سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:11 

(جنم: 1949ع)

 

ڪهاڻيون

 

چاشني، سيرو ۽ مالپڙو، جي هُن گهر موڪلڻ لاءِ پٽس جي انتظار ۾ صبح کان ئي ’پاسيرا‘ ڪري رکيا هئا، سي به بک کان پاهه ٿي کيس ئي کائڻا پيا. کائي پي، ڏاٺون کوٽي، واڇون اُگهي، کنگهڪار ڪري ٻڪل هڻي، جڏهن ورانڊي ۾ ويٺل تڏي تي زالن اڳيان آئي، ته سندس منھن پاڻمرادو لٽڪي پيو. خانبھادرن، خانصاحبن، سردارن، رئيسن، وڏيرن ۽ آفيسرن جي خاندان کان وٺي، علو ڪاسائي، ربو کٽي ۽ قاسو حجام جي خاندانن جھڙين زالن جا ڪٽڪ ويٺل هئا. هيٺيون طبقو ته اڃان پئي آيو، جن ۾ زالون گهٽ ۽ ٻار گهڻا هئا. ٻار وري اهڙا جو ڄڻ ڏڪاريل گهرن مان آيا هجن. ايندي ئي گِلم تي ليٿڙيون پائي، مانيءَ لاءِ رڙڻ شروع ڪيائون. ٿڃ پياڪن جو ته خير ’ريڊي ميڊ‘ معاملو هو، باقي

ٻين جي ته رڙ مٿي رڙ پي پئي، ۽ جڏهن مڙس جي غم کان بيحال زينب کي، جيڪالڙڪن کي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي، ڀاڳل اچڻ شرط منھن تي ڪپڙو وجهي، ڀاڪر پائي، وڏا وڏا پار ڪڍي روئڻ لڳي، تڏهن مس وڃي ٻارن هيسجي روئڻ بند ڪيو.

”جهالر جهوني نه ٿئيئي، اڄ تنھنجي نَڪؤن لٿي نٿ،

پير پَٽؤن ڪوئنرا، تنھنجا راڻي ڪيا رت،

او جبل، مون سان روءُ، ڪڍي پار پنھون جا.“

۽ سڏڪا به ڀري رهي هئي.

”ڪڪر ڪر ڇانوَ، منھنجو پنھل پند ۾.“

”اي اما! جوڳي نه ڪجن مِٽ، جن جو پنڌ پري!“

”ويهي ڀِٽن ڀر، ڏکيا ڪاٽيم ڏينھڙا،

سورن جو هي ثمر، لکيو آهه نصيب ۾.“

”جانب سوا جڳ ۾، جالڻ ٿيو جنجال،

جندڙي ٿي وبال، پنھل ڌاران پنڌ ۾.“

ڀاڳل اِهي پار اهڙي ته ڏک ۽ سوز مان ڪڍي رهي هئي جو زينب جي لڙڪن جو بند ٽُٽي پيو. هوءَ هيانءَ ڦاڙ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. سندس ٻارن ۽ عزيزن جو به روئڻ ۽ غم کان بُرو حال هو. ڪجهه ڌاريون زالون، ’تڏو پرايو، سور پنھنجا‘ وانگر، دردانگيز پار ٻڌي، لڙڪن کي جهلي نه سگهيون، ۽ ڪي ته صرف هر لحظي زوريءَ ٿڌا ساهه کڻنديون ۽ رکي رکي توبھه- توبھه جو نعرو بلند ڪنديون رهيون. کين ڪير سمجهائي ته خدا جون بنديون، ڏک جو اظھار خاموش رهي به ڪري سگهجي ٿو.

زالن کي روئڻ ۾ مشغول ڏسي، ’بيگم ڏندين ڏاند، کُرين گابي‘- جيڪا انھيءَ نالي سان ئي مشھور آهي، ۽ کنڌون کوٽڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهي، تنھن کان رهيو نه ٿيو، ۽ زينب جي گگدام اٻوجهه ۽ مسڪين ڀاڄائيءَ ۽ گُلان کي پنھنجن ويھن تولن جي سونين چوڙين واري ٻانھن جي ٺونٺ ڪُک ۾ هڻندي، رازداريءَ مان پڇيو: ”زينب جي نڻان شڪارپور کان ڪانه آئي؟“

”هائو! اَدي جي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ کيس ڏسي، ڳالھائي ٻولھائي، ادي جي موڪل سان ئي هلي وئي.“ گلان ڪک ۾ لڳل ٺونٺ جو سور پيئندي جواب ڏنو:

”بس؟ پوءِ وري ڪانه آئي؟“

”مڙس جي حالت اوچتو خراب ٿي پيس، ڊاڪٽرن بنھه کٽ کان هيٺ پير رکڻ نٿي ڏنس. ٻيو ته سندس ننڍڙو ٻار بخار جي مَچ ۾ هو، تنھن کي ڪنھن جي حوالي ڪري اچي ها.“

”آخر گهر ۾ ٻيو به ته ڪو هوندس؟“

”ڪٿي ادي! ويچاريءَ جو سھرو ته وڃي رب کي رسيو. سسڻس سنجهي ئي سڀ لاڳاپا لاهي وڃي ٻيو مڙس ڪيو. باقي نه نڻان، نه ڏير، الله جو نالو موچارو.“

”ڇا هو، پوءِ هتي به گهڻئي ڊاڪٽر هئا، کڻي اچي ها.“

”فون تي چيائين پئي ته ڀاءُ سان ملڻ نه ٿئيم ها ته پوءِ ور ۽ گهر کي خدا جي حوالي ڪري، گهڙيءَ لاءِ به اچي سندس ديدار ڪريان ها؛ پر خدا کي جو ساڻس مرڪندڙ، نماڻي چھري سان آخري ملاقات ڪرائڻي هئي، ۽ اها ڳالھه هميشه لاءِ ذهن ۾ رکڻي هئي، ته پوءِ ڇو ڀاءُ جو بيجان چھرو ڏسان، ۽ ڪھڙيءَ دل سان ڏسان!“

”چئبو ته هن جي طبيعت ئي اهڙي آهي، وڏائي خور ۽ سختدل. جڏهن پنھنجن ڪاڻ اهڙي آهي، تڏهن پوءِ ساڻس ٻين جون ڪھڙيون ميارون.“

”ها، بس، پنھنجي طبيعت اٿس.“ گلان جند ڇڏائڻ لاءِ سادگيءَ سان ايترو چئي کڻي ماٺ ڪئي.

