|
آر.ڪي نارائڻ
(عالمي ادب)
سنڌيڪار: قربان چنا 
نجوميءَ جو ڏينھن
منجھند جو ساڳي وقت، ھن پنھنجي ڳوٿري کولي ۽
پنھنجو پيشه وراڻو سامان سارو وڇائي رکي ڇڏيو،
جنھن ۾ ڏهه ٻارهن ڪوڏيون، هڪ چورس ڪپڙي جو ٽڪرو، جنھن تي ڌنڌلا پراسرار ۽ رعبدار نقشا
ٺھيل ھئا، هڪ نوٽ بڪ، ۽ ايشيائي پام جي پنن تي
مختلف لکتن جو ٿھو شامل هو. هن جي پيشانيءَ تي
ڀڀوت مٽي مَليل ھئي جنھن تي سندور چمڪي رھيو ھو.
سندس اکين ۾ هڪ تيز ۽ غير معمولي چمڪ هئي، جيڪا
حقيقت ۾ ماڻھن تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ گراهڪن جي متواتر
ڳولا جو نتيجو هئي، پر سندس ٻالا ڀولا گراهڪ ان
نظر کي غيب جي ڄاڻ رکندڙ نور سمجهندي سڪون محسوس
ڪندا هئا. هن جي اکين جي طاقت سندن اھميت ۽ مانُ
وڌائي ڇڏيو ھو، اهڙي ڪيفيت ۾ ته اڌ چريي ماڻھوءَ
جون اکيون به چمڪي پونديون. ان اثر کي چار چنڊ
لڳائڻ لاءِ هن پنھنجي مٿي تي نارنگي رنگ جي پڳ
پائي ڇڏي هئي. اھڙن رنگن جو ميلاپ ڪڏهن به ناڪام
ناھي ويندو. ماڻھون هن ڏانھن ائين ڇڪجي ايندا ھئا، جيئن ماکيءَ جون مکيون ڪاسموس يا ڊاهليا جي ڏانڊين
ڏانھن ڇڪجي اينديون آهن.
هو ٽائون هال پارڪ مان گذرندڙ هڪ رستي جي پاسي تي
ڦھليل گدامڙيءَ جي وڻ جي ٽارين
هيٺان ويھندو هو. اھا ڪيترن ئي سببن ڪارڻ هڪ قابل
غور جاءِ هئي. هن سوڙهي رستي تان صبح کان
رات تائين ماڻھن جو ڇوليون هڻندڙ هجوم هميشه هلندو
رھندو هو. مختلف واپار ۽ ڪاروبار پڻ ان رستي تي
ڪيا ويندا ھئا، جن ۾ دوائون، چوري ٿيل لوھي سامان،
ڪٻاڙ ڪچرو، جادوگر ۽ سستي ڪپڙي جي نيلامي ڪندڙ ھڪ
شخص ھو، جنھن جو سڄو ڏينھن ايترو ته ٻائيتال متل
ھوندو ھو جو سڄي علائقي جي ماڻھن کي ھن جو آواز
ٻڌڻ ۾ ايندو ھو. ان کان پوءِ ھڪ بوھي مڱ وڪرو ڪندڙ
جو ڪن ڦاڙيندڙ آواز ھو، جيڪو پنھنجي مال کي ھر روز
ڪو نئون ۽ عجيب نالو ڏيندو هو. هڪ ڏينھن انھن کي
”بمبئي آئس ڪريم“، ٻئي ڏينھن ”دهلي بادام“ ۽ ٽئين
ڏينھن ”بادشاھن جي خوراڪ“ ۽ مختلف ڏينھن تي اھڙي
قسم جا ٻيا ڪيئي نالا ڏيندو هو، ۽ ھن وٽ گرھاڪن جا
ميلا متل ھوندا ھئا. اھڙي ئي ريت، ماڻھن جو هڪ وڏو
انگ نجوميءَ اڳيان پنھنجي قسمت جو حال پڇڻ لاءِ
بيتاب ھوندو ھو.
نجومي پنھنجو ڪاروبار چڻگن جي روشنيءَ ۾ ڪندو ھو،
جيڪا بوھي مڱن جي ڍير مٿان سرڙاٽ ڪندي دونھون
ڇڏيندي ھئي. ان حصي جو اڌ کان وڌيڪ جادوئي منظر
پيش ڪرڻ جو سبب اهو هو، ته اتي ميونسپل پاران ڪنھن
به قسم جي روشنيءَ جو انتظام نه ڪيو ويو ھو. اها
جاءِ مختلف دڪانن مان ايندڙ روشنين ڪارڻ سُجهندو
ڪندي ھئي. هڪ ٻن دڪانن ۾ شوڪاٽ ڪندڙ گئس لائٽون
موجود ھيون، ڪجهه ماڻھن مشعلون ٻاري ٿُوڻين سان
ٻڌي ڇڏيون ھيون، ته ڪن وري سائيڪل جي بتين تي ڪم
پئي ھلايو. ڪي ته اھڙا به ھئا جن وٽ نجوميءَ
وانگر، پنھنجي روشني جو بندوبست ئي ڪونه ٿيل ھو ۽
انھن به ھيڏانھن ھوڏانھن ايندڙ روشنيءَ مان پنھنجو
مقصد پورو پئي ڪيو. اھڙي ريت ھيءَ جاءِ مختلف
روشنين جي ميلاپ سبب ڏاڍو عجيب ڏيک ڏيندي ھئي. اھي
مڙئي شيون نجوميءَ لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون ثابت
ٿيون، ڇو ته ھو ڪو پيدائشي نجومي ڪونه ھو. ھن کي
ٻين جي مستقبل جي ڄاڻ ڪانه ھئي، پر ھو پاڻ سان
اڳتي ھلي پيش ايندڙ واقعن کان به واقف ڪونه ھو. هو
ستارن جي علم کان به اوترو ئي اڻڄاڻ هو، جيترو
سندس سادا گراهڪ
هوندا هئا. تڏهن به هو اهڙيون ڳالھيون ٻڌائيندو هو، جيڪي سڀني کي خوش ۽ حيران
ڪري وجهنديون هيون. اھو سمورو اڀياس، مشق، ۽ اٽڪل جو کيل ھو. تنھن هوندي به، اهو ھڪ مشڪل ڪم
ھو. ھو سمورو ڏينھن ڪنھن مزدور جيان محنت ڪري، شام جو پنھنجو اجورو وٺي گهر موٽندو ھو.
