|
ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي

ترجمي جو
فن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿيل علم ادب جو مطالعو
لفظ ترجمو پنھنجي اندر هڪ وسيع معنيٰ رکي
ٿو. دنيا جي سمورين ٻولين ۾ هي اصطلاح اهميت حاصل
ڪري چڪو آهي. دنيا جا سمورا علم ۽ هنر جيڪي اڄ جي
دور ۾ تمام تڪڙا تڪڙا قدم کڻي، انساني سماج جي
گهرجن جي پورائي لاءِ جدوجھد ۾ مصروف عمل آهن، سي سڀ
هڪٻئي کي سمجهڻ لاءِ ٻوليُن وڏو ڪردار ادا ڪيو
آهي. قديم زماني جي تاريخ جي مطالعي مان اهو پڻ
ڏسجي ٿو ته، انساني زبان لکين مسئلا حل ڪرڻ
جو بنيادي سبب بڻجندي رهي آهي.
زبان اهو ذريعو آهي جيڪا
انسان جي دماغ مان نڪتل خيالن کي لفظن جو روپ
ڏيندي رهي آهي. انسان پاڻ سکڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ ۾
وڏو اطمينان حاصل ڪري ٿو.
علم و
ادب به زبان جي وسيلي وڌيو آهي، قومن جي باشعور ۽
اعليٰ انسانن، ٻين قومن جي سٺن خيالن ۽ اخلاقي
معيارن تي ويچار ڪري انھن کي پنھنجو ڪرڻ جي جيڪا
عملي جدوجھد پئي ڪئي آهي، سو سڀ زبان جو ڪمال آهي.
اسان ٻين جا خيال جڏهن پنھنجي سماج ۾ ونڊڻ ۽ ورڇڻ
ٿا چاهيون ته، انھيءَ کي ترجمي جو نالو ڏيندا
آهيون. ترجمو ڇا آهي؟ انھيءَ لفظ کي سمجهڻ لاءِ هت
هيٺ لغت جو سھارو وٺون ٿا:
لفظ ترجمو بابت سنڌيڪا ڊڪشنري ۾ وضاحت هن
طرح ڪيل آهي:
”منتقل
ڪرڻ
1.
هڪ مان ٻي حالت/جاءِ تي پھچڻ.
2. ترجمو ڪرڻ، ٻي زبان ۾ منتقل ڪرڻ.
3.
مختلف لفظن جو روپ ڏيڻ.“
(سنڌيڪا ڊڪشنري: 2003، 955)
دنيا جا سمورا علم ٻولين جي دامن ۾ لڪيل
آهن ۽ انھن ٻوليُن جي خزانن مان انساني سماج جا
تجربا ۽ مشاهدا گونا گوُن صلاحيتون هڪڙي قوم مان
ٻئي قوم ڏانھن منتقل ٿينديون رهن ٿيون. اهو سلسلو
صدين کان ارتقا پذير آهي. جڏهن انسان پڙهڻ لکڻ جي
لائق ٿيو ته، پنھنجي سوچ ۽ ٻين جي خيالن کي لفظن
جو روپ ڏيندو رهيو آهي. جڏهن خيالن سان ويڙھه ٿيندي آهي،
ته طرحين طرحين جي خيالن کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جون
ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. موجوده دور جي گهرجن
پٽاندرترجمي جي ضرورت ڇو محسوس ٿيندي رهي آهي ۽
ٿيندي رهي ٿي. دنيا جي علمي ٻولين پنھنجي علم و
ادب جي آبياري لاءِ ڪيترن ئي ناميارن عالمن جي
شاهڪار ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن. انھن ترجمن جي بدولت، علم و ادب
جي شعبن ۾ نوان رخ نروار ٿي آڏو آيا ۽ ايندا رهن
ٿا. سنڌي زبان ۾ جيڪي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب ٻين
ٻوليُن تان ترجمو ٿيا آهن، تن اسان جي فڪر ۽ فن جا
نوان گوشا نروار ڪيا آهن ته ٻئي طرف، انھن ترجمن
جون صورتون يا لکتُون جنھن ۾ تعليم وادب، تاريخ،
سائنس، مذهب، تصوف، سماجيات، جاگرافي کان ويندي
ديني ۽ دنيوي معلومات وارن موضوعن، اسان جي تھذيب
وتمدن ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن. سنڌي زبان ۾ ٻين ٻولين
مان جيڪي ترجما ڪيا ويا آهن تن ۾ ڪي مونجهارا ۽
مسئلا به ڏسڻ
۾
اچن ٿا، مثال جنھن ٻوليءَ مان ڪوبه ڪتاب، مضمون يا مقالو
ترجمو ڪيو وڃي ٿو اهو پنھنجي سماج جي نمائندگي ڪري
ٿو، اهو مواد اُتان جي سماج جو گڏيل سرمايو هجي
ٿو. انھيءَ کي ٻي ٻوليءَ ڏانھن منتقل ڪرڻ لاءِ هوبھو خيالن جي ضرورت نه ٿي پوي، ڇاڪاڻ جو
ٻنھي ٻولين جا فني اصول، قاعدا قانون الڳ آهن، تن
ڳالھين جو خيال رکڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن ترجمي نگار انھن قاعدن ۽
ضابطن تحت ائين نه ڪيو ته، ٻنھي ٻولين سان
ناانصافي ٿي پوي ٿي. هر ٻوليءَ جا پنھنجا اصطلاح ۽
محاورا آهن جيڪي قومن جي مشاهدن مان گذرندا آهن.
لفظن جا ڌاتو آهن، بنيادي ويا ڪرڻي صورتون آهن،
فعلي صيغا آهن، تن سڀني جي معلومات رکڻ لازم امر
آهن. ڊاڪٽر الانا رقم ٿو ڪري ته:
”ٻولي
هڪ تنظيم آهي، هڪ علم آهي. اُها به هڪ قانون ۽
سرشتي تي ٻڌل هوندي آهي، جنھن ۾ ڪا ڦير ڦار ڪري
اُن کي اُبتو ڪري نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪابه تنظيم
بنا ڪنھن اصول ۽ قانون جي اُبتي ڪجي ته پوءِ اُن
کي تنظيم ڪيئن چئي سگهبو؟ ڪنھن به شاعر جي منظوم
ڪلام کي تڏهن ته نظم چئبو آهي، جڏهن اُن ڪلام کي
چاهي اُهو هنديءَ ۾ هجي، يا سنڌيءَ ۾، عربيءَ ۾
هجي يا فارسيءَ ۾، فرينچ ۾ هجي يا انگريزيءَ ۾،
پنھنجي پنھنجي طريقي جي اصولن موجب منظوم هوندو
آهي.“
(الانا، 2020: 116)
نوان خيال حاصل ڪرڻ انساني فطرت به آهي ۽
خواهش به، ته سندس ڪم ٻين کي وڻي. علم ادب جي دنيا
۾ ڪي تمام وڏا نالا ٿي گذريا آهن جن جي فڪر ۽
فلسفي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، انھن مان ڪي
آهن: هومر، دانتي، شيڪسپيئر، گوئٽي، وليم ورڊس
ورٿ، دوستو وسڪيِ، لوشون، ڪاليداس، ٽئگور، نظامي،
عمر خيام، فردوسي، مولانا جلال الدين رومي، فريد
الدين عطار، حافظ سعدي، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي
۽ سچل سرمست جن لاءِ هر ادبي ٻوليءَ ۾ جڳھه آهي، جن جي خيالن، سوچن ۽ فڪر ۾ دنيا جي
ترقي لاءِ پروگرام آهن، انھن جي فڪر ۾ ڪيئي حڪمت ۽
دانائي جا مثال آهن. اهي مثالي ڪردار آسان طريقي
سان ٻين ٻولين جي ادب ۾ جاءِ جوڙي وٺندا آهن ۽
هرهڪ علائقائي ٻولي ۽ ادب ۾ پورا ٺھڪِي
بيھندا آهن. شاهه لطيف وٽ ست سورميون، ڏھ ڏاتار ۽ ڪي فڪري ڳالھيون سندس ڪلام
۾ بيان ڪيل آهن،
جيڪي پوري دنيا کي وڻن ٿيون ۽ اهي ڳالھيون هرهڪ کي
پنھنجون لڳن ٿيون. مثال: اسان سندس هڪ سورمي مارئي
جي ڪردار جو حوالو ڏئي رهيا آهيون اهو ڪردار ڪير
به پڙهي مسلم ۽ غيرمسلم اُن جي دل موهجي پوندي،
ڇاڪاڻ جو شاھه
صاحب جنھن انداز ۽ ڪمال خوبين سان پنھنجي سورمي کي
ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ هڪ طرف وطن سان محبت،
ته ٻئي طرف سچائي، ٽئين طرف ڪردار جوحوصلو ۽ همت
جنھن وٽ ڪا به لوڀ لالچ ناهي، انھيءَ فلسفي کي
پوري دنيا جي ادب ۾ جاءِ ڇو نه ملندي.
اڄ پوري عالمي ادب ۽ سائنسي دنيا تي
افلاطون، سيفوءَ جا ادبي ڪارناما مڃجي چڪا آهن. جن
پوري دنيا تي ڇاپ ڇڏي آهي، پنھنجا اثرات نمايان
ڪيا آهن، ڇو ته انھن جا ادبي ڪارناما مڃيل آهن. هر
هڪ کي انھيءَ ڪارنامن ۾ پنھنجي گھرج محسوس ٿئي ٿي.
اهي لکڻيون ۽ فن پارا ڄڻ ته اسان کي پنھنجا ٿا
لڳن. دنيا ۾ جيتريون به علمي ادبي ٻوليون آهن.
انھن جو جيترو به ادبي سرمايو آهي، انھن جون
اصلوڪيون توڙي ترجمو ٿيل تحريرون آهن، اهي پنھنجي
شان شوڪت جون گواھه
آهن. دنيا جي عالمن، اديبن ۽ محققن مختلف موضوعن
تي مختلف زبانن مان پڙهندڙن کي جيڪي ترجما ڪري پيش
ڪيا آهن،
سي هر لحاظ کان فائدي وارا آهن. انگريزي، فرينچ،
اسپيني، جرمن، روسي، اٽالين به پنھنجي تخليقي ادب
۽ ڏيھي توڙي مقامي تحريرن جي ڪري اڳڀريون آهن.
بلڪه دنيا جي ادب کي پنھنجي اندر سمائي سوگهو ڪري
ڇڏيو آهي. انگريزي نثر توڙي نظم جي زبان اتان جي
گڏيل سماج جي زبان آهي. ايلزبيٿ پھرين ۽ جيمس جي
دورن ۾ ترجمي نگارن اتان جي ادب کي سنوارڻ لاءِ
دنيا جي فلسفي جي اصول کي آڻڻ لاءِ پنھنجي ٻوليءَ
جي اندر تازا خيال داخل ڪرڻ لاءِ در۽ درين کي کولي
ڇڏيو جيئن دنيا جي تازي هوا داخل ٿي، قيمتي خيال ۽ معلوماتي شيون ادبي سرمايي ۾ اچي خيالن ۾
پختگي پيدا ڪن. ائين ئي ترجمن جي ذريعي بحر ۽ روم
جي عالمن جا خيال يورپ تان پرواز ٿيا ۽ پوءِ
ارڙهين صدي ڌاري انگلينڊ
۽ هالينڊ جا نون بورزوائي خيالن نظرين ڏکڻ طرف رخ
ڪيو. اهڙي نموني جو اهم ڪم فرانسيسي مترجمن سر
انجام ڏنو، جنھن ڪري انقلاب آيو ۽ انھن لاڙن فڪري
اثرن جي ڪري آمريڪا ۽ پوءِ روس ۾ انقلاب آيا. اهو
سمورو ڪمال ترجمن ۾ پيش ڪيل مواد جو هو، جن نون
نون خيالن فڪرن کي جنم ڏنو، ماڻھن کي انقلاب آڻڻ
جا گس ڏيکاريا.
فڪري ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ سان هڪ طرف ڪيترن
ئي ملڪن ۾ سماجي اٿل پٿل ٿي ته، ٻئي طرف مختلف
علائقن ۾ هم آهنگي پيدا ٿي، ثقافتي سنگم جڙيا ۽
ماڻھن ۾ ذهني ۽ فڪري انداز جا رنگ نکرڻ لڳا ۽
انھيءَ جا اثرات پوري دنيا تي نمايان ٿيڻ لڳا،
انھيءَ جو نتيجو هي نڪتو جو، پوري دنيا جي ٻولين
اندر نون خيالن نون فڪرن جي ڪري نوان گوشا نڪري
نروار ٿيا. سنڌي ادب جي تاريخ مان پڻ اهڙي شاهدي
پڻ ملي ٿي ته، سنڌي ادب جي جديد نثري ادب جي
شروعات به ترجمن سان ٿي آهي. انگريزن جي اچڻ کان
اڳ اسان جي صورتخطي جي ڪا مقرر شڪل نه هئي، سنڌي
ٻولي ڳالھائي ته ويندي هئي، پران کي لکڻ لاءِ
مختلف مڪتب فڪر جا ماڻھو مختلف لپين ۾ تحرير ڪندا
هئا. مسلمان عربي، هندو ديو ناگري، سک گرمکي،
اسماعيلي فرقي وارا خواجڪي مطلب ته، هر ڪو پنھنجي
مذهب، ڌرم ۽ فرقي جي لحاظ کان انھن لپين کي آفاقي
ڄاڻندو هو،
پر اهي سڀئي ٻوليون ڪن آوازن جي صحيح ترجماني ڪري
نه سگهنديون هيون. انگريز سرڪار 1843ع تي سنڌ تي
قبضو ڪيو
۽ پنھنجي انتظام کي هلائڻ لاءِ سنڌي ٻولي کي لکڻ ۽
پڙهڻ توڙي پنھنجي دفتري انتظام هلائڻ واسطي، ان ڳالھه جي ضرورت کي محسوس ڪيو ۽ سنڌي
زبان جي الف-ب
جوڙائي تعليم جو نظام قائم ڪيو.
سن 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج
ڪلرڪ هڪ حڪم نامو ڪڍيو، جنھن ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌي
ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بنايو وڃي. مٿين حڪم نامي
مطابق سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر 6 سيپٽمبر 1851ع
تي ليٽر مطابق سڀني سول ملازمن لاءِ اهو حڪم هو،
ته سنڌي ٻولي ۾ ضروري امتحان پاس ڪيو وڃي.
منگھارام ملڪاڻي لکي ٿو ته:
”انگريزن جي حڪومت جي شروعات ۾، سنڌ جي
پھرين چيف ڪمشنر سربارٽل
فريئر يورپي عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي ٺھرايو
هو. انھيءَ مراد سان ته اهي ڏيھي ٻولي جو اڀياس
ڪري رعيت سان لھه وچڙ ۾ اچن ۽ پرڳڻي جي انتظام کي بخومي
هلائين.
