سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

 

 

ساريجي (بُٺي)

(سنڌ جو هڪ قديم ماڳ)

 

سنڌ ساڻيھه جي قديم ماڳن ۾ ننگر ٺٽي ويجهو ساريجي‘ نالي سان سڃاتو ويندڙ ماڳ به هڪ اهم پر بنھه وساريل ماڳ آهي، جيڪو هڪ بُٺي/ٽڪريءَ تي موجود آهي. توڙي جو هي ماڳ ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ نيشنل هاءِ وي  جي ڀر سان آهي پر نه ڄاڻ ڇو  ڪنھن به قديم آثارن جي ماهر، تاريخدان يا ڪنھن سُڄاڻ ماڻھوءَ جو هن پاسي ڌيان ئي ڪونه ويو آهي. هي ماڳ سنڌوءَ جي مشھور آڳاٽي ڪلريءَ واري وهڪري تي هو/آهي. ٺٽي کان اوڀر طرف چليا (پراڻا) جي ڏکڻ پاسان سنڌو درياهه جي وڏي وهڪري مان ڪلريءَ نالي سان هڪ آڳاٽو وهڪرو نڪري، اتر طرف وڃي جابلو ٽڪرين جي ڪر ڏئي، جهول ڍنڍ وٽان گذري، لال ڇتي کان نڪري مڪليءَ جي اتران وهندو هاليجي، هالاٺ، گجي ۽ پوءِ گهاري کان ٿيندو، ڀنڀور جي ڀر ڏئي، اڳتي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سنڌوءَ جي انھيءَ آڳاٽي وهڪري بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي: هي وهڪرو اتر کان چليا ڳوٺ وٽ ۽ ڏکڻ پاسي کان محمد خان سومري جي ڳوٺ ڀرسان ڪٿان هڪ وڏو ڦيرو کائي وڌيڪ ڏکڻ پاسي کان وهي، ٺٽي شھر جي اوڀر ۾ ويجھڙائيءَ وٽان وهڻ لڳو. ان ڏکڻ واري ڦيري وٽان هڪ ڦاٽ پيدا ٿيو، جيڪو پراڻي ڪلريءَ جو پيٽ ڏيئي وهڻ لڳو، جيڪو اسلام کان گهڻو اڳ سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو پڻ هو، جنھن مان پوءِ ٻه واهڙ ڦٽندا هئا. انھن مان هڪ مڪلي، ٽڪريءَ جي اتر کان اچي کيس گهيري وٺندو هو ۽ ڏکڻ _اولھه وڃي گهاري ڏانھن منھن ڪندو هو ۽ ٻيو واهڙ وڪڙ کائي مڪليءَ جي ٽڪريءَ وٽ ان جي اڀرندي ڪڇ (گود) کان سڌو ڏکڻ ڏانھن وهندو هو. (1)  هتي هيءَ ڳالھه به چٽي ڪجي ته، ڄام نظام الدين جي حڪمرانيءَ واري دور ۾، هي قديم وهڪرو جڏهن گهٽجي ويو هو ته ڄام جي خاص وزير دولهه دريا خان انھيءَ هنڌ وٽان يعني سونھڻي جي لٺ واري ٽڪريءَ ڀرسان ڪلريءَ جي مُنھن وٽان هڪ واهه کوٽائي، ساريجي ٽڪريءَ کان اولھه طرف ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي وٽان اڳتي وڃي اڳوڻي وهڪري واري هنڌان وهائي، مڪليءَ جي اتر- اولھه ۽ ان کان به اڳتي وارن علائقن ڏانھن آندو هو، جيڪو خان واهه (2) جي نالي سان مشھور ٿيو. ساموئيءَ ويجهو اُن ئي خان واهه جي ڪنڌيءَ تي افغاني حملي آور ارغونن سان وڙهندي دولهه درياخان شھيد ٿيو هو.

     آڳاٽي دور جي مشھور لوڪ ڪھاڻي ۽ شاهه لطيف جي پنجن سُرن جي اهم ڪردار، جدوجھد، بھادري، سگهه ۽ سچائيءَ جي اھڃاڻ سسئي به روايتن موجب ننڍڙي هوندي هن ئي درياهه/وهڪري مان لُڙهندي  اچي ڀنڀور پھتي هئي. هنن پٽن ۾ هن وهڪري جا آثار اڄ به موجود آهن. هي ماڳ انھيءَ آڳاٽي دور جو آهي جڏهن هتان ڪلريءَ جو وهڪرو وهندڙ هو ۽ جنھن تي ڪيترائي شھر، وستيون ۽ واهڻ آباد هئا. جن ۾ هاڻوڪي ڪلري بگهياڙ فيڊر جي اوڀر ڏکڻ طرف، ساريجيءَ کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي بنھه قديم ماڳ چليا (پراڻا) جا قديم آثار ۽ ڳوٺ آهي. چليا جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ تي سونھڻيءَ جي لٺ، لوڪا بنگلو ۽ سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڪلريءَ جي مُنھَن جا آثار آهن. اوڀر ۾  اٺن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪوٽ مير گل ۽ ٻيا قديم آثار اڄ به موجود آهن. اتر اوڀر ۽ ڏکڻ طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياهه آهي.  ٽي ڪلوميٽر اولھه طرف نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ ڇتو چنڊ جيڪو گهڻو پوءِ جي دور جو آهي. اُتر اولھه ۽ اُتر طرف ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مڪلي ٽڪريءَ جو اوڀاريون ڇيڙو آهي. جنھن تي لال ڇتو. موسيٰ  اصحابو (اصحابيءَ) جا مقبرا، گهراڻن جو قديم قبرستان، جهول ماڙيءَ جا آثار ۽ مشھور ڍنڍ جهول (جيڪا هاڻي باقي ڪا وڃي بچي آهي) آهي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته آڳاٽو سنڌوءَ جو  هي ڪلري وهڪرو ئي هو، جيڪو ساموئي، هالاٺ، گهاري کان ٿيندو، ڀنڀور وٽان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.

     ساريجي بُٺي جنھن جي آسپاس هاڻي زرعي زمينون آهن، تنھن تي مٿي چڙهي بيھڻ سان مٿيان گهڻا پٽ، ڍنڍون، ڍورا وغيره چٽيءَ ريت ڏسي ۽ تاريخي جاگرافيءَ جي لحاظ کان سمجهي سگهجي ٿو، ته آڳاٽي دور ۾ هي علائقو گهڻو  ۽ ڪھڙي نموني سان آباد هو. آسپاس ۾ ٻيا به واهه ۽ هنڌ آهن، جيڪي به تاريخي طور گهڻو اهم آهن جن ۾  کٽياڻ واهه، کُڏي ڍنڍ، گهڙ واري، ڄاڃڪو ۽ ٻيا شامل آهن.

نالو:

هن ماڳ کي ساريجي‘ نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ هن ماڳ تي ساريجي نالو ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو؟ انھيءَ حقيقت بابت نه ئي ڪٿان ڪا لکت ۾ معلومات ملي ٿي ۽ نه ئي ڪي خاص روايتون وغيره ملن ٿيون. اسان جي خيال ۾ ساري + جِي ۾  ساري هڪ اسم آهي ۽ ’جِي  جو مطلب آهي سندس يا جي/جو مطلب آهي ساري جي (وستي). انھيءَ نالي سان ملندڙ جلندڙ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڳ موجود آهن جن ۾ کتيجي، دريجي، جوريجي، وٽيجي، داٻيجي، هاليجي، راهيجي، ڪوٽ ڏيجي، مدئجي، جھيجي اچي وڃن ٿا. جيئن هتي رڳو هڪ ئي ماڳ جي نالي کي ڏسجي ته ان مان ئي پرک پئي سگهجي ٿي. جيئن ’داٻيجي معنيٰ اهو هنڌ جتي داٻو (ويساهي/ ترسيو) ڪيو وڃي.(3) آڳاٽي زماني ۾ جڏهن سنڌ جي الهندين علائقن کان نڪري، پوءِ ڪراچيءَ کان ٿيندو سنڌ جي ٻين  مختلف شھرن ڏانھن ماڻھو \ قافلا ايندا ويندا هئا، تڏهن داٻيجي واري هنڌ اچي داٻو ڪندا هئا. مطلب ته هتي اچي، ڪجهه پل يا ڏينھن ترسندا هئا. انھيءَ هنڌ تي مٺي پاڻيءَ جو چشمو به وهندڙ هو، ته اتي ڪجهه وڻڪار به هوندي هئي. انھيءَ هنڌ تي مسافرن جي داٻي ڪرڻ \ ترسڻ جا وڏا سبب هئا: (1) پاڻي ۽ (2) وڻڪار يعني اونھاري ۾  ڇانوَ ۽ سياري ۽ طوفان ۾ اَجهو \گبرو. اهڙيءَ ريت ٻين ماڳن جا نالا به  ائين ئي آهن. ڏٺو وڃي ته اهڙن ئي نالن سان سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڳ موجود آهن. ذڪر ڪيل مٿين ماڳن جي سلسلي ۾ هيءَ ڳالھه به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، ته جڏهن اسين پراڻن نقشن تي نظر ڦيرايون ٿا تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ ڪڇ کان لسٻيلي واري علائقي تائين اهڙن نالي وارن ماڳن جو هڪ سلسلو يا قديم رستو نظر اچي ٿو جنھن تي هي قديم ماڳ آهن. انھيءَ سلسلي ۾  هڪ اهم ڪتاب Indian Route Book: Sind and Rajputana District (1922ع ۾) ڇپيل (4) آهي، هن ڪتاب کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهي لڳ ڀڳ سمورا ماڳ، هڪ آڳاٽي شاهراهه تي موجود  رهيا آهن. ٻين رستن کان سواءِ هن رستي سان ئي ڪڇ کان نڪري سنڌ جي مختلف علائقن کان ٿيندو، عراق، ايران ۽ ٻين ملڪن تائين وڃي ۽ اچي سگهبو هو.

پھچڻ لاءِ رستو

آڳاٽي زماني ۾  سنڌوءَ جي وهڪري سان ٻيڙين رستي ساريجيءَ تائين سھنجي نموني سان اچ وڃ ڪري سگهبي هئي. هن ڳالھه ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هي ماڳ هڪ اهم درياهي رستي جي ڪنڌي تي هئڻ سبب، ان زماني ۾ ڏيھه توڙي پرڏيھه جي مختلف علائقن تائين اچ وڃ جي سھوليت رکندڙ هو. هاڻي سنڌوءَ جو اهو پاڻي نه رهيو آهي، تنھنڪري نه اُهي ٻيڙيون، نه ئي ٻيڙياتا رهيا آهن. هاڻي رڳو خشڪيءَ جا رستا ئي وڃي رهيا آهن. هن وقت به هن ماڳ تائين رسڻ تمام سولو آهي. ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ رستي تي، ٺٽي کان ڏهه ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي مُک رستي جي ڏکڻ پاسي هڪ ٽڪري موجود آهي، جنھن تي هي ماڳ موجود آهي. سنڌ حڪومت پاران هتي قائم ڪيل فِش هچريءَ کان ٿورو پھرين، هڪ ڪچو رستو نڪري هن ٽڪريءَ جي وچين ڀاڱي ۾  پھچي ٿو، جتي هي آثار آهن. مطلب ته  اهو رستو وٺي ساريجيءَ جي قديم آثارن تائين سولائيءَ سان پھچي سگهجي ٿو. هيئن چئجي ته ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ مک رستي تان گذرندي، ٽڪريءَ تي موجود سائو رنگ ڏنل هڪ ننڍڙي مسجد پري کان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. انھيءَ مسجد واري هنڌ کان ٿورو ڏکڻ ۾ هي آثار شروع ٿي اولھه ۽ ڏکڻ ۾ پکڙيل آهن.

