سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي                      

  مترجم: ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه تي تحقيق ۽

ڊاڪٽر درِشهوار سيد

 

سائين جي.ايم.سيد جي قابل نياڻي، جنھن جي اکين ۾ سيد جي ڪلچرل مشن کي تڪميل تي پھچائڻ جا خواب نظر ايندا هئا، سيد کيس پنھنجي مشن جي تڪميل لاءِ، ٻاهر Ph.D ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. سيد جي طرفان سندس ٽاپڪ (Basic Unity Behind all Religions) چونڊيو  ويو هو. جيئن ته ٻاهرين دنيا ۾ اسلام جي حوالي سان غلط تاثر ويٺل آهي. انڪري هڪ مسلمان کي مٿئين نوعيت واري عنوان تي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونه هو. آخرڪار ساڳي ڳالھه کي ٻئي طريقي سان پيش ڪرڻ واري خيال سان پاڻ ايڊمبرا يونيورسٽي ۾ (The Peotry Shah Abdul Latif: Its Indian and Persian Asp ects) عنوان سان ڊگري حاصل ڪري ورتا ئون.

سندس لکيل اها ٿيسز 1988ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي. هتي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر حبيب الله صديقي طرفان لکيل عالمانه پبلشر نوٽ ترجمو ڪري  پيش ڪجي ٿو.  ]آ.ق[

’لطيفيات‘ يا ’شاهه عبداللطيف (1752ع-1689ع) جي حالاتِ زندگي ۽ شاعريءَ جي مطالعي کي ڏاڍي مانائتي مڃتا حاصل آهي. تعليمي ادارن ۾ شاهه کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڄڻ ته هڪ واضح علمي ضابطو ٿي ويو آهي. پاڪستان اندر ڪراچي يونيورسٽي ۾ لطيف چيئر جو قيام ۽ لطيف سائين تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز کي قبول ڪرڻ يا سنڌ ۾ هن مھان ڏاهي انسان جي شاعريءَ ۽ حياتيءَ متعلق اڪيچار ڪتاب ڇاپڻ هن حقيقت جي پٺڀرائي ڪري ٿي.

لطيفيات جي موضوع تي مقالن جي وڏي انگ ۽ اڻ ڇپيل ٿيسز کانسواءِ پنجاهيءَ کان به مٿي ته رڳو انگريزي ڪتاب ڇپايا ويا آهن. سڀ کان پھريان رچرڊ برٽن.ايف.برٽن 1851ع ۾ (History of Send) ۽ (SIND and The Races that Inhabit the Vally of the Indus) نالي ٻه ڪتاب لکي سنڌ جي هن مھان ڪَويءَ جي انگريزن سان سڃاڻ ڪرائي. هنن ٻن ڪتابن لکڻ سان ٻين اديبن کي به لطيف سائينءَ تي لکڻ لاءِ اُتساهه ڏياريو ويو.

مسٽر گولڊ سمٿ (F.J) 1863ع سسئي نالي لنڊن مان ڪتاب ڇاپرايو. 1870ع ۾ مسٽر ڊبليو.سائوٿيءَ لنڊن مان (Life of Shah Latif Bhittae) ڇاپرايو. 1882ع ۾ ڏيارام.جي.سگما (Something Abeset Sind) لکيو. 1887ع ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (Life of Shah Abdul Latif Bhittai) ڇاپي پڌرو ڪيو. 1890ع ۾ ليلارام وتڻمل(1) (The Life Religion and Poetry of Shah Abdul Latif) ۽ 1895ع ۾ جهمٽ مل واسواڻيءَ رسالي تي حواشيه لکيا ۽ اهڙيءَ ريت ساڳي صديءَ ۾ شاهه عبداللطيف تي انگريزي ۾ ڇھه ڪتاب نروار ڪيا ويا.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مڪمل رسالو اڻويھين صديءَ ۾ پھريون ڀيرو پريس ۾ ڇپيو. مذڪوره رسالو جرمنيءَ جي متشرق ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (85-1828ع) پنھنجي ڪوشش سان 1866ع ۾ ڇپرايو هو. ٻئي سال بمبئي حڪومت قاضي ابراهيم جو ترتيب ڏنل رسالو ليٿو تي ڇپرايو، بعد ۾ اهو بمبئيءَ ڇاپي جي نالي سان مشھور ٿيو. اڻويھين صديءَ جي پوئين حصي ۾ هڪ سنڌي تعليمي ماهر ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻي (1938-1850ع) شاهه عبداللطيف جي رسالي کي مرتب ڪيو ۽ بمبئي حڪومت جي تعليم کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو سرڪاري ڇاپو (1900ع) نالي سان مشھور ٿيو(1). 1923ع تائين ان رسالي جا ٽي ڇاپا نڪتا. اهڙي ريت 1866ع کان 1900ع تائين مختلف ترتيبن وارا پنج رسالا ڇاپيا ويا.