ھو ڪنھن اڳڀري سوچ يا منصوبي کان سواءِ پنھنجو ڳوٺ ڇڏي آيو هو. جيڪڏهن هو
اتي رهي ها ته هو پنھنجي ابن ڏاڏن وارو ڪم جاري
رکي ھا. زمين ۾ ھر ڪاھڻ، فصل پوکڻ،
شادي ڪرڻ ۽ پنھنجي
زمين جي ڀر ۾ اڏيل اباڻي گهر ۾ پوڙھو ٿي مري وڃڻ، پر کيس بنا ڪنھن سان ڳالھه
ونڊڻ
جي، پنھنجو گهر ڇڏڻو پيو، ۽ هن کي تيستائين سک نه آيو جيستائين پنھنجي گهر کان
ٻه سؤ ميل پري اچي نه پھتو. هڪ ڳوٺاڻي لاءِ اها
وڏي ڳالھه آهي. ھو ايترو ته ڏور ٿي ويو ڄڻ سندس
ڳوٺ ۽ سندس وچ ۾ ڪو سمنڊ وھندو ھجي.
هن وٽ انسانذات جي تڪليفن جو هڪ ڪارائتو تجربو هو. شادي، پئسو، ۽ انساني رشتن
جا ور وڪڙ. ڊگهي تجربي سندن سمجهه کي تيز ڪري ڇڏيو
هو. ھو ماڻھن جي ڳالھين کي پنجن منٽن اندر سمجهي
ويندو هو ته نقص ڪٿي آھي. هو في سوال جا ٽي پئسا
وٺندو هو، تيستائين پنھنجو وات نه کوليندو هو، جيستائين ٻيو ماڻھو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه منٽ ڳالھائي چُپ نه ڪري، جنھن مان هن کي
هڪ درجن جوابن ۽ مشورن لاءِ ڪافي مواد ملي ويندو
هو. جڏهن هو پنھنجي اڳيان ويٺل شخص کي، سندس ھٿ جي
تَريُن ڏانهن ڏسندي ٻڌائيندو هو ته، ”ڪيترائي
طريقا استعمال ڪرڻ جي باوجود به توکي پنھنجي ڪوششن
جا نتيجا حاصل نٿا ٿين،“ ته ڏهن مان نو ماڻھو ان
سان متفق ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. يا هو سوال
ڪندو هو، ”ڇا توهان جي خاندان ۾ ڪا
اهڙي عورت آهي، ٿي سگهي ٿو ته پري جي مائٽ ئي هجي،
جيڪا توهان لاءِ سٺي سوچ نه ٿي رکي؟“ يا هو سندن
ڪردار جو تجزيو ڪندو هو، ”توهان جي گھڻي تڪليف توهان
جي پنھنجي طبيعت جو ئي نتيجو آهي. توھان پنھنجي
ستاري کان مختلف ڀلا ڪيئن ٿا ٿي سگهو؟ توهان جي
طبيعت فطري طور تي تيز آھي ۽ توھان سڌو سنئون سخت
نظر اچو ٿا،“ اھڙي قسم جي ڳالھين کي ماڻھو فوري
طور تي پنھنجي دل سان قبول ڪندا ھئا، ڇاڪاڻ ته
سادو ماڻھو اهو سوچڻ پسند ڪندو آهي ته سندس
ٻاهريون روپ رعبدار آهي.
بوھي مڱ وڪرو ڪندڙ باھه کي ڦوڪ ڏئي وسائي ڇڏيو ۽ گهر وڃڻ لاءِ اٿيو. اھو نجوميءَ لاءِ به پنھنجو
سامان ويڙھڻ جو اشارو هو، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ
اونداهيءَ ٿي ويندي ھئي. ھن اٿڻ جي ڪئي پئي ته ھڪ
ھلڪي سائي روشني سندس حصي واري زمين سان اچي
ٽڪرائي. هو پنھنجون ڪوڏيون ۽ ٻيو سامان کڻي واپس
پنھنجي ٿيلھي ۾ رکي رهيو هو، ته اھا ھلڪي سائي روشني گم
ٿي وئي. هن مٿي نھاريو ۽ ڏٺائين ته هڪ ماڻھو سندس
اڳيان بيٺو آهي. هن کيس هڪ عام گراهڪ سمجهيو ۽
چيائين، ”توهان ڏاڍا پريشان لڳو ٿا، بھتر ٿيندو ته
ٿوري دير لاءِ مون سان گڏ ويھو، جنھن سان توھان کي
فائدو رسي سگهي ٿو.“ ٻيو ماڻھو مبھم انداز ۾ ڪجهه ڀڻڪيو. نجومي
پنھنجي ڳالھه تي زور ڏنو، جنھن تي ٻئي ماڻھوءَ
پنھنجي ھٿ جي تري سندس اکين جي اڳيان لوڏيندي چيو،
”تون پاڻ کي نجومي ٿو سڏائين؟“ نجومي ان ڳالھه کي
ڪنھن للڪار جيان محسوس ڪيو ۽ ھن جي تريءَ کي سائي
روشنيءَ ڏانھن جهڪائيندي چيو، ”توھان جو مزاج...“
”ھاڻي بس ڪر،“ ٻئي چيو. ”مون کي ڪا ڪارائتي ڳالھه
ٻڌاءِ...“
نجوميءَ کي ڪاوڙ لڳي. ”مان ھڪ سوال جي جواب جون ٽي
پايُون وٺندو آھيان ۽ بدلي ۾ جيڪو ٻڌائيندو آھيان،
اھو ان قيمت کان وڌيڪ اھم ۽ قيمتي ھوندو آھي...“
ان ڳالھه تي ماڻھوءَ پنھنجي ٻانھن پري ڪري ڇڏي ۽
کيسي مان ھڪ آنو ڪڍي ھن ڏانھن اُڇلائيندي چيو، ”مون کي
ڪجهه سوال ڪرڻا آهن. جيڪڏهن مون اھو ثابت ڪيو ته
تون ماڻھن کي ٺڳي رھيو آھين ته توکي اهو آنو مون
کي وياج سميت واپس ڪرڻو پوندو.“
جيڪڏهن توکي منھنجا جواب مطمئن ڪن ٿا، ته پوء تون مون کي پنج رُوپيا
ڏيندين؟“
”نه.“
”ڀلا اٺ آنا؟“
”ٺيڪ آهي، پر شرط اھو آھي جيڪڏهن تون غلط ثابت
ٿئين، ته مون کي ٻيڻا پئسا واپس
ڪرڻا پوندئي.“ اجنبيءَ چيو. ٿوري دير جي بحث
مباحثي کان پوءِ اھڙي قسم جو معاھدو طئه ڪيو ويو.