بيھڪ:

ساريجي بُٺي، ٺٽي شھر کان اوڀر طرف 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٺٽي کان حيدرآباد نيشنل هائي وي جي ڏکڻ پاسي ۾ مک روڊ کان ٻن هزارن فوٽن جي فاصلي تي آهي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته هن ئي بُٺي/ٽڪريءَ تي هي قديم آثار موجود آهن. اُتر، اولھه ۽ ڏکڻ طرفن کان زرعي زمينن جي پري پري تائين ساوڪ ئي ساوڪ آهي. هن ٽڪريءَ جي اوڀارئين طرف فرلانگ کن جي فاصلي تي اُتر کان ڏکڻ ڏسا ڪلري - بگهاڙ  ڪئنال (1957ع کان) وهندڙ آهي. ان کان اوڀر ۾ ويجهو ئي چليا  جي جابلو ٽڪري آهي. اتر طرف اٺن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪينجهر ڍنڍ موجود آهي. اُتر کان اولھه ڏکڻ طرف ساريجي بُٺيءَ جي ڊيگهه ڏيڍ ڪلوميٽر کان به سرس آهي. بٺيءَ جي ويڪر ڪٿي هڪ فرلانگ ته ڪٿي گهٽ وڌ آهي.

آثار:

ورهاڱي واري دور تائين هن ٽڪريءَ جي مٿاهين خاص ڪري اولهائين اڌ واري ڀاڱي تي گهڻا آثار ٻڌايا وڃن ٿا، پر هاڻي رڳو قبرستان جي آسپاس وارا ئي وڃي رهيا آهن. ائين ڪجهه وقت اڳ ۾ تائين به ٽڪريءَ جي هيٺاهين آس پاس ۾ خاص ڪري اولھه ۽ اوڀر وارن پاسن کان به ڪي آثار موجود هئا، جيڪي هاڻي ناهن رهيا. هن ٽڪريءَ جي مٿاهين تي ته 1982ع تائين به گهڻائيءَ ۾ آثار پکڙيل هئا. اڏيل هاڻوڪن گهرن مان بُٺيءَ تي، مٿي ڪو به گهر موجود نه هو، موجود ڳوٺ  هاڻوڪي زماني  جو آهي. ستر اسي سال اڳ ۾  به هتي فقط جاکرن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٽڪريءَ جي اولھه ۾ هيٺاهينءَ تي هو. هاڻي هن بٺيءَ جي مٿاڇري جي صورتحال هن ريت آهي: اُترئين ڇيڙي ۽ اُترين  هيٺاهينءَ ۾ 1980ع کان سنڌ حڪومت پاران فش هيچري ۽ ان جون آفيسون ٺھيل آهن. اُترئين ڀاڱي جي مٿاهين هنڌ تي وري فش هچري ٽريننگ اسڪول ۽ هاسٽل آهي. ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڇيڙهي تي ڳوٺ محمد خان جاکرو ۽ جاکرن جي ڳوٺ جي اوڀر ۾  ڪجهه ميربحرن جا گهر (ڳوٺ محمد رمضان ميربحر) آهن. ڏاکڻي ڇيڙي تي ڳوٺ محمد خان جاکري کان به اولھه طرف هڪ  علم لڳل آهي، جنھن کي چؤڦير لوڙهو ڏنل آهي، تنھن کي ستار فقير جو دائرو چيو وڃي ٿو. ستار فقير ۽ انھيءَ دائري متعلق ڪجهه روايتون به ٻڌايون وڃن ٿيون، جيڪي هتي ڏيڻ ڊيگهه جو سبب بڻبيون.ستار فقير جو دائرو به چڱو آڳاٽو ٻڌايو وڃي ٿو، پر منھنجي خيال ۾ اهو ستار فقير ۽ ستار فقير جو دائرو هن ماڳ جي ڦٽي وڃڻ کان گهڻو پوءِ جي زماني جو آهي.

ساريجي بُٺيءَ جي اولھه واري ڀاڱي ۾ موجود جاکرن ۽ مير بحرن جي ڳوٺن جي وچئين ڀاڱي جي گهڻي ايراضيءَ تي قديم قبرستان آهي، جنھن ۾ اٽڪل هزار کن قبرون آهن. سڀئي قبرون اُتر ڏکڻ جي رخ تي جُڙيل آهن، پر اتر واري پاسي ۾ ٻه قبرون اهڙيون به آهن جيڪي اولھه -اوڀر ڏسا ۾  ٺھيل آهن. ڪجهه قبرون عام قبرن کان ماپ ۾ وڌيڪ ڊگهيون به آهن. قبرستان جي اوڀارين ڀاڱي ۾ هڪ حوض جا نشان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. قبرستان جي اُتر ۾ مٽي هٽائڻ سان هڪ ڊگهي ديوار جي بنياد جا نشان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هونئن ته سڄي  ٽڪريءَ خاص ڪري اولهائين اڌ تي اڏاوتن جا اهڃاڻ ڏسجن ٿا ۽ ٺڪراٺو به پکڙيل آهي پر ميربحرن جي گهرن جي ڏکڻ ڀر ۾ ڪٿي ڪٿي سڙيل ٺڪرن جا ٽڪرا به ملن ٿا ۽ ٿوري کوٽائيءَ سان ڪي نه ڪي آثار نڪري اچن ٿا. اهڙي ريت اُترئين ڀاڱي وارن آثارن مٿان توڙي جو هاڻي فش هيچريءَ جون آفيسون ۽ رهائشي جايون وغيره ٺھي چڪيون آهن، تنھن هوندي به ٽڪريءَ جي اُترين ڇيڙي واري هنڌ کي جاچي ڏسڻ سان اتي به آڳاٽي دور جو ٺڪراٺو وغيره  نظر اچي ٿو. اهو سلسلو ڪلري بگهاڙ فيڊر جي اولھه تائين پکڙيل آهي. ويھارو سال اڳ جڏهن اهي آفيسون ٺھي رهيون هيون، تڏهن انھيءَ هنڌ تان ٺڪراٺي سان گڏ، گهڙيل پٿر، ويڪريون ۽ ڊگهيون سِرون، ڪي ٿانون جا ٽڪرا وغيره به ظاهر ٿيا هئا. اُتي ئي ڪن ٿانون ۾ رک ۽ سِڪا وغيره به نڪتا هئا. انھن سڪن مان ڪجهه سڪا هتي جي رهاڪو  سڄاڻ ۽ وڏي ڄمار واري شخص محمد آدم ميربحر وٽ به موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته ٽڪريءَ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي اهڙا آثار گهڻا هئا، پر اُتي مسلسل سم ۽ ڪلر جي ڪري هاڻ هر شيءِ ختم ٿي چڪي آهي. محترم محمد رمضان ميربحر جي چوڻ موجب، ٽڪريءَ جي چئن ئي طرفن کان مختلف هنڌن تي اهڙا آثار موجود هئا جيڪي هاڻي نه رهيا آهن. محمد آدم ميربحر ٻڌائي ٿو ته: انھن پٽن تان اسان کي ڪيترائي ٿانوَ ۽ سِڪا ملندا رهيا آهن. جن مان ڪجهه موجود آهن ۽ ڪي سِڪا وغيره هتي ايندڙ هڪ سيلاني صاف ڪرائي ڏيڻ بھاني سان اسان کان وٺي ۽ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.(5)

هن وقت ٽڪريءَ جي وچئين ۽ ڏاکڻين ڀاڱي، خاص ڪري قبرستان کان اولھه ۽ اوڀر ۾ ميربحرن جي گهرن اڳيان  (ڏکڻ) واري ڀاڱي تي ٺڪراٺو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خاص ڪري مينھن پوڻ ۽ هوائن لڳڻ سان ٽڪريءَ جي گهڻن هنڌن تي ٺڪراٺو ظاهر ٿئي ٿو. قبرستان جي اُتر ۽ ڏکڻ طرف ڪيترن ئي جڳھن جي اڏاوتن جي اوسارين ۽ ڀتين جا نشان به نڪري پون ٿا. ٽڪريءَ تي ماڻهن ويجھڙ ۾ پنھنجي گهرن جي اڏاوتن جي لاءِ جتي به کوٽائي ڪئي آهي، ته اُتي کين پٿر ۽ مٽيءَ سان جڙيل ديوارن جا نشان مليا آهن. جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽڪريءَ جي تمام ٿوري علائقي کي ڇڏي ٽڪريءَ جي گهڻي علائقي تي گهر اڏيل هُئا. هتي بنھه ٿوري کوٽائي ڪرڻ سان نه رڳو ٺڪراٺو ، پر ڪٿي ته ٺڪر جا سڄا سالم ٿانو به ملن ٿا.

چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريءَ کان اولھه ۽ ڏکڻ واري پاسي ۾ به اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن زمينن ۾ هر ڪاهيندي يا کوٽائي ڪندي ٺڪراٺو وغيره ملي ٿو.  جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هيءَ وستي نه رڳو ٽڪريءَ تي ئي موجود هئي پر اولھه ڏکڻ طرف هيٺاهينءَ واري علائقي تائين به پکڙيل هئي.

مليل شيون:

ساريجي بُٺيءَ تي موجود قبرستان جي اولھه، اوڀر ۽ خاص ڪري ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ انساني استعمال جون ڪيتريون ئي شيون ملن ٿيون. ڏکڻ واري مٿاهينءَ تي گهڙيل لسا پٿر ته چڱي تعداد ۾ پکڙيل آهن پر ڪجهه پٿرن مان گهڙي ٺاهيل ٻيون به ڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ ويڳر (مصالحي) جي ننڍڙن اُکريلن جا اڌ ۽ ٽڪرا به پيل آهن. پٿر مان ٺاهيل ٻه اهڙا به ٿانو مليا آهن، جن جي وچ مان سوراخ ٺھيل آهن، شايد اهي ڪن شين جي پيسائيءَ جي ڪم جا آهن. قبرستان ۾ ڪي چار ته ڪي ڇھه فٽ ڊگها پٿر به پيل آهن، جن جي ڇيڙن تي سوراخ ٺھيل آهن. هن ڀاڱي ۾ ٿوري کوٽائيءَ سان ڳوٺاڻن کي پکڙيل ٺڪراٺي ۾ مٽيءَ مان جُڙيل مختلف ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا به مليا آهن. چَڪ تي جوڙيل ٿانوَن جي جوڙجڪ سھڻي ۽ مضبوط آهي. پاٽين، پليٽن، مٽڪن، ڪُنارن، ماٽين/چاڏين، گينڊين، نادين، لوٽن جي مليل ٽڪرن تي ڳاڙهي رڱ جا پٽا ڏنل آهن ۽ ڪن تي ڪاري ۽ گھري ناسي رڱ سان وڻن ۽ ولين جي پنن، ٽارين، ۽ گلن جا نقش چٽيل آهن. ڪن ٿانون تي مڇيءَ جا نقش به ملن ٿا.

