|
ميرزا
علي متقي بيگ ڪربلائي
ميرزا غازي بيگ ترخان
امير تيمور 18 سالن جي عمر ۾ پنھنجي مصاحبن سان
گڏ، شڪار لاءِ نڪتو ته رستي ۾ طوفان ۽ مينھن اهڙو
ته ٿيو، جو امير تيمور ۽ ان جا ساٿي رستو ڀلجي
ويا. انھن ئي ڏينھن ۾ هڪ ته سخت سيارو ۽ اونداهي
رات بھرحال رستي جي ڳولھا ۾ هيڏانھن هوڏانھن ڦرندا
رهيا اوچتو جهنگ ۾ رهڻ وارن جا ڪجهه گهر نظر آيا.
امير تيمور ۽ ان جا ساٿي جڏهن اُنھن گهرن جي ويجهو
پھتا، ته اتي جي رهندڙن هنن کي ڌاڙيل سمجهي هنن
سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا پوءِ جلدي اُنھن امير
تيمور کي سڃاتو ۽ راضي ڪري پنھنجي گهر وٺي آيا ۽
پنھنجي حيثيت مطابق خدمت ڪري انھن کي روانو ڪيو.
امير تيمور جڏهن تخت نشين ٿيو تڏهن انھي قبيلي جي
ماڻھن کي گهرائي انھن تي نوازشون. ۽ مھربانيون ڪري
ترخان جي لقب سان نوازيون انھي کانپوءِ اهو قبيلو
ترخان جي لقب سان مشهور ٿيو.
ارغون ۽ ترخان جو خاندان هڪ سؤ سالن کان سنڌ ۾
رهندا آيا ۽ هميشه پاڻ کي اعليٰ ۽ برتر سمجهندا
رهيا. ميرزامحمد باقي ترخان عوام تي ظلم جا پھاڙ
ڪيرائي ڇڏيا ۽ بعد ۾ چريو ٿي پيو ۽ خودڪشي ڪئي ۽
حڪومت ميرزا پائينده بيگ ترخان کي ملي جيئن ته هو
مجذوب هو. ان ڪري حڪومت سندس فرزند ميرزا جاني بيگ
کي ملي.
ميرزا جاني بيگ جي حڪومت جا ٻه دور آهن، پھريون سن
993هه مطابق 1585ع کان سن 1000هه بمطابق 1592ع
تائين هو ۽ مغل شھنشاهيت جو حصو بنجي نيم خود
مختيار جي حيثيت سان سنڌ جو امير ٿيو. سندس ٻيو
دور سڄو سنڌ کان ٻاهر گذريو ۽ سن 1009هه/1600ع
هندستان ۾ انتقال ڪيائين، سندس لاش هندستان مان
کڻي آيا ۽ مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.
ميرزا غازي بيگ ترخان پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ
سنڌ جي حڪومت تي جلوه افروز ٿيو. ان وقت سندس عمر
14 سال هئي. ميرزا جاني بيگ جي اميرن گهڻيون
ڪوششون ڪيون ته جائنشين جي نوعمري ۽ ناتجربيڪاري
جو ناجائز فائدو وٺي، هو پنھنجو اقتدار ۾ اثر قائم
ڪن ۽ شھزادي کي براءِ نامه حاڪم ڪن، پر ميرزا غازي
بيگ جي اقبال مندي ۽ بخت جي ياوري سندس ساٿ ڏنو ۽
جيڪي به ميرزا جاني بيگ وارا امير هئا، انھن کي
هٽائي انھن جي جاءِ تي نوان امير مقرر ڪيائين.
اڃان انھن مان مس آجو ٿيو ته ابوالقاسم ارغون
بغاوت ڪئي پر ميرزا غازي ان کي انڌو ڪرائي جيل ۾
رکيو.
