سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:20 

ڊاڪٽر رضا چانڊيو

 

 

 

 

اي منهنجا ڪريم رب!!

اي منهنجا ڪريم رب!!

سڀنيءَ جا رحيم رب!!

توکي سڀ خبر آ:

تون ڄاڻين ٿو سڀ!!

 

مان بندو بيڪار،

گنهگار، عيبدار،

سجدي ۾ سر رکي،

آلين اکين ۽

ڌڙڪندڙ دل سان،

تنهنجي بارگاهه ۾،

التجا ۽ نماڻو نيازمندي سان،

عرض ٿو ڪريان ته:

 پنهنجي محبوب جي صدقي-!!،

ڪا مظلومن جي غيبي مدد فرماءِ،

واهر، ڪو وسيلو ٿيءُ،

هاڻ هيترو ظلم اکين سان ـ

نه ته ڏسي ٿو سگهان،

نه ٻڌي ٿو سگهان!!

نه رات جو سک سان،

سمهي ٿو سگهان!!

 

هر طرف چچريل،

رت ۾ ٻڏل لاشن جو ڍير،

بارود جي بوءِ،

عمارتون کنڊر ٿيل،

الاءِ ڪيترا ساهه کڻندڙ وجود،

جيئري دفن ٿيل!

 

ٻارڙن جون اُڀ ڏاريندڙ دانهون،

هر طرف باهه جا شعلا،

اي منهنجا موليٰ،

مان رات جو سمهي نٿو سگهان!...

جيسين تنهنجي قدرت کي،

جوش اچي،

يا ظالم کي هوش اچي!

هي تنهنجا،

بي يار و مددگار بندا،

ڪيڏانهن وڃن...؟!

 

فلسطين جي رت سان رنڱيل ڌرتي کي،

ان ٻار جي چچريل وجود جي،

اکين ۾ ڪو ڏِسي ته،

هن باهه جا گولا وسندي ڪيئنءَ ڏٺا؟

ڪيترن ڏينهن جي ـ

بک ۽ پياس ۾،

ڊپ ۽ حراس ۾،

ڪڏھن لڪندي،

ڪڏھن ڊڪندي،

پاڻ سان گڏ،

سموري ڪٽنب کي،

ڪيئن تڙپندي مرندي ڏٺو!!

اي منهنجا ڪريم رب!!

 

ڪاش! اتي ڪي،

ديو پريون هجن ها،

نننڍڙن معصوم ٻارڙن کي،

حفاظت سان،

پنهنجن پرن ۾ لڪائي،

پري تائين کڻي وڃن ها،

بچي پون ها،

ائين بيقصور معصوم،

وڏن جي جنگ ۾ نه مرن ها!!

اي منهنجا ڪريم رب!!

 

چوڏسا شعلا،

رڳو باهه جا الا،

هرطرف رت جي بوءِ آ،

ڌرتي ڌٻندي رهي،

پوري دنيا ڏسندي رهي،

انسانيت تڙپندي،

لڇندي، سڙندي،

ٻَرندي رهي!!

سڀ بي وس،

چپ چاپ،

انڌا، ٻوڙا، گونگا،

ڪوبه ڪونه ٿو ڪڇي!

ظالم جي اکين ۾،

اکيون وجهي،

ڪوبه ڪونه ٿو پڇي،

ته هيڏو ظلم ڇو آ؟!

ڌرتيءَ ڌڻين جو آخر،

ڏوهه ڪهڙو آ؟!

اي منهنجا ڪريم رب!!

 

حيرت آ،

ايتري بي وسي،

ايتري بي حسي،

ايڏو ظلم!!

هن فقير کي،

سمجهه ۾ نٿو اچي،

آخر هي ڇا پيو ٿئي؟!

سڀ عالمي ادارا،

خاموش ڇو آھن؟!

جي ڪنهن مظلوم ملڪ جي،

داد رسي ڪري نه سگهن!!

پوءِ

انهن جي هجڻ مان فائدو!!؟

اي منهنجا ڪريم رب!!


