سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2026ع

باب:

صفحو:6 

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

 

 

 

شاهه لطيف جي دؤر ۾ سنڌوماٿر جون سماجي،

معاشي حالتون

 

زنده قومون پنھنجي لوڪ ورثي کي وري وري پڙهي، اُن جي ادبي، فني خوبين ۽ ڏاهپ جي ڏسن کي ڳولھينديون رهنديون آهن. جيئن جيئن انسان ۾ تاريخ کي سمجهڻ جي سُرت پيدا ٿئي ٿي، تيئن تيئن ادبي ۽ فني تنقيد جي نون گسن ۽ پيچرن تي هلڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي. ’ارسطوءَ‘ کان ’ايلٽ‘ ۽ ’آءِ.اي رچرڊس‘ تائين شعر جي پرکا ۽ پروڙ لاءِ نت نوان اصول ايجاد ٿيندا رهيا آهن، اُنھن ادبي ايجادن مان هڪ طريقو علامت نگاري به آهي، جنھن ذريعي اسين شاعريءَ کي نئين نموني سمجهي، اُن مان لطف حاصل ڪري سگهون ٿا. انھيءَ طريقي يا تحريڪ جي شروعات فرانس ۾ ٿي ۽ اُن جا باني ’پال ورلائين‘ ۽ ’اِسٽيفن ملارمي‘ هئا.

علامتي شعري اَڻ سڌو اظھار هوندي آهي، اُنڪري علامت جي معنيٰ ۾ سڄي شاعري سمائجي ويندي آهي. شعوري طور تي علامتي شاعريءَ جي شروعات فرانس جي صوفي شاعرن ’سويڊن بورگ‘ (1688ع/1772ع)، ’سينٽ مارٽن‘ (1743ع/1783ع) کان ٿي، پر شام ولايت ۾ احمد بن حسين المتنبي (916ع/ 967ع) کي به اهڙن شاعرن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ علامتون ۽ اشارا ۽ نشان گهڻا آهن. لوڪ ادب ۾ اڻ سڌي اظھار جون صنفون ملن ٿيون. علامت جي معنيٰ اِها به آهي ته شين کي آرپار ڏسي ۽ ازلي سچ ۽ حقيقت کي عام ۽ مادي شين مان حاصل ڪري سگهجي.

’علامت‘ جي لغوي معنيٰ آهي نشان، تمغو، ميڊل، اڻ لکيل معاهدو، جيئن ميزبان ۽ مھمان جي وچ ۾، پر ادب ۾ اُهو معاهدو شاعر ۽ اُن جي قاريءَ جي ٻڌندڙ جي وچ ۾ هوندو آهي. اُن مطابق شاعر جيڪي چوي ۽ سندس قاري ۽ ٻڌندڙ اُنھيءَ کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهي. اُنھيءَ ڪري لطيف سائينءَ پنھنجي ڪلام کي ’پيغام‘ يا ’رسالو‘ ڪوٺيو. پيغام جو جيڪڏهن ابلاغ (Communication) نه ٿئي ته اُهو پيغام گونگو ليکبو، اُنڪري شاعر کي پنھنجي ڪلام ۾ اُهي لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن، جن کي سماج ۾ ڪا نمائنده يا ٺوس حيثيت حاصل ٿي وئي هجي ۽ اُنھيءَ کي علامت چئجي ٿو.

شاهه لطيف کي ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ هڪ عظيم شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. هو پنھنجي سماج ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي مڪمل عبور رکندڙ، سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌي ماڻھن جي نفسيات کي سمجهندڙ ڏاهو هو.

لطيف سائين جي حياتي، ٻولي ۽ تصوف وغيره جي اسمن تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هتي اسين سنڌو تھذيب، واپار، ڌارين جي ظلم  ۽ قبضي، سنڌو تھذيب جي ترقي، ذاتي، اجتماعي خوشحاليءَ جھڙن موضوعن تي اختصار سان نگاهه وڌي آهي، اچو ته تاريخ جي جهروڪي ۾ جهاتي پائي سجاڳ ٿيون ۽ ’شاهه جي رسالي‘ مان روشنيءَ جا مينار منور ڪري، منزل تي رسڻ لاءِ آساني پيدا ڪريون.

ڪاڪِ نه جهليا ڪاپڙي، موهئا نه محلن،

ٻاين ۽ ٻانھين جي، ٻَنڌڻ ڪِين ٻُجهن،

لَکين لاهوتين، اَهڙيون اوريان ڇڏيون!

انساني سماج ۾ جڏهن کان ناڻو وجود  ۾ آيو، تڏهن کان موڙيءَ (Capital) به مُنھن ڪڍيو. پوءِ قبائلي ۽ جاگيرداري سماج وجود ۾ آيا. تڏهن کان سماجي سوچ جي دائري جي مقرري ۽ اُن جي ڇنڊڇاڻ ۽ انسانن کي پنھنجي ضرورت جي آگاهي حاصل ٿي. ضرورتن جي آڌار تي معاشياتي نظريا ٺھندا ۽ ڊهندا رهيا، سمجهدار ماڻھو محنت ۽ پورهئي سان نوان نوان هنر، گُر ۽ طريقا سکي، ذاتي ۽ اجتماعي ترقي ماڻيندا رهيا.