ميرزا غازي بيگ اڃان ملڪي معاملن مان فارغ ٿيو ئي
هو ته کيس شھنشاهه اڪبر سن 1013هه/1604ع ۾ پنھنجي
دربار ۾ گهرايو ۽ خيال ڪيائين، ته شھزادي کي روبرو
ڏسي پنھنجي هٿن سان خلعت عطا ڪجي. غازي بيگ دربار
۾ پھتو ۽ بادشاهه جي حضور ۾ حاضر به ٿيو، پر ڪجهه
مھينن کانپوءِ شھنشاهه اڪبر وفات ڪئي ۽ جھانگير
تخت نشين ٿيو. دستور مطابق ميرزا غازي به ٻين
اميرن سان گڏ، سندس حضور ۾ حاضر ٿي نذرانو پيش ڪيو
۽ انھي پھرين ملاقات ۾ جھانگير شھزادي جي هوشمندي
ڏسي کيس ”فرزند ارجمند“ جو خطاب ڏئي آسمان تائين
پھچايو.
ميرزا غازي بيگ، جھانگير جي زماني ۾ پنھنجي شان و
شوڪت سان حڪومت ڪئي. ٺٽو، بکر، ملتان کان علاوه
قنڌار جي حڪومت پڻ سندس حوالي هئي.
قنڌار جو صوبو اڪبر جي امير شاهه بيگ جي حوالي هو،
جڏهن جھانگير تخت تي ويٺو ته ان وقت مقامي
بغاوتون شروع ٿيون، ان کان شاهه بيگ تنگ ٿي هڪ
عريضي جھانگير کي موڪلي ۽ ان ۾ ڪمڪ جي لاءِ عرض
ڪيائين. ان وقت جھانگير وٽ هزارين امير ۽ بھادر
موجود هئا، پر ميرزا غازي کي موزون سمجهي منتخب
ڪيائين. هڪ 17، 18 سالن جي نوجوان لاءِ اهو وڏي ۾
وڏو اعزاز هو، جيڪو بادشاهي ڀروسي جي، بنا ڪنھن آز
مودي جي کيس حاصل ٿيو. ميرزا غازي بيگ جڏهن ڪامياب
و ڪامران ٿي واپس دربار ۾ پھتو، ته جھانگير قنڌار
جي حڪومت به سندس حوالي ڪئي. سن 1015هه/1606ع ۾
ميرزا غازي بيگ پھريون دفعو قنڌار ۾ آيو، سن
1016هه /1607ع ۾ واپس موٽي ويو ۽ سن 1017هه/1608ع
۾ مستقل حاڪم ٿي قنڌار واپس آيو. قنڌار وڃڻ وقت
جھانگير شاهي خاندان جي شھزادي وانگر کيس، سڀئي
منصب ۽ اعزاز عطا ڪيا ۽ سندس حد اندر جيڪي منصبدار
هئا تن جي مزولي ۽ مقرري، تبادلي ۽ ترقي جو اختيار
به کيس ڏئي ڇڏيائين ۽ هڪ عام حڪم جاري ڪيائين، ته
آئنده هڪ هزاري منصب دار، ميرزا غازي وٽ جڏهن سلام
تي وڃن ته سندس سامھون دست بدسته بيھي رهن ۽ هزاري
کان مٿي وارا امير سندس مسند کان هيٺ باادب ويھي
رهن، اهو اعزاز بادشاهي جھڙو هو، قنڌار جي
صوبيداري گويا ڪنھن حد تائين خود مختيار حڪومت جي
مثال هئي.
ميرزا غازي بيگ جي تدبير، دانشمندي ۽ اميرانه مان
۽ مرتبي جا اصلي جوهر ته قنڌار ۾ وڃي کليا. وطن ۾
هو ابتدائي سال رهيو، جنھن ۾ گهڻو وقت کيس مقامي
مصيبتن ۽ خانخانان واري جنگ جي شڪست کي سلجهائڻ ۽
سنوارڻ ۾ لڳو.