 

امداد سروري

 

 

 

 

غزل

 

اُٿ اُٿي ڪو عشق جو اعلان ڪر،

ڪفر جَي آڏو پڪو ايمان ڪر.

 

ڏينهن دنيا چار آ، منهنجا مٺا،

آخرت جو گڏ اُٿي، سامان ڪر.

 

ڇو ٿو گهٻرائين دنيا جَي درد کان،

پنهنجي مشڪل پاڻ تون آسان ڪر.

 

پاڻهي دشمن سمجهي ويندو راهه ۾،

تون وري ٻيهر اُٿي احسان ڪر.

 

جيڪي ڀٽڪيل آهن خدا جي راهه جا،

علم ڏئي انهن کي انسان ڪر.

 

حق سچ جي راهَه تي هلندي مٺا،

پنهنجو مرشد ڪينڪي شيطان ڪر.

 

جيڪي تنهنجي عشق کي سمجهن نٿا،

رَتُ ڏئي دليُن مٿان نيشان ڪر.

 

جنهن جو آهيان ان جو رهندس ”سروري“،

پاڻ کي تون ان مٿان قربان ڪر.

 

”امداد“ جيڪي عشق ۾ ٿيندو رهي،

تون ڪڏهن ان جو نه ڪو ارمان ڪر.

 

اعظم ڀٽي

 

 

 

 

غزل

حُسن جي هرهڪ ادا جا قيدي،

اسان ته آهيون وفا جا قيدي.

 

حيـاتي آ بيـقـرار ڏاڍي،

سڪون ۾ هن قضا جا قيدي.

 

دنيا جو هي الميو وڏو آ،

خدا ٿي ويا سڀ خطا جا قيدي.

 

فنا کان اڳ ۾ فنا کي پهچي،

ويا برهه جي بلا جا قيدي.

 

ڪي هجر_اسود اڳيان رکن ٿا،

وري ڪي لات و عزا جا قيدي.

 

وجود تائين ڇڏيئون لٽائي،

اهي ئي آهن سخا جا قيدي.

 

چُمي ڳچي ۾ ڦنڌا وجهن ٿا،

وطن جي خاطر سزا جا قيدي.

 

احسان دانش

 

 

 

 

 

غزل

 

هڪ غزل حسن تي چئي وٺجي،
هڪ نظم عشق تي لکي وٺجي
.

 

ٿورڙو ماڪَ ۾ پُسي وٺجي،
هير جي هنج ۾ جُھلي وٺجي
.

 

هاڻي لونءَ لونءَ چوي ٿي مي رقصم،
روح جي رمز تي نچي وٺجي
.

 

عشق جو روڳ ٿو رڳون روڙي،
برههَ جي باههِ تي جلي وٺجي
.

 

سرفروشن جي آهي سُنت هي،
هڪ دفعو دار کي چمي وٺجي
.

 

هوءَ شرم ٻوٽڙي ٿي شرمائي،
ٿورڙو ڀي اگر ڇُهي وٺجي
.

 

 

رياض ڏاهري

 

 

 

 

وائي

 

اُٺ آڌيءَ جو ڇوڙي هليا، جيءُ ويا ٿم جهوري الا....

 

جت ڏئي ويا جدائي سا پَئي،

ماس ھڏن تان ڪوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.

 

سک سان ڪيئن سمهان ڙِي سرتيون،

ڏسان ٿي ڏونگر ڏوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.

 

ڏيرن ڪيَڙِي آهيان ڏُھاڳڻ،

آري اچ تون اوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.

 

پنهل پيار مان پنهنجو ڪيو هو،

ٿورائتي اِنَ ٿوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.

 

ڪيچين پنڌَ پڇائي هليَس،

ساھَ سڳي کي سوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.

 

هيءَ حياتي هوتَ پنهونءَ سان،

جان به ڏينديس گهوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.

 

”رياض“ وڇوڙو وَڍَ وِجِهي پيو،

ڀور ڪري دل ڀوري الا،

جيءُ ويا ٿم جهوري الا.


 

 

 

امر پيرزادو

 

 

غزل

 

تو  چيو هو  زندگي ۾ ڪونه ملندا سي وري،

مون چيو هو ٺيڪ آھي ڪونه کلندا سي وري.

