلھو ڏيندا جو سندن نالو لکرايون! اهي اسان جي لاش کي ڪلھو ڪين ڏين.... اهي ته ٿاڦيل نمائيندا آهن... ڪنھن نه ڪم جا!... اسان جي ڪارڊ ۾ انھن جا نالا نه لکجان.“

منھنجي چپن تي مرڪ تري آئي. مون هڪدم ڪارڊ کي انھن ٺوڳين جي نالن کان آجو ڪيو ۽ گهوٽ جي نالي کي وڏو ڪري ڇڏيم. آخر ۾ 10 وڳي گڏجاڻي ۽ 11 وڳي طعام لکي اڌ ڪلاڪ کان به اڳ ڪارڊ مان واندو ٿي ويس.

مون کي انھن سادن سودن ماڻھن تي پيار آيو. مون کين دل سان چانھن جي صلاح هنئي، پر هُو ٽوال ڇنڊي اٿيا. ”ابا، تنھنجي مھرباني. چانھن جي طلب ڪينھي سو تنھنجو اجايو پئسو ۽ پھر ڇو سيڙهايون. اسان هلون ٿا ابا.“

۽ پوءِ سوٿي ڏئي ۽ تاريخ وٺي دعائون ڏيندا دوڪان منجهان نڪري ويا.

ٻئي سادا سودا اڌڙوٽ هليا ويا، پر مون کي ڏاڍو سڪون ڏئي ويا.

سامھون اسڪرين تي موجود ڪارڊ ڏانھن نھاريندي مون سوچيو، ’شال هي سنڌ به، هن ڪارڊ جيان ايڊٽ ٿي پوي!‘

 

عالمي ادب 

ليکڪ: هيڪل هاشمي

خاموشي ۽ اڪيلائيءَ جو درد

 

هيڪل هاشمي (محمد هيڪل هاشمي) بنگلاديش جو شاعر، ڪھاڻيڪار، ۽ مترجم آهي. هو 1960ع  ۾ ڍاڪا ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق علمي ادبي گھراڻي سان آھي. ھن جو والد نوشاد نوري مرحوم اردوءَ جو نالي وارو شاعر ھو. هيڪل ھاشمي ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان مئنيجمينٽ ۾ آنرز ۽ ماسٽرز ڊگريون مڪمل ڪيون. اٽلي جي ميلان ۾ بوڪوني يونيورسٽيءَ مان بينڪنگ ۽ فنانس ۾ ماسٽرز ڊگري حاصل ڪيائين. هو بينڪنگ سيڪٽر ۾ ڪم ڪري ٿو. هيڪل ھاشمي بنگالي، انگريزي ۽ اردو ۾ لکي ٿو. بنگاليءَ ۾ سندس پنج تخليقي ڪتاب ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيل ڇهه ڪتاب ڇپيا آهن. سندس علمي ادبي لکڻيون بنگلاديش جي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون.

 

اهو بزرگ شخص نھايت بردبار، ٿڌي طبيعت وارو ۽ اڪثر خاموش رهندو آهي. اسان ٻئي ساڳي عمارت ۾ رهون ٿا. سندس عمر ذري گھٽ نوي سال آهي. اڪثر اسان جي ملاقات لفٽ ۾ يا هيٺ گڏيل هال (ڪامن روم) ۾ ٿيندي رهندي آهي. اسان جڏھن به ڪچھري ڪندا آهيون ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ يادگيرين جا تاڪيا کلي پيا هجن. اسين پنھنجيون يادگيريون هڪٻئي سان ونڊيندا آهيون ۽ پراڻيون ڳالھيون تازيون ڪندا آهيون.

بزرگ وٽ زندگيءَ جي تجربن جا ڄڻ انيڪ خزانا موجود آهن. هن زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن پر ساڳئي وقت زندگيءَ کي ڀرپور نموني ماڻيو به آهي. تاريخ تي سندس گھري نظر آهي، تنھن ڪري جڏهن مان سندن ڳالھيون ٻڌندو آهيان ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ سامھون ڪو تاريخدان ڳالھائي رهيو هجي. هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ جنگين جي ڏکين حالتن کي نه صرف ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، پر  ڀوڳيو به آهي.