نجومي آسمان ڏانهن نھاري دعا گهري، جڏھن ته ٻئي
چروٽ دکايو. نجوميءَ ماچس جي روشنيءَ ۾ ھن جي چھري جي جهلڪ ڏسي ورتي. ڳالھه ٻولھه ۾ ٿورو وقفو آيو، جنھن ۾ رستي تي ھلندڙ گاڏين
جي ھارنن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، ٽانگي وارن پنھنجن
گهوڙن کي گار گند پئي ڪيو ۽ پارڪ جي اڌ اونداهي ۾
ماڻھن جي ميڙ جو شور چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ٻيو شخص
هيٺ ويھي رھيو ۽ دونھون ڪڍندي پنھنجو چروٽ ڇڪيندو،
ڪنھن تڪبر واري انداز ۾ ساڳي ئي ريت ويٺو رهيو.
نجومي کي تمام گهڻي بيچيني محسوس ٿي.
”ھيڏي! ھي پنھنجو آنو واپس وٺ. مان اهڙن للڪارن جو
عادي نه آهيان. اڄ مون کي دير ٿي وئي آهي...“
هن ٽپڙ ٻڌڻ جون تياريون ڪيون. ٻئي سندس ھن جي
ٻانھن جهلي ورتي ۽ چيائين، ”هاڻي تون ڀڄي نه ٿو
سگهين. جڏھن مان ھتان گذري رھيو ھئس ته مون تو
ڏانھن ٿوري ڇڪ محسوس ڪئي.“ نجومي ھن جي گرفت کان
ڇرڪجي ويو ۽ سندس آواز گهٽجي ويو ۽ نڙي ويھڻ لڳس.
”مون کي اڄوڪو ڏينھن معافي ڏي، مان سڀاڻي توکي
سمورو حال احوال ڏيندس.“
اجنبيءَ پنھنجي تري ٻيھر ھن
جي منھن جي اڳيان ڪئي ۽ چيو، ”للڪار للڪار ھوندي
آھي. ڪم شروع ڪر.“ نجومي پنھنجي سُڪل ڳلي سان
ڳالھايو، ”هڪ عورت آهي...“
”بس ڪر،
مون کي اهو سڀ نه ٿو گهرجي. مان پنھنجي موجوده تلاش ۾ ڪامياب ٿيندس يا نه؟
ان جو جواب ڏي ۽ پوءِ ھليو وڃ، نه ته مان توکي
تيستائين نه ڇڏيندس جيستائين تنھنجي سموري ڪمائي
توکان اُوڳاڙي نه وٺان.“ نجوميءَ ڪجهه منتر پڙهيا
۽ جواب ڏنو، ”ٺيڪ آهي. مان ٻڌايان ٿو. پر جيڪڏهن
منھنجي ڳالھه سچي ثابت ٿي ته ڇا تون مون کي هڪ
رُوپيو ڏيندين؟ ٻي صورت ۾ مان پنھنجو وات نه
کوليندس، ۽ توکي جيڪو وڻي، سو ڪجان.“ ڪجهه دير جي
جهڳڙي کان
اهو اجنبي شخص راضي ٿي ويو. نجوميءَ چيو، ”توکي مئل سمجهي ڇڏي
ڏنو ويو هو. ڇا مان صحيح پيو چوان؟“
”آه...، مون کي وڌيڪ ٻڌاءِ.“
”ڇا اھو سچ ناھي ته ھڪ ڀيري تنھنجي سيني ۾ ڇُريءَ
سان وار ڪيو ويو ھو؟“ نجومي چيو.
”ڇا ڳالھه ڪجي!“ هن پنھنجو سينو کولي نشان
ڏيکاريندي چيو. ”اڳتي ٻڌاءِ؟“
”۽ پوءِ توکي کيتن جي ويجهو ڪنھن کوهه ۾ اڇليو ويو ۽ سڀني توکي مئل سمجهي ڇڏي ڏنو.“
”مان سچ ۾ مري چڪو هجان ها جيڪڏهن ھڪ واٽھڙو اتفاق سان کوهه ۾ ليئو نه پائي ها،“
ان شخص جوش ڀرئي لھجي ۾ چيو.
”ڇا مان ان قاتل کي ڳولي لھندس؟“ هن مٺ ڀڪوڙيندي
پڇيو.
”ٻئي جھان ۾،“ نجومي جواب ڏنو. ”هو چار مھينا اڳ هڪ ڏورانھين شھر ۾ مري چڪو آھي. تون ھن کي
ٻيھر ڪڏھن به ڏسي نه سگهندين.“ اها ڳالھه ٻڌي
هو چِنگهيو. نجوميءَ ڳالھه جاري
رکي:
”گُرو نائڪ...“
”توکي منھنجي نالي جي به خبر پئجي وئي!“ ٻئي حيران
ٿيندي چيو.
”ھا، جيئن مون کي ٻيون سڀ شيون معلوم آهن. گُرو
نائڪ، منھنجي ڳالھه کي غور سان ٻڌ. تنھنجو ڳوٺ هن
شھر جي اترئين پاسي واقع آھي، جتي پھچڻ ۾ ٻه ڏينھن لڳي ويندا آھن. ايندڙ ريل
گاڏي جي ٽڪيٽ وٺ ۽ واپس ڳوٺ هليو وڃ. جيڪڏهن تون
گهر کان پري رھئين ته مون کي تنھنجي زندگيءَ ۾ هڪ
ٻيو وڏو خطرو به نظر اچي ٿو، پر جيڪڏھن تون گهر ۾ ئي
رھندين ته محفوظ ھوندين.“ هن ڀڀوت جي ھڪ چپٽي ڀري
ھن ڏانھن وڌائي.“ ان کي پنھنجي پيشانيءَ تي مَل ۽
گهر وڃ. وري ڪڏهن به ڏکڻ طرف سفر نه ڪجان، ۽ ائين
تون سؤ سال جيئرو رھي سگهين ٿو.“
”مون کي ڪھڙو لاچار آھي جو مان گهر ڇڏيان؟“
اجنبي شخص فڪر وچان چيو. "مان ته رڳو ان قاتل جي
ڳولا ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪي رھيو آھيان ته جيئن
کيس ختم ڪري سگهان. هن افسوس سان مٿو لوڏيو. ”پر
ھاڻي هو منھنجي هٿن مان نڪري چڪو آھي. مون کي اميد
آهي ته ھو ائين ئي مئو ھوندو جھڙي ريت ھو مرڻ جو
مستحق هو.“
”ها،“ نجوميءَ چيو. ”هو هڪ لاريءَ ھيٺان چيڀاٽجي
مري ويو.“ اهو ٻڌي
اجنبي
مطمئن نظر آيو.
جڏهن نجومي پنھنجيون شيون کڻي ٿيلهي ۾ رکيون ته
اها جاءِ ويران ٿي وئي. سائي رنگ جي روشني به ھاڻي
غائب ٿي چڪي ھئي، جنھن ڪري جاءِ اونداهي ۽
خاموشيءَ جي ور چڙھي وئي. اجنبي نجومي کي مٺ ڀري
سِڪا حوالي ڪرڻ کان پوءِ رات جي اونداهي ۾ غائب ٿي
ويو.