 

ڪو سمو هو زندگي، ها تو چيو هو اچ پرين،

وقت سو گذري ويو، ڪونه جيئندا سي وري.

 

راز جون ڳالهيون هيون سمنڊ تي ڪيفي هيو،

چانهن اکين ۾ ڏسي سا ڪو نه پيئندا سي وري.

 

ڪار ۾ منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکجان ڪونه تون،

ها لتا جو گيت گڏجي ڪو نه ٻڌندا سي وري.

 

ڇا ڪڏھن ڀي ڪو نه ويجها پاڻ ٿيندا سي وري،

خواب ڀي پنهنجي ملڻ جا ڪو نه ڏسندا سي وري!

 

 

غزل

 

چاهتن جو پنڌ آ اچ ته گڏجي ٿا هلئون،

جستجو هر هنڌ آ اچ ته گڏجي ٿا هلئون.

 

فرق جي ڪنڊن بنا راهه هوندي ساٿ جي،

ها اهو سوڳنڌ آ اچ ته گڏجي ٿا هلئون.

 

پيچرا آھن ڏکيا موڙ ڀي آھن گهڻا،

ڇا ٿيو جو ڌنڌ آ اچ ته گڏجي ٿا هلئون.

 

ماڻھپي جي پنڌ ۾ موت ڀي آ زندگي،

عشق پنهنجو ڪنڌ آ اچ ته گڏجي ٿا هلئون.

 

پيار جي آڪاش تي چاندني اڄ رات آ،

سونهن ڄڻ ڪو منڌ آ  اچ ته گڏجي ٿا هلئون.

 

هي سڄي دنيا به ڏس پيار جو آھي سفر،

۽ اڳيان هي سنڌ آ اچ ته گڏجي ٿا هلئون.

 

 

خاور قبولائي

 

غزل

 

ڪير به آٿت ڏيندئي ڪونه،

سيڻ به ساڻي ٿيندئي ڪونه.

 

 مينهن اکين جو وسندو رھندئي،

ڏک ۽ درد  ونڊيندئي  ڪونه.

 

لهرن ۾ لوڙھيندئي قسمت،

آڻي ناؤ به ڏيندئي ڪونه.

 

راھ اڻانگي، پنڌ به اؤکو،

آڏو، پويان ايندئي ڪونه.

 

سور اکيڙي ويندئي ھر ڪو،

زخم ڇڏائي ويندئي ڪونه.

 

سوچ سمنڊ ۾ گم ڇو آھين،

ڀاڳ ته آڻ مڃيندئي ڪونه.

 

صدمو، سڏڪو، الڪو ”خاور“!

اڊڪو جان ڇڏيندئي ڪونه.


 

 

 

 

رحيمداد جوڳي

 

وائي

 

ننڍڙا ڏينهڙا وڏيون راتيون

سيارو آيو

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

 

اجرڪ جرڪيا مرڪن ٽوپيون

جمالو ڳايو

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

 

سڀئي ڀينرون پنھنجي ڀاءُ کي

ميندڙي لايو

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

 

ڳالھه ڳالھه تي ڇو ٿا هنن جي

مذاق اڏايو

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

 

سڪ جا ڏينهڙا چنڊ جون راتيون

وڄايو ڳايو

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

 

جوڳي اڄ ھلي پاند ڳچي وجهي

رٺل پرچايو

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

اتر جي هوا ٿي لڳي ڙي!

 

 

وفا ياسين آرائين

 

 

غزل

 

تو بن جاني اجڙي ويو  هان،

پن ڇڻ وانگي وکري ويو هان.

 

هاءِ حياتي گذري وئي آ،

ماضي وانگي وسري ويو هان.

 

هر سانوڻ ۾ نيڻ وهائي،

عشق تنهنجي ۾ پچري ويو هان.

 

ڪيسين عشق جو راز لڪايان،

خوشبو بڻجي پکڙي ويو هان.

 

توکي منهنجي ڪل نه ڪائي،

مان آپي مان ئي نڪري ويو هان.