نوڪريءَ دوران به هن تمام گهڻي ذهانت، محنت ۽ چستيءَ سان پنھنجيون ذميواريون نڀايون. ان سلسلي ۾ کيس ملڪ توڙي پرڏيھه ۾ رهڻو پيو. وقت سان گڏ کيس ترقيون ملنديون رهيون ۽ هو اهم عھدن تي رهيو. هن وٽ ڳالھائڻ لاءِ ڪيترائي اهڙا موضوع هوندا آهن، جو مان حيران ٿي ويندو آهيان.

هڪ ڀيري هن ٻڌايو ته ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، هو گهر وارن کي بنا ٻڌائڻ جي ڍاڪا مان بمبئي هليو ويو هو. انھيءَ مان سندس بھادريءَ ۽ خود اعتماد طبيعت جو چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سندس پٽ ۽ ڌيئرون پنھنجي پنھنجي زندگين ۾ مصروف آهن ۽ پرڏيھه ۾ رهن ٿا. سندس گهر واري ڪجهه سال اڳ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. هاڻي سندس اڪيلائيءَ واري زندگيءَ ۾ رڳو هڪ سنڀاليندڙ ساڻس گڏ آهي، جڏهن ته روز کاڌو تيار ڪرڻ ۽ گهر جي صفائيءَ لاءِ هڪ ملازمه ايندي آهي.

 

Text Box:  

 

ڪالھه جڏهن منھنجي ساڻس گرائونڊ فلور تي ملاقات ٿي ته ڏٺم، هٿ ۾ لٺ کنيو آهستي آهستي هلي رهيو هو. سلام دعا کان پوءِ مون پڇيو، ”چاچا! ڪھڙا حال آهن؟“

 

مرڪي چيائين، ”مان ٺيڪ آهيان.“

مون وري پڇيو، ”ڇا سير لاءِ هيٺ آيا آهيو؟“

چيائين، ”گهر ۾ ٻيو ڇا ڪجي؟ ملازمه دير سان ايندي آهي ۽ سار سنڀال ڪندڙ به ٻاهر هليو ويندو آهي. مان سڄو ڏينھن گهر ۾ اڪيلو ويٺو هوندو آهيان. هاڻي ته حال اهو آهي، جو ڪو مون کي فون به نه ٿو ڪري! هن دور ۾ پوڙهي ٿيڻ جو درد ڪوئي نه ٿو سمجهي! ايڏي خاموشي، ايڏي تنھائي... جو زندگيءَ مان ئي بيزار ٿي پيو آهيان. ان خاموشيءَ کان جان ڇڏائڻ لاءِ هاڻي وڏي آواز ۾ پاڻ سان ئي ڳالھائيندو آهيان!“

ٿوري دير خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين، ”هڪ ڏينھن ڀر واري بالڪونيءَ مان هڪ ڇوڪريءَ مون کي پاڻ سان ڳالھائيندي ڏٺو ته چوڻ لڳي، ’پوڙهو چريو ٿي پيو آهي‘ پر حقيقت اها آهي ته ڪو به اهو نه ٿو سمجهي ته، وڏي عمر ۾ خاموشي ۽ اڪيلائي انسان لاءِ ڪيڏي دردناڪ هوندي آهي!“

عالمي ادب

آر.ڪي نارائڻ

 

        

 

 

سِج جھڙو سَچ

 

سچ سج جھڙو ھجي ٿو،“ شيکر سوچيو. ”منھنجو خيال آهي ته ڪو به انسان سچ کي سڌو سنئون، بنا اک ڇنڀڻ يا بنا چڪر اچڻ جي، ڏسي نه ٿو سگهي.“ هن سوچيو ته صبح کان رات تائين انساني لاڳاپن جو دارومدار ان ڳالھه تي آهي ته سچ جي تلخيءَ کي نرم ڪري پيش ڪيو وڃي ته جيئن سامھون واري کي ان جو ڏک نه ٿئي.

