سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:9 

مير مرتضيٰ شيخ

ڊاڪٽر مهر ”خادم“ جي هائيڪن جا نرالا عڪس

 

هائيڪو هڪ مختصر ۽ جامع نظم آهي، جيڪو ٽن سٽن تي مشتمل ٿيندو آهي. هي ننڍڙو تصويري نظم آهي جنھن کي اڄڪلھه هائيڪو چيو وڃي ٿو، هيءَ جاپان جي مشھور صنف آهي. جيڪا جاپاني شاعريءَ جي اهم منفرد، مقبول ۽ خوبصورت صنف طور سڃاتي وڃي ٿي. تنوير عباسي لکي ٿو ته:

”هائيڪو هڪ عڪس آهي، جذبي سان ڀريل عڪس، جيڪو ڪنھن وٿ (Object) کي وقت ۽ ماڳ (Time and Space) ۾ متعين ٿو ڪري ۽ ان ۾ موسم جو عنصر ضروري آهي. ان جو گهاڙيٽو آهي 5، 7، 5 اُچار ۽ پھرين سٽ جو قافيو ساڳيو هوندو آهي.“(1)

هائيڪو جاپاني لفظ آهي ۽ ”هيڪو“ مان ورتو وڃي ٿو، جنھن جي معنيٰ اختصار تي ٻڌل آهي. ظفر عباسي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“ ۾ لکي ٿو ته:

”هائيڪو اصل ۾ جپاني لفظ هيڪو (Heiko) مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي مفرد يا اڪيلو ڪلام“.(2)

جيئن سنڌي شاعريءَ جي صنفن ۾ بيت اهم ۽ مقبول صنف آهي، تيئن جاپان ۾ هائيڪو جي صنف مقبول ۽ مشھور آهي. جاپان ۾ هائيڪو جي ابتدا 14 صديءَ عيسويءَ بابت ملي ٿي. هائيڪو ٽن سٽن ۾ لکيو ويندڙ ننڍو نظم، جنھن جو وزن 5، 7، 5 ماترائون آهن. هن صنف جا بنياد وجهندڙ سوگي، موريتيڪ ۽ سوڪن آهن. جڏهن ته هائيڪو جو بنياد ٽنڪا جي سِٽن مان نڪتل نظر اچي ٿو، ٽنڪا مان رينگ صنف جنم ورتو، رينگا صنف جي جڳھه هائيڪائي صنف ورتي ۽ هائيڪائي جي پھرين ٽن سٽن کي هوڪو ۽ هوڪو مان هائيڪو صنف جنم ورتو. هائيڪو تخليق ڪرڻ لاءِ ڪجهه فني ٽيڪنڪ آهن، جن جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو.

گهاڙيٽو،  فطرت سان لاڳاپو، مسلسل عمل ۽ خاص واقعو ۽ جڏهن ته هائيڪو جا ٽي اهم عنصر آهن، جيڪي هائيڪو لاءِ اهم آهن اُهي آهن: وٿ، زمان ۽ مڪان اهي سڀئي هائيڪو جون فني گهُرجون آهن، جنھن جو پورو خيال رکيو ويندو آهي. جيڪڏهن اُهي هائيڪو ۾ فني گهُرجون پوريون نه هونديون ته شاعر هائيڪو جي اصلي شڪل برقرار نه رکي سگهندو. هن جاپاني صنف سڌو سنئون سنڌي ادب ۾ پير ناهي پاتو، هيءَ صنف انگريزي ادب معرفت سنڌي ادب ۾ آئي آهي. سنڌي ادب جي شاعريءَ ۾ هائيڪو جي روايت سڀ کان پھريان 1959ع ڌاري تنوير عباسيءَ ترجما ڪري ۽ ان بعد علم عروض ۾ هائيڪا لکي وڌي، تاج جويو، تنوير عباسيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ تنوير عباسي (سندس چواڻي) 60-1959ع ڌاري هائيڪا لکيا، جيڪي ماترائن بجاءِ فارسي بحر وزن تي هئا.“(3)

۽ ان کان پوءِ 1960ع ڌاري نارائڻ شيام، خوبصورت ماترائن تي هائيڪا لکيا، جن جو وزن 11، 13، 11 مقرر ڪيو ۽ هائيڪو جو جيڪو اڄڪلھه مروج وزن آهي اهو به 11، 13، 11 آهي ۽ اڪثر شاعر ان وزن تي ئي هائيڪو لکن ٿا. هائيڪو 11، 13، 11 کان علاوه 10، 13، 10- 9، 12، 9- 8، 12، 8 ۽ 10، 14، 10 تي  به لکيا وڃن ٿا. پر هائيڪو جو جيڪو اصل وزن 11، 13، 11 آهي، جيڪو نارائڻ شيام متعارف ڪرايو. هيءَ صنف جيتري ڏسڻ ۾ سولي ۽ سادي آهي، اوتري هيءَ صنف آسان ناهي. سنڌي شاعريءَ ۾ هر ٽيون شاعر هائيڪو لکي رهيو آهي، پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن هن صنف سان نڀايو آهي. اهڙا تمام ٿورا شاعر آهن، جيڪي هائيڪو جي اصل مقصد کي سمجهي سگهيا آهن،  جيئن نارائڻ شيام، تنوير عباسي، شيخ اياز هن جديد دور جي شاعرن ۾ ادل سومرو، اياز گل، آسي زميني، مختيار ملڪ، وسيم سومرو اهم ليکيا وڃن ٿا. جيڪڏهن هن دور جي شاعرن ۾ ڊاڪٽر مھر خادم جو نالو نه وٺجي، ته سنڌي ادب جي تاريخ لاءِ ناانصافي ٿيندي. ڊاڪٽر مھر خادم هن دور جو برجستو شاعر آهي، جنھن جي شاعري ۾ معاشري جا چٽا عڪس ملن ٿا.