”مائي، توبھن! ڀاءُ جي مرڻ تي به نه آئي!“ بيگم ڏندين ڏاند کي ڄڻ سياسي ٽاپڪ ملي ويو، ۽ اوسي پاسي ويٺل زالن سان ناسون هڻي، دير تائين انھيءَ موضوع تي گفتگو ڪري، پاڻ کي توجهه جو مرڪز بڻائيندي رهي.

”مائي رن آ ڪين راهوُ! هتي به کُنڌ- کُنڌ لايو ويٺي آ!“ هڪ مائي ڪڪ ٿي ٻيءَ کي چيو.

”بلي، اسان ڪاڻ زال ٿي پئي آ.... يتيم ڀاڻيجي مُيس ته ڪفن به ڌارين ڏنس. پاڻ مِکر ڪري صدمي کان ڏندڻجي پئجي رهي. ٻيو ته ٺھيو، پر پنھنجين نياڻين کي به ڪونه ڇڏيائين، ڇو ته ڊپ ٿيس جو غريب جي گهر وڃڻ سان متان سوني ڪلنگي نه لھي پوين!“ ٻيءَ زائفان، ’هَڻ ڌيءَ کي، سِکي ’ننھن‘ واري لھجي ۾ چيو.

”هائو، ڀيڻ، بروبر. مينھن پنھنجي ڪارنھن نه ڏسي، ڍڳيءَ کي چئي، هل ڙي پُڇ ڪاري!“

بيگم ڏندين ڏاند به آخر سَر ڦٽايو ويٺي هئي، سمجهي وئي ته اشارو ڏانھنس آهي. پر پرايو راڄ، پرايو تڏو، ٿڌو ساهه ڀري، کڻي ماٺڙي ڪيائين.

ڀاڳل جڏهن پاڻ اڌ مئي ٿي ۽ گهر وارن کي اڌ مئو ڪيائين، تڏهن وڃي زينب کي ڇڏيائين، ۽ منھن تان گنديءَ جو پلاند لاهي، نڪ کي جهليندي، هڪ وڏي ”ڦون ڪري، سنگهه کي لاپرواهيءَ سان اُڇل ڏنائين، جا ٽَڙاڪ ڪري وڃي ڀر  ويٺل هڪ معزز بيگم صاحبه جي جارجٽ نائلان بادلي سان ڀريل ڪاريءَ ساڙهيءَ تي لڳي، جنھن کي هوءَ خاص طرح سان مرڻن جي موقعن تي پائيندي هئي. تنھن ڇِرڪ ڀري، بيوسيءَ مان ڀاڳل جي گهاٽي، پِيليءَ ۽ سائيءَ سنگهه ڏانھن نھاريو. هيانءَ تي ڄڻ مُھري لڳي ويس. نازڪ موقعو ٿي پيو هو، انھيءَ ڪري سور پي وئي. باقي جن زالن جي مٿس نظر پئي ۽ جيڪي هن نڀاڳيءَ ساڙهيءَ کان اڳ ئي ڇرڪيل هيون، سي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳيون.

”ائي، چڱو ٿيس!“ هڪڙيءَ ٻي جي ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪيو.

”نڀاڳي ڏيڻ، جتي ٿو ڪو قضيو ٿئي، اُتي ڪاري ساڙهي اوڍيو بيٺي آهي! وري اهڙي ته چنڊال آهي جو ان ساڙهيءَ کي ڊرائي ڪلين ڪرايو، وريو ڪنھن ٻئي قضيي لاءِ سانڀيو رکي.“ ٻيءَ سرٻاٽ جو جواب ٻوڪاٽ ۾ ڏنو.

”انگريزن ۾ اهو رواج آهي.“ ٽينءَ زال وري پنھنجي ليکي انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جي هڪ باب ۾ اضافو ڪيو.

”آئي آهي وڏي، ٻڌايانس وري.... وڪٽوريا جي ڌيءَ!“

”ڀيڻ، اهو وڏن ماڻھن جو فيشن آهي.“

”باهه لڳي اهڙي فيشن کي!“

ماهتاب محبوب

ڪتاب ”پرهه کان پھرين“ ٻيو ايڊيشن، 1984ع،

نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، ص 89-94 تان کنيل

 

گُل ڪونڌر

 

 

 

 

سَحر، ساحَر ۽ باکَ

 

سَحر جِي ڀيڻ نغمه، ريڊيو ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ ھُئِي. اڪثر اُنَ سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ ڪري، ھن جِي دل مائل ٿي وئي، ته ھوءَ به پروگرامن ۾ حصو وٺَي. ائين سَحر ريڊيو جَي هفتيوار پروگرام ”يونيورسٽي ميگزين“ جَي هِڪَ سيگمينٽ جِي ڪمپيئرنگ ڪرڻ شروع ڪئي، ڪڏهن وري ڪا معاشري جَي اصلاحَ جِي ڪھاڻي پڙهڻ لڳي ۽ ائين هُن جو شمار ريڊيو جَي ڪَييُوئل آرٽسٽ ۾ ٿيڻ لڳو. هن کي ننڍي عمر ۾ ئِي، ڪجهه سؤ روپين جا چيڪ ملڻ لڳا. هُوءَ پھرئين چيڪ ملڻ تي تمام گھڻو خوش ٿي هُئي ۽ پنھنجي ماءُ لاءِ حيدرآبادي چُوڙيُن جو، اڳيان پويان ڪَڙَنِ سان سيٽ ورتو هئائين.

سَحر ريڊيو تي اڳ ڀيڻ سان گڏ ايندي هُئي، پر هاڻي پنھنجي پروگرام لاءِ، اڪيلي به اچڻ لڳي، سندس گھر کان ريڊيو اسٽيشن جو مفاصلو گھڻو پري نه هو. آگسٽ جو مھينو هئڻ ڪري هڪ ڏينھن، هُنَ ”يونيورسٽي ميگزين“ پروگرام ۾ مِلي نغمو ڳايو، پروڊيوسر اهو ٻُڌي کيس چيو؛ ”تنھنجو آواز تمام سٺو آھي، ان ڪري تون ريڊيو تي ڪلام ڳائي سگھين ٿي.“

سَحر وراڻيس؛ ”سَر اھو وري ڪيئن ممڪن آهي، مون ته ڪڏهن گانو ڳايو ئي ناهي.“

”پر توهان بنا ميوزڪ جَي، مِلي نغمو بھترين ڳايو آهي.“

”سَر اِهو ته ائين ئي آءٌ، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ استادن جَي چوڻ تي ڳائيندي رهي آهيان ۽ هِتَي به پروگرام جِي ضرورت هئڻ ڪري، اوهان جي زور ڀرڻ تي گُنگُنايو آهي.“