ويھين صديءَ ۾ لطيفيات تي گهڻو ڪم ٿيو آهي. هن دور ۾ اصلي رسالي جا مختلف پندرهن ڇاپا نڪري نروار ٿيا. رسالي کي سمجهڻ لاءِ 27 ڪتاب انھن کان علاوه شايع ڪيا ويا. هاڻي اسان وٽ، مطالعي ۽ تحقيق لاءِ عالمن جا تيار ڪيل مختلف ترتيبن سان ويھه ڇاپي رسالا موجود آهن، انھن رسالن جي ترتيب جي پيڙهه انھن ٽيھن قلمي نسخن تي رکيل آهي، جيڪي اسان کي هن وقت تائين هٿ اچي سگهيا آهن. رسالي جو قديم قلمي نسخو شاهه عبداللطيف جي وفات (1752ع) کان 28 سال پوءِ آيو، اهو 1780ع جو لکيل آهي، ان کي بلڙيءَ وارو نسخو ڪري چوندا آهن. آخري قلمي نسخو 1963ع ۾ تيار ٿيو آهي. اهو نسخو پنھون فقير جوڻي، جي يادگيري تان لکيل آهي. جيڪو درگاهه جي لطيفي راڳ جو ست پيڙهيو فقير هو.

شاهه عبداللطيف جي رسالي جا قلمي نسخا پيڙهي دَر پيڙهي وڌندا رهن ٿا. لطيف سائينءَ جي درگاهه تي راڳي فقير جنھن ترتيب ۽ سلسلي سان شاهه جي ڪلام کي ڳائڻ يا تحت لفظ دؤر ڪن ٿا، اهڙي ئي طرز ۽ طريقي سان نسخي کي قلمبند ڪيو وڃي ٿو. سنڌين جي رسالي سان ايترو ته لونءَ لڳاءُ ۽ روحاني رشتو آهي، جو ان کي برزبان ياد ڪندا آهن. اڄ به ڪيترائي ماڻھو ملندا، جيڪي رسالي جا حافظ آهن.

ان کانسواءِ سنڌين جي هر پيڙهيءَ شاهه عبداللطيف جي رسالي کي ساهه برابر سانڍيو ۽ نئين نسل کي هڪ امانت ۽ ورثي طور سونپيو آهي. سنڌجي سڀيتا به لاڏ ۽ فخر ڪرڻ لائق آهي، جنھن لطيف جي قائم ڪيل راڳ سان واڳيل اصلي روايتن کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو آهي. لطيف سائين ڪيترن سُرن کي ملائي نوان سنڌي سر ايجاد ڪيا ۽ دنبوري تي پاڻ ڳائيائين. دنبوري ۾ اصلاح آڻي نئون ساز دنبور جوڙيائين. ان ساز کي پنج تارون آهن. اهو سندس درگاهه ڀٽ شاهه تي اڄ ڏينھن تائين هر رات استعمال ٿيندو اچي ٿو. شاهه لطيف جي اها امرت ڪلا آهي، جيڪا سنڌ ۾ هڪ اداري جي روپ ۾ پورين ٻن صدين کان دائم ۽ قائم آهي.

هن صديءَ سان لاڳاپيل سنڌ اندر يا سنڌ کان ٻاهر لطيفيا تي ٿيل علمي ۽ تحقيقي ڪم کي هن مختصر لکت ۾ وستار سان شامل ڪرڻ ممڪن ڪونه آهي، تنھنڪري مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. ائٽڪن (Ait ken)،  (1907ع) ۾ سنڌ صوبي جو گزيٽيئر ۾ شاهه بابت لکيو ۽ ايڇ.ٽي سورلي به شاهه عبداللطيف تي پي.ايڇ.ڊيءَ جي ٿيسس لکي ڪم جي پڄاڻي ڪئي.(2) ان وچ واري دور ۾ شاهه سائين تي انگريزي زبان ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو. ڊاڪٽر اينيميري شمل، شاهه عبداللطيف کي جرمنيءَ جي پڙهيي ڳڙهيي ماڻھوءَ سان متعارف ڪرايو. آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان ۽ هندستان ۾ لطيفيات تي گهڻو ڪجهه ڪم ٿيو آهي. سنڌ ۽ دهلي ۾ ڏيساوري يونيورسٽين ۾ لطيف تي پي.ايڇ.ڊيءَ جون ٿيسز ڏنيون ويون آهن. اهڙي قسم جي وچور ڏيڻ جي هِتي گنجائش ڪانه آهي. سنڌي جرمن ۽ انگريزي زبان کانسواءِ، لطيف تي عربي، فارسي، هندي ۽ اردوءَ ۾ به لکيو ويو آهي.

