سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

 

 

سونھڻيءَ جي لَٺِ (بُٺي)

 

سنڌ ساڻيھه جي قديم پرڳڻي ٺٽي جو آڳاٽو علائقو ’چليا‘ قديم آثارن ۽ تاريخ جي لحاظ کان هڪ اهڙو علائقو آهي، جنھن جي ٽڪرين جي ڀاڪر ۾ قديم ’جھول ڍنڍ‘ به موجود آهي، ته ڪلريءَ جي پراڻي پيٽ ۾ ’کوهي ڍنڍ‘ به موجود آهي. جتي جھول ڍنڍ ڪناري ڄام تماچيءَ جي ’جهول ماڙي‘ جا آثار به آهن، ته ٻروڙي چاڙهيءَ جي ڏکڻ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان ٽڪريءَ جي ويجهو قديم ڪوٽ ’گل مير‘ جا نشان به موجود آهن. جتي هتان سنڌ جي ڪوهستاني علائقن کان ٿيندو ايران ۽ ٻين ملڪن تائين ويندڙ قديم رستي جا ڦٽل آثار به آهن، ته شاهه لطيف واري پراڻي پيچري جا سَنڌا اڃا به موجود آهن. هن ئي علائقي ۾ موسو اصحابو (اصحابي) ۽ گھراڻو قبرستان به آهي، ته ڄاڃڪي جھڙو قديم قبرستان اڄ به کوڙيل اوچن پٿرن سان موجود آهي. هتي چليا پتڻ جا اهڃاڻ به آهن، ته هالار واري پتڻ جا عجيب نشان به آهن. جتي سٻاجھي سنڌوءَ جي آڳاٽن وهڪرن ڪلري ۽ بگھياڙ جا آثار به موجود آهن ته درياهه بادشاهه جو هاڻوڪو وهڪرو اڄ به وڏي گولائيءَ ۾ ڦرندو ڄڻ ته چليا کي ڀاڪر پائيندو، سمنڊ ڏانھن نڪرندو وڃي ٿو. اُتي سنڌو ڪنڌيءَ سھڻي منظر تي انگريز دور ۾ تعمير ڪرايل اهو ڊاڪ بنگلو (لوڪا بنگلو) به اڃا موجود آهي، جنھن ۾ ڪيترائي وڏا ماڻھو اچي رهندا هئا. لُوڪا بنگلي جي نالي سان مشھور انھيءَ بنگلي ۾ ڪنھن زماني ۾ سائين جي.ايم.سيد به اچي رهندو هو، جنھن جو هن پنھنجي ڪتابن ۾ به ذڪر ڪيو آهي، ته پراڻو ايريگيشن جو اُهو بنگلو به اڃان موجود آهي، جنھن ۾ شيخ اياز ڏينھن جا ڏينھن اچي رهندو هو، جنھن جو ذڪر هن پاڻ به پنھنجي شاعري ۽ نثر ۾ ڏاڍي سھڻي انداز سان ڪيو اٿس. هيءُ علائقو جنھن ۾ قديم ماڳ ساريجِي (مٽيءَ ۾ پوريل ئي سھي) بُٺي به موجود آهي، ته اُتي اُهو پليجاڻو قبرستان به قديم قبرن ۽ ٻين ڪيترن ئي آثارن سميت اڃا موجود آهي.  انھن ۾ سونھڻيءَ جي لٺ (بُٺي/ٽڪري) به هڪ اهم قديم ماڳ آهي. توڙي جو هن ٽڪريءَ تي ۽ ڀر ۾ ٻيا به اهم آثار آهن، پر رڳو سُونھڻيءَ جي لٺ بابت احوال ڏجي ٿو جيئن اصل حقيقت نروار ٿي سگهي. هي لٺ/پٿر سنڌ جي عشقيا داستان سھڻي ميھار سان سلھاڙيل ۽ مشھور آهي.

چليا جي بيهڪ:

هزارين سال آڳاٽا انساني آثار پنھنجي پناهن ۾ سانڍيندڙ ’چليا‘ نيشنل هاءِ.وي تي ٺٽي شھر کان 12 ڪلوميٽر ۽ ڇتي چنڊ کان 4 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. هاڻوڪو چليا بنگلو (بس اسٽاپ) ٺٽي کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ رستو (نيشنل هائي.وي) چليا جي ٽڪريءَ جي وچ مان گذري ٿو. مڪلي ٽڪريءَ جي اوڀر طرف سنڌوءَ جو وهڪرو ڪينجهر کان اڳتي روانو ٿي ڪلريءَ وارو وهڪرو جنھن ٽڪريءَ کي اڌ گولائيءَ کان به وڏو وڪڙ ڪندو (پراڻي دور ۾ سنڌو ٻن وهڪرن ڪلري ۽ هاڻوڪي ساڳئي وڏي وهڪري بگهاڙ ۾ ورهائبو هو) اولھه طرف کان ٿيندو اڳتي ويندو هو، اهو وڏي وڪڙ وارو جابلو علائقو (ٽڪري) چليا آهي.