”ماشاء الله اوهان جو آواز ته سٺو آهي ئِي، پر انداز به بھترين آهي.“

”سَر ساراهه ڪرڻ لاءِ توهان جِي مھرباني، پر آءٌ ڪلام نه ڳائي سگھنديس.“

”سَحر، هاڻي اِنَ سلسلي ۾ ڪو به بھانو نه هلندو، مان ”رڪارڊسٽ“ جنھن کي گائڪيءَ جِي سُٺي ڄاڻ آهي، چئي ٿو ڇڏيان ته هُو، هِڪُ هفتو اوهان کي سُرَن ۽ سازَنِ جِي تربيت ڏئي، ۽ ڏهن ڏينھن کان پوءِ ”رنگِ نو پروگرام“ ۾ اوهان جِي رڪارڊنگ ڪري، شاعري ۽ ڌُن آءٌ کيس ٻُڌائي ۽ سمجھائي ڇڏيندس. ها.. ياد رَهَي ته رڪارڊنگ ۾ آءٌ پاڻ وِهندُس.“

سَحر پروڊيوسر صاحب سان، وڌيڪ نه... نه.. ڪرڻ جو ضِدُ نه ڪري سِگِھي، چيائينس: ”سَر ڀلا جيئن اوهان جِي مرضي، آءٌ اوهان جَي ڏسيل پروگرام مطابق، ريهرسل ڪَنديَسِ ۽ رڪارڊنگ لاءِ به اِينديَسِ.“

بھرحال ائين پنھنجِي ڀيڻ نغمه سان ريڊيو تي گڏ ايندڙ سَحر، سُريلي آواز، خوبصورت انداز ۽ پروڊيوسر صاحب پاران، قابليت کي سُڃاڻڻ جَي نتيجي ۾، ريڊيو تان ڳائڻ جِي شروعات ڪري، سنڌ جِي سُريلي فنڪاره بڻجي وئي. سَحر جي آواز ۾ اهڙو ته جادوئِي اثر هو، جو کيس ٻڌڻ وارو هُن جَي آواز کي، درگزر ڪري نه سگھندو هو. اهڙي طرح سَحر ريڊيو تي ڪلامن جي ذريعي، ماڻھن جي دلين ۾ مقبوليت جا محل اَڏَي ڇڏيا. اُهو دؤر آڊيو ڪيسٽن جو هو، سنڌيءَ ۾ روز مختلف فنڪارن جي آوازن ۾، نيون ڪيسٽون رليز ٿينديون هيون. جيڪي فنڪار ڪيسٽن جي ذريعي مشهور ٿيا، انھن کي ته مورڳو ئي ڪيسٽي فنڪار چيو وڃڻ لڳو، ائين به نه هو ته سنجيده فنڪارن جون، ڪيسٽز رليز نه ٿينديون هيون. ان ئي دؤر ۾ سَحر سان هڪ مشھور ميوزڪ ڪمپنيءَ، ڪيسٽ جِي رڪارڊنگ لاءِ رابطو ڪيو ۽ کيس پئسن جِي تمام سُٺي آڇ ڪئي. سَحر ڪمپنيءَ جي انتظاميا سان، شَرطُ رکيو ته آءٌ جيڪا ڪيسٽ ڪنديس، اُن جِي شاعري معياري هُوندي، ڪمپنيءَ وارن سندس شَرطُ مڃي ورتو ۽ پوءِ جڏهن سَحر جَي آواز ۾ ڪيسٽ رليز ٿي، ته اُن جَي وِڪرَي، اڳ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

سَحر جي ڳايل ڪلامن جون ڪيسٽون هَٿو هَٿِ وڪامڻ لڳيون، سندس آواز ۽ انداز جِي ڳالھه، هر ڪنھن جَي زبان تي رهڻ لڳي، ائين هُن وٽ وڏِي فنڪاره جَي نالي سان گڏ، دولت به اچي وئي پر هُوءَ مزاجاً سادي رَهِي، وٽس وڏائيءَ جو نانءُ نشانُ به نه هو. شُھرت جِي اِنَ بُلنديءَ تي هُوندَي سندس شادي، پنھنجي ذات وارن جَي هڪ ڇوڪرَي سان ٿي وئي. شاديءَ کان پوءِ سندس ٿورو وقت ئي سٺو گذريو، نالي واري فنڪاره هئڻ ڪري، کيس شادين مرادين جَي پروگرامن ۾ ڳائڻ جون دعوتون ملڻ لڳيون. سندس گھروارو پئسي وارو نه هو پر طبيعتن سٺو هو، ڪجهه پروگرامن ۾ ته هُو ساڻس گڏجي به ويو، پر پوءِ مِٽَن مائِٽَن جا طعنا تُنڪا، ”فنڪاره ڇوڪرِي خاندان ۾ آئي آهي... شاديءَ کان پوءِ به ڳائي ٿِي... ماڻھو الائي جَي ڇا ڇا چون ٿا... هاڻي خاندان جِي ڪهڙي عزت بچندي...؟“

اِهَي ڳالهيون سَحر جي مڙس کي گھٽ، پر سندس سَسُ ۽ نڻانُن کي وڌيڪ ناگوار لڳڻ لڳيون، نتيجي ۾ گھر اندر رُنجھڪو شروع ٿيو ۽ پوءِ هر ننڍي وڏي ڳالھه تان جھيڙو ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح سَحر جَي گھر جو سُڪون برباد ٿي ويو، روز روز جَي جھيڙي کا تنگ ٿِي، هُوءَ پنھنجي ماءُ ڏانھن هلي آئي، اُتي کيس ٻه ٽي مھينا گذري ويا، ان عرصي ۾ سندس مڙس، هن کي وٺي وڃڻ لاءِ آيو، پر سَحر جي ماءُ کيس چيو؛ ”پٽ، تنھنجي امان ۽ بابا جو اچڻ ضروري آهي، ڇو ته سَحر کي گھر ۾ انھن سان گذارڻو آهي، تنھنجي ته مالي حالت به اهڙي ناهي، جو تون الڳ گھر وٺي سگھين.“

ائين ڇھن مھينن تائين سَحر پنھنجي ماءُ جَي گھر رَهِي، ان کان پوءِ خاندان جَي چڱن، وچ ۾ پَئجِي سَحر کي مڙس جَي گھر ڏانھن اماڻيو. مھيني ڏيڍ کان پوءِ وري، ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه واري ڳالھه ٿِي ۽ نتيجي ۾ هُوءَ ٻيو دفعو، مڙس ڏانھن واپس وڃڻ جو رستو بند ڪري، پَيڪاڻي گھر اچي ويئي ۽ مڙس کان طلاق جِي گُهر ڪئي. سَحر کي مُڙسُ طلاق ڏيڻ جَي حق ۾ نه هو، پر ان سلسلي ۾ سَحر پاران عدالت ۾ وڃڻ جِي ڳالھه ڪرڻ سان، ٻنھي خاندانن جَي چڱن، مُڙسَهنس کان طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪرايو، ڇو ته عدالت ۾ وڃڻ ڪري، سڀني جِي وڌيڪ رُسوائِي ٿئي ها. ائين سَحر جي زندگيءَ جا ٻه سال، عجيب اضطراب جِي حالت ۾ گذري ويا، کيس ڪو اولاد به نه ٿيو ۽ نه ئي ڪو سُڪون حاصل ڪيائين.