 

تانگهه طلب ”ياسين“ کي تنهنجي،

تڙپي تڙپي نکري ويو هان. 
 

 

 

خليل عارف سومرو

 

 

وائي

 

هينئڙو هاڻ نه هار،

مَنزل سُتت ماڻبي.

 

دوکي جي ديوار ۾،

ڏِسجان پوندا ڏار،

مَنزل سُتت ماڻبي.

 

هَرهنڌ هُوندي هاڪ ۽،

پُهچي وڃبو پار،

مَنزل سُتت ماڻبي.

 

مُنجهي ۽ مايُوس ٿئي،

دِل نه اهڙي ڌار،

مَنزل سُتت ماڻبي.

 

چاهت جي چانگي کي،

چندن ويٺي چار،

مَنزل سُتت ماڻبي.

 

”عارف“ اُٿ اميد جا،

ڏهه ڏهه ڏيئا ٻار،

مَنزل سُتت ماڻبي.

 

 

گل محمد ”گل" سومرو

 

نظم

 

ڏاڍا ڏکڙا ڏسندو هان سائين،

هر روز سبق سکندو هان سائين.

 

ڳاڙهو ڀي هِت ڪارو ئي آهي،

سُورن ۾ جڳَ سارو ئي آهي،

بازن جي لامارن کان بچندي،

عِلم پرائڻ ويندو هان سائين.

 

ڇا چنڊ کان چمڪڻ جو راز پُڇان؟

بادل کان برسڻ جو راز پُڇان؟

ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو ٿو ماري،

ماڻهن کان ئي پڇندو هان سائين.

 

سِنڌوءَ تي سونهين ساڌو ٻيلو،

هِن ڀَر ٻيڙي هُن پار بَتيلو،

واهن منجهه واريءَ جا ڍير ڏسي،

جيئري مرندو جيئندو هان سائين.

 

رستن تي پنندي ڪي ٻار ڏسي،

مرڪز ۾ مرندي بيمار ڏسي،

ڳوڙها ڳاڙيندي ڪانڌي ٿيندي،

سورن ۾ پيو سڙندو هان سائين.

 

کيڙيان آئون ٿو کائي هُو ٿو،

ٻيلا هي ٻيٽ کپائي هُو ٿو،

ڪينجهر ڪارونجهر سنڌو سارو،

ماتا جو من مَڃيندو هان سائين.

 

ڪنهن سڏيو ٿي ”گل“ جو پوڄاري،

ڪنهن ڏکايل دل جو پوڄاري،

پوڄا ڀي آهي پيار جو رشتو،

رشتو اهڙو رکندو هان سائين.

 

 

گهايل لغاري

 

 

وائي

 

ابول! لاش قطار ۾،

اکين تي پٽيون آھن.

 

اک، حيا وڃايو آھي،

ڀريل ھن بزار ۾،

اکين تي پٽيون آھن.

 

امن اڳيان، پٺيان خون،

ڳالهيون خوش گوار ۾،

اکين تي پٽيون آھن.

 

خاموشي قتل آھي،

لک! ايف آئي آر ۾،

اکين تي پٽيون آھن.

 

اوڇنگارون ڪير ڏيندو،

ڀاءَ شامل مار ۾،

اکين تي پٽيون آهن.

 

 

 

مرتضيٰ ڦل

 

 

گيت

 

ڪيڏو ڪيڏو دُور،

رکين ٿو، ڪيڏو ڪيڏو دُور.

 

دردن جو الماس،

ڏُکِي جو، ڪهڙو هوندو واس،

رهجي ويندو پُور،

رکين ٿو، ڪيڏو ڪيڏو دُور،

 

پنهنجو ناهي پير،

هوا ۾، وسري ويندو ڪير،

موٽي ايندين مُور،

رکين ٿو، ڪيڏو ڪيڏو دور.

 

مُرڪي ٿي هوءَ شام

پکين جي، ويندڙ هيئن اڏام،

اوسيئڙي ۾ چُور،

رکين ٿو، ڪيڏو ڪيڏو دور.