هيل تائين فقط سنڌي ادبي بورڊ ئي شاهه عبداللطيف ۽ سندس شاعريءَ سان لاڳاپيل 19 ڪتاب شايع ڪيا آهن. انھن مان ڪي خاص طور شاهه عبداللطيف سان لاڳاپيل ۽ ڪي جزوي طور ساڻن تعلق رکن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ کي ڪڏهن (1941ع) بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر سڏيو ويندو هو. 1951ع کانپوءِ ان کي سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان سڏيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ 1951ع کان وٺي اڄ (1988ع) تائين 350 ادبي ڪتاب شايع ڪيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جو مول مقصد، سنڌي ادب جو تحفظ، اشاعت ۽ ترقي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي جي سھائتا  سان لطيفيات سان لاڳاپيل، جي.الانا (Selections from Risalo)، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو (Life and works of  Shah Abdul Latif) ۽ آغا محمد يعقوب طرفان سڄي رسالي جو تيار ڪيل انگريزي ترجمو، جھڙا ٽي اهم ڪتاب ڇاپرايا آهن، شيخ اياز به رسالي جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، اهو به پنھنجي نقطهء نگاهه کان اهم ڪم آهي.

شاهه عبداللطيف جي شارحن ۾ سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مرحوم اڪرم انصاريءَ به سندس پيغام کي سليس طريقي سان سمجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ وٽ هاڻي شاهه عبداللطيف تي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز ڇپائي لاءِ موجود آهي، جيڪا ڊاڪٽر درِشھوار سيد انڊنبرا يونيورسٽي برطانيه ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ واسطي پيش ڪئي هئي. سنڌ جي هي پھرين نياڻي آهي، جنھن کي اهو وڏو اعزاز حاصل ٿيو آهي. ڊاڪٽر درِشھوار سيد ڪوشش ڪري سنڌي دل ۽ دماغ کي استعمال ڪري شاهه عبداللطيف جي الھامي ڪلام سان لاڳاپيل بھترين ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. هن انھن ٽن ڪُنڊن کي به ڦولھيو آهي، جتي اڳي ڪنھن ماڻھوءَ جو پاڇو به ڪونه پھتو هو، جتي شايد سنڌي ڀاشا جي انھن امر ٻولن جو جيوت جهرڻو هو، جنھن لاءِ لاکيڻو لطيف پنھنجن الھامي اکرن ۾ فرمائي ٿو:

ڪوهه ٿو ڪاڳرُ ڪورئين؟ ويٺو وڃائين مَسُ،

ڏور تئائين ڏِسُ، اکر جئِائِين جُڙيا.


 

(1) ڪتاب جو پورو نالو ‘The Life  Religion and Poetry of Shah Latif, The greatest Poet of Sind’آهي. (آ.ق)

(1) ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻي، جيئن ته ان وقت بمبئي سرڪار جو سنڌي ٽرانسليٽر هو. ان حيثيت ۾ تيار ڪيل شاهه جو رسالو 1900ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان شايع ٿيو هو. اُن نسبت سان، سندس شاهه جي رسالي کي هيٺين ٽن حوالن سان محققن ياد ڪيو آهي.

* 1900ع وارو ڇاپو

* سرڪاري ڇاپو

* شوقيرام وارو ڇاپو (آ.ق)

(2) ايڇ.ٽي سورلي جي لکيل ڪتاب جو پورو نالو ”Shah Abdul Latif of Bhit: His Potry, Life and Times“ آهي، جيڪو 1940ع ۾ آڪسفورڊ پريس مان شايع ٿيو هو. ان ۾ ڪٿي به هُن اهو اشارو ڪونه ڪيو آهي ته، هي ڪتاب Ph.D  جي ٿيسز طور لکيو آهي. پر خبر ناهي ڪيئن اها ڳالھه مشھور ڪئي وئي ته سندس اهو ڪتاب Ph.D جي ٿيسز آهي.  (آ.ق)

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

 

 

 

’درستي‘ يا ’درستگي‘ جي ترجيحي صورت جو جائزو

 

·       مسئلي جو بيان (Statement of Problem)

سنڌي صورتخطيءَ جي معاملي ۾ ڪافي ڪم ٿيو آهي، پر پوءِ به اوچتو اهڙا معاملا اڳيان اچي ويندا آهن، جن تي تڪڙ ۾ ڪا راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي. ان جو اهم سبب ته پنھنجي پاران راءِ ڏيڻ جي حيثيت ذاتي ٿي وڃي ٿي. اهو اسان وٽ رواج عام آهي ته راءِ ڏئي ڇڏبي، پوءِ ان جي رد ۾ ڪوبه جواز قبول ڪرڻو ناهي. حقيقت ۾ صورتخطيءَ جي معاملن تي اصولي طور اڀياس ڪيو ويندو آهي. ان اڀياس جي نتيجي ۾ جيڪو نتيجو نڪري، ان کي ئي قبول ڪرڻ لاءِ گنجائش پيدا ٿيندي آهي. اهو ئي ڍنگ مناسب آهي ۽ هجڻ گهرجي.