***

مزاجاً سُٺي ڇوڪري هئڻ ڪري، سَحر تي طلاق جو خراب اثر پيو، ان صورتحال ۾ هُوءَ پاڻ کي، ڪَربَ وارِي ڪيفيت مان ڪڍڻ جِي ڪوشش ڪندي رهي، سَحر شاديُن مُراديُن جَي پروگرامن ۾، ٻيھر باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو، پر هُن کي انھن محفلن جو ماحول عجيب لڳندو هو، خوشيءَ جا گِيتَ ڳائيندي به هوءَ پاڻ کي، ويڳاڻو محسوس ڪندي هئي. سَحر محفل ۾ گھوٽ ڪُنوار لاءِ ڪلام ڳائيندي، پنھنجي گذريل زندگيءَ ۾ هلي ويندي هُئي، ته سندس دل مان نئين جَوڙَي لاءِ دعائون نڪرنديون هون. ائين ڪجهه سالن ۾ سندس زندگي وري معمول تي اچي وئي، پئسن جِي وٽس ڪا کوٽ نه رَهِي، پر هر وقت سندس دل، خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳي.

سَحر سڄي سنڌ ۾ موسيقيءَ جي محفلن ۽ شاديُن جَي ڪاڄَن ۾، پنھنجي سُريلي آواز سان ماڻھن کي جھومائڻ لڳي، هاڻي هُن جِي مقبوليت اڳي کان به وڌيڪ هُئي. سندس تمام گھڻي شُهرت جَي ڪري، سَحر کي پروگرام ۾ سَڏائڻُ، وڏن ماڻھن ۾ حيثيت جَي نُماءَ جِي علامت بڻجي ويو. هُوءَ ڪراچيءَ جي آواري ٽاور هوٽل ۾ ٿيندڙ، اهڙي ئي هِڪَ نمائشي پروگرام ۾ ويٺل هُئِي، اُتي سنڌ جَي سينيئر ۽ مقبول فنڪارَ، ساحَر سان سندس ملاقات ٿِي، سَحر هُن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندي هُئي، هُنَنِ اڳ به ڪجهه پروگرامن ۾ گڏ حصو ورتو هو، پر اُهَي پروگرام اعلى درجي جا نه هئا. اڄ جَي پروگرام ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ هُو گڏ ويٺا ها، کين هڪٻئي سان ڳالھائڻ جو سٺو موقعو مليو هو.

ساحَر، سَحر کان پنجويھه ورههَ وڏي عمر جو، شادي شُده ٻارن ٻچن وارو هو ۽ هُن جا کوڙ سارا اسڪينڊلز به هُليَل هُئا، انھن جِي به سَحر کي ڄاڻ هُئي. اڄ آواري ٽاور هوٽل جَي رنگين هال ۾، سَحر بيحد خوبصورت نظر اچي رهي هُئي، ڏُکيَنِ ڏينھن کان پوءِ سندس زندگيءَ جَي معمول تي موٽڻ، پَيسَي جِي ڪا کوٽ نه هُئڻ ۽ محفل جِي رونق، هن کي وڌيڪ پُرڪشش بڻائي ڇڏيو هو. پروگرام ۾ آيل سينيئر فنڪار ساحَر وڏو تجربيڪار هو، هُن ڳالھين ڳالھين ۾، سَحر کي شاديءَ جِي آڇ ڪري ڇڏي، اُنَ مھل ته هُوءَ ساحَر کي، صرف ڏسندي ئي رهجي وئي...، ڪجهه سوچڻ کان پوءِ کيس ڪو جواب ڏِئَي، تَيسِين ساحَر کي موسيقيءَ جي مَنچ تي سڏيو ويو. ساحَر اسٽيج تي اچي نالو وٺڻ کان سواءِ، سَحر سان مخاطب ٿي ڪجهه لفظ ڳالھايا ۽ پوءِ اهڙو ڪلام ڳايائين، جنھن سَحر کي موهَي وڌو. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي سَحر، ساحَر کان سوچڻ لاءِ وقت گھريو. هُو ٻئي فون جي ذريعي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهيا ۽ نيٺ ساحَر جي يقين ڏيارڻ، سچائيءَ ۽ وفا جَي قَسمَن تي، سَحر شاديءَ ڪرڻ لاءِ حامِي ڀري ورتي. ائين ڪجهه وقت ۾ سندن شادي ٿي وئي، جنھن ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جَي طرفان، چند ماڻھن ئِي شرڪت ڪئي.

سَحر جِي ساحَر سان شاديءَ جو شروعاتي وَقتُ، بيحد خوبصورت گذريو، کيس لڳو ڄڻ هُوءَ جنت ۾ اچي وئي هُجي، هُن اڳُ اهڙا ڏينھن خوابن ۾ ئِي ڏٺا هُئا، ساحَر سندس گھڻو خيال رکِي رهيو هو، هُن جيڪي ڪجهه چيو ٿَي، اُهو ٿي پيو وڃي. ساحَر سُٺو گائِڪُ هئڻ ڪري مالدارُ، ۽ سندس پرستارن جو انگ بيحد گھڻو هو، جيڪڏهن هُو شادي ڌُوم ڌام سان ڪري ها، ته کيس ڪاڄَ لاءِ ڪيترن ئي ايڪڙن تي، شاميانا لڳائڻا پَوَن ها. ساحَر شادي ڳُجَهه ڳَوههَ ۾ ڪئي، پر ويجھن دوستن ۽ خاص پرستارن جون دعوتون، الاهي ڏينھن تائين جاري رهيون، جنھن ڪري سَحر تمام گھڻو خوش هُئي. ان عرصي ۾ ساحَر کي ڪو پروگرام ملندو هو، ته ضرور ويندو هو، باقي سَحر گھر ۾ ئِي هوندي هُئي، ڇو ته سندن شاديءَ جو واحد شرط هو ته، سَحر ڳائڻ ڇڏي ڏيندِي .

