
ايڊيٽوريل
السلام عليڪم:
آءٌ اوهان سڀني مانوارن ليکڪن ۽ پڙهندڙن جو بيحد
ٿورائتو آهيان، اوهان جي ڀرپور موٽ سبب اڄ ٽماهي
2025ع
سال جو آخري شمارو اوهان تائين پھچي چڪو آهي.
وقت انتھائي تيزي سان گذري رهيو آهي، اڄوڪي دور ۾
ٽيڪنالاجي تمام گهڻي ترقي ڪري چڪي آهي. آرٽيفيشل
انٽيليجينس جي مدد سان هاڻ ڪنھن به موضوع متعلق
ڄاڻ حاصل ڪرڻ توڙي پنھنجو مواد يا پيغام ٻين تائين
پھچائڻ انتھائي آسان ٿي ويو آهي. پر ضرورت انھيءَ
ڳالھه جي آهي ته هن جديد ٽيڪنالاجي جو اسان مثبت
استعمال ڪريون. اڄ جو نوجوان انتھائي قابل ۽ گَهڻ
صلاحيتو آهي. هڪ طرف اڄ جو نوجوان معياري تحقيق
ڪري رهيو آهي ته ٻي پاسي پنھنجي ئي تحقيق کي ولاگ
جي صورت ۾ آرٽيفيشل انٽيليجينس ۽ سوشل ميڊيا جي
مدد سان دنيا تائين پھچائي رهيو آهي. اڄوڪي جديد
دور ۾ نوجوانَ ئي هزارين ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪري
پي.ڊي.ايف جي صورت ۾ مختلف ويب سائيٽ تي رکي ڪجهه
معاوضو به حاصل ڪري رهيا آهن، ته ساڳي ئي وقت
پڙهندڙن تائين معياري ادب به پھچائي رهيا آهن.
لطيف شناسيءَ جي حوالي سان هن وقت تائين حضرت شاھه
عبداللطيف ڀٽائيؒ تي انتھائي شاندار ڪم ٿي رهيو
آهي. ٽماهي
۾
اسان کي هر ڀيري ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پاران
ڄاڻ ڀريو مقالو ملي ٿو. جڏھن ته نوجوانن پاران
سوشل ميڊيا تي مختلف سرن تي ولاگز ملن ٿا، جن کي
ڏسي تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
مون کي اميد آهي ته ايندڙ نسل سنڌي ادب ۾ وڌيڪ
ترقي ڪري پاڻ مڃائيندا. پر هڪڙي ڳالھه جيڪا مان
پڙهندڙن سان ضرور ڪرڻ چاهيندس، ته سنڌي ادب ۾ اڄ
به معياري ڪھاڻي توڙي ناول جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
وڏي عرصي کان اها کوٽ پوري ناهي ٿي سگهي. اسان جي
نوجوان لکندڙن کي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان پنھنجي
تخليقي صلاحيتن جي آبياري ڪري شاهڪار افسانوي ادب
تخليق ڪرڻ گهرجي.
ٽماهي
4/2025ع
جي شماري جي ايڊيٽوريل وسيلي مان هڪ ڀيرو ٻيھر
پنھنجي مانوارن ليکڪن جو شڪريو ادا ڪندس، جن وقت
سِر پنھنجو مواد موڪلي رسالو اوهان پڙهندڙن تائين
پھچائڻ ۾ بھترين سھڪار ڪيو. ٻي ڳالھه به اوهان سان
ڪجي ته ٽماهي
جو
حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائيؒ خاص نمبر تي ڪم هلي
رهيو آهي. ڪوشش ڪنداسين ته جلد هن خاص نمبر کي
شايع ڪري اوهان تائين پھچايو وڃي.
ٽماهي
رسالي
بابت اوهان ڪا راءِ ڏيڻ چاهيو ته دل جي گھِراين
سان ڀليڪار ڪجي ٿي. اوهان پنھنجا رايا خط يا اي
ميل وسيلي اسان کي موڪلي سگهو ٿا. پاليسيءَ کي نظر
۾ رکندي اوهان پاران موڪليل خط کي پڻ شايع ڪري
سگهجي ٿو.