مينھن پوڻ سان يا ٿوري کوٽائي ڪرڻ سان ئي هتي ڪٿان ڪٿان سالم ٿانو ته ڪٿان وري ٿانون وغيره جا اڌ به ملن ٿا. اهو به چيو وڃي ٿو ته، اوڀارئين طرف کٽين جي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ رڱڻ جا گهاٽ جا نشان ۽ وڏا ڪُنا به ڏسبا هئا. پر هاڻي اهڙو ڪو به نشان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسان جو لڳاتار 1983ع کان وٺي اسان جي دوست محمد رمضان ميربحر جي  سھڪار سان هن ٽڪريءَ تي اچڻ ٿيندو رهيو آهي. محمد رمضان ۽ محمد آدم ميربحر جي مدد سان هتي مختلف وقتن تي جيڪي شيون ڏسي سگهيا آهيون، انھن جو تفصيل هن ريت آهي:

·       پاڻيءَ جي ناد: چيڪي مٽيءَ مان، چڪ تي ٺاهي، پچايل ڳاڙهي ناد ملي آهي، جنھن جي امق/ ڊيگهه  اڍائي فوٽ، ۽ ويڪر/گولائي ڏيڍ فٽ آهي. ناد جو اندريون پاسو  لسو ۽ نفاست سان ٺھيل آهي، محمد رمضان ميربحر ٻڌائي ٿو : هتان ئي اسان کي ٻه مٽيءَ جون ڳاڙهيون ناڌون مليون آهن، جن مان هڪ ناڌ اڄ به اسان جي استعمال ۾ آهي.(6) انھيءَ ناڌ کي جڏهن ڏٺوسين ته زمانا گذري وڃڻ کان پوءِ به ان جي پختگي موجود آهي. ٻي ناد بابت سندس چوڻ آهي ته ان جي ٻاهرين پاسن کان ڪاري رڱ سان چٽ به چٽيل هئا، پر اهي بنھه هلڪا ٿي چڪا هئا. چٽن ۾ ڪي وليون ۽ پکي چٽيل هئا.

·       مٽڪا: چيڪي مٽيءَ مان چڪ تي ٺاهيل ڪجهه وڏا مٽڪا به مليا آهن، جن جا خاص ڪري مُنھن وارا ڪنارا ڏاڍي ڪاريگريءَ سان ٺاهيل آهن. ڦڪسري ڳاڙهي رڱ جي مٽڪن جي بناوت گهڻي نفيس ۽ سھڻي آهي، مٽڪن جي ڪنارن کان هيٺ ڪارسري ۽ گھري ناسي رڱ سان گولائيءَ ۾ لڪيرون چٽيل آهن. انھن جي وچين ڀاڱي تي وٽيل رسيءَ جا نقش چٽيل آهن. ڪن مٽڪن تي پکين جون تصويرون به چٽيل ڏسجن ٿيون. مٽڪن جا ڪجهه ڍڪڻ به مليا آهن، جن تي ڪو به نقش وغيره نه آهي.

·       ڇَلون: پاڻي پيئڻ جي ڇَلن جا ڪجهه اڌ ۽ ٽڪر به مليا آهن. ڳاڙهي رڱ جي ڇَلن تي ڪو به چٽ وغيره چٽيل ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. محمد رمضان مير بحر جو چوڻ آهي ته: هڪ ڀيري آئون پنھنجي گهر جي اڏاوت لاءِ کوٽائي ڪري رهيو هُئس ته کوٽائيءَ مان لڳاتار قطار ۾ ست وڏا مٽڪا نڪتا، جيڪي ست ئي ڍڪڻن سان ڍڪيل ۽ اندران خالي هئا. انھن مان هڪ اڄ به اسان وٽ گهر ۾ استعمال ٿئي ٿو. (7)

·       پوڄا (Worship Pot): پوڄا سان لاڳاپيل ٿانون جا ٽڪرا به مليا آهن، ته ڪجهه سالم به مليا  آهن. جيڪي بناوٽ ۾ خوبصورت ۽ نفيس آهن. ڳاڙهي رڱ جي هر ٿانو جو هيٺيون ترو گول اُبتي رکيل ننڍڙي ٿالهيءَ جھڙو آهي، جنھن مٿان وٽيون ٺاهيل آهن. (ان ۾ کير، گُل يا ٻيو پوڄا لاءِ سامان وڌو ويندو هوندو.) هن نموني جا ٿانوَ  ٻين گهٽ هنڌن تان لڌا ويا آهن.

·       گگهي \ صراحي: چيڪي مٽيءَ مان چڪ تي ٺاهي، سٺي نموني سان پڪل هڪ عدد  ڳاڙهي گگهي به ملي آهي. نفاست سان ٺاهيل هن گگهيءَ جي ٻاهرئين پاسن کان ڪوڻيءَ جي گلن ۽ پکين جا نقش چٽيل آهن.

·       ٿالهيون \ پاٽيون: نفاست سان چڪ تي ٺاهيل ڳاڙهي رڱ جون پاٽيون، جن جي ٻاهرين پاسن تي گُلن، ٻوٽن ۽ ولين جون شڪليون چٽيل آهن. ڪجهه پاٽيون اهڙيون به مليون آهن جن جا ترا انچ کن مٿي ٺاهيل آهن.

·       ڏيئا: چڪ تي ٺاهي، پچايل ڏيئا به مليا آهن. ڳاڙهي رڱ جي ڏيئن کي ٽن هنڌن تان تيل کڻندڙ ڌاڳن لاءِ کانچا ٺھيل آهن.

·       لوٽا: چيڪي مٽيءَ مان چڪ تي ٺاهيل مختلف ماپن جا (ٽٽل) لوٽا به ملن ٿا، جن مان ڪن تي  چينيءَ وانگر چمڪندڙ ڳاڙهو رڱ ڏنل آهي ۽ وچ تان گولائيءَ ۾ ڪاري رنگ جون لڪيرون ڏنل آهن.

سِڪا: ساريجي بُٺيءَ جي اوڀر ۾ هيٺاهينءَ واري هنڌ تان چار عدد سِڪا به مليا آهن، جن مان ٽي سِڪا گهڻي وقت گذرڻ جي ڪري ڳري چڪا آهن، البت هڪ سڪو اهڙو  آهي، جنھن جو به هڪ پاسي تان نشان وغيره ختم ٿي چڪا آهن ۽ ٻئي پاسي جي به اڌ جي لکت ڳري چڪي آهي باقي  اڌ جا اکر ڏسڻ ۽ سڃاڻپ ۾ اچن ٿا، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ سڪي تي فارسيءَ ۾ لکت لکيل هئي/آهي. سڪي جي مٿئين ڀاڱي ۾ رڳو لفظ سلاطين چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هڪ ڳوٺاڻي کي اولهائين ڇيڙي مان به هڪ اهڙو  سڪو مليو آهي، جنھن جي هڪ پاسي تي السلطان ۽ ان جي هيٺان سن 820 (هجري) ڏسڻ ۾ اچي ٿو  پر ٻيو پاسو  ڳري چڪو آهي.

روايتون:

ساريجي بُٺيءَ بابت ڪجهه روايتون به ملن  ٿيون،  جن ۾ به گهڻيون اهڙيون آهن، جن سان اڻ ٿيڻيون ڳالھيون  سلھاڙيل آهن، انھن جو هتي ڏيڻ ضروري نه ٿا سمجهون، البت ڪجهه روايتون اهڙيون  آهن، جن مان ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، اُهي هتي ڏجن ٿيون:

چيو وڃي ٿو: آڳاٽي زماني ۾ هيءَ وسندي ڪلري درياهه جي ڪناري تي هوندي هئي. هتي جا رهاڪو بُتن جي پوڄا ڪندڙ هئا. (پر هتي آثارن مان اسان کي بُت وغيره جو اهڃاڻ اڃا تائين ڪو به نه مليو آهي.) اولھه ڏکڻ واري ڇيڙي وٽ هيٺاهينءَ تي هڪ ڪوٽ هو، جنھن کي ڪافر ڪوٽ سڏيو ويندو هو. (افسوس جو ان جو هاڻي ڪو به آثار وغيره نه ٿو ملي.) هتي ٿانوَ تمام سُٺا، سھڻا گهڻو  پائيدار ٺھندا هئا. هتان مليل ٿانوَ گرمين ۾ به پاڻي ايترو ته جلد ٺاريندا هئا/آهن جو پاڻي وجهڻ کان پوءِ ماڻھو  جيستائين ست ڀيرا ساهه کڻندو آهي تيستائين پاڻي ٺري ڳڙا ٿي پوندو هو. هتي ڪاشي به ٺاهي ويندي هئي، خاص ڪري ڪاشيءَ وارا ٿانو هئا، جيڪي هتان ٻيڙين ۾ ڍوئي سنڌ جي وڏن وڏن شھرن تائين پھچائي، واپار ڪيو ويندو هو.(8)

ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن بُٺيءَ جي اولھه ۾ هڪ شھر آباد هو، جيڪو ڪنھن سبب جي ڪري زمين ۾ غرق ٿي ويو. ڪي ماڻھو چون ٿا اهو شھر ڪنھن زماني ۾ هتي آيل هڪ وڏي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويو.

 

ڳوٺاڻي محمد رمضان کي مليل ناڌن مان هڪ ناڌ

 

گگھي/صراحيءَ جا ٽڪرا

ماٽيءَ جو مليل ڍڪ

ٿانوَ جو ٽڪر جنھن جي ٻاهرين پاسي کي ڪوبه رنگ ڏنل نه آهي پر اندرئين ڀاڱي تي اڇي ڪاشيءَ جي پالش ٿيل آهي.

