|
عزيز ڪنگراڻي

سنڌُو لکت جي علامت مڇي جي ڀاڃ: هڪ نئون نقطهءِ
نظر
[Deciphering
the fish sign of Indus Script: A new perspective]
تعارف:
سنڌُو ماٿري جي سڀيتا جنھن کي هڙاپا تھذيب
پڻ چيو ويندو آهي، انساني تاريخ جي قديم ترين شھري
ثقافتن منجھان هڪ هئي، جيڪا 2600 ق.م کان 1900 ق.م
جي وچ ۾ موجودهه پاڪستان ۽ اتر اولھه هندستان ۾ ترقي ڪئي. سنڌُو ماٿري جي
سڀيتا ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تھذيبن جي همعصر هئي ۽
1.25 ملين چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ علائقي تي پکڙيل
هئي، جنھن سبب اها ٽامي جي دور جي سڀ کان وڏين
تھذيبن مان هڪ هئي.
سنڌُو ماٿري جي سڀيتا پنھنجي اعليٰ ترين
رٿابندي سان جوڙيل شھرن سبب دنيا ۾ مشھور آهي،
جن ۾ شاندار شھري انجنيئرنگ ۽ صفائي جو نظام موجود
هو. وڏا شھري مرڪز هڙاپا، موهن جو دڙو، ڍولاويرا،
راکِي ڳڙهي، لوٿل، ڪالي بينگن ۽ چانھون
دڙو هئا. انھن شھرن ۾ ويڪرا، سڌا رستا، معياري پڪل
سرن سان ٺھيل گهڻ ماڙ گهر ۽ اعليٰ درجي جي نيڪال
جا نظام موجود هئا. سنڌُو ماٿري جي سڀيتا جو
پنھنجو خاص لکت جو نظام هو.
اڃا تائين سنڌو ماٿري جي لکت جي نظام جي
مڪمل ڀاڃ نه ٿي سگھي آهي جيڪو سنڌو ماٿري جي تھذيب
واري دور ۾
1900 کان
2600
ق.م دوران استعمال ڪيو ويندو هيو. جيڪڏهن سنڌو لکت
جي مڪمل ڀاڃ ٿي وڃي، ته اها ٻولي، اقتصادي، مذهبي،
سماجي يا انتظامي معاملا به ظاهر ڪري سگهي ٿي. بھرحال، سنڌو لکت قديم دنيا جي وڏين
لسانياتي ڳُجھن منجھان هڪ ڳُجھه رهندي آئي آهي.
1.سنڌُو
ماٿري جي لکت
جو نظام:
ذڪر ٿي چُڪو آهي ته سنڌُوسڀيتا بابت ڄاڻ
جي سلسلي ۾ سنڌُو لکت سڀ کان وڏي ڳجهارت بڻيل آهي.
”هزارين مھرن، مٽي جي ٿانوَن، ٽامي ۽ ٻين نوادرات
تي لکيل سنڌُو لکت جون لکتون ملي چڪيون آهن پر
انھن جي ڀاڃ اڃا تائين ڳجھه بڻيل آهي“ (Laghari. R, 2025).
سنڌُو لکت لفظن
(Logographics)
يا اُچارن
(Syllabic)
تي مشتمل ٿي سگھي ٿي. هونئن ته علامتن جو
تعداد وڌيڪ مليو آهي پر ڌار ڌار يا منفرد علامتن
جو تعداد اٽڪل 400 يا 600 آهي. سنڌو لکت مختصر
ملي آهي. مھرن تي هر هڪ عام لکت ۾ 5 يا 6 علامتون
شامل آهن.“
(Laghari. R, 2025)، جڏهن ته سڀ کان ڊگھي تحرير ۾ لڳ ڀڳ 17 يا وڌ ۾ وڌ 34 اکر
يا نشانيون آهن. گهڻيون لکتون ساڄي کان کاٻي طرف
لکيل نظر اچن ٿيون. سنڌُو لکت جي علامتن جي شڪلين
۾ مڇي، انساني شڪليون يا ٻوٽا وغيره به آهن.
مھرون گهڻو ڪري واپاري مرڪزن ۾ مليون هيون، جن تي
جانورن، ديوتائن ۽ لکت جون صورتون موجود آهن .مٽي
جي ٿانوَن تي به علامتون مليون هيون. جيتوڻيڪ
اهي ناياب آهن، پر انھن تي به نقش ٿيل لکتون
موجود هيون .
