|
نصير ميمڻ

ٿر
جي لوڪ گيتن ۽ نهٺي سڀاءُ واري
ليکڪ دولترام کتري جو ڪتاب
دولترام کتري ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ اُنهن ليکڪن
مان هڪ آهي، جيڪي سنڌ سان لاڳاپيل سماجي ۽ ترقياتي
مسئلن تي لڳاتار لکندا رهن ٿا. سندس مضمونن جو هي
مجموعو به سنڌ بابت اهم مسئلن تي سندس خيالن جو
اظھار آهي. دولت رام جا مضمون وقت بوقت سنڌي
اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اخباري مضمون انھي دور جي
تاريخ کي قلمبند ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهن، جيڪي نه رڳو
ان دور جي پڙهندڙن جي رهنمائي ڪن ٿا پر ساڳيءَ
وقت، ايندڙ دور جي محققن ۽ ليکڪن لاءِ اهم معلومات
جو بنياد به بڻجن ٿا. اخباري مضمونن کي ڪتابي شڪل
ڏيڻ سان اهي وڌيڪ محفوظ بڻجن ٿا. جن کي اڳتي هلي
لائبريرين يا آن لائين سرچ وسيلي هڪ هنڌ پڙهڻ سولو
ٿيو پئي.
سنڌ جي سياسي تاريخ جو اڀياس ڪرڻ سان پتو پوي ٿو،
ته سنڌي ليکڪن ۽ صحافين سنڌ سان لاڳاپيل اهم مسئلن
کي لڳاتار پنھنجي لکڻين وسيلي اجاگر ڪري عوام،
سياسي ڪارڪنن، شاگردن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ محققن
کي انهي مسئلن بابت ڄاڻ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو
آهي. اهي مختلف وقت تي لکيل ننڍا ننڍا مضمون
پڙهندڙن کي راءِ ٺاهڻ ۾ نھايت اهم واهر فراهم ڪن
ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ صوبي جي سياسي ۽ آئيني
حقن توڙي سماجي ۽ معاشي طريقي سان لاڳاپيل اهم
مسئلن تي لڳاتار آواز اٿندا رهن ٿا.
ون يونٽ مخالف تحريڪ کان وٺي ويجھي ماضي ۾ ڪالاباغ
ڊيم، تيل ۽ گئس جي وسلين جي مالڪي، ناڻي ورڇ،
پاڻي واري ٺاهه، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، انساني حقن جي
ڀڃڪڙين، تعليم جي بربادي، ٻوڏن ۾ لاپرواهي، آدم
ڳڻپ وغيره جھڙن انيڪ مسئلن تي سنڌي ميڊيا جي خبرن،
ادارين، ٽاڪ شوز، ادارتي صفحن تي ڇپجندڙ مضمونن
وسيلي عوامي راءِ ٺاهڻ ۾ نھايت اهم ڪردار ادا ڪيو
آهي.
دولترام به سنڌ جي انھن درجنين ليکڪن جي صف ۾ بيٺل
قلمڪار آهي، جنھن ان قلمي ۽ فڪري جدوجھد ۾ پنھنجو
ڪردار ادا ڪيو آهي.
دولترام جي هن ڪتاب ۾ ٿر سان لاڳاپيل اهم موضوعن
تي مضمون شامل آهن، انھن ۾ هن ڪارونجھر، ٿر جي
سياحت، ٿر جي لوڪ گيتن، ٿر جي ڪوئلي، ٿر ۾
آپگھاتن، ٿر جي جيوت تي نھايت معلوماتي ۽ تفصيلي
مضمون لکيا آهن. ٿر جي مٽيءَ سان تعلق هجڻ سبب کيس
ٿر جي مسئلن ۽ اتي جي ماڻھن جي زندگي بابت گهري
معلومات آهي، جيڪا سندس مضمونن ۾ نظر اچي ٿي.
ٿر فطرت جي سونھن ۽ پراسرار سانت جو ڏيھه آهي،
جيڪو ڪوئلي، گرينائيٽ، پٿر ۽ چائنا ڪلي جي ذخيرن
سان به مالامال آهي. ٿر جي ڪوئلي مان نه رڳو ٿر پر
سڄي سنڌ ۽ پاڪستان کي توانائي جي پاڻ ڀرائپ ملي
سگھي ٿي، پر ان مان صدين کان محروم ٿر واسين جي
زندگي ۾ زبردست معاشي ترقي به آڻي سگھجي ٿي.
