سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:3 

پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

 

 

 

شَرحُ البَيانِ في فَهم القُرآن  

 ]قرآن مجيد جو هن صديءَ ۾ لکيل ۽ ڇپيل پھريون سنڌي ترجمو ۽ تفسير[

 

سبحان الله والحمدلله سڀ ساراهون الله تبارڪ و تعاليٰ جي لاءِ جنھن جھانن جون جوڙون جوڙي جنسار ۽ سنسار کي سُونھن سان سجائي پنھنجي ڪامل قدرتن کي ظھور ۾ آندو. اڻ ميا درود ۽ صلواتون آقائي نامدار حضرت محمّد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم تي، جو رحمت للعالمين ۽ شفيع المذنبين آهن. اسان جا ڀاڳ جو اسان سرتاج الانبياء جي اُمتين مان آهيون. ڀلا ڀاڳ ۽ بخت جو مٿن ربّ العالمين جو نازل ڪيل ڪلامِ مقدس جي معجزي جي تلاوت ۽ تفھيم نصيب فرمائي آهي. قرآن مجيد ۾ لفظ قرآن ڇاهٺ دفعا آيل آهي. تفسير جامع البيان جي مفسر ابوجعفر بن جريري جي بقول ”الله تعاليٰ ان جا چار نالا ذڪر ڪيا آهن: القرآن، الفرقان، الڪتاب ۽ الذڪر. القرآن- انڪري جو اهو پڙهيو ويندو آهي، الفرقان انڪري جو ان ۾ حق ۽ باطل جي لڪير ڪڍي ويئي آهي. الڪتاب انڪري جو اهو لکيل آهي (باقاعده لکڻ جي قاعدن قانون تحت) الذڪر انڪري جو الله پنھنجي ٻانھن کي هدايتن ۽ نصيحتن سان نوازيو آهي.“

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي بقول: قرآن پاڪ کي پارسي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فتويٰ ۽ اجازت امام ابوحنيفه ڏني. تنھن عوام لاءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمن ذريعي قرآن پاڪ کي سمجهڻ لاءِ آساني پيدا ڪئي. قرآن فھمي جو رجحان سنڌ جي مسلمانن ۾ گهڻو رهيو آهي. بزرگ بن شھريار جي تصنيف ”عجائب الھند“ مطابق سڀ کان اول 275هه ۾ قرآن مجيد جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيو، جو ڪشمير جي راجا مھروق بن رائق ملڪ جي گذارش تي امير عبدالله بن عبدالعزيز هباريءَ معرفت سنڌ جي هڪ رهاڪو عراقي عالم ڪيو هو. بھرحال سنڌ ۾ قرآن مجيد جي مڪمل سنڌي ترجمي جي اشاعت 1841ع ۾ ٿي، اهو ترجمو آخوند عزيزالله مٽيارويءَ ڪيو. سنڌي زبان ۾ موجود تفسيرن کي ڏسي چيو ويو آهي ته پھريون پورو تفسير، ”تفسير فاضلين“ آهي، جو فاضل شاهه 1865ع کان 1869ع تائين تڪميل تي رسايو، اهو سنڌي ادبي بورڊ سيپٽمبر 2018ع ۾ ڇپايو. محترم سليم الله صديقي صاحب ان جو مقدمو ۽ مفسر جي سوانح عمري لکي آهي. هي تفسير آلَمَّ کان والمحصنٰت تائين آهي. ان کان پوءِ سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جا ڪيترا ئي ترجما ۽ تفسير ڪيا ويا آهن. سنڌي مترجمن ۽ مفسرن جي محفل ۾ اسان جو سائين محترم ڪپتان غلام حسين ’سچاروي‘ به موجود آهي،جن قرآن فھمي لاءِ گهڻن زبانن، علومن ۽ ماخذن جي حصول کان پوءِ چوراسي ورهين جي ڄمار ۾ ربَّ جي اعليٰ لطف ۽ ڪمال عنايتن سان قرآن مجيد جي تفسير لاءِ پنھنجو قلم تازه ڪري، 2024ع ۾ پنھنجي رٿابنديءَ موجب تفسير ”شَرحُ البَيانِ في فَھم القُرآنِ“ جو جلد پھريون شايع ڪرايو آهي. ڇَھه سؤ ٽيويھن صفحن تي، ميگزين سائيز جي صورت ۾ آهي. سنڌي زبان ۾ هن عيسوي صديءَ ۾ هي پھريون لکيل ۽ ڇپيل تفسير آهي. هن پھرين جلد ۾ پھرين سورهن صفحن تي سورة الفاتحھ جو تفسير آهي. صفحي سترهين کان صفحي ٽي سؤ ستين تائين سورة البقره، صفحي ٽي سؤ اَٺين کان صفحي چار سؤ پنجھترين تائين سورة آل عمران ۽ صفحي چار سؤ ڇاهترين کان صفحي ڇھه سؤ ٽيويھين تائين سورة النساء جو ترجمو ۽ تفسير شايع ٿيل آهي. سورة الفاتحھ مڪي آهي، باقي سورة البقره، سورة آل عمران ۽ سورة النساء مدني سورتون آهن.

سورة الفاتحھ جي ترجمي کان پوءِ تفسير جي شروعات بسم الله  سان ڪيل آهي. قرآن مجيد ۾ بسم الله جي اچڻ کان اڳ به انبياء عليھ السلام بسم الله پڙهي، انھن جا نالا سندن عملن سميت واضح ڪيل آهن. سورة الفاتحھ جي تفسير ۾ هر هڪ لفظ جي معنيٰ، مفھوم ۽ واضح بيان سان گڏ قرآن مجيد ۾ آيل هم مفھوم آيتن کي پيش ڪري مفھوم کي چٽو ڪيو ويو آهي، جيئن الحَمْدُللّٰہِّٰ جي تفسير لاءِ سورة الحامدون (9/112) ۽ (الروم: (30/18) وغيره پيش ڪيل آهن.

سورة البقره جي تفسير ۾  آلَمَّ حروف مقطعات سان ڪئي وئي آهي. اڻٽيھن سورتن جو آغاز حروف مقطعات سان ڪيل آهن. جن لاءِ مفسر محترم مشتاق سچارويءَ انھن کي الله ۽ رسول جي وچ ۾ راز لکيو آهي ۽ لاجواب فارسي شعر سان وضاحت ڪئي آهي.

میان عاشق و معشوق رمزیست       کراماً کاتبین را ز و خبر نیست

(محب ۽ محبوب ۾ اهڙا راز آهن، جن جي ڪرامتن ڪاتبين کي به خبر ناهي، جن جو مفھوم بارگاهِه رسالت مان اولياءَ الله تائين پھچي ٿو).

’تقويٰ‘ قرآن ڪريم جو خاص اصطلاح آهي، جنھن جي مثالن ۽ اقوالن سان تشريح ڪري چٽو ڪيو ويو آهي ته ’متقي‘ اهي محتاط انسان آهن، جيڪي زندگيءَ جي تباهه ڪن نتيجن واري غلط روشن کان پاڻ کي بچائي احڪام خداوندي سان هم آهنگي اختيار ڪن، ڇا ته وقتائتو شاهه لطيف جو بيت ڏيئي اسلوب کي آسمان تي پھچايو ويو آهي:

تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،

تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن،

وحده لاشريڪ لھ اهو راڳ رڳن،

سي ستائي سونھن، ننڊ عبادت جن جي.