هڪ محقق، اديب، سچل جو پارکو ۽ هڪ سٺو شاعر ڊاڪٽر مھر خادم جنھن جو پورو نالو رحيم بخش مھر ولد محمد شعبان آهي. شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ جيو مھر تعلقو لکي غلام شاهه سان تعلق رکندڙ، ڊاڪٽر مھر خادم جي ادبي کيتر ۾ اهم سڃاڻپ آهي. ڊاڪٽر مھر خادم شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سچل چيئر جي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي پنھنجي ملازمت تان رٽائرڊ ٿيا آهن. ان سان گڏ ادب جي ڀرپور خدمت ڪري رهيو آهي. سندس لکيل ڪتاب، ”سچل“، ”سرمست جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ واريون ڪيفيتون“، ”تصوف ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري“ (ترجمو ٿيل) ”سچل ساڃاهه“، ”سچل سرمست ڪا اردو ڪلام“  (سچل سرمست جي اردو ڪلام جو Standarad Text)، ”سچل چيئر ۾ موجود قلمي نسخا“، ”اک ٻوٽ“ (ٻارن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو)، ”تنوير عباسيءَ جون ادبي خدمتون“، ”منھنجي من ۾ ڪوئي سپنو“، اهم حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر مھر خادم شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو آهي. جنھن مان ڊاڪٽر صاحب جي، جذبن ۽ احساسن جا گُل ڦٽن ٿا. ڊاڪٽر مھر خادم جي غزل جي پرک ڪنداسون ته سندس لکيل غزل، فن ۽ فڪر سان سرشار نظر اچن ٿا ۽ جيڪڏهن وائين جو مطالعو ڪنداسين ته ڊاڪٽر صاحب جي هر وائي وزنائتي نظر اچي ٿي، جنھن ۾ نازڪ ۽ سندر احساس شامل آهن. اهڙا ئي سندس لکيل نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم آهن ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن جي ڳالھه ڪجي ته سندس هر هائيڪو ڳالھائيندڙ ۽ چُرندڙ تصوير آهي. جنھن ۾ قومي، مزاحمتي، معاشي، سماجي، ثقافتي رومانوي موضوعن سان گڏ فطرت جا انيڪ رنگ جابجا ملن ٿا. جيئن:

”کانڀاڻي ڪا ڌار

هاري تنھنجي فصل کي

کائـــــــي پئي جهار.“

هي هائيڪو فن ۽ فڪر تي لکيل مڪمل هائيڪو آهي، جيڪو 11، 13، 11 ماترائن تي لکيو ويو آهي. هن هائيڪي ۾ ساوڪ ۽ سرسبز فصل جا عڪس آهن ۽ هن هائيڪي ۾ هاريءَ کي صلاح ڏني وئي آهي ته کاڻڀاني ڌار، نه ته تنھنجو فصل جهار کائي ويندي. کانڀاڻي سُٽَ جي وٽيل رسي هوندي آهي ۽ هن ۾ مٽيءَ جو ڳوڙهو وجهي جهار کي هڪليو ويندو آهي يا هي هائيڪو:

”ڀــــــــري مٿي تــــــي

کنيون اچي پئي ڳوٺاڻي

ڪڇ تي ٻار کي.“(4)

هي هائيڪو نِج ٻھراڙيءَ جو هائيڪو آهي، جنھن ۾ عورت کي مٿي تي ڀري آهي ۽ ڪڇ تي ٻار کنيو پئي اچي، هي عڪس اسان جي ڳوٺن واري ماحول ۾ اڄڪلھه به ڏسڻ ۾ اچن ٿا:

”ڪاٺيــــــون مٿي تي

اڳيان ڌڻ ڌنـــــارن جو

پھتو ساٿيءَ کــــــي.“(5)

هي هائيڪو به نج ٻھراڙيءَ وارو هائيڪو آهي، هن هائيڪو کي پڙهڻ کانپوءِ ذهن ڳوٺاڻي ماحول ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ته، ڪيئن ڳوٺاڻا ماڻھو مال سان گڏ ڪاٺيون مٿي تي گهر لاءِ کنيون اچن ٿا. هي ٻھراڙيءَ وارا عڪس ڏسي انسان حال مان ماضيءَ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. شاعر حساس هوندا آهن ۽ هنن جي دل نرم مزاج جي هوندي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه انھن جي خيالن مان پرکي سگهجي ٿو. اهڙن ئي احساسن جي تصوير هن هائيڪي مان نظر اچي ٿي:

”وسن ٿـــــــا وڏ ڦڙا

هاري ۽ مزدور جا

ٽمن ٿا جهوپڙا.“(6)

ڊاڪٽر مھر خادم جو هي هائيڪو، مفلسيءَ واري ماحول کي ڏيکاري ٿو. شاعر ته حساس هوندا ئي آهن، ويتر انھن جي خيالن مان خبر پوندي آهي ته شاعر جي اندر جي ڪيفيت ڪھڙي آهي. هن هائيڪي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر مھر خادم جي هاري ۽ مزدور جي زندگيءَ سان ڪيتري محبت آهي. هي هائيڪو انسانيت جو درس ڏي ٿو، جنھن ۾ غريب مسڪينن جا ڪچا گهر برسات جي اثر کي برداشت نه ڪندي ٽِمي پون ٿا. اهڙي حالت ڏسي انسانيت جو درد رکندڙ شاعرن جا احساس به ٽِمي پون ٿا. شاعر قوم جو سرمايو هوندا آهن، حق ۽ سچ کي نروار ڪندا آهن، ظالم سان تخليق جي روپ ۾ وڙهندا آهن ۽ جاهليت وارين ريتن ۽ رسمن خلاف سگهاري لفظن جو روپ ڏئي قلم سان جنگ جوٽيندا آهن، هيٺيون هائيڪو اهڙي قسم جي نشاندهي ڪري ٿو:

”ٿڪل سنڌُ سنڌُ

پيءُ جيڏي ورَ جو

وڇائي ٿي هنڌُ.“(7)

هي هائيڪو اهڙي ظالم ريتن جي نمائندگي ڪري ٿو، جنھن ۾ نوجوان ڇوڪريءَ کي ڪنھن اڌڙوٽ عمر جي مرد سان پرڻايو وڃي ٿو. هي هائيڪو ان جو بھترين عڪس آهي، جنھن ۾ نازڪ، نفيس عورت کي پيءَ جيڏي مڙس جو هنڌُ وڇائيندي ڏيکاريو ويو آهي. هن قسم جون تصويرون اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻيون ملن ٿيون، جن کي ڊاڪٽر مھر خادم هائيڪي جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن ۾ مختلف موضوع ملن ٿا، اهي قومي هجن يا تاريخي هجن، معاشي هجن يا ثقافتي، مزاحمتي هجن يا رومانوي انھن سڀني موضوعن ۾ عڪس بندي عمده ڪئي وئي آهي، جيئن هي هائيڪو تاريخ جي موضوع کي ظاهر ڪري ٿو:

”ســــنــــڌو بتيلــــــو

مسجد منزلگاهه جي

سامھون ساڌٻيلو.“(8)

مسجد منزل گاهه ۽ ان جي سامھون ساڌٻيلو جيڪو واڻين جي عبادتگاهه جي جاءِ آهي، هڪ تاريخي ورثو آهي، انھن تاريخي جڳھن جي عڪس بنديءَ سان گڏ سنڌوءَ جو منظر ان ۾ ٻيڙيءَ جو منظر هائيڪو جي دلڪشيءَ ۾ اضافو ڪري ٿو. ڊاڪٽر مھر خادم تاريخي هائيڪن سان گڏ قومي مسئلن تي به قلم کنيو آهي جيئن هي هائيڪو:

”سنڌوءَ جون ڇوليون

آڪاش تي کنوڻ کِجي

ٻاهر بم ۽ گوليون.“(9)

هي هڪ قومي هائيڪو آهي، جنھن مان قوم جي حالاتن جي خبر پوي ٿي ۽ ان سان گڏ منظرنگاري به نظر اچي ٿي، جنھن ۾ مھراڻ جون ڇوليون، آسمان ۾ کِنوڻ جي چمڪڻ جا عڪس ۽ ان سان گڏ ٻاهر بمن ۽ گولين جا منظر جنھن مان قومي حالات جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن ۾ قومي حالات سان گڏ مزاحمت جو فڪر به ڏسي سگهجي ٿو. جيئن:

”بمن  سان آڪاش

رنڱيو دونھين ۽ رت سان

ٽڪرا ٽڪرا لاش.“(10)

هي هائيڪو تڪليف زده حالات کي ظاهر ڪري ٿو ته معاشري ۾ دهشتگرديءَ جو راڄ آهي، بمن جا ڌماڪا آهن، آسمان ۾ رڳو دونھو ئي دونھو نظر اچي ٿو ۽ اسان کي جوڌن جا لاش ملن ٿا. ڊاڪٽر مھر خادم هن هائيڪي ذريعي اهم پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته اسان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گهرجي، ظلم سان بغاوت ڪرڻ گهرجي جيئن اسين جوڌن جي لاشن کان بچي سگهون. جتي ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن ۾ قومي، مزاحمتي، معاشي، ثقافتي، عڪس ملن ٿا، اتي رومانوي هائيڪن جي عڪس بندي نه هجي ائين ٿي نه ٿو سگهي، رومانيت بابت ممتاز مھر جو خيال آهي ته:

”رومانيت فرد جي بغاوت هئي، جيڪا ٺوس ڪلاسيڪي قدرن ۽ ضابطن خلاف ردِعمل ۽ جديد طرز احساس جي ابتدا هئي.“ (11) (ميمڻ، 2017ع، 237)

ڊاڪٽر مھر خادم جا سندس لکيل رومانوي هائيڪو عجيب ڪشش رکن ٿا، جيئن هي هائيڪا هيٺ ڏجن ٿا:

”موٽي گاهه ڪري

ڇاتيءَ جي ڇل ڇل

جوڀن منجهه ڏري.“(12)

يا هي هائيڪو:

”لــــــب مھــــــــراڻ تي

سج لھڻ جي منظر ۾

ڏٺم سُندريءَ کــــــي.“(13)

هي ٻئي هائيڪا رومانيت جو مظھر آهن، پھرين هائيڪي ۾ جوڀن جو اوج ۽ سيني جي اُبھارَ جا منظر ملن ٿا ته ٻئي هائيڪي ۾ لب مھراڻ تي سج لھڻ جي منظر سان گڏ هڪ خوبصورت ڇوڪري دل کي سڪون پھچائي ٿي.

هائيڪو ۾ مختلف حواسن وارا عڪس:

هائيڪو عڪس ۽ منظرنگاريءَ واري صنف آهي، جنھن ۾ پل جا احساس شامل هوندا آهن، جيئن ته عڪسن جو تعلق حواسن سان هوندو آهي ۽ حواس پنج آهن تنھن ڪري عڪس به پنج هجڻ گهرجن، ان مطابق عبدالوحيد جتوئي، ڊياني رابرٽ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

”ڊياني رابرٽ مطابق هي عڪس آهن، نظري عڪس، ٻڌڻ جا عڪس، ڇُھڻ جا عڪس، سُنگهڻ جا عڪس ۽ چکڻ جا عڪس“. (14) (جتوئي، 1998ع، 207)

ڊاڪٽر مھر خادم جا اهڙا ڪيترائي هائيڪا آهن جن ۾ مختلف عڪس نظر اچن ٿا، جيئن هيٺيان هائيڪا:

”چڙن جي گونجار

مال ڪاهي موٽيا هن

”گلاب جا گل

ڏسي سھڻا باغ ۾

”نڪ تي رومال

رکي هليو پيٽ وڏو

”برسات ۾ پُسي

مارو خوش ٿين پيا

ڌڻن ساڻ ڌنار.“(15)

پوپٽ ڏي ٿو بُل.“(16)

ڏسي ميرو ٻال.“(17)

هڪ ٻي ڏس ڏسي.“(18)

پھرين هائيڪو ۾ ٻڌڻ جو عڪس آهي چڙا جيڪي مال جي ڳچيءَ ۾ هوندا آهن اهي آواز ڪندا آهن، اهڙي نموني ٻيو نمبر هائيڪو متحرڪ عڪس کي ظاهر ڪري ٿو، پوپٽ بل ڏي ٿو يعني حرڪت ۾ آهي ٽيون نمبر هائيڪو سُنگهڻ جي عڪس کي ظاهر ڪري ٿو ۽ چوٿون نمبر هائيڪو ۾ پُسڻ يعني محسوس ڪرڻ، ڇھائي عڪس سان گڏ ڏسڻ جو عڪس به موجود آهي.

