|
مخدوم سليم الله صديقي

امام الاولياء خواجه محمد سعيد مڪي قدس سره
جڏهن پاڻ 33 ورهين جا هئا ته والد محترم خواجه
محمد حسن مدني رحه سان حج جي سعادت
لاءِ روانا ٿيا. صقال الضمائر موجب اهو 1879ع جو
سال هو. دورانِ حج حضرت خواجه رحمة الله عليھ جن
وصال فرمايو. کين جنت البقيع ۾ مدفن نصيب ٿيو.
جنھن بعد خواجه محمد سعيد رحه جڏهن وطن
وريا ته درگاهه لنواري شريف جي روايتن پٽاندر کين
19 جون 1881ع تي مسند شريف تي ويھاري دستاربنديءَ
جي رسم سرانجام ڏني وئي.
وريو وري واءُ، ويلا نه مٽن واٽ،
گهوڙا جن گهاٽ، گهوٻيون هڻن ڪينڪي.
(سليم)
پاڻ تصوف جي گهرائين سان ته واسيل هئا. پر شريعت
جي پاسداري ۽ سنت کي سنوارڻ جي ڪيفيت ۾ پڻ سرشار
رهندا هئا، مانواري سائين پنج وقتي نماز جي امامت
کانسواءِ نفلي عبادت ۽ ذڪر و اذڪار سان گڏ، علمي
گڏجاڻين ۽ محفلن کي به جاري رکيو. سندن حياتيءَ جو
دور هونئن ته غير مسلم تسلط ۽ انگريز راڄ جو زمانو
هو، پر پوءِ به پاڻ دين جي آبياري ۽ عام مسلمان جي
تعليم ۽ بھبود لاءِ هر ممڪن ڪوشش وٺندا رهيا. پاڻ
هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي مدرسن جي آبياريءَ ۾ هٿ
ونڊايو پر مسلمانن جي تعليم لاءِ تاريخي ڪاوش ”سنڌ
مدرسة الاسلام“ جي قيام وقت، امام الاولياء پنھنجي
حج لاءِ سھيڙيل رقم ان اداري جي تعمير ۽ ترويج
لاءِ جمع ڪرائي، جڏهن ته حج تي وڃڻ لاءِ ان سال
بجاءِ ايندڙ ڀيري کي ڀليڪار چيائون. پاڻ پنھنجي
حياتيءَ ۾ ڪل ڇھه حج ادا ڪيائون. انھيءَ ڏس ۾ سندن
سفري ڪاوشون عشق ۽ محبت جو عظيم مثال آهن.
اولياء عظيم خواجه محمد سعيدرحه ادبي
دنيا ۾ پڻ پنھنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. پاڻ نه صرف
نثر ۾ تحريرون ڇڏيون آهن، پر پنھنجي دور جا
قادرالڪلام شاعر به هئا. پاڻ ٽن ٻولين عربي، فارسي
۽ سنڌيءَ ۾ شعر چيائون. بزبان فارسيءَ ۾ سندن
”ديوان سعيد“ آهي. سندن دلي رجحان مولانا روميرحه
۽ ابن عربي ڏي رهيو. پنھنجي والد جي خواهش تي پاڻ
مولانا رومي جي شعرن جي تشريح ۽ تتبع تي پڻ شعر
چيائون، سندن شاعريءَ ۾ عشقِ رسول صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن جو رنگ پڻ روشن آهي.
مانواري سائين نه صرف پنھنجي ڪردار ۽ گفتار ذريعي
علم ۽ ادب جي آبياري ڪئي، پر سندن نثري ڪاوشون پڻ
روشن لاٽ جيان رهنمائي ڪنديون رهن ٿيون. هت سندن
ڪجهه اهم تحريرن جو مختصر ذڪر بي مھل نه ٿيندو:
(1)
صقال الضمائر والمسامرة المرآئر: بزبان فارسي سندن
هي تحرير 1886ع ۾ تاليف ٿي، ان ۾ پنھنجي والد
محترم حضرت شاهه مدنيرحه جا مفلوظات
قلمبند ڪيا اٿن.
(2)
ديوان سعيد: هن ۾ حضرت جن جا فارسي شعر آهن هي
ديوان 1989ع ۾ شايع ٿيو، ديوان سعيد جو سنڌي ترجمو
حافظ عبدالرزاق مھراڻ سڪندري ڪيو جيڪو 2009ع ۾
شايع ٿيو.
(3)
رفع الظنون السيئة عن الائمة العلية (فارسي): تصوف
جي نقشبنديه سلسلي متعلق سوال جواب جو مجموعو آهي.
(4)
رساله معرفت نامه: معرفت جي هن رسالي ۾ سلوڪ جي
منزلن جي وضاحت بزبان فارسي نظميه انداز ۾ بيان
ڪيو ويو آهي.
(5)
معرفت نامو: حضرت صاحب جن جو هي شعري مجموعو
بزبان سنڌي شعرن تي مشتمل آهي.
(6)
خطبه جمع مبارڪ: حضرت خواجه سعيد مڪي قدس سره
بزبان فارسي ۽ عربي نثر ۽ نظم ۾ جمعي جي خطبن
متعلق تحرير ڪيو آهي.
(7)
اصلاحات سعديه: هن تحرير ۾ خواجه صاحب صوفيانه
اصلاحات جي بزبان فارسي ۾ تشريح ڪئي آهي.
(8)
فتويٰ سعديه: فقھي حوالي سان پڻ سندن جامع تحريرون
مختلف عنوانن تحت لکيل آهن. جيڪي بزبان عربي ۽
فارسيءَ ۾ ڪتابت ٿيل آهن. جيئن بعنوان (1) فتويٰ
آخر ظھر بعد جمع، (2) فتويٰ جواز دهل، عرس (3)
ميلاد النبيصه جي جواز ۾ وغيره،
(9)
هن اللهج جي وليءَ ڪيترن ئي ڪتابن جا
حواشيه ۽ شرحون پڻ تحرير ڪيون جيئن:
(1) فيوضات اللواريه پاڻ هيءَ شرح بزبان عربي ابن
عربي جي مشھور تحرير تنزلات الموصلية جي تحرير
ڪئي.
(2) شرح تڪملة ورد محمدي: سيد نور علي شاهه جي
تحرير ”الورد المحمدي“ تي بزبان فارسي حواشيه ۽
شرح تحرير ڪئي.
(3) شرح ابيات سنڌي: حضرت جن جي هڪ اهم تحرير شرح
ابيات ”نڪات صوفيه“ المعروف ”شرح البيات سنڌي“ تي
شرح ۽ حاشيا تحرير ڪيا.
(4) لذت الوصل علي فتح الفضل (فارسي): شيخ
عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي عربي ڪتاب ”فتح الفضل“ جي
فارسي شرح ”الورد المحمدي“ واري حصي جي شرح آهي.
وصال مبارڪ:
حضرت امام الاولياء خواجه محمد سعيد قدس
سره جڏهن حياتيءَ جي آخري حج جي ادائگي ۾ مشغول
هئا ته مڪي مڪرمھ ۾ سندن طبيعت سخت ناساز ٿي وئي.
پاڻ 2 محرم الحرام 1324هه/ 26 فيبروري 1906ع بروز
سومر جي هن دارالفنا کي الوداع چيو، کين جنت
المعليٰ ۾ دفن ڪيو ويو.