ھن فيصلو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن کي ھڪ منفرد ڏينھن بڻائيندو. گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ ڏينھن اهڙو هئڻ گهرجي، جنھن ۾ اسين هر حال ۾ سچ ڳالھايون ۽ سچ ٻڌڻ جي ھمت رکون، نه ته زندگيءَ جو  ڪو قدر نه رهندو. هن کي اهو ڏينھن امڪانن سان ڀرپور لڳي رهيو هو. هِن پنھنجي اُن تجربي بابت ڪنھن سان به ڳالھه نه ڪئي. اهو سندس ۽ ابديت جي وچ ۾ ڪنھن ڳجهي معاهدي وانگر هڪ خاموش ارادو هو.       

سندس پھرين امتحان جي گهڙي ان وقت شروع ٿي، جڏهن سندس زال کيس نيرن آڻي ڏني. هن ان ڊش جي ساراھه ڪندي ٿوري هٻڪ ظاهر ڪئي، جيڪا ٺاهڻ ۾ سندس زال پاڻ کي ماهر سمجهندي هئي۔

زال پڇيو: هي ڇو نه ٿو کائين؟“

جيڪڏهن ڪو ٻيو وقت هجي ها ته، هو زال جي احساسن جو خيال ڪندي چوي ھا: ”منھنجو پيٽ ڀرجي ويو آهي.“

پر اڄ هن چيو: ”هي سٺو ناهي ٺھيو، مون کان ھضم نه ٿو ٿئي.“

هن زال جي چھري تي بدلجندڙ تاثر ڏٺا ۽ پاڻ کي چيائين: ”ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهجي، سچ سج جھڙو ھجي ٿو.“

ٻيو امتحان اسڪول جي اجتماعي ڪمري ۾ ٿيو. سندس هڪ ساٿي اچي پڇيو: ”ڇا توکي فلاڻي شخص جي وفات جي خبر پئي؟ ڇا توکي ان جو ڏک ٿيو؟“

نه،“ شيکر جواب ڏنو۔

ٻئي چيو: هو تمام نفيس انسان هو.“

شيکر سندس ڳالھه ڪٽيندي چيو: ”بلڪل نه. هو مون کي سدائين مطلبي ۽ خراب لڳندو هو.“

آخري پيرڊ دوران، جڏهن شيکر ٽئين جماعت کي جاگرافي پڙهائي رهيو هو، کيس هيڊ ماستر طرفان هڪ نياپو مليو، ”مھرباني ڪري، گهر وڃڻ کان اڳ مون سان ملي وڃجو.“

شيکر سوچيو: ”معاملو ضرور انھن ڀوائتن امتحاني پرچن بابت هوندو، جيڪي خراب لکت ڪارڻ مون وٽ پيا آهن.“ هو ڪيترن ئي هفتن کان هن ڪم کان ڪيٻائيندو رهيو هو ۽ سڄي عرصي ۾ پاڻ کي دٻاءُ هيٺ محسوس ڪري رهيو هو۔

گهنٽ وڳو ۽ ڇوڪرا ڪمري مان ڊوڙي ٻاهر نڪتا. شيکر ڪجهه گهڙيون هيڊ ماستر جي ڪمري جي ٻاهران بيھي رهيو ۽ ڪوٽ جو بٽڻ بند ڪيائين. اهو ئي موضوع هو، جنھن تي هيڊ ماستر ساڻس اڪثر واعظ ڪندو رهندو هو۔

هو ڏاڍي ادب سان اندر داخل ٿيو ۽ نرميءَ سان چيائين: ”گڊ ايوننگ سر.“

هيڊ ماستر دوستاڻي انداز ۾ پڇيو: ”ڇا اڄ شام توکي واندڪائي ھوندي؟“

”سر، بس ٻارڙن سان ڪجهه وقت گهمڻ جو واعدو ڪيو ھئم،“ شيکر وراڻيو.