 

تو هي ڪئن وساري،

سکي آ، وعدن کي نه پاري،

”مرتضيٰ“ به مجبور،

رکين ٿو، ڪيڏو ڪيڏو دور.

 

ª

 


 

 

 

نجم سرهيو

 

بيت

 

آيس   امڙ   پيٽ   مان، ھٿين  خالي   جيئن،

ھليو  ويندس  تيئن، ڏوري  ڏکيئي  ڏيهه  مان.

آھيان   ساڳيو   آئون، نجم    منهنجو   نانءُ،

ڪاٿي ڪنهنجو ھانءُ، سورن سانڍي جندڙي،

تون کان اڳتي تِرُ نه ڪو، تون تون آهين تون،

منهنجي  ئي سامهون، صورت ناھي تو سوا.

ڪڏھن  ڄاتئي  ڪو، ھيٺيان  نيري اُڀ  جي،

مٿان تنهنجي ڀئو، اِجھو موت آئيو.

چپڙن چيهاٽون، لذت لذيذ ڇا ته،

ڪانهي  جڳ  ۾  ڪا ته، اھڙي   ڀيٽ  ڀيٽيان.

ڳولي   ڳولي   تون، ٿڪجي    پوندين   نيٺ،

سنڌڙي جهڙي ڀُون، توکي منلدي ڪانه ڪا.

ڇا  تو ڪڏهن  سوچيو، جيئين  ٿو  ڇاڪاڻ،

ايڏو  تون   اڻ   ڄاڻ، عامن   جيان   اجنبي.

سندي     ڏاندن    گوءِ، ميلن   جو   آ   مرڪُ،

پر  وڏو  آ  فرق، تنھنجي  منھنجي  سوچ  ۾.

راڻا    سٓر  جو   رُوحُ، رنجيل   ڪيڏي  رات،

سندي    عمر   ذات، لڄايئي   ڇو   لوڪ   ۾.

رُڃ  رڙي  ھر  سال   ٿي، چارئي  طرف  ڏُڪر،

رات به اڇڙو ٿر، چمڪيو چانديءَ ٿال جيئن.

ھي   اُونهو   ڪو   راز ، سُر تي    ڏيئي   سِرُ،

گُونجي     پيو    آواز ،  سوڀ    ماڻي   ڏياچ.

ڏُڪاريل   ڏيهه   ۾،  مٓورٓ   جٓجھا   مورڻيون،

ڪارونجھر  ڪور ۾، سونهنِ  اڪن ھيرڙيون.

روھيڙي      گُل     رنگ،  ڳاڙھا      سونهري،

مُند ھنڊول وڏي، سونهن عطا ڪئي سنڌ کي.

ڪُجهه  به  ناھين   تون، انا    ڇڏ    انسان،

گھڙيءَ   جا    مهمان، آيا   اڳ    به   ڪيترا.

آءٌ  ته  آھيان  حيات، ٿيندس    نيٺ   ممات،

فڪر   جئن   فرات، جيئڻو   آھيان  جڳ  ۾.

ª
 

 

امين زرداري

 

غزل

 

اڪيلو ڪري تون خدارا نه وڃ،

اڃان رات پئي آ پيارا نه وڃ.

 

اڃان دل جو ڳالهيون نه پوريون ٿيون،

سليان سور توسان مان سارا نه وڃ.

 

اڃان ڪانه پرڀات ٿي آ پرين،

اڃان اُڀ تي آھن ستارا نه وڃ.

 

سوا تنهنجي زندگي زھر ٿي لڳي،

اڪيلي ڪيان ڪيئن گزارا نه وڃ.

 

پرين جي اسان کي اڪيلو ڪندين،

سدا نيڻ رهندا اڃارا نه وڃ.

غزل

پرچي پيو مان آھيان ڳالهيون ختم ڪري،

جيڪي وڻي ٿو ھن کي ڀل پيو صنم ڪري.

 

ھن تي ميار ڪهڙي محبوب جو ٿيو،

محبت ڪري ٿو مون سان يا ٿو ستم ڪري.