سن 1013هه /1604ع ۾ وطن مان روانو ٿيو ۽ اهڙي
ڪنھن نامناسب گهڙي ۾ نڪتو، جو کيس وري وطن موٽڻ
نصيب نه ٿيو. هر وقت جھانگير جو همه رڪاب رهيو ۽
ان کانپوءِ قنڌار ويو البته پوئين دفعي قنڌار
ويندي ڪجهه مھينا انتظامي بندوبست لاءِ بکر (سکر)
۾ رهيو، وڃڻ کانپوءِ اهڙو ويو جو پنج سالن کانپوءِ
سندس لاش وطن واپس آيو.
قنڌار جي پنجن سالن واري مختصر حڪومت ۽ غازي بيگ
پنھنجي همسايه ملڪن جھڙوڪ: ايران، عراق وغيره سان
اهڙا ته تعلقات قائم ڪيا، جو جھانگير وانگر ايران
جي بادشاهه شاهه طھماسپ صفوي به کيس ”فرزند دلبند“
جو خطاب ڏنو. ميرزا غازي بيگ جي انھي اقدام تي
هندستان جي مغل حڪومت جو هڪ وڏو سرحدي خطرو هميشه
ختم ٿي ويو.
ميرزا غازي بيگ قنڌار پھچڻ بعد ايڏو ته بھتر
انتظام ڪيو، جو رعيت، فوج، عام و خاص خوش حال ٿي
ويا. ماڻھن لاءِ هر ڏينھن عيد جو ۽ هر رات شبِ
برات ٿي وئي.
ميرزا غازي بيگ جي جود و سخا اُنھي حد تائين پھتي
جو، ڄڻ آسمان مان سون ۽ رپين جو مينھن هر روز ٿي
وسيو. عراق، ايران، هند، سنڌ جا عالم توڙي اديب ۽
شاعر سندس سرپرستي ۾ رهيا ۽ انھن جا ماهانا وظيفا
مقرر ڪيائين.
ميرزاغازي بيگ جي دربار ۾ هميشه شاعر موجود هوندا
هئا خود ميرزا صاحب به بلند پايه جو شاعر هو، سندس
پھريون تخلص ”غزالي“ هو ۽ پوءِ ”وقاري“ اختيار
ڪيائين. وقاري، غازي بيگ جي دربار ۾ هڪ شاعر هو
جنھن کان هڪ هزار روپين عيوض ”وقاري“ تخلص خريد
ڪيو ۽ ان شاعر پوءِ پنھنجو تخلص ”خلدي“ اختيار
ڪيو.
شعر و سخن جي تمام اصناف ۽ ميرزا صاحب طبع آزمائي
ڪئي ۽ پنج هزار شعرن جو هڪ ديوان يادگار ڇڏيو. 25،
26 سالن جي عمر ۾ شاعري ۾ ايترو ذخيرو ڇڏڻ، ان جي
طبيعت جي رواني ۽ ڪمالِ فن جو زرين مثال موجود
آهي. سندس ادبي ذوق ۽ شوق جو تذڪرو هندستاني ۽
ايراني تذڪره نويسن ۽ ٻين ڪيترن ئي مصنفين پنھنجي
ڪتابن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.
ميرزا صاحب جو مختصر ڪلام پيش ڪجي ٿو:
در بزمگه حيرت تو بي خبران را،
ڪيفيت ديدار تو، از جنس شراب است.
آهه ز غمه سوي تو همه ناقه مشک است،
اشکم ز گل روي تو، همه طبع گلاب است.
از ديدن گل ديده اگر، تيره نه گشتي،
آئينه مرا پيش تو با چشمه پر آب است.
شاخ مثرهه ام سبز شد غنچه خون کرد،
انيها همه از تربيت چشمه پر اب است.
از روز ازل نغه پرستيمه ”وقاري“،
ديوانگي ما گل مضراب رباب است.
هي قصيده موليٰ امام رضا عليھ السلام جي مدح ۾
ميرزا صاحب رقم ڪيو، ان جا چند شعر پيش ڪريان ٿو.
بسکه ز جودت بود دهر لبالب ز فيض،
نام زناست کند آب طلا در دهن.