جڏهن نجومي گهر پھتو ته اڌ رات ٿي چڪي هئي. سندس زال دروازي تي ھن جو انتظار ڪري رهي هئي ۽
دير سان اچڻ جو سبب معلوم ڪيائين. هن زال ڏانھن
سِڪا اڇلائيندي چيو، ”ڳڻ. هڪ ئي ماڻھوءَ اھي سڀ
پئسا ڏنا آھن.“
”ساڍا ٻارهن آنا،“ هن سڪا ڳڻيندي چيو. هوءَ ڏاڍي
خوش ٿي. ”مان سڀاڻي ڳڙ ۽ ناريل خريد ڪندس. ٻارن جي
ڪيترن ئي ڏينھن کان مٺو کائڻ تي دل ڪڍي رھي ھئي.
مان انھن لاءِ ڪا سٺي شيءِ تيار ڪنديس.“
”ھو
اجنبي
مون کي ٺڳي ويو! هن مون کي هڪ رُوپيو ڏيڻ جو واعدو
ڪيو هو،“ نجوميءَ چيو.
سندس زال هن ڏانھن ڏٺو. ”توهان پريشان لڳي رھيا آھيو. ڪو مسئلو
آهي
ڇا؟“
”نه اھڙي ڪابه ڳالھه نه آھي.“
رات جي ماني کائڻ کان پوءِ، چبوتري تي ويٺي، هن
کيس ٻڌايو، ”خبر اٿئي، اڄ منھنجي مٿان ھڪ تمام وڏو
وزن لھي ويو آھي؟ مون پنھنجي سڄي حياتي ھڪ کٽڪي
تحت گذاري آھي، ڇو ته منھنجا ھٿ هڪ انسان جي
رَت سان رڱيل آھن. اهو ئي سبب هو جو مان ڳوٺان ڀڄي
نڪتس، ھتي آباد ٿيس ۽ توسان شادي ڪئي. جنھن
ماڻھوءَ کي مون قتل ڪيو ھو، اھو جيئرو آهي.“
ھن جو وات پٽجي ويو. ”ڇا توهان ڪنھن کي مارڻ جي
ڪوشش ڪئي ھئي؟“
”ها، پنھنجي ڳوٺ ۾، جڏهن مان هڪ بيوقوف ۽ مٿي ڦريو
نوجوان ھئس. ھڪ ڏينھن اسان گڏجي
مڌپيتو، جُوَا کيڏي ۽ تمام گهڻو
جهڳڙو ڪيو... پر هاڻي ان باري ۾ ڇو سوچجي؟ سمھڻ جو وقت ٿي ويو آھي،“ ائين
چوندي ھن اوٻاسي ڏني ۽ چبوتري تي ليٽي پيو.
متفرقه

(جنم 1923ع – وفات 1997ع)
اسان جا اهي لوڪ ڪردار جن جي اسان جي
ڪلاسڪي شاعرن، خاص ڪري ڀٽائيءَ تصوف جي حوالي سان
تشريح ڪئي آهي، انھن کي تصوف جي فريم مان ڪڍي نئين دور جي فريم ۾ جڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو انھن
جا
مزاج، انھن
جي سماجياتي صورتحال ۽ سماجي رويا لڳ لاڳاپا، محبت
جو تصور ۽ انداز، زرعي ۽ جاگيرداڻي سماج وارا هئا.
اسان جو سماج ٻيو سماج آهي، جنھن ۾ ماڻھن
جي محسوس ڪرڻ، سماجي لڳ لاڳاپن ۽ روين جو انداز
ٻيو آهي. مثال طور هن دور جي عورت لاءِ سسئي جو
محبوب لاءِ برن ۾ ڀٽڪڻ ويساهه ۾ نه ايندڙ ڳالھه آهي ۽ ائين نوريءَ جي نوڙت ۽ نياز، هڪجھڙائيءَ واري مٿاڇري تي محبت ڪرڻ واري اڄ
جي عورت لاءِ، تصور کان
ٻاهر آهي. ساڳيءَ طرح ليلا جو ليلائڻ ۽ جي ليلائي
نه لھي ته پڻ ليلائڻ وارو خيال ۽ تصور سندس
سمجهه کان مٿاهون آهي. اهي ڪردار ڪنھن به طرح هن
دور
جا نمائندا ڪردار ناهن ۽ اسان
جي دور جي تشريح ڪري نٿا سگهن. باقي انھن
ڪردارن جي حوالي سان جيڪا شاعري ڪئي وئي آهي ۽ ان
شاعريءَ ۾ جن جذبن، احساسن ۽ آدرشن جو اظھار
ٿيل آهي، انھن جي اسان جي دور ۽ شايد اسان کان پوءِ
وارن دورن ۾ به
Reliverance
آهي
۽ رهندي.
تصوف جي فڪري تحريڪ کان پوءِ سنڌي ادب ۾
تمام وڏي
فڪري
تحريڪ ترقي پسند تحريڪ هئي، جنھن
سچ پچ ته سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. نئون فڪر،
نئين سوچ، اظھار جو نئون انداز، ڏات سان گڏ ڏانءُ، نج ٻولي، شاعريءَ جون
نج سنڌي صنفون، وائي، ڪافي، بيت، روزاني زندگيءَ
مان ورتل ڪردار، قوم پرستي، تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب
جو نئون شعور، مارڪسي فڪر. ترقي پسند تحريڪ جو
هڪڙو ناڪاري نتيجو اهو نڪتو جو اسان ماضي توڙي حال
جي عروضي ۽ غزل گو شاعريءَ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وچولي درجي جي شاعرن کي به ترقي پسند ۽ قومپرستيءَ جي
تحريڪ ۾ شامل هجڻ جي ڪري وڏو شاعر ڪري مڃيو ۽
مڃرايو. ٻيو ناڪاري نتيجو اهو نڪتو جو اسان ڀٽائيءَ جي وحدة الوجودي عقيدي ۽ فلسفي کي وساري سندس
شاعريءَ جي ترقي پسند روين جي حوالي سان تشريح
ڪئي. مان پھريان لکي آيو آهيان ته شاعريءَ جا ڪيترائي تَھه هوندا آهن، جيڪي نئين دور جي نون
تقاضائن جي حوالي سان کلندا آهن، ۽ جيڪا شاعري
نئين دور جي طرز احساس جو حوالو نه بڻبي آهي.
اها زنده رهي نه سگهندي آهي. ڀٽائيءَ جي شاعري به
انڪري ئي زنده شاعري
آهي
جو ان ۾ اسان جي
درد جو درد ٿو ڌڙڪي.
