سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:12 

فقير شان سيوهاڻي

 

 

درد ڀريو داستان

 

هُن جو نالو سڀاڳي هو، پر هوءَ بيواهه هئي، سندس گهروارو ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي نانگ جي ڪَکڻ سبب فوت ٿي ويو هو، ڳوٺ ۾ سندس هڪ ڪچو گهر هو. هوءَ اُن گهر ۾ پنھنجن ٽن پُٽن سان رهندي هئي، سندس هنج ۾ ڇھن مھينن جو ٻار هو، باقي ٻه پُٽ هڪ پنجن سالن جو ۽ ٻيو ستن سالن جو هو. کيس ڳوٺ جي وڏيري طرفان ڪجهه نه ڪجهه راشن ملندو هو ڇاڪاڻ ته سندس مرحوم مڙس وڏيري جو وفادار هاري هوندو هو، ان کانسواءِ هوءَ پاڻ به سلائي ڪڙهائي ڪندي هئي، جنھن مان کيس سٺو اُجورو پڻ ملندو هو. غربت جي ڪري سندس گهر ۾ پاڻيءَ جي سھولت نه هئي تنھنڪري ڀرپاسي ۾ وهندڙ درياءَ تي وڃي ڪپڙا لٽا ڌوئيندي هئي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي به ڀري ايندي هئي. هڪ ڏينھن هوءَ ميرا ڪپڙا کڻي درياءَ تي ڌوئڻ لاءِ نڪري ٿي، ٻن وڏن پٽن کي گهر ۾ ويھاري ننڍڙو ڇَھن مھينن جو پٽ هنجَ ۾ کڻي ٻاهران دروازي کي ڪڙو ڏئي هَڙَ کڻي مٿي تي رکي نڪري ٿي. درياءَ تي پھچڻ کان پوءِ ننڍڙي پُٽ کي ڇٻر تي سمھاري، پاڻ ويھي ڪپڙا ڌوئي ٿي. اُڀ ڪپريءَ جي هئڻ ڪري ننڍڙو ٻار ليٿڙي وڃي درياءَ ۾ ڪِري ٿو. ڪپڙن تي ڇاڇول ۽ درياءَ جي ڇولين ساڳيو ماحول پيدا ڪيو هو، انڪري ٻار جي ڪِرڻ سان به هڪ آواز آيو هوندو، پر هُوءَ ڪپڙا ڌوئڻ ۾ مشغول هئي، ٻار جي نه روئڻ ڪري شايد هُن سمجهيو هجي ته ٻار سمھي رهيو آهي. ڪجهه دير ۾ هوءَ ڪپڙا نپوڙي سڪائڻ لاءِ اُٿي ٿي ۽ مُڙي نھاري ٿي، سندس ٻار ڇٻر تي موجود نه هو ۽ نه وري ان جي موجودگيءَ جو نالو نشان هو. ماءُ جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي، هيڏانھن هوڏانھن نھاري ٿي، آخر هُن جي ذهن ۾ هڪڙي ئي ڳالھه اچي ٿي، ته منھنجو ٻار درياءَ ۾ ڪِري لُڙهي ويو. هوءَ رڙيون ڪري ٿي. پاڻيءَ ۾ لھي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر تِرڪي وڃي گهوتا کائڻ لڳي ٿي، پر وڏيون رڙيون ڪندي رهي ٿي، آسپاس رهندڙ ڳوٺ جا ماڻھو اچي گڏ ٿين ٿا. ماڻھو پڇن ٿا ته ”ڇا ٿيو؟“ هوءَ صرف هڪ جملو ڳالھائي ٿي ۽ ورجائي ورجائي چوي ٿي، ”منھنجي دل جو ٽڪڙو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو، ادا مون کي ڳولي ڪَڍي ڏيو.“ ڪجهه ماڻھو پاڻيءَ ۾ لھي وڃن ٿا، جيڪي تارُو هجن ٿا ۽ ٻيا ماڻھو سڀاڳيءَ کي آٿت ڏيندا رهن ٿا.

اچانڪ سڀاڳيءَ کي ٻيوخيال اچي ٿو ته ٻن پٽن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي آئي آهيان، دانھون ڪندي ڊوڙ پائي گهر ڏانھن ڀڄي ٿي. ٻاهران ڪڙو کولي گهر اندر داخل ٿئي ٿي، سندس نظر ننڍي پُٽ جي لاش تي پئي ٿي، جنھن جو جسم رت سان رڱيل هو ۽ پاسي ۾ چاقو پيل هو. سڀاڳي جو درياءَ تي وڃڻ کان پوءِ سندس ٻئي پُٽ ڪنھن ڳالھه تان وڙهي پون ٿا ۽ ڇڪتاڻ ڪري وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ تي چاقوءَ جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيس ٿو ۽ هو زخمن جا سور نه سَھي فوت ٿي وڃي ٿو، وڏو پٽ ڊَپ مان مٽيءَ جي ٺھيل گُنديءَ ۾ لِڪي ويھي ٿو ۽ مٿان ڍَڪ سيري رکي ٿو. سڀاڳي، پُٽ جي لاش کي ڏسي رڙيون ڪري ٿي. پاسي جي گهرن مان عورتون ۽ مرد ڊوڙي اچن ٿا ۽ لاش کي ڏسي افسوس ڪن ٿا، هڪ شخص لاش کڻي کٽ تي ليٽائي ٿو، سڀاڳي اُٿي گهر ۾ وڏي پُٽ کي ڳولڻ لڳي ٿي ۽ پنھنجي مٿي جي وارن ۾ هٿ وجهي ڇڪي ٿي ۽ ڇاتيءَ تي چنبا هڻي ٿي، ڳولي ڳولي گُنديءَ جو ڍڪ کڻي ٿي، اندر جهاتي پائي ڏسي ٿي، سڀاڳيءَ جو ٽيون وڏو پُٽ گُنديءَ اندر ليٽيل هو، گُنديءَ ۾ اندر گهڙي ٿي ۽ اُن کي ٻاهر ڪڍي ٿي، پر ان جي جسم ۾ به زندگيءَ جا ڪي به آثار موجود نه هئا. شايد هو گُنديءَ اندر ٻوساٽجي مري ويو هو، هُن نڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هوندي پر گُنديءَ جي تراشڙي هئڻ سبب هو ٻاهر نه نڪري سگهيو هجي ۽ ماءُ جي پھچڻ کان اڳ تڙپي تڙپي دَم ڏنو هو. گونديءَ مان ڪڍيل لاش کي ٻي کٽ تي ليٽايو وڃي ٿو، ايتري ۾ سامھون دروازي کان هڪ شخص نمودار ٿئي ٿو، جنھن جي ٻانھن تي هڪ ننڍڙي ٻار جو لاش آهي. جيڪو درياءَ مان ڳولي لڌو ويو هو، اُهو شخص ننڍڙي پُٽ جو لاش ماءُ جي هنج ۾ رکي ٿو. ماءُ ننڍڙي ٻار کي ڇاتيءَ ڏانھن وڌائي ٿڃ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر ان ٻار جي به زندگيءَ جو ڏيئو وساميل آهي. ماءُ جي مامتا هاڻ خاموش آهي، ماءُ جون نظرون آهستي آهستي آسمان ڏانھن ڏسڻ لڳن ٿيون ۽ سندس ڪنڌُ آهستي آهستي کَٽَ جي پائي تي وڃي ساڪِن ٿي وڃي ٿو ۽ روح پرواز ڪري وڃي ٿو. جيڪڏهن هوءَ زندهه هجي ها ته بيواهه هجڻ کان پوءِ هوءَ ٻچن کائيڪ ۽ نِپٽي سڏجي ها. پر هوءَ ته هڪ ماءُ هئي جيڪا هڪ انسان کي وجود ڏيڻ جو سبب بنجي ٿي، اُهو آءٌ به آهيان اوهان به آهيو هن دنيا جا سڀ انسان آهن. دنيا جي هر مخلوق جي ماءُ ۽ هر مخلوق جي ماءُ جي فطرت ۾ آهي ٻچن سان پيار، احساس ۽ لازوال قرباني.