تازو، پير آف هالاڻي سيد وسيم مقبول شاهه، مون کان هڪ سوال ڪيو ته ’اوهان جي تازين لکڻين ۾ ’درستي‘ لفظ ڪم آندو وڃي ٿو، جڏهن ته اوهان جي ٿيسز ۾ ’درستگي‘ لفظ ڪم آندو ويو آهي. لفظ جي ڪھڙي راجح صورت، مناسب رهندي ۽ ڇو؟‘

بيشڪ مون ٿيسز ۾ اڳ ’درستگي‘ لفظ ڪم آندو (جوکيو: 2017 :46 ۽ 106)، ان بعد ’درستي‘ لفظ ڪم پئي آندم. سيد وسيم شاهه کي جواب ڏيڻ لاءِ ڪو مناسب جواز هجي، سو مون وٽ ڪونه هو. البت، مون کيس ٻڌايو ته ’اهو لفظ ’درستي‘ ڪم آڻڻ لاءِ مون کي شوڪت چاچڙ (سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي ملازم) راءِ ڏني هئي.‘ ڳالھه ڪري ته ويُم، پر سيد وسيم شاهه جي سوال مون کي پريشان ضرور ڪيو. نيٺ، ڪو دڳ ڳولھڻ لاءِ، ان تي پيپر لکڻ جي ڪوشش ڪيم ته جيئن معاملو صاف سڌو ٿي بيھي.

ٻولي وهندڙ درياهُه آهي، جنھن کي روڪڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھه ناهي. ان لاءِ جن به ڌارين ٻولين جا لفظ، ڪنھن ٻوليءَ ۾ داخل ٿيندا آهن ته ان کي روڪڻ ڏکيو ته ڇا، ممڪن ئي نه هوندو آهي. دراصل، اها ٻوليءَ جي وسعت ليکي ويندي آهي، پر ڪن نج نڀار ٻوليءَ جو جذبو رکندڙ ماڻھن کي اها ڳالھه اڻ وڻندڙ به لڳندي آهي. ٻولي پنھنجي قاعدي مطابق  ڌاريا لفظ کڻندي آهي، ولوڙي ولوڙي، صاف ڪري به کڻندي آهي. ان کان سواءِ اهڙيون صورتون  به هونديون آهن، جن کي جيئن جو تيئن قبول به ڪري وٺندي آهي. ڪافي اهڙا لفظ آهن، جيڪي تبديل ڪرڻ کان سواءِ ئي، سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا پڙهيا ۽ ڪم آندا ويندا آهن. واو اشمام/ معدوله پٽاندر فارسي لفظ، ’خوش، خواب، خواهش، خواه مخواه، خويش وغيره‘ ۾ ’و‘ نه پڙهيو يا اچاريو ويندو آهي، پر لکڻ ۾ اچي ٿو. اصولي طور اهي لفظ ترتيبوار ’خُش‘، ’خابُ‘، ’خاهِش‘، ’خام خاه‘، ’خيش‘ جي اچار سان مستعمل آهن، پر اسان وٽ اهڙن لفظن ۾ ڪم ايندڙ ’خ‘ کي اعراب به ڏئي وٺندا آهن، جيڪا اصولي طور نامناسب آهي. (جوکيو، 2018: 57- 74) هاڻي سنڌي صورتخطيءَ نسبت، اهڙن لفظن کي اعراب ڏجي يا نه ڏجي؟ ظاهر آهي ته اهڙن معاملن جو اڀياس ان ٻوليءَ جي اصولن تحت ئي ڪبو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ’واو اشمام‘ اچارڻو به ناهي ته پوءِ کيس اهڙن لفظن ۾ رکڻ جو ڪھڙو سبب ٿي سگهي ٿو! اهڙو مسئلو، عربي اِملا نسبت، ’واؤ تفريق‘ جو به آهي، جيڪو ’عمرو بن عاص‘ يا ’عمرو بن عبدوَد‘ ۾ هوندو ته آهي. پر، ڪنھن به طرح، اچار ۾ نه ايندو آهي. اهڙن نالن جو اچار ’عَمر بن عاص‘ ۽ ’عَمر بن عبدوَد‘ ورتو ويندو آهي. (جوکيو، 2017: 40) انگريزي لکت ۾ به اهڙا معاملا آهن، جو اهي به ڌارين ٻولين جي لفظن جي لکت (night- knight)، اچار جي بنياد تي، گهڻي ڀاڱي نه مٽائيندا آهن.

فارسي ٻوليءَ ۾ اڪثر صفت جي لفظن ۾ ’اِي‘ جي پڇاڙي لڳائي، اسم ذات (ڪم، حالت ۽ خاصيت) جوڙڻ واري ڪار عام آهي، جيئن: ’خوش- خوشي‘، ’سرد- سردي‘، ’گرم- گرمي‘، ’شاد- شادي‘، شناخت- شناختي وغيره. ڪي لفظ وري اهڙا به ٿيندا آهن، جن جي آخر ۾ ’گِي‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي، جيئن: آوارگي، ديوانگي، روانگي  وغيره. هتي فارسي لفظ ’درستي‘ يا ’درستگي‘ جي مرجح صورت کي ڏسڻو آهي. جڏهن ته اهي ٻئي لفظ لکت جي صورت ۾ ملن ٿا.