 

محقق ساريجي بٺيءَ جي ٺڪراٺي واري هنڌ تي

ڳوٺاڻي محمد رمضان ميربحر سان گڏ قديم آثارن واري ڀاڱي جي اتر طرف بٺيءَ کان هيٺاهين هنڌ

 

 

 

 

بٺيءَ جي ڏکڻ طرف زرعي زمينن جو ڏيک

 

سميٽ:

ساريجي هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪلريءَ واري وهڪري جي ڀرسان موجود هو. هن وهڪري تي ٻيا به قديم شھر ۽ وسنديون هيون. جن ۾ ڪوٽ مير گل، چليا، جهول، مڪلي، ساموئي، هالاٺ، هاليجي، گجو، گهارو ۽ ڀنڀور اچي وڃن ٿا. مٿين ماڳن ۾ ساريجي هڪ آڳاٽو ماڳ آهي.هي ماڳ عربن جي آخري دور ۽ سومرن جي دور جو چئي سگهجي ٿو پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪو زمانو پوءِ تائين به رهيو هجي.

آثارن وٽان مليل مختلف شين مان معلوم ٿئي ٿو ته هي هڪ قديم وسنديءَ جا آثار آهن. هتي جا رهندڙ ماڻھو، پٿر سان گڏ مٽيءَ جي گاري مان گهر ٺاهي رهندا هئا. مختلف ماپن جا مٽيءَ مان ٺاهي پچايل گهرن جي ڇتين جا چوڪا به نظراچن ٿا. چيڪي مٽيءَ مان چڪ تي سھڻا ۽ نفيس ٿانوَ  ٺاهي استعمال ڪندا هُئا. پوڄا لاءِ سھڻن ٿانون Worship pots ۽ ڏيئن جو استعمال ڪندا هئا. مٽيءَ جي ٿانون تي گهڻو ڪري نيري رڱ سان چٽ چٽيندا هئا. مٽيءَ سان گڏوگڏ پٿر جا سامان به ٺاهيندا هئا.

 اولھه، ڏکڻ ۽ اتر ٽنهي پاسن کان ڪلري وهندڙ هو، ان ڪري هي علائقو نه رڳو  سدا سائو ۽ سکيو هو، پر سنڌ جي سڀني علائقن سان ڳنڍيل هو ته وري سامونڊي بندرن سان به سلھاڙيل رهيو.  

هاڻي تائين به ڪينجهر، کوهي ۽جهول جھڙيون وڏيون ڍنڍون به هن کي ويجهو ئي آهن.

حوالا:

1.      بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ضميمو: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2004ع، ص: 204، ۽ ڏسجي: ’ٺٽي جو وجودي بنياد يا ٺٽي شھر جو اصل نسل‘ ٽه ماهي ’مھراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ، شمارو 1، 1988ع، ص 8.

2.     ڏسجي، محقق جو مقالو دولهه درياخان جو کوٽايل خان واهه، ٽماهي مھراڻ،

3.     داٻيجي واري چشمي جا نه رڳو آثار موجود آهن، پر سندس سيمو به اڄ تائين موجود آهي.

4.     Indian Route Book: Sindh Rajputana District” Catalogue No: ©0.1.32, Printed at the Government Monotype Press, 1922.                           

5.     روايت ڏيندڙ محمد آدم مير بحر عمر 65 ورهيه بتاريخ 22 جنوري 1999ع.

6.     روايت ڏيندڙ محمد رمضان ميربحر ولد جمع مير بحر عمر پنجاهه ورهيه بتاريخ 22 جنوري 1999ع.

7.     ساڳيو حوالو

8.     محمد آدم ميربحر

    نوٽ: سن 1957ع ۾ جڏهن ڪِنجهر کي بند ڏيئي، اوڀر پاسي چلهه مڪان وٽان، غلام محمد بئراج وسيلي منجهس پاڻي ڇڏيو ويو ۽ اولھه پاسي چليا وٽان ڪلري بگهياڙ واهه کوٽي، منجهانئس پاڻي اڳتي ڪڍيو ويو، تڏهن کان هن علائقي ۾ وڏي ڦير ڦار آئي آهي.

    هن قسم جا آثار چليا کان اوڀر طرف سنڌوءَ ڪنڌيءَ تي ڳوٺ لُوڪا وٽ به موجود آهن. انھيءَ کان سواءِ قديم چليا، چليا قبرستان، چليا پتڻ ۽ سونھڻيءَ واري لٺ به اهم آهن.

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

 

 

 

زمان حال مطلق ۾ واضح ۽ غير واضح ضميري پڇاڙين جو اڀياس

(A Study of Explicit and implicit pronominal suffixes in present tense)

 

Abstract:

A study of the verb in relation to pronouns in the Sindhi language reveals that verbs change according to the associated pronoun. This means that even when a sentence contains a subject (independent pronoun), different forms of personal pronouns—first person, second person, and third person—are still included with the verb.

From this perspective, it can be said that the ending of the verb, in terms of its variation according to pronouns, reflects the person category of the personal pronoun (first, second, or third person). Using the pronominal suffixes identified by Dr. Allamaم’, ‘س’, ‘ئي/ءِ’, ‘ن and ‘و’, —the verb “to give” (ڏِيڻ) transitive was examined in the present simple tense, indirect transitive, and double indirect transitive usages. Where necessary, the personal pronouns were also analyzed in terms of number (singular/plural) and gender (feminine/masculine).

Two main patterns of pronominal suffixes emerged from this analysis:

1.      Explicit pronominal suffixes, such as: م, س , ئي/ءِ, و, and ن

2.     Implicit pronominal suffixes, such as:

o        آنْ (first person singular),

o        اُونْ (first person plural),

o        اِينْ (second person singular),

o        او (second person plural),

o        اي/ ئِي (third person singular),

o        نِ (third person plural).

It is important to note that the suffixes م, س, and ن remain phonetically silent (i.e., consonant endings) due to the preceding masculine or feminine inflections. In this paper, the instances have been discussed where verbal changes in present indefinite tense occur as a result of explicit and implicit pronominal suffixes.

·       اڀياس جو پس منظر

ٻولين ۾ ڪي صرفي پڇاڙيون (morphological suffixes) اهڙيون هونديون آهن، جن سان لفظن جو ذخيرو وڌندو آهي ۽ لفظن جي معنيٰ مراد ۾ ڦير ڦار ٿيندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي اهڙيون پڇاڙيون ٿينديون آهن، جن سان لفظن جو ذخيرو وڌندو آهي، جن ۾ فعل سان سلھاڙيل ضميري پڇاڙيون نھايت اهم آهن. عام طور پنج ضميري پڇاڙيون (مئوسن) اهم ليکيون وينديون آهن، جيڪي ضمير خالص طور ڪم اينديون آهن. جيئن: لکندم (م- ضمير متڪلم واحد)، لکانءِ/ لکندُئي (ءِ/ ئِي- ضمير حاضر واحد)، لکندوَ (وَ- ضمير حاضر جمع)، لکندُس (س- ضمير غائب واحد) ۽ لکندُن (ضمير غائب جمع). ياد رهي ته ’م‘ ضميري پڇاڙي حالت فاعليءَ ۾ رهندي آهي، جڏهن ته ٻيون ضميري پڇاڙيون حالت جريءَ ۾ رهنديون آهن.

ان کان سواءِ فعل سان سلھاڙيل اهڙيون ضميري پڇاڙيون به آهن، جن جو شمار هڪ اکري پڇاڙين کان سواءِ ڊگهن سُرن سان ٿئي ٿو، جيئن امر- لِکُ مان فعل (مذڪر توڻي مؤنث صورت ۾) جڙي ٿو:

·       لکان (آن- ضمير متڪلم واحد)- (مان) لکان ٿو/ ٿي.

·       لکون/ لکئُون (اُون- متڪلم جمع)- (اسان لکُون/ لکئُون ٿا/ ٿيون.)

·       لکِين/ لکين (اِين/ اين- حاضر واحد)- (تون لکِين/ لکين ٿو/ ٿي.) 

·       لکو (او- حاضر جمع)- (توهان لکو ٿا/ ٿيون.)

·       لکي (اي- غائب واحد)- (هو/ هوءَ لکي ٿو/ ٿي.)

·       لکَن (اَنۡ- غائب جمع)- (اهي لکَن ٿا/ ٿيون.)

ڄاڻايل ضميري پڇاڙين جي حالت فاعلي ٿئي ٿي.

هتي ٻنھي قسمن جي ضميري پڇاڙين کي باضابطي جاچڻ لاءِ فاعل/ منفصل توڻي متصل  ضميرن سبب فعل جي مٽجندڙ صورت تي ڪم ڪرڻ لاءِ هيٺين سوالن جو دائرو جوڙجي ٿو:

·       اڀياس جا سوال

s ڇا ضمير/ فاعل سبب، فعل پنھنجي صورت مٽائي ٿو؟

s جملي ۾ فاعل يا ضمير ظاهر آهي ته فعل ڪھڙي صورت اختيار ڪري ٿو؟

s جملي ۾ ضمير  نه لڳائجي ته ڇا فعل، ضمير/ فاعل جي خبر ڏئي ٿو؟

s سنڌي ٻوليءَ جي فعل ۾ ڪھڙن قسمن جون ضميري پڇاڙيون لڳن ٿيون؟

s زمان حال سادي موجب فعل جون ڪيتريون امڪاني صورتون ملي سگهن ٿيون؟

·       اڀياس جو عمل

سنڌي ٻوليءَ ۾ بيشڪ ضمير/ فاعل سبب، فعل پنھنجي صورت تبديل ڪري ٿو. اها فعل جي اهڙي تبديلي هوندي آهي، جيڪا جملي پٽاندر، ضمير يا فاعل سان لاڳو رهندي آهي. عام طور ’مئوسن‘ ضميري پڇاڙيون فعل جي آخر ۾ لڳڻ سبب، فعل پنھنجي صورت تبديل ڪري ٿو؛ پر ڪي پڇاڙيون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي ضمير نسبت، ڊگهن يا نڪوين سُرن لڳڻ سان به ظاهر ٿينديون آهن؛ اهڙيون ڊگهن يا نڪوين سُرن واريون پڇاڙيون، جن سان جيڪڏهن ضمير يا فاعل نه به لڳائجي ته به فعل پنھنجي درست خبر ڏيندو آهي. حالت فاعليءَ پٽاندر، فعل ’ڏيندُم/ ڏيندَم‘ ته اهڙو بيھي ٿو، جنھن سان ضمير/ فاعل لڳائڻ ئي ٻوليءَ جي مزاج ۾ درست ناهي.

چند مثالن آڌار، ضميري پڇاڙين بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو: ”’اَٿم‘، ’پُٽم‘، ’پُٽس‘،
’ڌيڻَس‘، ’کيس‘، ’ٻُڌايَمِ‘، ’کپيئي‘، ’چيومانس‘، ’کپن‘، ’اٿوَ‘، ’اٿنِ‘، ’چاچُم‘، ’ٻُڌايانوَ‘، ’ڏيانءِ‘ ۽ ’سڏيوَ‘. انھن لفظن سان ’ـم‘، ’ـس‘، ’ـئِي‘ ’ـنِ‘، ’ـوَ‘ ۽ ’ءِ‘ وغيره ضميري پڇاڙيون ملايون ويون آهن، جيڪي اسمن، ضميرن، فعلن ۽ حرف جر سان ملايون ويون آهن. اهڙين ضميري پڇاڙين يا ضميري نشانين کي ’ضمير متصل‘ چئبو آهي.“ (الانا، 2010: 299- 300)

مٿي ڏنل فعل جا مثال ۽ ڊاڪٽر الانا جي مثالن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ضميري پڇاڙين جا ٻه قسم آهن، هڪ: هڪ اکري (م، ء/ ئي، و، س، ن)، ٻيو: ڊگها صاف ۽ نڪوان سُر. جيڪڏهن انھن نمونن کي ورهائجي ته هڪڙيون اکري ضميري پڇاڙيون ٿين ٿيون، ٻيون ڊگهن سُرن واريون بيھن ٿيون.