 

اڪبر آزاد هيسباڻي

زندگي ملڪيت اڳيان

 

ھو عمر جو ته گھڻو ننڍو ھو، پر زماني جي ڏکن ڏوجھرن ۽ پنھنجن جي ناانصافين جي پِيڙا کيس ستر سالن جو پوڙھو ٿي ظاھر ڪيو! مٿان وري بيمارين مٿس ائين اچي حملو ڪيو، جيئن فصل تي ماڪڙ.... انھن بيمارين سان جھيڙي ئي رھيو ھو ته پڻس به موڪلائي وڃي ابدي ننڊ سُتو!

اڃا اھو درد پچائي ئي نه سگھيو ھو ته ھڪ روڊ حادثي ۾ سندس امڙ به ھميشه لاءِ کيس ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري وڇڙي وئي!

ھو ٻن ڀائرن، ڀينرن ھوندي به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ ان ھيڪلائي کيس ويتر بيمار ۽ ڪمزور ڪري وڌو.

ھڪ ڏينھن کيس وڏي ڀاءُ ڳالھين کي رومال ۾ ويڙھي اچي چيس ته ”ادا اسان جون دعائون اٿئي پر يار تون بيمارين کان شايد ئي چڙھي سگھين! سو اھي ٻه ٻارا زمين جا ۽ گھر ملڪيت آھي وڏڙن جي نالي، اھي پنھنجي نانءُ ڪرائي ڇڏيون ته جيڪر ڀلو.“

ھو سمجھي ويو ته ادي جي اندر جو گدڙ جاڳي پيو آھي. ملڪيت پنھنجي نانءُ ڪرڻ جو ته بھانو ھو، اصل اٽڪل ته سندس حصي جي ملڪيت ڦٻائڻ ھئي! سو ڀاءُ جا اھي لفظ بڙڇون ۽ ڀالا ٿي سيني ۾ لڳا ھئس، پنھنجن جي اھڙي زھريلي رويي سندس جيءُ ويتر جھوري وڌو ھئس.

 صبح جو ھانءُ سڙندي کان سموري سگهه ساري زمين جي ڪاغذن جو فائيل کڻي تعلقي جي روينيو آفيس پھتو ۽ پنھنجي ديھه جي تپيدار جي پڇا ڪيائين.

ڪوٽوار ڪاوڙ ۾ چيس ”ميان صاحب اڃا نه پھتو آھي.“ سڄي ڏينھن جي انتظار بعد به تپيدار نه آيو ته گھر موٽي آيو.

ٻئي ڏينھن آفيس ۾ ڏٺائين ته سامھون ڪرسيءَ تي ويٺل رنگ جو پڪو ڪارو ٿلھن چپن سان نڪ جي ٽيڪ تي رکيل عينڪ مٿان ھڪ ھمراهه شڪاري نظرن سان گھوريندي ماڻھن کان حال احوال وٺي رھيو ھو.

ھِن کي ڏسي ڪوٽوار چيو ميان صاحب اچي ويو اٿئي متان اُٿي وڃي سو ملي وٺيس.

 ھو با ادب طريقي سان تپيدار اڳيان ٿي بيٺو ۽ ان کان اڳ جو هو ڪجهه ڳالھائي، تپيدار پڇيس ھا چاچا ڪر خبر ڇا مسئلو آھي؟

صاحب! زمين جو ٽڪر اٿم پر نالي ابي جي آھي ۽ ابو گذاري ويو اٿم، سو اھي ڀائرن ڀينرن سميت پنھنجي نالي ڪرائڻو اٿم، سو مھرباني ڪريو.

تپيدار ماھرانا ڦڙتيَ سان ھِن کان فائيل وٺندي پڇيو نالو ڇا اٿئي؟

محمد عُمر نالو اٿم ابا.

 ٺيڪ آھي چاچا ھي فوتي کاتو مٽبو سو خرچ پکو ڏئي وڃ پوءِ ڏسون ٿا.

عُمر خرچ جو ٻڌي پريشان ٿي ويو، جو پنھنجي حال جي پروڙ ھئس ۽ ڀائرن جي لڇڻن کان به ڀلي ڀر واقف ھو. تپيدار کان پڇيائين ابا خرچ گھڻو ايندو؟

 تپيدار وراڻيو ”چاچا بس ٽيھه ھزار رپيا خرچ ايندئي.“

ٽيھه ھزار...! دانھه نڪري ويس ھو پريشانيءَ جي عالم ۾ غوطا کائڻ لڳو.

 ڪوٽوار جيڪو اھڙي قسم جي گراھڪن کي مطمئن ڪرڻ جو اڳ ئي ماھر ھو، تنھن ھن کي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي آفيس کان ٻاھر پاسي تي وٺي وڃي چيو، چاچا مٿان کان وٺي ھيٺ تائين حصو پتي ڏيڻو پوي ٿو، سو ٽيھه ھزار ڏيندين ته ڪم ٿيندئي نه ته ڪونه ٿيندئي.

