سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:5 

استاد لغاري

 

 

 

فرقت ۾ فرحت جو فلسفو

 

لطيفي فڪر ۽ فلسفي تي ڌيان ڏيڻ سان معلوم ٿيندو، ته آزار مان آسيس، تڪليف مان تفريح ۽ سُور مان سُرور جو رستو ڦٽي نڪري ٿو. جيئن مٽيءَ جي ڪچي ٿانوَ کي پڪي ٿيڻ لاءِ، پھريان آويءَ ۾ پچڻو پوي ٿو. لوھه جي انگ کي چنگ جي رنگ ۾ رچڻ لاءِ، اڱارن ۾ اچڻو پوي ٿو. تيئن انسان کي ارمان جي ميدان ۾، هيڪر قربان ٿيڻو پوي ٿو. ان کان پوءِ جانب جو جمال ۽ جلوو پسجي ٿو.

لطيف پنھنجي ڪلام ۽ پيغام وسيلي، جيڪا رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي، ته ان ۾ گُوندر وارو گس، ڏونگر وارو ڏس ۽ دردن  وارو دڳ ڏيکاري ٿو. ڪنھن به انسان کي سُتي ساجن نه ٿو ملي. سُکن جون سَڌون ڪرڻ سان، صاحب سامھون نه ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي، جو دنيا جا سڀئي داناءَ توڙي ديوانا، دُکن، دردن ۽ سُورن جي ساراھ ڪندا ويا.

”سُورُ جَنِي کي سَرِيو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،

مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي عاشِقَنِ کي.“1

مارئي چيو هو: سَھنج ۽ سُکن وارا سيئي ڏينهن هئا، جي مون قيد و بند ۾ ويھي ڪاٽيا. مون ماڙيءَ جي مٿين منزل تي بيھي، ملير ڏي منھن ڪري، وڏ ڦڙا مِينھن وَسندي ڏٺا. مون جيئن جيئن ٿي مٺڙن ماروئڙن جي ملڻ لاءِ واجھايو، آءٌ تيئن تيئن ٿي تازي تواني ٿِيس. لڱن ۾ لڳل لوھه جي سخت سيخن، سنگهرن ۽ ڪُلف ڪڙن، منھنجي محبت، نينھن ۽ عشق کي اُجاري اڇو ڪري ڇڏيو.

”سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گھارِيا بَندَ ۾،

وَسايَمِ وَڏ ڦڙا، مَٿي ماڙِيءَ مِينھَــن،

واجھاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِينھَ،

نِيَرُ  منھنجي نِينھَن، اُجاري اَڇو ڪِئو.“2

ساڳيءَ وانگر سھڻي چيو هو:

”وَرُ! اُونداهِي راتَڙِي، کُھِه چانڊوڻِي چانڊارا،

اوري ميھارا، منھن نه پَسان ڪو  ٻِئو.“3

لِيلا کي به  ڪنھن ڏاهِيءَ ڏس ڏنو هو:

”ڏوري  لَـھُه ڏُهـاڳُ، جنھن ڪَرَلاهُــو داســڙو،

گھورِيو سو سُھاڳُ، جنھن ۾ پَسِين ”پاڻَ“ کي.“4

ان نيڪ نصيحت کان پوءِ، تڪبر کان توبھه ڪندي لِيلا لُڇندي چيو هو:

”اَللهُ! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،

مُون سِين مُون پِرِيَنِ، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِئا.”5

سُورائتي سسئيءَ کي به اَجلان اڳي، اڄ ئي مرڻ جي صلاح ڏنل آهي.

”مَرُ ته مِڙِين سسئي! اَجلان اَڳي اَڄُّ،

جان ڪِين هُئين جِئرِي، مُنڌَ! ڀَنڀوران ڀَڄُّ!

پُنھونءَ ساڻُ، پَھَڄُّ، ته مَلڪُ الموتِ مارِيين.“6

جڏهن جوڳين جي جمال جي ڳالھه ڪجي ٿي، ته اُن سُر ۾ به سھڻيون صلاحون سمايل آهن.

”جوڳِي! تنھنجِي جوڳَ ۾، ڳالھه گُهرجي ڳَچُّ،

سَڳا، سيليُون، چَمڙا، اِيءُ پُڻِ ڪُوڙو ڪَچُّ،

وَڍِيو، چِيرِيو، چِچرِيو، پَرِ ۾ اُڀو پَچُّ،

سوئِي ٻارِجُ مَچُّ، جِئن ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪَري.“7 

فراق ۾ جيڪا فرحت آهي، ان جي روحاني راحت، لذت، لطف ۽ ذائقو ئي ٻيو آهي. جنھن کي فراق لڳو، جنھن فراق وارو رستو ورتو، ته ان وري وصال ڏي ڪو نه واجھايو.