هن علم کي ڪڏهن فلسفو ته ڪڏهن وري نفسياتي علم سڏيو ويو. جيئن ته هن علم جو واسطو معاشيات ۽ اقتصاديات سان جُڙيل هو، تنھنڪري اُن جي حصول ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ تجربا ڪيا ويا آهن ۽ اُن جي حفاظت ۽ ورهاست کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ وقت جا مدبر ۽ مفڪر به پنھنجي پنھنجي دؤر ۾ مفيد ۽ جديد مشورا ڏيندا رهيا آهن، جن ماڻھن اُنھن مشورن کي قبوليو، اُهي معاشي طور خود ڪفيل ٿي ويا.

اسان سنڌ واسين کي قدرت پاران ٻه شاهه نصيب ٿيا آهن، هڪ ڀٽ جو شاهه ۽ ٻيو درياهه شاهه. پھريون اسان جو اخلاقي، ثقافتي، نفسياتي ۽ سماجي واڌ ويجهه جو ضامن آهي ۽ ٻيو اسان جي معاشي، اقتصادي، سماجي، سياسي قدرن ۽ جياپي جي ذريعن جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان کي انھن ٻنھي مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اِنھن جي حفاظت ڪرڻي آهي. ٻئي اسان جي حال ۽ مستقبل جي سارَ لھن ٿا، اِنھن سان ئي اسان جي تڪميل آهي.

شاهه لطيف جو تعلق سنڌ جي هڪ وڏي سياسي گهراڻي سان هو. هن جو وڏو ڏاڏو سيد مير علي هرات جو امير ترين شخص هو. هن جا دنيا جي وڏي فاتح امير تيمور لنگ سان دوستاڻا تعلق هئا. امير تيمور، سيد مير علي جي گهڻي عزت ڪندو هو. 1414ع ڌاري جڏهن سيد گهراڻي کي هند ۾ حڪومت ملي ته هنن شاهه لطيف جي ڏاڏنگ مان بکر، اَجمير، ملتان ۽ سيوستان ۾ سيد عبدالرزاق، سيد عبدالباقي، سيد عبدالواحد ۽ سيد ابوبڪر کي گورنر مقرر ڪيو.

شاهه لطيف پاڻ به وڏي سياسي بصيرت رکندڙ شخصيت هجڻ سان گڏ عظيم شاعر، مفڪر، عالم، عربي، فارسي، ريخته، هندي ۽ علائقي جي ٻين ٻولين، بلوچي ۽ براهوي جو به ڄاڻو هو. هن کي دنيا ۾ ٿيندڙ سياسي تبديلين ۽ سرحدن تي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي به ڄاڻ هوندي هئي.

سنڌ ۾ تڏهن مغلن جي حڪومت هئي. 18 نومبر 1689ع تي جڏهن عظيم مفڪر ۽ شاعر شاهه ڀٽائيءَ جو جنم ٿيو. اُن وقت سنڌ ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙو پنھنجا پير پُختا ڪري چڪو هو ۽ سنڌ جا گهڻا شھر مغلن کان آزاد ڪرائيندو ويو ۽ بکر جو علائقو به مغلن کان کسي ورتو. ڳاڙهي شھر کي سنڌ جو تخت گاهه ٺاهيو ۽ ڪلھوڙا حڪومت جو بنياد رکيو.

شاهه سائينءَ کي مغلن جي ظلم ۽ جَبر جي به خبر هئي. هن کي اِهو به معلوم هو ته ڪيئن مغلن جا ڇاڙتا سنڌ جي خزاني ۽ پيداواري وسيلن تي پنھنجو قبضو ڄمائي رهيا هئا ۽ سنڌ جون زمينون ۽ نوڪريون صرف فارسي ڳالھائيندڙ اوپرن ماڻھن کي ڏنيون ٿي ويون. ايتري تائين جو ڪنھن سنڌيءَ کي اَڇا اُجرا ڪپڙا پائڻ تي به مغل مڇرجي پوندا هئا، اهڙي ماڻھوءَ کي گرفتار ڪري، پُڇا ڳاڇا ڪئي ويندي هئي ته هنن ايترا پئسا ڪٿان آندا؟ مغلن جو سڄو زور انھيءَ تي هو ته سنڌي قوم اقتصادي طور ڪنگال ۽ هيڻي ٿئي ۽ پيٽ پالڻ جي مسئلي ۾ ڦاسي پوي ۽ سجاڳ ٿي ترقي حاصل نه ڪري سگهي.