پوسٽل ايڊريس: ٽماهي
،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
واٽس اپ نمبر: 03332736234
اي ميل ايڊريس:mehranmagazinesab@gmail.com
مھرباني
جبران زيب
ايڊيٽر، ٽماهي
”مھراڻ“
جُمن دربدر

(1944ع– 2022ع)
خوبصورت شاعر جمن ’دربدر‘ جو تعلق ساند قبيلي سان
هو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾
عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم
ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين هاري ۽
مال تي گذرسفر ڪندا هئا. هن شروعاتي تعليم پرائمري
اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾
اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾
پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين
پڙهيو. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به
پڙهيو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. هارٽيڪلچر
ميرپورخاص مان
Budder
۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر
ٿيو.1970 ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام
نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور
نوڪري ڪئي. عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي
اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا
ڪتاب وٺي پڙهيا، جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار،
ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس هو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ
۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن
اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جھڙوڪ:
(1) ’بدنصيب ٿري‘، (2) ’سکن وارو سج‘، (3) ’گلن
واري ڇوڪري‘، (4) ’آس‘، (5) ’ڏک ۽
ڏڪار‘، (6) ’چنڊ لڳي ٿو لولو‘، (7) ’ٽرڙو عاشق‘،
(8) ’لڱ به منھنجا لوهه‘، (9) ’جابر وڏيرو‘. جڏهن
ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽
’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن.
وکر سو وهاء

هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ
سان ڪئي. جمن دربدر جو ڪيترو ڪلام محفوظ رهي نه
سگهيو. سندس شاعري مشھور فنڪارن شفيع فقير، صادق
فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. پاڻ ڊراما
آرٽسٽ طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام حاصل ڪيا. جمن
دربدر ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به هن ڀرپور حصو
ورتو، ’وٺي هر هر جنم وربو‘ جي نالي سان سندس آتم
ڪھاڻيءَ جو ڪتاب، روشني پبليڪيشن پاران شايع ڪيل
آهي. 20 آڪٽوبر 2022ع تي دل جي دوري سبب ڳوٺ روحل
واءِ ۾ وفات ڪئي.
(پروفائيل سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا تان کنيل آهي.)
*
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهَه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
پنهنجي جا جنگ آ جاري، سا ٿيندي نيٺ سوڀاري،
مري ويندا مڙئي ماري، سچي سرهاڻ ۾ ملبو.
ٿيا جي قوم تان قربان، انهن جا ناوَ هِن احسان،
شهيدن جي ريٽي رت سان، رتيءَ لالاڻ ۾ ملبو.
هجي يورپ يا لبنان، جتي ماريو ويو انسان،
انهيءَ ماڻهو سندي ارمانَ ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو.
وري ورندا ته وسڪارا، وسي پوندا هي پڊَ سارا،
ٿيندا ماڻهو ته موچارا، مينهن مانڊاڻ ۾ ملبو.