چليا جو علائقو ڪينجهر ڍنڍ جي اولھه ۾ اُتر اولھه کان اولھه ڏکڻ تائين پکڙيل آهي. چليا جي ڏکڻ طرف کان سنڌو وهي ٿو. اُتر کان ڪينجهر جي ڪنڊ لڳي ٿي،جتان کان ئي ڪراچيءَ لاءِ ويندڙ ڪينجهر-گجو ڪئنال ۽ ڪلري بگهياڙ بئراج ڪڍيا ويا آهن، جيڪي ٻارهو ئي وهندا رهن ٿا.

سھڻيءَ جي لٺ ڪٿي آهي؟

چليا جي ٽڪري جتي درياهه جي وڪڙ ۾ وڃي، اُپ ٻيٽ بلڪِ هڪ پٽيءَ جي شڪل ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ سان لڳي ڇيڙو ڪري ٿي، (جيڪو قديم پتڻ به هو) اُتي ئي ڪجهه ايراضيءَ ۾ بنھه ننڍي اُڀي ٽڪري،جيڪا ديھه لُڪا ۾ آهي. اُن اُڀي ٽڪريءَ تي هڪ اُڀو کوڙيل پٿر آهي جيڪو ”سونھڻيءَ جي لٺ“ نالي سان مشھور آهي.  هيءَ ٽڪري اُتر    24’48’3o.1 N   ۽ 68’ 0’20.68 E   اوڀر ڦاڪ ۾ آهي.

سھڻيءَ جي لٺ تائين وڃڻ لاءِ رستو:

        سھڻيءَ جي لٺ ٺٽي کان حيدرآباد طرف نيشنل هائي وي تي 13 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪرڻ سان (هاڻوڪي) ڪلري بگھياڙ واهه جي پُل اچي ٿي. انھيءَ پُل وٽان بگھياڙ واھه جي کاٻي (اوڀارئين)  ڪپ واري رستي سان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر اڳتي سنڌونديءَ ويجهو سونھڻيءَ جي لٺ واري ٽڪري آهي. بگھياڙ واھه واري پُل جي کاٻي پاسي وارو ڪنارو وٺي اڌ ڪلوميٽر جي پنڌ کانپوءِ هڪ ننڍو رستو (3 ڪلوميٽر فاصلو) اوڀر ڏکڻ طرف نڪري اڳتي ويندو. اهو رستو ڦرندو ڪراچي واهه ۽ آر.بي.او.ڊي جون پُلون (جيڪي گڏ گڏ آهن، پھريائين ڪراچي واهه واري ۽ ٿورو اڳيان آر.بي.او.ڊي واري پل) جيئن ئي لنگھبيون ته ٽڪريءَ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو، اُهو ئي آڳاٽي دور جو چليا پتڻ آهي. پُلون لنگھڻ سان ئي رستي جي ٻنھي طرفن کان ننڍيون پٿريليون ٽڪريون / بُٺيون نظر اينديون. اوڀر واري بُٺيءَ تي قديم قبرستان موجودآهي ۽ اولھه واري بُٺيءَ تي هڪ ڊگھو گهڙيل ۽ لسايل پٿر اڀو لڳل نظر ايندو اُن قديم پٿر کي ئي سونھڻيءَ جي لٺ چيو وڃي ٿو.             

سونھڻي جي لٺ واري بٺيءَ جي ايراضي:

            هن بُٺيءَ جي ايراضي اوڀر کان اولھه اٽڪل 2000 فوٽ ۽ اُتر کان ڏکڻ واري پاسي ڪٿان 100 فوٽ ته ڪٿان گهٽ  ۽ وڌآهي.