مغلن جي ظلم جو اَنت نه هو. هنن عام ماڻھوءَ کي هيسائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي دؤر ۾ ڪيترن عظيم شاعرن ۽ عالمن جا ڪنڌ ڪٽرائي ڇڏيا. ستر سالن جي وڏي شاعر ۽ عالم سرمد ڪاشانيءَ جو اورنگزيب جي حڪم تي ڪنڌ لاٿو ويو، جنھن کي اورنگزيب جو ڀاءُ داراشڪوه پنھنجو رهبر ۽ استاد مڃيندو هو. داراشڪوه به وڏو عالم ۽ شاعر هو، تنھن جو اورنگزيب سِر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيو. شھنشاهه فرخ سير، فارسي، سنڌي ۽ ريخته ٻولين جي عظيم عالم جعفر زتعلي کي لکڻين جي ڪري موت جي سزا ڏني. فرخ سير جي ڏينھن ۾ ٺٽي جي گورنر اعظم خان جي چُرچ تي شاهه عنايت صوفيءَ کي شھيد ڪيو ويو، اُهو سن 1718ع هو. هن سان گڏ اٽڪل 24 هزا پوئلڳن کي به شھيد ڪيو ويو، اُنھن کي ستن اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪي ’گنج شھيد‘ سڏجن ٿا.

شاهه لطيف اُنھيءَ سڄي صورتحال کي ڏٺو، ٻُڌو ۽ پنھنجي ڪلام ۾ لوڪ قصن ۽ سُرن ۾ سھيڙي قلمبند ڪيو. هن کي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي به ڄاڻ هئي، هو سنڌ جي سياسي اقتصاديات بابت به سوچيندو رهيو هو. هن کي خبر هئي ته سنڌوماٿر ۾ آباد قومون انتھائي سُڌريل، مھذب ۽ باعلم هيون. ٿي سگهي ٿو ته اُهي سيڪيولر (لامذهب) اِنتھائي ترقي يافته ۽ ڏات ڌڻي هيون، جن هٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ڪيو ۽ هن خطي ۾ ڪئين صدين تائين جنگيون روڪي ڇڏيون. سنڌوماٿر جي ماڻھن اِهو اعتراف ڪيو ته خُدا واحد لاشريڪ آهي، جنھن جو ڪو ثاني ناهي، جيڪو هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ به آهي. اُن خُدا پاڪ کي ’ورونا‘ جي نالي سان سڃاتو ويو، جنھن اسان کان عبادت طلب نه ڪئي، نتيجي طور سموري سنڌوماٿر ۾ هڪ به عبادت گهر‘ نه اڏيو ويو.

اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ سنڌ جا وڻجارا، ڏيساور ۾ واپار سانگي سامونڊي رستي سان جھازن ۽ غورابن (ٻيڙن) ۾ چڙهي ويندا ايندا رهندا هئا، اُهو ڪلھوڙن جو دؤر هو. شاهه سائينءَ پنھنجي سنڌ جي وڻجارن ۽ سوداگرن جو بندر تي بيھي، واپاري سرگرمين جو ڳوڙهو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ سُر سريراڳ، سُر سامونڊي ۽ سُر ڪاپائتي خلقيا.

اُن کان اڳ سورهين صدي عيسوي سنڌي سماج لاءِ وڏي گهوٽالي واري صدي هئي، پر ڄام نظام الدين جي زماني ۾ سنڌ ۾ اَمن امان ۽ خوشحاليءَ وارو دؤر هو ۽ صنعت توڙي وڻج واپار ۾ سنڌ ترقيءَ جي راهه تي گامزن هئي، تنھن وقت ٺٽي ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا (کڏيون) هئا، جنھن ۾ هزارين ڪاريگر روزانو ڪم ڪندا هئا.

ٺٽي جي اوج کي هڪ پاسي ارغونن جي لشڪر لتاڙيو ته ٻئي پاسي مرزا عيسيٰ جي دعوت تي پُرتگالين (1555ع) ٺٽي کي لُٽيو، ماڻھن جو قتلِ عام ڪيو ۽ شھر کي ساڙي رَک ڪري ڇڏيو. خاص طور تي سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت ۽ ڪپھه جي واپار کي وڏو ڌڪُ رسيو. اُنھن سببن ڪري، اخلاقي قدرن سان گڏ سماجي، سياسي ۽ خاص طور تي معاشي لحاظ کان عام ماڻھو وڏي طبقاتي تفاوت جو شڪار رهيو.

اَميريءَ غريبيءَ جي تمام وڏي تفاوت ۽ طبقاتي گهٽ وڌائيءَ ڪري انسانيت سُڏڪا ڀري رهي هئي، اهڙي منجهيل ماحول ۾ ماڻھن جي پيڙا کي محسوس ڪندي، سنڌي سماج کي انسانيت ۽ معيشت جي تبديليءَ واري عمل لاءِ اُڪسائيندي، شاهه سائينءَ علامتي انداز ۾ معاشي ۽ سماجي مسئلن کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

مٿيان ٽئي سُر سنڌ جي ماڻھن جي ترقي، خوشحالي ۽ واپاري سوچ، اصولن ۽ گُرن بابت آهن. هنن سُرن ۾ شاهه سائينءَ سنڌ ۾ درآمد (Import) ۽ برآمد (Export) جي ڪاروبار ۽ اُن سان لاڳو اصولن بابت به ٻڌايو آهي، جھڙوڪ:

·       سنڌ ۾ ضرورت واريون شيون درآمد ڪيون وڃن.

·       شين جي نيڪال ٿيڻ تائين اُنھن کي گودامن ڏانھن منتقل ڪري محفوظ بڻائڻ.

·       شين کي بچائڻ لاءِ حفاظتي اُپاءُ وٺڻ.