ائين نه آهي ته مفسر هڪ لفظ به پنھنجي ذاتي ويچار جي اظھار لاءِ ڪتب آندو آهي. جيڪو به اکر اڪريو اٿائين، سو الله جي ڪلام جي تشريح ڪارڻ قيمتي موتيءَ وانگر تسبيح ۾ پويو آهي. هرهڪ آيت جي تفسير لاءِ مختلف مفسرن جي تفسيرن، قاموس القرآن، آيات متبرڪات، عشاقن جي ڪلمات ۽ پُرگو شعراء حضرات جي نفيس ڪلام جي استعمال سان جو عبارت تي نظر ڪجي ٿي ته عميق جي ابتدا ۽ انتھا کي پائي ئي ڪونه ٿو سگهجي. بيشڪ هڪ مُتَبحر عالم ۽ عارف جو بحرالڪلام الائي ڪيترن خزينن ۽ خزانن جو مخزن آهي!

مٿي ڏنل اهڃاڻن ۽ اشارن مان ته مفسر جي باڪمال محنتن کي کولي بيان ڪونه ڪيو ويو آهي. سورة البقره جي آيت 33 قَالَ يٰٓاٰدَمُ اَنْۢبِئْـھُمْ بِاَسْمَاۗىِٕهِمْ ج...... ان آيت جي تفسير ۾ ڇا ته بيان ڪيو ويو آهي: فرشتن کي رڳو هڪ ڊيوٽي ڏني وئي آهي. ڪو بارش جو فرشتو، ڪو پيغام رسائيءَ جو، ڪو ساهه ڪڍڻ جو، پر انسان انجمن علوم آهي، صرف نماز، روزي، زڪواة لاءِ نه پر سڀني امرن جو انتظام سنڀالڻ، سنوارڻ ۽ وڌائڻ وارو آهي. سورة البقره جي پوين ٻن آيتن جو تفسير رب جي عظيم احسانن رحمتن ۽ برڪتن جي خزانن جا مجموعا آهن.

سورة آل عمران کي، سورة البقره جي مضامين کي تڪميل تي پھچائڻ جو سلسلو به سڏيو ويو آهي. انھن کي ”زهراوين“ يعني ٻه روشن سورتون به چيو ويو آهي. سورة آل عمران ۾ ويھه رڪوع ۽ ٻه سؤ آيتون آهن. آيت 34  قُلْ اِنْ کُنْتُمْ تُحِبُّوْن اللّٰہُ.... جي تفسير ۾ اِنَّ اللّٰہَ جَمِیْلٌ وَّ یُحِبُّ الْجَمَالَ. اهو محبوبِ خدا حضرت محمّد مصطفيٰ صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جن جو حسن ۽ جمال آهي. هتي عربي زبان جي شاعر حَسان بن ثابت جو شعر ڏنو ويو آهي، جنھن کي پاڻ سڳورن صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم تيم الله جو نالو عطا ڪيو هو، هي درٻار رسالت جو شاعر هو:

وَاَحْسَن مِنْکَ اَمْ تَرَ قَطُّ عَیْنِیْ        وَ اَجْمَلُ مِنْکَ اَمْ تَلِدِ النَّسَاءُ

خُلِقْتَ   مُبَرَّءَا مِّنْ   کُلِّ   عَیْبِ        کَانَّکَ قَدْ خُلِقْتَ کَمَآ تَشَاءُ

 

(منھنجا سھڻا سائين! تو جھڙو حسين ۽ جميل منھنجي اکين نه ڏٺو آهي ۽ تو جھڙو ڪامل، مڪمل، اڪمل ڪنھن ماءُ نه ڄڻيو آهي. تون اهڙو ته عيبن کان پاڪ پيدا ٿيو آهين، جو گويا تو جيئن گهريو، اهڙو پيدا ڪيو ويو آهين).

هن پھرين جلد جي پوئين سورةُ النساءِ آهي، جنھن ۾ هڪ سؤ ڇاهتر آيتون ۽ 24 رڪوع آهن. هي سورة ان وقت جي رائج سرداري نظام خلاف اعلانِ جنگ هيو. هن ۾  جنگين جي شھيدن جي بيواهن عورتن ۽ يتيمن جا مسئلا، ميراث ۽ وصيت جا احڪام بيان ڪيا ويا آهن. هن سورة جي ترجمي ۽ تفسير ۾ به ذهانت، علميت ۽ منفرد انداز ۽ اسلوب سان ايڏو پُرڪشش بڻايو ويو آهي، جو مڪمل قؤت سان اهو توجھه تي گرفت حاصل ڪري ٿو. سورة النساءِ جو تفسير تاريخ 25 مئي 2022ع مطابق 23 شوال 1443هه اربع ڏينھن مفسر محترم گلاسڪو اسڪاٽلينڊ برطانيه ۾ لکي مڪمل ڪيو. ان کان اڳ ڏهين مئي تي سندس پنجاسي سالگره به ٿي هئي. ان لحاظ کان سندن برج ثور ۽ ستارو زهره آهي، جلد جي اتمام مھل قمر، حوت ۾ موجود آهي. آخر ۾ ان سورة جي آيت 174 جي ترجمي سان هن جلد جي جائزي کي مڪمل ڪجي ٿو.

اي نوع انسان! بيشڪ الله پاران اوهان وٽ حجت ۽ دليل قاطع (يعني ذات گرامي حضرت محمّد صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم خاتم النبيين) اچي چڪو آهي ۽ اسان اوهان ڏانھن روشن نور (قرآن ڪريم) نازل ڪيو آهي.

لما مَعَانٍ کَمَوجِ البَحْرِ فیْ مَدَدٍ      

   وَفَوْقَ جَوْهِرِہ فِی الْحسْنِ وَالْقَیُومٖ (بوصيري)

معنيٰ ۾ ڄڻ مَوج در مَوج آهي بحر بي مثال

حسن و قيمت ۾ به ساڻن ناهه ماڻڪ جي مجال

جلد 2: شَرْحُ البَیَانِ فِیْ فَهُمِ القُرْآنِ جو ٻيو جلد ڇھين مھيني جون 2024ع ۾ شايع ٿي منظرِعام تي آيو.  جذاک اللّٰہ.  پھريون جلد ڇھه سؤ چوويھين صفحي تي تڪميل تي رسيو ته ٻيو جلد ڇَھه سؤ پنجويھين صفحي کان آغاز ۾ آيو. هي جلد يارهن سؤ ٽيھتر صفحن تي مشتمل آهي، منجهس پنجن سورتن: سُورةُ المآئِده (مدني سورة: هڪ سؤ ويھه آيتون ۽ سورهن رڪوع)، سورة الانعام (مڪي سورة: هڪ سؤ ڇاونجاهه آيتون ۽ ويھه رڪوع)، سورة الاعراف (مڪي سورة: ٻه سؤ ڇَھه آيتون ۽ چوويھه رڪوع)، سورة الاَنفَال (مدني سورة: پنجھتر آيتون ۽ ڏهه رڪوع)، ۽ سورة التَّوبَھ (مدني سورة: هڪ سؤ اُڻٽيھه آيتون ۽ سورهن رڪوع).