پنھنجَي ڪمايل پَيسَي ۽ ٻئي کان ورتل ۾ وڏو فرق آهي، پوءِ ڀلي اهو مڙس کان ئي ڇو نه وٺڻو هُجي، ساحَر پيسي وارو هو، پر سندس ٻِئَي گَھرَ ۽ دنياداريءَ تي، الاهي سارو خرچ ٿيندو هو، وڏيون گاڏيون ۽ بنگلا، هُن جِي ضرورت هئا، ڇو ته انھن سان ئي هُن جَي، فَنَ کي هَٿِي ملندي هُئي. اڄ جو دؤر اهڙو آهي، جنھن ۾ سُڃيَي ماڻھوءَ جو، ڪنھن جاءِ تي قدر ناهي، ڀلي هُو ڪيڏو به سٺو لکندڙ، ڪمال جو مُصَورُ ۽ فنڪار ڇو نه هُجي. ڇھن مھينن کان پوءِ سَحر پيسن جَي حوالي سان پھريون دفعو ساحَر کي چيو؛ ”جاني تو کي خبر آهي ته، منھنجي ڀاءُ سراج جِي شادي آهي، ان لاءِ مون کي ٻه لک روپيا گھرجن.“

ساحَر حيرت مان؛ ”ٻه لک روپيا... ٻه لک روپيا ته تمام گھڻا آهن، ايترن پيسن جو تون ڇا ڪندينءَ؟“

”جاني ساحَر ٻه لک گھڻا آهن... تو کي ٻه لک گھڻا ٿا لڳن... سچ اهو آهي ته ٻه لک ٿورا آهن، ان ۾ لک ڏيڍ جا ته مينديءَ جَي پروگرام، نڪاح واري ڏينھن، رُخصتيءَ ۽ وليمي واري ڏينھن تي پائڻ لاءِ منھنجا ڪپڙا ٿي ويندا، ان کان علاوه ڪجهه تحفا ڀاءُ ۽ سندس گھرواريءَ لاءِ وٺنديَس.“

بس اهو ئِي ڏينھن سَحر جَي خوشيُن جو آخري ثابت ٿيو، ان کان اڳُ به هنن جِي پاڻ ۾ هَلڪِي سَلڪِي نَوڪَ جھونڪ پيسن تان ئي ٿي هُئي، ڇو ته سَحر پروگرامن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو، ۽ سچ اهو به هو ته هُوءَ به، وڌيڪ پيسو خرچ ڪرڻ جِي عادي هُئي، ڇو ته مقبول فنڪاره هئڻ ڪري، هُن وٽ پنھنجا پيسا به گھڻا هوندا هئا. هُوءَ گھر ڀاتيُن ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ڀينرن سميت، مائٽن ۽ ننڍن ٻارن کي خرچيون ڏيڻ سميت، ٻيا خرچ ڪرڻ ۾ ڪَنجُوسِي نه ڪندي هُئي. هاڻي هُن ڳائڻ ڇڏي ڏنو هو، کيس پنھنجا پيسا ته نه هئا، جو خرچن جِي ترتيب کي بحال رکي سگھي، دراصل هُن واڌو خرچَ گھٽائي ڇڏيا هئا، پر ڀاءُ جِي شاديءَ جَي موقعي تي، سندس خيال ۾ ايترو ڪجهه ڪرڻ ضروري هو.

هِي اُهو وقت هو جڏهن سَحر جَي پيٽ ۾، چئن مھينن جو معصوم وجود پَلجِي رهيو هو، حقيقت اها به هُئي ته ساحَر کي صرف، ٻه لک روپيا وڏا نه لڳا هئا، پر ان کان اڳُ ئِي هُن جو جِيءُ، سَحر کان اُڪتائجِي چُڪو هو، بس پيسن جو ته بھانو هو، جيڪو سندن دِليُن اندر، ڏار وجھڻ جو سبب بڻيو. گھڻي جِھڳِ جِھڳِ کان پوءِ ساحَر، سَحر کي لک روپيا ڏئي گھر مان هليو ويو ۽ وري تڏهن موٽيو، جڏهن سَحر جَي ڀاءُ جِي شادي ٿِي چُڪي. ان کان اڳ به ساحَر پروگرامن جَي بھانَي، هفتو هفتو گھر کان غائب رهندو هو، پر هن دفعي ته هُو، ٻن هفتن کان وڌيڪ لڳائي ويٺو. ساحَر گھر آيو ته سَحر کانئس، ايترا ڏينھن لڳائڻ جو سبب پُڇيو، ته هُنن جَي وچ ۾ تَلخِي وڌي وئي.

سَحر پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار، پھرين شاديءَ جِي ناڪاميءَ ۽ ٻين مَصلحتُن کي ذهن ۾ رکندي، ساحَر سان اُلجھڻ ڇڏي ڏنو. هُن جَي دير سَوير اچڻ واري معاملي کي درگذر ڪري، سڄو ڌِيانُ دنيا تي اچڻ وارَي، نئين وجود ڏانھن ڪري ڇڏيائين. سَحر کي ٻار ڄمڻ جي تاريخ، الٽراسائونڊ جَي رپورٽن مطابق مليل هُئي، جنھن جِي ڄاڻ ساحَر کي پڻ هئي، پر هُو اُن ڏينھن به گھر ۾ نه هو، سَحر کي نغمه ۽ ڀاءُ اسپتال وٺي ويا، آپريشن سان ٻارڙو ڄائو، ائين سَحر کي ”باکَ“ جَي رُوپَ ۾، هر پَلَ جو ساٿي ملي ويو، ۽ هِڪَ معصوم نازڪ نِينگِري، ماءُ جَي اکين جو نُور بڻجي وئي.

ساحَر وڏو فنڪار هو، سندس چاهڻ وارا تمام گھڻا هئا، خانداني طور ڳائڻو هُئڻ ڪري، گھورَ ملڻ ۽ پيسا وٺڻ جو عادي هو، هُن کي پيسا ڏيڻ ڏکيا لڳندا هئا، هُو پنھنجا خريد ڪيل گَھرَ ڪِرائَي تي ڏئي، پرستارن جَي گھرن ۾ رهڻ پسند ڪندو هو، سندس اصل گھر اباڻي ڳوٺ ۾ هو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجا بنگلا هُئس. جڏهن سَحر سان شادي ڪيائين، تڏهن به ڪنھن چاهڻ واري جَي گھر ۾ رهائش پذير هو، سَحر کي ان ڳالھه جِي خبر تڏهن پئي، جڏهن ساحَر کيس چيو؛ ”مون ٻيو گھر ڪرائي تي ورتو آهي، پاڻ کي مھيني کن ۾ هتان شفٽ ٿيڻو آهي، ڇو ته هِي گھر جنھن دوست جو آهي، اُن وڪڻي ڇڏيو آهي.“

ساحَر جِي اها ڳالھه ٻُڌي، سَحر جَي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، پر ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو، هُن ان معاملي تي ساحَر سان، بحث ڪرڻ مناسب نه سمجھيو. ائين سَحر هڪ شاندار گھر مان، ڪِرائَي جي گهر ۾ اچي وئي، هُن کي پنھنجي زندگي هڪ دفعو ٻيھر، بي رنگ لڳڻ لڳي. ساحَر جَي رَوَيَي مان هاڻ ائين لڳندو هو، ته هُو سَحر لاءِ صرف نالي جو ساٿِي رهجي ويو آهي، نه ساڻس گڏ وقت گذاريندو هو ۽ نه ئِي سندن وچ ۾، پيار ۽ پريت جون ڳالهيون ٿينديون هيون، هُو جهڙوڪر اجنبيُن جيان ايندو هو ۽ واپس هليو ويندو هو.