·       شين کي برآمد (Export) ڪرڻ لاءِ حفاظت سان جھازن ۽ ٻيڙن جي گودين ۾ رکڻ.

·       اهڙا وکر يا شيون خريد و فروخت ڪجن يا وڻج اهڙين شين جو ڪجي، جيڪي رکئي خراب نه ٿين.

وکر سو وهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي،

ويچيندي ولايت ۾، ذرو ٿئي نه ضياءِ،

سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳھه جنھن اُبھين!

]سِريراڳ[

·       وونئڻ جو فصل (ڪپھه) اُپائڻ لاءِ خاص اُپاءُ وٺڻ.

لطيف سائين سمجهي پيو ته وونئڻ سنڌي سماج جي اقتصادي ترقيءَ جو ڪارڻ ۽ ڪُڙمي توڙي ڪاسبيءَ لاءِ معيشت جو سبب آهن، پر پاڻيءَ جي اَڻاٺ ڪري زمينون سُڪي چڪيون آهن ۽ وونئڻ جو فصل نه جھڙو ٿيو آهي، اُن ڪري بازاريون ٻُسيون آهن ۽ ڪپھه نه ٿيڻ ڪري آتڻ اُجڙي ويا آهن.

سارنگ سارَ لھيج، الله لڳ اُڃين جي،

پاڻي پوڄ پٽن تي، اَرزان اَن ڪريج،

وطن وسائينج، ته سَنگهارن سُک ٿئي!

]سارنگ: (د. 1، ب. 16)[

شاهه سائينءَ هڪ معاشي ماهر جيان سوچيو ته سمنڊ ۾ ته پاڻي 12 مھينا هوندو آهي، اُهي ڪڏهن سُڪندا ناهن، اُنڪري پنھنجي سماج جي ماڻھن کي مشورو ڏنائين ته سمنڊ سان ناتو جوڙي وٺو، اِن واپار سان توهان لعل به لھندو ته ٻيو مال ۽ موڙي به ميڙي سگهندؤ.

ڪوڙين جي ڪائو ٿئي، سَمنڊ ڪين سُڪن،

پاڻيءَ جو پيکُ ڪيون، تيلانھن وڻجارن،

لَعلون سي لَھن، جتي سودو سچ سين!

سنڌوماٿر ۾ واپار جو اِهو سلسلو جين ڌرم کان ٻُڌ ڌرم، پوءِ رام گهراڻي، يونانين، عربن، سومرن، سَمن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلھوڙن جي دؤر تائين هلندو رهيو. هتان جا ماڻھو محنت، سچائي، واپاري اخلاقيات ذريعي بتدريج ترقي ڪري، سڌريل سڀيتا جا مالڪ بڻجي پيا.

آمريڪا جي هڪ اسڪالر ۽ آثارِ قديمه جي ماهر ’گريگري پوسھل‘ (Gregory Possehl)، (21 جولاءِ 1941ع کان 8 آڪٽوبر 2011ع) هٿيارن کان پاڪ معاشري بابت لکيو آهي ته: ”سنڌوماٿريءَ جي ماڻھن انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ پھرين ثقافتي سلطنت (Cultural Empire) قائم ڪئي،  جيڪا موجوده اڌ هندستان، سمورو پاڪستان، افغانستان ايران کان ويندي ترڪمانستان تائين 12 لک ڪلوميٽرن تي پکڙيل هئي، جنھن جي گاديءَ جو هنڌ (Capital City) موهن جو دڙو هو، جڏهن ته هڙاپا، لوٿل، ڪالي بنگن، برانا ۽ مٽاٿِل صوبائي گاديءَ وارا شھر قرار ڏنا ويا.“

شاهه لطيف جي زماني ۾ سنڌ مان مدراس، راجپوتانا، بنگالي نار ذريعي مديني (يثرب)، ڪوفي، دمشق، عمان، عدن، بحرين تائين واپار هلندو هو. هتان مُشڪ، عود، عنبر، ڪافور، سُنڍ، ننڍا ڦوٽا، لونگ، چَندن، پان، سوپاريون، جافر، هريڙ، نير، توتيو، ڪمال پَٽ، گدامڙي، ڪارا مرچ، چانور، نيزا، عاج ۽ نفيس ڪپڙو ڏيساور ويندو هو. سنڌ جو عنبر مصر جي شھر قاهره جي مارڪيٽ ۾ پنجوڻ تي مھانگو وڪامندو هو، نير جو واپار به جهجهو ٿيندو هو.

سنڌ جا عربستان سان به پراڻا ناتا رهيا آهن. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي زماني ۾ چار وڏيون واپار منڊيون اَبلا، صحار، جار ۽ عدن شھرن ۾ هيون، جتي هند ۽ سنڌ جي مال جا گودام هوندا هئا. اُن دؤر ۾ اَبلا شھر کي ’فرج الھند ۽ سنڌ‘ چيو ويندو هو. سنڌ مان ٻين شين سان گڏ جواهرات به برآمد ٿيندا هئا. جڏهن ڪو جواهرن سان ڀريل جھاز سمنڊ ۾ لھندو هو ته واپارين سان گڏ شاهه لطيف به اُن جي صحيح سلامت پھچڻ لاءِ دعاگو رهندو هو:

جھاز جوهرين جو، تنھن کي ڀؤ نه ڏي ڀوتار،

ننڍا وڏا مڪڙا، سڀ پَسندا پار،

جيڏانھن مُنھن مديني جو، سُڄي محمد موچار،

سٻاجهو سَتار، سُتڙ سڀيئي ڪري!