2. سنڌُو لکت جي ڀاڃ ۾ اهم مشڪلاتون:
2.1
ڪنھن به ٻه ٻوليائي
(bilingual)
واري لکت جي کوٽ. سنڌُو لکت جي ڀاڃ لاءِ واضح ٿيل
ٻن ٻولين وارو متن (جيئن مصر جي هيرو گلفس سمجھڻ
لاءِ روزيٽا اسٽون مليو) موجود ناهي، جيڪو هن لکت
جي ڀاڃ ۾ مدد ڪري سگهي.
2.2 مختصر لکت.
مطلب سنڌُو لکت جون لکتون طويل هجڻ بجاءِ
مختصر علامتي نشانين تي مشتمل آهن.مھرن تي وڌ ۾ وڌ
5 يا 6 علامتون آهن جنھن
ڪري پوري ٻولي جي جوڙجڪ کي سمجهڻ ڏکيو ٿي
وڃي ٿو.
2.3
سنڌُو لکت جي ٻولي اڻڄاتل آهي. ڪنھن کي
اهو به معلوم ناهي ته اها لکت ڪھڙي ٻولي يا ٻولين
جي نمائندگي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته لکت جي ان دور جي
ڪنھن به ٻين لکڻين سان سڌي مشابھت ناهي.
2.4
متغير
علامتن جو تعدادگھٽ هجڻ. 400 يا 600 ڌار
ڌار علامتون هجڻ ڪري اهو طئي ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو
ته ڇا اهي لِپِي (اکر)، لفظ (آواز)، يا لوگوگرافڪ
(نشاني) جي نمائندگي ڪن ٿا؟ انھن ۾ مٽا سٽا يا
ڦيرگھير موجود ناهي.
2.5
لکڻ جو طرف ۽ ترتيب: گهڻيون لکتون ساڄي کان کاٻي
طرف لڳن ٿيون، پر ڪي ڪي کاٻي طرف کان به لکيون
ويون آهن، جيڪو ڀاڃ کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو.
2.6
ملندڙ جلندڙ نشانيون: ڪجهه علامتن
کي مڇي، جانورن، يا ٻوٽن سان مشابھت ڏني وئي آهي
جيڪي ملندڙ جلندڙ آهن. سو انھن جي صحيح ڀاڃ ڪرڻ
ڏکيو عمل بڻجي وڃي ٿو.
2.7
تاريخي
۽ ثقافتي حوالن جي کوٽ: سنڌو ماٿري جي تھذيب جي
ثقافتي ۽ مذهبي پسمنظر بابت محدود معلومات هجڻ ڪري
لکت جي ڀاڃ ۾ وڌيڪ مشڪلات پيش اچي ٿي. اهي سڀ
مسئلا گڏجي سنڌو سڀيتا جي لکت جي ڀاڃ کي هڪ وڏو
راز بڻائين ٿا.
2.8
ممڪن آهي ته لکت نه هجي: سنڌُو لکت بابت ڪجهه
ماهرن جو خيال آهي ته اهي صرف واپاري نشانيون يا
علامتون ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها لکت نه
هجي.
بيان ڪيل سڀ عنصر سبب سنڌُو ماٿري جي لکت
جي ڀاڃ لاءِ وڏيون رنڊڪون بڻجن ٿا. تنھن هوندي به
اها اميد آهي ته مستقبل ۾ برجستي تحقيق سنڌُو لکت
جي اسراريت کي سلجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
پوسھيل ۽ راءُ موجب: ”سنڌُو لکت اٽڪل 400 ڌار ڌار نشانن تي مشتمل
آهي، ۽ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 3,500 مثال ملي چڪا
آهن. بھرحال، انھن نشانين جو مطلب ۽ جوڙجڪ اڃا
تائين نامعلوم نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به ٻه
ٻوليائي يا ٽه ٻوليائي لکت جو نه ملڻ ۽ ڪنھن سڌي
طرح ڄاتل ٻولي سان تعلق نه هجڻ سبب ان جي ڀاڃ مشڪل
آهي
(Possehl, 2002; Rao, 2017, p. 518)
رماسامي مطابق: ”مصري هيروگليف لکت کي
سمجهڻ روزيٽا اسٽون جي مدد سان ممڪن ٿيو، جيڪا هڪ
ٽه ٻوليائي لکت هئي. افسوسناڪ ڳالھه
اها آهي ته سنڌُو لکت لاءِ اڃا تائين ڪا به
ٻوليائي يا ٽه ٻوليائي لکت نه ملي آهي. بھرحال، ان
جو مطلب اهو ناهي ته سنڌُو لکت هميشه لاءِ بغير
ڀاڃ رهندي
(Ramasami,
2014).