”وريو ورن واٽ، واندا ويھن ڪينڪي،
نه ڪي چورن چپ، نڪي ڏسين گهاٽ،
هاءِ حياتيءَ لاٽ، لھيو وڃي سمونڊ ۾.
(سليم)
ڊاڪٽر نور افروز خواجه

ديوان ولي رام ولڀ
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سوئي ڪن
ديوان ولي رام ولڀ، سنڌ جو هڪ وڏو اديب ٿي گذريو
آهي، هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ سٺو
اديب، شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار، سوانح نگار،
تبصره نگار، نقاد ، ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار به رهيو
آهي. هو ٿرپارڪر ضلعي جي شھر مٺيءَ ۾ 16 مارچ
1941ع ۾ پيدا ٿيو. هُن پرائمري تعليم پنھنجي ئي
شھر مٺيءَ مان ورتي، پوءِ سيڪنڊري تعليم لاءِ
ميرپورخاص ويو، جتي 1959ع ۾، ميرپور ضلعي جي لوڪل
بورڊ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.
حيدرآباد جي سچل سرمست ڪاليج مان 1964ع ۾، بي.اي
جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1967ع
۾، ايم.اي اردو ۽ 1969ع ۾، ۽ ايل.ايل.بي (جناح
لاڪاليج حيدرآباد) 1971ع ۾، ايم.اي سوشيالاجي ۽
1999ع ۾، ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس ڪيائين.
ولي رام پنھنجي روزگار جي شروعات ٻيلي کاتي ۾ ڪلرڪ
مقرر ٿيڻ سان ڪئي، پوءِ کپري، ميرپورخاص، ڪراچي،
حيدرآباد ۾ نوڪريون ڪندي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ
مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو.
ولي رام هڪ خاموش طبيعت رکندڙ، گهٽ ڳالھائڻ وارو،
هر وقت پنھنجي ڪم ۾ رُڌل هوندو هو. هو پنھنجي علم
۽ ڄاڻ مان هر ڪنھن جي مدد ڪندو ۽ رهنمائي ڪندو
رهندو هو. مون جڏهن پنھنجي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز جو ڪم
پئي ڪيو، تڏهن تڏهن مون کي سڀ کان وڌيڪ انڊيا مان
آيل ناول ولي رام ۽ شوڪت شورو ڏيندا رهندا هئا ۽
مون کي گائيڊ ڪرڻ سان گڏ، مون کي مختلف مشورا به
ڏيندو رهندو هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا، پنھنجي
ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا جديد ۽ ترقي پسند نثرنگار“ ۾
ولي رام ولڀ بابت لکيو آهي ته:
”سنڌ جو هي صوفي منش انسان، پنھنجي طبيعت جي
ناچاڪي هوندي به، باقاعدگيءَ سان مسلسل لکندو رهي
ٿو. هو هڪ خاموش ۽ گوشه نشين ليکڪ آهي. سندس ايتري
ساري ادبي جاکوڙ جي باوجود، هو پاڻ پڏائڻ ۽ پنھنجي
پبلسٽي ڪرڻ وارن اديبن، نقادن مان نه آهي. هو هڪ
نھايت ئي نھٺو، ماٺيڻو، نوڙت ڀريو ۽ خاموش ليکڪ
آهي، جيڪو دائما لکندو رهندو آهي، سندس لکيل ادبي
مواد شايع ڪرڻ لاءِ پبلشر خود وٽس هلي ايندا هئا.
(ص 631)

ولي رام جو، سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي، هو وڏي
مطالعي وارو اديب هو. هو سنڌي، اردو، انگريزي،
هندي، سنسڪرت، گجراتي، سرائڪي، پنجابي ۽ ڍاٽڪي
ٻوليون ڄاڻندڙ هو. هن سنڌي زبان ۾ ڪيترائي طبعزاد
ڪتاب لکيا ۽ ترجمو به ڪيا، انھن ۾ خاص طور تي
ناول، مختصر افسانا، تاريخ، فلسفي، مذهبي ڪتاب،
ڊائريون ۽ آتم ڪٿا، سوانح عمريون به لکيون آهن ۽
ترجمو به ڪيون آهن، پاڻ پھرين آتم ڪٿا ”مون وٽ نڪا
پيتي، نڪو ڪُلف ڪنجي“، 2004ع ۾ شايع ڪرايائين. ولي
رام ولڀ سنڌي ادب ۾ لکڻ جي شروعات ترجمن سان ڪئي،
سندس پھرين ترجمو ڪيل ڪھاڻي
”بھشت ۽ دوزخ“ هئي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ امرتا پريتم
جو پنجابي ناول ”بند دروازو“ 1978ع ۾، قرة العين
حيدر جو ناول ”سيتاهرن“ 1977ع ۾، ڪرشن چندر جو
مشھور ناوليٽ ”غدار“ 1968ع ۾، البرٽ ڪاميو جو ناول
”ڌاريو“، 1993ع ۾، قرة العين حيدر جي اردو تان
ترجمو ڪيل ناول ”پوئين پھر جا پانڌيئڙا“ 2000ع ۾،
”سمھيل پاڻي“
2015ع ۾، هندي ناول جو ترجمو ”ڇِتن ڪُتن جو
مسيحا“، ۽ ”ڪارو ڪتاب“، عابد سورتي جي ڪھاڻي جي
امرتا پريتم جي پنجابي ناول وغيره تان ترجما ڪيا.
انھيءَ کان علاوه هن ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ترجمو
ڪيون ۽ ترتيب ڏنيون، جيئن ”ٽينءَ دنيا جون
ڪھاڻيون“ 1980ع ۾، ”ٿڪل سريت ۽ ٻيون ڪھاڻيون“
1983ع، ”ديس ديس جون ڪھاڻيون“ پنجن جلدن ۾، ”نيڻ
تارا“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون 2003ع ۾، ”مٺڙا ڀاءُ“ 2006ع
۾، ”پرڏيھي ڪھاڻيون“ 2011ع، ”ليڪا نه اورانگهڻ
جھڙا“ وغيره ڪھاڻيون ترجمو ڪيون.
ولي رام هڪ سٺو شاعر به هو ۽ هن شاعريءَ جي ڪتابن
جا ترجما به ڪيا آهن. ”اُڏارون آڪاس ۾“، ”مٺڙا
ڀاءُ“ 28 ٻولين ۾، شمشيرالحيدريءَ جي شاعريءَ جي
مجموعي ”لاٽ“ جو اردو ترجمو ڪيو. ان کان علاوه
(آتم ڪھاڻيون ۽ جيون ڪٿائون خط ۽ انٽرويو) وغيره
شايع ڪرايا. سندس احمد نديم قاسمي 1977ع ۾، اردو
۾، سدا ساوا پن 1984ع ۾، ”مکاميلو“ (انٽرويو)
”سنھڙا خط“، ”گيتا جو اڀياس“، ترجمو (فلسفو ۽
مذهب) ”من جي شانتي“ هنديءَ مان ترجمو (ايڊٽ ۽
ترتيب ڏنل ڪتاب ۽ رسالا) سنڌي ٻوليءَ جو گرامر
وغيره شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ سھڻي، عالمي ادب،
سنڌي ساهت، آرسي پبليڪيشن، ٻار سنڌي ڪھاڻيءَ ۾،
سنڌي ادب پريم ساگر جو ”سامي نمبر“، ظفر حسن جي
ڊائري وغيره جي ايڊيٽر جي حيثيت کانسواءِ سنڌي
ٻاراڻو ڪتاب، سنڌي ڇھون ڪتاب وغيره. ”جانورن جي
عجيب دنيا“، ”ماءُ ٻارن کي ڪيئن سڌاري“ مضمون ۽
مقالا وغيره لکيا.