سونھڻيءَ جي لٺ واري بٺيءَ جي صورتحال:

بٺيءَ جي مٿاڇري (مختصر ايراضيءَ) تي ڏکڻ اولھه واري ڪنڊ تي هڪ پراڻي  قبر آهي جيڪا فيض شاهه جي چئي وڃي ٿي، پر قبر تي ڪو به ڪتبو وغيره ناهي. هتي جي هڪ جهوني شخص جان محمد جو چوڻ آهي ته هن جي درست نالي جي خبر ناهي. سندس چوڻ آهي ته اڳ ۾ ان قبر کي سونھڻيءَ جي لٺ واري اولياءَ جي قبر چيو ويندو هو، پر پوءِ ڪنھن ماڻھوءَ ٻڌايو کيس خبر پئي آهي، ته ان جو نالو فيض شاهه آهي.(1)  اوڀر واري ڪنڊ تي سونھڻي جي لٺ نالي سان ڄاتو ويندڙ پٿر لڳل آهي جنھن جو ٽُٽي ڪِريل مٿيون ڀاڱو به گڏ سلامت پيل آهي.ٽڪريءَ تي قبر ۽ لڳل پٿر جي وچ وارو ڀاڱو خالي پيل آهي.

        سھڻن منظرن ۾ گھيريل هن بٺيءَ تي جڏهن چڙهي ڏسبو، ته پري پري تائين نظر وڃي ٿي. هتان کان سنڌوءَ جو هاڻوڪو وهڪرو ڏکڻ پاسي کان ڪٿان ڏيڍ ڪلوميٽر ته ڪٿان پر ڀرو ٿي وهي ٿو. هن هنڌ جي اوڀر کان اولھه طرف ويندڙ سنڌوءَ جو سھڻو منظر بِنھه موهي وجهي ٿو. هن ٽڪريءَ جي اوڀر طرف کان لُوڪا ٻيلي(جنھن کي شاهه لوڪو ٻيلو به چئجي ٿو) جا وڏا وڏا وڻ ۽ ڪجهه ڪچي ۾ زرعي آباديون نظر اچن ٿيون.

سونھڻي جي لٺ واري ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ٻن اڍائين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سامھون هڪ ٻي بُٺي/ ٽڪري آهي، جنھن کي ميھار واري بُٺي سڏجي ٿو.ان بُٺيءَ تي پٿر مان گهڙيل هڪ سھڻو ڪونڊو به هو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُن ۾ ميھار جون مينھون چارو کائينديون هُيون.(ٰ2) هتي ڪيترائي سھڻي نموني گهڙيل ۽ چٽساليءَ وارا پٿر قبرن وغيره تي موجود آهن. اهڙيءَ ريت ٻيا به ڪجهه اهڙا نشان آهن جن کي ميھار جي قصي سان ڳنڍيو وڃي ٿو، پر شايد ائين نه آهي. البت اُهي هزارين سال آڳاٽن ماڻھن جا آثار ضرور آهن. ڪجهه پٿرن جي چڪاس مان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي پٿر جي پوئين دور جا آهن.          

سونھڻي جي لٺ جي ماپ ۽ اُن تي اُڪريل نقش:

        سونھڻيءَ جي لٺ واري پٿر جي اُوچائي/ ڊيگهه (زمين جي مٿاڇري کان) ساڍا اٺ فوٽ آهي. ٿي سگهي اهو ٽن کان چئن فوٽن تائين زمين اندر به کُپيل هجي. پٿر چورس ۽ سندس چار ئي پاسا ڏيڍ ڏيڍ فوٽ ويڪرا آهن. پٿر جي مٿئين ڇيڙي ۾ ٻن پاسن کان سورج مکيءَ جا نقش اُڪريل آهن. قديم زماني کان دنيا جي ڪيترن ئي علائقن سميت هند ۽ سنڌ ۾ به سج جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. تنھنڪري هن پٿر جو سنڌ ۾ سج جي پوڄا سان تعلق ضرور آهي. سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي اهڙا آثار اڄ به ملن ٿا. بدقسمتيءَ سان مناسب سار ۽ سنڀال نه هئڻ سبب سونھڻيءَ جي لٺ واري پٿر جو مٿيون حصو (جنھن ۾ سورج مکي اُڪريل آهي) جُهري پٽ تي پيل آهي ۽ وچ مان به پٿر ڪجهه ڀُريل آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ئي ڀاڱي ۾ هڪ کانچو ٺھيل هو جنھن ۾ ڏيئو رکيل هو، اهو ڏيئو شام ويلي ٻاريو ۽ صبح جو وسايو ويندو هو. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان هيٺ ڀڙن ۾ ڪجهه اهڙا پٿر به پيل ڏسجن ٿا، جن تي سھڻي اُڪَر ٿيل آهي.