مھاديوَن ، يادوَ ۽ وَهَيا جو به خيال آهي ته، ” سنڌُو ماٿري
جي لکت جي ڀاڃ جي اهم مشڪل ان جو مختصر هجڻ آهي.
عام طور تي، سنڌُو ماٿري جي هر لکت وڌ ۾ وڌ پنج
نشانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته سڀ کان ڊگهي هڪ لڪير
تي مشتمل لکت صرف 14 يا 15 نشانن تي ٻڌل آهي“(Mahadevan,
1977; Yada & Vahia, 2011).
ان جو مختصر هجڻ ئي ڀاڃ لاءِ هڪ وڏي رنڊڪ بڻجي ٿو.
سنڌُو ماٿري جي لکت جي لساني وابستگي اڃا
تائين غير يقيني آهي. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته
”هي ڪنھن ابتدائي دراوڙي يا پروٽو-دراوڙي ٻولي جي
نمائندگي ڪري سگهي ٿي“
(Parpola, 1994)
پارپولا جھڙوڪر
جان مارشل جي انھيءَ
نظرئي جي حمايت ڪري ٿو ته ”سنڌو ماٿري جي تھذيب جي
ٻولي سنسڪرت نه هئي، پر هڪ اڳ-آريائي (Pre-Aryan)
ٻولي هئي.“
(Marshall.J, 1931,p-24).
ڪجهه ٻين ماهرن جو خيال آهي ته ان جو تعلق
هند-آريائي يا ڪن وساريل علائقائي ٻولين سان ٿي
سگهي ٿو، جيتوڻيڪ اهي نظريا يا خيال اڃا تائين
قياس آرائيءَ تي ٻڌل آهن ۽ انھن جون ثابتيون نه
ملي سگهيون آهن.
ڪيناير موجب: ”لکت جي علامتي نوعيت پڻ ان
جي ڀاڃ کي پيچيده بڻائي ٿي. ڪجهه نشانيون تصويري (pictographs) لڳن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ تجريدي (abstract) علامتون آهن، جيڪي ان جي ڀاڃ کي
وڌيڪ مشڪل بڻائين ٿيون“ (Kenoyer,
2020, p. 223).
سنڌُو ماٿري جي سڀيتا جي دريافت کي ھڪ صدي
کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، پر ان جي لکت جي ڀاڃ
اڃا تائين ھڪ ناقابل فھم ڳجهه بڻيل آھي. ان جي غير واضح رهڻ جي
بنيادي سببن تي وڏي پيماني تي تحقيق ڪئي وئي آھي.
ساڳي طرح، سنڌُو لکت ۾
”مڇي“ جي علامت جي ڀاڃ ۾ به اهڙي ئي نوعيت جون مشڪلاتون پيش اچن
ٿيون.
جينر مطابق، ”1960ع واري ڏهاڪي کان وٺي،
ڪيترن ئي علمي مطالعي جي روشني ۾ سنڌُو لکت جي
نموني جو تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جن ۾ خاص طور
تي روسي ٻولي ماهر يوري نوروزوف، فنلينڊ جي آثار
قديمه جي ماهر آسڪو پارپولا، ڀارتي محقق ۽ دنيا جا
ٻيا ماهر شامل آهن جن سنڌُو لکت جي ڀاڃ لاءِ
ڪمپيوٽشنل ۽ ٻين سائنسي طريقن جو استعمال ڪيو آهي“(Janer.R,Mcilnath,
2008, p-55).