سنڌ جا واپاري عربستان سان گڏ ايران، آفريڪا، عراق، جاوا، سوماترا، لنڪا، بنگال، منيلا، چين، جَپان ۽ مصر به ويندا هئا. اُنھن ملڪن ۾ اُنھن جون واپاري ڪوٺيون هونديون هيون. اهڙيءَ ريت ڏيساور جي واپارين لاءِ به سنڌ جي شھر ڀنڀور ۾ ڪوٺيون هيون. اُنھن واپارين ۾ ڪنعاني (فينقي) يھودي، عرب ۽ مصري هوندا هئا. سڀئي ملڪن ۾ بئنڪن ۽ واپاري شين جي ويمي (انشورنس) جا ادارا به قائم ٿيل هئا. اُنھن ملڪن جي مرڪزي (سينٽرل) بئنڪ مصر ۾ هوندي هئي.

سنڌ ۾ صديون اڳي شين جو ’ويمو‘ ڪيو ويندو هو. هاڻي ته اِنشورنس ڪمپنيون هر شيءِ جو ويمو ڪرڻ لاءِ هر ملڪ ۾ موجود آهن ۽ پوري معيشت انشورنس جي ڪاروبار تي مدار رکي ٿي، شاهه سائينءَ فرمايو:

وِت ويمي جو جي لَھين، ته ٻي ڪار نه ڪرين ڪا،

ســـــــا پـــــــروڙج ڳالھڙي، وڻجـــــــارن وٽـــــــان!

شاهه لطيف جي زماني ۾ سنڌ ۾ جھازراني جي صنعت وڏي ترقي ڪري چڪي هئي ۽ هو اهڙي واپاري صنعت کي همٿائيندو رهيو. ڪجهه واپاري سمنڊ جي ڪناري تي مڇي وغيره جو به ڪاروبار ڪندا هئا. هتي مڇيءَ جو به وڏو مرڪز هو، پر شاهه سائين اُن جي ڀيٽ ۾ هيرن، موتين جي ڪاروبار ۽ سامونڊي واپار ڏانھن ڌيان ڇڪايو آهي، فرمائي ٿو:

سَمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،

ڇَلر جي چوئين، سانکوٽا ۽ ستيون!

سنڌ ۾ ڪيترائي ماهر غواص هئا، جيڪي مُنھن تي ڪائو چاڙهي، اڪيلا سمنڊ جي پاتال ۾ وڃي، موتين واريون سِپيون سوجهي کڻي ايندا هئا. اهڙن غواصن کي سامونڊي سوداگر ڳولي ڳولي پاڻ سان گڏ کڻندا هئا، اونھن غواصن کي ڄاڻ هوندي ته درياءَ جي ڇوڙ واري هنڌ تي سون، هيرن ۽ موتين واريون سِپيون ملي سگهن ٿيون، اُنھيءَ هنڌ کي ’رتناڪر‘ چيو ويندو هو. تڏهن سنڌوءَ جو ڇوڙ گجرات وٽان ٿيندو هو ۽ سَرسوتي، هاڪڙو ۽ گهگهر نديون درياءِ سنڌ جي پاڻيءَ  ۾ اضافي جو ذريعو هيون.

شاهه سائينءَ اُنھن غواصن جي همت، حوصلي، محنت ۽ توڪل جي صلي ۾ مليل مال تي خوشيءَ جو اظھار ڪندي چوي ٿو:

ويا جي عميق ڏي، مُنھن ڪائو ڏيئي،

تن سِپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيھي،

پَسندا سيئي، اَمـــــــل اَکڙيـــــــن سين!

]سامونڊي[

مُنھن تي ڪائو چاڙهي پاتار ۾ لھندڙ مردن ۽ عورتن جو عمل صدين کان هلندڙ آهي. اِهو ڌنڌو جيڪي ڪن ٿا، سي شاهوڪار بڻجيو پون ٿا. اڄڪلھه ’نيشنل جاگرافڪ سوسائٽي‘ ۽ ٻين تنظيمن پاران Assignments کڻي ماڻھو سمنڊن جا پاتار جاچي رهيا آهن. 1912ع ۾ ٻڏي ويل ’ٽائيٽينڪ‘ کي به اهڙن ماڻھن ڳولي لڌو هو.

شاهه سائين فرمايو ته وقت تي ڪم ڪرڻ گهرجي. وقت وڃائڻ سان جيڪي نقصان ٿين ٿا، اُنھن تي پڇتائڻ کان اڳ ۾ ئي خوشحال زندگيءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ گهرجي. ماڻھو وقت وڃائڻ کانپوءِ ويٺو پڇتائي ۽ چوي:

ڪائو ڪمايوم، موتي نه وڻجيا،

سيھي جو سيد چوي، وکر وهايوم،

هھڙو حال سندوم، توهه تنھنجي اُبھان!