هن ڪم ۾ ڪيترن صاحبلوڪن گھڻي دلچسپي ڏيکاري. سنڌي
ٻولي جو ڳوڙھو اڀياس ڪيائون ۽ محنت ڪري ٻوليءَ جي
بنياد نسبت کوجنائون ڪيائون، ڪن ته بلڪل ڪمائتا ۽
عالماڻا ۽ بنيادي ڪتاب جھڙوڪ:
وياڪرڻ، لغتون، عام لوڪن جي واتان ٻڌل نظم ۽ نثر ۾
قصا ڪھاڻيون قلم بند ڪري، باترتيب ڪتابي صورت ۾
آڻي شايع ڪيا.
(ملڪاڻي: 1993، 8).
انگريزن جي دور ۾ هر طرح جي علمي ۽ ادبي
ڪم جي شروعات ٿي.
”انگريزسرڪار،
سنڌي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي، انگريزيءَ،
فارسيءَ ۽ ٻين ٻولين مان، ڪتابن جا سنڌي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪرڻ لاءِ، انعام رکيا. هن ئي زماني ۾،
ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر،
’مسٽر پريڊيءَ‘ هڪ اسڪول کوليو. اهو اسڪول 1852ع کان 1856ع تائين، لوڪل
ڪميٽيءَ جي هٿ هو.“
(الانا: 2006، 310)
انھيءَ زماني ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي
موضوعن بابت شاندار ۽ شاهڪار علمي ۽ ادبي ڪتابن جا
ڌڙا ڌڙ ترجمو ٿيڻ شروع ٿيا. اُن کان اڳ جيڪو فارسي
ٻوليءَ ۾ ڪاروهنوار ٿيندو هو اُن جي جاءِ تي سنڌي
ٻوليءَ کي سموري سنڌ ۾ سرڪاري طور رائج ڪيو ويو.
انھيءَ کان پوءِ سرڪاري سطح تي ڪي عملي ڪم به شروع
ٿيا جنھن ۾، سڀ کان اول ڪراچيءَ ۾،
”گورنمينٽ بوڪ ڊيپو“ قائم ڪيو ويو، انھيءَ پليٽ فارم تان اشاعت جو ڪم شروع ڪيو
ويو. هي بوڪ ڊيپو غالباً 1854ع ڌاري قائم ٿيو ۽
1918ع تائين جاري رهيو. هن اشاعتي گهر پاران درسي
ڪتاب، سنڌي آکاڻين، قصن جا ڪتاب شايع ٿيا. اهڙيءَ
طرح جي ڪم کي ڏسي ڪن پئسي وارن ماڻھن خانگي اشاعتي
گهر قائم ڪرڻ شروع ڪيا، اهڙو اشاعتي گهر سڀ کان
پھرين سن 1883ع ۾ ماستر هريسنگھه
سکر ۾ قائم ڪيو ۽ ان کان پوءِ سن 1885ع ۾ شڪارپور
شھر ۾ منشي پوڪرداس شڪارپوري قائم ڪيو. ٻنھي
اشاعتي گهرن طرفان ڌڙا ڌڙ ڪتاب شايع ڪرڻ جو سلسلو
شروع ٿيو. مذهبي، غير مذهبي، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ،
ڪھاڻيون ۽ قصن جي ڪتابن کان ويندي درسي ڪتابن
تائين سوين ڪتاب
ڇپجي
منظرِ عام تي آيا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمانن ۾
اهڙو شوق ڪونه پيدا جو اڃا تائين يعني سن 1914ع
کان اڳ ڪو اشاعتي ادارو قائم ڪن.
”برصغير ۾، سن 1914ع ۾، مولانا شبلي
نعمانيءَ
’اعظم
گڙھه‘
هن اداري کي وجود ۾ آندو. مولانا صاحب
پنھنجو
خانداني گهر ۽ باغُ هن اداري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
برصغير جي وڏن ۽ جيد عالمن، اديبن ۽ محققن کي گڏ
ڪري، هن اداري ۾ آندو ويو. سن 1915ع ۾ سيد سلمان
ندوي، مسعود علي ندوي ۽ مولانا عبدالسلام ندويءَ
جھڙن علم دوست محققن عملي طرح سان علمي، ادبي ۽
تاريخي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن اداري جا مکيه سبب
هئا:
1.
سموري برصغير جي وڏن اهل
قلم ۽ مصنفن کي جمع ڪري، هڪ باقاعدي
جماعت کي وجود ۾ آڻجي.
2.
اعليٰ ۽ بلند پايه جي
ڪتابن کي گهڻي تعداد ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪرائجي.
3.
علمي ۽ اعليٰ درجي جا
معياري ڪتاب شايع ڪرايا وڃن.“
(خانائي: 2016، 23)
هن اداري پنھنجو منشور ڏئي مقصدن وارو ڪم
ڪري ڏيکاريو، مطلب ته، هن اداري جي وجود کان پوءِ
هر لحاط کان مسلمانن جي نمائندگي ٿيڻ لڳي ۽ هر فن
تي نھايت ئي عمدا ۽ معلوماتي ڪتابي سلسلا اشاعت
ڪري
علم ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪري ڏيکاري ۽ مسلمان
قوم کي هڪ احساس ڏياريو ته، علمي ترقي کان سواءِ
ڪابه ترقي نٿي ٿي سگهي.
اهو چوڻ سنڌ سميت
برصغير ۾ مسلمانن وٽ انگريزن کان اڳ ۾ ڪو علم
هيو
ئي ڪونه،
اها ڳالھه درست ڪونھي،
پوري
برصغير ۾ مسلمان هرلحاط کان علم سان
سرشار هئا. سندن رڳ رڳ ۾ روحاني تعليم جو درياءُ
موجزن هو. ارغونن جي دور ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ کي
سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. ارغونن کان پوءِ ترخانن
۽ مغلن جي دور تائين فارسيءَ ٻولي کي علمي ۽
تعليمي حيثيت حاصل هئي، وري جڏهن ڪلھوڙن جي حڪمراني جو دور شروع ٿيو ته،
پنھنجي مقامي زبان ڏانھن ڌيان ڌريو ويو، انھيءَ
عرصي دوران مخدوم نوح قرآن پاڪ جو فارسي زبان ۾
ترجمو ڪيو. مخدوم جعفر بوبڪائي، قاضي شاھ محمد اول
۽ ٻين عالمن بھترين نموني سان ترجمن وارو ڪم ڪيو.
”اگرچه
ايسٽ انڊيا ڪمپني فارسي زبان جي سرڪاري حيثيت ختم
ڪري مقامي زبان کي رائج ڪرڻ جو فيصلو
20-
نومبر 1837ع ۾ ڪيو هو
پر
اردو زبان ۾ قانوني موضوعن تي ترجما اِن کان
پھريان شروع ٿي چڪا هئا.
1800ع جي قانون جو ترجمو گل ڪرسٽ ڪيو.
1803ع ۾ هدايت نامه مالگزاري ۽ 1820ع ۾ قانون
ديواني جو ترجمو
”خلاصه فھرست
نما“
ڊبليو ايڇ ٽرانٽ ۽ نعمت علي جي شراڪت ۾ شايع ٿيو.“
(طارق محمود: مارچ
1986ع، 49).
”انگريزن
جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليون
رواج ۾ هيون. سنڌ جي مدرسن، مڪتبن ۽ خانقاهن ۾
ديني درس ۽ تدريس جو ڪم انھن مٿين ٻولين ۾ ڪيو
ويندو هو. سنڌي زبان مدرسن ۾ رواج هيٺ هئي. ڪلھوڙن
جي دؤر ۾، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي زبان ۾ درس
وتدريس جو رواج عام هو.“ (خانائي: 2016، 29)
سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ترجمن ۾ ڪردار:
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي اشاعتي پروگرامن جي
سلسلي ۾ جيڪو علمي ۽ ادبي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي تنھن
کي ڏسي، هر سنڌ واسيءَ کي سرهائي پئي محسوس ٿيندي رهندي. هن
سوسائٽيءَ جو بنياد، آزاديءَ کان اڳ سن 1931ع ۾
پيو.
”سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقيءَ ترويج ڏيارڻ ۾ نجي اشاعتي ادارن
جو اهم ڪردار رهيو آهي. اوڻيهين صديءَ جي پوئين اڌ
۽ ويھين صديءَ جي پھرين چوٿائيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي هندو عالمن،
اديبن ۽ ساڃاھه
وَندن ڪيترائي اشاعتي ادارا قائم ڪيا، جن ۾ ڌرمي،
ادبي ۽ اخلاقي ڪتاب شايع ڪري، سنڌي ادب کي مالامال
ڪيو.
پر،
اُن دؤر ۾ ڪوبه اهڙو اشاعتي ادارو ڪونه هو، جيڪو
ادب جي ذريعي سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي، ادبي ۽
اخلاقي ضرورتن کي پورو ڪري.“
(خانائي: 2016ع، 13)
پر
انھيءَ خال کي محسوس ڪري، سنڌ جي مشھور ۽ معروف
تعليمي ماهر، عالم ۽ استاد خان بھادر محمد صديق
ميمڻ هڪ اهڙي اداري جي بنياد رکڻ جي ضرورت کي
محسوس ڪري اُن کي عملي جامو پھرائي ڏيکاريو جو هي
سوسائٽيءَ جو علمي ڪم، سنڌ جي ادبي تاريخ جو وڏو
حوالو آهي. خان بھادر محمد صديق ميمڻ سان هن نيڪ
ڪم ۾ جيڪي ٻانھن ٻيلي ۽ مددگار ساٿي هئا تن ۾، سيد
ميران محمد شاھ، مخدوم غلام حيدر صديقي، ڊاڪٽر شيخ
محمد ابراهيم
”خليل“ ۽ استاد محمد صديق
”مسافر“
جي نيڪ صلاحن ۽ مشورن سن 1931ع ۾ حيدرآباد شھر ۾
’سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي‘ جي نالي سان ادارو وجود ۾ آيو. هن اداري پاران ٽيٽيھن ليکڪن جا 72 کن ڪتاب شايع ٿيا.
دراصل هن اداري ويھن سالن جي عرصي يعني (1951ع-
1931ع) تائين پنھنجون اشاعتي خدمتون
سرانجام ڏنيون. هن اداري پاران مشاهيرن ۽ بزرگ
شخصيتن جي سوانح حيات کان ويندي شاعرن ۽ اڪابرن جي
ڪارنامن تي ڪيترن ئي اهڙن عالمن، تذڪره نويسن ۽
مؤرخن جي ڪم کي اجاگرڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا.
”سوسائٽيءَ
سنڌ جي ڪيترن ئي نامور ديني عالمن ۽ اديبن کان
ديني ۽ مذهبي ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪرائي
ڇپائيءَ جي زيورن سان آراسته ڪيا.
ديني ادب بابت ترجما: جھڙوڪ: اسلامي تصوف، مترجم: مخدوم ميان غلام حيدر صديقي (1935ع)، چاليھه حديثون، مترجم:
غلام محمد شاهواڻي (1940ع)، اسلامي هدايت نامو، مترجم:
مولانا فضل احمد غزنوي (1942ع)، جواهر،
مترجم:
مولانا عبدالڪريم چشتي (1943ع)، اسلامي عقائد،
مترجم:
رسول بخش آخوند (1944ع)، ارڪانِ اسلام،
مترجم:
رسول بخش آخوند (1946ع)،
۽ مقاصد الاسلام،
مترجم:
قاضي عبدالرزاق (1946ع).
اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتاب: قرآن ۽ نئين روشني، مترجم:
حڪيم عبدالخالق
”خليق“ مورائي (1932ع)، ضمان الفردوس، مترجم: ميرزا قليچ بيگ (1935ع)، عقود اللالي يا موتين جو هار، مترجم: ميرزا قليچ بيگ، (1937ع)، اسلامي نظامِ تعليم، مترجم: خانبھادر محمد صديق ميمڻ (1940ع)، جوهرِ اسلام، مترجم: غلام محمد شاهواڻي (1940ع)، تھذيب اخلاق، مترجم: ميرزا قليچ بيگ (1941ع)، گلشنِ بھار، مترجم: غلام محمد شاهواڻي (1942ع)، اخلاقِ محسني، ڀاڱو پھريون، مترجم: محمد صديق
”مسافر“
(1943ع).
تاريخي ڪتابن جا ترجما: هندستان جي تاريخ: مترجم: عبدالشڪور منشي (1941ع)، هندستان ۾ مسلم حڪومت جي تھذيب، مترجم: رحيم بخش ميمڻ (1945ع)،
سنڌي ادب بابت ترجمو: اسلامي ڪتب خانا، مترجم: سيد حسام الدين راشدي (1939ع)
دراصل، ترجمن ڪرڻ جو اهوئي مقصد هو ته، ٻين ٻولين جي خزاني
مان معلومات حاصل ڪري پنھنجي سنڌي زبان جي علمي
خزاني ۾ واڌارو ڪجي. انھيءَ جو فائدو اهو ٿيو جو،
اسان جي نوجوانن کي نون موضوعن تي نوان ڪتاب
پنھنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي مليا ۽ نوجوانن انھن تان
ڀرپور استفادو حاصل ڪري پنھنجي ڄاڻ ۾ اضافو آندو.
نين ڳالھين، علمن ۽ فنن وارا ڪتاب، اسان جي
نسل جي معلومات ۾ جيڪو اضافو ڪيو،
تن ترجمن جي جاءِ بجاءِ ساراهه
ٿيڻ لڳي،
جنھنڪري انھن جا مثبت اثرات سنڌي معاشري مٿان مرتب
ٿيڻ لڳا.
سيد ميران محمد شاھه
(1963ع
– 1898ع)
سيد ميران محمد شاھ جو نالو سنڌي ادب ۾
اچي پد تي نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن صاحب سنڌي ادب
لاءِ ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪارناما سر انجام ڏنا،
انھن
خدمتن جي ڪري سندس نالو ادبي دنيا ۾ ذڪر هيٺ ايندو
رهندو. سيد ميران محمد شاھه جون هونئن ته، ڪيتريون ادبي خدمتون آهن
جنھن ۾ هو هڪ سٺي شاعر سان گڏ، سياسي، سماجي ڪمن ۾
هر وقت اڳرو ۽ اڳڀري رهڻ جون شاهديون ملن ٿيون.