اسين مڃون يا نه مڃون پر اها ڳالهه پنھنجيءَ جاءِ تي حقيقت آهي ته اسان جي
ڪلاسيڪي شاعرن، خاص ڪري ڀٽائيءَ اسان جي لوڪ
داستانن کي تمثيلي رنگ ڏنو آهي. انھن جي ڪردارن، واقعن ۽ منظرنامي کي علامتن طور استعمال ڪري
پنهنجي وحدة الوجودي عقيدي جي ڳالھه
ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ڀٽائي جي لوڪ داستانن وارن سُرن جا ٻه مٿاڇرا
آهن، هڪ داستان وارو ۽ ٻيو تمثيل وارو. تمثيل کي
انگريزي ۾
allegory چوندا آهن،
۽ اهو لفظ يوناني ٻوليءَ جي لفظ
allegoria
مان نڪتل آهي،
جنھن جي معنيٰ آهي
speaking otherwise.
ڀٽائيءَ جو سُر سسئي لوڪ داستان سان گڏوگڏ
تمثيل به آهي، جنھن
۾ ڀٽائيءَ پنھنجي
عقيدي جي شاعراڻي ۽ علامتي اُپٽار
ڪئي آهي. ڀٽائيءَ جي سسئي جيڪو جهنگ جبل لتاڙي ٿي،
اهو جهنگ جبل هن جي پنھنجي وجود جو جهنگ جبل آهي، جنهن ۾ ڀٽڪي ۽ سفر جون صعوبتون سھي هوءَ پنهنجي پاڻ کي ڳولھيندي ٿي رهي. پنھونءَ
جي علامت پٺيان ڪو ٻيو پنھون
لڪل آهي، جنهن جا رڳو اشارا ملن ٿا. مثال طور هيءَ
بيت:
سرتيون سُور پرينءَ جو، رُڃن ۾ شامل،
ڪوهيارو ڪامـِلُ، مون کي ڏکَ ڏيکاريو.
سوال آهي ته سسئي پنھونءَ کان وڇڙڻ کان پوءِ وري ڪڏهن به پنھونءَ سان ڪانه ملي هئي، پوءِ اهو ڪامل ڪوهيار ڪير هو جيڪو
پرينءَ جي ڏک هن کي ڏيکاريو؟ يا ڀٽائيءَ پاڻ جڏهن
سڌوسنئون سسئيءَ سان هم ڪلام ٿي کيس چئي ٿو ته جتي
تون سمجهين ٿي
ته ڪوهيار آهي اتي هو ڪونھي،
تنھنجو وجود ئي اُها وڻڪار آهي، جت هن جو ديرو آهي، ۽ اهو ڪيچ وارو پنھون، جيڪو تنھنجي وجود کان ڌار آهي ان ڏي پنڌ نه ڪر جو اهو پنھون تون پاڻ آهين:
ڪونھي
اُت
ڪوهيار، جت تو ڀوري ڀانئيو،
پَنڌُ
مَ
ڪَر پھاڙَ
ڏي، وجود ئي وڻڪار،
ڌاريان ڀانئج ڌار، پُڇ
پريان ڪَـــرَ
پاڻ تون.
۽ پوءِ سسئي جڏهن پنهنجي پاڻ ۾ پيھي پنھونءَ کي ٿي ڳولھي،
تڏهن هن کي پنھنجو
عرفان ٿو حاصل ٿئي:
پيھي
جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ ِ،
پنھون
ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
لوڪ داستانن کي تمثيلون بڻائي انھن کي نيون معنائون ڏيڻ جي ڪري شاهه جي سُرن وارا لوڪ داستان سنڌ جي روحانيت جو مظھر ٿي پيا آهن.
شيخ اياز
ڪتاب ”شيخ اياز صدين جي صدا“، ڇاپو ٻيو، 2023ع
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 101-103 تان کنيل
ميرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي

اخلاقي تعليم
تعارف:
حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ مقيم چغتائي مغل خانوادي ۽
سنڌي مرثيي جي سرواڻ شاعرَ ميرزا مراد علي بيگ
’سائل‘ جو تڙَ پوٽو، ميرزا امام بخش بيگ ’مائل‘ جو
پڙَ پوٽو، ميرزا علي بخش بيگ جو پوٽو ۽ ميرزا دوست
محمد بيگ ’دوست‘ جو فرزندِ
اڪبر... يعني وڏو پُٽ
ميرزا
گل حسن
بيگ؛
جنھن جي سجع هئي: زباغ مصطفيٰ يک گل حسن است.... ۽
جنھن ادبي دنيا ۾
’احسن
ڪربلائي‘
جي نالي سان اديب، شاعر ۽ بھترين خطاط جي حيثيت ۾
مڃتا ماڻي.
’احسن
ڪربلائي‘
جو جنم
01 مارچ 1897ع
تي ٿيو. پاڻ
پرائمري تعليم
ڦليلي لڳ
آسودومل پرائمري اسڪول
حيدرآباد (موجودہ
نالو
سيٺ حافظ پرائمري اسڪول)
مان
حاصل
ڪئي ۽
انگريزي تعليم
لاءِ
نولراءِ
هيرانند اڪيڊمي
حيدرآباد (موجودہ
نالو
گورنمينٽ
هاءِ اسڪول)
۾
داخلا
ورتي،
پر
اکيون
خراب
ٿيڻ سبب کيس
تعليم
اڌ
۾
ڇڏڻي پئي ۽ پوءِ سال 1917ع
۾
سنڌي
ڪاميٽيءَ
جو
امتحان پاس
ڪري
سرڪاري ملازمت
اختيار ڪيائين.
پاڻ ھِن
ڏک سک ڀري دنيا
۾ پنھنجي عمر جا پنجھٺ سال ھڪ مھينو
۽
ستاويھه
ڏينھن
شانائتي نموني
گذاري،
28
اپريل 1962ع
تي
پنھنجي جان جانِ آفرين جي سپرد ڪئي.
’احسن
ڪربلائي‘
جنھن گهراڻي ۾ جنم ورتو، اُھو علم ۽ ادب جو مرڪز
ھو. جتي نه
فقط مذھبي حوالي سان محافل و مجالس منعقد ٿينديون
ھيون، پر ادبي حوالي سان طرحي ۽ غيرطرحي مشاعرن جو
انعقاد
پڻ
ٿيندو ھو. اھڙي ماحولَ سندس ذوقِ
طبع کي شاعريءَ طرف مائل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پنھنجي
والد جي رھنمائيءَ ھيٺ شاعري
جو آغاز ’ظفر‘ تخلص سان، سال 1914ع ۾ نعت سان ڪيو؛
جنھن ۾ پنھنجي مامي
ميرزا
غلام رسول بيگ
’مقبل‘ کانسواءِ
ميرزا
قربان علي
بيگ
’قربان‘ ۽ ڊاڪٽر
ميرزا
مدد علي
بيگ
کان
اصلاح
وٺندو ھو. اصنافِ
سخن مان
حمد، نعت، قصيدہ، منقبت، سلام،
نوحا،
مرثيو،
غزل ۽ نظم تي طبع آزمائي ڪري پاڻ مَلھايو. پاڻ جھڙو
باڪمال شاعر ھو، تھڙو ئي ڪمال جو نثرنويس پڻ ھو.