در شبستان جدائي شيوه صعف من است،
همچو عکس آئينه بي منت جان ز سيتن.
مرا دلي است چوسيحاب اضطراب زده،
ز خون و آبله چوي باده حباب زده.
کجاست يک درسه همدم که همچو موسيقار،
نشته پلهري هم برکشيم آوازي.
رباعيات
چون شبنم خوي طرف جبنيت گيرد،
زيبا ز دو بهار ياسميت گيرد.
چون عزم برون شدن کني، از گلشن،
گل دامن و ليل آستينت گيرد.
صد شمع به تربت فلاطون برديم
تاره بطريق عقل مجنون برديم
درهر وادي که نقش بي گشت غلط
مرشد گفتيمه، دراه بيرون برديم
ساقي نامو
بباغ افتد عکس از روي يار،
شود نوک هر خار رشک بهار.
وگر بر فلک چهره تابان کند،
خوراز شرم او چهره پنهان کند.
وگر سوئي آتش بتازو سمند،
وگر شعله از آتش نگر دو بلند.
از ان مي که جان عکسي از نورادست،
اديب خرد پاک دستورا دست.
حرات فزاي فسرده دلان،
کدورت زد ري فردماندگان.
اگر ياد آن مي رسد در ضمير،
شود چهره دل بدان سان منير.
بهاران ز فصل گل و بوي يار،
مئي خواه کان مي بود بي خمار.
پري چهره ساقي به هنگام گل،
گدورت ز داي از دل ابمُل.
مرا پاي شادي همه در گل است،
گريبان و دنداد وه دوست دل ست.
خدا بجام مي بي دلان،
که سر خوش ازان جام شد آسمان.
گزين مي که گفتم مرا دور دار،
مگر از مي وحدتِ کردگار.
”طالب آملي ميرزا غازي جي بزم ادب جو رڪن اعظم هو،
غازي بيگ جي وفات کانپوءِ هندستان ويو ۽ جھانگير
جي دربار ۾ ملازم ٿيو ۽ ملڪ الشعرا جو درجو مليس.
ان جي بعض شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ميرزا غازي ۽
طالب همه طرح غزل چوندا هئا. ڪڏهن غازي طالب جي
غزل تي ۽ ڪڏهن طالب غازي جي غزل تي طبع آزمائي
ڪندو هو. طالب آملي ڪيترائي قصيده ميرزا غازي بيگ
جي شان ۾ چيا آهن، اُنھن جي فھرست پيش ڪجي ته
مضمون وڏو ٿي ويندو ۽ جھانگير ۽ اعتماد دولھه جي
شان ۾ به چيا آهن، پر جيڪي قصيده ميرزا غازي بيگ
جي شان ۾ چيا آهن اُھا ڳالھه ڪنھن ٻين قصيدن ۾ نظر
نه ٿي اچي.
ميرزا غازي جو ديوان موجود نه آهي ورنه معلوم ٿي
وڃي ته همه طرح ڪھڙا ڪھڙا غزل آهن. ٽي اهڙا شعر
ميرزا غازي جا مليا آهن جن تي طالب آملي به غزل
چيا آهن اُهي هي آهن.
ميرزا غازي
بزم عشق است ”وقاري“ بادب بايد بود،
که دران خبر بلب زخم تکلم کفر است.
طالب آملي
بزم عيضد است درد شکوهه انجم کفر است،
آشنا کردن لب جز به تبسم کفر است.
نشتر موعظه را، کند زبان کن ”طالب“،
پيش ما کاوش زخم دل مردم کفر است.
ميرزا غازي
چشم بدامن مثرهه، چندان گهر فشاند،
کز چيدنس، زکار دردست زمانه ماند.
آوارگان کوي ترا، تا نظارهه کرد،
بلبل ز فکر ساختن آشيانه ماند.
طالب آملي
در سر خمار، غم ز شراب شبانه ماند،
عشرت سفر، گزيد و مصيبت بخانه مانند.