سونھڻيءَ جي لٺ متعلق روايتون:

روايتن موجب: ”سھڻي ميھار جي قصي جو تعلق هن علائقي (پراڻي چليا) سان آهي.“ اها به روايت آهي ته: ”سھڻيءَ جو ڳوٺ به انھيءَ لٺ واري ٽڪريءَ جي ڀرسان آباد هو. سھڻي اُن پتڻ وٽان اُڪري وڃي پنھنجي محبوب ميھار سان ملندي هُئي. هِن ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ميھار جي نالي سان منسوب اُها ٽڪري به آهي جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اُتي ميھار جو گھر ۽ سندس مينھن جو وٿاڻ هوندو هو. تنھن زماني ۾ انھن ٻنھي ٽڪرين جي وچان درياھه وهندو هو (جنھن جا ڀڏا اڃا به ڏسي سگهجن ٿا). گهڻن جهونن جو چوڻ آهي ته سھڻيءَ جوگهر سونھڻي واري ٽڪريءَ ڀر ۾ ۽ ميھار جو درياء جي ٻئي پار هوندو هو. ان هنڌ وٽان سھڻي گهڙي تي درياھه اُڪري پنھنجي محبوب ميھار سان وڃي ملندي هئي.“  سھڻيءَ جي ٻڏي وڃڻ کانپوءِ ميھار اها ٽڪري وسائي هئي جيڪا هاڻي سندس نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.

چيو وڃي ٿو ته: ”ميھار سان ملڻ لاءِ، سھڻي جڏهن رات جو ڳوٺ مان نڪرندي هئي ته پاڻ سان گڏ جيڪا لٺ کڻي نڪرندي هُئي، ان کي بُٺيءَ تي اُڀي کوڙي پوءِ پار درياهه ڪري، وڃي پنھنجي محبوب ميھار سان ملندي هئي. سھڻي ٻڏڻ واري رات به اها لٺ بُٺيءَ تي کوڙي درياهه ۾ گهڙي هُئي. آخري ڀيري دوکي سان مليل ڪچي گهڙي جي ڪري سھڻي درياهه پار ڪندي وچ سير ۾ ميھار کي پُڪاريندي ٻڏي ويئي. سھڻيءَ جي کوڙيل اها لٺ وَقت گذرڻ سان پٿرائجي(پنڊپھڻ بڻجي) ويئي ۽ هاڻي هن پٿرايل لٺ جي صورت ۾ موجود آهي.(3) پر منھنجي خيال ۾ اها ڳالھه هڪ ڏندڪٿا کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.

سونھڻيءَ جي لٺ جي اصل حقيقت:

آئون ڀانئيان ٿو ته سونھڻيءَ جي لٺ جي باري ۾ جيڪي روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون اُن ۾ ڪا صداقت ناهي، پر منھنجي خيال ۾ سونھڻيءَ جي لٺ جون اصل حقيقتون هي ٿي سگھن ٿيون بلڪ آهن:

هي پٿر ڪنھن شخص پاران جوڙائي اتي لڳايل يادگار پٿر آهي. هن پٿر جي چوٽيءَ ۾ ٻن پاسن کان نقش ڪيل سورج مکيءَ مان اهو به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شايد پٿر ٺھرائيندڙ شخص سج جي پوڄا ڪندڙ فرقي سان تعلق رکندڙ هو. اهو به ممڪن آهي ته اهو پٿر مٿي بيان ڪيل اُن قبر واري شخص جي يادگار طور لڳايو ويو هجي.

 

موريي فقير جي درگاهه ۽ قديم قبرستان

محقق سونھڻي واري ٽڪريءَ تي

سونھڻي جي لٺ واري پٿر جو ٽٽل (زمين تي پيل)

مٿيون ڀاڱو

انگريز دور جو لُوڪا بنگلي جو ڏيک

(ڏکڻ- اوڀر پاسي رڌڻو)

سونھڻي واري لٺ ٽڪريءَ تان سنڌوءَ جي

ڪچي جو ڏيک

سونھڻي جي لٺ وارو (اُڀو) پٿر


 

منھنجي خيال ۾ هيءُ پٿر پتڻ جو ڏس ڏيندڙ (سونھي) اهڃاڻ طور لڳايو ويو آهي. انھيءَ ڪري هن پٿر تي نالو ئي سونھڻي وارو پٿر ۽ پوءِ سونھڻي واري لٺ پئجي ويو. (هتي انھيءَ ڪري ئي سونھڻي لفظ لکيو ويو آهي.) ڇاڪاڻ ته هي اهو علائقو آهي، جنھن هنڌ تي قديم دور ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو گھرو هوندو هو ۽ ايستائين وڏا ٻيڙا به اچي سگهندا هئا. هِي اهو ئي هنڌ آهي جنھن وٽان ڪلريءَ جو وهڪرو بگهاڙ واري وهڪري کان الڳ ٿي اڳتي ويندو هو. هتان ئي پندرهين عيسوي صديءَ ۾ خانواهه (دولھه درياخان جو ٺھرايل) ڪڍيو ويو هو. 