وقت کي ڪنھن به وَنگَ ناهن وِڌا، نه ئي ڪير وِجھي سگھي ٿو، اُنَ جِي چِيچَ ۾ ڀَلَي، زندگيءَ جو ڇَلَو گھِرگھِلو ٿيندو رهي، پر هُنَ تي اِنَ جو ڪو اثر نه ٿو پَوي، هُو ته بس مقرر رفتار سان، حالَ کي ماضيءَ ۾ اُڪاريندو رهي ٿو. ائين سَحر جِي خزان آلُود زندگيءَ جون بھارون، هڪٻئي پُٺيان اينديون وينديون رهيون، معصوم باکَ موسمن جَي بدلاءَ کان بي خبر، پنھنجي زندگيءَ جا چار سالَ مڪمل ڪيا ته کيس، سَحر اسڪول ۾ داخلا ڪرائي آئي، هاڻي هُن جي زندگيءَ جو هِڪُ ئي مقصد ۽ خواب هو، ته هُوءَ باکَ کي پڙهائي، ڪاميابيءَ جِي منزل تي پهچائي. ساحَر باکَ جَي معاملي ۾ سَحر سان مُتفق هو، آخر ته اُها هُن جِي نياڻي هُئي، ڪو به پيءُ اولاد بابت ڪا ٻيائي نه رکندو آهي. هاڻي سَحر ۽ ساحَر جَي وچ ۾، زال ۽ مڙس واري رشتي کي ڳنڍي رکڻ جو، باکَ ئي پھريون ۽ آخري سبب هُئي.

ننڍڙائيءَ کان چَنچَل ۽ سڄَي گھرَ جِي دادلِي سَحر سان ائين ٿيندو، هُن ڪڏهن سوچيو به نه هو، پر کيس هاڻي زندگي گذارڻ جو ٻيو ڪو دڳ نظر نه ٿي آيو، هُن پھرين شاديءَ جَي انجام جهڙو نتيجو، ٻي شاديءَ  کي ڏيڻ نه ٿي چاهيو، تنھن ڪري هر حال ۾ ساحَر سان نڀائيندَي، باکَ جَي مستقبل کي اکين ۾ سَجائي، زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري ورتائين.

 

لياقت رضوي

 

 

 

 

وقت، مان ۽ امريڪن خارجه پاليسي

 