 عمر، ڪوٽوار کي چيو، ”ڇا اھا سرڪاري فيس آھي؟“ تنھن تي ڪوٽوار وراڻيو ”چاچا جي اھي سوال ڪندين ته پوءِ تنھنجو ڪم به ٿيو!“

 عمر کيس مخاطب ٿيندي چيو، پر ٽيھه ھزار ته وڏا آھن ۽ ٻيو ته مون وٽ آھن به ڪونه، جيڪر ايترا پئسا ھجن ھا ته علاج ڪرائي بيماري جي باھه ۾ نه پچان ھا. سو مھرباني ڪر پنجن ھزارن ۾ ڪم کي ٺاھه.“

اھو ٻڌي ڪوٽوار آچر ھڪ پاسي واري واڇ ڇڪيندي انتھائي طنزيه انداز سان، عجيب قسم جو ٽھڪ ڏيندي چيو، ”ڇڏ چاچا ڇو ٿو مذاقون ڪرين ھاڻي ھتان وڃ وڃي پنھنجو ڪم ڪر ۽ اسان کي به پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏي.“

ڪوٽوار ڪم ڪھڙو ٿي ڪيو عُمر ڄاتو ٿي، پر ڪڇڻ تي ڪافر ٿي ٿيو، سو ماٺ رھيو ۽ ايلازن منٿن وارو رستو ورتائين. وڏي وٺ پڪڙ ۽ ڇڏ ڇڏان بعد به پنجويھن ھزارن ۾ معاملو طئي ٿيو ۽ ھِن کي چيائون سڀاڻي ڏوڪڙ، پاسپورٽ سائيز فوٽو ۽ ڪارڊن جون ڪاپيون کڻي اچجانءِ ھاڻي تون ڀلي وڃ. ھو گھر ايندي سڄي واٽ سوچيندو آيو ته ھاڻي ڪم ڪيئن ٿئي پئسا ڪٿان اچن!

گھر پھچي ڀائرن سان حال اوريائين ته ڀائرن چيس اسان وٽ رپيو به ناهي، في الحال تون خرچ ڪر پوءِ فصل تي حساب ڪنداسين.

ٻئي ڏينھن ڪجهه اوڌر ۽ ڪجهه مٽن مائٽن توڙي سنگتين کان پٽ سٽ ڪري مختيارڪار آفيس پھتو مس ته ڪوٽوار کيس ڏسي گِگ ڳاڙيندو مسڪرائيندو اچي مليس ۽ پڇيائينس، ”ڏوڪڙ آندئي؟“

” ھائو ڏوڪڙ فوٽو ۽ شناختي ڪارڊ جون نقل ڪاپيون آنديون اٿم، پر صاحب آيو آھي؟“ عمر ڪوٽوار کان پڇيو.

ڪوٽوار کلندي جواب ڏنس، ”چاچا تون ڏوڪڙ ڪارڊ ۽ فوٽو مون کي ڏي ۽ ھفتي کن کانپوءِ معلوم ڪجانءِ، ھاڻي تنھنجو ڪم ختم اسان جو ڪم شروع. “

عمر گهربل ڪاغذ ۽ پئسا ڪوٽوار جي حوالي ڪري واپس گھر پھتو ته سڀني گھر ڀاتين جا مُنھن خراب ڏٺائين، ان وقت پاڻ کي گھر ۾ ڄڻ ته اوپرو ڀانيو اندر ڪمري ۾ سندس گھر واري جي روئڻ ۽ سڏڪڻ جو آواز کيس ڪنن تي پيو، وڏي ڀاءُ جي گھر واريءَ جا لفظ ڪنن تي پيس... ”نه مرن ٿا نه وري منجو ٿا ڇڏين ھنن مان ته اڙجي ويا آھيون اڙجي.“

ڪمري ۾ اندر وڃي زال کان پڇيائين روئين ڇوٿي ڇا ٿيو آھي؟

زال سُڏڪندي ورندي ڏني تو واري وڏي ڀاءُ ٻارن جي ڳالھه تان مون کي ماريو آھي!

ھُن سموري قصي کي ڄاتو ٿي ته ٻارن جي ڳالھه ته بھانو آھي، اصل مسئلو ته ملڪيت جو ھو. زال کي پرچائڻ بعد ڀاءُ سان ان باري ۾ ھڪ لفظ به ڪونه ڳالھايائين ۽ گھران نڪري ٻاھر پنھنجي منھن وڃي خوب رنو... سمجھه ۾ نه پئي آيس ته ھو ڇا ڪري. گھڻي سوچ ويچار بعد فيصلو ڪيائين ته فوتي کاتو ٺھرائي سموري جھنجھٽ کان الڳ ٿي وڃبو پوءِ ڀائر ڄاڻن ۽ سندن ڪم ڄاڻين.

ھفتي کان پوءِ ھو وري مختيارڪار آفيس ويو، ڪوٽوار کيس ڏسي چيو، ميان صاحب اڄ حاضري تي ڪورٽ سڳوري ويو آھي. تون سڀاڻي اچجانءِ!

ھو جيئن ئي آفيس کان ٻاھر نڪتو طبيعت خراب ٿيندي محسوس ڪيائين مٿي کي چڪر اچڻ لڳس. سوچڻ لڳو سڳن ڀائرن پاران ملڪيت جي ڪري بي واجبيون، ناانصافيو ۽ ايڏيون اوپرايون..!؟

 ڇا زندگي ملڪيت اڳيان بي معنيٰ آھي!

ڇا رشتا، ملڪيت کان وڌيڪ آھن؟

ٻئي ڏينھن صبح جو وري مختيارڪار آفيس ويو ته اي.سي صاحب ڪونه ھو! ٽئين ڏينھن ويو ته مختيارڪار ڪونه ھو.  نيٺ ھو بيزار ٿي پيو بيماري کيس وڪوڙي وڌيڪ جھوري وڌو. عُمر اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ٿي پيو ھو ڀائرن ملڪيت جي لالچ ۾ کيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪو موقعو نه ٿي ڇڏيو. ڀائرن پاران طعنن جون اُڇلائي ھنيل ڇاپڙون سھي ڪونه پئي سگھيو!

هو زمين جي کاتي لاءِ مختيارڪار آفيس جا چڪر ڏيندو رھيو، پر ڪوٽوار پاران ھر روز ڪو نئون بھانو ڏئي واپس ڪيو ويندو رھيو ۽ پوءِ بيماريءَ توڙي ڀائرن جي روين سندس سمورو ست نپوڙي ورتو تان جو وڃي کٽ ڀيڙو ٿيو، ڀائر کائنس مڪمل ھٿ ڪڍي چڪا ھئا.