’شِپنگ انڊسٽري‘ دنيا جو هڪ نھايت مفيد ڪاروبار رهيو آهي، تنھنڪري شاهه سائينءَ پنھنجي پيغام ۾ سنڌي ماڻھن کي ڏيساور سامونڊيءَ ذريعي سان مال موڪلڻ ۽ ماسي جيتري ماڻڪ، موتي، لال جي منافعي ملڻ جي اهميت ٻڌائيندي چيو:

سيوا ڪر سمنڊ جي، جِتِ جَر وهي ٿو جال،

سَئين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،

جي ماسو جُڙئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين!

]سِريراڳ: (د. 2، ب. 3)[

سامونڊي جھازن ٺاهڻ جو فن سنڌوماٿر ۾ اوائلي وقت کان رائج ٿي چڪو هو. اڄ ته ساري دنيا ۾ جھاز رانيءَ جي صنعت وڏي طاقت واري سمجهي وڃي ٿي. جنگي ٻيڙن جي حوالي سان آمريڪا وڏو طاقتور ملڪ آهي. اڳ ۾ برطانيه سامونڊي صنعت جو بادشاهه هو. پھرين مھاڀاري ويڙهه لڳڻ جو هڪ سبب ٻين ملڪن کي سامونڊي جھاز ٺاهڻ کان روڪڻ هو.

ڪجهه تاريخ نويس، جھاز رانيءَ جا مؤجد ڪنعانين کي سمجهن ٿا. جن ۾ فينقي يعني اسرائيل، لبنان ۽ شام اچي وڃن ٿا، پر رِگ ويد ۾ اها ڳالھه واضح ڪيل آهي ته سنڌ جا ماڻھو درياءَ ۽ سمنڊ کان واقف هئا. قديم راوڙ لوڪن کي (Early Indus Civilization) چيو ويندو هو. قديم جھاز راني (Ship Building Navigation) جو بنياد رکڻ وارا اهي سنڌي ماڻھو هئا.

ڪلھوڙن جي دؤر تائين هيءَ صنعت وڏي ترقي ڪري چڪي هئي. سنڌ جي صنعتڪارن اهڙا طاقتور جھاز جوڙيا، جو اُنھن ۾ پاڻي سيمو نه ڪندو هو، جڏهن ته مصر، بحرين ۽ عدن جي جھازن ۾ پاڻي سيمو ڪندو هو، جنھن کي سنڌي هُرلن ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.

مانوارو محقق ايم.ايڇ پنھور لکي ٿو ته: ”سنڌوماٿر جي اوج، عظمت ۽ دولت بابت قصا ٻُڌي دنيا جون ڪئي قومون خاص طور تي اوڻيھين صدي قبل مسيح دؤران قزاقستان، اُزبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جا لاتعداد ماڻھو خيبر پاس اورانگهي، سنڌوماٿر ۾ داخل ٿيا.“

شاهه لطيف اُن سنڌوماٿر جو ترجمان آهي، جتي هزارن سالن جي تجربي کانپوءِ دنيا جو پھريون هٿيارن کان پاڪ معاشرو ۽ پھريون جمھوري نظام قائم ڪيو ويو هو. ممڪن آهي ته هنن ماڻھن پنھنجي تجربي جي بنياد تي هن دنيا کي محفوظ ۽ سلامتيءَ سان جيئڻ لائق بڻائڻ لاءِ ايڏا وڏا فيصلا ڪيا هجن، جو اڄ پنج هزار سال گذرڻ کانپوءِ به هيءَ دنيا اهڙا ۽ ايڏا وڏا فيصلا نه ڪري سگهي آهي. اڄ به هن دنيا ۾ هٿيارن جي استعمال ۽ جنگين سبب هر صديءَ ۾ ويھه ڪروڙ ماڻھو قتل ٿي رهيا آهن.

جڏهن ته ’هومر‘ کان ارسطوءَ تائين ۽ اُن کانپوءِ سورهين صدي عيسويءَ ۾ يوٽوپيا Utopia)، تصوراتي دنيا) جي مصنف ’ٿامس مور‘ (جنھن جو 1536ع ۾ ڪنڌ لاٿو ويو) هڪ اهڙي بيمثل معاشري بابت خواب لڌو، جنھن ۾ سنڌو تھذيب جيان سڀ انسان برابر هجن، جتي ڪابه تفريق نه هجي، جتي سڀ ماڻھو عالمي ڪلچر جون حصو هجن، جتي هٿيارن جو نالو نشان نه هجڻ گهرجي.