ولي رام ولڀ کي، سنڌي ادب جي خدمتن ۽ ماهر ترجمي
نگار، ڪھاڻيڪار، نقاد، تبصره نگار، خاڪا نويس کان
علاوه ڪتابن کي مرتب ڪرڻ، ايڊيٽوريل لکڻ، تحقيقي،
تنقيدي ۽ ٻين ادبي ڪاوشن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ
۽ شيلڊ مليا آهن. جيئن سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽
ٽورازم کاتي طرفان 2009ع ۾ اعليٰ ادبي ايوارڊ،
غفار قليچ ايوارڊ 1989ع، شھيد محمد فاضل ايوارڊ،
ڀڳت ڪنول رام شيلڊ، سوجهرو ايوارڊ، پرائيڊ آف
پرفارمنس 2003ع، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع،
سنڌي ادب نيشنل ايوارڊ جئپور، سنڌي لئنگويج اٿارٽي
پاران ”پرڏيھي ڪھاڻيون“ تي نقد انعام، لائيف
اچيومينٽ ايوارڊ 2012ع، صدرارتي ايوارڊ براءِ حُسن
ڪارڪردگي 2015ع وغيره حاصل ڪيا.
ولي رام هڪ سٺو تبصره نگار به رهيو آهي، پاڻ ڪيترن
ئي ڪتابن تي تبصرا ڪيا آهن، جن ۾ منھنجي پي.ايڇ.ڊي
جي ٿيسز ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ بابت
پڻ تبصرو ڪندي لکيو آهي.
”ورهاڱي کان پوءِ“ 1994ع تائين، اڌ صديءَ واري
عرصي دوران رونما ٿيل سياسي، سماجي، ثقافتي ۽
اقتصادي تبديلين ۽ انھن جي سنڌي سماج ۽ ثقافت تي
ٿيل اثر جو جائزو ورتو آهي. جنھن تي ادبي تحقيق جي
نقطه نظر کان ڪو خاص ڪم ٿيل نه هو، اڳتي لکن ٿا ته
مون کي پڪ آهي ته هي تحقيقي ڪم، سنڌي ماڻھن جي
نفسيات ۽ سندن نفسياتي لاڙن، جبلتن ۽ ڪيفيتن توڙي
سنڌي زبان، اُن جي حسن بياني ۽ اَسلوب، چوڻين،
پھاڪن سنڌي نثر جي صنفن ۽ انھن جي اڀياس ۾ گهڻو
مددگار ثابت ٿيندو.
ولي رام ولڀ جي ترجمو ڪيل ناولن جو جائزو :
ولي رام قرت العين حيدر جي ناوليٽ جو 1977ع ۾
ترجمو ڪيو. هن ناوليٽ جي ترجمي جو سبب ڄاڻائيندي
لکي ٿو ته:
”سيتاهرن ۾ فن جون بنيادي ڌارائون“، هڪ هنڌ ڏسڻ ۾
اچن ٿيون، جنھن ڪري اهو ناوليٽ شاهڪار حيثيت رکي
ٿو. هن ناوليٽ جو ڪينواس، جاگرافيائي، تاريخ ۽
تمدن طور تي وسيع آهي. جنھن ۾ هندستان جي عظيم
رزميه شاعريءَ ”رامائڻ“ جي واقعن کي سسٽم ريفرنس
System References
بنائي پيش ڪيو ويو آهي.“ هي
ناوليٽ سيتاهرن پنھنجي وطن مان لڏڻ جي تجربي جي
جذبي تحت لکيو آهي. تھذيب جي مٽجڻ، لکين ماڻھن جو
ڏتڙجڻ، جلاوطن ٿي بي گهر ٿيڻ، خوبصورت عورت جي
محبت جو ڏکائيندڙ ڪلائمڪس ۽ انسان پرستي هن ناوليٽ
جا خاص موضوع آهن، ولي رام هن ناوليٽ جي باري ۾
اڳتي لکيو آهي ته:
”سيتاهرن جي جذباتي محرومي، هن ناوليٽ جي دل آهي،
اها محرومي هڪ ماءُ جي محرومي آهي، هڪ زال جي
محرومي آهي ۽ ساڳئي وقت جنم ڀوميءَ کان به محرومي
آهي. جيڪا ليکڪا پنھنجو وطن ڇڏي پرديس ۾ اچي محسوس
ڪئي هئي ۽ سيتا جي ڪردار ۾ سموئي تاريخ جي فريم ۾
رکي، موضوع ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ڪئي اٿس، هن
ناوليٽ ۾ هندستان جي مسلمانن ۽ هندن کي هڪ ئي
ثقافت جا حامي ڏيکاريل آهي. هندن ۽ مسلمانن جي
عبادت جي طور طريقي، ريتن رسمن ۽ اهم ڏينھن ۾ ظاهر
تعاون ڏيکاريل آهي. پر سندس بنيادي مقصد اصل ۾ هڪ
ئي هو.“
قرة العين جي ناوليٽ ۾ انسانيت پرستي ۽ ترقي پسندي
جي ڪشمڪش ۽ لھجو مايوس ڪندڙ آهي، سندس لکڻيون،
ترقي پسند تحريڪ جي اوساري جي حيثيت رکن ٿيون،
بھرحال هن ناوليٽ جو موضوع نئون ۽ نرالو آهي ۽ هي
جديد فڪري لاڙي ۽ نظريي مطابق لکيل آهي. فني سٽاءَ
جي لحاظ کان هي هڪ ڪامياب ناوليٽ آهي، ۽ ولي رام
هن جو ترجمو به بھترين عبارت ۾ ڪيو آهي، جيڪو
ترجمو نه پر اصلي لکيل ناوليٽ محسوس ٿئي ٿو.