”سن
1941ع ۾ سنڌ سرڪار، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽
واڌاري لاءِ
’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ قائم ڪيو. انھيءَ بورڊ، سنڌي لغت تيار ڪرڻ جي رٿ ڏني، ۽
مستحق اديبن، عالمن ۽ شاعرن کي انعام ۽ معاوضا
ڏيئي، بھترين ۽ معياري ڪتابن لکڻ ۽ تيار ڪرڻ لاءِ
همٿايو. سيد ميران محمد شاھه سن 1951ع تائين پورا ڏھه ورهيه، انھيءَ بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. اڳتي هلي، سنڌ
سرڪار انھيءَ بورڊ کي
’سنڌي
ادبي بورڊ‘
جي نالي ۾ تبديل ڪيو، جو اڄ تائين قائم آهي. پاڻ
’سنڌي
ادبي بورڊ‘
جو ميمبر رهندو آيو ۽ ڪجهه
وقت لاءِ اعزازي سيڪريٽري رهيو.“
(ڊاڪٽر خانائي: 2016، 46) سنڌي ادبي بورڊ جي نالي
سان جيڪو ادارو قائم ٿيو،
جنھن هرلحاظ کان علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ڪرڻ
شروع ڪيا ۽ انھيءَ ڪم ۾ ترجمي وارو ڪم نھايت ئي
اهم ٿي ڄاتو ويو. دنيا جي ٻولين جا مشھور ۽ معروف
ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪرايا ويا. هن قومي اداري سنڌ
جي تاريخ بابت چڱو مواد شايع ڪيو آهي جن ۾، تاريخ،
لغتون، لسانيات، شخصيات، آثار قديمه، تحقيق،
تنقيد، ٻاراڻي ادب کان ويندي مطلب ته، هرلحاظ کان
علمي ادبي ڪوبه اهڙو پھلو ٻاڙو نه ڇڏيو جنھن ۾ ڪي ڪتاب شايع نه
ٿيا هجن. سنڌ جي عالمن ۽ اديبن هن اداري لاءِ
وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پنھنجو رت ست ڏئي ننڍون
ڦٽائي هن اداري ۾ ساهه
وجهي اتساهه
پيدا ڪرايو.
سنڌي ادبي بورڊ پنھنجي ايامڪاري کان ويندي
اڄ تائين جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي،
سنڌ واسي هن اداري تي جيترو به فخر ڪن سو انھن کي
سونھين
ٿو. اداري جي تاريخ مان اهو پڻ پتو پوي ٿو ته، هن
اداري جي ابتدائي فيصلن وارو سفر نھايت ئي نيڪ
ثابت ٿيو آهي. جڏهن سنڌ جي تاريخ گمنامي جي ڌنڌ ۾
ويڙهيل هئي تڏهن هن اداري جي خيرخواهن وڏيون
جفاڪشيون ڪري
سنڌ جي تاريخ کي
ٻين ٻولين مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرائڻ وارو
ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي پايهءِ تڪميل تي رسائڻ جي هر
ممڪن ڪوشش ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل ترجمن جو جائزو:
سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي
جيتري سرهائي محسوس ڪجي سو ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ جو
سنڌ جي هن قومي اداري سنڌ جي تاريخ، ادب کان ويندي
هر موضوع تي پنھنجي گوناگون صلاحيتن ۽ رٿا سان
علمي ۽ ادبي ڪم جو بنياد رکي، جيڪا اوساري کنئي
آهي تنھن ۾ هر قسم جو وکر ملي ٿو. انھيءَ ادبي
عمارت هيٺ جيڪي ادبي تجربا ٿي رهيا آهن، انھيءَ
تجربيگاھه ۾ وڏا وڏا علم جا اڪابر، ذهن ۽ ذڪاءَ جا مالڪ پنھنجي فڪري
صلاحيتن سان مثبت نتيجا ڏئي رهيا آهن تن کي ڏسي
پڙهي هرڪو علم جو پياسو پنھنجي علمي ضرورت پوري
ڪري رهيو آهي. هن اداري جو علمي ڪم نه فقط سنڌ پر
ويندي سموري دنيا تائين پھتو
آهي. اسان جڏهن، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ
ترجمن واري ڪم تي نگاھ وجهون ٿا ته، خوشي محسوس
ٿئي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ سڀ کان اول سنڌ جي تاريخ
جي ڪتاب
’سنڌ نامه سنڌ عرف چچنامه‘ کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع
ڪرايو. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت بنيادي ماخذ آهي
۽ سنڌ جي تاريخ بابت خصوصي معلومات رکي ٿو. اسان
جي مطالعي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جو ستون ڇاپو موجود
آهي. هي سمورو ڪتاب ٽي سؤ ٻيانوي (392) صفحن تي
مشتمل آهي. هن ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيل آهي ته:
”سنڌ
سرڪار جي
”سنڌي ادبي بورڊ“ پنھنجي پھرين نشست مورخه
20
آڪٽومبر 1951ع ۾ فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي تاريخ جا
ٽي ڪتاب (1) فتح نامه سنڌ، (2) تاريخ معصومي ۽ (3)
تحفة
الڪرام فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪرايا وڃن،
انھيءَ لاءِ اهل وطن وٽان پنھنجي تاريخ کي پنھنجي
زبان ۾ آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن. بورڊ طرفان
انھن ڪتابن جي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب،
پرنسپال اورينٽل ڪاليج حيدرآباد سنڌ کي سونپيو
ويو.“ سنڌي ادبي بورڊ جي مانائتي مترجم ۽ سندس
مددگار ساٿين انھيءَ ڪم کي پنھنجو قومي فرض سمجهي
اهو ڪم پنھنجي رضاخوشيءَ سان سرانجام ڏئي پوري قوم
کي ٿورائتو ڪري ڇڏيو.
”هيءُ ڪتاب جو عام طرح
”چچنامه“
جي نالي سان مشھور ٿي ويو آهي، سو نه فقط سنڌ جي
تاريخ بابت پھريون بنيادي ڪتاب آهي، پر سڄي براعظم
پاڪستان-
هندستان جي تاريخ جي سلسلي ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتاب
آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ وارين حڪومتن
جو مختصر احوال ۽ سن 15 کان 96 هجريءَ (714ع-637ع) تائين هندستان جي اُتر-
اُلھندي سرحدن تي اسلامي فوجن جي اوائلي، بري ۽ بحري حملن ۽ آخر
۾ مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتحن جو مفصل ۽ مستند ذڪر
موجود آهي. انھيءَ ڪري قدامت جي لحاظ سان هيءُ
ڪتاب وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو.“ (مقدمو: 1)
”هيءُ ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾ لکيل هو، ۽ سن 613 هجري ڌاري ان جو
فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو.“
(مقدمو: 1) هن ڪتاب جي تاريخي حيثيت جو پتو
مطالعي کانپوءِ ئي ٿئي ٿو ته، هن ڪتاب کي ڪيڏي
محنت ۽ قابليت سان لکيو ويو آهي، جنھن ۾ مترجم جي
قابليت عيان نظر اچي ٿي. مذڪوره ڪتاب جي تاريخي
اهميت کي ڏسندي، انگريزي ۽ فارسي زبانن ۾ به ترجمو
ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ جيڪو ترجمو ڪيو ويو سو
فارسيءَ ٻوليءَ جي بدولت ٿيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ
پنھنجي پھرين نشست ۾ ڪيل واعدي کي نڀاهيندي اهو
علمي ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ پوءِ وري هڪ ٻئي ڪتاب
”تاريخ معصومي“ کي ترجمو ڪرايو
ويو، جيڪو فني ۽ فڪري حوالي سان لاجواب نمونو آهي.
اسان جي مطالعي هيٺ مذڪوره ڪتاب جو چوٿون ڇاپو،
جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 2006ع
۾
شايع ڪيو آهي،
سو سامھون آهي. مذڪوره ڪتاب ٽي سؤ ٻٽيھن صفحن تي مشتمل آهي
.
جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ
آهي. هي تاريخ جو ڪتاب
’چچنامه‘
کان پوءِ نه رڳو سنڌ جي تاريخ جو اهم ترين باب
کولي ٿو، ۽
”اهم ترين دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. پر چچنامي کان پوءِ محققن
۽ عالمن جي مطالعي جو مرڪز به رهيو آهي.“ (ڇپائيندڙ پاران: 2006ع).
مذڪوره ترجمي بابت مترجم، مخدوم امير احمد لکي ٿو
ته:
”هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل ترجمي متعلق ڪجهه وضاحت ضروري آهي. ڪنھن ڌاري ٻوليءَ مان ترجمي ڪرڻ جا ٽي
نمونا ٿي سگهن ٿا: هڪ بلڪل لفظ بلفظ ترجمو، هيءُ
طريقو اڄڪلھه نا مقبول آهي. ٻيو صفا آزاد ترجمو، جنھن
۾ رڳو ڪتاب جو مضمون پيش ڪيو وڃي، باقي ٻيو خير،
ٽيون آهي اهڙو ترجمو جنھن ۾ وچيون رستو ورتو وڃي،
نه بلڪل تحت لفظي ترجمو ڪجي نه بلڪل آزاد، اسان
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صلاح سان اهو
پويون طريقو اختيار ڪيو آهي، جو اسان جي خيال ۾
ترجمي لاءِ بھترين طريقو آهي.“
(مخدوم: 2006، 6)، هيءُ ڪتاب اصل ۾ فارسيءَ ۾ لکيل
آهي.
”هن تاريخي ڪتاب جو مؤرخ مغل دور جو نامور اديب، شاعر، محقق ۽
مغل سرڪار جو سياستدان سيد نظام الدين محمد معصوم
عرف’مير معصوم بکري‘
آهي، جنھن هيءَ تاريخ اصل فارسي ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ
1009ھ ڌاري لکي تيار ڪئي.“ (اعجاز احمد منگي- سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ: ڇپائيندڙ
پاران).
اهڙي طرح سنڌي ادبي بورڊ پنھنجي ڪيل قول کي پورو
ڪندي، مير علي شير
’قانع‘
ٺٽوي جي ڪتاب
’تحفة الڪرام‘ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنھنجي پھرين نشست جي شروعات کي
مثبت نموني پنھنجي ڪيل فيصلي جي تڪميل تائين
رسايو. سنڌي ادبي بورڊ جو جيڪو منشور آهي انھيءَ
جي پاسخاطري ۽ ڀرم لاءِ هر لحاظ کان ڪوششون جاري
آهن.
”سنڌ جي تاريخ نويسي چچ نامي کان شروع ٿئي
ٿي ۽
”لبِ تاريخ سنڌ“ تي ختم ٿئي ٿي.“
(لاکو: 2009: 37).
بورڊ پاران عربي، فارسي تان ڪيترائي ڪتاب ترجما ٿي
رهيا
آهن
۽ ٻي طرف انگريزي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين جو تخليقي ۽ تاريخي،
سائنسي ۽ مذهبي قسم جا ڪتاب وافر مقدار ۾ شايع ٿي
رهيا آهن. رچرڊ برٽن جي ڪتابن جا ترجما ڪرايا ويا
آهن ۽ اهڙي طرح سنڌ جي نامور مفڪر علامه آءِ.آءِ
قاضي ۽ ايلسا قاضي جو ڪتاب
’ڀوري
ڇوڪري حق جي ڳولا ۾‘
(2005ع) ۾، محترم سومار علي سومرو جي معرفت ترجمو
ڪري شايع ڪرايو
ويو آهي. هي هڪ سؤ ٻائيتاليھن صفحن جو ڪتاب اصل ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾‘Adventures of the Brown girl In her search for God’
تان ترجمو ڪيو ويو آهي جيڪو سمورو فڪري نڪتن تي
ٻڌل آهي. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو اسان جي سامھون آهي،
”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برناڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشھور
تحريرAdventures of the Black Girl In her search for God’‘
جي جواب ۾ لکيل هڪ اهڙو فڪري نڪتن تي آڌاريل ڪتاب
آهي، جنھن ۾ موجود گهرو ادراڪ ۽ بيمثال تدبر ۾
ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳجهن ۾
دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بڻيو رهندو...
علامه صاحب انھيءَ تصورن تي تنقيد ڪندي انساني
سماج جي سماجياتي، سياسي ۽ روحاني تاريخ جو تذڪرو
ڪندي روحاني پاڪيزگي ۽ ذهني پڪائي لاءِ هڪ صحتمند
مذهب کي لازمي قرار ڏئي ٿو.“
(انعام الله شيخ-
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ: ڇپائيندڙ پاران).
سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ڪمن تي پڪا پوڙها توڙي
نوجوان شاگرد، استاد، عالم، اديب، ڏاها، مؤرخ،
محقق ۽ نقاد علم ۽ ادب سان چاھه
رکندڙ فخر ڪري انھيءَ جي ڪيل شاندار خدمتن ۽ ڪمن
جا مثال ڏئي پنھنجو ڪنڌ اوچو ڪري سگهن ٿا ته، هن
بورڊ ڪيترن ئي اڃارن جي علمي اُڃ اُجهائي
آهي. اسان وٽ هڪ ڪتاب
”سنڌ
جي درٻار“
از: جيمس برنس جو لکيل آهي، جنھن تان سنڌي ترجمو
مرحوم محمد حنيف صديقي ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب ڇوٿون
ڇاپو (1989ع) جو اسان جي اڀياس هيٺ آهي جيڪو 198
صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب
”سنڌ جي درٻار“ جيمس برنس جي مشھو انگريزي ڪتاب
(A Narrative of A Visit to the Court of Sindh: A
Sketch of the Histry of Cutch)
جو سنڌي ترجمو آهي. اصل ڪتاب سال 1831ع ۾ انگلنڊ ۾
شايع ٿيو هو. هن ڪتاب جي ترجمي جو ڪم محترم محمد
حنيف صديقي صاحب سرانجام ڏنو آهي. صاحب موصوف کي
بورڊ هن سان گڏ ساڳئي سلسلي جي ٻين ٻن تاريخي
ڪتابن(Sindh
and the Races that ihabit the Valley of the
Indus)
”سنڌو
نديءَ جي ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون“
از:
رچرڊ برٽن: ۽
(Travel in Sindh and Balochistan)
”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“ (از: هينري پاٽنجر) جي ترجمي (جنھن جو
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي)، جو ڪم سونپيو هو.“
(پيش لفظ:
1989ع، سيڪريٽري سنڌي
ادبي بورڊ).
اسان هت هيٺ هڪ سنڌي ترجمي جو ذڪر ڪريون ٿا جنھن
جو سنڌي ترجمو آهي
”سنڌ جي فتح“
(ڀاڱو پھريون)، از: ميجر جرنل ڊبليو.