 

نوڙت ۽ نياز ھردم عاشق ڪندو پيو،

محبوب ڀل ته پنهنجي پوري رسم ڪري.

 

ھن جون ”امين“ ڳالهيون ماکيءَ جون ڄڻ ته لارون،

رب شال ھن جي دل کي ٿورو نرم ڪري.

 

ª


 

 

 

ابراهيم کوسو

 

غزل

 

هڪڙو  ماڻهو،  هڪڙو ماڻهو،

هڪڙي دلڙي،  هڪڙو گهاڻو.

 

هڪڙي ڌرتي، هڪڙو سورج،

هڪڙي مومل، هڪڙو  راڻو.

 

سوچ انهي ۾،  سر گردان  آ،

هڪڙو آدم،  هڪڙو  داڻو.

 

چنڊ ستارا،  ڪونه لڀن  ٿا،

هڪڙو روشن، ديپ اجهاڻو.

 

وسري مور نه وسري مون کان،

هڪڙو ماڻهو،  ساھه  سيباڻو.

 

ڪيڏا   درد   کڻي   ڄائو   آ،

هڪڙو ماڻهو،  دردن   هاڻو.

 

هڪڙو  ماڻهو  رنج  رهي  ٿو،

هڪڙو ماڻهو،   موتي   داڻو.

 

موٽي  ڪين  پيو   ”ابراهيم“،

ساڳي نخرا، ساڳي ماڻو.

 

ª


 

 

 

ڊاڪٽر واحد سولنگي

 

 

غزل

جيڏو درد نگاهن ۾ آ،

رڃ به ايڏي راھن ۾ آ.

 

ھار نه مڃبي ڪائنر آڏو ،

ٻل اڃان ڀي ٻانهن ۾ آ.

 

ماءُ کي چچريل لاش مليو آ،

اڀري چيخ فضائن ۾ آ.

 

ڪاٿي يار بهارون آهن،

ھر پل ڄڻ ته خزائن ۾ آ.

 

ھر پل درد سھان ٿو ويٺو،

  اثر نه ھاڻي آھن ۾ آ.

 

ڀاڙيو ھتڙي موجن ۾ آ،

سورھيه يار سزائن ۾ آ.

 

حق لاءِ ھاڻي  وڙهڻو پوندو،

  اثر ڪا نه دعائن ۾ آ.

 

ڪنهن کي ڪنهن جو جنڊ مٿي ۾ ؟

ھر ڪو پنهنجي ڳاھن ۾ آ.

 

ڪاٿي ڪاٿي ٻانهو ڳوليان،

ھر ڪو  ھت خدائن ۾ آ.

 

پنهنجو ئي غدار بڻيو آ،

پنهنجو ئي ته دغائن ۾ آ.

 

ڌرتي خاطر گڏجو ھاڻي،

رکيو  ڇا ته انائن ۾ آ.

ڪنهن تي ڪنهن تي مرھم رکجي،

ھر ڪو ھتڙي  گھاون ۾ آ.

 

وک وک تي ھن شيشا وکريل،

دڳ اسان جو ڪاون ۾ آ.

 

واحد ٿيو ديوانو آهي،

عاشق تنهنجي ادائن ۾ آ.

 

”واحد“ آهي موٽي آيو،

سنڌ جي يار صدائن ۾ آ.

 

 

غلام حسين جمالي

 

 

 

 

آزاد نظم

 

ٿي گيت اڌورا ويا منهنجا،

۽ جيون ٿَر ٿي ويو سارو،

تنهن تي وس، ٿي ڪَر وسڪارو،

سُرهاڻ ٿئي ۽ ٿئي سائو.

جا سورن ماري ساهه آهي،

تنهن ۾ ڄڻ نه ماهه آهي،

آهه آهي آزار آهي.

ڳالهه انهيءَ ۾ ڳهِجان پيو!

مرڻ کان اڳ مران پيو!

اي سونهن جي ديويءَ مون توکي،

سجدا ڪيا ڪيئي سالن کان،

سالن کان ڪيئي صدين کان،

من ڪَرَڻو ڪوئي روشن ٿي،

پئي منهنجي اُجڙيل جيون تي،

۽ ٿَرَ هن ٿوهر تي!