غدار: هيءُ ناوليٽ ڀارت جي مشھور ناول نگار ڪرشن
چندر جو لکيل آهي، جنھن جو ولي رام 1968ع ۾ ترجمو
ڪيو. هيءُ ناوليٽ تمام گهڻو مقبول ٿيو. ڪرشن چندر
عالمي نظريي جو حامي آهي، عالمي امن ۽ انسانن جو
روشن آئيندو، سندس دائمي فڪرن ۾ شامل رهيا آهن. هو
بنيادي طور تي ڏتڙيل انسانن جي سلامتي ۽ بھبوديءَ
جو علمبردار آهي پوءِ چاهي اهو هندو هجي يا
مسلمان، سک هجي يا عيسائي، ڪرشن چندر جي ڏتڙيل ۽
هيسايل، ٿڪل ۽ ماندا ٿيل ۽ وياڪل ڪردارن جي
اُجهاڻيل اکين ۾ مستقبل جي روشني انھن جي چپن تي
اُميدن جي مُرڪ هوندي آهي. هڪ هنڌ پاڻ لکي ٿو ته:
”منھنجي ذهن ۾ ڏکن، ڏاکڙن جا ڊگها پاڇا ايندا آهن،
پر مان انھن کي اُميد جي روشني سان پُر ڪندو
آهيان، ڇو ته انسان جو آئيندو روشن آهي.“
ڪرشن چندر جو هيءُ ناوليٽ 1947ع جي پسمنظر تي لکيل
آهي، جڏهن هر طرف خونريزي قتل و غارت، لُٽ مار،
تباهي ۽ بربادي، هڪٻئي جي خون سان پنھنجا هٿ رڱڻ،
دين ڌرم جي نالي سان انسانيت کي اگهاڙو ڪرڻ، مظلوم
انسانن جي بي انتھا ڏکن ۽ تڪليفن جو کلي عام
مظاهرو هو، هن ۾ انھن سڀني وارداتن جو هڪ مڪمل
جائزو پيش ڪيل آهي، هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”منھنجي
چئني طرف لاش ئي لاش، پيا هئا، ڪراڙن جا لاش،
جوانن جا لاش، عورتن جا لاش، ٻارن جا لاش، اُبتا
لاش ”سبتا لاش“ ..... لاش جيڪي زندگيءَ جو سمورو
زهر پي ويا ۽ هميشه لاءِ سمھي پيا.“ ڪرشن چندر جو
هيءُ ناول هڪ ڪامياب ناول آهي، فني لحاظ کان هي
خود ڪلامي
Monolog
وارن ۽ شعور جي روءِ
Stream of Consciousness
۾ لکيل آهي.
ولي رام جي ترجمو ڪيل ناولن جي خاص خوبي اها آهي
ته هن جيڪي به ناول ترجمو ڪيا آهن، اهي جديد دور
جي نون رجحانن ۽ لاڙن مثلاً: وجوديت، ترقي پسندي،
شعور جي روءِ وغيره ۾ لکيل آهن. ولي رام جو ترجمو
ڪيل ناول ”ڌاريو“، البرٽ ڪاميو جي فرينچ زبان تان
ترجمو ڪري 1993ع ۾ شايع ڪرايو، اهو به وجوديت جي
نظريي تي لکيل آهي.
ولي رام جي ترجمو ڪيل ناولن ۽ ڪھاڻين کي جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته انھن جي خاص خوبي اِها آهي ته سندس
ترجمي جي ٻولي، ٻوليءَ جا محاورا ۽ مجاز بلڪل سنڌي
ٻوليءَ وارو اصلوڪي ٻوليءَ جو گمان ٿئي ٿو. اهي
ترجما بلڪل ئي نه ٿا لڳن بلڪه اصلوڪا لکيل ناول
محسوس ٿين ٿا. ولي رام جي انھيءَ ترجمي جي خوبين
کي ڪيترن ئي وڏن اديبن، عالمن ۽ نئين ٽھيءَ جي
نوجوانن ساراهيو آهي. خاص طور تي سندس ڪردارنگاري،
ماحول جي عڪاسي حقيقت بياني ۽ طرز ادا خاص خوبيون
آهن. هو اعليٰ پايي جو ترجمي نگار هو، سندس انھن
ئي خوبين جي ڪري کيس اڄ به اهم مقام حاصل آهي. ولي
رام 29 آڪٽوبر 2023ع تي هن دنيا مان موڪلائي ويو
آهي، پر سندس ڪيل علمي، ادبي خدمتن جي ڪري کيس
هميشه ياد ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

قانون
سازي جو سفر
(A. Legislative Odyssey By: Dr Karim Ahamed
هن ڪتاب تي ”عام لھجي“ ۾ تبصرو ڪرڻ انھيءَ ڪري
مشڪل آهي ته هي خاص زبان ۾ لکيل آهي. خاص زبان مان
مراد خاص ٻولي نه آهي، پر خاص لغت
(Diction)
آهي. جھڙيءَ طرح اسان وٽ ميڊيڪل جون ڳالھيون ڪھڙي
به ٻوليءَ ۾ لکيل هجن پر انھن جي سمجهڻ لاءِ مخصوص
ميڊيڪل لغت (ڊڪشنري) جي ضرورت پوي ٿي، اهڙيءَ طرح
هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ اسان کي قانون جي لغت جي
ضرورت پوي ٿي. اهوئي سبب آهي ته هن ڪتاب تي اگر
علمي تبصرو ڪبو ته انھيءَ کي سمجهڻ لاءِ اسان کي
وري قانون جي لغت جي ضرورت پوندي جيڪا ڳالھه عام
پڙهندڙ لاءِ وري نوان مونجهارا پيدا ڪندي. تنھنڪري
هن سڄي مرحلي کي سلجهائڻ لاءِ اسان کي نئين علمي ۽
ادبي راهه وٺڻي پوندي.
هن نئين علمي ۽ ادبي راهه وٺڻ لاءِ خود ڪتاب جي
مصنف محترم ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه صاحب (سابق
سينٽير) اسان جي گهڻي مدد ڪئي آهي، جيئن خواجه
صاحب پاڻ لاڙ جي عوامي خمير واري سادي مزاج جو
انسان آهي. هو هڪ علمي، ادبي ۽ سياسي گهراڻي جو
چشم و چراغ آهي. پنھنجي علمي، سماجي ۽ سياسي حيثيت
کان بي نياز پاڻ هميشه عوام جو خدمتگار رهيو آهي.
سندس زندگي جو محور ئي انساني خدمت آهي انھيءَ ئي
نظريي تحت پاڻ هيءُ ڪتاب تحرير ڪيو اٿس. هن موضوع
تي سنڌي زبان ۾ مشڪل سان ڪا هڪ اڌ تحرير ملي ٿي.
اِهوئي سبب آهي جو اسان جو عام تعليم وارو ماڻھو
به قانون جي هنن پيچيده رستن کان ئي پري آهي.
هيءُ ڪتاب صحيح معنيٰ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي پنھنجي ’آتم
ڪھاڻي‘ جو حصو آهي جنھن لاءِ سينٽ جي سابق چيئرمين
محترم سيد نير حسين بخاري تمام اهم ڳالھه ڪئي آهي
ته ”هيءُ ڪتاب نه صرف (سينٽ ۽ ادب جي) تاريخ جو
حصو آهي، پر نوجوان نسل لاءِ هڪ رهنما آهي جيڪو
سينيٽ (مٿاهين پارليامينٽ) جي ڪمن بابت سمجهاڻي ڏي
ٿو، يا سينيٽ جي ڪمن جو صحيح معنيٰ ۾ شارح آهي.“

هن ڪتاب کي مختلف بابن ۾ تقسيم ڪري پوءِ هرهڪ باب
۾ خواجه صاحب پنھنجي سينيٽ جي عرصي 2012ع کان
2018ع تائين جي ڪمن جو تفصيل ڏنو آهي. اچو ته انھن
ڪمن تي هڪ طائرانه نظر وجهون ۽ قانون جي ٻوليءَ کي
عام فھم لفظن ۾ سمجهون.
پھرئين باب ۾ خواجه صاحب طرفان جيڪي بِل سينٽ مان
پاس ٿيا آهن، انھن جو ذڪر ٿيل آهي. بل
(Bill)
اهو قانوني مسودو آهي، جيڪو حڪومت يا قانون ساز
اداري (پارليامينٽ) اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي. بحث
مباحثي ۽ ووٽنگ کان پوءِ صدر يا گورنر ان جي
منظوري ڏني، ته اهو قانون
(Act)
بنجي ويندو، يعني بل جي حتمي منظوري ملي ته اهو
ائڪٽ چئبو.