”جيڪِين فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي.“8

ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ، وڇوڙي وارو وڍ، وڏي وٿ ۽ قيمتي ڪيمياءَ هوندو آهي. ان جي دل چوندي آهي، ته: جيڪڏهن سُور ۽ گُوندَرَ بازار جو سستو سَودو هجي، ته نقد ناڻو ڏيئي، وڃي وِرِھه وٺي اچجي.

”ڪَنِي ڪَنِي ماڙُهوئين، گُوندَرُ وَڏِي وَٿُ،

ٻَڌِي گوڏُ گَرٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.“9

سچو عاشق سدائين رُسڻ مان رِهاڻ، وِرِھه مان وِصال، ڪاتِيءَ مان قرب ۽ فراق مان فرحت پيو ڳوليندو آهي. هيٺيان مثال وٺو:

ڪاتِي  تِکِيائِي  مَ  ٿِئي،  مَرُ!  مُنِيائِي  هـوءِ.10

اَڏِيءَ  سِرُ   ڌَري،   مانَ!   ڪُھِنَمِ   سُپِرِيــــن.11

مَرُ!  مَران،  مارِينِ  مُون،  پُرزا  پُرزا  ڪَـنِ.12

ويڄَ! مَ ٻُڪِي  ڏي،  مَرُ!  چَڱِيائِي  مَ  ٿِيان.13

سَو سُکَنِ ساٽو ڏيئِي، وِرِھُه  وِهايَمِ  هيڪَـڙو.14

جيڪِين ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي  سَھُه  جِنـدڙا!15 

لاھِه  مَ  پَچــــارانِ،  سُکِ  سُمھ  مَ  جِـنـــدڙا!16

جِئن جِئن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِئن تِئن نَشا نِينھَن جـا.17

رُٺي   جا   رِهاڻِ،   سـا   پَھڻــي   نه   ٿِـئـــي.18

اي البيلا عاشق! جي تنھنجو سھڻو سڄڻ، توکي قرب ۾ قتل ڪرڻ لاءِ، تير ڪماڻ ۾ وجھي توڏانھن تاڻي، ته تون پنھنجو سِينو سِپر ڪري ڏي. مٺڙي محبوب جي تکڙي تير جا چُٽيل نشانا، هر هر جھليندو رھُه. پنھنجا پير پوئتي هرگز نه هٽاءِ. سُور سھندڙ سچو عاشق ٿي اڳتي اچ، ته تون سراسر سُرخرو ٿي رهين. اي مُحبت ۾ مجبور مھجور مخمور مٺا! توکي اها سھڻي صلاح ڪنھن ڏني؟ ته تون دلبر واري دڳ تي وڃي ويھُه. تون ته سدائين سُکن جون سَڌون ڪندڙ آهين. تنھنجي مٺڙي محبوب کي ته سُور سَھائڻ ۽ ستائڻ ۾ سُرور ۽ سُڪون ملي ٿو. هاڻي وڃي پنھنجي پاڻ کي سُوريءَ جي اُڀن ڀالن تي چاڙھه، ڇو جو تو نينھن جو نالو ورتو آهي. جنھن سھڻي سڄڻ سوچي ويچاري، تو ڏانھن سُور ۽ سختيون موڪليون آهن، ته تون ان مٺڙي محبوب جون سموريون سختيون سھي وڃ. اي اُتاولا اَلبيلا عاشق! پھريان پاڻ کي قرب واري ڪاتيءَ سان ڪُهِي، وڍي، چِيري، چچري، پوءِ ڀلي وڃي نينھن جو نالو وٺ. مٺڙي محبوب جي ڏنل ڏکڙن کي، پنھنجي جسم ۽ جان ۾ داخل ڪري، انھن کي تنبوري جي تارن وانگر وڄاءِ. پنھنجي جسم جو ماس سيخن ۾ پوڙي، طلب جي تندور ۾ ويھي تپاءِ. ڇو جو تو عشق ۽ نينھن جو نالو ورتو آهي. هيڪر پنھنجو ثابت سِرُ سانداڻ ڪري، وڃي هجر جا هٿوڙا سھُه. من ڌڪن مٿان ٻيا ڌڪڙا هڻِي، مٺڙو محبوب توکي پاڻ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏي. 