ھو ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳو جڏھن ھو ڪمائڻ لائق ھو ۽ ٻه ڏوڪڙ ھئس. گھر جو در ٽپندو ھو ته ڀائرن جا ٻار ابا ابا ڪري چنبڙي ويندا ھئس، کيسي مان کٽمٺڙا ۽ بسڪيٽن جون ڦاريون ٻارڙن جي ننڍڙن ھٿن تي رکي، ڀاڪر پائي کين مٺيون ڏيندو ھو. دنياداريءَ جي هر ڪم ۾، ڀائر ھن کي اڳيان ڪري پاڻ ڪڍرائي ويندا ھئا. ھن ڪڏھن به ٻه رپيا بچائي لڪائي نه رکيا ھئا، ڇو ته ڀائرن جي ٻچن کي ڪنھن به تڪليف ۾ ڏسي نه سگهندو هو. کيس پنھنجو اولاد ڪين هو، تنھنڪري ڀائيٽين پنھنجي اولاد ڪري ڀائيندو ھو پر اڄ اھي ٻار به ذري گھٽ وڏا آھن ۽ کيس پڇڻ لاءِ تيار ناھن، سندس علاج ڪرائڻ وارو، کيس آٿت ڏئي سھارو بنجڻ وارو ڪير به نه هو، ملڪيت جي چڪر ۾ سڀ ڪاوڙيل ھئا. سوچيندي سوچيندي اکين مان گرم ڳوڙھن بجاءِ رت وھندي محسوس ڪيائين.

 ھو وڏي تڪليف ۾ ھو ۽ سمھي نه پئي سگھيو پاسا ورائيندي، آسمان تي چمڪندڙ ستارن ۽ آھستي آھستي ھڪ طرف کان ٻئي طرف پنڌ ڪندڙ چنڊ کي تڪيندي اچي صبح ٿي، ساھه کڻڻ ۾ تڪليف پئي محسوس ڪيائين!

اکيون کوليائين ته وڏي ڀاءُ نيڪ محمد کي مٿان بيٺل ڏسي ٿڌو ساھه کنيائين سمجهيائين ته شايد پڇڻ آيو آھي، کڻي ڊاڪٽر وٽ پھچائيندو، پر سندس خيال جي ابتڙ ڀاءُ چوڻ لڳس ته ادا توڏي ڪم سان آيو آهيان.  عُمر سمجھي ويو ته ادو نيڪ محمد پڇڻ نه، پر ڪم جي نيت سان آيو آھي، سو انتھائي جھيڻي آواز سان نڙيءَ ۾، ڪلوئڙي جيان اٽڪيل دردن کي ڳيت ڏيندي چيائينس، جي ادا ڪھڙو ڪم آهي؟

نيڪ محمد کٽ جي ٽُٽل واڏڻ واري پاسي کان ويھندي عمر کي چيو ”ڏس نه ادا تون ھاڻي صفا پئجي رھيو آھين ٻيو ته توکي اولاد عيال به ناهي، سو مان اھو پيو چوان ته، جيڪڏھن تون پاڻ وارو ملڪيت جو حصو منھنجي نالي ڪرين ته ڏاڍو چڱو. جيسين جيئرو آھين تون پنھنجو پيو سنڀال ۽ کاءُ پنھنجو علاج به ڪراءِ، پر پنھنجي وئي کان اڳ منھنجي نالي ڪري وڃ منھنجا ٻچڙا دعا ڪندئي.

ان وقت عمر زندگيءَ کي ملڪيت اڳيان ڏاڍو مجبور ڏٺو ھو، ويتر جھري پيو، ڀاءُ کي ڪو جواب نه ڏنائين، ساھه جي تند ڄڻ ڇڄندي محسوس ڪيائين. ھو صرف پنھنجي ڀاءُ کي گهوريندو رھيو.

 نيڪ محمد جي وڃڻ بعد ھُن کي بيھوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ رات جو 2 وڳي خبر پئي ته عُمر مري ويو!

گھر ۾ وڇايل تڏي تي سندس بيواهه سان اوڙي پاڙي جون مايون ھمدردي وچان کيس ڀاڪر پائي پرچائي رھيون ھيون.

گھر کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ وڇايل تڏي تي نيڪ محمد ۽ ٻين عزيزن تعزيت وصول ٿي ڪئي، تڏي تي ڪوٽوار آچر آيو ته، نيڪ محمد اٿي ساڻس آڌر ڀاءُ واري انداز ۾ مخاطب ٿيندي چيو، اچو سائين اچو توھان ھن طرف اڳيان اچو.

دعا گھرڻ بعد آچر نيڪ محمد کي چيو، ”ادا ڇا ٿيس ڀلا...؟ ڪلھه ٽيون ڏينھن به ته آفيس آيو ھو! “

”ھائو سائين ڪجهه به نه بس خدائي سڏ، سکيو ستابو بس ادا پڄي آيس.“ نيڪ محمد وراڻيو.

ٿوري دير بعد ڪوٽوار آچر، نيڪ محمد کي رازداري سان آھستي ڪن ۾ چيو، ”ادا چاچو عمر آفيس ايندو رھندو ھو، ملڪيت جو فوتي کاتو مٽائڻ لاءِ پر ڇا ڪجي سرڪاري ڪم آھي خدا جي قدرت چاچو عمر اڄ گذاري ويو ۽ فوتي کاتي وارو ڪم به اڄ صبح وڃي مڪمل ٿيو آھي.“

فوتي کاتي جو ٻڌي نيڪ محمد اندر ئي اندر ۾ کڳيون ھڻڻ لڳو، پر بظاھر اھڙو ته نمونو ٿي ڏيکاريائين، ڄڻ ڀاءُ جي مرڻ کانپوءِ مٿس ڪو پھاڙ اچي ڪريو ھجي!

سائين آچر، ادو ته ويو موڪلائي پوءِ ڀلا فوتي کاتي وارو پنو مون کي ئي کڻي ڏي ادو ته بي اولادي ھو.نيڪ محمد، دل جي ڳالھه نيٺ وات تي آڻيندي چيو.