سورة المائده، قرآن مجيد ۾ ٻي منزل جو آغاز ۽ سورة النساء جو جوڙ آهي، ان جو نالو يا عنوان ان جي پنڌرهين رڪوع جي آيت 112 مان ماخذ ڪيل آهي:  هَلْ یَستَطِیْعُ رَبُّکَ...... مفسر جي بقول ان جو سورة جي موضوع سان ڪو تعلق نه آهي، پر علامت طور رکيو ويو آهي ته جيئن ٻين سورتن کان الڳ لڳي، هن سورة ۾ صلح حديبيه کان بعد مڪي جي قريش حضور صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم ۽ سندن ساٿين کي عمرو ادا نه ڪرڻ ڏنو هو، پر معاهدي بعد ايندڙ سال عمري جي اجازت ڏني هئي، هن سورة جو تفسير رقم ڪندي مفسر ڪن لفظن جي مفھوم کي چٽو ڪيو آهي. جيئن ’عُقُود‘ جمع آهي ’عقد‘ جو، عقد مضبوط عھد کي سڏبو آهي يعني ٻن شين يا ٻن ڌرين جي قول و قرار جو مضبوط ڳانڍاپو جو جدا ٿيڻ محال هجي. هن سورة موجب احرام جي حالت ۾ حلال جانورن جي شڪار جي منع آهي. يارهن قسمن جي جانورن کي حرام قرار ڏنو ويو آهي. سورة المائده جو تفسير 31 مئي 2022ع تي گلاسڪو (U.K) ۾ اختتام تي رسايو ويو.

سورة الانعام: سورة الفاتحھ جيان هي سورة به ’اَلْحَمْدُ‘ سان شروع ٿي آهي. هن سورة جي معنيٰ، مفھوم ۽ تفسير جي بيان کي عام فھم بڻائڻ لاءِ مفسر جي داخلي ۽ خارجي مطالعي ۽ مشاهدي جا پرتوا روشن نظر اچن ٿا. ٻين سورتن جي هم مفھوم آيتن کي آڻي وضاحتون بيان ڪيل آهن. سورة 20 ۽ 21 جي تفسير جي عبارت مان هي الفاظ ته احساسن جا ڪنجها کڙڪائي ٿا ڇڏين.

بندگيءَ جو مقام الڳ آهي ۽ عاشقيءَ جو مقام الڳ آهي. نوريءَ کان ته رڳو عبادت (سجدي) جو طالب آهين، پر خاڪيءَ کان اڃان وڌيڪ گهرين ٿو، تون پنھنجي بي نيازيءَ باوجود پنھنجي وجود جي شھادت لاءِ دوستن جو خون گهرين ٿو.

جھانن جي آ جنھن جي نانءَ سان ناموس وابسته

انھيءَ جي خاڪ پا جيڪر نه هوندين دربدر ٿيندين.

هن سورة جو تفسير، مفسر اَٺن ڏينھن ۾ 8 جون 2022ع تي اربع ڏينھن گلاسڪو ۾ مڪمل ڪيو.

سورةُ الاَعراف، اعراف جنت ۽ جھنم جي وچ ۾ بلند ديوار کي چيو ويو آهي. اعراف تي اهي ماڻھو هوندا، جن جي نيڪين ۽ براين جو عمل برابر هوندو، هن سورة جي ابتدا حروف مقطعات ”آلمّص“ سان ٿي آهي. مفسر، مخدوم نوح سرور هالائي جي بيان ڪيل مفھوم مطابق رقم ڪيو آهي ته، ”مان ئي الله آهيان جو (هر شيءِ) ڄاڻان ٿو ۽ هويدا (ظاهر) ڪيان ٿو ته هي قرآن عظيم الشان ڪتاب توتي موڪليو ويو آهي.

هن سورة ۾ آدم ۽ حوا جي خلقڻ ۽ ابليس جي انڪار توڙي انھن جي زمين تي لاهڻ جو عمل واضح ڪيل آهي. مفسر جي بقول: هن قصي کي تمثيلي چوڻ لاءِ ڪيترا دليل ڏين ٿا. هڪ دليل اهو آهي ته نبي معصوم هوندو آهي، الله تعاليٰ کيس گناهه کان بچائي ڇڏيندو آهي، پر هتي الله جي حڪم جي باوجود، شيطان آدم کي ورغلائي وڌو. مفسر بيان ڪيو آهي ته اڪثر تفسيرن، خاص ڪري قديم تفسيرن هن قصي کي تمثيلي نه پر حقيقي انفرادي قرار ڏنو آهي. مطلب ته هن سورة ۾ هر وقت انسان کي ربَّ جي ياد ۾ رهڻ کپي ۽ غفلت نه ڪري. سبحان الله! مفسر هن سورة جو تفسير ڏهين ڏينھن 18 جون 2022ع ڇنڇر تي گلاسڪو ۾ مڪمل ڪيو.

سُورَةُ الاَنْفَالِ: ’انْفَال‘ جمع آهي نفل بمعنيٰ اضافي يا زياده هجڻ جي. شرعي اصطلاح ۾ اهو مال، جيڪو جنگ ۾ دشمن کان هٿ اچي، جنھن کي ”مالِ غنيمت“ يا ”غُنائم“ چون ٿا. الله تعاليٰ ” اَلْغَنَائِم“ جي بدران ”اَلاْنَفَال“ جو محاورو استعمال ڪيو آهي. هي سورة جنگ بدر کان پوءِ نازل ٿي. هن سورة ۾ اهم ديرينه مسئلي جو بيان آهي ته مومن کي معلوم هئڻ گهرجي ته هي مال ذاتي ناهي پر الله ۽ رسول جو آهي، جو الله جي غيبي مدد ۽ حضور صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جي اطاعت ۽ پيروي سان عطا ٿيو آهي.

سُورة التَّوبَہ: سورة الانفال جيان هن سورة ۾ به جھاد ۽ قتال جو ذڪر آهي، ان ڪري ترتيب ۾ گڏ رکيو ويو آهي. ڪن جو خيال آهي ته هيءَ سورة انفال جو حصو آهي، انڪري بسم الله سان شروع نه ڪئي ويئي آهي، هن ۾ مسلمانن لاءِ جھاد لازم ڪيو ويو.

جلد 3: صفحي نمبر يارهن سؤ چوهٺ کان شروع ٿي، ٻارهن سؤ اوڻٽيھين صفحي تي دنگ ڪري ٿو. هن جلد ۾ سورة يونس (مڪي، هڪ سؤ آيتون ۽ يارهن رڪوع)، سورة هود (مڪي سورة هڪ سؤ ٽيويھه آيتون ۽ ڏهه رڪوع)، سورة يوسف (هڪ سؤ يارهن آيتون ٻارهن رڪوع)، سورة الرَّعدِ (مڪي سورة ٽيتاليھه آيتون ۽ ٻارهن رڪوع)، سورة ابراهيم (مڪي سورة، ٻاونجاهه آيتون ۽ ست رڪوع)، سورة الحجر (مڪي سورت، نوانوي آيتون ۽ ڇھه رڪوع)، سورة النحل (مڪي سورت، هڪ سؤ اٺاويھه آيتون ۽ سورهن رڪوع)، سوره بني اسرائيل (مڪي سورة هڪ سؤ يارهن آيتون ۽ سورهن رڪوع) ۽ سورة الڪَهفِ (مڪي سورت، هڪ سؤ ڏهه آيتون ۽ ٻارهن رڪوع).