 سِرُ سانداڻَ ڪَري، پُڇِجُ گھرُ لُھارَ جو.19

پِھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجُ پوءِ پِرِيتَڻو.20

سَنباهيجِ سَيدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻَ ڪَنڌُ.21

پَئِي پِرِيان جي نه ٿِيين، مَٿي اَڱڻَ اَڌ.22

منھن ۾ مَعشوقَنِ جا، جھالُو ٿِي جَهليجِ.23

منھن ۾ مَعشوقَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ.24

تُون سُکنِ جون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ.25

سُتو ئِي سيجَ گُهرِين، جَفا ڏِين نه جانِ.26

سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نه ٿِئي.27

اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نه سَھِين.28

اُلا جي عِشقَ جا، سي تُون سَھِيو سَھُه.29

آڻي آڳَ عِشقَ جِي، لاهُوتِي! تُون لاءِ.30

جان جِيين تان جَلُ، ڪانِھي جاءِ جَلَڻِ ري.31

نِھائِينءَ کان نِينھن، سِکُ منھنجا سُپِرِين!32

ٿِيءُ سُورَنِ سِين سَنَرو، ويھُه مَ وِسامِي.33

جيڪي اَلبيلا عاشق، اُلفت واري آڳ ۾ ٻَرِي، ٺرِي، سَڙِي، پچي، رچي، راس، پاس ۽ پڪا ٿي نڪتا، اُهي کَٽي ويا. پر جيڪي پوئتي هٽي، اُجھامي، اُڏامي ويا، انھن لاءِ اُونداھه آهي. اُهي محبت جا مشتاق جن جي من ۾ برھ واري باھ جِي بَٺِي ٻَرندڙ آهي، فقط انھن کي ئي ڪاميابيءَ جي پُوري پڪ آهي. بي خود برھه وارا پنھنجي من اندر ۾، محبت واري مچ سان ڳاڙها لال ۽ ٻاهران ٻاهر کير جھڙا اڇا اُجرا آهن. اهڙا عاشق بي ادبيءَ کي بنھه ويجھو ئي نه ويا، ڳچ سارا ڳُڻ ۽ اخلاق کڻي اختيار ڪيائون. اُهي اَلبيلا عاشق جِيئن جِيئن سِڪ ۾ سڙندا ويا، تِيئن تِيئن ويتر وڌيڪ خوش ٿيندا ويا. فراق، وِرھ ۽ وڇوڙي جا وڍيل ويچارا عاشق، سدائين سُور جا شڪرگذار رهن ٿا. انھن جو مطلب ۽ مقصد ڪاميابيءَ جي آخري منزل تي پھچڻ هوندو آهي. اُهي اُن کان اورتي ٻي ڪنھن به شيءِ جو آسرو نه ٿا ڪن. 

ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ تي.34

جَنِي دَورُ دَردَ جو، سَبقُ سُورَ پَڙهَنِ.35

سَندو ساجَنُ سُورُ، جَنِ سَرِيو، تَنِ سُکَ ٿِيو.36

عاشِقَ زَهرَ پِياڪَ، وِھُه ڏِسِي وِھُسَنِ گھڻو.37

ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ کي.38

ڪَلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَنَ جو ڪوپُ وَهي.39

وِھُسَنِ واڙِيءَ ڦُلَ جِئن، مَحبَتِي مَچَ لاءِ.40

کاڻا تَنِ کَٽِيو، اُجھاڻنِ اُونداھِه.41

جِئن سَڙنِ تِئن سَچُ، جِئن سِڪَنِ تِئن سَنَرا.42

 اي منھنجا محبوب پرين! جيڪا منھن ۾ ”مُحبت“، ”ماڻي“، ”ناز“، ”نخري“، ”نَنھن نَنھن“ ۽ ”نِينھن“
واري گُهنڊڙِي پريت سان پاتي اٿئي، ته هاڻي اُها هرگز نه هٽاءِ. انھي رُسڻ ۽ پرچڻ واري پياري انداز سان، (مون کي) ڪي ٻه ٽي ٻيا پل، پھر ۽ ڏينھڙا پيو تڳاءِ.

”گُهنڊَڙِي مَ لاهيجِ، پاتَئِي جا پِرِيتَ سِين،

ڪو ڏِينھَن تَڳائيجِ، رُسَڻَ سَندِي رِيتَ سِين.”43

اي منھنجا محبوب ۽ محجوب پرين! تنھنجي ذڪر فڪر ۽ يادگيريءَ واريون ڳالھيون، منھنجي من جي مرض جو مڪمل علاج آهن. تنھنجي هٿ ۾ جيڪو تکو تير آهي، اُهو تَڪي، توري، تڻڪائي، ٻَکائي ڪڍ. مُحبت وارو ميدان، جنھن ۾ نينهن ۽ عشق واري راند کيڏي وڃي ٿي، اُتي ننڍڙن اَلھڙ عاشقن جي حاجت قطعي ڪانھي هوندي. مٺڙي محبوب جي آڏو، اهڙا لکين سَڌڙيا لِيلائي، لُڇِي، تڙپِي، ڦٿڪِي، مَري، کپي، فنا ٿي ويا. اي منھنجا مطلوب! مون تي اکڙين جي تکي تير جو سَٽڪو اهڙو ڪر، جو منھنجي دانھن به نه نڪري ۽ آءٌ چُپ ٿي وڃان. آءٌ ائين ڪڏهن ڪونه چوندس، ته ”مون کي منھنجي مٺڙي محبوب ماريو آهي.“