هڪ اکري ته اهڙيون ٿين ٿيون جن ۾ ضمير خالص يعني منفصل لڳائڻ جي گهرج گهٽ پوي ٿي. بلڪه ڪٿي ته بلڪل نه ٿي پوي، جيئن: ماني کاڌم. هتي ائين ڪونه چئي سگهبو ته ’مون/ مان ماني کاڌم‘، بلڪه ’م‘ ضميري پڇاڙي لڳي ته ضمير منفصل لڳائڻ جي گهرج بنھه نه ٿي پوي.

ڊاڪٽر الانا، فعلن سان چھٽيل جيڪي ضمير متصّل (ضمير خالص جي ٽنھي قسمن) جا مثال ڏنا آهن، تن کي واضح ضميري پڇاڙيون (explicit Pronominal suffixes) چئي سگهجي ٿو، جيئن:

هڪ، ’م‘ ۽ ’س‘ پڇاڙين سان: اٿم- ٻڌايم- چيومانس

ٻيو، ’ئِي‘، ’ـنِ‘، ’ـوَ‘ ۽ ’ءِ‘ پڇاڙين سان: کپيئي- کپنِ- اٿنِ- اٿوَ- سڏيوَ- - ٻُڌايانوَ- ڏيانءِ  

·       واضح ضميري پڇاڙيون (explicit Pronominal suffixes)

اهي ضميري پڇاڙيون عام آهن ۽ انھن جي  استعمال سبب ضمير منفصل (مان، تون يا هو وغيره) جو استعمال احتياط سان ڪرڻو پوندو آهي يا ان جي استعمال جي گهرج گهٽ پوندي آهي. هي ضميري پڇاڙيون ’م، س، ء/ ئي، ن، و‘ هڪ اکري ٿين ٿيون ۽ فعل سان لڳي، ضمير خالص جو واضح پتو ڏين ٿيون. ان سبب هن کي واضح ضميري پڇاڙيءَ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.

·       غير واضح ضميري پڇاڙيون (implicit Pronominal suffixes)

اهي ضميري پڇاڙيون اهڙيون ٿين ٿيون، جيڪي ڊگهي صاف يا نڪوين سُر جي مدد سان، فعل سان چھٽيل رهن ٿيون، جيئن: ’آن، اُون، اِين/ اين، او، اي‘، جن جا مثال ڏنا ويا آهن. اهي ضميري پڇاڙيون بيشڪ ضمير جي درست نشاندهي ڪنديون آهن، پر ان باوجود جملي ۾ ضمير منفصل (مان، تون، هو وغيره)  لڳايو ويندو آهي. ان سبب هن کي غير واضح ضميري پڇاڙي چئي سگهجي ٿو. (جوکيو، 2018: 43- 59)

غير واضح ضميري پڇاڙيون ان حوالي سان به چئي سگهجي ٿو، جو جملي جي فعل ۾ ڪٿي ڪٿي ضمير متڪلم لاءِ ڪم ايندڙ پڇاڙي، ضمير حاضر لاءِ به ڪم اچي ٿي وڃي، جيئن: ’لکان ٿو‘ ۾ ’آن‘ پڇاڙي ضمير متڪلم واحد لاءِ ڪم اچي ٿي. ’لکان‘ مان مراد آهي ’مان لکان ٿو‘، جڏهن ته فعل مجھول جي نسبت ’لکجان‘ ۾ ’آن‘ پڇاڙي، ضمير حاضر لاءِ ڪم اچي ٿي. ’لکجان‘ يعني ’تون لکجان‘.

سنڌي ٻوليءَ جي فعلن ۾ اڪثريت اهڙن فعلن جي رهي ٿي، جنھن سان ضمير جو ڳانڍاپو رهي ٿو. اهڙو انداز عربي، فارسي، هندي/ اردو ٻولين ۾ موجود آهي، پر انگريزي ٻوليءَ ۾ نه ٿو رهي. واحد متڪلم جي لاڳاپي واري فارميٽ جا لفظ ’ڏيان، ڏيانءِ، ڏيانوَ، ڏيانس، ڏيانْن‘ ڪافي ٿي وڃن ٿا، جنھن تي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. هيٺ، صرف ’زمان حال سادو/ مطلق‘ جي دائري ۾ واضح ۽ غير واضح ضميري پڇاڙين آهر جملا ۽ انھن جو ڇيد خيال خاطر رکجي ٿو:

·       زمان حال مطلق (سادو)، ضمير متڪلم واحد (مذڪر توڻي مؤنث)

·       مصدر: ڏيڻ، فعل متعدي

ü   مان ڪتابُ ڏيانْ ٿو/ ٿي. 

ü   مان ڪتابُ ڏيانْءِ ٿو/ ٿي. 

ü   مان ڪتابُ ڏيانْوَ ٿو/ ٿي. 

ü   مان ڪتابُ ڏيانْس ٿو/ ٿي. 

ü   مان ڪتابُ ڏيانْن ٿو/ ٿي. 

مٿين جملن ۾ مذڪر توڻي مؤنث ۾ فعل جي صورت ساڳي رهي ٿي؛ البت، مددي/ معاون فعل ۾ تبديلي رهي ٿي. مٿئين فعل جي گردان ۾ ’م‘ متڪلم جي پڇاڙي نه لڳندي، ڇاڪاڻ ته  لفظ ’ڏيان‘ ۾ ’آن‘
متڪلم جي  پڇاڙي موجود آهي ۽ اهو ئي مخاطِب آهي. ياد رهي ته حالت فاعليءَ موجب ’ڏيانم‘ نه ٿيندو. البت، حالت جريءَ ۾ پڇاڙي ڪم اچي سگهي ٿي، جيئن: ڏينم (مون کي ڏي)

’مئوسن‘ ضميري پڇاڙين مان هڪ اهم ڳالھه اها سامھون اچي ٿي ته جن جملن ۾ ’م- متڪلم‘ کان سواءِ، ’ءِ/ ئي، وَ، س، ن‘ ضميري پڇاڙيون ڪم اچن ٿيون، سي ’حالت جري‘ ۾ رهن ٿيون، جيئن:

×   ’مان ڪتاب ڏيانءِ ٿو‘ يعني ’مان تو کي ڪتاب ڏيان ٿو‘، هن ۾ ’ءِ‘ ضميري پڇاڙي ’تو کي‘ جي بدران ڪم اچي ٿي. ڪٿي ڪٿي ٻوليءَ ۾ ’ڏيانْئي‘ به ڪم اچي ٿو.

×   ’مان ڪتاب ڏيانوَ ٿو‘ يعني ’مان توهان کي ڪتاب ڏيان ٿو‘، هن ۾ ’وَ‘ ضميري پڇاڙي ’توهان کي‘ جي بدران ڪم اچي ٿي.

×   ’ءِ ۽ ئِي‘ ساڳي پڇاڙيءَ جون ٻه صورتون آهن. فعل ’ڏيانءِ‘ ۾ ’ئي‘ پڇاڙي مناسب نه ٿي لڳي.

فعل ’ڏيانْ‘ ۾ ’ي‘ وينجن سبب اڳيان ايندڙ ’ڏ‘ تي زير جي اعرابَ نه ٿيندي؛ ڇاڪاڻ ته ڪنھن لفظ ۾ هوندڙ ’ي‘ وينجن ۾ اها سگهه هوندي آهي، جو پاڻ کان اڳ ايندڙ ڪنھن به وينجن آواز کي پنھنجي سُر (Vowel) سان ڳنڍي، گڏيل آواز (Cluster of Sound) بڻائيندي آهي، جيئن: پيارُ، ڌيانُ، (الانا، 1993: 144) ڏُکيو، سُورهيُه وغيره.

·       زمان حال مطلق (سادو)- امر: ڏي- مصدر: ڏيَڻ (فعل متعدي)

·       ضمير متڪلم واحد

ü   مان ڪتابُ ڏيانْ ٿو/ ٿي. 

ü   مان ڪتابُ ڏيانْءِ ٿو/ ٿي.

ü   مان ڪتابُ ڏيانْوَ ٿو/ ٿي.

ü   مان ڪتابُ ڏيانْس ٿو/ ٿي.

ü   مان ڪتابُ ڏيانْن ٿو/ ٿي.

’ڏيان‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيانْ

ڏي (امر) اي > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) = ڏيانْ

ڏيانْءِ

ڏي (امر) اي > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) + ءِ- (ضمير حاضر واحد) = ڏيانْءِ

ڏيانْوَ

ڏي (امر) اي > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) + وَ- (ضمير حاضر جمع) = ڏيانْوَ

ڏيانْس

ڏي (امر) اي > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) + س- (ضمير غائب واحد) = ڏيانْس

ڏيانْن

ڏي (امر) اي > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) + ن- (ضمير غائب جمع) = ڏيانْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيانْ

مان ڏيان

ڏيانْءِ

مان، تو کي ڏيان

ڏيانْوَ

مان، توهان کي ڏيان

ڏيانّسۡ

مان، هن کي ڏيان

ڏيانْنۡ

مان، هنن کي ڏيان

-

---

تبصرو: مٿين جدول ۾ غير واضح ضميري پڇاڙي ’آن‘ ضمير متڪلم واحد لاءِ ڪم اچي ٿي. اهڙي صورت ۾ ’م‘ متڪلم نه لڳندو، جڏهن ته واضح ضميري پڇاڙين (مئوسن) جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ٻوليءَ جي نسبت ضميري پڇاڙيون ’م، س ۽ ن‘ ساڪن رهن ٿيون، ان لاءِ ته ان کان اڳ وينجن واري اعراب ۾ ڦيرو ايندو آهي.

·       امر: ڏيارِ- مصدر: ڏيارِڻُ (فعل متعدي بالواسطه)

ü   مان ڪتابُ ڏياريانْ ٿو/ ٿي. 

ü   مان ڪتابُ ڏياريانْءِ ٿو/ ٿي.

ü   مان ڪتابُ ڏيارايانْوَ ٿو/ ٿي.

ü   مان ڪتابُ ڏياريانْس ٿو/ ٿي.

ü   مان ڪتابُ ڏياريانْن ٿو/ ٿي.