پوسھل
موجب، ”جيتوڻيڪ سنڌُو لکت جون اصل نشانيون نه
مليون آهن، پر شو-ايليشو جي مستطيل مھر (Cylindrical
seal) جي دريافت مستقبل ۾ هن قديم لکت کي
سمجهڻ لاءِ اميد جو هڪ ڪرڻو مھيا
ڪري ٿي.“
(Possehl, 1996, p-43)
سينگپتا مڇي جي علامت کي تصويري نشاني
سمجھندي لکيو آهي ته، ”هي تحقيق ٻن بنيادي سوالن
جو جائزو وٺي ٿي: ڇا اسين
”مڇي“ جي علامت جي ممڪن ڀاڃ جو تعين ڪري سگهون
ٿا؟ جيڪڏهن ها، ته ڇا هي ڀاڃ سنڌ ُو لکت جي حوالي
سان سنڌُو ماٿري جي سڀيتا جي سماج ۽ ثقافت بابت
ڄاڻ مهيا ڪري سگهي ٿي؟
ھن تحقيق ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته مڇي جي
علامت سنڌُو ماٿري جي تھذيب ۾ خاص سياسي ۽ مذهبي
اهميت رکندي هئي. وڌيڪ، ھن تجزئي ۾ ھن علامت کي ھڪ
تصوري علامت
(Ideogram)
طور پيش ڪيو ويو آهي، جتي ان جي صوتي معنيٰ جي
بدران ان جي علامتي مفھوم کي ترجيح ڏني وئي آهي“(Sengupta. S, 2023, p-87).
سنڌُو ماٿري جي لکت ۾ مڇي جي علامتن جي
مختلف ڀاڃ ڪئي وئي آھي. ھڪ نمايان نظريو اهو آهي
ته، مڇي جي علامت جي اصطلاحي ڀاڃ ستارن، آڪاشي
ديوتائن طور ڪئي وئي آهي ۽ دراوڙي لفظ مِن (min)
(’مڇي‘)
يا من/ون (min/vin)
کي اصطلاحي طور
”چمڪ،
دمڪ ۽ چمڪڻ“ سان ڳنڍيو ويو آھي(Parpola,
1994). پارپولا وڌيڪ ڄاڻائي ٿو، ”هيءُ ڀاڃ
ڀارتي آڪاشي ۽ مذهبي روايتن جي مختلف عنصرن سان
مطابقت رکي ٿي، جن ۾ سيارن جي پوڄا، ويدڪ ستارن جو
ڪئلينڊر ۽ نئين سال جون علامتون شامل آهن. ان کان علاوهه، ڀارت ۾ آڪاشي، ذاتي نالن ۽ قطب تاري (North Star)
طور پڻ ڀاڃ ڪئي وئي آهي، سنڌُو ماٿري ۾ ديوين جي
پوڄا جي ثبوت کي به هن علامت جي تناظر ۾ جاچيو ويو
آهي. سنڌُو ماٿري جي قديم آثار امري مان ملندڙ
مٽيءَ جي ٿانون تي
”مڇي“ ۽
”ستارن“ جا گڏيل نقش پڻ انھيءَ ڀاڃ جي وڌيڪ حمايت ڪن ٿا (Parpola,
1994, p-179, 182, 183, 201,204
).
رابرٽ دليل ڏئي ٿو ته ”هي لساني جڙ
ڪيترين ئي دراوڙي ٻولين ۾ موجود آهي. لفظ
”وِن“ آسمان لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽
”من“ (min)
مان نڪتل آهي، جنھن جو اصطلاحي مطلب آهي
”اڇاڻ“، جڏهن ته
”مِن“
لفظ ٻنھي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، يعني
”تارو“ ۽
”مڇي“ وغيره جيڪو به
”مِن“
مان نڪتل آهي، جنھن جو مطلب آهي
”چمڪڻ“.
ساڳي طرح، تامل ٻوليءَ ۾
”ويجِّي“
(vejjī)
سيارو زهره (Venus)
۽ چانديءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو
”وين“(ven)
مان نڪتل آهي، جنھن جو اصطلاحي مطلب آهي
”چانديءَ
وانگر سفيد.“
تنھن هوندي به، عام طور تي، سنسڪرت مان ورتل لفظن
کي قديم دراوڙي جڙ کان ڌار ڪرڻ ۾ ڪو خاص ڏکيو ڪم
ناهي. رڳو ڪجهه اهڙا مثال آهن، جتي هي ابھام موجود آهي ته ڪجھه لفظ سنسڪرت جا آهن يا دراوڙي. مثال طور،
”نير“ (Nir)
(پاڻي) ۽
”مِن“
(مڇي) ٻنھي
کي ٻولين جي ورثي طور دعويٰ
ڪئي وئي آهي.
ان جي باوجود، عام طور تي مڃيو وڃي ٿو ته ٻئي لفظ
دراوڙي ٻوليءَ جا آهن“ (Robert.