مانوارو يوسف شاهين ’قديم سنڌوماٿر ۽ اُن جو همعصر تھذيبون‘ ڪتاب ۾ لکيو ته: ”تصوراتي شھرن بابت هومر کان ارسطوءَ تائين يونان ۾ ڊگها بحث ڪيا ويا، جڏهن ته يونان کان گهڻو اڳ سنڌوماٿر جي ماڻھن تصوراتي دنيا جو عملي مظاهرو ڪندي هڪ بيمثل پُرامن، غلاميءَ ۽ هٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ڪيو.“

’جان مارشل‘ موهن جي دڙي جي کوٽائي مڪمل ڪرڻ بعد ٽن جلدن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب ’موهن جو دڙو ۽ قديم سنڌوماٿر‘ نالي سان لکيو ۽ ٻڌائي ٿو ته: ”اُن وقت هيءَ ڳالھه سوچي به نه ٿيسگهيو ته جن ماڻھن کي آريا ’داس‘ يا ’غُلام‘ چئي رهيا هئا، اُهي انتھائي تھذيب يافته، وڏا شھر ۽ قلعا اَڏي، اُنھن ۾ خوشحال شھري زندگي گذاري رهيا هئا. هنن زراعت ۽ واپار ڪري، بي حساب دولت ڪمائي. خاص طور ڏيساور سان واپار هنن کي اڏي ڇڏيو. هتي ٻيڙيون ٺاهڻ کان علاوه اهڙا مال بردار جھاز ٺاهيا ويا، جيڪي اونھي سمنڊ ۾ هلي سگهن.“

’اينڊريو رابنسن‘ (Andrew Robinson) تحقيقي ڪتاب ’سنڌوءَ جي گُم ٿيل تھذيب‘ (The Lost Indus Civilization) ۾ پنھنجي هاڪاري فڪري خواهش ٻڌائيندي سوال ڪيو آهي ته: ”ڇا 50، 51 سالن کانپوءِ ’ٿامس مور‘ وري پيدا ٿي سگهي ٿو؟ ڇا سنڌوماٿر جا ماڻھو هڪ ڀيرو ٻيھر هٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ڪري سگهن ٿا؟“

آءٌ چوان ٿو ته شاهه لطيف مٿين سڀني ڏاهن جو تسلسل آهي. هن جي پيغام کي پڙهي چئي سگهجي ٿو ته هن جي به فڪري خواهش هئي ته سنڌو سماج هڪ دفعو ٻيھر سُکيو، ستابو، خوشحال ۽ پُرامن بڻجي. هو فرد جي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ کي سماجي خوشحاليءَ جو ڏاڪو سمجهي ٿو، اُن ڪري شاهه سائين انفرادي طور تي ڪم ڪندڙ اهڙن ماهرن (ماڻھن) کي همٿايو آهي، جيڪي سمنڊ جي اونھي پاڻيءَ ۾ منھن تي ڪائو چاڙهي، ٽٻيون هڻي، پاتال مان ماڻڪ، هيرا ۽ لعل ڪڍيو اچن ۽ اُنھن کي وڪڻي لکين روپيا ڪمائين ٿا:

اِي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،

پيھي منجهه پاتار ۾، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سِين!

]سامونڊي[

ويا جي عميق ڏي، مُنھن ڪائو ڏيئي،

تن سِپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيھي،

پسندا سيئي، اَمل اکڙين سِين!

شاهه سائين سمجهائي ٿو ته خوشحالي پائڻ لاءِ ڀاڳوند واپاري پنھنجا گهر گهاٽ ۽ ٻار ٻچا پٺتي ڇڏي، پرهه ڦُٽي مھل ٻيڙا سمنڊ ۾ لاهي ڇڏيندا آهن. لنڪا جو سون ملڻ تائين اُهي سُک جو ساهه ناهن کڻندا.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،

سُڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين،

پرهه پڳھه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،

وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪھيا ڪارونڀارَ ڏي!

]سِريراڳ: (د.3، ب. 10)[

اهو به چيائين ته واپاريءَ کي ڪائو، ڪچ ۽ ڪروڌ کي من مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. اُن سان گڏ غفلت سُستي ۽ ڪاهليءَ کي بلڪل ويجهو نه وڃي، ڇو ته ننڊ ۽ غفلت واپاريءَ لاءِ نقصان ڏيندڙ عمل آهي. جي ڪو سامونڊي سُمھي ننڊون ڪري ۽ چوي ته مال به ملي اِهو ممڪن ناهي، ٻئي ڳالھيون هٿ ۾ ناهن اينديون.

ٻيڙياتا ٻئي، تو نه ڦٻيون ڳالھيون،

سَڄيون راتيون سُمھين، ڀَر سُکاڻ ڏيئي،

صباح سڀيئي، پار پُڇندءِ خبرون!

]سِريراڳ[

شاهه سائينءَ اِهو به چيو ته خوشحاليءَ لاءِ واپاريءَ کي پنھنجي رويي ۾ مثبت تبديليءَ ۽ توڪل جو ترهو ٻڌڻ گهرجي. شين جي ڏيتي ليتي، شين جي قدر مطابق ۽ انصاف جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. پنھنجي ڪم جي مھارت ۽ شين جي سُڃاڻ ۽ پَرک هڪ واپاريءَ لاءِ ڪامياب ٿيڻ جو وڏو گُر آهي، جيڪو جيترو هُنرمند ۽ سُڄاڻ هوندو ۽ اوتروئي مال ڪمائي سگهندو.

سڀيئي سُبحان جي، ڪر حوالي ڪمَ،

ٿي تحقيق تسليم ۾، لاهي غمَ وهمَ،

قادر ساڻ ڪرمَ، حاصل ڪري حاج تو!