حسن درس

(1966ع – 2011ع)
نئين ٽھيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر
حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ
هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾، حاجي غلام رسول
درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾ لاکا ذات
جا آهن، پر سندن ڏاڏي مشائخ هوٿي لاکي کي سھرورديه
سلسلي جي ملتاني بزرگ هٿان خلافت ۽ ’درس‘ جي خطاب
ملڻ کان پوءِ ’درس‘ سڏجڻ لڳا. حسن درس جي والد
غلام رسول درس (1973ع- 1905ع) کي ٻن شادين مان چار
ڌيئرون ۽ ٻه پُٽ اڳ ۾ ئي هئا ۽ حسن درس سندس آخري
اولاد هو. مٿس نالو به سندس ڏاڏي محمد حسن درس
(1942ع-1884ع) جو رکيو ويو، ان ڪري ڏاڏي جي نسبت
سان کيس گهر ۾ ڪوڏ مان ’ڏاڏو‘ سڏيندا هئا. حسن درس
ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ اٺين ڪلاس تائين مڊل
اسڪول مشائخ (قاضي احمد) مان تعليم حاصل ڪيائين،
جنھن کان پوءِ هن مئٽرڪ مسلم هاءِ اسڪول ٽنڊي
الھيار مان ڪئي. اڳتي هلي ايم.اي (سنڌي) سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شوري
مان ڪيائين. حسن درس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان
دلچسپي رکندو هو. شايد اها دلچسپي منجهس موروثي
وديعت ٿيل هئي، جو سندس ڏاڏو محمد حسن درس به مدح
۽ مولود جو ناميارو شاعر هو ۽ سندس شاعري درگاهه
مشائخ هوٿيءَ سميت تر جي ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائي
ويندي هئي. حسن درس 16 سالن جي ڄمار کان شاعري
شروع ڪئي ۽ اڳتي هلي پنھنجي ٽھيءَ جو سرواڻ شاعر
بڻجي ويو. هن جي شاعريءَ ۾ موسيقي، رواني ۽ فڪري
تسلسل ڪمال درجي جو آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي
حسين منطر نگاريءَ ۽
سنڌ جي ذري ذري سان اٿاهه محبت سان گڏ تصوف جو رنگ
به موجود آهي. حسن درس ڪيترا عالمي نوعيت جا نظم
به لکيا آهن. حسن درس 4 فبروري 1993ع تي نامور
ڪھاڻيڪار ماهتاب محبوب جي نياڻيءَ، ارم محبوب سان
شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ روحل ۽ چيزل ۽ هڪ
نياڻي ردم آهي. حسن درس 1988ع کان 2008ع تائين
مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽي. وي چئنلن سان لاڳاپيل
رهيو. حسن درس، 15 جون 2011ع تي، اسر ويل حيدرآباد
۾ واڌو واهه وٽ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو.
حسن درس جي شاعريءَ جو ڪتاب ’حسن درس جو رسالو‘
سندس وڇوڙي کان پوءِ انڊس فائونڊيشن پاران ڇپايو
ويو آهي، جنھن جي مرتب سندس وني ارم محبوب آهي.
(پروفائيل سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا تان کنيل آهي.)
غزل
اک آلاڻ، مان ڏسان چهرو،
آرسي آڻ! مان ڏسان چهرو.
آمهون سامهون هجين بيٺل،
پنهنجي سر پاڻ، مان ڏسان چهرو.
خشڪ واري هجي يا ويرانو،
موج مهراڻ، مان ڏسان چهرو.
ڇو لڪائين ٿو مُنهن لڪين ڇو ٿو؟
ڇڏ ڇڪتاڻ، مان ڏسان چهرو.
اڻ ڏٺل تون، عجيب اچ وڏو،
ٿو ڪڍان ڪاڻ، مان ڏسن چهرو.
تون حياتي پيو، ڇنڊ ڦوڪ حسن،
تون ڀلي ڇاڻ، مان ڏسان چهرو.
دلڪشي، شوخ، سُرخ، سينگاريل،
لب لالاڻ، مان ڏسان چهرو.
ڪو ذرو تِـــرُ، ڪو مُهڻو موهِيڙو،
ڪا ڪڻي داڻ، مان ڏسان چهرو.
تحقيق

(جنم 1894ع – وفات 1978ع)
نالو:
سخت
افسوس جي ڳالھه
آهي جو هن ملڪ تي ’سنڌ‘ نالي پوڻ جو ڪو صحيح ۽
يقيني سبب ڪنھن به تاريخ مان ملي نٿو سگهي. اسلامي
تاريخن مان پتو پوي ٿو ته هند ۽ سنڌ ٻه ڀائر، حام
بن نوح عليھ السلام جا پٽ هئا. جن جي حڪومت سندن
اولاد سميت هن ملڪ تي گهڻو وقت رهي، تنھنڪري انھن
جي ئي اثر کان هن سر زمين جي هڪ ڀاڱي تي ’هند‘ ۽
ٻئي تي ’سنڌ‘ نالو پيو آهي.هندستان کي جن قومن وسايو، اُهي قديم قومون
آڳاٽا دراوڙ هئا. اُلھندي وارا دراوڙ ڀونوچ سمنڊ
جي ڪناري کان نڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ رهيا. هتان
کان نڪري وچ هند تائين پکڙجي ويا. هن ثبوت لاءِ
اسان وٽ موئن جو دڙو ۽ براهوئي زبان شاهدي ڏين ٿا.