”ھائو ادا نيڪ محمد، پنو ته کڻي توکي ئي يا ان جي گھرواري کي ڏيون ٿا پر ميان چوي پيو ھاڻي عُمر جو به فوتي کاتو ٺھندو، سو ان لاءِ توکي آفيس اچڻو پوندو سرڪاري ڪم آھي ڇا ڪجي.“ انتھائي رازداريءَ سان ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيائينس، پر ٻُڌ في وغيره ۽ خرچ پکي جو بندوبست ڪيون اچجانءِ بابا نه ته پوءِ وري ائين نه چئجانءِ ته ڪم نه ٿيو.

 

شوڪت عثمان                                (عالمي ادب)

سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

 

 

 

 

ڏاند، ڪِوِلي ۽ انسان

 

ڪھاڻيڪار جو تعارف:

 

 

]شوڪت عثمان بنگلاديش جي هاڪارن ليکڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. پاڻ ويھين صديءَ جي وچ ۽ آخر ۾ پنھنجي تخليقن وسيلي نه رڳو بنگالي ادب کي مالامال ڪيو، پر هندي، انگريزي، اردو، چيني، جاپاني، روسي، فرانسيسي، جرمن، فارسي، عربي ۽ ٻين ٻولين ۾ پنھنجي لکڻين جي ترجمن ذريعي هڪ عالمي سڃاڻپ ماڻي ورتي.

 

شوڪت عثمان،، جنھن جو اصل نالو شيخ عزيز الرحمان آهي، 2 جنوري 1917ع تي اولھه بنگال جي ضلعي هُوگليءَ جي هڪ ڳوٺ سبل سنگهاپور ۾ شيخ محمد يحييٰ ۽ گل جان بيگم جي گهر پيدا ٿيو. پاڻ بنگلاديش جو هاڪارو اديب، ڪھاڻيڪار، ترجمي نگار، ناول نگار، ڪالم نگار، ڊراما نگار ۽ ٻارڙن جوليکڪ هو. هن بنگالي ادب ۾ پنھنجي نرالپن تخليقن ۽ سڌارڪ

لکڻين جي ڪري نھايت مٿانھون مرتبو ماڻيو.

شوڪت عثمان پنھنجي ادبي سفر جي شروعات ٽيھن واري ڏهاڪي کان افسانا لکڻ سان ڪئي. سندس ابتدائي افسانا سماجي ناانصافي، طبقاتي نظام ۽ نوآبادياتي ڏاڍ خلاف هڪ زبردست احتجاج هئا. سندس افسانوي مجموعن ۾ ”برف جي روشني“، ”ديوارن جي وچ ۾“، ”ايثار“، ”چراغ“، ”پھچان“، ”مالڪ ۽ سندس ڪتو“ ۽ ”جوڻو آپا ۽ ٻيون ڪھاڻيون“ جھڙا شاهڪار شامل آهن. ان کان سواءِ ”ڪِرن فائيل“، ”راجا اپاکيان“، ”جھنم مان هڪ خط“ ۽ ”ڪرتادار هاشي“ (غلام جو ٽھڪڙو) سندس اهم ناول ليکيا وڃن ٿا.

شوڪت عثمان کي سندس ادبي خدمتن جي مڃتا پھرين پاڪستان ۽ پوءِ وري بنگلاديش، ٻنھي ملڪن پاران زبردست نموني ڏني وئي. کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو، جن ۾ ”بنگلا ادبي ايوارڊ“ (1962ع)، ”آدم جي ادبي ايوارڊ“ (1966ع)، حسنِ ڪارڪردگيءَ جو صدارتي ايوارڊ“ (1967ع)، ”ڪوشي پدڪ ايوارڊ“ (1983ع) ۽ ”آزادي ايوارڊ“ (1997ع) اچي وڃن ٿا.

شوڪت عثمان 14 مئي 1998ع تي 81 سالن جي ڄمار ۾ ڍاڪا ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس لاڏاڻو نه رڳو بنگلاديش، پر سڄي ننڍي کنڊ جي ادبي حلقن لاءِ هڪ وڏو صدمو هو. سندس وفات هڪ اهڙي دور جي پڄاڻي هئي، جنھن ۾ سچ، انصاف ۽ جمھوريت لاءِ قلم کنيو ويندو هو. پاڻ هڪ اديب ئي نه، پر ادب جي ذريعي انقلاب جو خواب ڏسندڙ هڪ سماج سڌارڪ هو. سندس قلم رڳو ڪھاڻي ٻڌائڻ لاءِ نه، پر سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ لاڳيتو ڪاغذ تي هلندو رهندو هو. سندس افسانا، ناول، مضمون، ڪالم، ڊراما وغيره بنگلاديش جي تاريخ، تھذيب ۽ گڏيل شعور جو آئينو آهن. اڄ به بنگلاديش جي مڙني درسگاهن ۾ کيس پاڙهيو وڃي ٿو ۽ سندس ادبي ڪم نئين ٽھيءَ لاءِ هڪ فڪري خزانو آهي. کيس ”بنگالي ادب جو ضمير“ ۽ ”قومي ترجمان“ سڏيو وڃي ٿو، جنھن سدائين سماجي سڌاري ۽ فڪري سجاڳيءَ لاءِ سڄي ڄمار پاڻ پتوڙيو.  - سنڌيڪار[

”منجهند ڌاري ايڏو ته مينھن اُٺو، جو اصل واهڙ وَهي هليا. مينھن به چيو ته اڄ نه پوان ته پوءِ ڪڏهن پَوان. رات جي وقت اڳ ۾ ئي ٻوڏ اچي چڪي هئي. ڳوٺ وارن بَند تي اچي پناهه ورتي هئي. هر پاسي ڇَرَئي ڇَرَ هئي. اک کُٽي، پر پاڻي ته کُٽوئي ڪونه ٿي. پَري پَري تائين پکڙيل پاڻيءَ جي وچ ۾ اهو بند ائين ٿي لڳو ڄڻ وچ سمنڊ ۾ ڪو ڏيئو ٻرندو هجي. ڌڌڪا ڪندڙ پاڻيءَ جون ڇوليون بند سان ٽڪرائجي رهيون هيون.