هَڻُ حَبِيبُ! هَٿُ کَڻِي، ٻَنگان ڀَري ٻاڻُ.44

هَڻُ حَبِيبُ! هَٿُ کَڻِي، دِلِ ۾ ڌَري دَهان.45

هَڻُ حَبِيبُ! هَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ ٿورو لاءِ.46

مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.47   

هن کان هيٺ سُر سسئيءَ تي اچجي ٿو. جيڪا پڻ ڏونگر ڏوريندي، سُور سڏيندي، دُونھڙا دُکائيندي، وِرِھه واٽون پُڇائيندي، هوت ڳوليندي، ڪڏهن پنھنجي پاڻ سان، ته ڪڏهن پياري پنھل سان (تصور ۾) مخاطب ٿيندي پئي وڃي. ”اي منھنجا پيارا پنھل! آءٌ توکي سدا ڳوليندي وتان. اي منھنجا هادي هوت! شال! توکي ڳولي ڳولي نه لھان. توکي ڳولي لھڻ جي جيڪا لنوَ لنوَ اندر لوچ پوچ لڳل آهي، شال! اُها باقي رهي ۽ تن تسلي نه ٿئي. اي دُکندڙ درد! تون پنھنجي تک ۽ تيزي نه گھٽاءِ. سُور وارو ذائقو نه مٽاءِ. آءٌ ته تنھنجي ازل کان آسائتي ۽ هيراڪ آهيان. اي وڏا وڇوڙا! مون وٽان هڪ گھڙيءَ به نه وڃ. اي ”جِيئڻ!“ (اي تڪبر!) تون ڀڄي پري ٿيءُ. ڇو جو تنھنجو ناتو ۽ رشتو صرف ”ساھه کڻڻ“ ۽ ”زنده رهڻ“ (خودي ڪرڻ) وارن سان آهي. اي ”مرڻ!“ (اي فنا وارا جذبا!) تون ئي منھنجو سُونھون ساٿي ٿيءُ، ته تنھنجي پُٺيان پنڌ ڪري، آءٌ پنھنجي پياري پنھل کي وڃي پھچان. انھن دردن ۽ سُورن کي آفرين آهي، جن مون سان گڏ گذاريو. جن مون سان سھڻو ساٿ ڏنو. جبلن، پھاڙن ۽ ڏاڍن ڏونگرن ۾ منھنجا واهرو ۽ مددگار ٿيا. مون سان پاڇولي وانگر گڏ گڏ رهيا. اي ”موت!“ (مَين مارڻ وارا جذبا ۽ عمل!) تون مون سان گڏجي پئو، ته تنھنجي پٺيان پنڌ ڪري، آءٌ پنھنجي منزل تي پھچان.“ شاھه لطيف جي لفظن ۾، سسئي پنھنجي لئي پاڻ چوي ٿي:  

آءٌ ڏورِيَئِين، شال! مَ لَھَئِين،  هَڏِ  مَ  مِلِين  هوتَ!48 

آءٌ ڏورِيَئِين، شال!  مَ لَھَئِين،  پِرِين!  هُئين  پَري.49

آءٌ ڏورِيَئِين، شالَ! مَ لَھَئِين، ساجَنَ! مَڃُ سُوالَ.50

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، شالَ! مَ مِلان هوتَ.51

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِـي ڪالھُوڻــــــا.52

مَرُ! مَعذُورِ هُئان، اَللهُ! چَڱِي مَ ٿِيان.53

جي ماڙُهن کي مارِينِ، آءٌ تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪَرِيان.54

سُورَ! مَ مَٽِجِ ساءُ، آئون نَوِڪَڻِي آهيان.55

تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ! جَنِي مُون سان گھارِيو.56