C, 1976, (p-45. سنڌي ٻولي ۾ مڇي لاءِ مِينَ (Meen) ۽ "نير
(Nir)"
جو مطلب آهي پاڻي ۽ ڳوڙها يا لڙڪ. اهو لفظ
ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪرشنامورتي به ان
ڳالھه جي تصديق ڪري ٿو ته ”دراوڙي دور کان اڳ
پروٽو دراوڙي
(Proto-Dravidian)
ٻولين ۾
"Nir"
پاڻي لاءِ استعمال ٿيندو هو“ (Krishnamorti,
2003. P-46) جيڪو اڄ به سنڌي ۽ ٻين دراوڙي ٻولين ۾
ساڳي معنيٰ سان موجود آهي.
اهڙي طرح، سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ
”مين“ (meen)
جون جڙون پروٽو دراوڙي (Proto-Dravidian)
لفظ
”مِن“
(min)
۾ کُتل آهن، جنھن جو مطلب آهي
”مڇي“ ۽ اصطلاحي معنيٰ
”چمڪ“،
”روشني“ ۽
”سيارو“ يا سيارن جو مخصوص جھرمٽ (Constellation)
(بلوچ، 1988، صفحو 2760)۔
ان کان علاوهه بلوچ (2006، صفحو 657) لکي ٿو ته سنڌيءَ ۾
”مينا“ (meen)
جو مطلب ”مڇي“،
”آسمان“،
”برج“،
”نيرو
رنگ“،
”سون ۽ چانديءَ تي ٿيل نقش نگاري“، ”جوت“ آهي، ۽
”ميناڪاري“ انھن قيمتي ڌاتن تي ڪيل رنگين، چمڪندڙ
چٽسالي کي به چيو ويندو آهي، جيڪي سڀئي چمڪ ۽ جوت
جون علامتون آهن. ڪن محققن جي راءِ آهي ته پروٽو
دراوڙي (Proto-Dravidian)
ٻوليءَ ۾
”مڇي“
لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ
”مين“
(mīn) اڄ جي ڀارت جي ٻولين ۾ وڏي پيماني تي استعمال ۾ آهي ۽
ڪيترين ئي دراوڙي ٻولين ۾
”چمڪ“،
”روشني“ ۽
”قيمتي پٿر“
جا معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو.
لسانياتي
طور تي، هن (Proto-Dravidian)
لفظ جي جڙ
”مين“
(mīn)
۾ کُتل آهي، جنھن جو مطلب آهي ”مڇي“،
”چمڪڻ“
۽ ”چمڪ وِکيرڻ“. علامتي طور تي ان کي ستارن، ٽانڊاڻن، روشنيءَ ۽ مڇيءَ جي
اک جھڙن
خاص پٿرن سميت ٻين چمڪندڙ شين سان ڳنڍيو ويو آهي
(Ansumali .B, 2023, P-3,1).
پارپولا مطابق،
”7 + مڇي“
(تصوير: 1) يا
”مڇي + 7“
(تصوير: 2)) ايليو + مين’ / ‘elu + min’)
جو مطلب آهي
”ست
ستارا“. تامل ۾ هي Ursa Major
(ست ستارن وارو جھرمٽ) لاءِ استعمال ٿئي
ٿو، جيڪو ڀارت ۾ مڇي جھڙن
“ست
رشين“
(Seven
Sages)
جي نالي سان مشھور آهي، ڀارت ۾ به ان سان ملندڙ هڪ تصور آهي، جتي
ست مڇي جي شڪل وارا رشي پوڄا جا مرڪز
آهن
(Parpola, 1994, P-275).

(تصوير
1)
 
(تصوير 2)
سنڌي ٻوليءَ ۾ به
”مِن“ يا
“مين“(min/meen)
جو مطلب آهي مڇي، جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾
”ڪَتِي“ (Katti)
لفظ موجود آهي جيڪو ست ستارن جي جھرمٽ لاءِ
استعمال ٿئي ٿو،
”ڪَتِي“ آسمان ۾ هڪ اهڙو جھرمٽ آهي، جيڪو گرميءَ
جي موسم ۾ نظر ايندو آهي ۽ سرديءَ جي شروعات تائين
هوندو آهي. ان کان علاوهه
سنڌي ٻولي ۾
”ڪَتِي“
لفظ هڪ خاص پوکيءَ واري موسم لاءِ به
استعمال ٿئي ٿو (Baloch. N. A, 2006, P-483).