ايف.پي.نيپيئَر، هن ڪتاب جو سنڌيڪار آهي، محترم
سومار علي سومرو. اسان وٽ مذڪوره ڪتاب جو (2007ع)
وارو ٻيو ڇاپو موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇھه
باب رکيل آهن ۽ ڪتاب جي آخر ۾ باب-1
جو ضميمو: ڀاڱو پھريون: افغانستان جي جنگ متعلق سر
چارلس نيپئَر جي خانگي خطن مان ٻه اقتباسات، جيڪي
206 صفحي کان شروع ٿين ٿا. ڀاڱو ٻيو: هندستاني فوج
جي معاملن سان واسطو رکندڙ هڪ اقتباسات. ڀاڱو
ٽيون: سرسي- نيپيئَر جي هڪ خانگي خط جو هڪ اقتباس، اهڙي طرح باب 4 جو
ضميمو، باب
6 جو ضميمو جنھن ۾ ڀاڱو پھريون: جنگ لاءِ نفرت
هئَڻ بابت، سرسي- نيپيئَر جي ٽن خيالن جو اقتباس. ڀاڱو ٻيو: سرسي- نيپيئَر طرفان امير رستم ڏانھن اختيار
ڪيل روش، سرسي-
نيپيئَر طرفان ميجر آٽورام ڏانھن خط اهڙي طرح
مذڪوره ڪتاب ۾، مير علي مراد طرفان سر چارلس
نيپيئَر کي،
9
آڪٽوبر 1843ع تي لکيل خط جو ٽڪرو. گورنمينٽ آف
انڊيا جي سيڪريٽري جو 30 آگسٽ 1843ع تي نوٽ. مير
رستم ۽ مير علي مراد جي درميان ٿيل معاملي بازيءَ
جي قانوني اثر جي باري ۾ سوال ۽ جواب. هن ڪتاب جي
ڀاڱي ٽئين ۾، ص: 227. سر چارلس نيپيئَر جا سندس ۽
ميجر آٽورام جي درميان ٿيل گفتگوئن بابت رمارڪ ۽
تبصرا.... اهڙي طرح ٻه سؤ چاليھه صفحن جو ڪتاب نھايت ئي قيمتي معلومات ڏئي ٿو. علم ادب جي دنيا ۾ ترجما وڏي
اهميت رکندا آهن، جن کي قابل مترجم فن پارن کي
سھڻو بڻائي پيش ڪندا آهن. اهڙي طرح سنڌي زبان ۾”ابنِ بطوطه جو سفر نامو: (سنڌ ۽ هندوستان جي
سفر متعلق) مدير ومرتب: عمر حسين الخشاب آهي ۽
سنڌي مترجم محمد ابراهيم عباسي آهي. مرزا قليچ بيگ
جو نالو بنيادي مترجمن ۾ ليکيو وڃي ٿو، جيڪو مختلف
ٻولين جو ڄاڻو ۽ سيبتو مترجم هو جنھن شاهڪار ڪتابن
جا ترجما ڪيا آهن. انھن
۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران،
”عجيب
ڳالھيون“
چاپو ٽيون (2007ع)، جنھن هڪ سؤ ستاويھه
آکاڻيون ترجمو ڪيل آهن ۽ انھيءَ کان سواءِ اسان جي
سامھون هڪ ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب
”گلن جي ٽوڪري“
ڇاپو چوٿون (جون 2005ع)، جنھن ۾ چوويھه
باب ۽ چوويھه
ڪھاڻيون ڏنل آهن. هي سمورو ڪتاب هڪ سؤ اوڻھٺ
صفحن تي مشتمل آهي.
”دنيا
جا عظيم افسانا“
(گڏيل ڀاڱا) سنڌيڪار: رشيد ڀٽي (ڇاپو ٽيون، مئي
2005ع) ۾ شايع ٿيو، جيڪو اصل ڪتابGreat
Stories”
Worlds“
تان ترجمو ٿيل آهي. جنھن ۾ پھريون افسانو ”چمي“ ۽
آخري افسانو ”پھرين اڏام“ ڏنل آهي. ٽيھن افسانن جي
ليکڪن سميت ضميما ۾: سورهن افسانه نگارن جي حياتين
جو مختصر احوال ڏنل آهي. هي سمورو ڪتاب (464) صفحن
تي مشتمل آهي. ”آمريڪي لوڪ ڪھاڻيون“ مرتب: رئشل
فيلڊ: مترجم: علي بخش ميمڻ، ڇاپو ٻيو: (2006ع)، هي
ڪتاب آمريڪي لوڪ ڪھاڻيون، آمريڪي فوڪ لورجي ڪتاب
American Folk and Fairy Tales”“
جو ترجمو آهي. جنھن ڳاڙهن هندن جون اٺ لوڪ ڪھاڻيون
۽ آمريڪي شيدين جون چار ڪھاڻيون، لوئيزينيا رياست
جون ٻه لوڪ ڪھاڻيون، ٽوني بيور ۽ پال بنيان جون ٽي
ڪھاڻيون ۽ اهڙي طرح آخر ۾: ڏاکڻي پھاڙي علائقي جون
ٽي ڪھاڻيون ڏنل آهن. هي سمورو شاهڪار ڪتاب هڪ سؤ
ڇهانوي (196) صفحن تي مشتمل آهي.
”ايشيا جون لوڪ ڪھاڻيون“ (ٻارن لاءِ ديس ديس جون
آکاڻيون)، مترجم: مراد علي مرزا هي ننڍڙو هڪ سؤ
اٺاويھه صفحن جو ڪتاب آهي جنھن ۾ انڊو نيشيا،
ايران، بنگلاديش، ڀارت، پاڪستان، ٿائيلينڊ، جپان،
فلپائن، سري لنڪا، سينگاپور، کمير، ڪوريا، الائوس،
ملائيشيا، نيپال ۽ ويٽنام جي آکاڻين جو ترجمو ڪيو
ويو آهي. ”هن ڪتاب ۾ ڏور ايشيا، ڏور اوڀر ايشيا ۽
ننڍي کنڊ سميت نار جي ملڪن سان لاڳاپيل تحريرن جو
لاجواب ترجمو ڪري سنڌ جي نئين نسل کي جيڪو املھه
تحفو آڇيو آهي، سو ايندڙ ڪئين ڏهاڪن تائين سنڌ جي
نئين نسل جي لکين ذهنن ۽ دلين تي اثرانداز ٿيندو
رهندو.“ (انعام الله شيخ: سيڪريٽري سنڌي ادبي
بورڊ: 2005ع، ڇپائيندڙ پاران)، هن ڪتاب جي پھرين
آکاڻي ”چانور جي آکاڻي“ آهي ۽ هن ڪتاب جي آخري
آکاڻي ”سوپاري ۽ پان جي ڪھاڻي“ آهي. هي سمورو
ننڍڙين آکاڻين جو هڪ سؤ اٺاويھن (128) صفحن تي
مشتمل ڪتاب آهي.
وحشِي جِيوَتَ جا نشان: هاورڊ موئرڊ جي
Savege Survivals’
‘ جو سنڌي ترجمو: از محمد ابراهيم جويو، ڇاپو ٻيو
(1994ع)، شايع ٿيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾، محمد
ابراهيم جويو لکي ٿو ته: ”هڪڙو ڪتاب جيڪو مون
1938ع ۾ پڙهيو، سو هيءُ زير نظر ڪتاب جي هاوورڊ
مُوئر جو
Savage Survivals
”وحشي جيوت جا نشان“ هو، جيڪو ان ڪتابي سلسلي جو
36 نمبر ڪتاب هو. ٻين ڪتابن سان گڏ، گهڻو پوءِ،
1947ع ۾، هن جو ٻيو ڪتاب، ايل. ٽي. هاب هائوس جو
The Rational Good
(”نيڪيءَ جي معقول سمجهاڻي“)، جيڪو ان سلسلي جو
113 ڪتاب هو، پڻ پڙهيم. هنن ٻنھي ڪتابن منھنجي دل
تي، اخلاقيات جي بنيادي سوالن جي سمجهاڻيءَ جي
سلسلي ۾ بيحد گهرو اثر پيدا ڪيو. خاص طرح
‘Savage Survivals’
جنھن جو ترجمو لائق پڙهندڙن جي اڳيان موجود آهي،
انسانَ جي انسانَ بڻجڻ، يعنيٰ انسانُ حيوان مان
انسان ڪيئن ٿيو.“ (جويو: 1994، 7)، هي سمورو ڪتاب
پنجن بابن تي مشتمل آهي. باب پھرين ۾ جيڪي عنوان
رکيل آهن، تن ۾، پاليل جانورن جو اصل نسل، 1. پنجن
سبقن جو هڪ ننڍڙو ڪتاب 2. پاليل ۽ جهنگلي جانور 3.
ڪتو 4. ٻلي 5. گهوڙو 6. گڏھه ۽ خچر 7. مال (ڳائو ۽
ماهو)، 8. رڍون ۽ ٻڪريون 9. وڏو هرڻ 10. اُٺ 11.
هاٿي 12. پاليل پکي 13. پاليل جيت 14. اختصار ۽
نتيجو. اهڙي طرح باب ٻيو: هن باب جو مکيه عنوان
آهي: ’پاليل جانورن ۾ وحشي جيوت جا نشان‘ هن باب ۾
ڪل ننڍاننڍا پندرهن عنوان ڏنل آهن. باب ٽيون: هن
باب ۾، مکيه عنوان آهي: ’مٿينءَ سطح جي ماڻھن
(قومن) جو حسب نسب‘ ۽ پڻ هن باب ۾ ٻيا ننڍا پندرهن
عنوان آهن. باب چوٿون: ’مٿينءَ سطح جي ماڻھن ۾
وحشي جيوت جا باقي نشان‘ اهم عنوان آهي ۽ هن عنوان
هيٺ ٻيا ننڍا ڏھه عنوان رکيا ويا آهن ۽ اهڙي طرح
هن ڪتاب جي پنجين ۽ آخري باب جو مکيه عنوان آهي:
’مٿينءَ سطح جي ماڻھن ۾ وحشي جيوت جا باقي نشان‘
(هلندڙ) هن باب هيٺ اٺ ننڍا عنوان ڏنل آهن. ٻي طرف
وري هن ڪتاب ۾ تصويرن جي فھرست الڳ ڏني وئي آهي،
جنھن جي سري هيٺ ستاويھه تصويرون ڏنل آهن. اهي
تصويرون مختلف جانورن جون آهن ۽ انھن تصويرن کي
ڏسڻ سان ڀلائي ۽ خرابي جو تصور اڀري اچي ٿو. هي
سمورو ڪتاب ٻه سؤ چوويھن صفحن جو هڪ بھترين ۽
معلوماتي ڪتاب آهي، جيڪو مختلف جانورن، پکين، جيتن
۽ انسانن جي قسمن ۽ عادتن کي ذڪر هيٺ آڻي تن جي
قسمن، عادتن ۽ آوازن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪتي ۽
ٻلين جا قسم، عادتون ۽ وفادارين جو تذڪرو ڪيو ويو
آهي. تهڙي طرح گهوڙي جي اصل نسل جي به وضاحت ڪئي
وئي آهي. (جويو: 1994، 21)، اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو
ته، مترجم ڪتاب جي اصل مواد کان متاثر ٿي، سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ هڪ لاڀائتي ڪم جو اضافو ڪري هڪ اهم علمي
قدم ڏانھن وک وڌائي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي
قومن ۽ قبيلن جي اصل نسل کي به بيان ڪيو ويو آهي
ته اهي قومون بنيادي طور ڇا هيون ۽ هن وقت ڇا آهن؟
خصوصاً انگريزي، فرينچ، اطالوي، اڄوڪا يوناني
وغيره وغيره بابت معلومات ڏني وئي آهي. بهرحال
انساني اوسر کان وٺي، وحشي ماڻھن جي ڌنڌن، وحشي
ماڻھن جي طبيعت، وحشي ماڻھن جي سمجھه، وحشي ماڻھن
جا اخلاقي خيال ۽ ماڻھن جي سماجي فطرت، هن ڪتاب جا
اهم موضوع آهن، جن تي بحث ٿيل آهي.
هت اسان ڊاڪٽر فھميده حسين صاحبه جي هڪ ڪتاب جو به ذڪر ڪنداسين. ڊاڪٽر صاحبه
جون سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾ شاندار ڪاوشون آهن.
هت سندس ترجموڪيل ڪتاب
’دنيا جون شاعر عورتون‘ اسان جي آڏو آهي، جيڪو ڪتاب جو ٻيو ڇاپو
(2010ع) وارو آهي.
دراصل هي ڪتاب انگريزيThe
penguin Book of Women Poets”“
تان ترجمو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي (87)
شاعرائن جي ڪلام مان چونڊ ڪري تن جي ڪلام جو نمونو
ڏنو ويو آهي جن ۾، مصر، يونان، روم، چين، هندستان،
تامل، آئريلينڊ، انگلينڊ، عربستان، بزنطيني، جپان،
اسپين، فرانس، اٽلي، ترڪي، ڪوريا، ميڪسيڪو، سئيڊن،
روس، فنلينڊ، ڪيوبا، آمريڪا، روس، ڊينمارڪ، ترڪي،
اسرائيل، ايران، تائيوان، ڪوريا، موراڪو، آئوري
ڪوسٽ، يوروگوئيءَ، چلي، پيرو ۽ اسپين جي شاعرائن
جي ڪلام کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انھن شاعرائن
جي خيالن کان واقف ڪرايو ويو آهي ته، دنيا جي
عورتن جون تخليقون ڪھڙي سوچ کي ظاهر ڪن ٿيون، اُهي
ڳالھيون انھن جي ڪلام مان سمجهي سگهجن ٿيون. هي
سمورو ڪتاب ٻه سؤ اٺن صفحن (208) تي مشتمل آهي
جيڪو عالمي ادب جو حصو آهي. اسان ڊاڪٽر فھميده
حسين جي معرفت انھن جي ڪلام سان روشناس ٿيا سون.
اسان هت هڪ ٻئي ڪتاب ’ايسپ جون آکاڻيون‘ جو ذڪر
ڪريون ٿا. هي آوائلي ڪتابن مان هڪ آهي، جنھن کي
ديوان ننديرام ميرچنداڻي سيوهاڻي سنڌيءَ جو ويس
ڍڪايو آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو اسان جي آڏو
آهي، جيڪو آگسٽ 2005ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جي
قيمت پنجيتاليھه 45 روپيا آهي ۽ هي سمورو ڪتاب هڪ
سؤ ايڪاسي صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سترهن
آکاڻيون موجود آهن. جيڪي مختلف جانورن، وڻن، ٻوٽن
۽ انسانن بابت آهن. پھرين آکاڻي جو عنوان آهي:
”گدڙ ۽ ڊاک“ ۽ ڪتاب جي آخري آکاڻي بازيگر ۽ ڳوٺاڻي
بابت آهي. هن ڪتاب جون آکاڻيون ڪنھن نه ڪنھن نصيحت
تي آڌاريل آهن ۽ انھن نصيحتن مان انسان وڏو فائدو
حاصل ڪري سگهي ٿو. اسان مٿي ڪن تاريخي ڪتابن جي
ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي، پر اڃا به ڪن بھترين شاهڪار
ڪتابن جا ترجما ٿيا جن ۾: ’لُبِ تاريخ سنڌ‘ تاليف:
خان بھادر خداداد خان (سال 1318ھه مطابق سال
1900ع)، تصحيح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ هن ڪتاب
جو سنڌي مترجم آهي، حافظ خير محمد اوحدي آهي. هن
ڪتاب جو ٻيو ڇاپو (1994ع) اسان جي زير مطالعه آهي.
هي سمورو ڪتاب ٽي سؤ ٽيھتر (373) صفحن تي مشتمل
آهي ۽ ان کان سواءِ ستٽيھه صفحا انگريزيءَ ۾ آهن.