ٻه ڏهاڙا گذري ويا، پر ٻوڏ گهٽ ئي ڪونه پئي ٿي. ماڻھو پڃري ۾ بند پکين وانگر ڦڙڪي ۽ ڦٿڪي رهيا هئا، پر صبر کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيا. جاءِ ٿورڙي ۽ ماڻھو بي حساب هئا. سڀ ماڻھو هڪٻئي سان جڪڙيا بيٺا هئا. بي چين ۽ پريشان ماڻھن جي کنگهڻ، کلڻ ۽ روئڻ جا آواز گڏ ٿي اُڀري رهيا هئا. هڪ نئين نڪور ڪنوار به اتي موجود هئي. ان ويچاريءَ جو بند تي هجڻ ڏاڍو ڏکارو هو. ڄڻ ته هوءَ دوزخ ۾ آئي هئي. هوءَ پنھنجو گهونگهٽ لاهيو بيٺي هئي. مڙس، سُھرو ۽ ڏير به ساڻس گڏ هئا. کين پنھنجي عزت جو ڪو خيال نه رهيو هو. ڪالھه سُھري کي پنھنجي نُنھن جي بي پردگي ڏسي روئڻ ٿي آيو، پر اڄ مجبورين کين حالتن سان ٺاهه ڪرائي ڇڏيو هو.

بند تي موجود ماڻھن چانور اوٻاري کاڌي جو بندوبست ڪيو. ڳئن ۽ ٻڪرين، جن کي مالڪ پاڻ سان گڏ ڪاهي آيا هئا، مان ڏُڌل کير ٻارن کي پيئاري گذارو ڪيائون. پر جانور ويچارا ڪو گاهه پَٺو کائڻ کان سواءِ ته کير ڪونه ٿي ڏئي سگهيا نه. فضل ويچارو، منشي ڪفيل جي ڳئون ڏُهڻ ويٺو ئي مَسَ ته ڳئونءَ کيس ايڏي ته لَتَ وهائي ڪڍي، جو پري وڃي ڪِريو. جانورن پنھنجن ٿڻن کي هَٿ لائڻ به ڪونه ٿي ڏنو. ٻڪريون ڳچ دير تائين ٻيڪي ٻيڪي ماٺ ٿي ويون. سندن پيٽ ۾ گاهه جو تِيلو به ڪونه ويو هو. خالي وات ڪيترو اوڳر ورائين ها. سندن نِڙي ئي سُڪي وئي هئي. جانور ته ٺَھيو، پر انسانن جا ٻار به روئي رڙي سُمھي پيا هئا.

رات جو پنج سؤ گز ڊگهي بند تي ٿڪاوٽ جا ماريل اڪثر ماڻھو سمھي پيا. ڪجهه نوجوان پَھرو ڏيڻ لڳا ته جيئن نانگ ۽ ٻيا جيت جَڻيا بند تي چڙهي نه اچن. هر پاسي هڪ ڀوائتي ماٺ ڇانيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڇولين جو آواز اُڀريو ٿي ۽ سوڳوار فضا ۾ گم ٿي پئي ويو. اهڙي خاموشيءَ ۾ اوچتو ڪو ساز وڄڻ شروع ٿيو. بند جي هڪ ڪنڊ تي ويٺل ڳوٺ جي انڌي فقير يڪتاري تي ڪو درديلو راڳ ڇيڙي ڏنو هو. چانڊوڪي ڇانيل هئي، تنھنڪري ٽي چار ميل پري تائين پاڻي ئي پاڻي ٿي نظر آيو. جيڪڏهن ڪو رومان پسند شاعر ان نظاري کي ڏسي ها ته ڏک ۽ خوشيءَ وچان بيخود ٿي وڃي ها.

پھريدارن ۽ ڳوٺ جي ڪجهه نوجوانن بند سان لڳولڳ وهندڙ چانورن جي هڪ ٻوري جهَلي ورتي. خوشيءَ وچان سندن چھرا ٻھڪڻ لڳا. پاڻيءَ جون ڇوليون ڏاڍيون تيز ۽ ڪڙڪيدار هيون. اهي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ٻوري ڪڍي سڀئي سَھڪي رهيا هئا. ڇوليون ڏسي انھن مان هڪ ماڻھوءَ چيو، ”شايد هيءَ ٻوڏ سالن ۾ به شل لَھي.“

ٻئي ڏينھن نوجوانن همت ڪري بانس ۽ ڪاٺيءَ جا لَڪڙا بند جي ڪنارن تي هنڌين هنڌين کوڙي ورتا ته جيئن ٻارڙا پاڻيءَ ۾ نه ڪِرن. بند ڪو گهڻو ويڪرو ڪونه هو. وڌ ۾ وڌ پنجاهه کن فوٽ موڪرو ٿئي ها. ڳوٺ جو پوڙهو سردار سليم، نوجوانن جي ان ڪم مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين  ساراهيندي چيائين، ”توهان نوجوانن ته اڄ صفا ڪمال ڪري ڇڏيو. توهان وَاهه جو ڪم ڪيو آهي. اصل دل ٺاري ڇڏيو ڇوڪرؤ! ڏکيو وقت آ. توهان کي ئي ته مُنھن ڏيڻو آهي.“

اوچتو نوجوانن جي نظر گئوشالا جي ڇت تي پئي، جيڪا پاڻيءَ ۾ لُڙهندي ٿي آئي. ڇولين جي مخالف طرف ۾ ترڻ ڪا مذاق ناهي. پر پوءِ به ڪجهه نوجوان پاڻيءَ ۾ لَھي پيا ۽ گئوشالا جي ڇت مان ڪجهه گاهه پَٺو گھلي کڻي آيا. اهو گاهه ڳئن ۽ ٻڪرين لاءِ ٽن چئن ڏهاڙن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هو. اهڙيءَ طرح ٻارڙن لاءِ کير جو بندوبست به ڳوٺ جي نوجوانن ڪري ورتو.

ان ننڍڙي هنڌ يعني بند تي زندگيءَ جي ڌارا صفا بدلجي وئي هئي. هر ماڻھوءَ جي دل همدرديءَ ۽ ٻاجهه جي جذبن سان ٽمٽار هئي. ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇولين کان وڌيڪ همدرديءَ ۽ قربانيءَ جون ڇوليون سندن دلين ۾ ڇُلڪي رهيون هيون. هر ماڻھوءَ ٻين ماڻھن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو. نوجوانن کان جيڪو ٿي پئي سگهيو، سو انھن ڪيو ۽ جڏهن ڪجهه ڪرڻ لاءِ رهيو ئي ڪونه، ته کين بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي. سردار سليم سندن مُنھن تي اُڀري آيل گهنجن کي ڏسي ڳالھه کي سمجهي ويو هو. هُو کين اٻاڻڪو ۽ پريشان نه ٿي ڏسي سگهيو. هن چاهيو ٿي ته کين ڪنھن نه ڪنھن ڪم سان لڳائجي. نيٺ مجبور ٿي هُو نوجوانن کي بند جي هڪ پاسي تي وٺي ويو ۽ کين اُتي ويھاري پراڻي دؤر جا داستان کولي ويھي رهيو. هن ٻڌايو ته هُو ڪيڏي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ ڳوٺ جو سردار چونڊيو ويو هو ۽ وري سردار ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪھڙين ڪھڙين ڏکيائين ۽ مشڪلاتن سان مُنھن ڏيڻو پيو هو. سڀئي نوجوان کيس وڏي ماٺ ۽ ڌيان سان ٻُڌندا ۽ ماضيءَ جي ڏينھن  ۾ ليئاڪا پائيندا رهيا.