نون سورتن سڳورين جي تفسير تي مشتمل هي جلد 19 جنوري 2023ع تي مفسر لکي پورو ڪيو ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ ڇپي منظرِعام آيو. هن جلد ۾ پنڌرهن پارن ۾ آيل ارڙهن سورتن جو تفسير تڪميل تي پھتو آهي، پر سورة الڪھف پاره سورهين ۾ پڻ ڪجهه صفحن تائين آيل آهي.

سورة يونس جي ترجمي ۽ تفسير کان اڳ هڪ صفحي (1164) تي مختصر تعارفي ۽ تفھيمي اختصار ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”هن سورة جو نالو به حسب دستور محض علامت طور آيت نمبر 98 کان ورتو ويو آهي. هتي ان آيت جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:

”يونس عليھ السلام جي قوم کانسواءِ ٻي ڪا اهڙي بستي ڇونه هئي، جو ايمان آڻي فائدو حاصل ڪري ها. يونس عليھ السلام جي قوم ايمان آندو ته اسان سندن دنيا جي زندگيءَ ۾ رسوا ڪندڙ عذاب هٽائي ڇڏيو ۽ هڪ عرصي تائين هنن کي مال و متاع سان نوازيو.“ ص 1248.

مٿين بيان کي اڳتي وڌائيندي لکيو ويو آهي ته، حالانڪ سورة جو موضوع بحث حضرت يونس عليھ السلام جو قصو مقصود ناهي، هيءَ مڪي سورة آهي ۽ هڪ مضمون وانگر مربوط تقرير آهي ۽ مڪي جي آخري دور جي آهي.... قرآن جي ترتيب مطابق هيءَ ڏهين سورة آهي، پر نزول جي لحاظ سان 84 چوراسي نمبر آهي...... مدني سورتن ۾ صلواة، زڪواة، حج، جھاد، نڪاح ۽ ميراث وغيره جا مسئلا آهن، پر مڪي سورتن ۾ توحيدِ رسالت، آخرت ۽ جزا سزا جو بيان آهي.

سُوْرَة هود: قرآن جي ترتيب ۾ 11 يارهين نمبر تي آهي ۽ نزول جي لحاظ کان 75 پنجھترين نمبر تي آهي. سورة يونس ۽ هن سورة جي شروعات ’آلرا‘ سان ٿي آهي، جنھن جي معنيٰ ”اَنَا اللّٰہُ اَرای“ مان الله آهيان، ڏسان ٿو (جيڪو ڪجهه ڪيو ٿا) هڪ اهو قول به آهي ” آلرا“ ’ حٰمَّ ‘ ۽ ’ نٓ ‘ الله جل جلالھ جي الرحمان صفاتي نالن جا جدا جدا حروف آهن (هي بيان مشتاق سچاروي صاحب مولانا محمد ادريس ڏاهري جي تفسير احسن البيان في تفسير القرآن تان نقل ڪيو آهي، جو ٻن جلدن ۾ 1994ع ۽ 1995ع ۾ شاهپور جھانيان ۾ ڇپيو ۽ سورة النساء تائين ٻنھي جلدن ۾ آهي) ڪن مفسرن جو چوڻ آهي ته انھن جو مفھوم ۽ مطلب رڳو الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو. (ص 1257)

سُوْرَة يوسف: قرآن جي ترتيب ۾ 12 ٻارهين نمبر تي آهي ۽ نزول جي لحاظ سان 77 ستھتر نمبر آهي. حضرت يوسف عليھ السلام جو قرآن مجيد ۾ 26 ڇويھه ڀيرا تذڪرو آهي. چوويھه 24 ڀيرا سورة يوسف ۾ هڪ ڀيرو سورة الانعام ۽ هڪ ڀيرو سورة مؤمن ۾ آيو آهي. حضرت يوسف جي هن قصي کي قرآن جو ”احسن القصص“ سڏيو ويو آهي. حضرت يوسف کي خواب جي تعبير جو خصوصي علم عطا ڪيو، هو هڪ غريب وڪاڻل غلام مان مصر جو بادشاهه ٿيو. سورة يوسف بني اسرائيل جو فلسطين کان مصر پھچڻ جو احوال ملي ٿو ته سورة طٰہٰ ۾ وري حضرت موسيٰ کي مصر ۾ قبطي حڪمرانن جي قيد مان ڪڍي، مصر کان فلسطين آڻڻ جو بيان آهي ۽ اهائي هنن ٻنھي سورتن ۾ هڪجھڙائي آهي. جيئن هي ٻئي سورتون جوڙ آهن، تيئن سورة يوسف ۽ سورة رعد به جوڙ آهي. اهڙيون ٻيون به هڪجھڙايون سورتن ۾ آهن.

سُورَةُ الرَّعْدِ: ٽيتاليھن آيتن تي مشمل هي سورة مڪي آهي. ترتيب جي لحاظ کان  13 تيرهين ۽ نزول جي ڪري نوي نمبر تي ٿي. سورة جو نالو الَرّعْدُ هن سورة جي تيرهين 13 آيت ”وَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ “ مان ماخذ آهي. ”الَرّعْدُ“ بادل جي گرجڻ ۽ گجگوڙ ڪرڻ کي چوندا آهن.

هن سورة جو مدعا پھرين آيت ۾ آهي ته: ”حضور خاتم الانبياء صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم،  جو ڪجهه به پيش ڪري رهيا آهن، سراپا سچ آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ شبھو ناهي خاص موضوع ۾ قرآن ڪريم جي حقانيت، حضور صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جي نبوت، رسالت ۽ الله جل شانھ جي وحدت (توحيد) جو بيان آهي. مفسر مشتاق سچارويءَ پنھنجي هڪ شعر ۾ واحد وحده‘ جي وحدانيت ۽ قدرتن جو بيان ڪيو آهي:

خدايا تنھنجي قدرت ٿي نمايان چنڊ تارن ۾

زمين جي ذري ذري ڪوهسارن آبشارن ۾

سمنڊن جون مڇيون دريا جون موجون ريت جا ذرڙا

جهنگل جا جيت جڻيا حمد ڳائن ٿا هزارن ۾.

سُوْرَة ابراهيم: هي سورة قرآن ڪريم جي ترتيب ۾ چوڏهين 14 نمبر تي آهي ۽ نزول جي لحاظ کان ڇاهترهين آهي. ٻاونجاهه آيتن ۽ ستن رڪوعن تي آهي. هي به مڪي سورة آهي. سورة جو نالو پنجٽيھين 35 آيت ”وَاِذْ قَالَ اِبْرٰهِيْمُ رَبِّ اجْعَلْ هٰذَا الْبَلَدَ اٰمِنًا وَّاجْنُبْنِيْ وَبَنِيَّ اَنْ نَّعْبُدَ الْاَصْنَام“ مان ورتل آهي.