پاڻ ڪيترائي تاريخي مضمون، افسانا ۽ ڊراما پنھنجي
قلم جي قطَ
سان
سَرجيا، جيڪي اُن وقت جي
مختلف
رسالن
جي زينت بڻجي،
وقتاً فوقتاً شايع ٿيڻ سان گڏ ريڊئي تان پڻ نشر
ٿيندا ھئا. تاريخي مضامين ۾ ”ٽالپر حاڪمن جا علمي
ڪارناما“ ۽ ”جنگنامو
مياڻي“
۽ تاريخي ڊرامو
”مياڻيءَ
جي جنگ جو فيصلو“
سندس يادگار ۽ بي مثال تحريرون آھن. ”جنگنامو
مياڻي“
جيڪو
ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي
2-1/1957ع ۾ شايع ٿيو
۽
اُن مضمون تي بورڊ طرفان
مضمون نگار کي پنجويھه رپيا انعام طور پڻ ڏنا ويا.
اسلام جي سڀ کان وڏي خدمت اها آهي ته ماڻھن کي
تعليم کان واقف ڪيو وڃي ۽ سرتاج الانبياء حضرت
محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پاڪ
عادتن جون اخلاقي ۽ روحاني ڳالھيون اُنھن کي ذهن
نشين ڪرايون وڃن، ته هُو اُنھن مان عملي هدايت
حاصل ڪن. هاڻي گهڻو ڪري اسان مسلمانن اِهي ڳالھيون
وساري ڇڏيون آهن. جنھنڪري اسان جي ديني حالت
ڏينھون ڏينھن پُٺتي پوندي ٿي وڃي.
انبيا عليھم السلام جي پيدا ٿيڻ جو اصلي مقصد دنيا
جي اخلاقي حالت جي اصلاح آهي، تنھنڪري هر ڪنھن نبي
پنھنجي پنھنجي قوم جي ضرورتن جو لحاظ رکي ماڻھن کي
اخلاقي تعليم ڏني. جڏهن آهستي آهستي تمدن ۾ ترقي
ٿي ۽ دنيا جي عالمگير اصول کي اخلاق جي ضرورت ٿي،
تڏهن خداوند عالم، خاتم الانبيا کي دنيا ۾ موڪليو،
جنھن اخلاقي اصولن جو هڪ پورو قانون يعني قرآن
ڪريم دنيا جي اڳيان پيش ڪري اُن تي سڀني کان پھرين
پاڻ عمل ڪري ڏيکاريو ۽ اخلاقي ۽ مذهبي اصول، جي
شرح طلب هئا، تن جي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن تشريح ڪئي ۽ جن ڳالھين کي غلطي
سان مذهب ۽ اخلاق جو جزو سمجهيو ويو ٿي، اُن جي
غلطي صفا ظاهر ڪري ڏيکاري.
تاريخ وارن جو هن ڳالھه تي اتفاق آهي ته، رسول
ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي زماني کان
پھرين نه رڳو عرب، پر ساري دنيا جي اخلاقي حالت هر
طرح پٺتي پيل هئي، دنيا خدائي تعليم کي وساري ڇڏيو
هو. ان وقت هڪ اهڙي هاديءَ جي ضرورت هئي، جو سڄي
دنيا جي اصلاح جو وڪيل ٿي گمراهن کي هدايت جو رستو
ڏيکاري ۽ ڀُليلن کي خدا جو وعدو ياد ڏياري. هيءَ
ضرورت حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن جي اچڻ کان پوءِ پوري ٿي ۽ اُن جي ئي ڪري
روحانيت جو نور ساري عالم ۾ پکڙجي ويو.
قرآن ڪريم جيڪو ساري اخلاقي تعليم جو سرچشمو آهي،
سو حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
تي نازل ٿيو ۽ عملي حيثيت سان پاڻ خود اخلاقي جسم
جو روح هئا. سندن سڀ کان وڏي خاصيت (جو سڀني ترقين
جو راز آهي) هي هُئي، جو جنھن ڳالھه جي پاڻ خود
دنيا کي تعليم ڏني ٿي، اُن تي سڀ کان پھرين پاڻ
عمل ڪري ڏيکاريو ٿي. انھيءَ سبب ڪري ساري خلقت جو
خُلق سندن خُلقِ عظيم اڳيان ڪابه نسبت نه ٿو رکي.
اخلاق جمع خُلق جوآهي. خُلق جي معنيٰ آهي چڱيون
عادتون يا نيڪ ڪم. جو شخص چڱيون عادتون يا چڱا ڪم
ڪري ٿو، سو بدي جي عيوض نيڪي ڪري ٿو. هو خليق ۽
حليم ۽ هردلعزيز آهي. ان جي زندگي جا واقعا اهڙا
آهن جن مان سبق حاصل ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي برڪت واري
هستيءَ جي پيروي تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
هرهڪ رهبر لاءِ سڀ کان پھرين ضروري آهي، ته هو
خليق هجي. جنھنڪري هو هر حال ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت
وارو ٿئي ۽ اُن جي نيڪ عادتن جي ڪشش ماڻھن کي اُن
ڏانھن ڇِڪي ۽ هو اُن جون ڳالھيون ٻڌي. اُن جي
اخلاقي تعليم کان اثر وٺي پنھنجن اخلاقن جي درستي
ڪن. ڇاڪاڻ ته پيغمبر به اخلاق جي اثر واري تعليم
ڏئي سگهي ٿو. اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪوبه شخص
ڪھڙو به نيڪ مزاج، بردبار، سخي ۽ عقل وارو هجي،
تڏهن به ناممڪن آهي ته هو پنھنجي عزيزن ۽ پاڙي
وارن کي پنھنجي ذات کان خوش ڪري ۽ پنھنجن گِھرن
دوستن کي هم خيال ۽ هم نوا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. اُن
جي برخلاف هي ٿئي ٿو ته پري وارا خوش ۽ ويجها
ناراض. پر سچو ۽ ڪامل خوش اخلاق اُهو انسان ٿي
سگهي ٿو، جنھن جا همدم ۽ همراز اُن تي ڀروسو رکن ۽
اُن کي جان ۽ دل سان عزيز سمجهن.