هن باب ۾ جن به پاس ٿيل بلن
(Bills)
جو ذڪر آهي اهي نه صرف عوامي ڀلائي جا عام بل آهن،
پر خود ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ ذوق ۽ شوق جي علامت پڻ
آهن. مثال طور يتيم ٻار جيڪي اڃان صغير آهن انھن
جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ پاس ڪيل بل. اهڙي طرح
خودڪشي کان بچي ويندڙن لاءِ سخت سزا جي قانون کي
منسوخ ڪرائڻ جو بل ۽ جنس مخنث جي حقن جي حفاظت جو
بل. ساڳي طرح معذور ٻارن جي بحالي جا مرڪز قائم
ڪرڻ جو بل ۽ جانورن سان ٿيندڙ ظلم کي ڏوهه مڃڻ ۽
ان جي لاءِ سخت سزا جي مقرر ڪرڻ جو قانون ٺاهڻ.
مطلب ته پھرين باب ۾ بلن جا موضوع ۽ انھن کي قانون
(Act)
جي شڪل ڏيڻ وارا موضوع ڊاڪٽر صاحب جي سماج ۾
دلچسپي جي سطح کي ظاهر ڪن ٿا ۽ سندس مزاج جي
نزاڪتن جي گواهي ڏين ٿا.
ٻي باب ۾ سائبر ڪرائيم جھڙي شخصي عذاب جي خلاف بل
۽ ٻولين يا رسم الخط جي تحفظ لاءِ اداري جي قيام
جو بل ۽ بين الاقوامي قانون جي بل 2016ع جي لاءِ
نيشنل ڪميشن متعارف ڪرائڻ.
اهڙي طرح قانوني ترميمات جي 2016ع جو بل، جنھن تحت
پاڪستان جي مقامي ٻولين جھڙوڪ سنڌي، پنجابي، پشتو،
سرائڪي، براهوي ۽ هندڪو کي قومي ٻوليون قرار ڏنيون
وڃن.
اها ڳالھه تاريخي ۽ آئيني طور سچ آهي ته سنڌي زبان
کي ’قومي‘ زبان قرار ڏيڻ لاءِ، سنڌ ۾ مختلف اسٽيجن
تان آواز بلند ٿيندا رهيا آهن ۽ نظر انداز ٿيندا
رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ان بلند ٿيندڙ آوازن کي
غلط طريقي سان سوچي سمجهي پڙهڻ سبب ڏوهه به سمجهيو
ويو آهي پر قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ
۾ هن اهم بل کي قانون قرار ڏيڻ لاءِ جيتريون به
ڪوششون ٿيون آهن، ڊاڪٽر ڪريم خواجه صاحب جو ان ۾
اهم حصو آهي. دنيا ۾ ٻيون ٻوليون ڪيئن قومي ٻوليون
قرار ڏنيون ويون آهن ۽ مقامي ٻوليون ڪيئن قانوني
طور قومي ٻوليون قرار ڏجن ٿيون ۽ ائين قومي ٻوليون
قرار ڏيڻ ٻولين جي بقا جي ڪيئن فائدي ۾ آهي. اسين
ان طويل بحث کي پاسيرو رکي خواجه صاحب جي 2016ع جي
هن ترميمي بل تي کين مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ۽
پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب مطالع ڪرڻ جو مشورو ڏيون ٿا.
هن ئي باب ۾ ٽن اهڙن بلن جي ترميم، ياد دهاني يا
نون آرٽيڪل متعلق به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي عوام
جي بنيادي حقن بابت آهن، رياست کي ڌيان ڇڪايو ويو
آهي ته سڀني شھرين کي مناسب کاڌو، رهائش، صاف پاڻي
۽ صحت جون مڪمل سھولتون فراهم ڪيون وڃن، پاڪستان
جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن، پاڻي جي
ذريعن واري پاڪستان جي تحقيقي اداري جي تعارف واري
2017ع جي ترميمي بل ۾ مذڪوره ڳالھين جو ذڪر ڪيو
ويو آهي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي تي زور پڻ ڏنو ويو
آهي.
مٿئين ذڪر مان هيءَ ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته هِن باب
۾ خاص طور مختلف بلن جي ترميمن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي.
محترم فرحت الله بابر صاحب (سابق سينيٽر ۽ سابق
سيڪريٽري جنرل پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين
2021ع) ڪتاب جي ابتدا ۾ پنھنجي مضمون ۾ تمام سٺيون
ڳالھيون لکيون آهن. سندس چوڻ آهي ته
”پارليامينٽرين جو بنيادي ڪم قانون سازي آهي.
پاڪستان جھڙي سياسي ڍانچي واري ملڪ ۾ هڪ پرائيوٽ
ميمبر لاءِ هيءُ قانون سازي ڪافي مشڪل آهي. پوءِ
به خواجه صاحب ڪجهه موضوعن جو انتخاب ڪري ۽ اهڙن
بلن کي، قانون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ ڪجهه بل
وري پارليامينٽ جي جوائنٽ سيشن طرف موڪليا ويا.“
محترم فرحت الله بابر صاحب اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته
”ڊاڪٽر ڪريم خواجه صاحب جي دلي خواهش هئي ته
’آئيني ڪورٽ‘ قائم ڪئي وڃي جنھن جو ذڪر ’چارٽر آف
ڊيموڪريسي‘ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪو چارٽر 2006ع ۾
لنڊن ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ميان محمد نواز
شريف جي درميان صحيح ڪيو ويو هو. خواجه صاحب لاءِ
اِها ڳالھه ڪنھن صدمي کان گهٽ نه هئي، ته اهو
چارٽر سينيٽ ۾ هڪ طويل عرصي تائين پيش نه ڪيو ويو
۽ آخر ۾ خارج ڪيو ويو، جنھن جو اظھار هن پنھنجي
الوداعي تقرير مارچ 2018ع ۾ ڪيو آهي، هو پوءِ به
پُراميد رهيو ته مستقبل ۾ فيڊريشن کي اهڙي آئيني
ڪورٽ جي ضرورت محسوس ٿيندي.“ محترم بابر صاحب موجب
”خواجه صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي جيڪو هڪ ماهر
نفسيات به آهي ته قانون ساز ۽ ادبي شخصيت به آهي،
پر ان کان مٿي هڪ سٺو انسان پڻ آهي.“
هن ڪتاب جو ٽيون باب ريزوليشن (قراردادن) جو آهي.