بدقسمتي سان ٿر جي ڪوئلي مان رڳو محدود سطح جو لاڀ
ٿر واسين کي حاصل ٿي سگھيو آهي. هڪ حد تائين ٿر ۾
روڊ انفرا اسٽرڪچر ۽ اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ روزگاري جي
موقعن سبب ڪجھه بھتري آئي آهي، پر جيترو فائدو ٿر
جي ڪوئلي مان مقامي آبادي ۽ صوبي کي ملي ٿو سگھي
ان جو ڪاٿو تمام وڏو آهي. ان صلاحيت جي ڀيٽ ۾ ٿر
کي لاڀ تمام گھٽ مليو آهي. ٿر جو ڪوئلو ٿر ۽ سڄي
سنڌ جو معاشي منظرنامو بدلائي سگھي ٿو. پر ان لاءِ
ڊگھي مدي واري رٿابندي ۽ لڳاتار ڪم ڪندڙ ٽيم جي
کوٽ آهي. دولت رام جي مضمونن ۾ ان موضوع تي به
ڌيان ڇڪايل آهي.
ٿر سان لاڳاپيل موضوعن کان سواءِ دولت رام جي
مضمونن ۾ عالمي ماحوليات، سنڌي ٻولي جي اوسر، ادبي
پروگرامن، لائبريررين، سنڌ جي رسمن، انساني حقن،
اين.جي.اوز جي ڪردار، سنڌ جي سيڪيولر روايتن،
شاگرد سياست، سرداري نظام جي ناسور جي موضوعن تي
به تمام ڪارائتا مضمون شامل آهن. سنڌي سماج لڳاتار
پنهنجي بقا ۽ اوسر لاءِ جاکوڙ ۾ آهي.
دولت رام هڪ سٺي ليکڪ کان سواءِ هڪ نهٺي سڀاءُ
وارو شخص پڻ آهي، مٺيءَ ۾ اسان جي محروم دوست
ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي اوطاق تي ساڻس ڪچهريون
ٿينديون رهيون آهن، سندس سنڌ ۽ خاص ڪري ٿر سان
ڪمٽمنيٽ ۽ اورچائي واکاڻ جوڳي آهي. مون کي اميد
آهي ته سندس هي ڪتاب پڙهندڙ جي ڄاڻ ۾ واڌاري ۽ سنڌ
سان لاڳاپيل مسئلن بابت عوامي جاڳرتا پکيڙڻ لاءِ
ڪارائتو
وکر ثابت ٿيندو.
رکيل مورائي

سنڌي ڪھاڻي- آسپاس کان آرپار تائين
امداد حسيني ”سانول“ جي حوالي ۾
اڄوڪي سنڌي ادب جي مڙني صنفن ۾ ڪھاڻي وڌيڪ
ڳردار/طاقتور آهي، اهو اهڙو سچ آهي جيڪو کاري هيٺ
لڪي نه سگهندو. شاعري سنڌيءَ جو املھه ورثو/ميراث
آهي، ناول اڃا اُسري رهيو آهي، ناٽڪ ورهاڱي کان
پوءِ هت نه رهيو، هن هند ۾ وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ تنقيد
اڻ هوند جي آسمان تي آهي؟ هر ٻاريءَ/گروپ وٽ
پنھنجو نقاد آهي، مجموعي سنڌي ادب جو نقاد اڻ لڀ
آهي.
سنڌي ڪھاڻي آس پاس جي ٻولين سان برميچي
سگهجڻ جهڙي آهي يا عالمي ليول کي رسي آهي، اها
نااميديءَ جهڙي حقيقت آهي، ان کان الڳ سنڌي ڪھاڻيڪار جنھن به سطح جا
آهن، سانول نالي ڪھاڻيڪار انھن منجهان هڪ اهم
ڪھاڻيڪار آهي، اهو طئي آهي.
اڄ جو نقاد نه هن جي تعريف ڪري کيس وڏو
ڪري سگهندو ۽ نه ئي تنقيد ڪري ننڍو ڪري سگهندو، هن
جي ادبي ڪٿ اوس ٿيڻ گهرجي، ان مان سندس لکڻ جا
گهڻا نُقطا اجاگر ٿيندا. سانول جي ڪھاڻين جو دور
اهو آهي، جڏهن اديب/ڪھاڻيڪار جو تواريخ، مذهب،
سياست، روايتن ۽ آدرشن مان وشواس ختم ٿيڻ تي اچي
چڪو هو، سياسي گُهٽ ۽ ٻُوسٽ سندس ساهه منجهائي ۽
اندر ۾ اڪيلو ڪري رهيو هو.
