|
متفرقه

(جنم: 1945ع- وفات: 2020ع)
اڄڪلھه مُھاڳ لکڻ جا ٻه ئي مروج طريقا آهن.
هڪڙو طريقو اهو آهي ته پھرين ’خاڪي‘ جي فن جي
تاريخ عيسوي ۽ هجري سنن مطابق بيان ڪجي، مڪليءَ جي
ڪنھن قبر جي ڪتبي جي صحيح پڙهڻي ڏيئي، اُن کي دنيا
جو شروعاتي خاڪو ثابت ڪجي. بعد ۾ وقت جي کاڌل
انگريزي نقادن جون خاڪي جي باري ۾ بيان ڪيل
تعريفون بيان ڪري، انھن مان ڪن کي ’پٿر تي ليڪو‘ ۽
ڪن کي ’پاڻيءَ تي ليڪو‘ ائين ثابت ڪجي، جيئن
پنھنجي لکڻيءَ کي ’هيري تي ليڪو‘ سمجهيو وڃي. خاڪي
جي آخر ۾ پنجاهه سئو ڪتابن جي فھرست به ڏجي ته
جيئن اڻ پڙهيلن جي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ کي ’پڙهيل‘
چورائي رعب ڄمائي سگهجي.
ٻيو طريقو اهو آهي ته بجاءِ ’خاڪي‘ جي فن کي ڇُھڻ
جي، چند پيٽنٽ جملا، ڪجهه سنڌي ادب ۾ بار بار
ورجايل سٽون، ڪجهه هنديءَ ۽ انگريزيءَ جا ظاهري
طور تي رعبدار لفظ (جيڪي لکڻ واري جي انٽليڪچوئل
هئڻ جا ثبوت پيش ڪري سگهن). ٽنبي اهڙيءَ طرح لکجن
جو مٿان کان هيٺ پڙهه يا هيٺان کان مٿي پڙهه ته به
معنيٰ نه نڪري ۽ رڳو رعب وهي- موضوع سان ٻڌل هئڻ
جي ڪابه ضرورت نه آهي، بلڪه هرڪو پڙهندڙ پنھنجي
الڳ معنيٰ ڪڍي ته ڀلي ڪڍي. لکيل ڳالھه وڌيڪ
فنڪارانه تڏهن ليکبي، جڏهن ان کي هڪڙو ’صابڻ ٺاهڻ
جا طريقا‘ سمجهي ۽ ٻيو ان کي
Existentialism
جو ڪو لڪل فلسفيانه رُخ سمجهي. مون کي انھن ٻنھي
مروج نسخن کان ڊپ ٿو ٿئي.
ڇو ته مون کي نه ’پوڙهو کک‘ سڏائڻ جو شوق آهي ۽ نه
’ڪالھوڪو ٽَرو ڇورو‘ سڏائڻ جو. مون کي ’عبدالقادر
جوڻيجو‘ سڏائڻ جو شوق آهي، ڇو ته آءٌ اهوئي آهيان.
مون کي ڪپڙن ۽ جوتن بدلائڻ جو شوق نه آهي (ڇاڪاڻ
ته ايترا ڏوڪڙ نه آهن). البت ضرور شوق اٿم ته
افسانا لکي لکي ڪڪ ٿيس، تڌهن ناول لکڻ شروع ڪيم.
جڏهن ناول لکي لکي ڪڪ ٿيس تڏهن ڊراما لکڻ شروع
ڪيم.
ڊراما لکي لکي ڪڪ ٿيو آهيان، تڏهن هي خاڪا لکيا
اٿم. جڏهن انھن مان ڪڪ ٿيندس تڏهن شايد سوشالاجيءَ
جي ڪنھن موضوع تي ريسرچ ڪندس. انھي صنفن ۾ ’ڊراما
ته ياعمر ڇڏي ڪونه سگهندس، جو انھيءَ شيءِ جا ڏوڪڙ
ملن ٿا ۽ آءٌ سخت لالچي ماڻھو آهيان، ڇاڪاڻ ته هڪ
’ديوي‘ قبضي ۾ اٿم ۽ انھيءَ ديويءَ ٻه ٻار منھنجي
هنج ۾ اُڇلائي ڇڏيا آهن.