·       جائزي جو عمل (Process of Review)

ساڳيو لفظ، مختلف صورتن ۾، ۽ مختلف اصولن تحت لکيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪنھن به لفظ کي غلط قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. البت، مختلف اصولن تحت جاچڻ کان پوءِ ڪنھن مناسب اصول کي ترجيح ڏبي آهي. گهڻي ڀاڱي جنھن ٻوليءَ جو لفظ کڻبو آهي ته ان ٻوليءَ جي اصولن کي نظر ۾ ضرور رکبو آهي. ڌارين ٻولين جي لفظن جي ترجيحي صورت متعين ڪرڻ لاءِ به لازمي آهي ته انھن ٻولين جي صرفي اصولن کان بنيادي ڄاڻ هجي! هتي ’موجوده- موجودگي‘ ۽  ’پريشان- پريشاني‘ جھڙي بيھڪ سان ’درستي ۽ درستگي‘ لفظ جي ترجيحي صورت کي جاچڻو آهي. پھرئين لفظ ’موجوده‘ ۾ ’مختفي ه‘ کي هٽائي، ’گي‘ جي پڇاڙي لڳائي، ’موجودگي‘ ڪم آندو ويو آهي، جڏهن ته اهو لفظ، بنيادي طور عربي آهي. ان کان سواءِ ’پريشان‘ ۾ اضافي ’اِي‘ جي پڇاڙي لڳائي، ’پريشاني‘ ڪيو ويو آهي. هتي ڏسڻو اهو آهي ته ’درست‘ ۾ ’مختفي ه‘ ڪونھي، ان صورت ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ’ان صفت واري لفظ جي اسم واري صورت ’درستي‘ ٿيندي يا ’درستگي‘ ٿيندي؟‘ مونجهارو ان سبب ٿئي ٿو ته ’ادا‘ جي عام صورت ’ادائگي‘ به ڪم اچي ٿي. اهڙن لفظن کان سواءِ سنڌي دفتري ٻوليءَ ۾ ’حوالگي‘ به ڪم اچي ٿو، جيڪو اصل لفظ ته عربي آهي، ليڪن فارسي پڇاڙي ’گي‘ ملائي، ڪم آندو ٿو وڃي. صورتخطيءَ نسبت،  هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’مختفي ه‘ جون ٽي شڪليون آهن: ’ه، ـہ ۽ ـه‘، جيئن: ’موجوده- هميشہ ۽  شازيه‘. هيٺ چند لفظ جائزي خاطر رکجن ٿا:

·       ’مختفي ه‘ وارن لفظن جو ’گي‘ پڇاڙيءَ وارن لفظن ۾ تبدّل

ڏٺو وڃي ته فارسيءَ جو هڪ عام اصول آهي ته جيڪڏهن ڪنھن صفت جو آخري اکر ’مختفي ه‘ هجي ته ان جو اسم  ذات بڻائڻ لاءِ ’مختفي ه‘ کي هٽائي، ان بدران ’گي‘ جي پڇاڙي لڳائي وڃي، جيئن:

صفت/ ظرف

سنڌي صورت

اسم حالت/ خاصيت

افسرده

افسردو

افسردِگي

انديشہ

انديشو

انديشِگي

آراسته

...

آراستِگي

آزموده

آزمودو

آزمودِگي

آسوده

آسودو

آسودِگي

آلوده

آلودو

آلودگي

آماده

آمادو

آمادگي

آواره

آوارو

آوارگي

آهسته

آهستي

آهستگي

بدمزه

...

بدمزگي

برجسته

برجستو

برجستگي

بسته

بستو

بستگي

بنده

بندو

بندگي

بنديده

...

بنديدگي

بوسيده

بوسيدو

بوسيدگي

بيچاره

بيچارو/ ويچارو

بيچارگي

بيگانه

بيگانو

بيگانگي

پاشيده

...

پاشيدگي

پائنده

...

پائندگي

پخته

پختو

پختگي

پرده

پردو

پردگي

پروانه

پروانو

پروانگي

پسمانده

پسماندو

پسماندگي

پسنديده

پسنديدو

پسنديدگي

پوشيده

پوشيدو

پوشيدگي

پيچيده

پيچيدو

پيچيدگي

پيشه

پيشو

پيشِگي

پيوسته

...

پيوستِگي

ترسيده

...

ترسيدِگي

تشنه

...

تشنگي

حواله

حوالي

حوالگي

خانه

خانو

خانِگي

خسته

خستو

خستگي

خوانده

خواندو

خواندِگي

دانسته

دانستو

دانستگي

درنده

درندو

درندگي

دلداده

دلدادو

دلدادگي

ديوانه

ديوانو

ديوانِگي

رسيده

...

رسيدگي

رفته

...

رفتِگي

روانه

روانو

روانِگي

زنده

...