ٻه ڏينھن ٻيا به گذري ويا. پاڻي هاڻي ٿورڙو گهٽجڻ شروع ٿيو هو، پر ان جي رفتار ايڏي ڍَري هئي، جو ماڻھن جي چھرن تي اڃان به مايوسي پکڙيل هئي. امدادي ڪم شروع ٿي چڪو هو. کين ڪجهه چانور به مليا ۽ دلجاءِ ٿي ته ڪجهه گذارو ٿي پوندو. ڪھڙي خبر ته اڃان هتي ڪيترا ڏينھن رهڻا پون.

ان ڏينھن سردار سليم منجهند ڌاري ڪجهه نوجوانن کي ساڻ ڪري، بند جي هڪ ڪناري تي اچي ويٺو. آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا، ان ڪري اُسَ ۾ تيزي ڪونه هئي. آسمان جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين پاڻي ئي پاڻي ٿي نظر آيو. نوجوانن پنھنجي ديد پوڙهي سردار تي کُپائي ڇڏي هئي، پر سردار ماٺ ڪيو ويٺو هو، ڄڻ وٽس ڳالھيون ختم ٿي ويون هجن. جسم جي سگهه ختم ٿيڻ سان دل به پاڻ هُرتوئي هيڻي ٿي پوندي آهي. شايد انڪري ڪا ڳالھه يا وري ڪا ياد به ذهن ۾ ڪونه ٿي اُڀري. پوءِ به ڇوڪرن کي مصروف رکڻ بيحد ضروري هو، نه ته اهو اجايو بحث ڪري پاڻ ۾ وچڙندا وتن ها. پر هاڻي سوال اهو هو ته انھن نوجوانن کي ڪيئن مشغول رکيو وڃي. سردار سليم جو دماغ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيو هو. پاڻيءَ ۾ گند ڪچرو ئي نه، پر اُلڪ مُلڪ جون هڙئي شيون به لُڙهندي پي آيون. سردار سليم اوچتو پڇيو، ”ڇوڪرؤ! اهو ٻڌايو ته پاڻيءَ ۾ ڀلا ڪھڙيون ڪھڙيون شيون لڙهنديون ٿيون اچن؟ او.... اِهي پَري واريون شيون ڀلا ڪھڙيون آهن؟“

”جي ها.... جي ها!“ نوجوانن گڏجي جواب ڏنو. پريان هڪ شيءِ ٻڏندي، ترندي لڙهندي ٿي آئي. سردار سليم ان ڏانھن اشارو ڪندي پڇيو، ”اها ڀلا ڪھڙي شيءِ آهي؟“

”فوٽ بال!“ هڪ نوجوان هڪدم وراڻيو.

”ڪا گول شيءِ ئي هوندي، ٻيو وري ڇا هوندو.“ هڪ ٻئي نوجوان جواب ڏنو، تنھن تي فضا ۾ ٽھڪ وکري ويا.

هاڻي اها شيءِ صفا ويجهو اچي پھتي هئي. اهو هڪ مُئل ڏاند هو، جيڪو سُڄي گول مٽول ٿي ويو هو. اهو ڌَپَ ڇڏيندو اتان لڙهندو اڳتي هليو ويو.

سردار سليم هڪ ٻي لڙهندڙ شيءِ ڏانھن اشارو ڪيو، ته نوجوان ان کي ڏسي ڌُڪا هڻڻ لڳا. اهڙيءَ طرح اهي هڪ نئين شُغل ۾ مصروف ٿي ويا. پاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي شيون لڙهندي ٿي آيون. اڃان اهي پري ئي هونديون هيون ته نوجوان ڌُڪا هڻڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. جڏهن اهي شيون ويجهو ٿي پھتيون ته پوءِ ئي خبر ٿي پئي، ته ڌُڪو صحيح هنيو ويو هو يا غلط، ٻنھي صورتن ۾ ٽھڪ گونجڻ ٿي لڳا. پوڙهي سردار به انھن ٽھڪن مان مزو ٿي ورتو. پوءِ وري هڪ ٻي گول شيءِ لڙهندي آئي ته سردار سليم پڇيو، ”ڇوڪرؤ! اهي ڪھڙي شيءِ آ ڀلا؟“

هر نوجوان جواب ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.

”منھنجي خيال ۾ ته اهو فوٽ بال آهي يا وري ايرائون (ڪَدُو).“ هڪ نوجوان ٻڌايو.

ٻئي نوجوان جواب ڏنو، ”اهو مئل ڏاند به ٿي سگهي ٿو.“

”مان سمجهان ٿو ته اها ديڳڙي آهي.“ پري ويٺل هڪ نوجوان ڌُڪو هنيو.

مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالھيون. نيٺ اها شيءِ ويجهو اچي وئي. ان کي ڏسي سڀني جا وات پَٽجي ويا. سڀني جا اندازا غلط نڪتا. لکين ڳاڙهين ڪِوِليُن جي هڪ جماعت، ڪنھن وڏي بال جي شڪل ۾ اڳتي لڙهندي ٿي وئي. پوڙهي سردار چيو، ”ڇوڪرؤ! اوهان ڏٺو ته هڪ تازي تواني ڏاند ٻوڏ جي ڇولين جي دَٻَ نه جهلي سگهيو ۽ نيٺ مَري ويو، پر هنن ننڍڙين پتڪڙين ڪِوليُن کي ٻوڏ ڪجهه به نه ڪري سگهي. خبر ٿَوَ، ڇو؟“

سردار سليم نوجوانن ڏانھن سوالي نظرن سان ڏٺو، ڪنھن به جواب ڪونه ڏنو.