ريزوليشن جو مطلب هڪ مشورو يا اهڙي درخواست آهي
جنھن تي ڪنھن مسئلي جي باري ۾ راءِ ظاهر ڪئي ويندي
آهي، پر ڪاروائي ڪرڻ لازمي نه هوندي آهي. پوءِ
ڪنھن ريزوليشن کي قبوليت جو شرف ملندو آهي ته ڪا
قرارداد وري نامنظور ٿي ويندي آهي. مثال طور خواجه
صاحب راءِ ڏني
(Resolution)
ته شادي کان پھرين گهوٽ ڪنوار جون هيپيٽائٽس بي،
ايڊز
(Aids)
۽ ٿئليمسيميا جون رت جون رپورٽون ڪرايون وڃن. سندن
هن راءِ کي ايوان منظور ڪونه ڪيو. ٻي طرف جيڪي
قراردادون منظور ٿيون انھن ۾ هندن کي ڏياري جو ڏڻ
ملھائڻ جو قانوني حق ڏيڻ، بزرگ شھرين لاءِ شيلٽر
هائوس قائم ڪرڻ، اسلام آباد ۾ يتيم خانو قائم ڪرڻ،
ماحولياتي آلودگي تي توجهه ڏيڻ، سمنڊ جو پنھنجي
ڪنارن طرف جيڪو رويو
(Encroachment)
آهي ان کي سمجهڻ ۽ ان جي روڪٿام طرف توجهه ڏيڻ ۽
ملڪ ۾ ’قومي سائنسي عجائب گهر‘ جو قيام عمل ۾ آڻڻ
وغيره شامل آهي.
چوٿين باب ۾ موشنز جو ذڪر آهي. موشن
(Motion)
هڪ رسمي تجويز کي چئبو آهي جنھن جو مقصد ڪنھن
مسئلي طرف ڌيان ڇڪائڻ، بحث شروع ڪرڻ يا ڪو فيصلو
وٺڻ هوندو آهي، موشن، ڪنھن مسئلي تي ووٽ وٺڻ
کانپوءِ اگر منظور ٿي وڃي ته پوءِ ان تي ڪاروائي
ڪرڻ لازمي هوندو آهي.
هن باب ۾ ڪھڙا ڪھڙا موشنز
(Motions)
يا تحرڪات ورتا ويا، انھن جو ذڪرِ خاص آهي. جيئن
زمين جي سڌاري
(Land Reforms)
لاءِ ٺاهيل قانونن تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو يا ٻارن جي
لاءِ جدا پي.ٽي.وي
(P.T.V Channal)
اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آڻڻ وغيره.
ڏٺو وڃي ته اسان جي معزز ميمبر سينيٽ جھڙي مٿاهين
آئين ساز اداري ۾ وڃي پنھنجي عوام جي مسئلن کي
وساريو ڪونھي، پر صحيح پليٽ فارم تان عوام جي حق ۾
مؤثر ۽ دادرسيءَ وارو آواز بلند ڪيو آهي. هو ڄڻ ته
صحيح معنيٰ ۾ مينٽور
(Mentor)
آهي جنھن پنھنجي عوام
(Mentees)
جي باقاعده نمائندگي ڪئي آهي، هن قراردادن، ماڻھن
جي اوليت وارن ڳالھين
(Urgent Public Matter)،
ٻين ميمبرن جي اجتماعي خواه انفرادي انحرافن تي
نوٽيس
(Point of Order)
وٺڻ ۽ ماڻھن جي مفاد لاءِ ايوان جو توجهه
(Point of Public Importance)
ڇڪائڻ تائين پنھنجي آواز بلند رکيو آهي.
محترم خواجه صاحب اهم نُڪتن کان وٺي قراردادن
تائين، ايوان ۾ ڪيترن ئي مسئلن تي آواز اٿاريو
آهي. جيئن صوبي ۾ ڊينگي وائرس جي روڪڻ لاءِ ڪھڙا
اُپاءُ حڪومت ورتا آهن جن جي آگاهي عوام کي ڏيڻ
ضروري آهي. اخبارن ۾ آيل ڪجهه خبرن جو خاص نوٽيس
وٺڻ ته اها خبر صحيح آهي يا نه ۽ جيڪڏهن صحيح آهي
ته حڪومت ان جو ڪھڙو تدارڪ ڪيو. جيئن خيبر
پختونخواه ۾ خواجه سرائن تي تشدد، بلوچستان ۾
ٽارگيٽ ڪلنگ، (مخصوص طريقي جي نسل ڪشي)، گلگت
بلتستان ۾ سياحن تي پابندي سان معيشيت جو نقصان،
سائبر ڪرائيم لاءِ مؤثر قانون سازي، لاهور هاءِ
ڪورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي فيصلي خلاف ٻين
صوبن جا اعتراضات، اسلام آباد جي شاپنگ مال ۾
سيڪيورٽي جي ڪمزوري بابت خدشات ۽ ان لاءِ ڪينيا ۽
رشيا جا مثال ڏئي اختيارين جو هن اهم مسئلي ڏانھن
ڌيان آڻڻ. اهڙي طرح ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين تي
حملي کان وٺي، رمضان شريف ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جھڙن
اهم عوامي مسئلن تي قانوني طرح پنھنجي آواز کي
سگهارو بنايو.
هن ڪتاب مان صحيح معنيٰ ۾ اها خبر پوي ٿي، ته هڪ
اعليٰ قانون ساز اداري جي اهميت ڪھڙي آهي ۽ ان ۾
قانون سازي لاءِ اسان جي معزز ميمبر جو ڪھڙو ڪردار
هئڻ گهرجي. عوام جي ڏکن ۽ اهنجن جي تدارڪ لاءِ
ڪھڙا قانون اڳ ۾ موجود آهن ۽ وقت ۽ حالتن مطابق،
انھن ۾ ڪھڙيون تبديليون ڪري سگهجن ٿيون. ان کان
پوءِ ٺاهيل قانونن جي استعمال لاءِ رياست جو
بنيادي ڍانچو موجود آهي جنھن ۾ مختلف کاتا آهن.
ايوان جا معزز ميمبر پنھنجي چيئرمين وٽ مختلف کاتن
خلاف جڏهن شڪايتون درج ڪرائين ٿا ته مختلف کاتن جي
وزيرن، مشيرن ۽ سيڪريٽرين کي ايوان ۾ چيئرمين صاحب
طلب ڪري ”سوالن جوابن“ جو سيشن رکي ٿو. هن سوالن
جوابن جي حصي ۾ خواجه صاحب پنھنجي حصي ۾ تمام گهڻا
۽ اهم سوال پڇيا آهن. اهڙي طرح مختلف ذريعن سان
ڊاڪٽر ڪريم خواجه سينيٽ ۾ پنھنجي موجودگي جي هرهڪ
لمحي کي ڪارگر ٺاهيو آهي ۽ پنھنجي زندگي جي ان
ڪارگر حصي کي هن آتم ڪھاڻي جو حصو ٺاهي وڌيڪ ڪارگر
ٺاهيو.
محترم ڊاڪٽر ڪريم خواجه صاحب هن ڪتاب کي ڄڻ هڪ
تربيتي ڪتاب طور آندو آهي. اهو سندس قلم جو ڪمال
آهي جو هيءُ ڪتاب جيترو هڪ عام پڙهندڙ لاءِ ڪارگر
آهي، اوتروئي هڪ قانون جي شاگرد کان وٺي سينيٽ جي
ميمبر لاءِ اهم ۽ افاديت وارو آهي. هيءُ هڪ اهڙو
اهم ڪتاب آهي جنھن کي هڪ دفعو پڙهي ڇڏي نه ٿو
سگهجي. بلڪه بارها پڙهي، هن مان ڪيترائي سبق حاصل
ڪري سگهجن ٿا.