هي سمورو ڪتاب ٽن بابن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي
اشاعت جي مقصد کان وٺي سمورو مواد تاريخي اهميت
وارو آهي. سنڌ تي سنڌ نالو ڪيئن پيو، ان جون حدون
۽ سندس دارالحڪومت ۽ صوبن بابت معلومات ڏني وئي
آهي. هن ڪتاب جي باب ٻيو ۾، سنڌ جي حڪمران گهراڻن
جي طبقن بابت ٻڌايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ برهمڻ
گهراڻي کان ٽالپر گهراڻي جي متعلق معلومات ڏني وئي
آهي. ڪتاب جي ٽئين باب ۾، سنڌ جي گورنر سرچارلس
نيپئر کان شروعات ڪئي وئي آهي، جيڪا ۽ اهڙي طرح
انگريزن جي دور حڪومت جي ٻين عملدارن بابت معلومات
پيش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ عنوان: ڪتاب جي
پڄاڻي، ڪاتب طرفان اختتامي نوٽ، ڪتاب جي تصحيح ۽
ضميمو تي پورو ڪيو ويو آهي. تاريخ سان دلچسپي
رکندڙن لاءِ هن ڪتاب ۾ قيمتي معلومات ڏني وئي آهي
جا ڪيترن ئي واقعن سان گڏ دلچسپي جو باعث بڻجي ٿي.
سنڌ ۾ اعليٰ انسانن جي کوٽ ڪونهي جن کي علم سان
پيار نه هجي. هن ڌرتيءَ پنھنجي ڪُک مان ڪيترائي
علمي گوهر پيدا ڪيا آهن، نه ڪي اهڙا بي ڳڻا انسان
جن ڌرتيءَ جي مانُ مرتبي کي لڄايو هجي، جن جو ڌرتي
ڌڻين، ملڪ، شھرن، ڳوٺن، تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي
ڪردارن سان پيار نه هجي. مون کي فخر آهي ۽ رهندو
جن سنڌي زبان جي خزاني کي وڌايو ۽ اسان کي علمي
معلومات ڏئي هڪڙي کوھه مان ٻاهر ڪڍي عالمي دنيا جي
ماڻھن جي خيالن کان واقف ڪرائي وسيع ۽ ويڪري دنيا
ڏيکاري. انھن مترجمن کي داد ڏجي ٿو، جن ٻين ٻولين
مان ترجما ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ نوان نوان علم ۽
نيُون نيون ڳالھيون ۽ نوان خيال ۽ نيون نيون سوچون
ڏئي، سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ کي سگهارو ڪري نئين
نسل ۾ علمي ساڃاه پيدا ڪرائڻ جا گس ٻڌايا آهن تن
عظيم ڪردارن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ
ڪونھن جو انھن جي شان ۾ چئي سگهان! جناب سومار علي
سومرو جوهڪ بھترين مترجم جي حيثيت ۾ نالو نروار ٿي
اڳيان اچي ٿو، جنھن، ميجر جنرل ڊبليو ايف پي
نيپيئر جي ڪتاب عنوان: ’سنڌ جي فتح‘ جي نالي سان
پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو اسان جي مطالعي
۾ آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پھريون ڀيرو
(1984ع) ۾ شايع ڪيو آهي. هي سمورو ڪتاب چار سؤ ستر
(470) صفحن تي مشتمل آهي. اسان هڪ ٻئي مترجم جي
ڪتاب ’رعيتي راڄ‘ جو مطالعو ڪريون ٿا، جنھن اسان
کي هڪ بھترين خيالن تي مشتمل ڪتاب پنھنجي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪري ڏنوآهي. دراصل هن ڪتاب جو اصل ليکڪ
افلاطون آهي ۽ ان جو سنڌيڪار، پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق
ابڙو صاحب آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو (نومبر 2006ع)
۾ شايع ٿيو آهي. هي سمورو ڪتاب چار سؤ (432) صفحن
تي مشتمل آهي، جنھن جي قيمت هڪ سئو ستر 170 روپيا
رکيل آهي. هي ڪتاب افلاطون جي جڳ مشھور انگريزي
عنوان ”Repulic“
جو سنڌي ترجمو آهي. مترجمن کي سلام آهي جو هنن
اسان تي وڏا احسان ڪيا آهن، جو اسان کي پنھنجي
ٻوليءَ ۾ هر قسم جي تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي علم و
ادب سان روشناس ڪرايو آهي. اسان جي سنڌ جي قديم
تاريخ، قديم آثارن جي هيٺ دفن ٿيل آهي. انگريزن
انھيءَ آثارن بابت ڪيترو ئي ڪم ڪيو آهي. هڪ ڪتاب
عطا محمد ڀنڀري مرحوم ’سنڌ جا قديم آثار‘ جي عنوان
سان، هينري ڪزنس جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو آهي. هي
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻيو دفعو (آگسٽ 2004ع)
ڇاپيو ويو آهي جيڪو اسان جي مطالعي هيٺ آهي. هي
سمورو ڪتاب چار سؤ ٻٽيھه صفحن تي مشتمل آهي.
مذڪوره ڪتاب جي صفحي 325 کان سنڌ جي لڪل تاريخ جي
اهڃاڻن ۽ آثارن جون ناياب تصويرون ڏنل آهن. ڪتاب
جي آخري صفحي تي سنڌ جي سِڪَنَ جون تصويرون ڏنل
آهن جيڪي ڌنڌليون ۽ ميريون نظر اچي رهيون آهن. هن
ڪتاب جي پيش لفظ ۾ عطا محمد ڀنڀرو لکي ٿو ته:
”انگريزن جي دور ۾ نه ايتري روشني هئي ۽ نه وري اڄ
جھڙيون سفري سهولتون موجود هيون، پر پوءِ به هڪ
جاکوڙي جوان هينري ڪزنس سنڌ ۾ پري پري ڪُنڊن پاسن
۾ پھچي، اهڙن دڙن جي کوٽائي ڪئي، جتي پھچڻ ڏاڍو
مشڪل هو. هن سڄي سنڌ جا دڙا ۽ ڀڙا گهمي، کوٽايون
ڪري ((Antiquities
of Sindh
’سنڌ جا قديم آثار‘ نالي هڪ معياري ڪتاب لکيو.“
(ڀنڀرو: 2004، 9) دل جي ڳالھه آهي ته، اسان جي سنڌ
جي تاريخ ته، انھن دڙن، پڙن، ڪوٽن، قلعن ۽ قديم
قبرستانن ۾ دفن ٿيل آهي ڪي کاهوڙي مڙس ئي انھن جي
ساخت ۽ قدامت کي ڏسي اوسا پاسا جاچي، سنڌ جي
تاريخ، ثقافت ۽ تھذيب کي کوٽي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا.
اسان کي صدق دل سان جي پنھنجي تاريخ سان عشق ۽
دلچسپي آهي ته، انھن دفن ٿيل دڙن ۽ پڙن جا درکوٽي،
تن ناياب اسمن تي عقابي نگاھ وجهي تاريخ جا پيرا
کڻون جيڪي تاريخ ۽ تھذيب جا آثار انھن دڙن ۾ لڪل
آهن تن جي اصليت کي سڃاڻي سنڌ جي عوام جي آڏو رکي
دنيا کي محسوس ڪرايون ته، اسان تاريخ رکندڙ قوم
آهيون، جن جي پنھنجي ڌرتي، پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽
ثقافت آهي. قديم وسنديءَ وارا شھر به انھن جو حصو
آهن، جتان تاريخ جا نقش چٽا ٿي بيھندا. اڄ اسان کي
صحيح معلومات ڪونھي ته، ماضي ۾ وينجهرو، محفوظه،
ڀم جو ڀڙو، منصوره جي ڪھڙي حيثيت هئي؟ ڪڏهن آباد ۽
برباد ٿيا.
ڪجهه
ٽائيم کان پوءِ اگر انھن تي ڌيان نه ڌريو ويو ته،
اسان پنھنجي عظيم تھذيب ۽ ثقافت تان هٿ ڌوئي
ويھنداسين ڇاڪاڻ ته، جھڙيءَ طرح ڌارين جا قبضا ۽
للگارون ٿي رهيون آهن ته، اسان پنھنجي عظيم ماضي
جو سرمايو پرزاپرزا ڪرائي ڇڏرائينداسين. سنڌ جو
ڪوبه اهڙو علائقو نه آهي جتي قديم وسندين جا آثار
نه ملندا هجن. ڀلي توهان ٿر، بر ۽ اروڙ ڏسو هزارين
آثار ۽ اهڃاڻ اسان کي حيرت ڏياري ٿا ڇڏين ته، اهڙي
عظيم تھذيب جيڪا دڙن، ڀڙن جي هيٺيان لڪي ڇپي پئي
آهي! اهي اسم ۽ آثار اسان جي سنڌ جي خوشحالي ۽
آباديءَ جي ساک ڀري رهيا آهن. سنڌ جي چپي چپي ۾،
جيڪي قديم آثار موجود آهن تن جي هيٺيان سنڌ جي
عظيم تھذيب تجلا ڏئي رهي آهي، جيڪا سنڌ جي قدامت
جي ساک ڀري رهي آهي. سنڌ ۾ هزارن سالن کان موجود
جبلن جي غارن ۾ گرجاگهر، مندر، گردوارا ۽ مسجدون
ڇا جون علامتون آهن؟ امن، محبت، پيار، سلامتي اخوت
۽ ڀائيچاري جا مضبوط قلعا آهن. جتي انسانيت کي
پيار ۽ امن جو درس ڏنو ويندو هو. ’سنڌ ۾ کنڊرن جي
کوٽائي‘ (1997ع) مذڪوره عنوان سان ڪتاب آهي، جنھن
جو اصل ليکڪ اين. جي مجمدار آهي. ”هن سلسلي ۾
مجمدار جو ڪتاب
Exploration in Sindh
’سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي‘ وڏي اهميت رکي ٿو.“
(شوق: 1997، ٻه اکر)، هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌي
ادبي بورڊ، 1997ع ۾ شايع ڪيو آهي. هي سمورو ڪتاب
جنھن ۾، سنڌ بابت نھايت ئي اهم مفيد معلومات ڏنل
آهي. مذڪوره ڪتاب جو ڇاپو ٽي سؤ چئن صفحن تي مشتمل
آهي. اسان هت هڪ ڪتاب ’سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر‘
جو ذڪر ڪريون ٿا جنھن جو (1993ع) وارو ڇاپو اسان
وٽ موجود آهي. مذڪوره ڪتاب جو اصل ليکڪ: هينري
پاٽنجر آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو: محمد حنيف
صديقي ۽ سومار علي سومرو ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب پنج
سؤ ٻن صفحن تي مشتمل آهي. ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر
هن ڪتاب ۾ جاگرافي ۽ تاريخ جو احوال چڱي طرح سان
ذڪر هيٺ آندو آهي. سنڌ جي تاريخ بابت عربي، فارسي
۽ انگريزيءَ ٻولين ۾ چڱي تعداد ۾ ڪتاب ملن ٿا،
’تاريخ طاهري‘ (ٺٽي جي تاريخ) به هڪ اهم ڪتاب آهي.
هن ڪتاب جو اصل ليکڪ آهي، سيد طاهر محمد نسياني
ٺٽوي ۽ سنڌي مترجم آهي نياز همايوني. هن ڪتاب جو
تصحيح ڪندڙ، سنڌ جو ناميارو عالم، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ آهي. اسان جي اڀياس ۾ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو
(1995ع)، وارو موجود آهي. هن سموري ڪتاب کي پنجن
ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ حواشي ۽
تعليقات، حوالا ۽ متعلقات ڏسڻي ۽ آخر ۾ ڀلنامو ڏنل
آهي. هي سمورو ڪتاب چار سؤ اوڻٽيھه صفحن تي مشتمل
آهي ۽ ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ اوڻٽيھه صفحا پڻ
لکيل آهن. جيڪي ڪتاب جي علمي اهميت کي اجاگر ڪن
ٿا. سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، محترم حبيب الله
صديقي مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ
جي تاريخ جا ماخذ پنھنجي پنھنجي اهميت جا حامل
آهن. سورهين ۽ سترهين صديءَ جي حالات مطابق ”تاريخ
بلد ته تھته، المعروف به: تاريخ طاهري“ انھيءَ ڪري
نمايان آهي جو ان جو تاريخي واقعات کي قصه خوانيءَ
جي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.“ (صديقي: 1995ع، پيش
لفظ)، اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي بورڊ جون ترجمن واري
شعبي ۾ نمايان خدمتون نظر اچن ٿيون. هن اداري
پاران هر طرح نثر ۽ نظم جا علمي، ادبي ڪتاب ترجمو
ڪري ڇپراياويا آهن جن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي.
اسان هت هڪ ڪتاب ’گِرم جون آکاڻيون‘ جو ذڪر ڪريون
ٿا، هن ڪتاب جو مترجم: خانصاحب مريد علي آهي، جيڪو
اصل ڪتاب
(Grimm’s Fairy Tales)
تان ترجمو ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو پنجون
ڇاپو (آگسٽ 2005ع) ۾ شايع ڪيو آهي ۽، ڪتاب جي قيمت
پنجاھ رپيا رکيل آهي. هي سمورو ڪتاب هڪ سؤ پنجانوي
صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ ڪل اوڻيھه (19)،
آکاڻيون ڏنل آهن. هن ڪتاب جي پھرين آکاڻي ”ڇھه
نوڪر“ ۽ ڪتاب جي آخري آکاڻي ”ٻارهن ڀائر“ آهي. هن
سموري ڪتاب جون ڪھاڻيون نصيحت ڀريون ۽ سھڻي ٻوليءَ
۾ تخليقي ادب سان سينگاريل آهن، يعني ٻولي ۽
آکاڻيون دلچسپ نوع ۾ پنھنجا جلوا ڏيکاري رهيون
آهن، جيڪي دل کي وڻن ٿيون ۽ دماغ کي سُڪون ڏين
ٿيون. سنڌي مترجم جي اهڙي ڪم کي داد ڏجي ٿو، جنھن
ترجمي وارو درست حق ادا ڪيو آهي.
سن 1936ع ۾ سنڌ، بمبئيءَ سرڪار کان هڪ الڳ
صوبي جي حيثيت ۾ جدا ٿي. ٻنھي دورن ۾، انگريزيءَ
سان گڏو گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ، ترجمي ڪرڻ جو انتظام ڪيو
ويو ته جيئن عام ماڻھو انھن قاعدن قانونن کان سندن
پنھنجي ٻوليءَ ۾ واقف ٿين، ۽ انتظام رکڻ ۾ سولائي
ٿئي. اُن لاءِ باقاعدي سنڌي مترجم
Sindhi Translator))
جي آسامي ۽ آفيس قائم ڪئي ويئي.“ (الانا: 2006:
320)
ائين به ڪونه هو ته، هتي ڪا علم ۽ ادب جي سڃ
لڳي پئي هئي ۽ انگريزن اچي اُن کي آباد ڪيو.
برصغير ۾ هر قسم جو فڪر ۽ علمي، ادبي خزانو وافر
مقدار موجود هو ۽ آهي، هي تخليقي سرزمين آهي. هتي
هر قسم جا علمي ۽ ادبي، مذهبي، سياسي، سماجي،
ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي علوم ۽ فن موجود هئا.