”ٻڌايو ته ڇوڪرؤ!“ سردار سليم هڪ ڀيرو وري ٻيھر چيو، پر ڪنھن به موٽ ڪونه ڏني. هُو به ماٺ ٿي ويو. آخرڪار هن پاڻ ئي ماٺ کي ٽوڙيو ۽ چيو، ”اهي ڪِوِليُون به ٻوڏ ۾ ختم ٿي وڃن ها. سندن بچڻ جو ڪارڻ رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو آهي منجهن ٻڌي. ڌيان سان انھن کي ڏسو! اهي ڪيئن نه هڪٻئي سان چنبڙيون پيون آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اچرج جي ڳالھه اها آهي، جو اهي پتڪڙيون ڪِوليُون لُڙهندي به ڪم ۾ رُڌل آهن.“

”ڪم...!؟“ نوجوان ڇِرڪي پيا.

”ها...! ها...!“ سردار کين سمجهائڻ لڳو، ”ڌيان سان ته ڏسو توهان! سڀئي ڪم ۾ مصروف آهن ڪي پاڻيءَ جي سطح کان هيٺ آهن ته ڪي وري مٿي. جيڪي هيٺ آهن، سي هوريان هوريان مٿاڇري تي اچي رهيون آهن ۽ جيڪي مٿي آهن، سي وري هوريان هوريان هيٺائين مٿي پاسي وڃي رهيون آهن. انڪري ٻوڏ کين ڇيھو رسائي نه سگهي آهي. آهن ته اهي ويچاريون ذرڙيون، پر سياڻپ ۽ رٿابنديءَ کين ٻڏڻ کان بچائي ورتو آهي.“

سڀ نوجوان ڪِولين کي ڌيان سان ڏسي رهيا هئا. سندن نظرون ڪِولين جي ان ڇُڳي کان تڏهن هَٽيون، جڏهن اهو اکين کان اوٽ ٿي ويو.

سڀئي ماڻھو الائجي ڪھڙي سوچ ۾ غرق ٿي ويا هئا. سردار سليم کي سندن اها ماٺ ڪونه وڻي. هن سندن ڌيان هڪ ٻي لُڙهندڙ شيءِ ڏانھن ڇڪايو ۽ چيو، ”ڏسون ته هاڻي ڪير ٿو صحيح ٻڌائي.“

هن ڀيري اها شيءِ چؤڪور هئي. اها اڃان ڪجهه پَرڀرو هئي، تنھنڪري ڪوبه ماڻھو اندازو نه ڪري سگهيو. ان چؤڪور شيءِ تي هڪ اڇو داغ ٿي نظر آيو. نوجوان وڏي ڌيان سان ان کي ڏسڻ لڳا. جڏهن اهو ڪجهه ويجهو پھتو ته ڏٺائون ته اهو بورڊ هو، جيڪو پنج فوٽ کن ڊگهو ۽ ٻه فوٽ کن موڪرو هو. فضل چڱڙي دير تائين ان بورڊ تي پنھنجون نظرون ڄمائي رکيون. هن اوچتو پاڻيءَ ۾ گهُت هنئي. سردار سليم ۽ ٻين ماڻھن رڙ ڪئي، ”چريا! اهو ڇا ڪيئي؟ مٿو خراب ٿيو ٿي ڇا؟“

پر فضل چڱڙو اڳتي وڃي چڪو هو، ٻوڏ، جيتوڻيڪ ڪجهه گهٽجي وئي هئي، پر پوءِ به ڇوليون ڏاڍيون تيز هيون. رڳو هڪ بورڊ ڪارڻ پنھنجي جان جوکي ۾ وجهڻ چريائپ نه هئي ته ٻيو ڀلا ڇا هو؟ پاڻيءَ ۾ مانگر مڇ، نانگ، وِڇون ۽ ٻيون ڪي بلائون به ٿي پئي سگهيون. بند تي موجود مڙني ماڻھن رڙيون ڪُوڪُون ڪري فضل کي واپس موٽي اچڻ لاءِ چيو، پر هن ڪنھن جي ڪونه ٻُڌي ۽ مخالف ڇولين سان وڙهندو اڳتي وڌندو رهيو. سڀئي وات پَٽيو ان چرئي کي ڏسندا رهيا.

لڳ ڀڳ هڪ سؤ گز ترڻ کانپوءِ هن بورڊ کي جهلي ورتو، پر تيز ڇولين کي چيري ان کي ڪناري تي آڻڻ ڪو آسان ڪم ڪونه هو. بورڊ هٿ ۾ اچڻ ڪري ماڻھن کي پَڪ ٿي ته هاڻي فضل ڪونه ٻُڏندو ۽ هُو ان کي جهليو اڳتي لُڙهندو رهندو. جيڪڏهن هُو ڪناري تي نه اچي سگهيو ته پوءِ به بورڊ سندس سھارو هوندو ۽ کيس ٻُڏڻ کان بچائيندو.

هاڻي فضل بند کان لڳ ڀڳ ٽي سؤ گز پري هليو ويو هو. هُو ڪناري ڏانھن اچڻ لاءِ تيز ڇولين سان ويڙهاند ڪري رهيو هو. ڇولين ۽ انسان جي اها لڙائي ائين ٿي لڳي ڄڻ ٻه زبرا پھلوان هڪٻئي سان ليٽ پيٽ هجن. جڏهن فضل ڏٺو ته هو بند کان گهڻو پَرڀرو نڪري آيو آهي ۽ تَري ڪري بند تائين بورڊ کي کڻي وڃڻ ڏکيو آهي، ته هن پوري سگهه سان بليڪ بورڊ کي ڪناري ڏانھن اُڇلايو.

بورڊ ڏهاڪو کن گز پَرتي وڃي ڪِريو. فضل تيزيءَ سان هٿ پير هڻندو لڙهندو اڳتي وڌي وڃي ها، هڪدم ان کي پَڪڙي ورتائين. پوءِ ان کي گهليندو ڪناري تي کڻي آيو. ٻن ٽن نوجوانن بورڊ کي ٻاهر ڪڍيو. فضل ڏاڍو سَھڪي رهيو هو. نوجوانن پنھنجن هٿن جو سھارو ڏئي کيس بند تي چاڙهيو. سردار سليم جي چھري تي ڳڻتي ڇانيل هئي. هن ڏاڍي نرميءَ وچان چيو، ”ڇوڪرا! تو اها ڪھڙي چريائپ ڪئي؟ هڪ بورڊ لاءِ جان تِريءَ تي رکي پاڻيءَ ۾ لَھي پئين!“

”چاچا سردار! هي بورڊ ناهي، اهو اسان ماڻھن جي جان آهي، جان! اهو اسان جو روح آهي، روح چاچا!“ فضل جواب ڏنو ۽ پوءِ نوجوانن ڏانھن مُڙندي چيائين، ”بورڊ هيڏي کڻي اچو.“ نوجوان هڪدم اهو کڻي آيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org