جڏهن خاڪا لکڻ جو ارادو ڪيم ۽ چئن چڱن کان صلاح
سُولي به ورتم ته پتو پيو ته جيترا مُنھن اوتريون
ڳالھيون. ڪن يارن جو خيال هو ته جيئن ٻي سوسائٽي
هلي ٿي، تيئن آءٌ لکان يعني بزرگن ۽ سينئرن لاءِ
عزت ۽ احترام جو جذبو ۽ هڪ جيڏن ۽ ننڍن لاءِ
مشفقانه محبت، ڪن يارن جو وري اهو خيال هو ته جيڪو
خراب ماڻھو آهي انھيءَ کي خراب ڪري لک، جيڪو سٺو
ماڻھو آهي ان لاءِ سٺو لک ۽ سندن نظر ۾ خراب اهو
آهي، جنھن کي هو پاڻ خراب سمجهندا هجن يا کين اهو
ماڻھو خراب سمجهندو هجي ۽ اهڙيءَ طرح سٺا به ماڻھو
اُهي آهن، جن کي هو پاڻ سٺو سمجهندا هجن. ڪن يارن
وري ’غير جانبداري‘ سان لکڻ جي صلاح ڏني ۽ انھيءَ
’غير جانبداريءَ‘ جي معنيٰ اڄ تائين سمجهي نه
سگهيو آهيان، غير جانبدار ته صرف پٿر ٿيندا آهن.
عبدالقادر جوڻيجو
ڪتاب: ”شڪليون“، ڇاپو پھريون، 1979ع،
نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد
3 کان 5، مھاڳ تان ورتل
مخدوم امير احمد
مترجم: ميرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي

مغربي پاڪستان جي وحدت
ثقافت ۽ تمدن جي معنيٰ آهي، ”ذهني، فڪري قابليت،
پاڪيزگي ۽ نزاڪتِ ذوق سان گڏ معاشره اِنساني يعني
ماڻھن جو پاڻ ۾ گڏجي رهڻ جي خاص طرز ۽ خاص ڍنگ تي
وڌائڻ ۽ ترقيءَ تي رسائڻ.“ هن ۾ ڪوبه شڪ شبو نه
آهي ته هن مفھوم ۾ اسلام جي پوري ثقافت ۽ تمدن
آهي، ڇاڪاڻ ته هو انساني معاشري کي جھڙي طرح سان
منظم ڪري ٿو ۽ اصول فرق ۽ تميز ۽ تقسيمِ عمل جو
ارتقا ۽ ذهني نظم، ترتيب ۽ توسيع جو هڪ اهڙو عجيب
۽ خاص قالب رکي ٿو، جو انسان کي ترقي جي طرف نه
رڳو وٺي وڃڻ وارو آهي، بلڪه ترقيءَ تي اُڀارڻ وارو
به آهي.
اُن جون حدون هن قسم جي ذهني ۽ فڪري ارتقاء تائين
محدود نه آهن.
هُو ته انساني معاشري جي اخلاقي ۽ دنياوي ڪم ڪرڻ
وارن تي به اثر انداز ٿئي ٿو. هن کان سواءِ حياتي
کان پوءِ موت جو ۽ انسان ۽ خدا جي باهمي لاڳاپي جو
تصور به اسلام رکي ٿو.