هن مختصر تبصري ۾ اسين صرف مختلف ڳالھين جو جائزو
ڏئي سگهون ٿا، باقي هرهڪ موضوع جا تفصيل ڪتاب جي
مطالعي مان ئي معلوم ٿي سگهن ٿا. صحيح معنيٰ ۾
انھي ڳالھه جي ضرورت آهي ته هيءُ ڪتاب پاڪستان جي
مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪيو وڃي ۽ خاص طرح
سنڌي زبان ۾ اهو ترجمو اوليت جي بنياد تي ضرور ٿئي
ته جيئن سنڌ صوبي جي هن سينيٽر جي محنتن جي سنڌ جي
عوام کي آگاهي ٿئي. خواجه صاحب جي هن سڄي جاکوڙ جو
اصل فائدو آهي ئي عوام تائين هنن ڳالھين جو پھچڻ،
جيڪي سنڌي زبان ۾ ئي آساني سان پھچي سگهن ٿيون.
نياز پنهور

اياز گل جي سفر نامن ”نيڻن کي سپنن
جي ڳولا“ ۽
”سارا ٿڪ
لھي ويا“
تي تبصرو
مون وٽ اها تصديق ٿيل تحقيق ناهي، پر ماڻھو چون ٿا
ته، هر سُٺو نثرنويس سُٺو شاعر نه ٿو ٿي سگهي، پر
هر سُٺو شاعرُ، سُٺو نثرنويس ضرور ٿي سگهي ٿو. ان
نُڪتي تي رهيل کوجنائي ڪم محققن جي درٻار ۾
اُڇلائيندي، پاڻ دؤرِ حاضر جي اهم ۽ مقبول ترين
شاعرَ اياز گل جي ٻن نثري ڪتابن ”نيڻن کي سَپنن جي
ڳولا“ ۽ ”سارا ٿَڪَ لھي ويا“ کي سامھون رکي
پڙهندڙن سان انھن جو تعارف ڪرايون ٿا.
اياز گل جا اهي ٻئي ڪتابَ سندس چئن ملڪن ـ آمريڪا،
ترڪي، ميڪسيڪو ۽ ايران ـ جي ڪيل سفر جي ڪٿا تي
مشتمل آهن. انھن ڪتابن ۾ هو انھن ملڪن جي تاريخ،
جاگرافي، ماضي ۽ حال جي احوالن سان گڏ اتي جي اهم
ماڳن، ماڻھن، منظرن ۽ موسمن بابت پنھنجن احساسن،
مشاهدن ۽ تجربن کي، هڪ آرٽسٽ جي اک سان ڏسندو ۽ هڪ
شاعر جي قلم سان قلمبند ڪندو آيو آهي.
اياز هنن ڪتابن ۾ پاڻ کي هرگز ڪو سياسي، سماجي يا
معاشي معاملن وارو ماهر، عالم يا دانشور بڻائڻ جي
ڪوشش نه ڪئي آهي، پر هن اهڙن سمورن شعبن تي نظر
ضرور رکي آهي. گڏوگڏ هُن انھن کي هڪ حساس ليکڪ جي
حيثيت سان پَسندي انسانن تي روزمره جي حساب سان
پوندڙ اثرن کي محسوس به ڪيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ان کي
ڀوڳيو به آهي.
اهي ملڪ جيتوڻيڪ سماجي، مذهبي ۽ معاشي معاملن ۾
ڪيترين جاين تي هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ به آهن، پر
اياز گل اتي جي عام ماڻھن جي ڀوڳنائن کي قلمبند
ڪيو آهي. هو ڇاڪاڻ ته شاعر/آرٽسٽ آهي، ان ڪري سندس
پير اهڙين جاين ۽ ماڳن تي ضرور ڇڪبا ويا آهن، جتي
يا ته شاعر رهيا آهن يا ميوزم موجود آهن.
ايران جو سفرنامو، جيڪو ”سارا ٿَڪ لھي ويا“ جي سري
هيٺ ڇپيل آهي، ان جي رڳو فھرست تي اک ڦيرائبي ته،
منھنجو اهو مشاهدو چٽو ٿي بيھي رهندو.. ڪجهه عنوان
مان شاهديءَ طور هتي آڻيان ٿو:
• منگولن جي حملي ۾ شھيد ٿيل فريدالدين عطار جو
شھر
• نيشاپور ۾ عمر خيام جا سلامي
• مشھد ـ نادر شاهه افشار جي مزار
• شاهنامي جو شاعر فردوسي طوس ۾
• شيراز ـ مرودشت، تخت جمشيد ۽ نقش رستم
• عظيم شاعر جو شھر شيراز
• ڪريم خان زند جو قلعو
هي اڻپوري فھرست آهي، جيڪا مون سندس ايران جي
سفرنامي مان چونڊ ڪئي آهي. جڏهن ته سندس ٻيو
سفرنامو ”نيڻن کي سَپنن جي ڳولا“ ٽن ملڪن: آمريڪا،
ترڪي ۽ ميڪسيڪو ـ جي سفر تي محيط آهي. اهو به اسان
کي اياز گل جي انھن دلچسپين سان معطر نظر ايندو،
جيڪي ڪنھن شاعر يا آرٽسٽ سان جُڙيل هونديون آهن.

ان ڪتاب جي موضوعن جو ذڪر نه ڪرڻ سان مون کي لڳندو
ته، مون پڙهندڙن کان ڪجهه لِڪايو آهي. ان ڪري ڪجهه
موضوع ونڊ ڪريان ٿو، ته جيئن اوهان کي اسان جي هن
پياري شاعرَ جي شين کي ڏسڻ، پسڻ ۽ انھن ۾ محو ٿي
وڃڻ وارن احساسن جو ڪجھه اندازو ٿي سگهي:
• خوبصورت مِشيگن ڍنڍ جو شھر
• اوهايو ندي ۽ عليءَ جو گهر
• نديءَ ڪناري نينھن نظارا
• گهوڙن جي بادشاهي
• اولھندي جي راڻي
• فلمن ۽ فنڪارن جو شھر
• آرٽ ۽ ڪرافٽ جا شاهڪار
اهي عنوان نه رڳو مختصر ۽ ڳالھه کي اڳتي وڌائڻ
لاءِ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته اهي اياز گل جي ڪيل ڪم
جو چوٿين پتي جيترا به ناهن.
انھن ڪتابن منھنجي تمھيدي جملن کي منھنجي سوچ
پٽاندڙ درست ثابت ڪيو آهي ته، هڪ سٺو شاعرُ بلاشبه
هڪ سٺو نثرنگار ٿي سگهي ٿو. سندس ڳالھه ڪرڻ، منظر
چِٽڻ ۽ ڪيفيتن کي ڪاغذ تي آڻڻ لاءِ، اياز کي سندس
شاعريءَ جي تجربن هر هنڌ مدد فراهم ڪئي آهي.
ٻنھي ڪتابن جي سونھن ۽ اهميت منھنجي نظر ۾ ان وقت
اڃا به وڌي وڃي ٿي، جڏهن اسين ڏسون ٿا ته انھن
ڪتابن جا مُھاڳ هن دور جي انتھائي مانوارن ليکڪن
جا لکيل آهن.