’ڏياريان‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏِياريانْ

ڏيار ِ(امر) اِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريان

ڏِياريانْءِ

ڏيار ِ(امر) اِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريان + ءِ (ضمير حاضر واحد) = ڏياريانْءِ

ڏِياريانْوَ

ڏيار ِ(امر) اِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريان + وَ (ضمير حاضر جمع) = ڏياريانْوَ 

ڏِياريانْسۡ

ڏيار ِ(امر) اِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريان + س (ضمير غائب واحد) =         ڏياريانْس

ڏياريانْنۡ

ڏيار ِ(امر) اِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريان + ن (ضمير غائب جمع) = ڏياريانْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏياريانْ

مان، ٻئي کان ڏياريان

ڏياريانْسۡ

مان، هن  کي ٻئي کان ڏياريان)

ڏياريانْءِ

مان، تو کي ٻئي کان ڏياريان

ڏياريانْنۡ

مان،هنن کي ٻئي کان ڏياريانءِ

ڏياريانْوَ

مان، توهان کي ٻئي کان ڏياريان

-

---

·       امر: ڏياراءِ- مصدر: ڏيارائِڻُ (فعل متعدي ٻٽو بالواسطه)

ü   مان ڪتابُ ڏيارايانْ ٿو.   

ü   مان ڪتابُ ڏيارايانْءِ ٿو.  

ü   مان ڪتابُ ڏيارايانْوَ ٿو.  

ü   مان ڪتابُ ڏيارايانْس ٿو.  

ü   مان ڪتابُ ڏيارايانْن ٿو.  

’ڏيارايان‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارايانْ

ڏياراءِ (امر) ءِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) =  ڏيارايان

ڏيارايانْءِ

ڏياراءِ (امر) ءِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) =  ڏيارايان + ءِ (ضمير حاضر واحد) =   ڏيارايانْءِ

ڏيارايانْوَ

ڏياراءِ (امر) ءِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) =  ڏيارايان + وَ- (ضمير حاضر جمع) =   ڏيارايانْوَ

ڏيارايانْس

ڏياراءِ (امر) ءِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) =  ڏيارايان + س (ضمير غائب واحد) = ڏيارايانْس

ڏيارايانْن

ڏياراءِ (امر) ءِ > ي + آنْ (ضمير متڪلم واحد) =  ڏيارايان + ن (ضمير غائب جمع) =   ڏيارايانْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارايانْ

مان، ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايان

ڏيارانْسۡ

مان، هن کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايان

ڏيارايانْءِ

مان، تو کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايان

ڏيارايانْنۡ

مان، هنن کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايان

ڏيارايانْوَ

مان، توهان کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايان

-

---

·       امر ڏي- مصدر: ڏيڻ (فعل متعدي)

·       ضمير متڪلم (جمع)

ü   اسان ڪتابُ ڏيُونْ ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏيُونْءِ ٿا. 

ü   اسان ڪتابُ ڏيُونْوَ ٿا. 

ü   اسان ڪتابُ ڏيُونْس ٿا. 

ü   اسان ڪتابُ ڏيُونْن ٿا. 

’ڏيُون‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيُونْ

ڏي (امر) اي > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏيُونْ

ڏيُونْءِ

ڏي (امر) اي > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏيُونْ + ءِ (ضمير حاضر واحد) =   ڏيُونءِ

ڏيُونْوَ

ڏي (امر) اي > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏيُونْ + وَ (ضمير حاضر جمع) =    ڏيُونْوَ

ڏيُونْس

ڏي (امر) اي > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏيُونْ + س (ضمير غائب واحد) = ڏيُونْس

ڏيُونْن

ڏي (امر) اي > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏيُونْ + ن (ضمير غائب جمع) =    ڏيُونْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيُونْ

اسان ڏيون

ڏيُونْسۡ

اسان، هن کي ڏيون

ڏيُونْءِ

اسان، تو کي ڏيون

ڏيُونْنۡ

اسان، هنن کي ڏيونءِ

ڏيُونْوَ

اسان، توهان کي ڏيون

-

---

·       امر: ڏيارِ- مصدر: ڏيارڻ (فعل متعدي بالواسطه)

ü   اسان ڪتابُ ڏياريُونْ ٿا.   

ü   اسان ڪتابُ ڏياريُونْءِ ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏياريُونْوَ ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏياريُونْس ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏياريُونْن ٿا.  

’ڏياريُون‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏياريُونْ

ڏيارِاءِ (امر) اِءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏياريُونْ

ڏياريُونْءِ

ڏيارِاءِ (امر) اِءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏياريُونْ + ءِ (ضمير حاضر واحد) = ڏياريُونْءِ

ڏياريُونْوَ

ڏيارِ (امر) اِءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =  ڏياريُونْ + وَ- (ضمير حاضر جمع) = ڏياريُونْوَ

ڏياريُونْس

ڏيارِاءِ (امر) اِءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =       ڏياريُونْ + س (ضمير غائب واحد) =    ڏياريُونْس

ڏياريُونْن

ڏيارِاءِ (امر) اِءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) =        ڏياريُونْ + ن (ضمير غائب جمع) =      ڏياريُونْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏياريُونْ

اسان، ٻئي کان ڏياريون

ڏياريُونْسۡ

اسان، هن کي ٻئي کان ڏياريون

ڏياريُونْءِ

اسان، تو کي ٻئي کان ڏياريون

ڏياريُونْنۡ

اسان، هنن کي ٻئي کان ڏياريون

ڏياريُونْوَ

اسان، توهان کي ٻئي کان ڏياريون

-

---

·       امر: ڏياراءِ- مصدر: ڏيارائڻ (فعل متعدي ٻٽو بالواسطه)

ü   اسان ڪتابُ ڏيارايُونْ ٿا.   

ü   اسان ڪتابُ ڏيارايُونْءِ ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏيارايُونْوَ ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏيارايُونْس ٿا.  

ü   اسان ڪتابُ ڏيارايُونْن ٿا.  

ü   ’ڏيارايُون‘ فعل سان غير واضح ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارايُونْ

ڏياراءِ (امر) ءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) = ڏيارايُونْ

ڏيارايُونْءِ

ڏياراءِ (امر) ءِ >   ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) = ڏيارايُون + ءِ (ضمير حاضر واحد) =    ڏيارايُونْءِ

ڏيارايُونْوَ

ڏياراءِ (امر) ءِ >   ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) = ڏيارايُونْ+ وَ (ضمير حاضر جمع) =      ڏيارايُونْوَ

ڏيارايُونْس

ڏياراءِ (امر) ءِ >   ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) = ڏيارايُون + س (ضمير غائب واحد) = ڏيارايُونْس

ڏيارايُونْن

ڏياراءِ (امر) + ءِ > ي + اُون (ضمير متڪلم جمع) = ڏيارايُونْ + ن (ضمير غائب جمع) =    ڏيارايُونْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارايُونْ

اسان، ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايون

ڏيارايُونْسۡ

اسان، هن کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايون

ڏيارايُونْءِ

اسان، تو کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايون

ڏيارايُونْنۡ

اسان، هنن کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايون

ڏيارايُونْوَ

اسان، توهان کي ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايون

-

---

·       امر: ڏي- مصدر: ڏيڻ (فعل متعدي)

·       ضمير حاضر واحد

ü   تون ڪتابُ ڏِينْ ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏِينْم ٿو. (هن ۾ ’م‘ متڪلم جي پڇاڙي لڳي سگهي ٿي.)

ü   تون ڪتابُ ڏِينْس ٿو.  

ü   تون ڪتابُ ڏِينْن ٿو. 

(هن صيغي ۾ ضمير حاضر واحد توڻي جمع جون پڇاڙيون ’ءِ ۽ وَ‘ نه لڳنديون؛ ڇاڪاڻ ته انھن جملن ۾ مخاطب ئي ضمير حاضر کي ٿو ڪجي.)

’ڏين‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏِينْ

ڏي (امر) اي > اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏِينْ

ڏِينْم

ڏي (امر) اي > اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏِينْ + م   (ضمير متڪلم واحد) = ڏِينْم

ڏِينْس

ڏي (امر) اي > اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏِينْ + س (ضمير غائب واحد) =     ڏيِنْس

ڏِينْن

ڏي (امر) اي > اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏِينْ + ن   (ضمير غائب جمع) =     ڏِينْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏِينْ

تون ڏين

ڏِينْسۡ

تون، هن کي ڏين

ڏِينْمۡ

تون، مون کي ڏين

ڏِينْنۡ

تون، هنن کي ڏين

·       امر: ڏيارِ- مصدر: ڏيارِڻُ (فعل متعدي بالواسطه)

ü   تون ڪتابُ ڏيارِينْ ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏيارِينْم ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏيارِينْس ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏيارِينْن ٿو. 

’ڏيارِين‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارِينْ

ڏيارِ (امر) > ڏيار + اِين (ضمير حاضر واحد) = ڏيارِين

ڏيارِينْم

ڏيارِ (امر) > ڏيار + اِين (ضمير حاضر واحد) = ڏيارِينْ + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيارِينْم

ڏيارِينْس

ڏيارِ (امر) > ڏيار + اِين (ضمير حاضر واحد) = ڏيارِينْ + س (ضمير غائب واحد) =  ڏيارِينْس

ڏيارِينْنۡ

ڏيارِ (امر) > ڏيارۡ + اِين (ضمير حاضر واحد) = ڏيارِينْ + ن (ضمير غائب جمع) =      ڏيارِينْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارِينْ

تون، ٻئي کان ڏيارين

ڏيارِينْسۡ

تون، هن کي ٻئي کان ڏيارين

ڏيارِينْمۡ

تون، مون کي ٻئي کان ڏيارين

ڏيارِينْنۡ

تون، هنن کي ٻئي کان ڏيارين

·       امر: ڏياراءِ- مصدر: ڏيارائڻ (فعل متعدي ٻٽو بالواسطه)

ü   تون ڪتابُ ڏيارائِينْ ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏيارائِينْم ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏيارائِينْس ٿو. 

ü   تون ڪتابُ ڏيارائِينْن ٿو. 

’ڏيارائِين‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارائِينْ

ڏياراءِ (امر) > ڏياراء + اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏيارائِينْ

ڏيارائِينْم

ڏياراءِ (امر) >     ڏياراء + اِينْ (ضمير حاضر واحد) =  ڏيارائِينْ + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيارائِينْم

ڏيارائِينْس

ڏياراءِ (امر) >   ڏياراء + اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏيارائِينْ + س (ضمير غائب واحد) =  ڏيارِائينْس

ڏيارائينْنۡ

ڏياراءِ (امر) >   ڏياراء + اِينْ (ضمير حاضر واحد) = ڏيارائِينْ + ن (ضمير غائب جمع) =     ڏيارائِينْن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارائِينْ

تون، ٻئي جي ذريعي ٽئين کان ڏيارائين

ڏيارائِينْسۡ

تون، هن کي ٻئي جي ذريعي ٽئين کان ڏيارائين

ڏيارائِينْمۡ

تون، مون کي ٻئي جي ذريعي ٽئين کان ڏيارائين

ڏيارائِينْنۡ

تون، هنن کي ٻئي جي ذريعي ٽئين کان ڏيارائين

·       امر: ڏي- مصدر: ڏيڻ (فعل متعدي)

·       ضمير حاضر جمع

ü   توهان ڪتابُ ڏيو ٿا. 