هائيڪن ۾ تجنيس حرفيءَ جو استعمال:

”ڪنھن به جملي يا سٽ ۾ هڪجھڙائي آوازن جا لفظ هڪجھڙي حرفن سان اچن، ان کي تجنيس حرفي چئبو آهي.“ لفظ تجنيس ”جنس“ مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ساڳيائپ يا هڪجھڙائي. ٻين لفظن ۾ شاعريءَ جي ڪنھن شعر ۾ ڪنھن لفظ، اکر يا لکت جي هڪجھڙائيءَ کي تجنيس چئبو آهي.“(19) (لطيف، 2018ع، 398)

ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن ۾ جيئن مختلف عڪس ملن ٿا، ائين ڊاڪٽر مھر خادم هائيڪن ۾ تجنيس حرفيءَ جو به اعليٰ استعمال ڪيو آهي، چند مثال تجنيس حرفيءَ جا هيٺ ڏجن ٿا:

”ٽم ٽم ٽانڊاڻا

ٽمڪن پيا رات ۾

هاري ستل ساڻا.“(20)

 

”ها ها، هوڪار

هاريءَ جي هڪل سان

اٿي وئي جهار.“(21)

هي ٻئي هائيڪا تجنيس حرفي جو اعليٰ نمونو آهن، پھرين هائيڪي ۾ ٽم ٽم، ٽانڊاڻا، ستل، ساڻا ۽ ٻئي نمبر هائيڪي ۾ هاها، هوڪار، هاري، هڪل تجنيس حرفيءَ جا اعليٰ مثال آهن، جنھن جي استعمال سان هائيڪي کي تقويت ملي ٿي. ڊاڪٽر مھر خادم، هائيڪو نظم به لکيا آهن ۽ هائيڪو سُرُ به لکيو آهي، جنھن کي سُرُ ڀٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. سُرُ ڀٽ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

”تنبوري جي تار

ڀٽائيءَ جي آڳر تي

سُرن جي گونجار.

 

تنبوري جي تار

عورتن جي وجد سان

دائرا دائر وار.

 

تنبوري جي تار

ڪراڙ جي ڍنڍ تي

ننڍڙا وڏڙا ٻار.“

هي پورو هائيڪو نظم شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عقيدت ۾ لکيل آهي، جنھن کي سُرُ ڀٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي مسلسل سُر 8 هائيڪن تي مشتمل آهي، جنھن جي هر پھرين سِٽ تنبوري جي تار ورجائي وئي آهي. هي نمونو به هائيڪو نظم جو حصو آهي. اهڙا ڪيترائي هائيڪا نظم ڊاڪٽر مھر خادم لکيا آهن، جيئن”ريل هلي ٿي“ هي به هائيڪو نظم آهي جيڪو مسلسل 11 هائيڪن تي مشتمل آهي ۽ هر هائيڪي جي وراڻي ”ريل هلي ٿي“ جيئن:

”ريل هلي ٿي

گهر جي دري کولي

هوءَ ڏسي ٿي.

 

ريل هلي ٿي

پل، سکر روهڙيءَ سان

هٿ ملائي ٿي.

 

ريل هلي ٿي

ڪڪرن ڪارونڀار

کِنوڻ کجي ٿي.“

هي هائيڪو نظم  مسلسل 11 هائيڪن تي مشتمل آهي، جنھن جي هر هائيڪو ۾ مختلف رنگ ۽ احساس ملن ٿا، ڪنھن ۾ دريءَ جي کڙڪيءَ مان ريل جو عڪس ملي ٿو ته ڪنھن مان روهڙيءَ واري پل سکر کي هٿ ملائيندي نظر اچي ٿي، ڪڏهن ريت سان گڏ بادلن جا منظر ۽ کِنوڻ جي چمڪڻ جا عڪس ملن ٿا. نتيجو اهو نڪري ٿو ته  ڊاڪٽر مھر خادم جا لکيل هائيڪا يا هائيڪو نظم تمام عمده آهن، جنھن ۾ فن ۽ فڪر نظر اچي ٿو. هائيڪو ۾ مختلف موضوعن هوندي فطرتي منظرنگاريءَ کي سموئڻ تمام اوکو ڪم آهي، پر اهو ڊاڪٽر مھر خادم جي ڏات ۽ فن جو ڪمال آهي، جنھن هائيڪي جي روح کي سمجهيو آهي. سندس هر هائيڪو هڪ جاڳندڙ تصوير آهي، ڪجهه هائيڪا ٽيڙو لڳن ٿا، جن ۾ خيالي عڪس ڏنا ويا آهن، پر سندس لکيل اڪثر هائيڪا ڪمال جا آهن، جيڪي مختصر هوندي جامع تصوير سان گڏ مختلف پلَ جا احساس ڏيارين ٿا، ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هن مختصر نظم معاشري جو هر ماحول سمائي سگهجي ٿو، پر ايترو خيال رکجي جو هائيڪي جي حُسن کي نقصان نه رسي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڊاڪٽر مھر خادم جي هائيڪن ۾ نظر اچي ٿو، مختلف موضوعن هوندي ڊاڪٽر مھر خادم هائيڪي جي فن فڪر سان خوب نڀايو آهي.

حوالا:

1.                  سنڌي، يوسف، ڪجهه ڏئي وينداسين، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2012ع.

2.                 عباسي، ظفر، سنڌي شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون، حيدرآباد: لئنگويج اٿارٽي، 2007ع.

3.                 جويو، تاج، نيڻ مھٽي خيال جاڳيا، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، 1993ع.

4.                 مھر، خادم، منھنجي من ۾ ڪوئي سپنو، خيرپورميرس: پريت پبليڪيشن، ڇاپو پھريون، 1992ع.

5.                 ساڳيو.

6.                 ساڳيو.

7.                 ساڳيو.

8.                 ساڳيو.

9.                 ساڳيو.

10.             ساڳيو.

11.              ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي 2017ع.

12.             مھر، خادم، منھنجي من ۾ ڪوئي سپنو، خيرپورميرس: پريت پبليڪيشن، ڇاپو پھريون، 1992ع.

13.             ساڳيو.