”پر اسان وٽ پوءِ به تلسيداس، ڪاليداس ۽
سنڌي درويشن جي پنھنجي تعليمات سان گڏ يوناني،
رومي ۽ انگريزي روايتون به آيون: جو اسان ماضي
قريب ۾ مڪاني زبانن کان وڌيڪ انگريزي ڏانھن توجھه
ڏنو. يونانين وٽان اسان کي تمام گهڻو مواد ته
فلسفي جو مليو، جيڪو انگريزي زبان جي وسيلي اسان
حاصل ڪيو. يوناني ڏاهپ کي پسند ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ
ريت هنن جي فڪر ۾ استدلال، منطق ۽ علم ڪلام گهڻي
ڀاڱي موجود آهي، جنھن مان اسان پنھنجي افساني توڙي
ناٽڪ کي منطقي بنياد تي لکي سگهون.“
(الھداد ٻوهيو: 2013ع، 66)
ترجمي جو فن ۽ مطالعو:
ترجمي وارو فن ايڏو آسان ڪونهي ڇاڪاڻ جو ٻن ٻولين
جي لفظن، جملن، اصطلاحن کي پنھنجي مقامي ٻوليءَ جي
روپ ۾ پيش ڪرڻ ۽ جنھن ٻوليءَ تان ڪو فن پارو ترجمو
ڪيو ويندو آهي، انھيءَ اصل ٻوليءَ جي لوازمات جو
به خيال رکڻ گهرجي. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جن مترجمن ٻين
ٻولين تان ترجما ڪيا آهن، تن گهڻي قدر انھيءَ
ڳالھه جو خيال رکي تمام گهڻو ۽ ڳوڙهو اڀياس ڪري
ڪيترين ئي ٻولين تان نھايت ئي ڪارائتا ۽ معلوماتي
مضمون، مقالا ۽ ڪتاب ترجمو ڪيا آهن.
انگريزن جي دور ۾، ديوان ننديرام
ميرچنداڻي سيوهاڻي تعليمي ميدان ۾ اول درجي جي
حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن سڀ کان پھرين سنڌي
ٻوليءَ ۾ پھريون درسي ڪتاب لکي هڪ ڀلي ڪم جي
شروعات ڪئي، ۽ انھيءَ کان پوءِ مسلمانن ۽ هندو
عالمن درس وتدريس بابت ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
ڪيترائي ڪتاب لکي انعام اڪرام حاصل ڪياويا، انھيءَ
ڳالھه مان هر ڪو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته، وقت جا
حاڪم پنھنجي نظام سان ڪيڏا نه سچا هئا. پوکي راهي
کان ويندي، روڊن، رستن، آبپاشي، ريلوي نظام قائم
ڪيو. تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪرايو.
”ديوان
ننديرام
’ليکي
جو ڪتاب‘ عنوان هيٺ، هندي ڪتابن: هرهڪ
’مڪتب نامه‘ جوڙيل محمد ابراهيم مضيه ۽
’ڦئلاوت‘
جوڙيل
’رام
سرن داس‘ جي ڪتابن تان، سنڌيءَ ۾
’انگي حساب‘ جي نالي سان ترجمو ڪيا.“ ( الانا: 2006، 320) اسان جي مسلمان عالمن جون به، سنڌي
ترجمي ڪرڻ ۾ اهم ڪم رهيو آهي، جن ديني ۽ اخلاقي
ڪتابن جا ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ کي خوب ترقي
ڏياري. مولوي الھه
بخش اٻوجهو پنھنجي دور جو عالم، فاضل ۽ باادب
انسان هو جنھن جي علمي خدمتن کي فراموش نه ٿو ڪري
سگهجي.
”مولوي
الھه بخش
’اٻوجهو‘،
جنھن جي تربيت مولانا حاليءَ وانگر قومي محبت جي
فضا ۾ ٿيل هئي، شايد مولوي حاليءَ جي
’مسدس‘، کان متاثر ٿيل هو. هن
’مسدس حاليءَ‘ کي قوم جي تبليغ لاءِ بھترين آواز سمجهي، اُن جو سنڌي شعر ۾
ترجمو ڪيو.“
(الانا: 2006، 328) اهو بلڪل سچ به آهي ته،
ترجمو ڪرڻ هڪ ڏکيو فن آهي. ترجمي ڪرڻ واري لاءِ
رڳو اهو نه هوندو ته، رڳو لفظي ترجمو ڪرڻو هوندو
آهي، پر ٻنھي زبان جي اصل مفهوم جو به، خيال رکڻو
هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو مترجم جي اڳيان جيڪو فن پارو
آهي اهو ڪنھن قوم ۽ ٻوليءَ جي امانت آهي جنھن
سرزمين تي اسريو ۽ نسريو آهي، انھيءَ فن پاري ۾ هڪ
سماج، هڪ ملڪ، هڪ قوم ۽ هڪ ٻوليءَ جو روح شامل
هوندو آهي، انھيءَ خيال کي مدِنظر رکي پنھنجي ٻوليءَ کي به، مجروح ناهي ڪرڻو. سنڌي عالمن
ڀرپور نموني سان فڪري ۽ فني اصولن جي پوئيواري
ڪندي بھترين ترجما ڪيا آهن.
انھن عالمن ۾، ديوان نولرام اڌارام ۽
ٿانورداس، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، خانچند درياڻي،
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ديوان ننديرام
ميرچنداڻي سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙومل
چندن مل، ديوان ڏيارام گدومل وغيره جن انگريزن جي
دور ۾، دنيا جي بھترين ۽ معلوماتي ڪتابن جي چونڊ
ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا.
”اسان
جڏهن مختلف علمي ڪتابن جي تاريخ بابت ڄاڻڻ لاءِ
مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪيو انھيءَ مطالعي دوران
ڪيترن کي ڪتابن کي سامھون
رکيو جن جي اڀياس مان پڻ اها معلومات حاصل ٿي ته،
عربن جي دور کان وٺي اسان جي سنڌي عالمن پنھنجا
بھترين ڪتبخانه تيار ڪري عوام جي توسط سان عاليشان
نموني جي ديني تعليم لاءِ پنھنجي اڳيان ناياب ڪتاب
رکي تن مان شاگردن کي درس وتدريس جو فيض ڏئي تيار
ڪندا هئا. اسان هت ڪجهه
ڪتابن جو تذڪرو ڪريون ٿا. اسان وٽ سنڌي نظم جا
ڪتاب ڪلھوڙن جي دور کان ملن ٿا ۽ ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌي مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ شروع
ٿي جنھن ۾، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم ميان ضياءَ
الدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم ميان محمد
سنڌي پڻ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا. سنڌي نثر ۾ جيڪو
پھريون ڪتاب ترجمو ٿيل ملي ٿو، جيڪو 18 صدي جي وچ
ڌاري آيل نثر ۾ ڪيل ترجمي جو جهونيءَ عربي آئيويٽا
۾ لکيل آخوند عزيزالله ميمڻ جو قرآن شريف جو ترجمو
(1746ع)
۾
ٿيو. انھيءَ ڪتاب کي سنڌي ۾ آڻيندڙ، عربي
تان لفظي ترجمو ڪيو هو. تنھن هوندي به جملن ۾ اکرن
جي ملاوت، هيٺ مٿي ڪري اهڙي ته ڪاريگريءَ سان بيھاري
اٿس، جو سنڌي نثر مان نظم جو ساءُ پيو اچي.
گويا ڄڻ ته، جديد زماني جو نظاماڻو نثر (پوئيٽڪ
پروس) لکيو ويو آهي. ترجمي جو مثال ڏجي ٿو:
”اي
مومنا همراهي وٺو منجهه
مشڪلين ساڻ صبر ۽ نماز، تحقيق، خدا ساڻ صبر ڪندڙ آ
۽ چوءِ واسطي تن جي، جي ڪسن ٿا واٽ خدا جي پوءِ
مئل آهين، بلڪه
جيئرا آهين....او صابر سي آهين جڏهن رسي ان کي
سختي، چون اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانھن موٽون
ٿا.“
سنڌي ترجمي نگارن جيڪي ٻين ٻولين مان
شاهڪار ترجما ڪري پيش ڪيا تن ڪتابن مان ڪي قصن ۽
داستانن جا به ڪتاب هئا. عربيءَ ٻولي جيئن ته،
مسلمانن لاءِ هڪ احترام واري ٻولي ليکِي وڃي ٿي،
انھيءَ زبان مان جن ڪتابن جو ترجمو ٿيو، ان بابت
ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي وقت کان اهڙا داستان مروج رهيا آهن،
جيڪي يا ته عربي، فارسي ۽ هنديءَ تان ترجمو ٿي
سنڌي ٻوليءَ جي زينت بنيا، يا وري انھن جا بنياد
سنڌ جي تاريخ ۾ کُتل آهن. انھن ٻنھي قسم جي داستانن ۾ انسان لاءِ اخلاق، جدوجھد، انسانيت ۽
شرافت جا درس ڏنل آهن.
پر
گذريل اڌ صديءَ کان وٺي اهي داستان آهستي آهستي گم
ٿيندا پيا وڃن. نه صرف ايترو پر سنڌي ادب جي
گهڻگهرن به ان صنف ڏانھن توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. صرف لوڪ ادب اسڪيم تحت لوڪ ڪھاڻين سان گڏ
سنڌ جي نيم تاريخي قصن جي روايتن کي محفوظ ڪيو ويو
آهي يا وري انھن ڌارين قصن کي جيڪي نيم تاريخي ۽
نيم مذهبي اهميت جا حامل آهن.“ (قاضي خادم: 21) هن وقت جي تقاضا آهي ته، اهي لوڪ داستان يا
قصا ماڻھن جي ضرورتن يا حقيقتاً کان تمام گهڻو پري
آهن، انھن کي پڙهي ڪو استفادو حاصل نه ٿو ڪري
سگهي، ها البته جنھن دؤر ۾ اهي قصا ۽ داستان
پنھنجو وجود مڃرائي چڪا هئا جن ۾، راڻيون، شھزادا
۽ شھزاديون، بادشاهه، وزير، سوداگر، جن، ديوَ، پريون، ڏائڻيون، ڌوتيون،
جادوگرَ، جادوگرياڻيون، اڏر کٽوليون، شاهوڪارن،
ڏاهن، ٺڳن عام ماڻھن جون ڪھاڻيون ٻارن ۽ گهرن،
اوطاقن جي وندر جا ذريعا هئا سي هن جديد دور ۾
پنھنجي اها اڳوڻي مڃتا هن دور ۾ حاصل نه ڪري
سگهندا، ڇاڪاڻ جو جنھن دور ۾ انھن جي ضرورت هئي،
انھيءَ دور جي گهرج مطابق انھن داستانن، قصن ۽
آکاڻين وڏي مڃتا ماڻي هئي. ڪو وقت هو جو ماڻھن صرف
اهي داستان ۽ قصا ٻڌي پاڻ کي وندرايو ٿي انھن کي
اها به خبر نه هئي ته، اُهي قصا يا داستان ڪنھن
لکيا ۽ قلمبند ڪيا ۽ ڇو لکيائون، جڏهن تحقيق جودور
شروع ٿيو ته، محققن ڳولا ڪئي ۽ انھن قصن ۽ داستانن
جي جوڙيندڙن جا نالا به هٿ ڪري ورتا. قاضي خادم
رقم ٿو ڪري ته:
”جديد
تحقيق جي بنياد تي انھن قصن ۽ داستانن جا دور ۽
تاريخون اندازً هٿ ڪيون ويون آهن. نه صرف ايترو پر
انھن ڪتابن ۽ قصن جي ليکڪن ۽ جوڙيندڙن جا نالا به
هٿ ڪيا ويا آهن. جيئن ته مھاڀارت
جو ليکڪ
”وياس“ چيو وڃي ٿو، هن ۾ اٽڪل ٻه لک شعر آهن. رامائڻ جو ليکڪ
”والميڪ“ سمجهيو وڃي ٿو. (پنج تنتر) دنيا جو مقبول ترين ڪتاب آهي.
ڪليله ودمنه جو ليکڪ بيديا (ويدبابا) هندي ۽ ايسپ
جون آکاڻيون جو ليکڪ (ايسپ) جو نالو ورتو وڃي ٿو.“
(قاضي خادم: 33) انھن داستانن ۽ قصن کي علمي ۽
ادبي بنيادن تي پرکيو ويو ته، هي داستان، قصا يا
ڪھاڻيون علم جي ڪھڙي دائري ۾ داخل ٿين ٿا.
1.
فيبل (Fable)
لاءِ ڊاڪٽر جانسن چيو آهي، ”هي اهڙو بيانيه آهي،
جنھن ۾ حيوان يا بي جان شيون اخلاقي تلقين لاءِ
ماڻھن جيان ڳالھه ٻولھه ڪنديون ٿيون نظر اچن ۽
انسانن جيان ئي ڪم ڪاڄ به ڪن ٿيون. حڪايات لقمان
(ايسپ جو آکاڻيون) ان جو بھترين مثال آهن.“ ان کان
علاوه الف ليلا، طوطي نامو، ڪليله ودمنه به ان جا
بھترين مثال آهن.
2.
مٿ (Myth)
ڏند ڪٿا: هي اهي روايتون آهن جيڪي مذهب ۽ ديوَ
مالا جي پراسرار عقيدن، وهم ۽ وسوسن سان ڀريل آهن.
انھن جي ڪابه سائنٽيفڪ يا سائنسي تاويل ڪانھي، پر
ڪي ڪي عقيدي جا ڪچا ماڻھو اڃا به انھن مان ڪن کي
تسليم ڪيو ويٺا آهن.
3.
ليجنڊ (Legend):
هيءُ ڪنھن قوم يا گروھ جي نيم تاريخي روايت ٿيندي
آهي. تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه هوندو آهي يا هوندو
به آهي ته تمام مختصر پر عوامي زبان ۾ ۽ ذهن تي
هجڻ جي ڪري، ان جي ڪھاڻي ۽ ڪردار به امر ٿي ويندا
آهن... خاص ڪري سنڌي داستانن جون سورميون: مارئي،
مومل، سورٺ، ليلا، سھڻي ۽ سسئي....ليجنڊ مذهبي به
ٿي سگهي ٿي ۽ غير مذهبي به مثلاً: رستم جي بھادري،
ليليٰ مجنون جو عشق، فرهاد جو جبل ٽاڪي کير جي نھر
شھر آڻڻ، درويديءَ جا پنج مڙس هجڻ، يونان جو تختو
اونڌو ٿيڻ يا سڪندر جو آئينو ٺاهڻ. يا مومل جو
جادوئي محل ٺاهڻ، سھڻيءَ جو گهڙي تي درياھ پار
ڪرڻ، سسئي جو جبل ۾ داخل ٿي وڃڻ، مارئي جو محل ۽
ماڙيون ٺڪرائڻ، باھ تي هلي امتحان ڏيڻ.
4.