شخص پنھنجي تلاش ۾ هو، پنھنجي لاءِ ڪنھن
نئين ڪائنات جي ڳولا ۾ هو. هو پنھنجي ڏک کي
انجواءِ ڪرڻ جو خواهشمند هو، جيڪا سندس خواهش اڻ
پوري ئي رهڻي هئي، رهجي وئي ۽ هڪ ڊگهي ڪھاڻي
سامھون آئي هئي جيڪا موجود سماج جي گواهي بڻي ساهه
مٺ ۾ ”ناول“ جي صورت ۾.
سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ بابت ڪيترائي ڀيرا
لکت ۾ ورجايل جملن کان پاسيرو ٿيندي،
مان سِڌو امداد حسيني صاحب جي لفظن جو سھارو وٺان
ٿو ته ”ستر وارو ڏهاڪو امداد حسيني شاعر جو
ڪھاڻيڪار ”سانول“ بڻجڻ جو ڏهاڪو هو“، هاڻ ذڪر هيٺ
اڳتي فقط ”سانول“ اچڻو آهي.

خوشگوار حيرت ڏيندڙ ڳالھه اِها آهي ته هن
ڏهاڪي تائين ايندي، جيڪا سنڌي ڪھاڻي، قصو يا آکاڻي
ٻڌائيندي هئي، اُها سانول وٽ ايندي هڪ نئون ويچار،
احساس، فارميٽ ۽ نئين اڻت پسائڻ لڳي هئي. محسوس
ٿيڻ لڳو هو ته ”سانول“ جي ڪھاڻي شخص جي آس پاس کان
آر پار جو سفر ڪندڙ ڪھاڻي آهي.
ويھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ عالمي ڪھاڻي
پڙهندڙ اهو احساس شدت سان ڏياريو،
ته ادب جون نثري صنفون خاص طور ناول ۽ ڪھاڻي، ناٽڪ
توڻي تواريخ پنھنجون صنفي سرحدون ٽوڙي ٻاهر نڪري
رهيون آهن. سنڌي ادب ۾ اهڙو تجربو رولانڊ بارٿ کان
متاثر ٿي گهڻو پوءِ ممبئيءَ ۾ رهندڙ سنڌي اديب لعل
پشپ ڪيو جنھن پنھنجي نئين ڪتاب کي نالو ڏنو ”لعل
پشپ، آتم جيوڻي، ناول، تواريخ“.
”سانول“
جي ڪھاڻي سنڌيءَ ۾ ان ڪھاڻيءَ جو پختو ثبوت آهي،
جيڪا پنھنجون صنفي سرحدون ٽوڙي ٻاهر نڪري آئي آهي،
هن جي ڪھاڻيءَ جا نقاد سندس ڪھاڻيءَ ۾ شروعات، وچ
۽ پڇاڙي ڳولڻ ۾ وڏي يقين سان ناڪام ٿيندا. هيءَ
نئين ڪھاڻي آهي، ”سانول“ جون ڪھاڻيون، پاڇا،
واڍوڙ، ڪلاچي ۽ مھراڻ
پڙهي ڏسجن، سندس ڪي ڪھاڻيون، ڪلچرل سونھن
سان ڀرپور ته آهن ئي پر هن جو نثر لکڻ، خاص ڪري
ڪھاڻي، لکڻ جو ڏانءُ بنھه الڳ آهي، هن تي سنڌ جي ڪنھن لکندڙ جو
شايد ئي اثر ڏسي سگهجي.
اها ٻي ڳالھه آهي ته ان دور ۾ ڪلپنا، گني
سامتاڻيءَ ۽ لعل پشپ جي نئين/ماڊرن ڪھاڻيءَ جي اثر کان شايد ڪو ذهين ۽ پڙهندڙ سنڌي
ڪھاڻيڪار بچي سگهيو هجي. مان انھن ڪھاڻيڪارن ۾
”سانول“ سان گڏ شوڪت حسين شوري، مشتاق احمد شوري،
ممتاز مھر، مدد علي سنڌي ۽ ڪجهه ٻين کي به شامل
ڪريان ٿو.