هن سورة سڳوريءَ جو مضمون به ساڳيو مڪي سورتن وارو يعني توحيد، رسالت ۽ قيامت جي باري ۾ آهي هن ۾ ڪجهه رسولن جو ذڪر اذڪار به ڪيل آهي.

سُوْرَة الحِجرِ: هن مڪي سورة ۾ نوانوي آيتون ۽ ڇھه رڪوع آهن ”سورةُ الحجر“ جو نالو آيت اَسي جي فقري ”وَلَقَدْ كَذَّبَ اَصْحٰبُ الْحِـجْرِ الْمُرْسَلِيْنَ“ مان ورتل آهي.

قرآن ڪريم جي ترتيب ۾ هي سورة پنڌرهين 15 نمبر تي آهي ۽ نزول جي لحاظ کان ستونجاهه 57 نمبر تي آهي. ’الحجر‘ قوم ثمود جو مرڪزي شھر هو، تبوڪ ۾ شام واري شاهراهه تي هن جا کنڊرات موجود آهن. هن سورة ۾ نبوت ۽ رسالت جي انڪار لاءِ عذاب ۽ هلاڪت، الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ قيامت جو ذڪر آهي.

سُوْرَة النَّحل: هن سورة جو قرآن حڪيم جي ترتيب ۾ سورهون 16 نمبر آهي ۽ نزول جي لحاظ کان ٽيھترهون نمبر پڻ، هن سورة ۾ آيت 68 اَٺھٺ ”وَاَوْحٰى رَبُّكَ اِلَى النَّحْلِ“ مان علامت طور نالو منتخب ڪيو ويو آهي. سورة جو موضوع يا بحث جو عنوان نه آهي. هي سورة حبشه جي هجرت کان پوءِ ۽ مديني جي هجرت کان ٿورو وقت اڳ نازل ٿي آهي. هن جو مضمون به پوين سورتن سان لڳاتار هلندو اچي. هن سورة ۾ الله جي نعمتن جو ذڪر نھايت جامعيت سان ٿيو آهي. هن سورة جا مضامين سورة الانعام ۽ سورة الرُّوم جي مضمونن سان گهري مشابھت وارا آهن. نحل جي معنيٰ ماکيءَ جي مک آهي. هن سورة ۾ 16 سورهن رڪوع ۽ هڪ سؤ اَٺاويھه آيتون آهن.

سُوْرَة بَنی اِسرائِیل : هڪ سؤ يارهن آيتن ۽ سورهن رڪوع تي مشتمل آهي، هن سوره جو نالو آيت 4 ”وَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا“ کان علامت طور ورتو ويو آهي. هي سوره معراج جي موقعي تي نازل ٿي آهي. معراج مڪي کان هجرت ڪرڻ کان هڪ سال اڳ جو واقعو آهي.

سوره بني اسرائيل جي شروعات ”سُبْحٰنَ الَّذِيْٓ“ سان ٿئي ٿي ۽ سورة الڪهف جي شروعات ”الحَمْدُللّٰهِ الَّذِیْ“ سان ٿئي ٿي. حضور ڪريم صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جن جو فرمان مبارڪ آهي: ”التَّسْبیحُ نِصْفُ الْمِیْزَانِ وَالْحَمْدُ لِلّٰہِ یَمْلَوءُہ“ يعني سبحان الله چوڻ سان خدا جي معرفت جو ميزان اڌ ڀرجي وڃي ٿو ۽ الحمدلله ان ميزان کي ٽمٽار ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻنھي سورتن جي شروعات هڪٻئي جي تاعيد ۾ آهي.

سُوْرَة الْکَهِفِ: هي سورة به مڪي آهي، قرآن ڪريم جي ارڙهين 18 سورة آهي، پر نزول جي حساب سان اوڻُھتر 69 نمبر آهي. سورة بني اسرائيل جون آخري ٻه آيتون ”قُلْ“ سان شروع ٿين ٿيون. ائين وري سورة الکھف جون آخري ٻه آيتون به ”قُلْ“ سان شروع ٿين ٿيون. سورة جي آيت نمبر 9 نائين ۾ اصحاب الکھف جو ذڪر آهي، جنھن تي علامتي طور هن سورة جو نالو آهي. مڪي جي مشرڪن مديني جي اهل ڪتاب يھودين جي چوڻ تي پاڻ ڪريمن صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جن کان آزمائش طور ٽي سوال پڇيا هئا. 1- روح ڇا آهي؟ 2- اصحابِ ڪھف متعلق ۽ 3- ذوالقرنين بابت ”الروح“ جو جواب سورة بني اسرائيل ۾ اچي ويو ته اهو ”امر ربي“ آهي“

اصحابِ ڪھف جو قصو ٻڌايو ويو ته اهي توحيد جا قائل هئا ۽ قرآن به اهائي دعوت ڏئي ٿو ته توحيد ۽ آخرت سراسر حق آهن. حضرت انس رضي الله عنھ جي روايت مطابق هي سموري سورة هڪ وقت ۾ ئي نازل ٿي. ذوالقرنين جي آيل قصي جي حڪمت کان به الله واقف آهي. حضرت علي ڪرم الله وجھھ ٻڌايو ته جيڪو ماڻھو سورة الڪھف هڪ جمعي ڏينھن پڙهندو ته ٻي جمعي تائين هر شر، هر بلا کان محفوظ رهندو. هن سورة جي تفسير تائين جلد ٽيون مڪمل ٿيو.

جلد 4: هي جلد صفحي نمبر 1830 کان شروع ٿي، 2486 صفحي تي مڪمل ٿئي ٿو. 656 ڇھه سؤ ڇاونجاهه صفحن تي مشتمل هن جلد ۾ يارهن سورتن سڳورين جو تفسير شايع ٿيل آهي. سورة مريم، سورة طٰہٰ، سورة الانبيآءِ، سورة الحَج، سورة المُؤمنون، سورة النُّور،  سورة الفُرقان، سورة الشُّعراءِ، سورة النَّملِ، سورة القَصَصِ، سورة العَنکَبُوت.

سُورَةُ مَرْیَم: هي مڪي سورة اٺانوي 98 آيتن ۽ ڇھن رڪوعن تي مشتمل آهي. هن سورة ۾ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي ولادت ۽ سندس والده حضرت مريم السلام الله عليھ جو واقعو تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ان نسبت سان هن جونالو سورة مريم رکيو ويو آهي. حضرت مريم جو نالو قرآن ۾ ٽيھه 30 دفعا آيو آهي. حضرت مريم کانسواءِ ڪنھن به ٻي عورت جو نالو قرآن ۾ نه آهي. ترتيب جي لحاظ کان قرآن پاڪ جي اوڻويھين صورت آهي، پر نزول جي سلسلي ۾ اٺونجاهون 58 نمبر آهي. هن سورة جي شروعات حروف مقطعات ۾  کهٰیٰعسٓ (۱) ذکَْرُ رَحْمَتِ رَبّکَ عَبْدَہ زَکِرَیّا(۲)  سان ٿيو آهي، جنھن جي لاءِ مفسر لکيو آهي ته، کَ هه ي ع ص: مون الله الڪريم الھادي العليم البصير جو هي فرمان آهي(۱) هت ان رحمت نوازش ۽ لطف بي پايان جو ذڪر ٿي رهيو آهي. جيڪو تنھنجي پروردگار پاران پنھنجي ٻانھي زڪريا تي ٿيو(۲).