بانئ اسلام جي حياتي جي احوال ۾ هي صفت ظاهر ظھور
ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته جيڪي ماڻھو سندن ويجها عزيز آهن،
سي سڀني کان وڌيڪ سندن فرمانبردار نظر اچن ٿا.
جڏهن حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن خدا جي حڪم سان نبوت
جو پيغام دنيا کي پھچائي ٿو، تڏهن سڀني کان پھرين
اُهي ماڻھو اثر وٺن ٿا، جن سان سندن گَھرو لاڳاپو
آهي. جيئن ته سندن گهر جا ڀاتي، اصحاب ۽ ٻيا. ڇا؟
حبيبِ خدا جي خُلق عظيم جو هن کان وڌيڪ ڪو ٻيو
مثال ٿي سگهي ٿو؟
آءٌ رسولِ مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جا
اخلاقي ۽ روحاني تعليم جا ڪي تاريخي احوال ۽ نيڪ
عادتن جا ڪي ٿورا مثال ٻڌايان ٿو، جن جي ٻڌڻ سان
اسين پنھنجن رهبرن جي مقدس زندگي ۽ پاڪ صفتن کان
واقف ٿيون ۽ سندن چڱن لڇڻن مان ڪو سبق پرائي، ٻنھي
جھانن جي نيڪي حاصل ڪريون.
جڏهن اسين اُن وڏي شان واري نيڪ انسان جي پاڪ
زندگيءَ تي نظر ڪريون ٿا ته صفا ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته
هن ڪامل انسان جا اخلاق هئا جن کان دل تابعداري
ڪئي ٿي.
صاحبِ خُلقٌ العظيم، ماڻھن کي پنھنجي طرف ڪونه
ڇڪيو هو. ڇاڪاڻ ته اُن وٽ دنيوي جاه و حشم ڪونه هو
جو دل کي ڪشش ڪري. هت ته رڳو هڪ مٽي جي ٺھيل مسجد
هئي، جا بادشاهه اسلام جو تختگاهه هو. شاهي لباس
جي بدران هڪ پراڻي عبا هئي. اُن مسجد ۾ جناب رسولِ
مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ڪاڻ ڪا اُوچي
جاءِ ٺھيل نه هئي. جنھن کي نه سڃاڻڻ وارو چڱي طرح
سمجهي سگهي ته هي خادم آهي ۽ هي مخدوم يا آقا آهي.
نڪي وري ڪو خاص فرش فروش هو، جو رسول الله صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن کي بادشاهه ۽ اصحابن کي
اُن جي رعيت ڪري ڏيکاري، هت ته اُهائي خاڪ، پاڪ
مسجد، اصحابن جي ويھڻ لاءِ هئي ۽ اُهائي ساڳي جاءِ
رسولِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو شاهي تخت
هو.
پيوند لڳل پراڻو لباس جو عام طرح غريبن ۽ فقيرن
جو ڏاج آهي، سا ئي ان ڪامل انسان جي زري واري قبا
هئي.
مسٽر ڪارلائل لکي ٿو ته، ”نوشيروان سوني تاج پائي
۽ عبا ۾ جواهر لڳائي اهڙي طرح دلين تي حڪومت نه
ڪئي، جھڙي طرح حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن پنھنجي پراڻي عبا ڍڪي دلين کي تابع
ڪيو. ان خُلق جي ڪُند ڇُري سان اهڙي طرح دشمنن کي
زير ڪيو، جو دنيا جي بادشاهن جون سراڻ تي تِکيون
ٿيل تلوارون به زير نه ڪري سگهيون.
هن ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته دنيا جي سڀني مذهبن جو
بنياد اخلاق تي آهي، تنھنڪري جيڪي به نبي، رشي ۽
اڳواڻ آيا، تن سڀني جي هي تعليم هئي ته، سچ
ڳالھائجي، ڪوڙ هرگز نه ڳالھائجي. انصاف، ڀلائي آهي
۽ ظلم، بُرائي آهي ۽ خيرات نيڪي آهي ۽ چوري بَدي
آهي.
حقيقت ۾ حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن، اخلاق بابت جيڪا تعليم ڏني آهي تنھن تي
پاڻ خود هلي ماڻھن کي هدايت ڪئي اٿن. انھيءَ لاءِ
پاڻ فرمائين ٿا ته:
”آءٌ حُسنِ اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو
آهيان.“
حديث شريف ۾ ان کان به وڌيڪ صاف ۽ واضح لفطن ۾ آيل
آهي ته پاڻ فرمائين ٿا:
”آءٌ انھيءَ لاءِ موڪليو ويو آهيان، ته اخلاقِ
حُسنه جي تڪميل ڪريان.“
تنھنڪري پاڻ رسالت جي زماني کان وٺي هن فرض کي به
پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي هئي، جڏهن حضرت محمّد
مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن مڪي ۾ هئا، ته
ابوذر پنھنجي ڀاءُ کي اُن نئين پيغمبر جي احوال ۽
ان جي تعليم جي تحقيقات ڪرڻ لاءِ مڪي شريف ڏانھن
موڪليو. هُن موٽي اچڻ تي پنھنجي ڀاءُ کي جن لفظن ۾
حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
بابت جيڪو احوال ٻڌايو هو، سو هي هو:
”مون اُن کي (يعني حضرت محمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم) ڏٺو ته هُن ماڻھن کي اخلاقِ حُسنه جي تعليم
ڏني ٿي.“
جڏهن حبشه جي بادشاهه نجاشي مسلمانن کي سڏائي،
اسلام جي نسبت تحقيقات ڪئي، تڏهن حضرت جعفر طيار
جيڪا ان وقت بادشاهه جي درٻار ۾ تقرير ڪئي هئي، ان
جا ڪي ٽڪرا هي هئا ته:
”اي بادشاهه! اسين هڪ جاهل قوم جا ماڻھو هئاسين،
بتن کي پوڄيندا هئاسين، مردار کائيندا هئاسين،
بدڪاريون ڪندا هئاسون، پاڙي وارن کي ستائيندا
هئاسين، ڀاءُ ڀاءُ تي ظلم ڪندو هو، ڏاڍو هيڻن کي
ماريندو هو، انھيءَ وقت ۾ هڪ شخص
اسان ۾ پيدا ٿيو. هن اسان کي سيکاريو ته اسين بُتن
جي پوڄا ڇڏي ڏيون. سچ ڳالھايون، خونريزي بند
ڪريون، يتيمن جو مال نه کائون، پاڙي وارن کي آرام
ڏيون.