پر ”سانول“ اتي به مٿين ڪھاڻيڪارن کان
ڪجهه الڳ بيٺل آهي. هو مڪمل ماڊرن ڪھاڻيڪار آهي،
هو آدرشن ۽ خوابن ۾ جيئڻ بدران پنھنجي هلندڙ کڻن ۾
جيئندڙ ۽ لکندڙ ڪھاڻيڪار آهي. هو سمجهي ٿو ته
زندگيءَ سان پور وڇوٽ تي موت به گڏوگڏ هلي ٿو،
ٽيڪنالاجيءَ ڀل ڪيتري به ترقي ڪئي آهي،
پر اُها اڄ به موت تي فتح حاصل نه ڪري سگهي آهي
اِهو انسان ذات جو گڏيل الميو آهي، جنھن کان انسان جان
ڇڏائي نه سگهيو آهي.
هو سمجهي ٿو ته، ”ڪالھه جيڪو گذري ويو،
اُهو سندس نه آهي، سڀاڻ جيڪو اچڻو آهي اهو به سندس
نه آهي، اڄ جيڪو گذري رهيو آهي، سندس آهي.“ هو اهو
اڄ کڻي، اڄ جا کِڻ کڻي جيئي ۽ لکي ٿو. ان ڪري هو پنھنجي همعصر لکندڙن کان ڪي قدر الڳ آهي. جيتوڻيڪ
”سانول“ جي ڪھاڻي لکڻ جو وقت ويھين صديءَ جا آخري
ٽي ڏهاڪا آهن جن ۾ ماڊرن/نئين ڪھاڻي سنڌيءَ ۾
زوردار نموني داخل ٿي قبوليت ماڻي چُڪي هئي.
مٿين ٽن ڏهاڪن جي سموري نئين تخليقي
ڪھاڻيءَ کي سياسي/ نظرياتي تنقيدي سطح تي نظرانداز
ڪرڻ يا دٻائڻ جون ڪي ڪامياب/ناڪام ڪوششون ٿيون به
آهن ته، اها حقيقت وساري وئي آهي ته نئين جي آمد
اڻٽر آهي ۽ ”سانول“ ان ڳالھه جو اسان وٽ سگهارو
مثال آهي. تخليقي ۽ نئين ٻولي استعمال ڪرڻ جو متان
اهڙو مثال هجي جهڙو گهڻي گهڻي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ
به اڌورو ملي سگهي، ڪھاڻي ”سج چڙهيو، سج لڙيو“
پڙهي ڏسجي، ڏکيائي ڪھڙي آهي؟
سنڌ اندر جُڙيل حويليءَ اندر ٻوساٽجندڙ
ساهه ۽ هن جي حويليءَ ۾ ساهه ڏيڻ جي بجاءِ ٻيلي ۾
ساهه کڻڻ جي خواهش جي فتح! انسان
جو
جيئڻ سان موهه رکندڙ پِراڻي آهي،
هو جيئڻ لاءِ ڪيترائي سمجهوتا ڪري سگهڻ جي سگهه
رکڻ باوجود پنھنجي آتم/خوديءَ سان سمجهوتو نٿو
ڪري سگهي ان عيوض هن لاءِ ڪا به تڪليف سهڻ ڏکيو نه
آهي.
”سانول“
جي ٻوليءَ ۽ انھن جي اُچارن سان اَسھمتي
ته رکي سگهجي ٿي،
پر سندس انتھائي تخليقي ٻوليءَ کي ماڻن کان سواءِ رهي
نه
ٿو سگهجي، ٻين جن ڪھاڻيڪارن جي تخليقي
ٻوليءَ کي لنوائي نه
ٿو سگهجي، انھن جو ذڪر سنڌي ڪھاڻيءَ جي ذڪر ۾ سندن
نالن ۽ حوالن ۾ اوس ايندو/اچڻو آهي. ان حوالي ۾
”سانول“ اڪيلو نه آهي، ٻيا به نالا آهن پاسخاطريءَ
کان سواءِ؟
”سانول“
جي ڪھاڻي ”چنڊ چڙهيو، چنڊ لڙيو“ ان موضوع تي آهي،
جنھن کي اڻ ڇھيل ته نه چئبو، ڇو ته ترقي پسند ادب ۾ ضروري توڻي غير ضروري
ان موضوع تي گهڻو لکيو ويو آهي. اياز جي ڪھاڻي
”سينڌ“ تائين. پر ”سانول“ ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ فن ۽
ٻوليءَ سميت جيڪا پڇاڙي ڏني آهي، اها سنڌي
ادب/ڪھاڻيءَ ۾ بنھه نڪور آهي ۽ ٻوليءَ جو استعمال ان کان
وڌيڪ نڪور.