14.             جتوئي، عبدالوحيد، سنڌي شاعريءَ فن کان فڪر تائين، حيدرآباد: رچنا اشاعت گهر، 1998ع.

15.             مھر، خادم، منھنجي من م ڪوئي سپنو، خيرپورميرس: پريت پبليڪيشن، ڇاپو پھريون، 1992ع.

16.             ساڳيو.

17.             ساڳيو.

18.             ساڳيو.

19.             لطيف، فياض، شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، ڄام شورو: سنڌالاجي، 2018ع.

20.            مھر، خادم، منھنجي من ۾ ڪوئي سپنو، خيرپورميرس: پريت پبليڪيشن ڇاپو پھريون، 1992ع.

21.             ساڳيو.

 

عبدالله فهيمي

 

 

 

 

مخدوم محمد قائم ٺٽوي جي هڪ ڪتاب جي دستيابي

         (تشنيف السمع بذکر احاديث الجمع بين الصلاتين في الظعن و الوقع)

 

سنڌ جي ناميارن عالمن مان ڪيترائي اهڙا عالم آهن، جن جي تفصيلي سوانح حيات نه لکي وئي آهي، ۽ نه ئي انھن جي علمي خدمتن تي ڪما حقه لکيو ويو آهي. وري انھن عالمن سڳورن جون تصنيفون به زماني جي گردش سبب اڻلڀ ٿي ويون. انھن عالمن سڳورن مان مخدوم محمد قائم ٺٽوي (وفات: 1157هه) به هڪ آهي. سندس تصنيفات جو اڪثر حصو زماني جي گردش سبب اڻلڀ ٿي ويو آهي. ڀلا ڀاڳ سنڌي عالمن جا، جن پنھنجي ڪتابن ۾ سندس رسالن مان اقتباس قلمبند ڪيا، تڏهن اُن جي رسالن بابت ڄاڻ حاصل ٿي. يادگار لاءِ اسان ڪجھه رسالن ۾ هتي به ذڪر ڪريون ٿا، ممڪن آهي جاکوڙي جوانن جي جاکوڙ سان اِهي رسالا دستياب ٿي وڃن.

1.      منحة الودود القادري في شرح الدرود الحاضري:

مخدوم عبد الواحد سيوستاني (وفات: 1224ھ) پنھنجي علمي شاهڪار ”فتاويٰ واحدي“ (1) ۾ مخدوم محمد قائم جي انھيءَ رسالي مان ڪجهه اقتباس ذڪر ڪيا آهن.

2.      منحة العلام في مسائل الاسلام:

مخدوم محمد اڪرم متعلوي پنھنجي فقھي بياض(2) ۾ هن رسالي جا اقتباس ذڪر ڪيا آهن.

3.      حل العقود:

مخدوم محمد اڪرم متعلوي پنھنجي فقھي بياض ۾ لکي ٿو ته: صرح به المخدوم قائم في رسالة المسمى بحل العقود(3).

4.      بياض فقھي:

مخدوم محمد قائم جي انھيءَ فقھي بياض جو ڪنهن به ذڪر نه ڪيو آهي، پاڻ وٽ منتشر ورقن کي اٿلائيندي پٿلائندي هڪ هنڌ لکيل ڏٺم، جنھن ۾ هن طرح لکيل هو ته: ”صدقات، قرآن جي قرائت،تسبيحات، فقراء کي کاڌو کارائڻ ۽ ان طرح جي ٻين نيڪ عملن جو ثواب حضرت امام حسين ۽ شھداءِ ڪربلا رضوان الله عليھم کي ايصال ثواب ڪرڻ سان سعادت ابدي، ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ٿيندي آهي. نقل من بياض مولانا محمد قائم ٺٽوي.

هن عبارت مان معلوم ٿيو ته جھڙي طرح سنڌي عالمن جا فقھي بياض لکيل آهن، اهڙي طرح مخدوم محمد قائم به فقھي بياض لکيو آهي.

5.      ثبت:

مخدوم لعل محمد متعلوي (وفات: 1355ھه) پنھنجي اجازت(4) ۾ مخدوم محمد قائم جي انھيءَ رسالي کي ذڪر ڪيو آهي.

6.      ربيع الاخوان في اذهان اهل الايمان

مخدوم محمد اڪرم متعلوي پنھنجي فقھي بياض(5) ۾ مخدوم صاحب جي انھيءَ رسالي جا اقتباس ذڪر ڪيا آهن.

راقم جي ڪوششن سان هن وقت تائين مخدوم محمد قائم جا ٽي ڪتاب دستياب ٿيا آهن.

1.      البدر الـمنير في صحابة البشير النذير:

هن ڪتاب جو سڄي دنيا ۾ هڪ ئي نسخو آهي، جيڪو دار الکتب المصريه(6) ۾ موجود آهي.

2.      قري القادري في ميقات المعتمر من حرم الباري:

هن رسالي جو به هن وقت تائين هڪ ئي نسخو دستياب ٿيو آهي، جيڪو هندستان جي مشھور يونيورسٽي جامعه علي گڙهه جي لائبريري ۾ محفوظ آهي.

3.      تشنيف السمع بذکر احاديث الجمع بين الصلاتين في الظعن والوقع

مان هن مقالي ۾ مخدوم محمد قائم ٺٽوي جي هن آخري ڪتاب بابت ذڪر ڪريان ٿو.

نسخي جي نشاندهي:

         سڀ کان پھريان مخدوم محمد قائم جي انھيءَ نسخي جي نشاندهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي. جھڙي طرح پاڻ ”مصلح المفتاح“ يعني ’دائري وارن جي سنڌي‘ جي مقدمي ۾ نماز جي مسئلن تي سنڌي عالمن پاران لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪندي، هن ڪتاب ”تشنيف السمع بذڪر احاديث الجمع بين الصلاتين في الظعن و الوقع“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هيٺ حاشيه ۾ لکيو آهي ته:

”مخدوم محمد قائم جو پنھنجو هٿ لکيل هن ڪتاب جو قلمي نسخو اسان برطانيه جي مانچسٽر يونيورسٽي جي ڪتب خاني ۾ ڏٺو“ (7).