وَڃيجُ مَ ويلَ ڪَنھِين، وِرِھُه! مُون وَٽاءُ.57

مَرَڻُ! مُون سِين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.58

مَرَڻُ! مُون سِين هَلُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.59

مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آرِيءَ ڄامَ جِي.60

ڀانيان ڏيھُه ڀَنوارِئون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ.61

پَرتَوو پُنُوھَه جو، رُڳِيائِي راحَتَ.62

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿراڻِي ڀانئِيان.63

آرِيءَ جو اَھُکُ، مُون رَهنُما راھَه ٿِئو.64

ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِيو.65

وَرُ! لَڪَنِ جِي لوڏُ، گھورِيا! سُکَ ڀَنڀورَ جا.66

مُون سِين هَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نه ڪَري.67

مُسافرنِئُون ماءُ! وِرِھُه وِهايُمِ وِترو.68 

سُورائتي سسئيءَ کي سُھڻي صلاح ڏيندي، شاھ سائين فرمائي ٿو: ”اي سُورن هاڻِي سسئي! ڏکڙن پٺيان سُکڙا، توکي تمام جلد نصيب ٿي ويندا. پرينءَ جي وڃڻ وارو پيچرو ۽ گس تون هرگز نه ڇڏ. توڙي جو توکي لڪن ۾ لُکون ۽ جھولا جام لڳن. تون ڏکن کي پاڻ تي واري (قبول ڪري) پوءِ ڏونگر ڏور، ته تنھنجي ٻاروچل کي ٻاجهه پئجي وڃي. اي ڏکن جي ڏکايل ۽ سُورن جي ستايل سسئي! تون ڏکن جي ڀري مٿي تي رکي، ڏراڪلي ڏونگر ۾ داخل ٿي وڃ. توکي اُتي پنھونءَ جي ڏيھه جو ماڻھو ملندو، جيڪو سڄيون سربستيون سچيون ڳالھيون ويھي تو ساڻ سليندو. اي سُور سُٻيلي سسئي! تون جي اڳ مرين ها، ته پنھنجي پياري پرينءَ کي اڳيئي ملي پوين ها. تون جي ڪالھه ئي ”هُئڻ“، ”هوڏ“ ۽ ”هستيءَ“ مان هٿ ڪڍين ها، ته ڪالھه ئي هوت پنھونءَ جي ھنجهه ۾ هجين ها. جيڪي (آسائتيون) ”مُئل“ آهن، ”آئون“ کان آجيون، ”خودي“،
”تڪبر“ ۽ ”پاڻ“ کان پري آهن، انھن جي گريي ۽ عاجزيءَ ۾ رڳو اهو ئي طريقو هلي ٿو. اها ڳالھه ڪنھن ڪڏهن به ڪا نه ٻُڌي، ته ڪا ٿُلھي متاري، سگهي ساري (يعني تڪبر واري) پنھنجي پياري پرينءَ کي پھتي. اها حقيقت ڪڏهن ڪا نه ٻُڌيسون، ته ”خودي“،
”تڪبر“ ۽ ”مَين“ ڪرڻ واريءَ جو، پنھنجي مٺڙي محبوب سان مُکا ميلو ٿيو هجي. اي سُورن هاڻي سسئي! تون جسماني اجل اچڻ کان اڳ، اڄ ئي جيئري مَرُ، ته جيئن پنھنجي پياري پرينءَ کي ملي پوين. تنھنجو ”جيئڻ“ وارو جذبو ئي، تنھنجي ۽ پياري پنھل جي درميان دُوري آهي، ديوار آهي ۽ رنڊڪ آهي. اي هوتن هاڻي هارايل! سھڻو ساجن صرف انھن کي ئي ملي ٿو، جيڪي ”لاءَ“ سان لَڏِين ٿيون. جن وٽ رڳو ”فنا“، ”عدم“ ۽ ”ڪِينَ“ وارو وکر آهي.“

”لا“ سِين اُٿِي لَڏِ، ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.69

ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ”ڪِينَ“ جَنِي جِي ڪَڇَّ ۾.70

 تُون جي ڪالَھه مُئِي، ته ڪالَھه ئِي گَڏِي پِرِينءَ کي.71

لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چَئي، مَنجِهھِين ٿِيءُ مَعذُورَ.72

ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگھا ٿِيندَئِي سسئي!73

ڏُکِي!  ڏُکَ  مَٿي ڪَري وانءُ  ڇَپَـرَ پيھِي.74

ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، ته پَوي ٻاجَهه ٻَروچَ کي.75