”سانول“
جو ڪھاڻيءَ سان سلوڪ وهنواري نه آهي، تخليقي آهي،
ائين ڪردارن سان وهنوار به روايتي نه آهي، ان سطح
تي متان ”سانول“ سنڌيءَ ۾ انھن ڳڻڻ جيترن
ڪھاڻيڪارن ۾ هجي، جيڪي پنھنجو نرالو اصلوب رکندڙ هوندا آهن
۽ ٻين کان الڳ ٿلڳ! پروفارما جي دائري هيٺ لکيل
ڪھاڻي ”سانول“ وٽ نه آهي. ”سانول“ جي ڪھاڻي سماج
جي ڀلائيءَ لاءِ واڪو ڪندڙ به نه آهي. هوءَ
خاموشيءَ سان وقت جي بڇڙائيءَ کي چِٽي نموني ظاهر
ڪندڙ آهي، ڪٿي فقط اشارو ڪندڙ آهي.
ان موڙ تي ”سانول“ جي ڪھاڻي تخليقڪار ۽
تبليغڪار جي وچ واري لڪير کي نمايان ڪندي آهي.
تُرت ان وقت ”سانول“ سنڌي ڪھاڻيارن کان ٻاهر به هڪ
اهم ڪھاڻيڪار/اعليٰ تخليقڪار جو مرتبو پنھنجي نالي
ڪري وٺندڙ آهي.
سنڌي ڪھاڻيءَ کان ٻاهر جُملي جي حوالي ۾
”سانول“ جي بيمثال ڪھاڻي ”سرءُ 1942ع“
هڪ نه، ٻن خوفناڪ قتلن جو ايترو خاموش اظھار، ڪنھن
به ٽريجڊيءَ جو غير جذباتي اظھار، سنڌي ڪھاڻيڪار
ائين ڪري سگهي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇو ته هو
لائوڊ آهي، ان ڪري مون چيو ته ”سانول“ سنڌي
ڪھاڻيڪار جي
دائري
۾ اچڻ کان وڏو ڪھاڻيڪار آهي.
ڪنھن
به ٻوليءَ جو قيد اعليٰ تخليقڪار لاءِ قيد ئي
هوندو آهي، ”سانول“ جي هيءَ ڪھاڻي جيڪڏهن دنيا جي
ڪن به چئين وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ته منھنجو
ننڍڙو چوڻ، هوند گهڻو گهڻو وڏو ٿي پوي. ٻيءَ طرح
”سانول“ ته وڏو آهي ئي، شاعر به ته ڪھاڻيڪار به!
”سانول“
جي ڪھاڻيءَ جي حصي ۾ آيل ناول جي
قسط
”سُرڪي سُرڪي زهر“ هڪ اهڙو احساس، جيڪو اظھارڻ
لاءِ لکندڙن کي ٻولي نصيب نه ٿيندي آهي. ”سانول“
جي نصيب ۾ اُها ٻولي به آئي آهي. ڪي کِڻَ ”سانول“
وٽ اچي ڪھاڻي بڻجي وڃن ٿا، سنڌي ڪھاڻيڪار ڪيترا
آهن جن جي نصيب ۾ اهڙي حاصلات آئي آهي. ان حاصلات
لاءِ ڪنھن ٻئي ”سانول“ جي گهرج پوي شايد!
”چنڊ
ٽٻيءَ ۾ هو، تارا رَک ۾ چڻنگ جيان ٿي لڳا“. هيءُ
چِٽُ ان ڪھاڻيءَ جو آهي جنھن جو نالو ”لھر مڙوئي لال“ آهي. ترقي پسند ادب جو چِٽو
تبليغي موضوع نھايت
تخليقي سليقي سان اُڻيل ۽ ڪنھن به ناٽڪي، جذباتي
پڄاڻيءَ کان بچايل.
اڄ جي آسپاس جڏهن ننڍي ڪھاڻيءَ جي نالي ۾
عجيب مسخري ٿي رهي آهي، تڏهن ”سانول“ جي ڪھاڻي
”پٿرِ پرائي“ پڙهي، ان جي حقيقي غيرجذباتي پڄاڻي
پڙهي جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو چھرو سامھون آيو آهي، جھڙو لعل پشپ پنھنجي جڳ مشھور ناول ”هن جي آتم جو موت“ ۾ اظھاريو آهي.