اها حقيقت آهي ته جن قومن موئن جي دڙي
جي تھذيب جو بنياد وڌو هو، اُهي سامي نسل مان
هيون. اوڀرندي وارا دراوڙ جيڪي برهمپوترا واري
رستي کان بنگال ۾ وارد ٿيا، سي محققن جي فيصلي
موجب منگول نسل مان هئا. دراوڙي قديم زبانن لاءِ
اسان وٽ براهوئي زبان موجود آهي، جنھن ۾ تامل،
تيليگو، گونڊ ۽ ملايام زبانن جا لفظ گهڻي ڀاڱي
شامل آهن.آريا اُتر قطب يا وچ ايشيا جي ميدان کان
نڪري، خيبر ۽ اٽڪ رستي پنجاب ۾ بيٺڪون وڌيون، ته
هنن هتي جي ستن درياهن- مثلاً مھراڻ، گومتي، ڪرمو،
وتستا، اسڪني، پروشني ۽ ستودري وپاس تي ’سُپت
سنڌو‘ يعني ستن دريائن وارو ملڪ نالو رکيو، جنھن
کي ايراني پنھنجي لهجي ۾ ’هفت هندو‘ سڏڻ لڳا. هندن
جي قديم ويد ”رگويد“ ۾ سنڌو درياءَ جو 75 شلوڪن ۾
بيان ڏنل آهي. ’سنڌو‘ معنيٰ وڏي ندي. سندن عقيدي ۾ سمنڊ ديوتا هن
نالي سان ياد ڪيو ويندو هو.وري جڏهن آريا گنگا پھتا، ته هنن پنھنجي
قبضي ڪيل حڪومت کي ’آرياورت‘ جو خطاب ڏنو. مگر
آرين جا سؤٽ ۽ حريف ايراني، آرين جي مقرر ڪيل هن
نئين خطاب کي تسليم ڪونه ڪيو، بلڪ ’سنڌو‘ ئي چوندا
رهيا. ايرانين ۾ هي لفظ ’سنڌو‘ مان ’هند‘ ٿيندي ئي
غير زبانن تي چڙهي مغربي دور دراز ملڪن جي طرف
هليو ويو. پوءِ يوناني ٻوليءَ جي چرخي تي چڙهي
’اند‘ مان ’انديا‘ ٿيو. ٽن هزارن ورهين کان پوءِ
قلابازيون کائيندو، هيءُ نالو جو اصل ۾ ’سنڌو‘ هو،
سو ’انڊيا‘ بنجي ويو ۽ اڄ سوڌو مغربي دنيا ۾ مٿئين
نالي سان مشھور آهي. هوئن ٽسانگ، چيني سياح (629-
645ع) پنھنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته برصغير
هندستان قديم زماني ۾ ’ثنتو‘ ۽ ’هين‘ جي نالن سان
مشھور هو ۽ اها حقيقت آهي ته پنج سؤ ورهيه ق.م..
يونانين کي فقط سنڌ جي خبر هئي. شنتو ۽ هين هڪڙو
ئي نالو آهي، يعني ’سنڌو‘ جنھن کي ايراني ’هندو‘
سڏيندا هئا. سنڌ پنھنجي قدامت جي لحاظ ڪري برصغير
۾ هميشه کان اهميت رکندو اچي ٿو. سندس ئي نالي تي
هندستان تي نالو پيو. آريا جڏهن جمنا ۽ گنگا جي
دوآبه کي ٽپي بھار پھتا، تڏهن ’آرياورت‘ بدران هن
ملڪ کي ’ڀارت‘ سڏڻ لڳا.