ڪَڏِهن ڪا نه سُئِي، ته ڪا ”سَگِهي“ گَڏِي سَڄَڻين.76

”هُوندَ“ جَنِي کي هوءِ، هوتُ نه هُوندو تَنِ سِيـن.77

”مَرِي“ ”جِيءُ“ ته ماڻِييــــن، جانِـــبَ جـــو جَمـــالُ.78

”مَــرُ“ ته مِــڙِيــن سســئي! ”جِيئــڻُ“  آڏو  جَــتَ.79

”مَرُ“ ته مِڙِين سسئي! ويھِي جِـــيءُ مَ جـــــوءِ!80

هارِي! ڪَرِ هِمَّتَ، ته ڏيئِي دَمُ دوسَتُ لَھِين.81

سُورائتي سسئي وِرِھه وڇوڙي واري ڪنھن اهڙي وڏي وڍ سان وڍجي وئي، جو انھي وڍ سان واٽن جي وڻن کي به رُئاريندي (وڍيندي) وئي. ڏُک ڏُکِيءَ کي ته ڏڍ ڏِيندا ويا، پر جن ڏُکِيءَ کي ڏونگر ڏوريندي ڏٺو، سي ڏاڍا ڏُکارا ٿيا. ڏونگر ڏورڻ وارو ڏاکڙو، ويچاري ورائي کڻي پنھنجي پاڻ تي رکيو. سُورن هاڻِي سسئيءَ جو سمورو ظاهري جسم سُورن ساڻ سِڌو ٿي پيو. هن جي تقدير ۾ اڳيئي ائين لکيل هو، پوءِ پھاڙن ۾ پڌرِي پنڌڙا ڪندي وئي. جيڪا بار وارِي هوندي (جنھن پاڻ سان وهمن وارو وزن ۽ وکر کنيو) ان جي ڳالھه ۽ يادگيري نڪا هِتي آهي، نڪا هُتي هُوندي. ڪا به قرب واري، مايا ملڪيت ۽ مال متاع کڻي، منزل ڪو نه ٿي ماڻي. پر ”حال“ جي ڪيفيت واري، هر حال ۾ هوت پنھل کي ڳولي ٿي لھي.

ڪا نه پَھُتِي ”مالِ“، ”حالِ“ پَھُتِي هوتَ کي.82 

سُونھائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سِين.83

ڏيکارِيوسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو.84

رائو، رُلڻُ، رُڃَّ، ڪَمِيڻِيءَ قُوتُ ٿِيو.85

سُکين ٿِئي نه سَنَرِي، ڏُکين ڪِينَ ڏَري.86

مَنجِهه شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.87

ساجَنُ ميڙِيُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙِيُسِ سُپِرِين.88

ساجَنُ تَنِ سَري، ”لاءَ“ سِين لَڏِينِ جي.89

ڏِيلُ تِنھِن جو ڏُکَ سِين، سَڀوئِي سِڌو.90

اوڏو آ ”اَڻ هُوندَ“ کي، ”هُوندِيان“ هوتَ پَري.91

ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکِيا ٿِئا.92 

ڏُکِي ڏورَڻُ پـــــاڻَ تـــي، ويچـــــارِيءَ وِڌو.93

تَتِيءَ تايائِين، جھولو مُنڌَ کي جھڙ ٿِئو.94

اي سچا سالڪ! ”صوفي“ متان سڏائين! جيستائين جو توکي الله پاڪ جي سچي محبت مُيسر ناهي. جنھن آديسي مال ۽ مايا جي حسرت ڇڏي ڏني، ان وٽ ظاهري ريجھه رهاڻ آهي ئي ڪا نه. اي آديسي! تون طريقت (يعني سُلوڪ) واري واٽ وڃي هٿ ڪر ۽ شريعت پاڪ کي صحيح نموني سُڃاڻ. پنھنجي من کي حقيقت سان ملائي، پوءِ پنھنجي پرينءَ جي ديدار کي آخري منزل بناءِ. تون ثابت قدمي ۽ اٽل ارادي تي قائم رھ، ته ٻيائي ۽ گناھ جي گدلاڻ کان بچندو رهين. اي ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙِي! ”هُئڻ“ ۽ ”هستيءَ“ وارو خيال دل ۾ پيدا ڪندڙ صوفي، وحدانيت واري واديءَ ۾ ڪڏهن ڪو نه ٿو پھچي.
”بيشڪ! پروردگار هڪ آهي، هُو هيڪڙائيءَ کي پسند ڪري ٿو.“ ان ڪري تون پنھنجي دل مان ”دُوئِي“ ۽ ”ٻِيائِيءَ“ کي ٻاهر ڪڍي ڇڏ. اي سچا سالڪ! تون وحدانيت واري حُضور ۾، پنھنجي ”هستي“، ”هوڏ“ ۽ ”هُئڻ“ تي وڃي پڇتاءِ ۽ عاجزيءَ وارا ڳوڙها ڳاڙ. اي سُھاڳي سامي! تون جو پنھنجي پاڻ کي، شرڪ کان پاڪ و صاف ٿو سمجھين، ته صفا سڌو پڌو شرڪ وارو خيال ته آهي ئي اهو. اي سھڻا سالڪ! تون پنھنجي ”هُئڻ“ واري وجود کي وڃائي، ”پاڻپڻي“ واري خيال کان هٽي، ڀڄي پري ٿيءُ. اي البيلا آديسي! اي سچا سيلاني سامي! جي ڀانئين جوڳ پچائيندڙ ٿيان، ته ”نانھن“، ”نِيستي“ ۽ ”نابوديءَ“ وارو وڃي پيالو پيءُ. ”فنا“ ۽ ”عدم“ وارو وهنوار وڃي هٿ ڪر. ته اي تارڪ تياڳي طالب! توکي تَوحيدُ ۽ وحدانيت وارو ماحول مُيسر ٿي پوي. 