زندگي

ساخته

ساخت

ساختِگي

ساده

سادو

سادِگي

سپرده

سپرد

سپردگي

سنجيده

سنجيدو

سنجيدِگي

شائسته

شائستو

شائستگي

شرمنده

شرمندو

شرمندگي

شڪسته

شڪستو

شڪستگي

شگفته

شگفتو

شگفتگي

عمده

عمدو

عمدگي

غُنوده

...

غنودگي

ڪشاده

ڪشادو

ڪشادگي

ڪشيده

...

ڪشيدگي

ڪمينه

ڪمينو

ڪمينگي

گمشده

...

گمشدگي

گنده

گندو

گندگي

مردانه

مردانو

مردانگي

نمائنده

نمائندو

نمائندگي

وابسته

وابستا

وابستگي

هميشہ

هميشہ

هميشگي

يگانه

يگانو

يگانگي

ياد رهي ته اهڙا عربي- فارسي لفظ جن جي آخر ۾ ’مختفي ه‘ هوندي آهي ته انھن جي، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي صورت پٽاندر، تبديلي حرف علت (ا، و ۽ ي) سان ٿيندي آهي؛ پر بنيادي تبديلي، گهڻي ڀاڱي، ’و‘ (مذڪر واحد) سان ٿئي ٿي، جيئن: يگانه- يگانو.

مٿي ڄاڻايل لفظن مان اهو اصول سامھون آيو آهي ته صفت يا ظرف طور ڪم ايندڙ لفظ جي آخر ۾ ’مختفي ه‘  ڪم آئي هجي ته ان  کي هٽائي، ’گي‘ پڇاڙي لڳائڻ سان اسم جڙندو. اهي اسم، سنڌي اسم جي قسم موجب ’اسم ذات‘ ۾ شمار ٿين ٿا. يعني اسم عام يا خاص (ساهوارو، شيءِ ۽ جاءِ) ۾ اهڙن لفظن وارو اصول لاڳو نه ٿيندو، جيئن: ’غزاله- غزالگي‘، ’ڪوزه – ڪوزگي‘، دسته- دستگي‘، ’نامه- نامگي‘، ’پاره- پارگي‘، ’ڪارخانه- ڪارخانگي‘، ’ڪمره (اصل ڪمرا)- ڪمرگي‘، ’غباره (اصل غبارا)- غبارگي‘، ’پنجره (اصل پنجرا)- پنجرگي‘ وغيره. يعني ڄاڻايل لفظ اسم ذات ۾ شمار نه ٿا ٿين، ان لاءِ ’گي‘ پڇاڙيءَ وارو اصول انھن لفظن سان لاڳو نه رهندو.

لفظ جي صورت ۾ موجود ’مختفي ه‘

اهڙا لفظ جن ۾ ’مختفي ه‘، لفظ جي صورت ۾ ئي موجود هوندي آهي ته اها تبديل نه ٿيندي،  ڇاڪاڻ ته اهڙن لفظن ۾ اها ’مختفي ه‘ لاحقي/ پڇاڙيءَ (suffix) جي صورت نه هوندي آهي. اهڙن لفظن ۾ اسم بڻائڻ لاءِ ’اِي‘ جي پڇاڙي ئي لڳندي آهي، جيئن:

لفظ

’اِي‘ پڇاڙيءَ سان اسم

آگاه

آگاهي

پرواه

پرواهي

پناه

پناهي

تباه

تباهي

خواه

خواهي

راه

راهي

سپاه

سپاهي

سياه

سياهي

گناه

گناهي

نگاه

نگاهي

ياد رهي ته هر ڪنھن ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ به ٿيندا آهن، جيڪي قائم ڪيل يا طئي ڪيل اصولن کان هٽي ڪري به استعمال ۾ ايندا آهن، جيئن: ادا = ادائگي، خفا = خفگي وغيره. 

·       لفظ جي پڇاڙي ’گي‘ بدران ’اِي‘ لڳندڙ

مٿين لفظن کان سواءِ، جن لفظن ۾ ’مختفي ه‘ کان سواءِ، ڪو ٻيو اکر/ وينجن آواز هوندو آهي ته ان صورت ۾ ان لفظ کان پوءِ ’اِي‘ جو اضافو ڪيو ويندو آهي، جيئن:

صفت

اسم ذات (حالت/ خاصيت)