سونھڻيءَ جي لٺ واري ٽڪريءَ جي ڀرپاسي وارا ڪجهه آثار:

(1) هتي ويجهو ئي هڪ آڳاٽي مسجد به آهي جنھن بابت چيو وڃي ٿو ته اها  سھڻيءَ جي زماني جي آهي، جنھن ۾ ’ساهڙ پير‘ نماز پڙهي هئي.

ٽڪريءَ تان پٿر ڪڍي ٺاهيل لوڪا بنگلي جي ديوار

(2) هن ٽڪريءَ جي ويجھو درياھ جي ڪپ تي انگريزن  پاران اڏايل هڪ سھڻو ڊاڪ بنگلو موجود آهي، جيڪو ’لُوڪا بنگلي‘ جي نالي سان مشھور آهي. اُهو بنگلو اڄ (8 فيبروري 2000ع تي) به ٿوري مرمت سان استعمال جوڳو آهي.

(3) لُوڪا بنگلي جي ڏکڻ اولھه واري پاسي ڪنھن پراڻي وستيءَ جا گهڻي علائقي ۾ آثار (پٿر، ٺڪراٺو وغيره) پکڙيل موجود آهن. هن ٽڪريءَ جي آسپاس ۾ برساتن ۽ تيز هوائون لڳڻ جي ڪري پراڻا سِڪا وغيره ظاهر ٿي پوندا آهن. انھن مان ڪجهه سڪا اسان کي به ڏيکاريا ويا، پر گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري، انھن تي هاڻي ڪو به نشان نه رهيو آهي، جيڪو پڙهي، ڏسي ۽ ڪنھن زماني جو ڪو اندازو ڪري سگهجي. ساريجي بُٺيءَ جي رهواسي محمد آدم ميربحر جو چوڻ آهي، ته هتان کين ڪيتريون ئي قديم شيون ملنديون رهن ٿيون.

(4) هن ئي ٽڪريءَ سان لڳ لُوڪا نالي ٻيلو ۽ هڪ قديم ڳوٺ به آباد آهي.

(5) ٽڪريءَ جي اتر اولھه ۾ اڍائي ڪلوميٽرن تي قديم ڳوٺ چليا آهي. هتي ڪلھوڙن ۽ پوءِ هندو سنڌين پاران ڇڏيل آڳاٽين جاين جا آثار اڄ به چٽي نموني ڏسي سگھجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر محسن عباسي ۽  خاموش عباسي جو اصل ڳوٺ به اهو ئي چليا آهي.

(6) ٽڪريءَ جي ڏکڻ اولھه واري ڪنڊ طرف ٽن ڪلوميٽرن تي قديم آثارن وارو ماڳ ساريجي بُٺي/ ٽڪري آهي.

(7) هن ٽڪريءَ جي اُتر طرف اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي ڄاڃڪو قبرستان آهي.

(8) اُتر طرف ستن ڪلوميٽرن تي جهول ڍنڍ ۽ ڄام تماچيءَ جي جهول ماڙيءَ جا آثار پڻ موجود آهن.

(9) ٽڪريءَ جي اوڀر طرف اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي قديم ’ڪوٽ مير گل‘ جا آثار آهن.

(10) اوڀر طرف قديم قبرستان پليجاڻو آهي، جنھن جي ويجهو ٽڪريءَ تي ڪجهه اهڙيون قديم قبرون به آهن، جيڪي سڪندر اعظم جي دور جون چيون وڃن ٿيون. ٽڪريءَ جي ويجهو ٻيا به ڪيترائي قديم آثار اڄ به موجود آهن.  

حوالا ۽ حاشيا:

 1. زباني روايت: محمد آدم ميربحر، عمر 60 ورهيه، بتاريخ 21 جولاءِ 1987ع .

 2. زباني روايت: جان محمد خاصخيلي (لُوڪا بنگلي جو چوڪيدار) عمر 57 سال، بتاريخ 8 آگسٽ 1992ع .

3. زباني روايت:  علي محمد ملاح، عمر 50 سال بتاريخ 8 فيبروري 2000ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org