اُن کان پوءِ مفتي حافظ عبد الرزاق مھراڻ سڪندري پنھنجي مقالي ”نماز جي مسئلن بابت سنڌي عالمن جون تصنيفون“(8) ۾ انھيءَ رسالي کي ذڪر ڪيو آهي، پر پاڻ اها معلومات ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي آڌار تي ڏني آهي، ڪنھن نئين ڄاڻ جو اضافو نه ڪيو آهي.

نسخي جو حصول:

         جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ برطانيا جي مذڪوره لائبريري ۾ هي نسخو ڏٺو ته يقيناً پاڻ اُن وقت نسخي جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين، پر جيئن ته اُن وقت موبائل فونون نه هيون ۽ نه ئي اُن وقت فوٽو ڪاپي جو ايترو رواج هو، يا ڪِن ٻين سببن جي ڪري ڊاڪٽر صاحب کي هن نسخي جو عڪس نه ملي سگھيو.

تنھن کان پوءِ انھيءَ نسخي جي عڪس جي حصول لاءِ ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو به ڪوششون ورتيون، جھڙي طرح پاڻ پنھنجي مضمون ”ڊاڪٽر بلوچ سان وابسته ڪجهه يادون“ ۾ لکي ٿو ته:

”ٽي سال اڳ(9) اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر حافظ مختيار احمد ڪانڌڙو (شڪارپور) جڏهن Ph.D جي سلسلي ۾ مانچسٽر (برطانيه) ويو ته مون کيس انھيءَ حوالي جي آڌار تي فون ذريعي گذارش ڪئي ته: مانچسٽر يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ مان انھيءَ مخطوطي جو عڪس ڪرائي وٺو (جيڪا سنڌ وارن جي عظيم خدمت شمار ٿيندي) پاڻ اتي جاچ ڪيائين، پر فون تي ٻڌايائين ته: ”هت يونيورسٽي اندر ڪيتريون ئي لائبريريون آهن، الائي ڪھڙي لائبريريءَ ۾ اهو مخطوطو هوندو؟ مون کان ته نه ٿو لڀي.“

ان ڏَس ۾ مون جسارت ڪندي ڊاڪٽر (نبي بخش بلوچ) صاحب کان فون ذريعي پڇا ڪئي ۽ صورتحال سامھون رکي. ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته: ”هن وقت ياد نه آهي ته ڪھڙي لائبريري هئي، البت ڊائري ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو پر ان لاءِ مھلت کپي.“

ان کان پوءِ مون به کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهي ۽ ائين انھيءَ مخطوطي جي حصول جي حسرت دل ۾ رهجي وئي. لعل الله يحدث بعد ذلڪ امرا.“ (10)

          مون (يعني راقم) ڊاڪٽر محمد ادريس کان معلوم ڪيو ته مخدوم صاحب جي انھيءَ نسخي بابت وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون ته: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ته ويو وفات ڪري ۽ اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته مخدوم صاحب جو هي رسالو برطانيا جي ڪھڙي لائبريري ۾ آهي‘.

          پوءِ مون برطانيا جي سمورين لائبريرين جون فهرستون پڙهڻ شروع ڪيون. پڙهندي پڙهندي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب جو هي رسالو برطانيا جي لائبريري ”جون رائلينڊس لائبريري مانچسٽر John Rylands Library Manchester (11) ۾ هڪ مجموعي ۾ موجود آهي.

فائدو: مخدوم محمد جعفر بوبڪائي (وفات: 1002هـ) جي رسالي ”الرسالة في تصحيح الاشارة“ جو هڪ نسخو به انھيءَ لائبريري ۾ نمبر: I/443(12) تي مجموعي ۾ محفوظ آهي، جيڪو پنجن صفحن تي مشتمل آهي، اهو نسخو انھيءَ مجموعي جي ورق نمبر: 58/الف تي شروع ٿئي ٿو وري 61/الف تي ختم ٿئي ٿو. نسخي جي شروع ۾ کاٻي پاسي کان لکيل آهي: ”هذه الرسالة من تصانيف مخدوم جعفر بن مخدوم ميران بوبکاني“. (هن نسخي جو عڪس به راقم وٽ موجود آهي).

فائدو: مخدوم محمد حيات سنڌي (وفات: 1163هه) جي رسالي ”البشارة لاهل الاشارة“ جو به هڪ نسخو انھيءَ مجموعي(13) ۾ محفوظ آهي، جيڪو ڏهن صفحن تي مشتمل آهي. ورق نمبر 69/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 74/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر صفحي تي 20 سٽون آهن. خط نسخ آهي. نسخي جي پڇاڙي ۾ سن ڪتابت هن طرح لکيل آهي: ”تمام شد بتاريخ دهم شھر محرم المحترم سنه 1174هه“. (هن نسخي جو عڪس به راقم وٽ موجود آهي).

چوندا آهن ته ”ڪوشش ڪاميابي جي ڪُنجي آهي“، انھيءَ آڌار تي مون به انھيءَ نسخي جو عڪس حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪيم، سو منھنجي ڪوشش رنگ لاتو. برطانيا ۾ منھنجو دوست نبيل ياسين تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، انھيءَ کي ان رسالي جو تفصيل فون ذريعي ڏنو، اُن لائبريري وارن سان فون ذريعي رابطو ڪيو، انھن جواب ڏنس ته: اسان وٽ فوٽو ڪاپي جي سھولت نه آهي ۽ قلمي مسودي کي لائبريري کان ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت به نه آهي، تنھنڪري اوهان پاڻ اچي اُن نسخي جون موبائل ذريعي تصويرون ڪڍي وڃو. پر مون وارو دوست تعليمي سرگرمين سبب مصروف هو. اُن جي مصروفيتن سبب سال کن انتظار به ڪيم، هر مھيني رابطو ڪري يادگيري به ڏياريندو رهيس. تانته اڄ کان هفتو پھريان تانجو هو انھيءَ لائبريري ويو ۽ اتي مخدوم صاحب جي رسالي جو عڪس حاصل ڪري موڪليو. سندس انھيءَ ڪوشش تي مان شڪريو ادا ٿو ڪريان. فجزاه الله تعالى احسن الجزاء، بالآخر الحمد لله نسخي جي عڪس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.