تاشد زبان خامئه ”طالب“ سخن سرائي،
صد بلبل صغير، از ترانه مانند.
سوين اهل ڪمال شاعر، اديب ۽ مورخ سندس دربار سان
وابسته هئا. انھن مان مشھور شاعرن جا نالا هيٺ ڏجن
ٿا. ملا اسد، ملا مرشد بروجردي، حڪيم فغفور
گيلاني، مير نعمت الله وصلي، ميرزا فصيحي، ملا
ثاني بتڪلو، مير الا استر آبادي، سنجر ڪاشاني،
محوي اردبيلي، شيدا اصفحاني ۽ طالب آملي وغيره
سندس درباري شاعر هئا.
طالب آملي، سنجر ڪاشاني ۽ مرشد بروجردي جا ميرزا
جي مدح ۾ چيل قصيده پيش ڪيان ٿو.
طالب آملي
آبي که بي تو زين مثره تر فرو چکد،
چون برگ گلي بکسوت آذر فرد چکد.
گلهاي آتشين دمد از آب ديده ام،
گر قطره ببال سمندر فرو چکد.
عود قماري از جگرم گرکني بخود،
خد بابه از مثبک مجمه فرو چکد.
خوش در ترشح آمده خون دلم مباد،
رشعي از آن بدامن دا ورفرو چکد.
يعني امير غازي ترخان که آپ فتح،
چون شبمنش ز سبزه جنجر فرو چکد.
آب گهر ز فيض رقمهاي کلک تو،
مرغان نامه بر را از پر فرو چکد.
در بحر راي تو زند از غوطه آفتاب،
پون قطره از مسامش اختر فرو چکد.
کلک صنم گرت چودهد جلوه نقش خويش،
آب ازدهان تبشهء آ زر فرد چکد.
در ملک دشمن از تف قم تو آب تيغ،
ز انگشتهاي دست زره گه فرد چکد.
عيسي تکلما بثنائي تو آب خفر،
در کسوت خروف بدفتر فرو چکد.
وصف توکان بود بمثل آبروي نطق،
بيخواست از زبان ثناگر فرو چکد.
طالب ثنا بدل به دعا کن بامتحان،
شايد که آن رقم نمکين تر فرو چکد.
تا از دهان شيشهء طالح شراب کام،
اميد را بديده ساغر فر و چکد.
در جام دولت تو چکد جرعه مراد،
وانگه ز دست ساقي کوثر فرو چکد.
(1) هي طويل قصيده آهي، ان جو اختصار پيش ڪيو ويو
آهي
سنجر ڪاشاني
من بلبل گلستان تته،
من راوئي دستان تته.
حب وطن از دلم به در برد،
مھر گل و مھر گان تته.
قائم شده است اشتياقم،
چون منطقه بر ميان تته.
تيغ سخنم که آبدار است،
جاري شده بر لسان تته.
پرورده آب و نان سندهم،
آبادان خانمان تته.
تا سال دگر ذخيره بندم،
هر سال از ارمغان تته.
در هند نمي توان که دريافت،
نيکوي رائگان تته.
در هر قدمي هزار يوسف،
گم گشته کاروان تته.
هر گوشه هزار پير کنعان،
دل بسته يوسفان تته.
دروازه مصر را به يک پا،
وا داشته آسمان تته.
در هند نديدم آن سر وساق،
از من پرسي بران تته.
بيدار دلي دم خصور است،
داد از دل بدگمان تته.
دل برد امير جھانم،
از گرمي مير کان تته.
برهمت ست خويش دارم،
چندين گله از زبان تته.
پير تته قطب عالم آرا،
آن محور آسمان تته.
آسوده چو گنج لوحش الله،
در خاک عبير سان تته.
بر حضرت اوي کي گذرکن،
اي ياور گلستان تته.
بر گو بزبان بي زباني،
کائي قبلئه راستان تته.
بفرست ز راه بي نشاني،
بوي به من از جھان تته.
وا نگاه زمن غزل سرا تو،
پر درگه قهرمان تته.