اسلام کان اڳ عالمِ انساني تي هڪ اهڙو دور به آيو
هو، جو دين ۽ ثقافت جي ازلي ۽ اَبدي برتري برباد
ٿي چڪي هئي. انسانن هڪ خدا جي عبادت ترڪ ڪري
بيشمار ڪُوڙن خدائن کي پنھنجو قبلهء
مقصود بنايو هو. نيڪي ۽ پرهيزگاري جي جاءِ تي مال
و زر جي وسعت ۽ عظمت جو اعتبار قائم ٿي چڪو هو. ڪن
ماڻھن ظلم ۽ جبر يا عياري سان ڪم وٺي بي علم جاهلن
۽ ضعيف ماڻھن کي پنھنجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي
ذليل ۽ خوار خراب ڪري رهيا هئا. ظلم ۽ دشمني ڪرڻ
انھن جو عام رواج هوندو هو. قومون ۽ ڪٽنبن جي فرق
۽ انساني گروهن جي اعليٰ ۽ نيچ سان انساني نسل جي
اتحاد ۽ انسانيت جي شرف کي نيست ۽ نابود ڪري چڪيون
هيون. بدڪاري، جوئا ۽ شراب، ماءُ جي کير وانگر
حلال سمجهيو ويو ٿي، مطلب ته سچائي جي کيتي برباد
ٿي وئي هئي ۽ ڪوڙ جا فصل سرسبز ٿي رهيا هئا. تڏهن
سنتِ الٰهي جي مطابق حق جي غيرت ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽
الله تعاليٰ پنھنجن بندن کي از سرِ نو راه راست تي
آڻڻ لاءِ پنھنجي پيغمبر کي مبعوث ڪيو جنھن معجزانه
طريقي سان انساني اعمالن ۾ هڪ عام انقلاب پيدا ڪري
ڇڏيو. جڏهن هند، عرب، مصر، ايران، روم ۽ يورپ جا
وڏا وڏا ملڪ اونداهي ۾ ڌڪا کائي رهيا هئا، تڏهن
خدا پنھنجي آخري پيغام جي لاءِ عرب ملڪ کي پسند
ڪيو، جو ان وقت تھذيب ۽ ثقافت جي ادنيٰ ترين مدارج
تي هو ۽ انھيءَ وقت ۾ انھن ۾ نا اتفاقي، انسان
پرستي، اوهام پرستي، نفس پرستي، شراب پيئڻ، جوئا
ڪرڻ ۽ بدڪاري عام هوندي هئي. پر حضرت محمّد رسول
الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم رڳو خدا جي مدد سان
تيار ٿي تنھائي ۽ بي سروساماني جي حالت ۾ پنھنجي
آسپاس جي ساري دنيا کي چئلينج ڏنو. عيسائين کي
فرمايائون ته توهان هڪ انسان کي خدا جو پٽ سمجهو
ٿا ۽ تثليث ۽ ڪفاره جي باطل عقائد جا پابند آهيو.
انھيءَ ڪري توهان گمراهه آهيو، يھودين کي چيائون
ته عزيز خدا جو پٽ نه هو توهان موسيٰ عليھ السلام
جي شريعت کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. توهان عيسيٰ عليھ
السلام جي نبوت جو انڪار ڪيو آهي، تنھنڪري توهان
به گمراهه آهيو. مُشرڪين کي چيائين ته توهان خالقِ
ڪائنات ۽ معبود حقيقي سان گڏ بُتن کي به شريڪ ڪريو
ٿا. انھيءَ ڪري توهان به خدا جي خدائي جا منڪر
آهيو، تنھنڪري توهان جي گمراهي ۾ به ڪو شڪ شبو نه
آهي. مصر، ايران ۽ روم جي تھذيب وارن کي چيائين،
ته توهان جون دل پسند عظمتون باطل آهن توهان
انسانن کي خدا ڪري رکيو آهي ۽ خدا جي بندن کي ظلم
۽ ستم جو نشانو بنايو آهي. مطلب ته حضرت محمّد
رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو چئلينج ساري
دنيا وارن جي لاءِ هو، ڇاڪاڻ ته هو الله جو موڪليل
هو. ڌڻي تعاليٰ گمراهه کي جائز نه ٿو ڪري خواه
اُهو ڪيتري به شان و شوڪت ۽ بزرگي جو مالڪ هجي.