          تنھن ڪري سوچيم ته ان رسالي تي مضمون لکي شايع ڪرائجي ته جيئن هن عظيم خدمت کان سنڌ واسي روشناس ٿين.

مجموعي جي ڪيفيت:

هي قلمي مسودو اصل ڪھڙي لائبريري جو آهي؟ ڪنهن جي ملڪيت ۾ رهيو آهي؟ ان بابت ڪا وضاحت نه ٿي ملي، البته هن مجموعي جي شروع ۾ لکيل آهي ”مجموعه هجده 18 رساله بموجب تفصيل فهرست کرنيل جارج وليم هملتن صاحب بھادر“.

انھيءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هن مجموعي کي ڪرنل جارج وليم هملٽن George William Hamilton (14) ڪٿان حاصل ڪيو آهي. پوءِ هي مجموعو برطانيا جي لائبريري ۾ پھتو.

انھيءَ لائبريري جي فھرست(15) مطابق انھيءَ لائبريري ۾ هي مجموعو 414 نمبر تي محفوظ آهي.

 هن مجموعي ۾ مختلف عالمن جا رسالا شامل آهن، جنھن جو تفصيل هن ريت آهي:

1.      فيض الرب في الخلق والکسب

2.           علامه عبد الرحيم عراقي (وفات: 806ھه) جو رسالو ”الفية السيرة النبوية“

3.     ملا علي قاري جا مختلف يارنھن رسالا.

4.     علامه محمد بن پير علي برکوي جا ٽي رسالا ”معدل الصلاة“، ”ايقاظ النائمين“، ”انقاذ الهالکين“.

انھيءَ مجموعي ۾ سنڌي عالمن جا به رسالا شامل آهن، جنھن جو تفصيل هن طرح آهي:

1.             شوارد الفرائد في حق الايمان بالله والملائکة، ابو الحسن صغير سنڌي (وفات: 1187هـ)

هن رسالي جا ٻه نسخا جن مان هڪ نسخو مڪتبه محمود افندي ترڪي ۾ نمبر: 1410/17 تي موجود آهي، ٻيو نسخو لنڊن جي ”برٽش ميوزم“ ۾ 13421/27 تي موجود آهي. هي رسالو هن وقت تائين شايع نه ٿيو آهي. راقم وٽ انھن ٻنھي نسخن جا عڪس موجود آهن.

انھيءَ مجموعي ۾ هي رسالو ورق نمبر 5/ب تي شروع ٿئي ٿو ۽ ورق 6/الف تي ختم ٿئي ٿو. آخر ۾ هي نسخو ناقص آهي.

2.           تشنيف السمع، مخدوم محمد قائم ٺٽوي

3.           فوز الکرام بما ثبت في وضع اليدين تحت السرة او فوقها تحت الصدر عن الشفيع المظلل بالغمام، مخدوم محمد قائم ٺٽوي

هي رسالو مخدوم محمد حيات سنڌي (وفات: 1163هـ) جي رسالي ”فتح الغفور في وضع الايدي على الصدور“ جو رد آهي، هن رسالي جا ٻيا به نسخا دنيا جي مختلف لائبريرين ۾ موجود آهن، هي ڪتاب دار الکتب العلمية بيروت مان سنه 2022ع ۾ مفتي محمد حسان عطاري جي تحقيق سان شايع ٿيو آهي.

انھيءَ مجموعي ۾ هي رسالو ورق نمبر 204/ب تي شروع ٿئي ٿو ۽ ورق 234/ب تي ختم ٿئي ٿو.

4.     منهل الهداة شرح معدل الصلاة، ابو الحسن صغير سنڌي

هي ڪتاب علامه محمد بن پير علي برکوي (وفات: 981هـ) جي ڪتاب ”معدل الصلاة“ جي شرح آهي، هي شرح اسلام جي ٻئي رڪن نماز بابت آهي. هن رسالي جا ڪافي نسخا دنيا جي مختلف لائبريرين ۾ موجود آهن، انھن مان 15 نسخن جا عڪس راقم وٽ به موجود آهن. مون انھيءَ ڪتاب تي تحقيق به شروع ڪئي هئي، پر جڏهن اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو ته مون ان تي وڌيڪ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني، زندگي رهي ته وڌيڪ محنت ڪري ڪتاب کي ٽيون ڀيرو شايع ڪبو. هي ڪتاب پھريون ڀيرو محترمي مفتي حق نبي ازهري جي تحقيق سان دار النون مان شايع ٿيو، ٻيو ڀيرو اسان جي دوست عبد الله نانا امريڪي جي تحقيق سان سنه 1443هـ مطابق 2022ع ۾ مڪتبه اسماعيل برطانيا وارن شايع ڪيو.

انھيءَ مجموعي ۾ هي رسالو ورق نمبر 235/ب تي شروع ٿئي ٿو ۽ ورق 303/ب تي ختم ٿئي ٿو.

نسخي جي ڪيفيت:

مخدوم محمد قائم جو هي رسالو انھيءَ مجموعي ۾ ورق نمبر 169/ب تي شروع ٿئي ٿو ۽ ورق 204/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر صفحي تي تقريباً 20 سٽون آهن، هر سٽ ۾ تقريباً اَٺن کان ڏهن تائين لفظ آهن. نسخو ڪاري مس سان لکيل آهي، البته ڪي ڪي لفظ ڳاڙهي مس سان به لکيل آهن.

مصنف هن رسالي کي 7 رمضان سنه 1155هـ ۾ لکيو آهي. نسخي جي پڇاڙي ۾ ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي، تنھن ڪري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهو گمان ڪيو ته نسخي جو ڪاتب مخدوم محمد قائم پاڻ آهي. ۽ اهو ممڪن به آهي.

نسخي جي شروعات: الحمدلله الذي وقف عباده لاقتفاء آثار نبيه صلى الله تعالى عليھ وعلى آلھ وصحبه وسلم واخباره، والصلاة والسلام الاتمان الاکملان على سيدنا محمد الشمائل المصطفى ومختاره، وعلى آلھ البدور لسماء الھداية والارشاد وصحبھ الفائزين النجوم في حق المقتدين من طالبي السداد والاسعاد، وتابعيهم واتباع تابعيهم الى يوم التناد، اما بعد: فيقول افقر عباد ربه الدائم محمد القائم ارددتُ ان اجمع الاحاديث المنيفة الواردة في باب الجمع بين الصلاتين تقديمًا وتاخيرًا واقوال الجهابذة المتقنين والاعلام المحدثين؛ ليظهر من تصانيفها ما به يتمسک متتبع الاخبار ومقتفى ما ثبت عن سيد الابرار عليھ وعلى آلھ وصحبه صلوات العزيز الغفار الستار.