اهڙي طرح قيصر ۽ روم جي دربار ۾ ابوسفيان جو اُن
وقت اڃان مسلمان نه ٿيو هو، حضرت محمّد مصطفيٰ
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي اصلاح واري دعوت
جومختصر خاڪو ڪڍيو آهي. اُن ۾ هُن قبول ڪيو آهي،
ته هو خدا جي توحيد ۽ عبادت سان گڏ ماڻھن کي هي به
سيکاري ٿو ته، ”توهان پاڪدامني اختيار ڪيو، سچ
ڳالھايو ۽ قريبن جا حق ادا ڪريو.“
جڏهن حاتم طائي جي قبيلي مسلمانن سان جنگ ڪئي هئي،
تڏهن حاتم طائي جو پُٽ عدي شڪست کائي ڀڄي ويو هو ۽
اُن جي ڀيڻ مسلمانن جي هٿ قيد ٿي، اسلام جي درويش
صفت بادشاهه وٽ سندس دربار ۾ اچي حاضر ٿي. سبحان
الله. رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن مسجد
شريف ۾ پنھنجي اصحابن جي وچ ۾ ائين ويٺا هئا جيئن
چنڊ تارن جي وچ ۾ نمايان هوندو آهي. پاڻ صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن جڏهن اُن قيد ٿيل زال کان حسب ۽
نسب پڇن ٿا، تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته هو حاتم طائي جي
ڌيءَ آهي. پاڻ هڪدم پنھنجي جاءِ تان اُٿي پنھنجي
پراڻي عبا پنھنجن ڪُلھن تان لاهي زمين تي وڇائي
وڏي عزت سان ان کي ويھارين ٿا ۽ اُن کان سفر جو
احوال پڇي کين تسليٰ ۽ دلاسو ڏين ٿا. جڏهن اُن
اُهو خُلق نبوي ڏٺو ته وڏي خوشي سان مسلمان ٿي.
حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
اُن کي وڏي عزت ۽ حرمت سان اُن جي وطن ڏانھن واپس
ڏياري موڪليو، جتي اُن جو ڀاءُ عدي بن حاتم طائي
رهندو هو. جڏهن پاڻ ۾ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ گڏيا، تڏهن
ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کان پڇيو، ته ڀيڻ ٻڌائي ته اسلام
جو بادشاهه توسان ڪھڙي طرح سان هليو؟ عدي جي ڀيڻ
چيو ته ادا ڪھڙو ٿا حال پڇو، آءٌ ته سندن شاهي
دربار ڏسي حيران ٿي ويس. شاهي دربار جي بدران
فقيرن جي محفل هئي، نه ڪو دربان هو نه ڪو وري شان
و شوڪت هو. شاهي محل بدران ڪچي مٽي جي مسجد هئي.
فرش جي عيوض خاص مسجد جو تخت سلطنت سمجهيو وڃي ٿو.
عبا ۾ چتيون لڳل هيون، جنھن کي شاهي لباس سمجهيو
وڃي ٿو. منھنجي ڪاڻ شاهه مدينھ پنھنجي عبا لاهي
پَٽ تي وڇائي ۽ ان تي مون کي وڏي عزت سان ويھاريو.
مون سان ڪو به اجايو سلوڪ نه ڪيو ويو. هي ٻڌي عدي
ابن حاتم طائي جي چھري تي خوشيءَ جون نشانيون ظاهر
ٿيون ۽ چيائين ته ڀيڻ هي ته ڪو ظالم حاڪم نه ٿو
معلوم ٿئي ۽ هي بيشڪ خدا جو موڪليل رسول آهي. جي
ڳالھيون تو ٻڌايون آهن، سي سڀ سچيون آهن، تنھنڪري
آءٌ اُن تي ايمان آڻيان ٿو.
هڪ ڀيري رسول ِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن هڪ
يھوديءَ کان ڪجهه پئسا قرض ورتا هئا، هڪ ڏينھن ان
يھوديءَ، حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي دامن کي جهلي چيو ته مون کي ڏنل قرض جا
پئسا ادا ڪريو، حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن فرمايو، ته هن وقت مون وٽ ڪجهه به نه
آهي. يھوديءَ چيو ته آءٌ توهان کي هتان هرگز وڃڻ
ڪونه ڏيندس، جيستائين توهان منھنجي قرض جا پئسا نه
ڏيندا. هي جواب ٻڌي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن اُن وٽ ويھي رهيا. نمازِ ظھر جو
وقت آيو، پاڻ اُتي ويھي نماز پڙهي. مسجد ۾ نه ويا
۽ سڄو ڏينھن اُتي ئي رهيا. رات آئي پر نه اُن
يھودي شخص، حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي ڇڏيو ۽ نه وري پاڻ ئي اُٿيا. اصحابن
کي هن يھودي جي انھيءَ حرڪت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر
پاڻ فرمايائون ته، خبردار توهان مان ڪوبه هن ڳالھه
جي وچ ۾ نه پوي. يھودي جو مون تي حق آهي جو آءٌ
اُن جو قرضدار آهيان، تنھنڪري هو جيڪو به سلوڪ مون
سان ڪري، سو ڪرڻ ڏيوس. آءٌ دنيا ۾ ظلم ڪرڻ لاءِ نه
آيو آهيان بلڪه آءٌ رڳو اخلاق جي اعليٰ تعليم ڏيڻ
لاءِ هت خدا جي طرفان آيل آهيان. آخرڪار جڏهن سج
اُڀريو، تڏهن يھودي آيو ۽ ڏٺائين ته حضرت محمّد
مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ويٺا آهن.
يھودي هٿ ٻڌي چيو ته، يا رسول الله منھنجي خطا
معاف ڪريو، مون توريت ۾ پڙهيو آهي ته خاتم النبين
۾ ڪاوڙ ۽ چِڙ اصل ڪانه هوندي آهي. مون رڳو اوهان
جو امتحان ٿي ورتو. اوهان اُهي ئي برحق نبي آهيو،
جنھن جي خبر حضرت موسيٰ عليھ السلام ڏني هئي.
جيڪڏهن رسالت مآب صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن اُن
وقت اُن يھودي سان ڪابه هلت هلي ٿي سگهيا، پر اُن
ڪامل نبي رڳو سھڻي اخلاق سان هلي ان کي خدا جو سچو
رستو ڏيکاريو ۽ هو خوشي سان مسلمان ٿيو.
اسان مسلمانن کي گهرجي ته، پنھنجي آقا حضرت رسولِ
مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي اخلاقي تعليم
تي غور ڪري، هن کي پنھنجو دستور العمل بڻايون ته
جيڪي به اسان ۾ خراب عادتون آهن، سي سڀ ناس ٿي
وڃن. |