جي ڀانئِين جوڳي ٿِيان، ته ”ڪِينَ“ پِيالو پِيءُ.95

جوڳَ نه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳَ جِيون.96

وِڃائي وُجُودَ کي، ”پاڻان“ پاسي ٿِيءُ.97

اَڄُ آديسِي! مَرُ، صُباحَ مَرندو سَڀُڪو.98

سامِي چائِين، سُکَ طَلبِين، تَسا ڏِئين نه تَنَ.99

جِئن تُون ڀُڻِين سَنَرو، اِيءُ آديسِي! اَڀاڳُ.100

مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، ته تِيرَٿُ پَسِين تَڪِيو.101

ويجھو وانءُ مَ واٽَ کي، ڪَهِجِ ڏُونھن ڪُواٽَ.102

اَکِ اُلٽِي ڌارِ، وانءُ اُلٽو عامَ سِين.103

سُلوڪ جا صاحب ۽ صوفي، صحيح سالم اعليٰ رتبي تي وڃي رسيا، ٻين گھڻن جي صحبت ۽ سنگت کان پري رهيا. وحدانيت وارن سالڪن کي، ڪاميابيءَ سان منزلِ مقصود تي پھچڻ واري رمز، سدائين دل تي ياد رهي. سندن پيار واري پريت، انھن کي آخرڪار وڃي مٺڙي محبوب جي محفل ۾ موجود ڪيو. صوفين جو پنھنجو ڪو به حسب نسب يا فرقو ناهي هوندو. انھن جي لڙائي پنھنجي من اندر جي نفساني خواهشن سان هوندي آهي. اُهي پنھنجي وجود کان ٻاهر پير نه پائيندا آهن. جيڪي به انھن جا مخالف هوندا آهن، ته صوفي انھن جا ئي وري وڃي واهرو ۽ مددگار ٿيندا آهن. صوفي پنھنجي تعريف ۽ تعظيم ڪرائڻ وارن خيالن کان، ڪوهين ڏور ڀڄندا آهن. هُو ڪنھن اهڙي قربائتي منزل تي پھچي ويندا آهن، جو اُن کان اڳتي، ابتدا يا انتھا ناهي هوندي. جيڪي تارڪ جوڳي هيڏانھن هوڏانھن هليا (اَوجھڙ ۾ ڀٽڪيا) انھن ڪو نه پروڙيو. ڪن کي هڪڙي جاءِ تي ويٺي ئي وڏو واهرو ۽ رهبر ملي ويو. پوءِ انھن آديسين تان، جسماني ۽ نفساني خواهشن وارو خيال (کُٽڪو) ئي لھي ويو. وڏا بابو جوڳي آسڻ ۽ مڙهيون پُوري، ڪنھن پاڪ جاءِ ڏانھن روانا ٿي ويا. جبروتي جوڳي ڪَست منجھان ڪاهي، ڪنھن پري واري پرديس (خيال) ۾ هليا ويا. ويراڳي وحدت واري واٽ تان ويندي مستحڪم رهيا. ”ٻِيائِي“، ”غير“ ۽ ”شرڪ“ جي انھن کي خبر ئي ڪانه پئي. 

صوفِي تي ٿِئا، جِئن ”ڪِينَ“ کَنيائون پاڻَ سِين.104

سانگو ڪَنِ نه ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نه ڏِينِ.105

لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا.106

لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، ڪَنِ جُسي سِين جُٺِ.107

ڏِنو ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضِي رَهِيا.108

نانگا ڪَنِ نه نِنڊ، وِئا رُئندا رامَ ڏي.109

چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِئن، سُورَ ڏِنائون سَلَ.110

طَلبَ نه رَکَنِ طعامَ جِي، اوتِيو پِيئنِ اُڃَّ.111

گُوندَرَ گُذارو ڪاپَڙِي، پَڌرِ وِجَهنِ نه پاڻِ.112

هُوءِ جي خُودِيءَ کي کانئِينِ، هَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.113

سُکُ نه سُتا ڪَڏِهِين، لاهي لانگوٽِي.114

فنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ چَکِيو ساءُ.115

کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻَ ڪِيائون پَئِمالَ.116

ڀُنگا جَنِي ڀِينگَ، صاحِبُ تَنِي سامُھون.117

نه گِندا، نه گَبَرِي، نه لانگوٽِي، نه لِينگَ.118

سامِي کامِي پِرِينءَ لَئي، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ.119