 

ª


 

 

 

ناز نصرالله مهر

 

غزل

اڄ الائي ڀوکلائي ڇو ڀڳو ٿو هو وڃي،

رات آڌي موڪلائي ڇو ڀڳو ٿو هو وڃي.

 

اوچتو پنهنجي پراڻي پيار جو ڇيڙي قصو،

سور دل جا سڀ جڳائي ڇو ڀڳو ٿو هو وڃي.

 

 ديد جو عادي بنائي پوء ٿو پردو ڪري،

سونهن جا جلوا پسائي ڇو ڀڳو ٿو هو وڃي.

 

ڪو نه ٿي پئي  ڪا خبر ڇو دلربا آهي رٺو،

اڄ ڏسي مون کي الائي ڇو ڀڳو ٿو وڃي.

 

ناز  آهي سر نوايو لوڪ آڏو جنهن ڪري،

سڀ مهر ٿورا ڀلائي ڇو ڀڳو ٿو هو وڃي.

 

 

عبدالخالق ”اسير“

   

 

غزل

ڪنهن جو  پاڻي  هو  ڪنهن جو  داڻُو هو،

هِڪڙِي  مُومل  هُئِي   هِڪڙو  راڻُو  هو!!

پنهنجو نِبرڻ  ھو  ڪيڏو  مُشڪل  ٿيو!

مُنهنجُون منٿُون هُيون تُنهنجو ماڻُو هو!!

ڪنهنکي ڪهڙِي خبر ڪنهن کي ڪهڙو پتو،

ڪير  اياڻُو   هو    ڪير    سِياڻُو   هو !!

ٿورو سوچين ته ها  هِڪڙو  هِيڻُو  پکِي!

تُنهنجِي تاڙِيءَ وِچان  ڪيئَن  اُڏاڻُو  هو!!

هِڪَ  رات  رڳو ويو  هو چنڊ  وِڃائجِي!

ڪيڏو  تارن  ڪيو  اڄ  ته  پُڇاڻُو  هو!!

ª


 

 

 

اظهر ”آزاد“ مغل

 

 

غزل

 

من جي اڀ تي حاوي آهن محبت جون ھي مستيون!

نيٺ ته ماڻينديون منزل کي پنهنجون ساريون ھستيون!

 

سار صبر ۾ سرھائي آ ماٺ به موجن جھڙي،

ساوڪ سان سرشار به ٿينديون ڀاڳن جون ھي بستيون!

 

جيون جا جذبا ٿا جاڳن جهومن جهولن جڳ ۾،

تون جي ايندين جوڀن جون ھي مھڪي پونديون وستيون!

 

مايا موھيو جن کي سي سڀ وڪجن پئسن تي پيا،

ھاءِ ھتي ٿيون روز وڪامن ڪرسيون ڪيڏيون سستيون!

 

دوکا ۽ دولاب دنيا ۾ زور وٺي ويا آھن،

ايمان وڪامڻ لاءِ يارو گهرجن ٿيون بس دستيون!

 

ª


 

 

 

جيئند علي مهر

 

وائي

 درد کــــــــي واڻيون،

يـــــــــادون پـــــــــراڻيون،

من!  روئارينديون رهن ٿيون !

 

اميدن کڻي لاشا...،

اکيون _  نماڻيون،

من! روئارينديون رهن ٿيون !

 

توکي ساري يار،

وائيءَ  وراڻيون!

من! روئارينديون رهن ٿيون !

 

هانءُ ڦٿڪي ٿو ھاءِ ...،

ڇوريون ويڳاڻيون،

من! روئارينديون رهن ٿيون !

 

 کٽَ خالي ڀاءُ جي ...،

ڀينر  ڪوماڻڻيون،

من! روئارينديون رهن ٿيون !

من! روئارينديون رهن ٿيون !

 

ª


 

 

 

امتياز خاصخيلي

 

 

*

خبر ساري رکيو بي خبر ٿي رکي،

ھوءَ اکين منجهه ايڏو اثر ٿي رکي.....