از گفته من گوهر فشان شو،
بر تارڪ درفشان تته.
جمه مرتبه ’ميرزائي غازي‘
آن تاج سر کيان تته.
کاي رايت کاويان تته،
وي رستم داستان تته.
اي وارث تاج و تخت ترخان،
وي حارس و پاسبان تته.
بر مسن سندهه شاد بنشين،
اي شاهه ملک نشان تته.
از مھر بتاب بر خلائق،
اي اختر آسمان تته.
اکنون ز تواند ديده روشن،
اعيان نسب عيان تته.
دل کنده ز ’ميرزاي جاني‘،
پيوسته به توست جان تته،
”سنجر“ به دعا گوهر فشان شو،
بس تيشه زدي به کان تته.
تا خلق سراغ جهد گيرد،
تا دهر دهد نشان تته.
صد همچو منت غزل سراباد،
اي نو گل بوستان تته.
هان اي امراي ’شاهه غازي‘،
هان جان شما و جان تته.
مرشد بروجردي
فرمان ده سند شاه غازي،
کز دولت شاه شاد باد جاويد.
برگوشه قصر حجره ساخت،
چون خانه ماه و برج خورشيد.
از دوست پرور ز گرد اغيار،
خالي چو درون اهل توحيد.
چون شيشه سبز نه فلک را،
بر گوشه طاقهاي او چيد.
از بس که ز لطف خاطر او،
چون آئينه پر ز نور گرديد.
تاريخ بنائي حجره او،
شد روه از بهشت جاويد.
ميرزا غازي بيگ جڏهن قنڌار ۾ هو ته، شعر و شاعري
جو محفلون ڪرائيندو هو، ايران، هندستان ۽ ڀرپاسي
جي ملڪن جا شاعر ان جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽
ان جي شان ۾ قصيده چئي انعام و اڪرام حاصل ڪندا
هئا. ادب نوازي جي ڪيترن ئي شاعرن ميرزا صاحب کي
خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. مضمون جي طوالت جي ڪري
طالب آملي، سنجر ڪاشاني ۽ مرشد بروگردي جا قصيده
پيش ڪيا آهن.
ميرزا غازي بيگ بھترين سياستدان ۽ ڪامياب سفارتڪار
هو. هڪ طرف جھانگير کيس پسند ڪندو هو، ته ٻئي طرف
ايران جي صفوي بادشاهه شاهه عباس صفوي جو وڏو
اعتماد ان تي هوندو هو.
هر دور جي سياست ۽ معاشري جا نقيب پنھنجي وقت جا
اديب ۽ شاعر ٿين ٿا. ان دور جي شاعري ۽ ادب هڪ
آئينو هوندو آهي، جيڪو پنھنجي پنھنجي دور جي عڪاسي
ڪري ٿو ۽ انھي شعر و ادب جي وسيلي ان معاشري، سماج
۽ سياست جا نقشا اڀري سامھون اچن ٿا.
محققين جو چوڻ آهي ته، سنڌ ۾ غازي بيگ جو دور
حقيقت خسرو چرڪس جو دور هو. خسرو کي قتل ڪرائڻ جي
ڪوشش ڪئي ته ان ۾ ناڪام ٿيو ۽ ان کي بيخدل ڪرائڻ
جو حڪم ڪيائين ته ان ۾ ناڪام ٿيو آخر ۾ قنڌار مان
خسرو جي معزولي جو حڪم جاري ٿيو ته غازي بيگ جي
زندگي جو پروانو به خدا تعاليٰ جي طرفان جاري ٿيو
۽ ميرزا ختم ٿي ويو.
اڪثر ترخان امير علم دوست، شاعر، راڳ و رنگ جا دل
داده ۽ هنر پرور هئا. ميرزا عيسيٰ اول علم دوست ۽
هنر پرور هو. گانا ڳائڻ جو شوقين هوندو هو ۽ ساز
و سرود وڄائڻ ۾ به ڪمال جو ماهر هوندو هو. مرزا
باقي شقي القلبي ۽ ظالم هجڻ جي باوجود، علم و هنر
جو شوقين هوندو هو. ميرزا پائنده مجذوب هجڻ جي
باوجود، شاعري ڪندو هو ۽ شاعري جو شوق هوندو هئس.