اسلام اڳين سڀني ثقافتن کي رد ڪري پنھنجي هڪ نئين
ثقافت جو بنياد رکيو هو ۽ پنھنجي پيروي ڪندڙن کي
اُن تي هلڻ جي لاءِ سخت تاڪيد ڪيو. اسلامي ثقافت
جا ڪي اصول هي آهن:
حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
دين جو بنياد توحيد تي ٻڌل آهي. توحيد رڳو خدا جي
واحد هئڻ جو نالو نه آهي پر توحيد جي معنيٰ آهي هڪ
ڪرڻ، يعني سڀني انسانن جي جدا جدا متفرق قبلئه
مقصود کان هٽائي رڳو هڪ ذات سان گڏ وابسته ڪرڻ
انھيءَ لاءِ ته هو الله پاڪ جي بندگي جي سبب ڪري
هڪ ڪُنبي جي ڀاتين وانگر پاڻ ۾ ڀائر ٿي وڃن. ”الخلق
عبال الله“. اسلام اعلان ڪيوآهي ته ”وَقَضيٰ
ربک اَن الاّ تعبدو اِلا اِياه“ ۽ تنھنجي رب
جو فيصلو هي آهي ته توهان ماڻھو اُن جي سواءِ ڪنھن
جي عبادت نه ڪندا ۽ ٻڌاءِ ته ”دين فهم“
(يعني خدا جو دين) هي آهي. ”اِنَّ الحکم اِلاّ
الله اَمر ان لاتعبدو الا اياه ذالک الدين القيم
ولکن اکثر اَلناس لايعلمون“ حڪومت ته بس هڪ
الله ئي جي آهي ان حڪم ڏنو آهي ته رڳو اُن جي
عبادت ڪريو، هي ئي دين قيم آهي پر گهڻا ماڻھو نه
ٿا ڄاڻن.
قرآن چوي ٿو ته معبود حقيقي رڳو الله آهي اُن کان
سواءِ هرڪا شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي ۽ جن شين جي
توهان پوڄا ڪريو ٿا سي نه توهان کي ڪو نفعو پھچائي
سگهن ٿيون، نه وري ڪو نقصان رسائي سگهن ٿيون. ”ولاتدع
مع الله الهٰا آخر، کل شيءِ هفالَڪَ اِلاّ وجهِه
لُه الحکم واليه تُرجعون“ ۽ الله کان سواءِ
ڪنھن ٻي کي معبود نه بناءِ. ڇاڪاڻ ته الله کان
سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي، اُن جي ذات کان
سواءِ سڀ شيون فاني آهن حڪومت اُن جي آهي ۽ اُن جي
ئي طرف توهان سڀني کي موٽي وڃڻو آهي. ”و يعبدون
من دون الله مالايضرهم ولا ينفعهم ويقولون هولاءِ
شُفعاءِ ن الله/قُل اتنبئون الله بما لايعلم في
السموات والارض سبحانه و تعاليٰ يشرکون.“ الله
فرمائي ٿو ته مُشرڪ ماڻھو الله جي سواءِ انھن شين
جي پوڄا ڪن ٿا، جي انھن کي نه ضرر رسائين ٿيون نه
نفعو ۽ چون ٿا ته هو (باطل موجود) الله جي جناب ۾
اسان جون سفارشون آهن. اي رسول اُنھن کي ٻڌاءِ ته
ڇا توهان الله کي اهڙي خبر ٻڌائڻ گهرو ٿا جنھن کي
هو نه آسمان ۾ پائي ٿو نه زمين ۾. الله ان ماڻھن
جي شرڪ کان پاڪ ۽ بالاتر آهي.
۽ پوءِ هي به ٻڌايو ته الله سڀني گناهن کي معاف
ڪندو، پر شرڪ ڪنھن به حالت ۾ معاف نه ڪندو، ڇاڪاڻ
ته جو شخص الله جو ڪو شريڪ ٺھرائي ٿو، سو ڪوڙ
ڳالھائي ٿو ۽ بھتان لڳائي ٿو، وري قرآن چوي ٿو ته
الله اُن گناهه کي جو اُن سان گڏ، ڪنھن کي شريڪ
ٺھرايو وڃي هرگز نه بخشيندو. ان شرڪ جي سوا جنھن
گناهه کي چاهيندو بخش ڪري ڇڏيندو ۽ جنھن شخص خدا
سان گڏ ٻي کي شريڪ بنايو ته اُن هڪ تمام وڏو گناهه
ڪيو.
حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي تشريف آوري
کان اڳ عرب ۾ انساني برادري ۽ مساوادت جو نالو
نشان ڪونه هو. روم ۽ ايران جي هي حالت هئي، جو
اُتي جا وڏا ماڻھو ۽ شاهوڪار طبقو نھايت شاندار
عمارتن ۾ رهندا هئا جي هر قسم جي فرنيچر ۽ اعليٰ
درجي جي سامان سان سينگاريل هونديون هيون ۽ غلامن
۽ ٻانھين جي هڪ وڏي جماعت انھن جي خدمت چاڪري ڪندي
هئي، اُنھن جا سھڻا باغيچا، نفيس حمام ۽ سواري
لاءِ تمام سھڻا جانور هوندا هئا، تنھن کان سواءِ
خدمت لاءِ خوبصورت غلام ۽ تمام سھڻيون ٻانھيون
پنھنجي زندگيءَ جي ضروري شين ۾ شامل ڪري ڇڏيون
هيون. هنن حياتي جو مقصد رڳو هي
سمجهيو هو ته صبح و شام عيش و عشرت جون محفلون
هجن، جن ۾ طرح طرح جو کاڌو هڪ وڏي دسترخوان تي
رکيل هجي ۽ هو پاڻ تمام عمديون پوشاڪون پائي اُن
تي ويٺا هجن. اُنھن جي دولت، ثروت ۽ اعليٰ معيارِ
زندگي جي مقابلي ۾ عام ماڻھن جي حالت ڏاڍي خراب ۽
قابل رحم هئي.
هندوستان ۾ جڏهن آرين حملو ڪري پنجاب کان اڳتي
وڌيا، ته انھن جي مذهبي طبقي وارن مفتوحه آبادي کي
جدا رهڻ جي لاءِ ڏاڍا سخت قاعدا بنايا هئا، جيڪڏهن
مفتوحه آبادي جو ڪو فرد فاتح طبقي جي ڪنھن شخص کي
رڳو هٿ لائيندو هو، ته ان کي مذهب موجب ناپاڪ خيال
ڪيو ويندو هو. اعليٰ ذاتين جي مذهبي رسمن ۽ عبادتن
۾ شودرن کي شامل ٿيڻ جي سخت منع هئي. شودرن کي هي
اجازت ضرور هئي ته هو پنھنجي آباؤ اجداد جي ياد ۾
قربانيون ڪن، پر انھن رسمن ۾ ڪوبه برهمڻ حصو وٺي
نه ٿي سگهيو، پر جيڪڏهن ڪنھن برهمڻ انھن جي رسمن ۾
بھرو ورتو ٿي ته ان کي سخت سزا جو سزاوار قرار ڏنو
ويو ٿي. جيڪڏهن ڪنھن شودر ڪنھن برهمڻ کي ويد
پڙهندي ٻڌي ورتو، ته ان جي ڪنن ۾ شيھو ڳاري وڌو
ويندو هو. جيڪڏهن هو ڪنھن برهمڻ جي جاءِ تي ويھي
رهيو، ته ان کي لوهه جون سيخون تپائي ان جي بدن تي
داغ ڪندا هئا. ڪوبه شودر ڪنھن به اوچي ذات وارن
مان شادي ڪري نه سگهندو هو ۽ نه وري اعليٰ طبقي جي
ڪنھن ماڻھوءَ کي هي اجازت هئي ته هو شودرن مان
شادي ڪري، انھيءَ زماني ۾ عرب به ذات پات جي
معاملي ۾ هندوستان کان پٺ تي پيل نه هو. عورت ۽
مرد جي مساوات نه هئڻ ڪري، هي حالت هئي، جو عورت
کي مرد جي هڪ خريد ڪيل شيءِ سمجهيو ويو ٿي. دُختر
ڪشي جي رسم نه رڳو عرب تائين محدود هئي، بلڪه
هندوستان ۾ به ان جو چڱو خاصو رواج هوندو هو. بلڪه
بيواهن زالن کي جيئري جلائڻ جو به عام رواج هوندو
هو، زالن کي ويد پڙهڻ جي به اجازت نه هوندي هئي ۽
اهڙي طرح ديوتائن جي قربانين ۾ به هو حصو وٺي نه
سگهنديون هيون. عورت جو مقصدِ زندگي رڳو هي هو ته
ساري عمر پنھنجي مڙس جي چاڪريءَ ڪندي رهي. ايران ۾
به زالن جي حالت هنن کان سٺي نه هئي. يونان ۾ زالن
کي گهرن ۾ قفل ڏئي بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انھن کي
ڪنھن به حالت ۾ ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي.
مذهبي رواداري جو نه هئڻ ۽ فرقه پرستي زور هئي.