قديم حدون:
برصغير هند قدرتي طرح ٽن حصن ۾ ورهايل
آهي: (1) اُتر ۾ هماليه جبل جي ترائيءَ وارو حصو،
(2) انڊو- گئنجيٽڪ، مھراڻ ۽ سندس شاخن ۽ گنگا ۽
سندس شاخن وارو ميدان، (3) دکن جو اُپٻيٽ، انھن
مان سنڌو ۽ گنگا وارا ميدان اُلھندي ۾ سليمان جبل
کان برهمپوترا تائين ڊيگهه ۾ ٻه هزار ميل ۽ ويڪر ۾
ڪٿي ٻن سون ميلن ۾ آهي. هي ميدان سمنڊ جي مٿاڇري
کان هڪ هزار
فوٽ اوچائيءَ ۾ آهي ۽ زرخيز هئڻ ڪري مردم
خيز آهي.سنڌ برصغير جو اولھندو حصو آهي. قديم حدن
جي لحاظ سان جمنا ۽ اراولي ٽڪرين کان وٺي سيستان ۽
ڪرمان تائين پکڙيل هئي. موئن جي دڙي واري تھذيب جي
زماني جي حدن جي خبر پئجي نٿي سگهي. مگر موئن جي
دڙي، هڙپا ۽ ٽئڪسلا جي قديم آثارن ۾ جيڪا مشابهت
نظر اچي ٿي، ان مان سنڌو ماٿريءَ جي حدن جي ڌنڌلي
تصوير نظر اچي ٿي. ان کانپوءِ سنڌ جي قديم تاريخ
”چچ نامه“ ۾ جيڪي حدون ڄاڻايل آهن، سي هن طرح آهن:
”حدود ممالک ومسالک او از جانب شرقي تا
حد کشمير، و از طرف غريبي تاحد مکران، و از
جنوبي تا لب آب دريا محيط و ديبل، و از شمالي تا
کوه کردان و کيکانا.“
”تاريخ معصومي“، جا اڪبري دؤر تائين سنڌ
جي وچئين زماني جي تاريخ آهي، ان ۾ حدون چٽائيءَ
سان ڏيکاريل آهن:
”وحدود مسالک ممالکش از ناحيه شرق تا
حد کشمير و قنوج، و از جانب غرب تا مکران و کنار
درياي محيط که بندر ديبل باشد و اکنون مشھور به
بندر لاهوري ست، از طرف جنوب تا حد صورت بندر ديو،
و از سمت شمال تا حدود قندهار وحد سيستان وکوه
سليمان وکردان وکيکانا.“
صاحبِ ”تحفة الڪرام“ فرمائي ٿو:
”وحدود مسالک ممالک از مشرق تا کشمير و
قنوج و غرب تا مکران در کنار محيط عمان اعني بندر
ديول و شمال تا سرحد سورت بندر و جنوب تا حدود
قندهار و سيستان وکوه سليمان وکردان وکيکانا بوده.“
مٿين تاريخن مان اقليم سنڌ جون حدون
اُڀرندي ۾ سيوالڪ جبلن ۽ قنوج کان شروع ٿي، سليمان
جبلن ۽ سيستان سميت ڍنڍ زيره تائين، جنھن ۾ هيلمند
ندي ڇوڙ ڪري ٿي، اُتر ۾ ڪشمير کان ڏکڻ ۾ ديبل،
ڊيوٻيٽ ۽ سورت بندر تائين. چئي سگهون ٿا، ته اڳ
اقليم سنڌ ۾ سمورو پنجاب راجپوتانا، مالوه، گجرات،
بلوچستان، دشت ندي پريان ۽ سيستان شامل هئا. نقشي
۾ ڏسي سگهو ٿا. بعد ۾ ڌارين قومن جي ڪاهن ڪري
مٿيون حدون ويون گهٽبيون، يعني ته اڳ هاڻوڪي مغربي
پاڪستان کان سنڌ جي پکيڙ وڌيڪ هئي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي
ڪتاب ”سنڌ جي صنعتي ۽ اقتصادي تاريخ“، ڇاپو
پھريون، 2025ع
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 15-18 تان کنيل |