نسخي جي پڄاڻي: اللهم ما کان الخطا وخطل ونسيان وطغيان فمن نفسي، وصلى الله على سيدنا ومولانا وحبنا ومعتدانا محمد وآلھ وصحبه وتابعيهم اجمعين، والحمدلله رب العالمين، وسميتُ هذا السطور تشنيف السمع بذکر احاديث الجمع بين الصلاتين في الظعن والوقع، فرغتُ منه سابع رمضان المبارک المنسلک في سلک شھور سنة 1155.

مواد جو وچور:

مخدوم محمد قائم ٺٽوي هي رسالو فقهه جي مسئلي ”سفر ۾ ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ“ بابت لکيو آهي. پاڻ سڀ کان پھريان انھيءَ موضوع تي حديثن کي ذڪر ڪيو آهي. حديثن ذڪر ڪرڻ وقت سڀ کان پھريان حضرت علي، پوءِ ام المؤمنين حضرت عائشه، حضرت عبدالله بن عباس، حضرت عبدالله بن عمر، حضرت معاذ بن جبل، حضرت جابر بن عبدالله، حضرت اسامه بن زيد، رضي الله عنھم کان منقول حديثون ذڪر ڪيون آهن. پاڻ انھن حديثن تي جرح وتعديل به ڪئي اٿئين، ۽ ”فان قلتَ (پوءِ جيڪڏهن تون اعتراض ڪندين)، قلتُ (مان جواب ڏيندس)“ جي اسلوب سان اعتراض ذڪر ڪري انھن جا علمي ۽ تحقيقي جواب به ڏنا اٿس. حديثن جي صحيح ۽ ضعيف هجڻ تي به علمي انداز سان بحث ڪيو اٿس. حديثن جي ذڪر کان پوءِ فقھه مان به ثبوت لاءِ دليل ڏنا اٿس.

مخدوم صاحب انھيءَ رسالي ۾ ورق نمبر 196/الف تي مخدوم شيخ ابو الحسن ڪبير ٺٽوي جي ڪتاب ”حاشية سنن الترمذي“ جو هڪ حوالو به هنن لفظن ”قال العلامة الشيخ ابو الحسن التتئي ثم المدني في حاشية جامع الترمذي“ سان ڏنو اٿس.

حوالا:

1.       ڏسو فتاوى واحدي، جلد 3، ورق: 210، مخطوطه.

2.      ڏسو بياض محمد اڪرم متعلوي، ورق: 148/ب، مخطوطه.

3.      ڏسو بياض محمد اڪرم متعلوي، ورق: 241/الف، مخطوطه.

4.      ڏسو اجازت مخدوم لعل محمد متعلوي، ورق: 2، مڪتبه معروفيه مٽياري، مخطوطه.

5.      ڏسو بياض محمد اڪرم متعلوي، ورق: 278/ب، 279/الف، 452/ب، 486/الف، مخطوطه.

6.      فھرس دار الکتب المصرية، جلد اول، صفحو: 171. مطبوعه مصر.

7.      مصلح المفتاح، مقدمو. مطبوعه سنڌالاجي ڄام شورو.

8.      مفتي عبد الرزاق مھراڻ سڪندري جو هي مضمون ٽماهي مھراڻ  ۾3-2/ 2017ع  ۾ شايع ٿيو آهي.

9.      يعني اڄ کان 15 سال پھريان، ڇو ته ڊاڪٽر محمد ادريس سومري هيءُ مضمون ٽماهي ”مھراڻ“ 2/2012ع جي ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر“ ۾ لکيو آهي.

10.  ٽماهي مھراڻ، اپريل- جون 2012ع، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر، مقالو: ڊاڪٽر بلوچ سان وابسته ڪجهه يادون، مقاله نگار: مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، صفحو: 16

11.   جان رائلنڊس لائبريري، هي لائبريري “مانچسٽر يونيورسٽي (The University of Manchester)” جي اندر موجود آهي، هن لائبريري کي سنه 1900ع ۾ هڪ عورت اينريڪٽا آگسٽينا رائلينڊس Enriqueta Augustina Rylands جي مالي مدد سان عوام جي لاءِ کوليو ويو. اُن هن لائبريري کي پنھنجي مڙس جان رائلينڊس John Rylands جي نالي تي رکيو. هن لائبريري ۾ ”چيٿام لائبريري (Chetham Library)“ مان قلمي ڪتاب خريد ڪري داخل ڪيا ويا، جنھن ۾ تقريبًا 2050 قلمي ڪتاب آهن. جن مان 868 ڪتاب عربي ٻولي جا، 936 ڪتاب فارسي جا، 183 ڪتاب ترڪي جا، 30 کن ڪتاب اردو جا، 16 ڪتاب پشتو جا، 11 ڪتاب ماليزا جا ۽ پنج ڪتاب پنجابي ٻولي جا موجود  آهن.    

12.  Catalogue of the Arabic Manuscripts in the John Rylands Library Manchester, By: A.Mingana D.D, Page: 293, Manchester University Press, 1934.

13.  Catalogue of the Arabic Manuscripts in the John Rylands Library Manchester, By: A.Mingana D.D, Page: 293, Manchester University Press, 1934.

14.  ڪرنل جارج وليم هملٽن طرفان کوڙ سارا قلمي ڪتاب انھيءَ لائبريري ۾ پيل آهن، اُن بابت مختلف ڳالھيون ڪتابن ۾ لکيل آهن ته اُن گھڻين لائبريرين کي لٽيو ڦريو، ڪي ڪتاب اُن کي مفت ۾ مليا، ڪِن کان ڪتاب کسيا وغيره.

15.  Catalogue of the Arabic Manuscripts in the John Rylands Library Manchester, By: A.Mingana D.D, Page:1055, Manchester University Press, 1934.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org