”ٻارڙن کي ڪنھن ٻئي ڏينھن گهمائڻ لاءِ وٺي وڃجو. هاڻي توھان مون سان گڏجي گهر هلو.“

جي سر، حاضر،“ پوءِ عاجزيءَ سان پڇيائين: ”ڪا خاص ڳالھه آهي، سر؟“

ها،“ هن مُرڪندي چيو، توھان چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته موسيقي منھنجي ڪمزوري آهي.“

جي سر.“

مان ڪجهه عرصي کان ڳجهيءَ ريت موسيقي سکڻ سان گڏو گڏ ان جي مشق پڻ ڪندو رھيو آھيان. مان چاهيان ٿو ته اڄ توھان مون کي ٻڌو. مون هڪ سارنگي واري طبلي نواز کي سڏايو آهي. تياري ڪرڻ کان پوءِ مان اڄ پھريون ڀيرو دل سان ڳائڻ ٿو چاهيان، ۽ توھان جي راءِ منھنجي لاءِ تمام اهم ھوندي.“

شيکر موسيقيءَ جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ رکندو ھو، جيڪا سڀني کي خبر هئي. هو شھر ۾ بھترين نقاد طور سڃاتو ويندو هو. پر هن ڪڏهن نه سوچيو هو ته اهڙي امتحان ۾ ڦاسي ويندو.

توھان لاءِ ضرور اھا حيرت جھڙي ڳالھه ھوندي!“ هيڊ ماستر چيو، ”مون مخفي طور راڳ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو آهي.“

ھو ٻئي هيڊ ماستر جي گهر روانا ٿيا.

رستي ۾ هن چيو: ”الله مون کي اولاد نه ڏنو، پر موسيقيءَ مان ملندڙ دل جو سڪون ضرور عطا ڪيو.“

هو سڄي واٽ موسيقيءَ بابت ڳالھائيندو رهيو، ھن ڪيئن پنھنجي بيزاري ڏور ڪرڻ لاءِ راڳ سکڻ شروع ڪيو، شروع ۾ ڪيئن استاد ھن تي کلندو هو، پوءِ کيس همٿ ڏنائين، ۽ ڪيئن موسيقيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ سندس زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو۔

گهر پھچي، هن سندس وڏي خاطرداري ڪئي. شيکر کي ڳاڙهي ريشمي قالين تي ويھاريائين، سندس اڳيان طرح طرح جا کاڌا رکيا ويا، ۽ اهڙي ريت پيش آيو ڄڻ هو سندس ناٺي هجي۔

هن چيو: ”بس آرام سان ٻُڌجو ۽ پرچن کي وساري ڇڏجو.“ پوءِ ٿورو مذاق ڪندي چيائين: ”ان لاءِ مان توھان کي هڪ هفتي جو وقت ڏيندس.“

ڏهه ڏينھن ڏجو، سر،“ شيکر منٿ ڪندي چيو.

”ڀلي ڏھن ڏينھن وٺو، جنھن ۾ توھان راضي ٿيو، “ هن سخاوت ڏيکاريندي چيو۔

شيکر ھاڻي ڪجهه مطمئن ٿيو، هو روز ڏهه پرچا ڏسندو ۽ ڏهن ڏينھن ۾ ڪم مڪمل ڪري وٺندو.

هيڊ ماستر ماحول کي خوش گوار بڻائڻ لاءِ اگربتيون ٻاريون. سارنگي ۽ طبلي نواز اڳ ئي ڳالھه تي ويھي رھيا هئا۔ ھو انھن جي وچ ۾ ويھي رھيو، ڳلو صاف ڪيائين ۽ سُر ڪڍڻ شروع ڪيا.