انديش

انديشي

آزاد

آزادي

بد پرهيز

بد پرهيزي

بدبخت

بدبختي

برتر

برتري

بي رنگ

بي رنگي

بيخود

بيخودي

پرهيزگار

پرهيزگاري

پريشان

پريشاني

توانا

توانائي

حيران

حيراني

خاموش

خاموشي

خوش مزاج

خوش مزاجي

دانا

دانائي

درست

درستي

دلير

دليري

دوست

دوستي

روغن

روغني

سربلند

سربلندي

شناخت

شناختي

ڪمزور

ڪمزوري

نابود

نابودي

نادار

ناداري

ناراض

ناراضي

ناڪام

ناڪامي

نگران

نگراني

 اهڙا لفظ جن ۾ ’مختفي ه‘ لڳائي ڪم آندي وئي هجي، ان صورت ۾ اها هٽائي، ’گي‘ لڳائي سگهجي ٿي، جيئن: ’شناخت‘ لفظ ۾ اضافي ’مختفي ه‘  لڳائي ويندي آهي، ان صورت ۾ ’شناختگي‘ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر فارسي معياري ٻوليءَ نسبت، ’شناختي‘ کي ترجيح ڏني ويندي آهي.  اهڙي صورت ۾ اهو اصول به بيھي ٿو ته مصدر مان ’ن‘ ڪڍي، ’مختفي ه‘ لڳي ٿي ته ’گي‘ پڇاڙي نه لڳندي. البت، ’پريشان‘ مان ’پريشانه‘، ’ناراض‘ مان ’ناراضه‘، ’حيران‘ مان ’حيرانه‘، ’درست‘ مان ’درسته‘ استعمال نه ٿو ٿئي، ان صورت ۾ ’گي‘ نه بلڪ ’اِي‘ پڇاڙي لڳندي. ساڳئي وقت، سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي لفظ به ان اصول تحت کنيا ويندا آهن، جيئن:

صفت

اسم ذات

صابر

صابري

غريب

غريبي

غلام

غلامي

فقير

فقيري

ڪريم

ڪريمي

مجاهد

مجاهدي

·                   عربي- فارسي لفظن جي فارسي نما، سنڌي صورت

برصغير ۾ سنڌي ٻولي، اها پھرِين ٻولي آهي، جنھن سڀ کان پھرين عربي ۽ فارسي ٻولين جي لفظن جو اثر قبول ڪيو. ان لحاظ کان لفظن ۾ فارسي ’گي‘ پڇاڙيءَ واري علت ڄڻ ته عام ٿي وئي. اهڙا عربي لفظ، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا ويا، انھن ۾ به فارسي ’گي‘ پڇاڙيءَ جو استعمال ٿيڻ لڳو. جيئن ته ٻولي، عام ماڻھوءَ جي عام استعمال کي اهميت ڏيڻ لڳي، ان ڪارڻ اهڙا ڪافي لفظ ڄڻ سنڌي ٻوليءَ  ۾ ڪم آندا ويا. مثال طور، ’حواله- حوالي ڪرڻ‘ عربي لفظ جو بنياد آهي، ان مان سنڌي دفتري ٻولي پٽاندر ، خاص طور، پوليس يا ڪورٽ ڪچھريءَ ۾ حوالي ڪرڻ واري حالت لاءِ ’حوالگي‘ ڪم آندو ويو. فارسي ٻوليءَ نسبت ته ان کي ’غلط العام‘ ڪوٺيو ويندو هوندو، پر سنڌي ٻوليءَ ڪافي اهڙا لفظ پنھنجي هنج ۾ سمائيندي وئي. اهڙا چند لفظ هتي ڄاڻائجن ٿا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ نسبت استعمال ٿيا آهن:

 

عربي- فارسي لفظ

سنڌي صورت ۾ اسم

ادا

ادائگي

بدبخت

بدبختگي

بيھوش

بيھوشگي

حيران

حيرانگي

درست

درستگي

سبقت

سبقتگي

سرمه

سرمگي

ضابطه

ضابطگي

علحده

علحدگي

فوت

فوتگي

لاچار

لاچارگي

موجوده

موجودگي

نااهل

نااهلي

ناراض

ناراضگي

نامزده

نامزدگي/ نامزدي

نغمه

نغمگي

لفظ ’ادا‘ اصول پٽاندر ’ادائي‘ ٿئي ٿو، پر عام ٻوليءَ ۾ ’ادائگي‘ ڪم آندو ويندو آهي.

·       مصدر مان ’ن‘ هٽائي، ’مختفي ه‘ سان اسم مفعول بڻائڻ

’مختفي ه‘ پڇاڙيءَ وارا اهڙا لفظ به ٿيندا آهن، جيڪي ڪنھن مصدر کي ماضيءَ جو اسم مفعول بڻائڻ لاءِ ’ن‘ هٽائي، ’مختفي ه‘ لڳائي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾، ’مختفي ه‘ هٽائي، ’گي‘ پڇاڙي نه ٿي لڳائجي، جيئن:

مصدر

ماضيءَ جو اسم مفعول

برداشتن

برداشته

زادن

زاده

شناختن

شناخته

نوشتن

نوشته

 

·       حاصل مطلب

ان پوري اڀياس جو حاصل مطلب ’درستي‘ يا ’درستگي‘ جي مرجح صورت معلوم ڪرڻ رهيو. ڏٺو وڃي ته ٻنھي صوررتن جو استعمال ملي ٿو. جان پليٽس جي اردو، ڪلاسيڪل هندي ۽ انگريزي لغت ۾ به اهو لفظ ٻنھي صورتن ۾ ملي ٿو، پر ’درستي‘ واري صورت کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي آهي، جيئن:

·        درستگيdurustagī, s.f. Soundness; healthiness; fitness, etc. (=durustī, which is the more com. form).