مفسر محترم ’مشتاق‘ سچاروي صاحب، سورة مريم جو ترجمو ۽ تفسير 23 شعبان المعظم 1444هه مطابق 16 مارچ 2023ع خميس جي ڏينھن لکي پورو ڪيو.

سُورَةُ طٰہٰ: هن سورة سڳوري جي شروعات ’طٰہٰ‘ لفظ سان ڪئي وئي آهي. انھيءَ مناسبت سان سورة جو نالو به سورة طٰهٰ رکيو ويو آهي. هي مڪي سورة ترتيب جي لحاظ سان ويھين نمبر تي آهي ۽ نزول جي لحاظ سان پنجونجاهين 55 نمبر تي آهي. طٰهٰ جو مفھوم بيان ڪندي مفسر محترم رقم ڪيو آهي ته، ”اي مرد ڪامل، ماهه ڪامل محمد خاتم النيين صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم اسان تو تي قرآن انڪري نازل نه ڪيو آهي ته تون مشقت ۾ اچي وڃين، طٰهٰ ٻن حرفن تي مشتمل حروف مقطعات مان آهي، جنھن جي اڪثر تفسيرن ۾ اهائي معنيٰ بيان ڪيل آهي، جا هن تحرير ۾ پيش ڪيل آهي. الله تعاليٰ هن سورة ۾ پنھنجون ڪريمي ۽ رحمي صفتون بيان فرمائي رسالت کي ثابت ڪيو آهي.

سورة طٰهٰ هڪ سؤ پنجٽيھن آيتن تي مشتمل آهي، جن جون بي شمار معنائون آهن، ڄڻ سمنڊ جي ڇولين پٺيان ڇوليون آهن، جيڪي هڪٻئي جي مدد ۾ آهن. اهي آيتون پنھنجي معنيٰ جي حسن ۽ لطافت ۾ موتين کان به وڌيڪ حسين ۽ قيمتي آهن، جھڙو: الله حسين ۽ جميل آهي. اهڙيون آيتون به صفت حسنيٰ آهن. هن سورة جي  ستھٺ صفحن جي تفسير ۾ مفسر جي قابليت، حسنِ بيان، ڪلامِ الاهيءَ سان عشق جي غير معمولي سُروري ڪيفيتن جو احاطو ڪرڻ اسان جي ادراڪ کان گهڻو بعيد آهي. مفسر سورة طٰهٰ جو تفسير گلاسڪو، برطانيه (بيت السعد) ۾ 19 اپريل 2023ع مطابق 28 رمضان المبارڪ 1444هه اربع ڏينھن لکي پورو ڪيو.

سُورَةُ الآنْبِیَاءِ: هڪ سؤ ٻارهن آيتن ۽ ستن رڪوعن تي مشتمل هي سورة قرآن مجيد جي ترتيب مطابق ايڪويھين 21 نمبر تي آهي، پر نزول جي حساب سان 65 نمبر تي ليکي وڃي ٿي. هن سورة ۾ ماڻھن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪرڻ آهي. مفسر جي بقول: ”هن سورة جو نالو ڪنھن خاص آيت مان ورتل نه آهي، پر هن ۾ لڳاتار ستن نبين جو ذڪر ٿيو آهي، انڪري سورة الانبياءِ سڏيو وڃي ٿو.“

هن سورة ۾ حضرت محمّد صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم ، حضرت اسماعيلعه، حضرت اسحاقعه، حضرت يعقوبعه، حضرت موسيٰعه، حضرت هارونعه، حضرت لوطعه، حضرت دائودعه، حضرت سليمانعه، حضرت ايوبعه، حضرت نوحعه، حضرت ادريسعه ۽ حضرت ذوالڪفلعه جو مذڪور موجود آهي. مفسر محترم مشتاق سچاروي صاحب، حضرت ذوالڪفلعه جي ڄاڻ لاءِ جديد تحقيق ۾ مولانا مناظر احسن گيلانيءَ جي خيال جي تاعيد ڪندي لکيو آهي ته: ”ذوالڪفل مان مراد گوتم ٻڌ (شايد) آهي. گوتم ٻڌ ڪپل وستوءَ جو شھزادو هو، مولانا مطابق ڪپل ئي دراصل ڪفل آهي، ڇو ته هندي ’پ‘ عربيءَ ۾ ’ف‘ آهي. هن جو لفظي ترجمو ”نصيب ۽ مراد وارو“ آهي. مولانا جي تحقيق ۾ وزن آهي. ٿي سگهي ٿو ته گوتم ٻڌ جون تعليمات به الھامي هجن، پر بعد ۾ انھن ۾ تبديلي ۽ تحريف آئي، جھڙي تورات ۽ انجيل ۾ ٿي آهي. بھرڪيف وڌيڪ علم الله کي آهي. مولانا مناظر احسن گيلاني جي ڪنھن به تحقيق جو ماخذ يا حوالو مفسر پيش ڪونه ڪيو آهي.