هن موسم ۾، جڏهن
”ڪَتِي“ جو جھرمٽ آسمان جي وچ تي ظاهر ٿئي ٿو، ته
روايتي طور تي هاري پنھنجي فصل جي پوکيءَ جي
شروعات ڪن ٿا. ڪَتِي سنڌي سال جو مھينو پڻ آهي.هن ڀاڃ يا معنيٰ جي پسمنظر ۾، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
لساني ۽ ثقافتي نقطه نظر مان ڏسجي، ته
”7
+ مڇي“
يا
”مڇي
+ 7“
جي ڀاڃ ممڪن طور تي
”ڪَتِي“ ٿئي ٿي. جيڪا پارپولا جي ڀاڃ موجب آهي.
اهڙيءَ طرح، پارپولا مطابق
”3
+ مڇي“
(تصوير: 3) ٽن ستارن جي علامت آهي، جيڪا تامل ۾
مرگاشرا
(Mrigashira)
واري جھرمٽ سان لاڳاپيل آهي.
تامل ناڊو ۾ هيءُ جھرمٽ
”رشين جي مھيني“ سان تعلق رکي ٿو (Parpola,
1994, P-275).

تصوير: 3 الف تصوير: 3ب
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان کي ”ٽيڙُو (teru)“ يا
”ٽڙيلُھو“
(trelhu)
چيو وڃي ٿو، جنھن جو مطلب آهي
”ٽي ستارا“ يا
”هڪ
قطار ۾ ٽي ستارا“(Baloch.
N.A, 2006, P-150). هن تناظر ۾ چئي سگهون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ
۾
”3
+
مڇي“ جي علامت
جي ممڪن
ڀاڃ
”ٽريڙو يا ٽيڙُو“(treru)
آهي.
سنڌ جي روايتي تاريخ کي ڏسجي ته سوين سالن
تائين انسان رستو ڳولڻ لاءِ تارن جو سھارو وٺندا آيا آهن، انھن تارن مان ٻه تارا پراڻي زماني ۾،
انسان لاءِ ڏاڍا اهم هئا. هڪ قطب تارو جنھن کي
ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ايٽ تارو يا ڌُرو تارو (North star)
چئبو آهي (Baloch, 2006).
ٻيو سُھيل (Baloch,
2006) يا سھائو تارو
(Canopus)
تارو سڏبو آهي. انھن ٻنھي تارن لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اصطلاح ”ٻه تارا يا جاڙا تارا “ (Two or Twin stars)
موجود آهي جيڪو خاص طور قديم زماني کان عام ماڻھو استعمال ڪندا
آيا.يورپ ۾ جاڙن تارن لاءِ الڳ ڏندڪٿاموجودآهي.
قديم زماني کان ايٽ تاري يا ڌرُو تاري (North star or North pole)
کي
وڏي اهميت حاصل رهي آهـي. هي تارو جيئن ته پرهه
ڦٽيءَ مھل اتر طرف اڀرندو آهي، ان ڪـــري ان کي مسافرن جو ’سونھون تارو‘ به چوندا آهن. سنڌ جا آڳاٽا
سيلاني هن تاري جي مدد سان کليي سمنڊ ۾ سفر جي طرف
جو تعين ڪندا هئا. ٻين سماجن ۾ به ساڳيو تصور آهي.
سنڌو لکت وارين مھرن تي 2 + مڇي
(تصوير: 4 الف)
۽ مڇي + 2 (تصوير: 4
ب) جي علامت ملي ٿي جيڪا ٻه تارن يا جاڙن تارن کي
ظاهر ڪري ٿي ۽ ان جي ڀاڃ ”جاڙا تارا“ ٿي سگھي ٿي
ڇاڪاڻ ته اها جاڙن تارن جي علامت ئي هوندي.


تصوير: 4 الف تصوير: 4 ب
ان
کان
علاوه آسمان ۾ کٽ
(Cot)
جي پاون وانگر چئن ستارن (Four Stars)
جو جھرمٽ نظر ايندو آهي، جنھن کي صدين کان سنڌي
ماڻھو
کٽ
(Khatt)
سڏن ٿا. هن جھرمٽ کي سنڌي ۾ ’پَريُن
جي کٽ‘ (Fairies’s cot)
پڻ چيو ويندو آهي. ان کان علاوهه ’اوپرا کٽ‘ به چئجي ٿو. هن کٽ جيان نکٽ جا تارا ٻارهن ئي
مهينا موجود رهن ٿا ۽ اُهي آسمان جي اڪثر اوڀر ۽
وچ واري مرڪز ۾ نظر اچن ٿا
.سنڌو لکت جي مھرن تي کٽ جي علامت، مڇي + 4
(تصوير: 5) جي شڪل ۾ موجود آهي جنھن جي سنڌيءَ
ٻولي ۾ ڀاڃ کٽ (Khatt)
ٿي سگھي ٿي.