·       درستي durustī (fr. durust), s.f. Rectitude; fitness, propriety; justness; exactness, correctness, accuracy; soundness; healthiness; straightness; arrangement, adjustment   amendment, correction; reformation, reform.   (Platts, 2003: 512)

ساڳيو لفظ جڏهن ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڏسجي ٿو ته ان ۾ صرف ’درستي‘ ڏنل آهي، جيڪو هن ريت ڏنل آهي:

·       دُرُستِي جمع دُرُستِيُون. ث. سڌائي ، برابري ، سچائي ، راستبازي ، صحت ، تصحيح ، اِصلاح ، سَنوار ، ڪاٽ ڪُوٽ ، سڌارو، ترتيب ، ترميم ، مَرَمت ، شايَستگي ، گوشمالي. (بلوچ، 2017: 883)

·       نتيجو

درستي يا درستگي جي راجح صورت لاءِ فارسي لفظن جو جائزو ورتو ويو، مختلف لفظن جي ڇنڊڇاڻ بعد، لفظن جي بيھڪ ۽ لغتن مان معلوم ٿيو ته ’درستي‘ لفظ جي صورت وڌيڪ مناسب آهي. جن فارسي لفظن جون صرفي صورتون جاچيون ويون ۽ جيڪي اصول سامھون رهيا سي هن ريت آهن:

ü   فارسي لفظن جو عام اصول آهي ته جن صفت ياظرف لفظن جي آخر ۾ ’مختفي ه‘ لڳي ٿي، تن کي اسم ذات بڻائڻ لاءِ ’مختفي ه‘ هٽائي، ’گي‘ پڇاڙي لڳائي وڃي ٿي، جيئن: آسوده- آسودگي، آلوده- آلودگي، آهسته- آهستگي، پخته- پختگي وغيره.

ü   اسم عام يا خاص فارسي لفظن ۾ جيڪڏهن ’مختفي ه‘ آهي ته اها تبديل نه ٿي ٿئي، جيئن: ڪوزه- ڪوزگي، دسته- دستگي، ڪارخانه- ڪارخانگي، ڪمره- ڪمرگي وغيره.

ü   جن لفظن جي بنيادي صورت ۾ ’مختفي ه‘ آهي، تن جي ’مختفي ه‘، ’گي‘ ۾ تبديل نه ٿي ٿئي، بلڪ ان سان گڏ ئي ’اِي‘ جي پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: آگاه- آگاهي، سياه- سياهي، سپاه- سپاهي، پناه- پناهي، گناه- گناهي، تباه- تباهي وغيره.

ü   جن لفظن جي آخر ۾ ’مختفي ه‘ کان سواءِ ڪو ٻيو اکر/ وينجن آواز اچي ٿو ته ان صورت ۾، اسم بڻائڻ لاءِ ’گي‘ جي پڇاڙي نه، بلڪ ’اِي‘ جي پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: آزاد- آزادي، پريشان- پريشاني، خاموش- خاموشي، دانا- دانائي، درست- درستي نگران- نگراني وغيره.

ü   فارسي ’گي‘ پڇاڙي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ته جاءِ جوڙي ورتي آهي جو فارسي ته ڇا، بلڪ عربي لفظن ۾ به ’گي‘ لڳائي استعمال ۾ آندو ويو آهي، جيئن: حواله/ حوالي- حوالگي، ادا- ادائگي، ضابطه- ضابطگي، فوت- فوتگي، موجوده- موجودگي وغيره.

ü   مصدرن مان اسم مفعول بڻائڻ لاءِ ’ن‘ هٽائي’مختفي ه‘ لڳائي ويندي آهي، ليڪن اها ’گي‘ سان تبديل نه ٿي ڪئي وڃي، جيئن: شناختن- شناخته، برداشتن- برداشته، زادن- زاده وغيره.

سنڌي ٻوليءَ جي عام استعمال کي ڏسندي ۽ لفظ جي ٻنھي صورتن کي ٻن اهم لغتن مان جاچڻ کان پوءِ اها راءِ جڙي ٿي ته ’درستي‘ يا ’درستگي‘ مان ٻنھي صورتن کي غلط قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. البت، اصولي اڀياس ۽ لغتن مان ترجيحي صورت کي ڳولھڻ کان پوءِ حتمي راءِ اها جڙي ٿي ته ’درستي‘ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

·       حوالا/ ذريعا:

ü   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2018) واؤ اشمام/ معدوله پٽاندر ’خ‘ تي اعراب جو معاملو. ڪلاچي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: محمد سليم ميمڻ. ج (21)، ش (01)، ص: 57- 74.  ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.

ü   بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2017) نئين جامع سنڌي لغات- جلد ٻيو. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

ü   Platts,  John T. [1911] 2003. A Dictionary of Urdu, Classical Hindi and English. Lahore:
Sangemeel Publications

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org