راقم جي محدود ڄاڻ موجب مولانا مناظر احسن گيلاني (1-9-1892ع/5 جون 1956ع) جي ڪيترن ڪتابن ۾ ”النبي الخاتم“ صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جي نالي مقبول ۽ مشھور تصنيف آهي، جا اصل سندس عربي زبان ۾ لکيل مقالن تي مشتمل آهي. پھريون ڀيرو ان جي اشاعت حيدرآباد دکن مان ٿي. ان وقت هو عثمانيه يونيورسٽي جي اسلاميات جي شعبي جو صدر هو. بعد ۾ اهو ڪتاب اردوءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپيو. اردو جي چوٿين ايڊيشن (جنھن تان استفاده ڪجي ٿو) سن 1950ع ۾ وڏي اسٽريٽ ڪراچي نمبر 2 مان شايع ٿي. ان کان پوءِ به ان ڪتاب جا مختلف ڇاپا مختلف ملڪن مان مختلف وقتن تي ڇپيا. ڪيترن عالمن ان ڪتاب جي مَتن کي لازمي گهرجن موجب معلومات مڪمل ڪرڻ لاءِ حاشيا لکيا. ڪن ان جي افاديت تي مقالا پڻ. بھرحال سيرت طيبه جي هن ڪتاب جي پھرين مقالي ”مڪي زندگي“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ويدڪ ڌرم اگر بالميڪي قصن ۽ مھاڀارت جي افسانن تي قائم آهي ته وهمن ۽ وسوسن جي جنھن مجموعي جو نالو اڄ ’ٻڌمت‘ آهي ته ڇا تحقيقي نُڪتئه نظر ۾ ان جو قدر قيمت ڪنھن ذهني پيداوار کان وڌيڪ آهي؟ اڄ ڪھڙي محقق جي ملڪيت ۾ اهڙو تيل موجود هوندو، جنھن سان هو ڏيئو ٻاري ڪپل وستوءَ جي مِٽي جو اهڙو شان ڏسي سگهي، جھڙو هو حقيقت ۾ هو.“ مناظر احسن پنھنجي ان بيان جي وضاحت حواشيءَ ۾ هينئن لکي آهي: ” ڪپل وستو هماليه جي هيٺاهين شھر جو نالو آهي، جنھن ۾ ٻڌ ڄائو هو. (هن جو اصل نالو سڌارٿ آهي. 563 ۽ 480 قبل مسيح ۾ ڄائو هو. چيو وڃي ٿو ته هو عيسيٰ عليھ السلام کان ٽيويھه سَؤ سال اڳ پيدا ٿيو هو، چوندو هو ته عنقريب مڪي ۾ سج اڀرندو. هن ته نبي آخر زمان تي به اڳ ئي ايمان آندو هو) ڪپل وستو سندس پيءُ جو تخت گاهه هو. قرآن مجيد ۾ انبياء صالحين جي ذڪر ۾ هڪ نالو ذوالڪفل به آيو آهي. مفسرين جو خيال آهي ته: وفي تسميته ذوالڪفل اقوال مضطربت لاتصح“ (روح المعاني ص 67 ج 17). يعني ذوالڪفل جا ٽي مختلف نالا مختلف قولن ۾ آهن. جن ۾ ڪابه ڳالھه درست ڪونھي. جيڪڏهن ان صورت ۾ ڪفل کي ڪپل جو معرب (اهڙو لفظ جو عربيءَ جو سمجهي کنيو ويو هجي، پر اصل اهو لفظ ان ۾ آيل ئي  ڪنھن ٻي ٻوليءَ مان هجي) ڄاڻي چيو وڃي ته هي ڪپل وارو ذوالڪفل جي معنيٰ ۾ آهي جيئن ڪن جو خيال آهي ته روايتاً ان کي رد ڪرڻ جو ڪوته سبب هوندو. مذهبي دنيا جو اهڙو عظيم انقلابي وجود جھڙو ’ٻڌ‘ هو، ان جو قرآن ۾ ذڪر هجڻ ڪھڙي عجيب ڳالھه آهي. ان جو قرآن سان تعلق جيئن اڳتي ڄاڻبو ته اها ڳالھه امڪاني يا ممڪن ٿي سگهي ٿي. سندس ڪتاب ”هندستان تھذيب ازمنه وسطيٰ ۾“ هندستاني اڪيڊمي آله آباد مان ڇپيو، تنھن جو انتظار ڪيو.

آخر ۾ زمين جي وارثي ۽ مالڪي آهي اِنَّ الاْرْضَ لِلّٰہِ ته اها گهڻو عرصو ظالمن، فسادين ۽ بدڪارن جي حوالي نه ٿي رهي سگهي.

سُوْرَةُ الانبياءُ: مفسر 7 شوال 1444هه مطابق 26 اپريل 2023ع اربع ڏينھن گلاسڪو، اسڪاٽلينڊ، برطانيه ۾ لکي پورو ڪيو.

سُوْرَةُ الحَجّ: هن سورة جو نالو ’الحج‘ چوٿين رڪوع جي ٻي آيت وَاَذِّنْ فِي النَّاسِ بِالْحَجِّ (۽ چيو هو ته ماڻھن کي حج ڪرڻ لاءِ اعلان ڪري پڪاريو)، مان ماخذ ڪيل آهي. سلسلي جي لحاظ سان هي آيت 27 آهي. قرآن ڪريم جي ترتيب سان هن جو 22 نمبر آهي، پر نزول جي حساب سان 107 آهي. هن ۾ 10 رڪوع ۽ 78 آيتون آهن. 106 سورتون اڳ نازل ٿي چڪيون هيون ۽ 7 سورتون پوءِ نازل ٿيون. هن سورة ۾ قيامت جي انڪاريءَ کي شيطان جي پيروي ڪندڙ سڏيو ويو آهي. مسلمانن کي ڪافرن جي ظلم ۽ زيادتين جو طاقت سان جواب ڏيڻ جي اجازت ڏني آهي، کين هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اقتدار ۾ اچي انسان سان ڪھڙي طرح پيش اچن کين آداب اسلامي ۽ آداب انسانيءَ جا طور طريقا سمجهايا ويا آهن. مُفسر هي ترجمو ۽ تشريح 12 شوال 1444هه مطابق 3 مئي 2023ع اربع رات جو ساڍي ڏهين وڳي گلاسڪو، برطانيه ۾ لکي مڪمل ڪيو.

سُوْرَةُ المومِنوُن: هي مڪي سورة آهي. هن سورة جو قرآن پاڪ ۾ ٽيويھون نمبر آهي، پر نزول جي حساب سان چوويھون نمبر ڳڻيو ويو آهي. هي سورة 118 آيتن ۽ ڇھن رڪوع تي مشتمل آهي. مٿس نالو پھرين آيت ’قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَ‘ مان ماخذ ڪيل آهي. هي سورة تڏهن نازل ٿي هئي، جڏهن ڪافر نبي ڪريم صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جن سان سخت ڪشمڪش ۾ هئا. ان وقت حضرت عمر رضي الله عنھ ايمان آڻي چڪو هو ۽ هي سورة ان جي سامھون نازل ٿي رهي هئي. پاڻ سڳورن صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جن فرمايو ٿي ته ”هن وقت مون تي ڏهه اهڙيون آيتون نازل ٿيون آهن، جو ڪوبه شخص ان جي معيار تي پورو لھي ته يقيناً جنت ۾ ويندو.“ آخر ۾ پاڻ اهو به فرمايائون ۽ رهنمائي ڪيائون ته ”ڪافر ڪيتري به بد شد گفتگو ڪن، توهان ان جو سھڻي نموني جواب ڏيو.

مفسر هن سورة جو ترجمو ۽ تفسير به پنجين ڏينھن ان ئي ماڳ تي مڪمل ڪيو. اهو وقت 8 مئي 2023ع سومر صبح جو ساڍي اَٺين وڳي جو هو.

سُوْرَةُ النور: هي مدني سورة آهي. 64 آيتن ۽ 9 رڪوع جي هن سورة ۾ الله جي نور جو ذڪر آهي، انڪري ان کي ”سُوْرَةُ النور“ سڏيو ويوآهي. قرآن ڪريم جي ترتيب ۾ ويھين سورة آهي ۽ نزول جي لحاظ کان هڪ سؤ پنجين نمبر تي ڳڻجي ٿي. جنگِ بدر جي شڪست کان پوءِ جنگ احزاب جو حملو ٿيو، جنھن ۾ ڪافرن جو لشڪر ڏهن هزارن تي مبني هو. جنھن هڪ مھيني تائين محاصرو ڪيو، مسلمانن حضرت سلمان فارسيءَ رضه جي راءِ کي مڃيندي شھر جي ٻاهران خندق کوٽي، جتي مسلمانن کي ٽي ٽي ڏينھن بکيو گذارڻو پيو.