 

ھوءَ سانگھڙ سمورو سراپي وئي،

ھوءَ اتر کان مٿانهون اتر ٿي رکي......

 

مونکي ٻوڙيو اکين جي سمونڊن ۾ بس،

پو اگر ٿي رکي ۽ مگر ٿي رکي...

 

ڪاش خوابن ۾ ان سان ڪچهريون  ٿئي،

جو اوجاڳن جا ايڏا سفر ٿي رکي.....

 

خواب اجرا ڍنڍن جا پکي ٿي ويا،

آئون پياسو ھان مونتي ولر ٿي رکي.....

 

ھڪ سفر جي سفر جا سنباها ڪيو،

ڪيترا ٻيا سفر من اندر ٿي رکي.....

 

ª


 

 

 

خير محمد لاکو

 

غزل

 

مايــوسُ نَه ٿـي ڪَـرِ ڪنڌُ  مَٿي،

اڃا  تَه  اَٿئي ڪـرڻون  پنڌُ  مَٿي.

رات ٿيــندي  روشن  تـارن  ڀَـري،

گهــڙي پـل لئه  اَٿئي  ڌنــڌُ  مَٿي.

خزائون تَه هميشه رهڻيون ناهن،

اُڏرنــدا پـوپٽ گلـڙن سڳنڌُ  مَٿي.

اُڀــرندو آزاديءَ جـو سِـجُ سـڀاڻي،

لهرائجان  پـرچـم  لال سنـڌُ  مَٿي.

 

 

نماڻو صديق مهيسر

 

غزل

سونهن سامهون هئي مون عبادت ڪئي،

بانگ بانگي چئي   مون عبادت     ڪئي.

 

نيڻ مون     ڏي   کڻي  مرڪ  آڻي   وري،

ٽيڪ بيٺي  ڏئي      مون عبادت  ڪئي.

 

ڦول     ڦولاريل    ها    گلابي        ٻئين،

تن کي آھي    ڇهي    مون  عبادت ڪئي.

 

ڪڻڪ  کي سرنهن جا  جيئن  گل پيا چمن،

تيئن هن کي  چمي مون عبادت    ڪئي.

 

ٻول هن    جا لڳا     عشق   جون     آيتون،

گفتگو  هن ڪئي مون  عبادت    ڪئي.

 

سوچ     پوتر      ذهن     ۾  ”نماڻا“    رکي،

سڪ اندر ۾ سبي مون عبادت ڪئي.


 

 

 

ڊاڪٽر انور پرديسي

 

غزل

 

 سخا جي نه ڪر تون عنايت اسان سان،

ٺهي ڪا نه ٿي هي بغاوت  اسان  سان.

 

ڪٿي ٿي اچين! روز دل جي اڱڻ تي،

رڳو ٿي رکين  بس حقارت اسان سان.

 

نپوڙي   نهوڙي   سمورا   هي جذبا،

ڇڏي ڏي مفادي  سياست اسان سان.

 

ڀلي  ناز نخرا   سدا ڪر   سٻاجھي،

رڳو ڪر نه جاني  عداوت اسان سان.

 

ڪٿي ٿي  سري تو  بنا   يار   ”انور“،

گهڙي پل  ته ڪر ڪا رياضت اسان سان.

 

  غزل

وڄائي رڳو  ڪيترو،  ڀِير    شاعر،

وڌائي نه ٿو اڳتي ڪو، پير   شاعر.

 

ستل آ  نشي ۾، هي ڏس قوم ساري،

اٿاري ڀلا تن کي  هت  ڪير  شاعر.

 

اڪيلا ڀڄن ٿا هي مقتل جي پاسي،

ٻَڌيءَ جا ڇِنائي هي سڀ ڇير شاعر.

 

رهي ٿو حياتي  سڄي  ڪاڻيارو،

رکي جن به آ قوم سان وير  شاعر.

 

ڪٺي ڪو نه هلبو، انهن ساڻ ”انور“،

سڏائن  پيا  ٿا  رڳو  سير    شاعر.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org