ü   توهان ڪتابُ ڏيوم ٿا.

ü   توهان ڪتابُ ڏيوس ٿا. 

ü   توهان ڪتابُ ڏيون ٿا. 

(هن صيغي ۾ ضمير حاضر واحد توڻي جمع جون پڇاڙيون ’ءِ ۽ وَ‘ نه لڳنديون؛ ڇاڪاڻ ته انھن جملن ۾ مخاطب ئي ضمير حاضر کي ٿو ڪجي.)

’ڏيو‘ فعل سان غير واضح ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيو

ڏي (امر) > ڏي + او- ضمير حاضر جمع = ڏيو

ڏيوم

ڏي (امر) > ڏي + او- ضمير حاضر جمع = ڏيو + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيوم

ڏيوس

ڏي (امر) > ڏي + او- ضمير حاضر جمع = ڏيو + س (ضمير غائب واحد) = ڏيوس

ڏيون

ڏي (امر) > ڏي + او- ضمير حاضر جمع = ڏيو + ن (ضمير غائب جمع) = ڏيون

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيو

توهان ڏيو

ڏيوسۡ

توهان هن کي ڏيو

ڏيومۡ

توهان مون کي ڏيو

ڏيونۡ

توهان هنن کي ڏيو

·       امر: ڏيارِ- مصدر: ڏيارڻ (فعل متعدي بالواسطه)

ü   توهان ڪتابُ ڏياريو ٿا. 

ü   توهان ڪتابُ ڏياريوم ٿا. 

ü   توهان ڪتابُ ڏياريوس ٿا. 

ü   توهان ڪتابُ ڏياريون ٿا. 

’ڏياريو‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏياريو

ڏيارِ (امر) اِ >  ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) = ڏياريو

ڏياريوم

ڏيارِ (امر) اِ >    ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) =   ڏياريو + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريوم

ڏياريوس

ڏيارِ (امر) اِ >    ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) =   ڏياريو +  س (ضمير غائب واحد) =   ڏياريوس

ڏياريون

ڏيارِ (امر) اِ > ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) = ڏياريو + ن (ضمير غائب جمع) = ڏياريون

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏياريو

توهان ٻئي کان ڏياريو

ڏياريوسۡ

توهان، هن کي، ٻئي کان ڏياريو

ڏياريومۡ

توهان، مون کي، ٻئي کان ڏياريو

ڏياريونۡ

توهان، هنن کي، ٻئي کان ڏياريو

·       امر: ڏياراءِ- مصدر ’ڏيارائڻ‘ (فعل متعدي ٻٽو بالواسطه)

ü   توهان ڪتابُ ڏيارايو ٿا.

ü   توهان ڪتابُ ڏيارايوم ٿا.

ü   توهان ڪتابُ ڏيارايوس ٿا.

ü   توهان ڪتابُ ڏيارايون ٿا.

’ڏيارايو‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارايو

ڏياراءِ (امر) اِ > ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) = ڏيارايو

ڏيارايوم

ڏياراءِ (امر) اِ > ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) = ڏيارايو + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيارايوم

ڏيارايوس

ڏياراءِ (امر) اِ > ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) = ڏيارايو + س (ضمير غائب واحد) =  ڏيارايوس

ڏيارايون

ڏياراءِ (امر) اِ > ي + او = يو (ضمير حاضر جمع) = ڏيارايو + ن (ضمير غائب جمع) =     ڏيارايون

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارايو

توهان، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايو

ڏيارايوسۡ

توهان، هن کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايو

ڏيارايومۡ

توهان، مون کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايو

ڏيارايونۡ

توهان،  هنن کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارايو

·       امر: ڏي- مصدر: ڏيڻ (فعل متعدي)

·       ضمير غائب واحد

ü   هو ڪتابُ ڏِئي ٿو. 

ü   هو ڪتابُ ڏِئيمۡ ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏِيَئِي ٿو. 

ü   هو ڪتابُ ڏِئيوَ ٿو. 

ü   هو ڪتابُ ڏِئيسۡ ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏِئين ٿو. 

ü   ’ڏئي‘ فعل سان غير واضح ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏِئي

ڏي (امر) اي > ئي (ضمير غائب واحد) = ڏئي

ڏِئيم

ڏي (امر) اي > ئي (ضمير غائب واحد) = ڏئي + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏِئيم

ڏيَئِي

ڏي (امر) اي >  ئي > يَ  (ضمير غائب واحد) + ئِي (ضمير حاضر واحد) =    ڏيَئِي

ڏِئيوَ

ڏي (امر) اي > ئي (ضمير غائب واحد) = ڏئي + وَ (ضمير حاضر جمع) =     ڏئيوَ 

ڏِئيس

ڏي (امر) اي > ئي (ضمير غائب واحد) = ڏئي + س (ضمير غائب واحد) = ڏئيس

ڏِئين

ڏي (امر) اي > ئي (ضمير غائب واحد) = ڏئي + ن (ضمير غائب جمع) =    ڏئين

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏئي

هو ڏئي

ڏِئيوَ

هو، توهان کي ڏئي

ڏئيمۡ

هو، مون کي، ڏئي

ڏِئيسۡ

هو، هن کي ڏئي

ڏيَئِي

هو، تو کي ڏئي

ڏِئينۡ

هو، هن کي ڏئي

تبصرو: مٿين جدول ۾ غير واضح ضميري پڇاڙي ’ئـٖـي‘ ضمير غائب واحد لاءِ ڪم اچي ٿي؛ جڏهن ته مذڪر توڻي مؤنث لاءِ فعل جي ساڳي صورت بيھي ٿي.

·       امر: ڏيارِ- مصدر: ڏيارڻ (فعل متعدي بالواسطه)

ü   هو ڪتابُ ڏياري ٿو.   

ü   هو ڪتابُ ڏياريم ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏيارَئِي ٿو.  

ü   هو ڪتابُ ڏياريوَ ٿو.  

ü   هو ڪتابُ ڏياريس ٿو.  

ü   هو ڪتابُ ڏيارين ٿو.  

’ڏياري‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏياري

ڏيارِ (امر) اِ > اي (ضمير غائب واحد) = ڏياري

ڏياريم

ڏيارِ (امر) اِ > اي (ضمير غائب واحد) + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏياريم

ڏياريئي

ڏيارِ (امر) اِ > اي  (ضمير غائب واحد) + ئِي (ضمير حاضر واحد) = ڏياريئِي

ڏياريوَ

ڏيارِ (امر) اِ > يَ  (ضمير غائب واحد) + وَ (ضمير حاضر جمع) =    ڏياريوَ

ڏياريس

ڏيارِ (امر) اِ > اي  (ضمير غائب واحد) + س (ضمير غائب واحد) = ڏياريس

ڏيارين

ڏيارِ (امر) اِ > يَ  (ضمير غائب واحد) + ن (ضمير غائب جمع) =    ڏيارين

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏياري

هو، ٻئي ذريعي ڏياري

ڏياريوَ

هو، توهان کي ٻئي ذريعي ڏياري

ڏياريمۡ

هو، مون کي، ٻئي ذريعي ڏياري

ڏياريسۡ

هو، هن کي ٻئي ذريعي ڏياري

ڏيارَئِي

هو، تو کي، ٻئي ذريعي ڏياري

ڏيارينۡ

هو، هنن کي ٻئي ذريعي ڏياري

·       امر: ڏياراءِ- مصدر: ڏيارائڻ (فعل متعدي ٻٽو بالواسطه)

ü   هو ڪتابُ ڏيارائي ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏيارائيم ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏيارايَئِي ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏيارائيوَ ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏيارائيس ٿو.

ü   هو ڪتابُ ڏيارائين ٿو.

’ڏيارائي‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارائي

ڏياراءِ (امر) اِ > اي (ضمير غائب واحد) = ڏيارائي

ڏيارائيم

ڏياراءِ (امر) اِ > اي (ضمير غائب واحد) = ڏيارائي + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيارائيم

ڏيارايَئِي

ڏياراءِ (امر) اِ > يَ (ضمير غائب واحد) + ئِي (ضمير حاضر واحد) =                       ڏيارايَئِي

ڏيارائيوَ

ڏياراءِ (امر) اِ > اي + (ضمير غائب واحد) + وَ (ضمير حاضر جمع) =                     ڏيارائيوَ

ڏيارائيس

ڏياراءِ (امر) اِ > اي  (ضمير غائب واحد) + س (ضمير غائب واحد) =                    ڏيارائيس

ڏيارائين

ڏياراءِ (امر) اِ > اي  (ضمير غائب واحد) + ن (ضمير غائب واحد) =                       ڏيارائين

·    ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارائي

هو، ٻئي جي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائي

ڏيارائيوَ

هو، توهان کي ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائي

ڏيارائيمۡ

هو، مون کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائي

ڏيارائيسۡ

هو، هن کي ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائي

ڏيارايَئِي

هو، تو کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائي

ڏيارائِينۡ

هو، هنن کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائي

·       امر: ڏي- مصدر: ڏيڻ (فعل متعدي)

·       ضمير غائب جمع

ü   اهي ڪتابُ ڏيَن ٿا. 

ü   اهي ڪتابُ ڏيَنِم ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيَنَئِي ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيَنِوَ ٿا. 

ü   اهي ڪتابُ ڏيَنِس ٿا. 

ü   اهي ڪتابُ ڏيَنِنۡ ٿا. 

ü   ’ڏيَن‘ فعل سان غير واضح ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيَن

ڏي(امر) اي > يَ + نِ          (ضمير غائب جمع) ڏيَن

ڏيَنِم/ ڏِينم

ڏي(امر) اي > يَ + نِ          (ضمير غائب جمع) ڏيَن +  م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيَنِم

ڏيَنَئي

ڏي(امر) اي > يَ + نِ  > نَ (ضمير غائب جمع) ڏيَن + ئِي   (ضمير حاضر واحد) ڏينَئِي

ڏيَنِوَ

ڏي(امر) اي > يَ + نِ          (ضمير غائب جمع) ڏيَن + وَ (ضمير حاضر جمع) ڏيَنِوَ

ڏيَنِس

ڏي(امر) اي > يَ + نِ          (ضمير غائب جمع) ڏيَن +  س (ضمير غائب واحد) = ڏيَنِس

ڏيَنِنۡ

ڏي(امر) اي > يَ + نِ          (ضمير غائب جمع) ڏيَن +   ن (ضمير غائب جمع) = ڏينِن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيَنۡ

اهي ڏيَن

ڏيَنِوَ

اهي، توهان کي ڏيَن

ڏيَنِمۡ

اهي، مون کي ڏيَن

ڏيَنِسۡ

اهي، هن کي ڏيَن

تبصرو: مٿين جدول ۾ غير واضح ضميري پڇاڙي ’نِ‘ ضمير غائب جمع لاءِ ڪم اچي ٿي. ساڳئي هنڌ الڳ سان واضح ضميري پڇاڙي ’ن‘ به ڪم اچي ٿي، جيئن: ڏيَنِن. يعني ’ن‘ ضميري پڇاڙي ٻنھي صورتن ۾ ڪم اچي ٿي ۽ هرهڪ جو الڳ الڳ ڪارج آهي.