تصوير: 5
جيتوڻيڪ هي ڳالھه سڌو سنئون هن موضوع سان
لاڳاپيل ناهي، پر اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته، ”رتِي
(Ratti)
سون ماپڻ لاءِ وزن يا تور جو هڪ ايڪو آهي، جيڪو اڄ به سڄي
ڀارت ۾ سون تورڻ جو هڪ عام پيمانو آهي (آنسومالي،
بي. 2022)۔ جيڪڏهن هيءَ علامت
”رتي
Ratti“

(تصوير:6)
جي
ڀاڃ ظاهر ڪري ٿي ته اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سڄي پاڪستان،
خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ به.

تصوير: 7
”رتِي
(ratti)“ لفظ قديم زماني کان موجود رهيو آهي ۽ سون
جي وزن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ اڄ به رائج
آهي. ان علامت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ڀاڃ رَتِي
ٿيندي. سنڌ يا سنڌيءَ ٻولي ۾
”رتي“ ڪڻڪ جي پوک جي هڪ بيماري لاءِ به استعمال
ٿيندو آهي، ۽
”رتي“ سان لاڳاپيل ڪيترائي محاورا پڻ سنڌي
ٻوليءَ ۾ موجود آهن.

(تصوير 8)
سنڌُو لکت ۾ جيڪڏهن هن علامت کي
”رتي“ جي طور تي ڀاڃ ڪئي وڃي،ته
”2 + رتي“
(تصوير: 8) يا
”رتي
+ 2“ (تصوير:9) واريون علامتون به موجود آهن،
جن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڀاڃ
”ٻه
رتيون“
ٿي سگھي ٿي ۽ ٻِن رَتين جي قيمت کي ظاهر ڪري سگهي
ٿي. ان کان
علاوه
اهو ذڪر به ٿي چڪو آهي ته سنڌ يا سنڌي ٻولي ۾
”رتي“
لفظ ڪڻڪ جي فصل جي هڪ خاص بيماري لاءِ به ڪم اچي
ٿو، جيڪا بيماري ڪڻڪ کي ان وقت لڳي ٿي جڏهن سنگ
جھليندي آهي، جڏهن آسمان تي ڪارا بادل ڇانيل رهن
ٿا ۽ برسات پوي تڏهن هيءَ بيماري ڪڻڪ جي فصل کي
لڳندي آهي ۽ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي.

(تصوير 9)
سنڌُو لکت جي علامت مڇي جي ڀاڃ هيري، موتي
يا جواهر طور ڪجي ٿي ته هڪ گمان جنم وٺي ٿو. موهن
جي دڙي جي
مھر (M-410) جي نقش مطابق، هڪ مانگرمڇ کي مڇي کائيندي يا ڳيهندي
ڏيکاريو ويو آهي
.

(تصوير: 10)
مانگر مڇ ۽ مڇي منجھان پاڻيءَ جو تعلق يا
تصور ضرور اُڀري ٿو پر هن مھر موجب قيمتي پٿرن،
جواهرات، اک جي شڪل وارن املھه
پٿرن، يا ستارن بابت ڪنھن به قسم جو تعلق يا تصور
ظاهر نٿو ٿئي. ان جو سبب اهو آهي ته مگرمڇ فطري
طور پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جي شڪار سان جُڙيل آهي، پر
جواهرات يا موتين کي کائڻ سان ان جو ڪو به واسطو
ناهي. ۽ نه ئي هن مھر موجب مڇي جي ڀاڃ جواهرات يا
ستارن طور تصور ظاهر ڪري ٿي. نڪي مھر ۾ مانگر مڇ
موجب مڇي جي علامت جو قيمتي پٿرن يا ستارن ڏانھن
ڪو علامتي اشارو موجود آهي. تنھنڪري،
”مِن“ يا
”مين“
(min/meen)
جي
ڀاڃ کي جواهر يا ستاري جي معنيٰ ۾ ٻيھر
جانچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي ڀاڃ کي يقيني
بڻائي سگهجي.