سي وَرِي واجھائِينِ ڪِينَڪِين، سامِي ڏانھن سُکَنِ.120

سامِيَنِ سَمَرَ سُورَ، گُوندَرُ گَبَرِيَنِ ۾.121

جوڳي سي اَنانَ، وَٿُون جَنِ وِراهِيُون.122

نااُميدِي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيَنِ.123

اهو حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائيرحه جن جي فن، فڪر، فھم، فراست، فلسفي ۽ فضيلت جو ڪمال آهي، ته هُو سُک کي ڏُک ۾ ڏسي ٿو. اُنھي سُک کي سنڀالڻ لاءِ، ڏُک ڏانھن ڏوري ٿو ۽ سُور جو سلامي ٿئي ٿو. مفت ۾ مليل محبت کي قبول نه ٿو ڪري. ڇو جو مفت ۾ مليل محبت بي وفا ۽ بي بقا ٿيندي آهي. صرف اُهو سُک سچو ثابت ٿئي ٿو، جيڪو ڏک ڏورڻ کان پوءِ ملي ٿو. ان ڪري لطيف سرڪار آخري فيصلو ۽ فتويٰ ٻُڌائيندي فرمائي ٿو:

”ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گھورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري،

تَنِي جِي وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.“ 124

اي دل جا دلبر دوست! عبداللطيف کي فُرقت ۾ فرحت ۽ دِقتَ ۾ راحت آهي.

خُوبِي مَنجِھه خِفـــــتَ، اي دوســــت! دِقـــــتَ، 

                         آهي عبداللطيف کي.

مَدَحَ مُون کان نه ٿِئي، سَندِي سُورَ صِفتَ.

هِجي ڪَرِيان هيجَ  سِين،  مُطالِعُ  مُحَبَّتَ.

حُزُنُ هوتَ  پُنھونءَ  جو،  رُڳِيائِي  راحَتَ.

پِرِيان جي  پِستانَ  جو، فاقو  ئِي  فَرحَتَ.125     

حوالا:

(نوٽ: مقالي ۾ ڏيکاريل سمورا بيت ۽ سِٽون، هڪڙي ئي شاھه جي رسالي مان کنيل آهن)

لغاري استاد. شاھه جو رسالو. ڇپائيندڙ مھراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور سنڌ. ڇاپو پھريون، سال 2013ع

حوالا نمبر ۽ صفحا:

01 ص 24. 02 ص 236. 03 ص 252. 04 ص 179. 05 ص177. 06 ص 205. 07 ص 152. 08 ص 152.

09 ص 191. 10 ص 21. 11 ص 21. 12 ص 31. 13 ص 25. 14 ص 191. 15 ص 224. 16 ص 192.

17 ص 225. 18 ص 225. 19 ص 28. 20 ص 20. 21 ص 21. 22 ص 20. 23 ص 26. 24 ص 26.

25 ص 20. 26 ص 226. 27 ص 95. 28 ص 28. 29 ص 206. 30 ص 206. 31 ص 148. 32 ص 194.

33 ص 206. 34 ص 23. 35 ص29. 36 ص 227. 37 ص 31. 38 ص 20. 39 ص 21. 40 ص 19.

41 ص 29. 42 ص 208. 43 ص 225. 44 ص 26. 45 ص 26. 46 ص 26. 47 ص 18. 48 ص 418.

49 ص 155. 50 ص 418. 51 ص 154. 52 ص 418. 53 ص 161. 54 ص 116. 55 ص 153. 56 ص 154.

57 ص 153. 58 ص 122. 59 ص 122. 60 ص 142. 61 ص 142. 62 ص 142. 63 ص 152. 64 ص 124.

65 ص 162. 66 ص 148. 67 ص 106. 68 ص 151. 69 ص 120. 70 ص 120. 71 ص 157. 72 ص 105.

73 ص 148. 74 ص 119. 75 ص 148. 76 ص 157. 77 ص 120. 78 ص 121. 79 ص 122. 80 ص 122.

81 ص 122. 82 ص 120. 83 ص 153. 84 ص 153. 85 ص 134. 86 ص 102. 87 ص 109. 88 ص 111.

89 ص 120. 90 ص 119. 91 ص 120. 92 ص 119. 93 ص 119. 94 ص 152. 95 ص 204. 96 ص 205.

97 ص 205. 98 ص 205. 99 ص 205. 100 ص 205. 101 ص 206. 102 ص 74. 103 ص 223.

104 ص 13. 105 ص 210. 106 ص 211. 107 ص 210. 108 ص 13. 109 ص 210.

110 ص 211. 111 ص 211. 112 ص 212. 113 ص 213. 114 ص 215. 115 ص 215.

116 ص 198. 117 ص 214. 118 ص 214. 119 ص 208. 120 ص 208. 121 ص 209.

122 ص 209. 123 ص 208. 124 ص 191. 125 ص 118.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org