·       امر: ڏيارِ- مصدر: ڏيارڻ (فعل متعدي بالواسطه)

ü   اهي ڪتابُ ڏيارِن ٿا.  

ü   اهي ڪتابُ ڏيارِنِم ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيارِنَئِي ٿا. 

ü   اهي ڪتابُ ڏيارنِوَ ٿا. 

ü   اهي ڪتابُ ڏيارِنِس ٿا. 

ü   اهي ڪتابُ ڏيارنِن ٿا. 

ü   ’ڏيارن‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارِن

ڏيارِ (امر) +  ن          (ضمير غائب جمع) = ڏيارِن

ڏيارِنِم

ڏيارِ (امر) +  ن         (ضمير غائب جمع) = ڏيارن + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيارنِم

ڏيارنَئي

ڏيارِ (امر) +  نِ > نَ (ضمير غائب جمع) = ڏيارن + ئِي (ضمير حاضر واحد) =   ڏيارنَئي

ڏيارنِوَ

ڏيارِ (امر) +  نِ > نَ (ضمير غائب جمع) = ڏيارِن + وَ (ضمير حاضر جمع) =       ڏيارنِوَ

ڏيارِنِس

ڏيارِ (امر) +  نِ         (ضمير غائب جمع) = ڏيارِن + س (ضمير غائب واحد) =   ڏيارنِس

ڏيارنِن

ڏيارِ (امر) +  نِ        (ضمير غائب جمع) = ڏيارِن +  ن (ضمير غائب جمع) =      ڏيارنِن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارِنۡ

اهي، ٻئي ذريعي ڏيارِن

ڏيارنِوَ

اهي، توهان کي، ٻئي ذريعي ڏيارِن

ڏيارِنِمۡ

اهي، مون کي، ٻئي ذريعي ڏيارِن

ڏيارِنِسۡ

اهي، هن کي، ٻئي ذريعي ڏيارِن

ڏيارِنَئِي

اهي، تو کي، ٻئي ذريعي ڏيارِن

ڏيارِنِنۡ

اهي، هنن کي، ٻئي ذريعي ڏيارِن

·       امر: ڏياراءِ- مصدر: ڏيارائڻ (فعل متعدي ٻٽو بالواسطه)

ü   اهي ڪتابُ ڏيارائِن ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيارائِنِم ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيارانَئِي ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيارانِوَ ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيارائِنِس ٿا.

ü   اهي ڪتابُ ڏيارانِن ٿا.

’ڏيارائِن‘ فعل سان ضميري پڇاڙين جو ڇيد

فعل + ضمير

لفظ جو ڇيد

ڏيارائِن

ڏياراءِ (امر) + نِ         (ضمير غائب جمع) = ڏيارائِن

ڏيارائِنِم

ڏياراءِ (امر) + نِ         (ضمير غائب جمع) = ڏيارائِن + م (ضمير متڪلم واحد) = ڏيارائِنِم

ڏيارانَئِي

ڏياراءِ (امر) + نِ >  نَ (ضمير غائب جمع) = ڏيارائِن + ئِي (ضمير حاضر واحد)=     ڏيارنَئِي

ڏيارائِنِوَ

ڏياراءِ (امر) + نِ >  نَ (ضمير غائب جمع) = ڏيارائِن + وَ (ضمير حاضر جمع) =      ڏيارائِنِوَ

ڏيارائِنِس

ڏياراءِ (امر) + نِ         (ضمير غائب جمع) = ڏيارائِن+ س (ضمير غائب واحد) =    ڏيارائنس

ڏيارائِنِن

ڏياراءِ (امر) + نِ         (ضمير غائب جمع) = ڏيارائِن+ ن (ضمير غائب جمع) =        ڏيارائِنِن

·       ضميري فعل جي اکيڙ

لفظ

اکيڙ

لفظ

اکيڙ

ڏيارائِنۡ

اهي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائن

ڏيارانِوَ

اهي، توهان کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائن

ڏيارائِنِمۡ

اهي، مون کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائن

ڏيارائِنِسۡ

اهي، هن کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائن

ڏيارانَئِي

اهي، تو کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائن)

ڏيارانِنۡ

اهي، هنن کي، ٻئي ذريعي، ٽئين کان ڏيارائن

·       نتيجو

سنڌي ٻوليءَ ۾ ضمير جي نسبت فعل جو اڀياس ڪيو ويو، جنھن مان واضح ٿئي ٿو ته فعل، ضمير جي نسبت ڦيرو کائي ٿو. ان مان مراد آهي ته جملي ۾ فاعل (ضمير منفصل) جي هوندي به فعل سان گڏ ضمير خالص جا قسم (متلڪم، حاضر ۽ غائب) به شامل رهن ٿا. ان خيال کان اهو چئي سگهجي ٿو ته ضمير جي نسبت فعل جي ڦيري ۾ پڇاڙي، ضمير خالص جي قسمن (متڪلم، حاضر ۽ غائب) جي نمائندگي ڪري ٿي. 

ڊاڪٽر الانا جون اخذ ڪيل ضميري پڇاڙيون: ’م‘، ’س‘، ’ئِي‘ ’نِ‘، ’وَ‘ ۽ ’ءِ‘ ڪم آڻيندي، مٿي  هڪ مصدر ’ڏيَڻُ‘ کي زمان حال سادي جي گردانن ۾، فعل متعدي، متعدي بالواسطه ۽ متعدي ٻٽو بالواسطه ۾ ڏٺو ويو. جتي ضروري سمجهيو ويو ته ضمير خالص کي عدد (واحد- جمع) ۽ جنس (مؤنث- مذڪر) ۾ پڻ جاچيو ويو. ضميري پڇاڙين جي نسبت، ٻه نمونا سامھون اچن ٿا:

1.      واضح ضميري پڇاڙيون ’مئوسن‘، جيئن: م (ضمير متڪلم)، ءِ/ ئِي (ضمير حاضر واحد)،
و (ضمير حاضر جمع)، س (ضمير غائب واحد)، ن (ضمير غائب جمع)

2.     غير واضح ضميري پڇاڙيون، جيئن: آن (ضمير متڪلم واحد)، اُون (ضمير متڪلم جمع)، اِين (ضمير حاضر واحد)، او (ضمير حاضر جمع)، اي/ ئي (ضمير غائب واحد)، نِ (ضمير غائب جمع).

ياد رهي ته ’م، س ۽ ن‘ اهڙيون ضميري پڇاڙيون آهن، جن کان اڳ واري مذڪر- مؤنث واري اعراب سبب، آخري وينجن طور ساڪن رهن ٿيون. (جوکيو، 2011: 42- 95) ان کان علاوه گڏيل آوازن ۾ ’ي‘ اهڙو وينجن آواز آهي، جيڪو پاڻ کان اڳ واري وينجن کي پاڻ سان گڏي، متحرڪ ٿئي ٿو. ان سبب لفظ ’ڏيان‘ جي ’ڏ‘ تي ڪابه اعراب نه ايندي. نون گهُڻي کي گول جزم سان رکيو ويو آهي، جيئن پڙهڻ ۾ آساني رهي.

زمان حال سادي ۾ ضمير خالص جي گردانن سان ضميري فعل جون هيٺيون امڪاني صورتون سامھون رهيون:

ڏيانْ، ڏيانْءِ، ڏيانْوَ، ڏيانْسۡ، ڏيانْنۡ- ڏياريانْ، ڏياريانْءِ، ڏيارايانْوَ، ڏياريانْسۡ، ڏياريانْن- ڏيارايانْ، ڏيارايانْءِ، ڏيارايانْوَ، ڏيارايانْسۡ، ڏيارايانْن- ڏيُونْ، ڏيُونْءِ، ڏيُونْوَ، ڏيُونْسۡ، ڏيُونْنۡ- ڏياريُونْ، ڏياريُونْءِ، ڏياريُونْوَ، ڏياريُونْسۡ، ڏياريُونْنۡ- ڏيارايُونْ، ڏيارايُونْءِ، ڏيارايُونْوَ، ڏيارايُونْسۡ، ڏيارايُونْنۡ- ڏِينْ، ڏِينْمۡ، ڏِينْسۡ، ڏِينْنۡ- ڏيارِينْ، ڏيارِينْمۡ، ڏيارِينْسۡ، ڏيارِينْنۡ- ڏيارائِينْ، ڏيارائِينْمۡ، ڏيارائِينْسۡ، ڏيارائِينْنۡ- ڏيو، ڏيومۡ، ڏيوسۡ، ڏيونۡ- ڏياريو، ڏياريومۡ، ڏياريوسۡ، ڏياريونۡ- ڏيارايو، ڏيارايومۡ، ڏيارايوسۡ، ڏيارايونۡ- ڏئي، ڏئيمۡ، ڏيَئِي، ڏئيوَ، ڏئيسۡ، ڏئينۡ- ڏياري، ڏياريمۡ، ڏيارَئِي، ڏياريوَ، ڏياريسۡ، ڏيارينۡ- ڏيارائي، ڏيارائيمۡ، ڏيارايَئي، ڏيارائيوَ، ڏيارائيسۡ، ڏيارائِينۡ- ڏيَنۡ، ڏيَنِمۡ، ڏيَنَئِي، ڏيَنِوَ، ڏيَنِسۡ، ڏيَنِنۡ- ڏيارِنۡ، ڏيارِنِمۡ، ڏيارِنَئِي، ڏيارنِوَ، ڏيارِنِسۡ، ڏيارِنِنۡ، ڏيارائِنۡ، ڏيارائِنِمۡ، ڏيارانَئِي، ڏيارانِوَ، ڏيارائِنِسۡ، ڏيارانِنۡ... (90 ضميري فعل جون صورتون)

 

·             حوالا/ ذريعا

×   الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×   الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1993) سنڌي صورتخطي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×   جوکيو، الطاف (2011) سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ آخري ۽ ماقبل آخري وينجن جي سُر جي اهميت ۽ آخري وينجن جي ساڪن هجڻ جو تصور. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: تاج جويو. ج (4)، ش (2)، ص: 42- 95. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2018) زمان مضارع ۽ واحد متڪلم ۾ ساڳي پڇاڙيءَ جو اڀياس. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ. ج (11)، ش (01)، ص: 43- 59. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org