رومانس (Romance):
سڀ کان پھرين فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪنھن غير
معمولي واقعي کي نثر يا نظم ۾ بيان ڪرڻ کي رومانس
ڪوٺيو ويو. ان جا خاص جزا، جنگ، حسن، عشق، ايمان ۽
مذهب آهي.... سنسڪرت ۾ مھاڀارت، رامائڻ، هومر جي
ايليڊ ۽ اوڊيسي به رائج الوقت گيتن ۽ مختصر رومانس
کي ملائي ترتيب ڏنل آهن. هيروڊوٽس جي تاريخ ۽
فردوسيءَ جو شاهه نامو ان وقت جي مروج ڪھاڻين تي
ئي ٻڌل آهن“ (قاضي خادم: 33)
انھن مٿين ڪھاڻين، داستانن ۽ قصن جا ڪردار به عجيب
آهن، جن ۾ وندر ورونھن رکيل آهي. بي جان ڪردار:
ٽڪريون، جبل، نديون، ڍنڍون، تلا، جهولا ۽ جهڪون
وغيره ۽ وري جاندار، پکي ۽ جانور وغيره اچي وڃن
ٿا.
”سنڌ ۾ داستان قصا ۽ آکاڻيون قديم زماني
کان مروج آهن. البته ڪتابي صورت ۾ ڇپيل داستان
انگريزن جي دور جي پيداوار آهن، جن ۾ گهڻا اردو ۽
فارسي قصن ۽ داستانن جا ترجما آهن. اهڙي قسم جو
پھريون ڇپيل قصو
”طوطي نامه سنڌي“ آهي، جيڪو پھريون ڀيرو 1854ع ۾ ڇپيو، ۽ پوءِ به ٻه چار ڀيرا
ڇپيو. هي داستان حيدربخش جي اردو طوطا ڪھاڻي تان
گل محمد حبيب الله ترجمو ڪيو هو. ساڳيو قصو 1862ع
۾ اڌارام ٿانورداس هنديءَ تان ترجمو ڪري ڇپايو.
1890ع ۾ ٻيو دلچسپ قصو گل بڪاولي ڇپيو. هي قصو اصل
۾ فارسيءَ ۾ عزت الله بيگ جو لکيل هو، جنھن جو
اردو ترجمو نھال
چند ڪيو هو. سنڌي ترجمو احمد خان جلباڻي ڪيو.
1892ع ۾ الف ليليٰ ۽ حاتم طائي جا ترجما به ڇپيا.
حاتم طائي جو قصو به حاجي امام بخش خادم جو ترجمو
ڪيل هو.“ (ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي: 1992، 118)، فني ۽ فڪري حوالي سان
جيڪڏهن جديد ۽ قديم ترجمن جي فن جو اڀياس ڪنداسين
ته، انھن ۾ جيڪو نمايان فرق نظر اچي ٿو سو آهي، هڪ
اسلوب جو ۽ ٻيو اصطلاحن جو ڇاڪاڻ جو اڄ کان سوا سؤ
سال جيڪي ترجما ٿيا تن ۾ ميٺاج ۽ دلچسپيءَ جو گهڻو
خيال رکيو ويو آهي، جڏهن ته اڄوڪو سائنسي دور آهي،
انھيءَ ڪري هر ماڻھو چاهي ٿو اسان جي سامھون سچيون پچيون ۽ حقيقي ڳالھيون بيان ڪيون وڃن جيڪي اسان جي
اکين اڳيان ٿيندو هجي. جڏهن ته، پراڻن قصن ۽
داستانن جا ترجما به انسانن جا وندر جا ذريعا هئا
۽ هر ماڻھوءَ پنھنجي ڪم يا واندڪائيءَ لاءِ وندر
جون ڳالھيون ٻڌڻ جي خواهش رکي پيو انھيءَ ڪري ان
وقت جي گهرج ۽ تقاضا اها ئي هُئي جيڪا قلمبند ٿي
رهي هئي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته،
”اُهي قصا پوءِ به وقت به وقت ڇپبا رهيا. 1892ع ۽ 1893ع ۾
ٻيا به ڪجهه قصا ڇپيا، ... 1902ع ۾ آخوند لطف الله جو لاثاني ۽ لاثاني
’گل خندان‘ ڇپيو. هي داستان اردو جي مشھور قصن جي ڪتاب
”فسانه عجائب“ جي قصي جو آزاد ترجمو آهي. فسانه عجائب مرزا رجب علي بيگ
سرور (وفات 1867ع) ميرا من دهلوي جي ڪتاب
”باغ و
بھار“ (چاردرويش) جي جواب ۾ 1240ھه ۾ لکيو. مصنف، داستان جو پلاٽ اردو داستان جي مختلف حصن تان
اخذ ڪري هڪ خاڪو تيار ڪري، ان تي پنھنجا جوهر
ڏيکاريا آهن. پلاٽ جي ماهيت نھايت وزن دار، موزون ۽ دلچسپ آهي. سنڌي
مترجم انھيءَ کي سھڻي نموني نڀاهيو آهي.“
(ميمڻ، عبدالمجيد: 1992، 118، 119)، تخليقي
۽ سائنسي ترجمن جو وڏو مسئلو اصطلاحن جو آهي. هن
وقت جي صورتحال ڪجهه هن طرح آهي ته، اهي وڻندڙ رنگ ۽ ڍنگ سان
ترجمو ڪيل قصا يا داستان آهستي آهستي گم ٿي رهيا
آهن ۽ اُهي شاهڪار ترجمن واريون تصنيفون جن جو ملڻ
به، هن وقت محال آهي، سي خبر ناهي ڪھڙي ڪنڍ ۽ ڪھڙي
حالت ۾ موجود آهن، انھن کان اسان جو موجوده نسل
لاتعلق يا اڻڄاڻ آهي. اهو هڪ اهڙو دورهو جو مختلف
ٻولين مان قصن ۽ داستانن جا ترجما ٿيندا رهيا ۽
اهڙي طرح
”خود سنڌي غزل جي باڪمال شاعر مير
عبدالحسين سانگي به قصا لکيا آهن، جھڙوڪ: قصو قصئه
دلچسپ، قصئه گل رنگ وگل انداز (1904ع) وغيره. عربي
جو مشھور
قصو
”امير
حمزو“ به اردو تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو، ته ڪيترائي ڀيرا ڇپيو. هي قصو
قاضي عبدالغفور هالائيءَ ترجمو ڪيو هو.
”گلِ صنوبر“ ۽
”سيف
الملوڪ“
۽
”بديع الجمال“، قصا به اردو تان ترجمو ڪيا ويا، جيڪي اصل فارسي قصن تان
ورتل ۽ ترجمو ڪيا ويا هئا.
مشھور اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جا به ڪجهه قصا لکيل آهن. 1909ع ۾
”ممتاز دمساز“ لکيائين، جيڪو اردو تان ترجمو ٿيل آهي. هي قصو اصل ۾ فارسي
قصي
”مھرور بانو“ تان ورتل آهي.“
(ميمڻ، عبدالمجيد: 1992: 119) اهڙيءَ طرح، سنڌ جي
عالمن، اديبن جن کي عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين تي
پورو پورو عبور حاصل هو تن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما
ڪري پنھنجي علمي ۽ ادبي ذخيري ۾ گونا گون واڌارو
ڪيو. شروعات ۾
قصن ۽ داستانن جا ڪتاب ترجما ٿيا ۽ پنھنجي دور ۾
وڏي مڃتا ماڻيائون. اهڙي طرح
پھرين آکاڻي جا ترجمو ٿي، سا ديوناگري ۾ لکيل هئي انھيءَ کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾
منشي اڌارام ٿانورداس ترجمو ڪئي. جڏهن قصن ۽
داستانن وجود وڃائڻ شروع ڪيو ته، انھيءَ جاءِ تي
ناولن جاءِ حاصل ڪئي. سڀ کان اول سنڌي ٻوليءَ ۾
پھريون ترجمو ٿيل ناول
”راسيلاس“ جي نالي سان منشي اڌارام ۽ ٿانورداس
”پرنس آف ايبسينا“ تان ترجمو ڪيو هو. ميران محمد شاهه
”سدا توري ۽ ڪڌا توري“ جي ڳالھه
”سبوڊي ڪبوڊي“
تان ترجمو ڪئي. تاريخ سنڌ (فارسي تاريخ معمصومي)
تان نند يرام مير چنداڻي سيوهاڻي 1854ع ۾ ترجمو
ڪئي. هندستان جي تاريخ (اردو تان) قاضي غلام علي
1854ع ۾ ترجمو ڪيو. دنياجي تاريخ (اردو تان) ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي 1855ع
۾ سنڌي ترجمو ڪيو.
ڪولمبس جي تاريخ (انگريزي تان) ڪوڙي مل کلناڻي
1869ع ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪئي.
”منتخب تاريخ انگلستان“ انگريزي تان واڌو مل چنديرام 1862ع ۾
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي.
”انڊين
پينل ڪوڊ“ (انگريزي تان) ديوان هاسارام 1863ع ۾
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. فرانس ۾ بورزوا انقلاب 1879ع ۾
آيو، پر بورزوا تمدن سن 1828ع کان اڳي اتي زندگي ۾
رائج نه ٿي سگهيو، جنھن ڪري بالزڪ پنھنجي ناول جو
محور بورزوا طبقي کي نه بلڪه
”رٽيسن“ جي طبقي کي بڻايو. 1885ع پادرتي بمبرج سنڌ ۾ لٽرري سوسائٽي
نالي ڪراچيءَ ۾ هڪڙي ادبي جماعت قائم ڪئي. جنھن
جون هفتوار گڏجاڻيون
”ڊينسوهال“ ۾ ٿيڻ لڳيون. انھن گڏجاڻين ۾ سنڌ جي اوائلي اديبن پڻ حصو
ورتو ۽ انگريزي ادب مان ڪافي واقفيت حاصل ڪئي ۽
انھن ئي اديبن سنڌي ناول نگاريءَ جو بنياد وڌو ۽
جيئن ذڪر ڪيو اٿم ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ترجمو
ٿيل ناول آيو سوهو
”راسيلاس“ اهو ناول جڳ مشھور
اديب ڊاڪٽر جانسن جو لکيل آهي، جنھن کي 1870ع ساڌو
نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي ترجمو ڪيو.
هن ناول جي ترجمي جي خوبي هي آهي جو سليس، سپڪ،
عام فھم سنڌي زبان ۾ اهڙي طرح آندو ويوآهي جو
ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته هي لکيو ئي سنڌي زبان
لاءِ ويو آهي. هن ناول جو موضوع تلاش ۽ کوجنا آهي.
هن ۾ حبش جي شھزادي
”راسيلاس“ ۽ سندس ڀيڻ
”نيڪايا“
عملاڪ نالي هڪ سائنسدان جي صحبت ۾ اچي شھزادن واري
هڪ رخي زندگي مان بيزار ٿي مائٽن کي اطلاع ڏيڻ کان
سواءِ لڪ چوري سان نڪري دنيا جو سفر ڪري وڏو
تجربو حاصل ٿا ڪن. هن ناول ۾ سائنس جي ايجاد جي
وسيلي هوا ۾ اڏامڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي هئي. ان
کانپوءِ مرزا قليچ بيگ دلارام 1888ع ۾ لکيو جنھن
لاءِ چيو ويو ته هي اردو جي ناول
”صحت النساءِ“ جو ترجمو آهي پر، مرزا قليچ بيگ پنھنجي آتم ڪٿا
”سائو پن ۽ ڪارو پنو“ ۾ اها غلط فھمي دور ڪري ڇڏي آهي. هي ناول پاڻ دلئون جوڙيو هئائين. ساڌو
هيرانند جي مخزن
”سرسوتي“
سروالٽر اسڪاٽ جي تاريخ ناول
”ٽيلزمين“ جو سنڌي ۾ 1891ع
”طلسم“ قسطوار ڇپجڻ لڳو. هن ناول جو ترجمو شروع ۾ بولچند ڪوڏو مل
ڪيوهو، پر پوءِ ان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ باقي حصو
ڪاڪي ڀيرومل ترجمو ڪري ناول کي مڪمل ڪيو،
ڇاڪاڻ ته
”سرسوتي“ ۾ ترجمي ڪندڙ جو نالو ڪونه هو تنھنڪري اها غلط فھمي پڻ عام هئي ته، هن ناول جي شروعاتي
حصي جو ترجمو ساڌو هيرانند ڪيو هو پر اها حقيقت نه
آهي. 1888ع کان هي ترجمن وارو سلسلو ھلندو رهيو.
1915ع ۾ ان وقت سناتن ڌرم سڀا وارن 1901ع ۾
”سناتن
ڌرم پرچارڪ پتر“
نالي ماهوار رسالو ڪڍيو جنھن ۾ ڪيترائي ناول ترجمو
ته ڪجهه اصل لکجندا رهيا. هن رسالي هلائڻ وارن جو مطلب هو سماج جو
سڌارو. سو هنن جيڪي ناول ڇاپيا ويا تن ۾ سماجي ۽
گهرو اوڻاين کي چٽو ڪري ڏيکارڻ ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو هو. 1925ع کان 1940ع تائين سنڌي ساهت ۾
هندستاني ٻولين مان ترجمو ڪيل آکاڻين جي زبردست
هوا کلي پئي جنھن ۾ اردو، هندي، بنگالي، گجراتي،
مرهٽي ٻولين مان ڪيتريون آکاڻيون سنڌيءَ ۾ اچي
ويون. انھيءَ ترجمي واري دور کي ماهوار رسالن جو
دور به چئي سگھجي ٿو. جنھن ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ
جو ماهوار رسالو
”سندر ساهت“ توڙي ٻين ادبي سوسائٽين ترجمن معرفت سنڌي ڪھاڻين ۽ ناولن جي
انگ ۾ اضافو آندو جنھن سان نيون فضائون سنڌ جي
ادبي تاريخ جي اڱڻ تي روشني ڦھلائڻ لڳيون ۽ مغربي
آکاڻين جا ترجما ٿيڻ لڳا. سنڌ جي ناميارن عالمن جي
ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏو معلوماتي ڪتابن جو ذخيرو
اچي ويو، جن ۾ مقامي ٻولين جي ادب کان ويندي،
مغربي شاهڪارن جا به ترجما ڪيا ويا سڀني مترجمن جو
ڪم اهميت وارو هو
پر انھن عالمن ۾، مرزا قليچ جو نالو مڙيوئي
سرس ۽ اهم جاءِ والاري ٿو. سنڌي زبان ۽ ادب جي
اضافي لاءِ، ٻين ٻولين مان ڪيترن ئي علمي ادبي
شاهڪارن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب جي
ذخيري کي وڌايو. جن ۾ ناول، ناٽڪ، ڊراما، افسانه،
آتم ڪٿائون ترجمو ڪري پيش ڪيون ويون آهن. 1939ع ۾
ڪھاڻي
”ساهتيه
منڊل“ جي بانيڪار جڳت آڏواڻي به چڱائي سھڻا
ناول ترجما ڪيا هئا. جن مان مکي شرٽ چندر جا هئا.