منافقن نبي ڪريم صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم  تي هڪ اهو به حملو ڪيو ته هن حضرت زينب سان نڪاح ڇو ڪيو آهي، جڏهن ته سندس مڙس، نبي سڳوري جو متبنيٰ (گود ورتل پٽ آهي) ۽ پٽ جي زال سان شادي ڇو ڪيائين؟ جنھن ۾ قرآن وضاحت ڪئي ته گود ورتل پٽ اصل نسبي پٽ وانگر ناهي، ان ڪري هيءَ شادي جائز آهي. منافقن ٻيوحملو حضرت عائشه صديقه طاهره، مطھره رضه تي ڪري تھمت جو طوفان کڙو ڪيو، جنھن ۾ قرآن ڪريم سندس عفت ۽ پاڪيزگيءَ جو اعلان ڪيو هن سورة ۾ مسلمانن کي هدايت ڪئي آهي ته هو حضور صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم سان ڪھڙي نموني پيش اچن.

مفسر هن سورة جو ترجمو ۽ تفسير 12 مئي 2023ع جمعي ڏينھن ڏهين وڳي صبح جو گلاسڪو برطانيه ۾ مڪمل ڪيو.

سُوْرَةُ الفُرقان: هي مدني سورة ستھتر آيتن ۽ ڇھن رڪوع تي منحصر آهي. پھرين آيت ”تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ“ مان نالو ماخذ ڪيو ويو آهي. هي سورة ترتيب جي لحاظ کان پنجويھين نمبر تي آهي جڏهن ته نزول جي لحاظ کان ڇاهٺ نمبر تي. هن سورة ۾ مڪي جي ڪافرن طرفان نبي ڪريم صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم، سندس نبوت ۽ قرآن مجيد بابت جيڪا غلط پروپئگنڊا ڪئي ويندي هئي، شڪ شبھا ۽ اعتراض ڪيا ويندا هئا، انھن جو واضح ۽ چٽو جواب ڏنو ويو آهي. هن سورة جو ترجمو 17 مئي 2023ع اربع 27 شوال 1444هه رات جو مفسر لکي پورو ڪيو.

سُوْرَةُ الشُعَرَآءِ: هي مڪي سورة ٻه سؤ ستاويھن آيتن ۽ يارهن رڪوع تي مشتمل آهي. مڪي سورتن۾ هي سورة وڏي آهي. نزول جي لحاظ کان ڇاونجاهين نمبر تي ۽ ترتيب ۾ ڇويھين نمبر تي ڳڻجي ٿي. هن سورة جي شروعات حروف مقطعات سان ٿئي ٿي.طٰ سمّ-هن سورة جو وڏو حصو رسول سڳورن ۽ قومن جي واقعن تي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، جنھن جو هن کان اڳ سورة الاعراف ۽ سورة هود ۾ به انھن نبين جو ذڪر آهي.

سُوْرَةُ النَّمْل: هي سورة مڪي آهي. ترتيب جي لحاظ کان ستاويھين ۽ نزول جي لحاظ سان اَٺھٺ شمار ۾ اچي ٿي. سُوْرَةُ النَّمْل ٽيانوي آيتن ۽  ستن رڪوع تي مشتمل آهي. هن سورة جو نالو ٻي 2 رڪوع جي آيت چوٿين ”وَادِ النَّمْلِ“ مان ماخذ ڪيل آهي. هي سورة به حروف مقطعاتطٰسۗ وقفسان شروع ٿئي ٿي.

هن سورة جا ٻه خطبا آهن: 1- پھرين رڪوع کان چوٿين رڪوع تائين ۽ ٻيو خطبو پنجين رڪوع کان سورة جي آخر تائين. هنن ۾ انسانن کي عملي زندگي ۾ الله جي اطاعت ۽ اتباع رسول ڪريم صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن سورة ۾ ٽن قسمن جون سيرتون نموني طور پيش ڪيون ويون آهن: (1) فرعون، ثمود، عاد ۽ لوط جي قوم جي سيرت، جا بدڪاريءَ تي پڪي پختي بيٺل هئي. (2) حضرت سليمان عليھ السلام جي، جنھن کي الله تعاليٰ دولت، حڪومت ۽ شان شوڪت سان نوازيو هو. ان هوندي به پاڻ کي الله تعاليٰ آڏو جوابدار سمجهندو هو. (3) ملڪه سبا به دولتمند ۽ حڪمران هئڻ باوجود جنگ بدران اطاعت قبول ڪري اسلام ۾ داخل ٿي، هن سورة ۾ توحيد جي پيغام جو درس ڏنل آهي.

سُوْرَةُ الْقَصَصِ: هي مڪي سورة اَٺاسي آيتن ۽ نون رڪوع تي مشتمل آهي ۽ حروف مقطعات ”طٰسمَّ“ سان شروع ٿئي ٿي. قرآن مجيد جي ترتيب جي لحاظ سان اَٺاويھين ۽ نزول جي حساب سان اُڻياسي شمار ڪئي وڃي ٿي. هن سورة ۾ ڪفار مڪھ جي شڪن شبھن ۽ اعتراضن جا جواب ڏنل آهن. نبي ڪريم صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم ۽ سندن پروانن کي بيحد تنگ ڪرڻ ۽ تڪليفون ڏيڻ کانسواءِ موسيٰ عليھ السلام سان ربّ ڪريم جي مدد جو بيان ڪيل آهي. هن سورة جو 27 آگسٽ 2023ع مطابق 9 صفرالمظفر 1445هه آچر ڏينھن مفسر ترجمو ۽ تفسير لکي تڪميل تي رسايو.

سُوْرَةُ العَنکَبُوْتِ: هي مڪي سورة اُڻھتر آيتن ۽ ستن رڪوع تي منحصر ۽ مشتمل آهي. هن سورة جي شروعات اَلمَّ سان ٿي آهي. آيت نمبر مان مٿس نالو اخذ ڪيو ويو آهي: ”مَثَلُ الَّذِيْنَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْلِيَاۗءَ كَمَثَلِ الْعَنْكَبُوْتِ“ ترتيب جي سلسلي ۾ هي اُڻٽيھين سورة آهي ۽ نزول جي لحاظ کان ايڪاسي شمار ٿئي ٿي. ”العَنکَبُوْت“ سنڌيءَ ۾ ڪوريئڙي کي چيو ويندو آهي. مفسر ان لاءِ مَڪڙي لفظ ڪتب آندو آهي. آيت نمبر 41 جو ترجمو آهي ته: جن ماڻھن الله کان سواءِ ٻين کي پنھنجو ڪارساز بنايو آهي، انھن جو مثال ان مڪڙيءَ جھڙو آهي، جنھن هڪ گهر بنايو، بيشڪ سمورن گهرن ۾ سڀ کان ڪمزور گهر مڪڙيءَ جو آهي. ڪاش! اُن جي ڄاڻ رکندا هجن ها.“

الله تعاليٰ هي سورة مسلمانن جي حوصلي، همت، عزم ۽ استقلال پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ضعيف الايمان ماڻھن کي همت ڪرڻ لاءِ نازل ڪرڻ فرمائي آهي.

مفسر هن سورة جو تفسير ۽ ترجمو 5 ڊسمبر 2023ع تي حيدرآباد ۾ لکي مڪمل ڪيو.                     ]هلندڙ[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org