ميرزا جاني بيگ شاعر، راڳ جو ماهر نھايت خوش ذوق
وارو امير هو. ميرزا غازي بيگ کي شاعري نغمه نوازي
۽ علم پروري ۾ خاص مقام حاصل هو. ميرزا صاحب
تنبوره ۽ باجو وڄائڻ ۾ بينظير هو انھي تي ملا مرشد
چوي ٿو.
گر نغمه ساز ت سکون مي آيد،
رمزي است بگدئميت که چون مي آيد.
از بسکه بگرو زخمه ات مي گرد،
پيچده ز طنبوره برون مي آيد.
ميرزا عيسيٰ ثاني ۾ مٿيون جيڪي خوبيون هيون، اهي
ان جي ذات کان علاوه خانداني ورثي ۾ مليل هيون ۽
اهي خوبيون ان جي خون ۾ بلڪ رڳن ۾ پيوست ٿي ويون.
ميرزا غازي بيگ اثنا عشري عقيدي جو هو، انھي ڪري
اهل خراسان کي پسند ڪندو هو. ميرزا عيسيٰ ترخان هڪ
مرصع قنديل روضه حضرت امام رضا عليھ السلام مشھد
مقدس جي لاءِ خاص تيار ڪرايو، ليڪن ميرزا عيسيٰ
جلدي وفات ڪري ويو ۽ اهو قنديل ميرزا غازي تيار
ڪرائي مشھد مقدس موڪليو.
ميرزا غازي بيگ 31 ورهين جي عمر ۾ 11 صفر
1021هه/03 اپريل 1612ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش کي
ٺٽي ۾ آڻي، پنھنجي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
محوي اردبيلي ”شمع محفل جنت“ مان سندس وفات جي
تاريخ ڪڍي قاضي محمود ٺٽوي ”ڪشتئه زهر جفا“ مان
سندس تاريخ وفات ڪڍي آهي. ميرزا غازي بيگ کي نظر
لڳي وئي ۽ جواني ۾ وفات ڪيائين.
سن 1021هجري ۾ هڪ طرف قنڌار کان هڪ جوان مرگ سردار
جو لاش سنڌ ۾ پھتو ۽ ٻئي طرف نئون حاڪم حڪم هلائڻ
لاءِ سنڌ ۾ پھتو.
سن 962هه/1555ع ۾ ميرزا عيسيٰ ترخان جنھن حڪمران
گهراڻي جو بنياد قائم ڪيو، 59 سالن بعد ان جو
اختتام ميرزا غازي بيگ تي ٿيو. غازي بيگ کي اولاد
ڪونه ٿيو. ورنه جھانگير اڃان به سنڌ جي ترخان
گهراڻي کي حڪومت ڪرڻ ڏئي ها.
ماخذ
1.
ڪليات اشعار ملڪ الشعرا طالب آملي به اهتمام طاهر
شھاب ڪتابخانه سنائي ايران.
2.
مڪلي نامه، از: مير علي شير قانع، تصحيح: پير حسام
الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ .
3.
تحفة الڪرام، از: مير علي شير قانع، مرتب: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ .
4.
ديوان سنجر ڪاشاني، قلمي. ملڪيت: ميرزا عباس علي
بيگ.
5.
ميرزا غازي بيگ ان ڪي بزم ادب، پير حسام الدين
راشدي، انجمن ترقي ادب پاڪستان ڪراچي .
6.
ترخان نامه اضافه ميرزا عباس علي بيگ قلمي .
7.
مااثر العمرا مترجم: محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو
بورڊ لاهور.
8.
تاريخ سنڌ، مصنف: مولانا اعجاز الحق قدوسي مرڪزي
اردو بورڊ لاهور. |