”نيڻن کي سپنن جي ڳولا“ جو مھاڳ لکندي، سائين مدد
علي سنڌي، اياز گل جي شاعريءَ جي پي پناهه تعريف
ڪندي، سندس نثر کان به متاثر ٿيندو نظر اچي ٿو. هڪ
حساس ليکڪ هئڻ سبب مدد، اياز جي سفرنامي مان انھن
حالتن کي تحرير هيٺ آڻي ٿو، جن کان اسان جو ديس
محروم آهي. اسان جا ماڻھو احساس ڪمتري ۾ ورتل آهن،
اهڙيون حالتون ۽ ماحول اسان لاءِ ڪو خواب آهي،
جنھن جي ساڀيان به ٿيندي نظر نه ٿي اچي.
مدد علي سنڌي لکي ٿو:
”اياز گل جي سفرنامي ۾ ماڻھو پڙهندي پڙهندي وڃي ان
دنيا ۾ پُھچي ٿو، جتي بنيادي حقن کان وٺي عام
ماڻهوءَ جي سھولت جو ڪيڏو نه خيال رکيو ويو آهي.
گُلَ گلستان، سفر جون انيڪ سھولتون، فڪر جي آزادي
ـ اهو سڀ ڪجهه ٽين دنيا جا ملڪ ڪڏهن حاصل ڪندا؟
اهو خواب ٽين دنيا جي ماڻھُن جو هڪ سندر سپنو آهي،
جنھن جي ساڀيان ڪڏهن ٿيندي؟ محڪوميت جو ڪڏهن انت
ايندو؟“
اياز گل جي سفرنامي جي ٻئي ڪتاب ”سارا ٿڪ لھي ويا“
جو مھاڳ اسان جي قابل احترام ڀيڻ ليکڪا، سانئڻ
نورالھديٰ شاهه لکيو آهي. جنھن ۾ اياز گل کي
پنھنجن محبتن جي ڀيٽا سان گڏ، سُھڻي نثر تي تمام
گهڻو ساراهيو آهي.
هوءَ اياز گل جي سفرنامي جو ذڪر ڪندي لکي ٿي:
”هي سفرنامو، عام روايتي سفرنامي جيان پڙهندڙ کي
ڪنھن تصوراتي مومل جي ڪاڪِ ۾ نه ٿو ڦاسائي، بلڪه
ايران جي تھذيب، ثقافت ۽ ماضيءَ جي عظمتن ۽ حال جي
حقيقتن متعلق گھري مطالعي ذريعي، ايران کي پڙهندڙ
آڏو نئين سِر نروار ڪري ٿو ! ان ڪري اياز گل
پنھنجي ان مسافريءَ ۾ مڪمل طرح سان علم جو عَلَم
کنيو. ايران جي ماڳن ۽ مقامن جي کوجنا ۾ نه رڳو
پنھنجي پڙهندڙ کي شعوري طرح شامل رکندو هلي ٿو، پر
سفرنامو لکي پنھنجي مطالعي جي تسڪين پڻ ڪندو محسوس
ٿئي ٿو.“
هن ڪتاب جي پوين صفحن تي به سنڌ جي مانوارين
شخصيتن جا رايا موجود آهن. ”سارا ٿڪ لھي ويا“ جي
بئڪ ٽائيٽل تي نامياري ليکڪا ماهتاب محبوب، اياز
گل جي ان سفرنامي تي لکي ٿي:
”سفرنامو نھايت ئي سھڻي ۽ پيرائتي انداز ۾ لکيل
آهي، بنھه روان دوان. پڙهندي ڪٿي به اٽڪ يا رنڊڪ
نه ٿي محسوس ٿئي، بلڪه ائين ٿو لڳي ڄڻ پڙهندڙ به
هن سان گڏ، پيرين پنڌ ايران جا رونقن ڀريا
آرڪيٽيڪچر جا انيڪ نمونا، ڪاشي رنگ روشنين سان
جرڪندڙ ۽ گلن سان مَھڪندڙ روڊ رستا، محل ماڙيون ۽
باغ بُستان حيرتن سان نھاريندو، گهمندو ڦِرندو
هلي.“
اياز گل جي ٻئي سفرنامي”نيڻن کي سَپنن جي ڳولا“ جي
پوئين ٽائيٽل تي نامياري ليکڪ ۽ دانشور جامي
چانڊئي جي تفصيلي راءِ شايع ٿيل آهي. هو اياز جي
شخصيت ۽ شاعري جي تعريف ڪندي، ان کي سونھن جو
سونھون سڏيندي، هن سفرنامي جي کُلي دل سان واکاڻ
ڪري ٿو.
جاميءَ چواڻي:
”اياز گل هن سفرنامي ۾ سونھن جي دريافت ۽ سونھائپ
ئي حاوي آهي. اياز گل جي بنيادي سُڃاڻپ رومانوي ۽
جمالياتي شاعري رهي آهي، پر هن ڪتابَ هن کي هڪ
خوبصورت نثري ليکڪ طور به سامھون آندو آهي. مون کي
اميد جھڙي پڪ آهي، ته سندس هيءُ دلپذير سفرنامو نه
رڳو دل سان ۽ گهڻو پڙهيو ويندو، پر اهو سنڌي ادب ۾
به منفرد جاءِ والاريندو.“
ايڏين وڏين شخصيتن پاران اياز جي هنن سفرنامن جي
مڃتا ۽ افاديت کي تسليم ڪرڻ وارو عمل، يقينن سنڌي
ادب ۽ خاص طور تي سفرنامن جي صنف ۾ هنن ڪتابن جي
قبوليت جو مظھر آهي.
انھن ٻنھي ڪتابن جو مواد ۽ انداز بيان جتي پڙهندڙ
کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندو رهي ٿو، اتي ڪتابن ۾ شايع ٿيل
رنگين تصويرون پڙهندڙ کي، ڄڻ ان تصوراتي دنيا
ڏانھن گهلي وڃن ٿيون، جتي اسان جو مسافر اياز گل
منظرن کي خود پنھنجين اکين سان ڏسي آيو آهي.
هنن ڪتابن جي هڪ سُٺي ڳالھه جنھن مون کي الڳ سان
متاثر به ڪيو، اها آهي ته اياز گل ٻنھي ڪتابن جا
عنوان پنھنجي شاعريءَ جي سِٽن مان چونڊَ ڪري رکيا
آهن. اها منھنجي خيال مطابق هڪ نواڻ آهي، جنھن
لاءِ اياز گل جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي.
هي ٻئي ڪتاب اياز گل هڪ وقت ڇو ڇپرايا؟ ان جو جواب
ته اياز گل وٽ ئي هوندو، پر ٻنھي ڪتابن جي ڇپائي
شاندار آهي. ان بابت پڙهندڙن کي اياز گل جي ذوق کي
هڪ ڀيرو ٻيھر دادُ ڏيڻو ئي پوندو.
ٻنھي ڪتابن جا ٽائيٽل، بئڪ ٽائيٽل، اندرين صفحن جو
گيٽ اپ، لي آئوٽ، سيٽنگ ۽ فونٽس جي چونڊَ، ڪتابن
جي سونهن ۾ بي حد اضافو ڪيو آهي. ٻئي ٽائيٽل اسان
جي اڄوڪي دور جي خوبصورت ترين آرٽسٽ سعيد منگي
ٺاهيا آهن، جن لاءِ سعيد جي پُٺي نه ٺَپرڻ زيادتي
ٿيندي.
ٻئي ڪتاب ڪاڇي پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايا ويا آهن. |