مون کي اسپتال کڻي ويندڙ گاڏيءَ جي رفتار سست ھئي پر ان جي سائرن جو آواز ڏاڍو تيز ھو، مون کي پڪ ھئي ته گاڏي کان پھريان ئي سائرن جو آواز اسپتال پھچندو، بھرحال جيستائين گاڏي اسپتال پھچي، مون وٽ جيڪو وقت بچيو ھو، اھو منھنجو ڪونه ھو، پر پوءِ به منھنجو ھو ۽ ھميشه وانگر مان ان کي سمجهڻ کان قاصر ھئس، گهڻا سال اڳ منھنجي ھڪ دوست مون کي صلاح ڏني ھئي ته وقت کي سمجهڻ لاءِ مان فزڪس پڙھان، سچي ڳالھه ته اھا ھئي، مون کي سندس صلاح ٺيڪ لڳي ھئي، ھمٿ افزائيءَ طور مون ھن کان، ڄڻ راضي ٿيندي انھن ڪتابن جا نالا به پڇيا ھئا، جيڪي فزڪس طور مون کي پڙھڻ کپندا ھئا، پر منھنجي اندر ۾ ڪٿي يا دل ۾ يا دماغ ۾، ڪوئي طنز ڀريو احساس به موجود رھيو ھو، جنھن مون کي اڪسايو پئي ته ان دوست کي مان ڪم عقل سمجهان، مون کي منھنجي اھا ڳالھه ڪانه وڻي ھئي، مٿان وري اهڙن ماڻھن وانگر، جن کي فزڪس تي ڳالھائڻ لاءِ يڪدم آئنسٽائين ۽ اسٽيفن ھاڪنگ جا نالا ايندا ھئا يا ڪن کي آئزڪ نيوٽن يا ڪارل سھگان جو ذڪر ڪرڻ به وڻندو ھوندو، جڏھن ان دوست چيو ھو ته مان آئنسٽائين جي نسبت جو نظريو (جنھن لاءِ ھن ٿيوري آف ريليٽوٽيءَ جو اصطلاح ڪم آندو ھو) ۽ ھاڪنگ جو ڪتاب بريف ھسٽري آف ٽائيم (جنھن کي ھن وقت جي مختصر تاريخ چيو ھو) پڙھان تڏھن مون ان طنز ڀرئي احساس کي پاڻ تي خوشي سان حاوي ٿيڻ ڏنو ھو، مون کي اھو حق ڪونه ھو ته مان ڪنھن کي ڪم عقل سمجهان، پر مون کي اھو حق استعمال ڪندي مزو ايندو ھو، مزي تي مون کي ياد ايندو ھو ته اھڙيون ڳالھيون ننڍپڻ ۽ جوانيءَ تائين سٺيون لڳنديون آھن، ماڻھو جڏھن شادي ڪندو آھي يا پوءِ پوڙھو ٿي ويندو آھي ته وقت لاءِ ٻيءَ طرح سوچيندو آھي. وقت مگر ڇا سدائين ساڳيو ئي ھوندو آھي؟ ننڍي ھوندي وقت تي ته ڇا ھر ڳالھه تي خوشي ٿيندي ھئي، ايستائين جو موت تي به. اُف خدايا! موت (جيڪو منھنجي زندگيءَ جو لازمي حصو ھوندي به ڪڏھن لازمي حصو ٿي نه سگهندو) ھڪ دفعو مون کي ڊيڄارڻ ۾ ناڪام ويو ھو، ٻيو دفعو مان ان کي ماڻڻ ۾ ناڪام ويو ھئم. مون نيٺ آئنسٽائين ۽ اسٽيفن ھاڪنگ ڪونه پڙھيا ھئا، جن وٽ مون لاءِ الڳ الڳ سبب ھئا، پر پاول ڊيوس جا گاڊ اينڊ نيو فزڪس ۽ ففٿ مرڪل بنان سبب جي پڙھيا ھئا، مون کي منھنجي خيال ۾ وقت جي حقيقت ۽ ان جي باري ۾ پنھنجي تصور جي خبر پئجي وئي ھئي، مون سمجهيو ھو اھا خبر مون کي اڳئي ئي ھئي، جيڪا پوءِ مون کان وسري وئي ھئي. ڪيتريون ئي ڳالھيون مون کان وسري وينديون ھيون، مثال پينسل شارپ ڪري اسڪول کڻي وڃڻ، جنھن تي پوءِ مس صبا وڏي واڪي پينسل شارپ ڪري اچڻ جي تاڪيد سان گڏ مون کي ھوريان ڳل تي چماٽ ھڻندي ھئي، جنھن ۾ قطعي به منھنجي بيعزتي ڪرڻ جو ارادو شامل ڪونه ھوندو ھو. مس ايتري ته خوبصورت هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن رٻڙ وات ۾ وجهي ان کي ٽافي سمجهي نه کائڻ وسري ويندو هو، جنھن تي امان اڪثر زور سان ٿڦ ھڻي جڏھن پنھنجي آڱر وجهي منھنجي وات مان رٻڙ جا ذرڙا ڪڍڻ لڳندي ھئي ته منھنجي دل کيس چڪ ھڻڻ تي ڪانه چوندي ھئي، امان کي شڪ ھو ته رٻڙن کانسواءِ مان پينسلون به کائيندو ھوندس. ھوءَ روز مون کي ڊيڄاريندي ھئي ته رٻڙ ۽ پينسلون کائڻ سان پيٽ ۾ ڪينئان پيدا ٿيندا آھن، مان روز امان کان پنھنجي پيٽ ۾ پيدا ٿيل ڪينئن بابت پنھنجو پُر تجسس تصور لڪائي ويندو ھئس ۽ خوش ٿيندو ھئس ته امان کان مٽي کائڻ جي خبر ڪانه ھئي، مان ڏاڍو سوچيندو ھئس ته مٽي کائڻ سان پيٽ ۾ ڇا پيدا ٿيڻ کپي، پر مطئمن ڪونه ٿيندو ھئس. ھا مون کان سدائين ڪوڙ ڳالھائڻ به وسري ويندو ھو، مان ٿورو وڏو ٿيو ھئس ته مون کان اھي مارون به وسري ويون ھيون، جيڪي مون مٿين ڳالھين تي کاڌيو ھيون، پوءِ مان وڏو ٿي ڦاسي ويو ھئس، توبھن! مان به عجيب ھئس، ننڍو ھوندو ھئس ته شديد خواھش ڪندو ھئس ته جلدي وڏو ٿيان ۽ وڏو ٿي سوچيندو ھئس ته ڪاش! مان ٻار ھجان ھا. دنيا ڪجهه ائين ٺھيل ھئي جو جيڪو وڏو ٿيندو ھو، دنيا لاءِ کيس ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻو ھوندو ھو، مون لاءِ به وقت- ھاڻي جنھن لاءِ مون کي پڪ ھئي، ته اھو به منھنجي خلاف دنيا سان بريءَ طرح مليل ھو- سوچيو ويٺو ھو ته مون کي وڏو ٿي نوڪر ٿيڻو ھو يا مالڪ، سگهو ٿيڻو ھو يا ڪمزور، مايوس ٿيڻوھو يا پُر اميد، عوام ٿيڻو ھو يا اڳواڻ، مطلب ته ڌوڙ ٿيڻو ھو ڇائي، مان مورڳو وڏو ٿي به وڏو ڪونه ٿيو ھئس، ھا، جيڪڏھن ميٽ، مٽي، رٻڙ، ٻوراني، بوڙيندا، لائي، چاٽو، ڪمند ۽ پينسلون کائڻ ڇڏي ڏيڻ کي ۽ ننڍپڻ جي راندين نه کيڏي سگهڻ کي وڏو ٿيڻ چئجي ته پوءِ ٻي ڳالھه ھئي، پر ازلي مجبوريءَ تحت منھنجي وڏي ٿيڻ جو انحصار وقت تي ھو. جڏھن مان ننڍڙو ھئس تڏھن وقت کي الائي ڪنھن بادشاھه سڏيو ھو، تڏھن مون کي بادشاھه ڏاڍا وڻندا ھئا. غلامن جي، باغين جي تڏھن مون کي خبر ڪونه ھئي، انقلابين جي به ڪونه ھئي. سچي! ويچاري ماڻھو کي خبر ڪونھي پر ھن سان اھا وڏي مصيبت آھي، ته ھو چاھي نه چاھي کيس ڄاڻيندو رھڻو آھي. مان ان ڳالھه جو اکين ڏٺو شاھد ھئس، دنيا انتقام جي حد تائين مون کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺي ھئي، تڏھن مون لفظن کان فرار ٿيڻ چاھيو ھو ۽ نارنگي شام، سونھري ٻپھري ۽ چاندي جھڙي صبح ۾ لفظن کانسواءِ لھي ويو ھئس، ستارين ڀرين راتين کي مون پنھنجو لباس ڪونه ڪيو ھو، پنھنجي حيرت جو لباس ڪيو ھو. ڪيترا ڀيرا اُماوس راتين ۾، پنھنجي تصور جھڙي حسناڪ آسمان جي اڻڳڻين ستارن جي وچ ۾ مون پنھنجي اکين سان پنھنجون اکيون ڏٺيون ھيون، وقت جڏھن مون کي لفظ آزادي سان ملايو ھو، تڏھن البت مون خود کي واقعي به وڏو سمجهيو ھو! ديس جي ھڪ انوکي سپاھي طور مون لاءِ تڏھن زندگي ديس جي آزادي لاءِ مليل انمول موقعو ھئي، اچانڪ وقت ڪبوتر وانگر بلاٽي کاڌي ھئي، جي ايم سيد کان لينن تائين پھچڻ ۾ مون کي ايترو وقت به ڪونه لڳو ھو، جيترو محض ھڪ شھر کان ٻئي شھر تائين پھچڻ ۾ لڳندو آھي. مون چالاڪ بيشرمي سان يا معصوم سادگي سان پاڻ کي راضي ڪري ورتو ھو ته مان قومن جي آزادي تي طبقاتي جدوجھد کي ترجيح ڏيان. ائين علحدگيءَ جو خواب نه، اشتراڪيت جي خواھش ڪيان ۽ آدرشي انسان سماج (جنھن کي بعد ۾ مون الائي ڪھڙي بلا چيو ھو) جي نظرئي کي ڪميونزم سمجهان، پوءِ جدوجھد، اف...! جدوجھد! انسان کي پنھنجي خوابن جي قيمت ڪيڏي سنگين نموني ادا ڪرڻي پوندي آھي، جيئن زندگيءَ جا پنھنجا لوازمات ھئا، ائين جدوجھد جا پنھنجا لوازمات ھئا ۽ رومانس جا پنھنجا، مان مگر مڙنئي لوازمات لاءِ مارڪسي فلسفو ڪتب آڻيندو ھئس، ائين جيترو عرصو جنھن ڳالھه کي زندگيءَ جو مقصد سمجهي مون جدوجھد ڪئي ھئي ۽ مان جي حليم بروھي ھجان ھا ته پوءِ ان کي پنھنجو گند ڪرڻ ڪوٺيان ھان، تنھن کي وقت منھنجي جواني قرار ڏنو ھو، تڏھن دنيا کي تبديل ڪرڻ جي خواب، دنيا کي تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، مايوسي جيئن بھادر لاءِ حرام ھوندي آھي، ائين ڪمزور لاءِ به، مان ٻيئي ڪونه رھيو ھئس، انھي ڪري مايوس ٿي ويو ھئس، مايوسي ماڻھو ۾ دنيا لاءِ بيدلي ۽ زندگي لاءِ اڪتاھٽ پيدا ڪندي آھي، مون لاءِ پھرين ڳالھه صحيح ھئي ٻي غلط، پھرين مون کي خبر ڪونه ھئي ته مان ڇو مايوس ٿي ويو ھئس، پوءِ مون فرض ڪيو ھو ته مان مايوسيءَ مان مايوس ٿيو ھئس، حيرت جي ڳالھه ھئي ته مون ان تي سوچيو ئي ڪونه ھو، مون ته اھو به ڪونه سوچيو ھو ته مان ماڻھن مان بيزار ڇو ھوندو ھئس، تنھن ھوندي به مان رڳو پيو سوچيندو ھئس، مون کي سوچڻ لاءِ اھڙيون ڳالھيون درڪار ھونديون ھيون جن تي ان وقت تائين اڳ ۾، ڪنھن انسان نه سوچيو ھجي. مايوسي مون کي ٿڪائي ڪانه سگهندي ھئي، پوءِ مون اڃا گهڻي مايوس ٿيڻ کي ترجيح ڏني، ”مايوسي دوران ماڻھو جي بھترين پناھ گاھ خدا ھوندو آھي“  جي مون کي خبر ھئي پر سمجهو ته ڪانه ھئي، ڇو ته اھا ڳالھه مون کان وسري وئي ھئي، پر پوءِ به انسان ھئڻ جي ناتي ان ڳالھه جا جائز جواز موجود ھئا ته مان گهڻي مايوس ٿيڻ کانپوءِ مذھبي تي وڃان ۽ ان ڳالھه جي ڪري ڪڏھن ڪڏھن مان مايوسي کي به ڀلجي ويندو ھئس، پر اچانڪ مون ٻيو گند ڪيو ھو، جنھن جي مون مان مون کي ئي به توقع ڪانه ھئي، مون شادي ڪري ڇڏي ھئي. مون کي خود کي دوکو ڏيڻ لاءِ اھو فرض ڪيو ته منھنجي مايوسي، اڪيلائي به ائين غلط ھيون جيئن آزادي جو خواب ۽ ڪميونزم جي پوئلڳي. خدا جو شڪر ھو ته مون کان منھنجو شادي کان اڳ جو شادي بابت موقف وسري ويو ھو. پر ھيءُ ڇا ٿيو ھو؟ ٺيڪ آ، مان گنھگار ھئس، ٺيڪ آ، مان سزا جو حقدار ھئس،  جو پوءِ شادي جي چئن مھينن کانپوءِ ھڪ ڏينھن پنھنجي خيال ۾ ان جاءِ تان پئي گذريو ھئم جتان روز پنھنجي خيال ۾ گذرندو ھئس ته بقول نام نھاد مخالف ڌر جي خارجه پاليسيءَ ڪري ٿيندڙ خودڪش بم ڌماڪن مان ھڪ ڌماڪي جو شڪار ٿيو ھئس. سست رفتار تيز سائرن واري گاڏي جيڪڏھن تيز ترين رفتار سان به ھلي ھا تڏھن به مون کي نٿو لڳي ته آئون بچي سگھان ھا. پر مايوسي جي اھڙي لمحي ۾ مون خود کي شديد ڪاوڙيل انداز سان گاڏي جي تيز رفتار ٿيڻ جي تمنا ڪندي ڏٺو، جيڪڏھن سائرن جو شور نه ھجي ھا ته مان وڌيڪ سڪون سان اھو يقين ڪندي اسپتال ڏي ھلان ھا ته بچي ويندس. ڇو ته مون کي ڊپ جي ڪري نه پر ھڪ عجيب حسرت جي ذريعي معلوم ٿي ويو ھو ته گذريل چئن مھينن ۾ مون کي ھن سان غضب جو پيار ٿي ويو ھو، جيڪا منھنجي مرڻ تي بيواه ٿيڻي ھئي. شايد گھڻي رت وھڻ ڪري مان ھن جي سونھن، سڳنڌ جو تصور ڪري ڪونه سگھيس، ۽ جنھن لاءِ ڪنھن ٻئي وقت مان مرڻ لاءِ به تيار ٿي وڃان ھا. جيڪو ماڻھو بغلن ھيٺان ٻانھون ڏيئي مون کي سنڀالي پنھنجي ھنج ۾ کڻي ھلي رھيو ھو ۽ جنھن جا سڄا ڪپڙا منھنجي خون سان لال ھئا. ان ۾ ئي مون کي اميد ھئي ته مون کي بچائي وٺندو. جنھن جي گوڏن تي منھنجون رتو رت ٽنگون ڀڳل ڪاٺين جيان پيون ھيون، اھو ڏاڍو ڊنل ھو. اسٽريچر تي به لاش نه پيل ھجن ھا ته مان پيل ھجان ھا. پوءِ ھو منھنجي وھندڙ رت کي سولائي سان روڪي سگھن ھا. گھڻي رت وھڻ ۽ لاڳيتي بيھوشيءَ نيٺ مون کي ٿڪائي وڌو ۽ منھنجي مري وڃڻ کانپوءِ به ايمبولينس جو ساڳئي طرح اسپتال وڃڻ ھڪ بيھوده مذاق وانگر جاري رھيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org