]سِريراڳ: (د. 1، ب.4)[

جو صرافن لَڏيو، ته تون پڻ لَڏج سون،

قدر لَھندءِ ڪونه، جنھن ۾ جواهر ناهه ڪي!

]سِريراڳ: (د. 7، ب. 4)[

شاهه سائينءَ کي ڏاڍو افسوس آهي، جو سندس ئي زماني ۾ ماڻڪن کي موٽائي، ڪوڙ ۽ ڪچ کي خريديو پئي ويو. اَمل قدرن ۽ سچ جو فقدان ڏسي چيائين:

اَگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي!

]سِريراڳ: د.8، ب. 4)[

ويا سي وينجهار، هيرا لعل ونڌين جي،

تنھين سَندا پويان، سِيھي نه لَھن سار،

ڪٽين ڪٽُ لُھار، هاڻي اُنھي ڀيڻيين!

]سِريراڳ: (د. 9، ب. 4)[

هتي شاهه سائين ٻن فردن يا اِدارن کي ڀيٽيو آهي، جن مان هڪ سُڄاڻ آهي ۽ ٻيو ڪُڄاڻ! کيس  افسوس اِهو آهي ته هيرن جواهرن جا وينجهار ته ناهن رهيا، پر سِيھي جي سُڄاڻ وارا به هاڻي ناهن بچيا.

شاهه سائينءَ جي خواهش آهي ته شل اهڙا وينجهار ۽ سُڄاڻ هيرن جواهرن جي پَرک ڪرڻ ۽ ونڌن وارا ڏيھه مان موڪلائي نه وڃن، ڇو ته اُنھن جي وڃڻ ڪري سماج ۾ بي قدرائي وڌي ويندي.

وڃن مَ وينجهارَ، پاڻيٺ جي پَرکڻا،

ڪينر پايو اَکئين، لَھن سڀ ڪنھن سارَ،

موتي جي مزاج جو، قدر منجهه ڪِنارَ،

صرافنئون ڌارَ، ماڻڪ ملاحظو ٿئي!

]سِريراڳ: (د. 10، ب.4)[

بھرحال شاهه سائينءَ جي خواهش هئي ته سنڌ جا ماڻھو ساوا ستابا رهن ۽ پنھنجن وڏڙن جي سماجي ۽ ثقافتي ورثي کي سنڀالين ۽ سُٺين روايتن جا پاسبان بڻجن ۽ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر هٿيارن ۽ جنگين کان پاڪ، هڪ پُرامن جمھوري معاشرو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. اِنسانن کي قتل و غارت ۽ غلاميءَ کان بچائين ۽ محنت، سچائي، اَمن ۽ اَهنسا واري سندس پيغام کي گهر گهر پھچائين.

شاهه سائين ’ٿامس مور‘ جيان يوٽوپيا (Utopia) ته ڪونه لکيو، پر هن عظيم شاعر پنھنجي ڌرتيءَ کي ڌارين جي غلاميءَ کان آجو ڪرڻ، خوشحالي، اَمن ۽ آجپي لاءِ سون جھڙيون سِٽون لکي، اُنھن کي آيتون ڪوٺيو ۽ پوءِ ٽيھن سُرن ۾ ورهائي، ’رسالو‘ اسان جي حوالي ڪيو ۽ ويندي ويندي سنڌ سان گڏ پوري عالم کي شاد ۽ آباد ڏسڻ جو طالبو ۽ دعاگو رهيو ۽ چوندو ويو:

سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مِٺا دلدار، عالم سَڀ آباد ڪرين!

حوالا:

1.      شاهين يوسف: ’شاهه لطيف آزاديءَ جو  علمبردار‘
پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، (ڇاپو ٻيو)، 2016ع.

2.     شاهين يوسف: ’انگريز سرڪار ۽ شاهه لطيف آف ڀٽ‘، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، (ڇاپو پھريون)، 2019ع.

3.           شاهين يوسف: ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘، پيڪام پبلشرس، ڪراچي، (ڇاپو ٻيو)، 2023ع، (جلد پھريون).

4.     شاهين يوسف: ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘، پيڪام پبلشرس، ڪراچي (جلد چوٿون)، 2025ع.

5.     شاهين يوسف: ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘، پيڪام پبلشرس، ڪراچي (جلد پنجون)، 2025ع.

6.     شاهين يوسف: ’قديم سنڌوماٿر ۽ اُن جون همعصر تھذيبون‘، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، (ڇاپو ٽيون)، 2023ع.

7.     عباسي تنوير: ’شاهه لطيف جي شاعري‘ شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي، 1976ع.

8.     سَڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر: ’شاهه لطيف جو علامتي شعور‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2007ع.

9.     واڌواڻي، چُني لعل، شيام لعل: ’شاهه لطيف‘ (نھٺو، ناستڪ، ناکئو)، انڊور (ايم.پي)، 2002ع.

10. منگي هدايت: ’سڀ پسندا پارُ‘، سَرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري، 2018ع.

11.  آڏواڻي، ڪلياڻ: ’شاهه جو رسالو‘، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2014ع.

12. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: (ايڊيٽر) هدايت پريم ’ڪِينجهر جرنل‘ (سنڌي شعبو)، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1987ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org