نتيجو:
جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي عام طور تي
هند-آريائي ٻولين جي خاندان جو حصو سمجهيو ويندو
آهي، پر ان جون جڙون پروٽو دراوڙي (Proto-Dravidian)
۽ دراوڙي ٻولين تائين پھچن ٿيون. سنڌُو لکت ۾
”مڇي“ واري علامت جي ڀاڃ، پروٽو دراوڙي ۽ دراوڙي لفظن جھڙوڪ
”نير“
(nīr)،
”مِن“
(min)
۽
”مين“(meen)
جي موجودگي، اهو ثابت ڪري ٿي ته اهي
دراوڙي ۽ پروٽو دراوڙي لسانياتي عنصر اڃا تائين
سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
هن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي اصل ۾
هڪ دراوڙي ٻولي هئي، پر آريائي ۽ سامي ٻولين جي
ڊگهي عرصي جي اثر سبب، آخرڪار سنڌي هند-آريائي
گروپ جو حصو بڻجي وئي.
ان ڪري، سنڌُو لکت جي نظام ۾
”مڇي“ ۽ ٻين علامتن جي ڀاڃ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ
کي به هڪ اهم ذريعي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جا دراوڙي ٻولين سان لسانياتي ۽
ثقافتي لاڳاپن ۽ تاريخي تسلسل کي سمجهڻ سان، محقق
سنڌُو لکت جي ڀاڃ سان گڏ سنڌُو لکت جي علامتن کي
سمجھڻ ۾ سڦل ٿي سگهن ٿا.
جنھن طريقي سان آسڪو پارپولا تامل ٻوليءَ
کي بنياد بڻائي سنڌُو لکت جي ڀاڃ جي ڪوشش ڪئي آهي،
بلڪل اهڙيءَ طرح مستقبل ۾ ٿيندڙ تحقيقي ڪوششن ۾
ٻين دراوڙي ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل
ڪيو وڃي.
ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ دراوڙي لسانياتي ۽ ثقافتي
عنصر به موجود آهن ته دراوڙي ٻولين جي لفظن جو وڏو
ذخيرو پڻ موجود آهي. ان ڪري سنڌُو لکت جي ڀاڃ جا
راز کولڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
حوالا
:
1.
The Decoding Indus Valley Script
laghari. Riaz( Jan 25, 2025)
2.
The Indus Civilization: A Contemporary Perspective.
Alta Mira Press Biswas, S. 1. Possehl, G. L.
(2002)..
3.
The Indus Script and Economics. Archaeopress,
Rao, R. P. N. (2017). p. 518.
4.
Sci.News Ramasami, J. (2014, February 21)..
5.
The Indus Script: Texts, Concordance, and Tables.
Memoirs of the Archaeological Survey of India
Mahadevan, I. (1977)..
6.
Indus Script: A Study of its Sign Design. June
2011, p. 1.
Yadav, N., & Vahia, M. N. (2011).
7.
Deciphering the Indus Script. Cambridge University
Press Parpola, A. (1994)..
8.
Mohenjo-Daro and the Indus Valley Civilization,
p. 42.
Marshall, J. (1931).
9.
The Origin and Development of the Indus Script:
Insights from Harappa and Other Sites Kenoyer,
J. M. (2020)., p. 223.
10.
The ancient Indus Valley: new perspective
Janer. R Mcinath. 2008.
11.The
Indus Age: The Writing System. Philadelphia, PA:
Pennsylvania University Press Possehl, Gregory
L. (1996).
12.
Fish Symbolism in Indus Valley Epigraphy and
Protohistoric Accounts،
Sengupta. S. 2023.
13.
Deciphering the Indus Script, Cambridge University,
Parpola. A. 1994.
14.
A Comparative Grammar of the Dravidian languages,
p-45, 196 ,Robert,
Caldwell. 1976.
15.
The Dravidian Languages, Cambridge University,
Kirishnamurti, Bhandriraju, 2003.
16.
Sindhi Adabi Board Jamshoro, Sindh, Baloch N.A. 1988.
Sindhi dictionary vol.5.
17.
Can the Indus script answer the Dravidian question?
Ansumali. B. 2023. P-1- 3
18.
One vol. Sindhi Dictionary, Sindhi Language Authority
Hyderabad, Balouch, N.A. 2006. p-657
19.
Gold and ‘ratti’ signs inscribed on Mohenjo-Daro’s
gold-assaying needles, Ansumali Bahata, 2022.
نئون ڪتاب

 |