هرهڪ فرقو ٻين فرقي وارن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجي
ساري طاقت کي ختم ڪرڻ ۾ دريغ نه ڪندو هو. پر اسلام
اچي مساوات ۽ رواداري جو جيڪو سبق سيکاريو آهي،
اُن بابت قرآن جو ارشاد آهي ته ”اي انسانو! مون
توهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي، مون
توهان کي جدا جدا قبيلن ۽ شاخن ۾ رڳو انھيءَ ڪري
تقسيم ڪيو آهي، ته توهان هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو.“
حجة الوداع جي عظيم الشان جلسي جي موقعي تي حضرت
محمّد صلي الله عليھ وآلہٖ وسلم جن واضح لفظن ۾
اعلان فرمايو ته، ڪنھن عرب کي ڪنھن عجميءَ تي ڪابه
فضيلت نه آهي، نه وري ڪنھن سفيد رنگ واري انسان کي
ڪنھن ڪاري رنگ واري تي ڪا فضيلت آهي. عورتن جي ذمي
جيترا به حقوق آهن اوترائي ان جا حقوق مردن جي ذمي
آهن. هي ارشاد فرمائي عورتن کي به مردن جي دوش
بدوش بيھاري ڇڏيو. مذهبي رواداريءَ جو هن طرح
اهتمام ڪيو ويو ۽ واضح لفظن ۾ حڪم ٿيو ته ”ٻين
مذهبن جا ماڻھو، خدا کي ڇڏي جن شين جي عبادت ڪن ٿا
توهان اُنھن کي بُرو نه چئو.
مطلب ته پيغمبرِ اسلام صلي الله عليھ وآلہٖ وسلم
جن اچڻ سان هڪ اهڙي عالمگير ثقافت جو بنياد رکيو،
جنھن جي سبب ڪري اڄ به ساري دنيا جا مسلمان هڪ
آهن. انھن جو خدا هڪ، انھن جو رسول هڪ، انھن جو
ڪعبو هڪ آهي، انھن جو ڪتاب هڪ آهي، انھن جا اصولي
عقائد هڪ آهن، انھن جا اعمال هڪ آهن، انھن جي شادي
هڪ ئي طريقي تي ٿئي ٿي، هو حرام ۽ حلال شين تي
متفق آهن. مطلب ته مسلمان ڪٿي به هجي عرب ۾ هجي يا
ايران ۾، يورپ ۾ هجي يا آمريڪا ۾، چين ۾ هجي يا
جپان ۾، روس ۾ هجي يا هندوستان ۾، پاڪستان ۾ هجي
يا ترڪستان ۾، هو پنھنجي ثقافت ۾ ٻين ماڻھن کان
ضرور ممتاز رهندو ۽ پنھنجي مسلمان ڀائرن سان شريڪ
رهي اسلامي ثقافت ۾ ايتري قدر مشترڪ آهي، جو
مسلمانن کي پاڻ ۾ هر وقت گڏ ملائي رکي ٿو ۽ انھن
کي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ نه ٿو ڏي. جيڪڏهن ڪو اختلاف
موجود آهي ته اُهو فروعي اختلاف جي سوا ٻيو ڪجهه
به نه آهي ۽ اهڙو ڪوبه اصولي اختلاف نه آهي، جو
اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪري سگهي. جڏهن هڪ اهڙي قوم
مغربي پاڪستان جي ضلعن ۾ آباد ٿي جا اسلام جي
پيروي ڪندڙ هئي ۽ اُن تمام اخلاقي اقدام جو خيال
رکيو ٿي جو اسلام، انساني معاشري جي لاءِ ضرور
قرار ڏنو هو، ته پوءِ هي ڪيئن ممڪن ٿي، ته انھن ۾
ڪنھن قسم جي علائقائي، لساني، تمدني ۽ ثقافتي
يگانت پيدا نه ٿي. انھيءَ ڪري ان تمام فروعي
اختلافن جي باوجود هن علائقي جا ماڻھو هڪ ئي مذهب
جا هئا ۽ قومي خصوصيات ۾ به هو متحد هئا ۽ اڄ به
انھن جو مذهب ۽ ٻيون خصوصيات به هڪ آهن، ڇاڪاڻ ته
هو هڪ قوم آهي. |