ڪجهه دير کان پوءِ ھن پڇيو: ”ڪلياڻي، توکي منھنجو ڳائڻ ڪيئن لڳو؟“

شيکر ائين ظاهر ڪيو ڄڻ ھن ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي۔ پوءِ هن ٿياگ راجا جي ڌن تي ھڪ گيت ڳايو، ۽ ائين ٻيا ٻه گيت ڳايا۔      

شيکر پنھنجي اندر ئي اندر ۾ راڳ تي تبصرا ڪندو رهيو: ”هو ڏيڏرن جي ڪنھن ميڙ وانگر ٽران ٽران ڪري رھيو آھي، مينھن وانگر رَنڀي رهيو آهي، ڪنھن ڪنھن مھل ته ھن جو آواز طوفان ۾ کڙڪندڙ ڪنھن دريءَ جھڙو محسوس ٿئي ٿو...“

اھڙي قسم جي لڳاتار لُڙ کان پوءِ شيکر جو دماغ سُن ٿي ويو۔ جڏهن هيڊ ماستر جي نِڙي ويھڻ لڳي ته هن پڇيو: ”ڇا مان راڳ کي جاري رکان؟“

مھرباني ڪري نه سر، بس گهڻو ٿي ويو...“

هيڊ ماستر وائڙو ٿي ويو۔ پگهر ۾ شل ٿي ويو۔ شيکر کي مٿس قياس آيو، پر هو مجبور هو۔       هاڻي پنھنجي راءِ ڏيو،“ هن چيو۔

”سر، ڇا ان باري ۾ سڀاڻي ڪا راءِ ڏئي سگهجي ٿي؟“ شيکر پڇيو۔

نه، هاڻي ٻڌايو، ڇا منھنجو ڳائڻ سٺو هو؟“

نه، سر...“

ڇا مون کي سکڻ جاري رکڻ گهرجي؟“

بلڪل نه، سر...“

شيکر جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي۔ هن سوچيو: ”سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ لاءِ وڏي همت گهرجي ٿي.“

واپسيءَ ۾ هو ڏاڍو پريشان ھو، ھاڻي نوڪري ڪندي کيس تڪليفن سان منھن ڏيڻو پوندو. ترقي ۽ سفارش، سڀ ڪجهه خطري ۾ پئجي ويا، جيڪي ھيڊ ماستر جي ھٿن ۾ ھيون.

هن سوچيو: ”ڇا راجا هريش چندر به سچ ڳالھائيندي پنھنجو تخت، زال ۽ ٻچا وڃائي نه ويٺو؟“

گهر پھتو ته زال جو منھن سڳل ھئس.

اڄوڪا ٻه اھم مسئلا...“ هن پاڻ سان ڳالھايو. ”جيڪڏهن مان ھڪ ھفتو به ائين سچ ڳالھائيندو رھيس ته شايد ئي ڪو منھنجو دوست رھندو.“

ٻئي ڏينھن، هيڊماستر کيس آفيس ۾ سڏايو۔

”تنھنجي صلاح تمام فائدي مند هئي۔ مون موسيقيءَ واري استاد کي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو۔ هن عمر ۾ ڀلا اهڙيون بيوقوفيون ڇو ڪرڻ گهرجن؟ تنھنجي وڏي مهرباني. ڀلا انھن پرچن جو ڇا ٿيو؟“

سر، توهان ڏهه ڏينھن ڏنا هئا...“

”ھا، پر هاڻي مون فيصلو بدلائي ڇڏيو آهي، سڀاڻي سڀ پرچا تيار هجن.“

سر، سو پرچا هڪ ڏينھن ۾ ڪٿي چيڪ ٿي سگهندا؟ ان لاءِ مون کي سڄي رات جاڳڻو پوندو، مھرباني ڪري ٻه ڏينھن ڏيو.“

نه، سڀاڻي هر حال ۾ مون کي پرچا گهرجن ۽ ھا چڱي طرح سان جاچيل ھجن.“

جي سر.“

شيکر سوچيو: ”پر سچ ڳالھائڻ عيوض ھڪ رات جو اوجاڳو ڪا وڏي اھميت نه ٿو رکي.“

 

نئون ڪتاب

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org