سر هال ڪين جي پھرين مھاڀاري لڙائي بابت دل ڀڄائيندڙ ناول
”وومين آف ناڪا لوئي“ جو ترجمو
”آخري سفر“
1939ع
۾
ڪيائين. هر زماني جي تقاضا مطابق عالمن ترجما ڪيا
آهن. 1940ع ۾ جيٺانند لالواڻي جو ڀارت جيون سلسلو.
1941ع ۾ ڏيارام سڀاڻيءَ جو آشا ماهوار سلسلو
۽ 1947ع ۾ بھاري ڇاٻڙيا جو
”زندگي پبليڪيشن“
انھن سلسلن ۾ گھڻو ڪري هندستان جي ڏيھي ادب سان گڏ
پرڏيھي ادب خاص ڪري هندي، سنڌي، گجراتي، مراٺي،
بنگالي، روسي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزي ٻولين جي
شاهڪارن جو ترجمو ڪيو ويندو هو. منشي پريم چند،
رابندرناٿ ٽئگور، بنڪم چندر چئٽرجي ۽ ڪرش چندر
وغيره مشھور ٿي ويا. ٻاهرين ملڪن جي ليکڪن ۾
اوهينري، پرل بڪ، ٽالسٽا ۽ گورڪي چيخوف ۽ موپا سان
جون ڪھاڻيون ۽ ناول ۽ شيڪسپيئر، گوگول ۽ ٻين جا
ناٽڪ به ترجمو ٿيا. ولي لام ولڀ لکي ٿو ته:
”ورهاڱي تائين گهٽ ۾ گهٽ 400 ـ 500
ڪھاڻيون، 150 کن ناول، 50 کن ناٽڪ ۽ 200 کن ٻين
موضوعن جا ڪتاب ترجما ٿيا هوندا. ان طرح جديد ادب
لاءِ ترجمن وسيلي ميدان هموار ٿيندو ويو.
ترجمانگار ترجمو ڇو ٿا ڪن؟ ان لاءِ ولي رام ولڀ
پنھنجي هڪ مضمون
”سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت“ ۾ لکي ٿو ته:
”مترجم
هڪ
”بلڊ
ڊونر“ وانگر هوندو آهي، جيڪو انھن اصلوڪن
تخليقڪارن کي پنھنجو رت
ڊونيٽ
”عطيو“
ڪندو
آهي، جن جو هو ترجمو ڪندو آهي. ترجمي نگارن جا
پنھنجي انھن پڙهندڙ تي ٿورا آهن، جيڪي پرڏيھي ادب
مھيا ڪري ڏين ٿا. جيئن اڳ ۾ ڪجهه اهڙن معتبر ۽ مانائتن عالمن جا نالا لکي
چڪو آهيان جن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. رت ولوڙيو،
انھن ۾ ننديرام، ميرچنداڻي، ديوان ڪوڙل مل،
نگراجاڻي، لال چند امر ڏنومل، ميلا رام، ميران
محمد شاهه، جيٺمل پرسرام گلراجاڻي، غلام حسين
قريشي، ميلارام وسواڻي، نانڪرام ڌرمداس، ديوان
اڌارام ٿانورداس ۽ ٻين سڀني ۾ وڏو سرواڻ مرزا قليچ
بيگ هو. ورهاڱي کانپوءِ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي،
جن ورهاڱي کان اڳ جن عالمن ترجما ڪيا انھن عالمن
کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، جنھن ادب ۽ ٻولي جي
ترجمي جي ڦھلاءُ ۾ پنھنجو مکيه ڪردار ادا ڪيو،
جيڪي اسان جي ادبي ذوق جا باني ترجمي نگار هئا.
هندو توڙي مسلمانن شروعاتي ترجمن واري ڪم کي
ڪامياب بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، اُن لاءِ ادارا
قائم ڪيا ويا. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته، سنڌي مسلمان
عالم سنڌ ۾ ڪتابي ادارا، ڪتابي سلسلا ۽ رسالا بند
ٿيڻ تي خاموش ڪونه ويٺا. سماجي، سياسي، معاشي،
ثقافتي اثرات پوڻ ته اڻٽر هئا،
پر پنھنجي حوصلي همت سان اڳتي وڌيا. زندگي ارتقا
پذير آهي، ماٺار به انقلاب آڻيندي آهي. جلد ئي
سرڪار جي اطلاعات کاتي جي سرپرستي هيٺ آڪٽومبر
1948ع ۾ ماهوار
”نئين زندگي“ جو اجرا ٿيو، جيڪو زماني جون لاهيون چاڙهيون ڏسندو رهيو.
مولانا عبدالواحد سنڌي جھڙو مؤتبر عالم هن رسالي
جو روح روان هو. جنھن هر وقت پاڻ سان هن جون
ڪاپيون رکي ماڻھن کي ورهائي ڏنيون ۽ انھن ماڻھن کي
هن رسالي پڙهڻ جي صلاح ڏني. ڏيھي پرڏيھي ڪھاڻيون
شاعري ترجمو ٿيون. 55 ـ 1954ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ
سنڌي ترجمن جي حوالي سان ڪافي
ڪم
ڪيو، جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. علامه عمر بن
محمد خان دائود پوٽي توڙي محمد ابراهيم جوئي
صاحب
جي وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان پنھنجو رت ست ڏئي، سنڌي
ادب ۽ قوم لاءِ نوان رستا نروار ڪيا ۽ ڪيئي ڪتاب
ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا ۾
ٽماهي
”مھراڻ“
رسالي محمد ابراهيم جويي، محمد عثمان ڏيپلائي،
حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، غلام رباني
آگري، سراج الحق ميمڻ، شمشيرالحيدري، نفيس ناشاد،
امداد حسيني ۽ ٻين ڪاميٽين جي نگراني هيٺ ڏيھي
پرڏيھي ادب ۾، ناول، ناٽڪ، مضمون، شاعري ۽ ٻيو
ڪيتروئي مواد ترجمو ٿي ڪتابي ته، ڪن مقالن جي صورت
۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه سنڌ جي ناميارن عالمن ۽
گڏجي سڏجي هڪٻئي جي سھڪار
سان رسالن ۽ علمي ادارن جو بنياد رکيو، ڪتابي ۽
اشاعتي سلسلا شروع ڪيا، انھن عالمن پنھنجي هڙان
وڙان خرچ ڪري، سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سنڌ جي
علمي ۽ ادبي ادارن ۾
”اداره انسانيت“ محمد عثمان ڏيپلائي
”روح رهاڻ“
حميد سنڌي،
”اداره
۽ ادب نو“ سھڻي پبليڪيشن ماهوار
”سھڻي“، ۽ مرحوم طارق اشرف
”عالمي ادب“
ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن
”آگم
پبليڪيشن“ نثار حسيني
”سنڌي اڪيڊمي“
سنڌي لئنگيج اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، روشني
پبليڪيشن، نيو فيلڊس پبليڪيشن. رسالن ۾: اديون، گل
ڦل ۽ ٻين رسالن، اخبارن، ادارن مختلف موضوعن تي
ترجما ٿيل مضمون، مقالا، ڊراما، ڪھاڻيون، افسانا،
ناول، آتم ڪھاڻيون ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب ترجمو
ڪيا. انھن ترجمن جي ڪري اسان جي نئين ٽھي، عالمي
ادب سان متعارف ٿي. جنھنڪري ترجمي ڪرڻ سان نئين
فڪر ۽ نئين شعور کي پنھنجي سماج ۾ آڻي انھن جي
سکيا ڪئي وئي. سنڌي ادب جي ترجمي نگاري واري فن جي
مطالعي مان فڪري ۽ فني ڳالھين تي بحث ٿيڻ لڳو ۽
محققن ۽ نقادن جي هڪڙي کيپ پيدا ٿي جنھن ترجمن جي
فني اصولن تي خوب ڳالھايو ۽ لکيو.
نجم عباسي ترجمي بابت لکي ٿو ته:
”ساهت ۽ ٻوليءَ ۾ ترجمي جي اهميت فائدي
واري هوندي آهي، تنھن کي مان نه ورجائيندس، مان
ترجمي جا پنھنجا ڪجهه تجربا ٻڌائيندس. مون محسوس ڪيو آهي ته
ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. ترجمي ڪرڻ وقت
ڊڪشنريءَ ۾ لفظن جي معنيٰ ڏسڻ ۽ ان ٻولي جا پنھنجي ٻوليءَ ۾ ٺھڪندڙ لفظ پرکڻ کانسواءِ ان ٻولي جي
اصطلاحن لاءِ پنھنجي ٻوليءَ جا اصطلاح ڳولڻ ۽ اڃا
به ان ٻولي جا ويچار پنھنجي ٻولي ۾ آڻڻ واسطيِ وڏي
ذهني ولوڙ ۽ دماغ سوزي ڪرڻي پوي ٿي.“ نجم عباسي جيئن ته، سنڌي ادب ۾ هڪ ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽
مترجم جي نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس ترجمن ۾:
”ڳاڙهو لالٽين“،
”پھاڙن
۾ پڪار“،
”زلزلو“،
”لينن جي انقلابي ڪھاڻي“ ۽ ٻيا ڪتاب ترجمي جي فن جا بھترين مثال
آهن. مون طالب علم جي حيثيت سان پنھنجي استاد
محترم ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب وٽان ترجمي جي تاريخ ۽
ڪن ڪتابن جي معلومات ۽ فن بابت سکيا ورتي آهي.
قاضي خادم ترجمي جي فن بابت لکي ٿو ته:
”ترجما
ڪرڻ هڪ فن آهي هڪ ٻولي کان ڪنھن ادب کي ٻي ٻوليءَ
۾ منتقل ڪرڻ کي ترجمو سمجهڻ صحيح نه آهي.
مترجم اهو آهي، جيڪو پنھنجي تمام خداداد لياقت ۽
علم جي زور تي ڪنھن به زبان جي ڪنھن شھپاري کي ٻي ڪنھن ٻوليءَ ۾ اهڙي طرح منتقل
ڪري ته جيئن هو انھيءَ زبان جي ماحول ۽ مزاج ۾
شامل ٿي، اهڙي جوڙجڪ ڪري جو ائين لڳي جيئن اصل
ٻوليءَ ۾ هو. ٻولي جي بنيادي سماجي ۽ ثقافتي
پسمنظر کي برقرار رکڻ کان سواءِ ٻي ٻولي جي ثقافتي
۽ سماجي پسمنظر سان ٽڪرا به نه ٿئي ۽ پنھنجي پوري
معنيٰ سان گڏ ٻي ٻوليءَ ۾ جڳھه
ٺاهي وٺي.“
ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب پڻ ڪي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن جن
۾، ناول
”زوال“،
”پيار
۽ سپنا يا جواري
“
جيڪي ترجمي نگاريءَ جي فن جا سھڻا مثال آهن، انھن
ترجمن ۾، هن پنھنجي مخصوص انداز سان ٻنھي ٻولين جو حق ادا ڪيو آهي. ماحول اهو ئي
آندو اٿس، پر پنھنجي ماحول کي به ذهن ۾ رکي حسن
بياني جي خوبين سان پنھنجي پڙهندڙن جو خيال ذهن ۾
رکي، منظرنگاري، ڪرادرنگاري ۽ واقعا نگاري کي
وڻندڙ ٻولي ۾ عبارت آرائي ڪئي
آهي.
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، جڏهن ماڻِڪن موٽَ ٿِي،
پَلَئه پايو سَچُ، آڇيندي لَڄَ مَران
(شاهه)
حوالا
1.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر،
’سنڌي
لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس‘
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ،
2020ع.
2.
ٻوهيو الھداد، ڊاڪٽر،
’ادب جا فڪري محرڪ‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2013ع.
3.
خواجه نور افروز پروفيسر:
’ورهاڱي
کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘،
گلشن پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1999ع.
4.
ريحانه نذير، لبنا احمد سومرو:
’سنڌي افساني ۾ ترجمي جي اهميت‘ ساليانو
”سنڌي ادب“ تحقيقي جرنل. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو جولاءِ، ڊسمبر،1995ع.
5.
سومرو محمد ادريس ڊاڪٽر:
’سنڌي
۾ لکيل اسلامي ڪتابن جو تنقيدي تجزيو‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ 2012ع.
6.
سنڌيڪا ڊڪشنري: انگلش-
سنڌي: (جديدترين جامع لغت)، (ڇاپو پھريون)، سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي، 2003ع.
7.
طارق محمود،
”اردو جي سائنسي ۽ فنياتي ترجمن جو جائزو“ ڪتاب: رُداد سيمينار
’اردو زبان ۾ ترجمي جا مسئلا‘ مرتب: اعجاز راهي، (پھريون ڇاپو)، مقتدره
قومي زبان اِسلام آباد، 1986ع.
8.
عبدالقيوم صائب:
’گل
خندان‘ سنڌي ادب انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي،
يونيورسٽي ڄام شورو جولاءِ، ڊسمبر 1995ع.
9.
قاضي خادم:
’ادبي سفر‘ (مضمون، مقالا، افسانا ۽ شاعري) ڪويتا پبليڪيشن
حيدرآباد 2015ع.
10.
قاضي، خادم:
’سنڌي جا نثر داستان‘: تحقيق ۽ تنقيد: ڪراچي، انڊس پبليڪيشن.
قريشي حامدعلي، خانائي، ڊاڪٽر، (تحقيق ۽ ترتيب)
’سنڌ
مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون‘
سوڌيندڙ ۽ سنواريندڙ: بشير احمد هيسباڻي، ڊاڪٽر
اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ
1.
ثقافت ۽ سياحت ۽ نوادرات کاتو،
حڪومت سنڌ، 2016ع.
2.
لاکو، غلام محمد، ڊاڪٽر:
”مرزا
قليچ بيگ:
”بحيثيت
تاريخ نويس“،
ڪتاب
’ڪيفي
قليچ‘
ترتيب ۽ تدوين: زيب سنڌي، شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ چيئر فيڪلٽي آف آرٽس، يونيورسٽي آف سنڌ،
2009ع.
3.
ملڪاڻي منگهارام:
’سنڌي
نثر جي تاريخ‘
(ٽيون ڇاپو)، روشني پبليڪيشن
حيدرآباد،
ڪنڊيارو 1993ع.
4.
ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي،
’سنڌي
ادب جو تنقيدي اڀياس‘،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
1992ع.
5.
نجم عباسي:
’دل
وارن جي دنيا‘
مرتب ـ يوسف سنڌي،
سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ 2008ع.
6.
ولي رام ولڀ:
’ادب
۾ ترجمن جي اهميت‘
ڇھه
ماهي
”سنڌي
ادب“
جولاءِ، ڊسمبر 1995ع.
7.
هڪڙو انور فگار:
’سنڌي
آئيوٽا تي ٿيل تنقيدجو تجزيو‘
ڇھه
ماهي
”سنڌي
ادب“
جولاءِ، ڊسمبر 1993ع. |