انسان جي ڏک جو سبب ڇا آهي؟ سنڌي
ڪھاڻيڪارن ان جي وضاحت لاءِ
صفحا مخصوص ڪيا آهن. ”سانول“ فقط هڪ صفحو ان
ڪھاڻيءَ نالي ڪيو آهي! ۽ ٿوري ۾ ڪيترو ئي گهڻو
اظھاريو آهي. ساڳئي مختصر پڻي هيٺ ڪھاڻي ”بد ذوق“
آهي، جنھن هڪ جملي ۾ گهڻو گهڻو وستار اشاري سان
اُڀاري ڇڏيو آهي، آرٽ ان جو نالو آهي.
منٽو هر دور
۾
جنمي نه سگهندو آهي، ڪِنِ دورن جو نصيب ٿيندو آهي، جو انھن ۾
منٽو ۽ سانول جنم وٺندو آهي ۽ اهو دور انھن جي
نالن سان سُڃاپجندو آهي ۽ پوءِ هر دور ۾ انھن جو
ذڪر موجوده دور سان ٿيندو آهي، هيءُ ليکڪ جڏهن
پرلوڪ پڌاربا آهن ته اهو دور به ساڻن پرلوڪ پڌاري
ويندو آهي.
”سانول“
جي ڪھاڻي ”گمراهه“ ۾ ڇا نه آهي؟ هڪ شخص جي اندر جي
خرابي جيڪا سماج ۽ سماجي روين کيس ارپي آهي. هڪ عورت جو عورت لاءِ
احترام، ٻوليءَ لاءِ موهه، انسانيت جي قدرن جي
پاسخاطري ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. جيڪڏهن ڪھاڻيءَ ۾ نه
آهي ته اها تبليغ آهي، جنھن ادب/آرٽ کي هيٺ ڪيرائي رکيو آهي. ڪھاڻيءَ جي مرد ڪردار
بابت آخري سٽون پنھنجي سڃاڻپ غير ناٽڪي انداز سان
ڇڏي وڃن ٿيون. ڏسون: ”بس هن جي منھن ۾ ڌوڙ ۽ دونھون
ڇڏي اڳتي وڌي وڃي ٿي.“ هتي شخص جي غصي بجاءِ،
ويندڙ بس جو فطري طريقو اظھاريل آهي.
”پولار“
هڪ مڪمل ماڊرن شارٽ اسٽوري، اندر جو اندر ۾ سفر
ڪندڙ، ڪنھن به شور کان پري چپ جي ويجهو، احساس کي
پار ڪري ويندڙ ويچار سان ڀرپور، ويھين صديءَ جو
آخري ڏهاڪو اظھاريندڙ!
”روبوٽ“
سماج جي خوفناڪ باغي طنز اڄ جي انسان جو الميو،
سندس اکيون ڌاريون وڌل، جنھن سان هن کي هر
خراب ماڻھو نظر ايندو آهي.
”خالي
پنو“ ڪھاڻي هڪ ڀرپور علامتي ڪھاڻي، جيڪا اڄ به
ائين محسوس ٿئي ٿي، جيئن لکندڙ کي 1978ع ۾ محسوس
ٿي هئي. سنُ پڙهڻ سان ڄڻ هڪ ڪاري اونداهي ايندڙ
دور جي اڳڪٿي ٿيل هجي،
جيڪا اڄ ٻه هزار پنجويھه ۾ ساڀيان
ٿي هجي. ڪھاڻيءَ جو وچ وارو مدو شايد اڄ کان وڌيڪ
ڊگهو- وڌيڪ ڊگهو ٿي ويندو، اهو خوف ليکڪ جي اندر مان هن ملڪ جي ڏاڍ
واري سماج جي مرتئي تي ختم ٿئي شايد! ڇا چئجي؟
ليکڪ جي هڪ لڳاتار مزاحمت جو علامتي انداز ٻيو
ڪيئن ٿيندو آهي، ڪنھن به ڪھاڻيءَ ۾؟!
”بارود“
ڪھاڻيءَ هڪ بارود اوڳاڇيندڙ ڪھاڻي آهي. جيڪا
علامتي هوندي به ڪافڪن ورلڊ جي ليکڪن واري انداز
سان لکيل آهي،
ڪنھن اهڙي ڪيفيت ۾ جنھن ۾ ڪا به ڳالھه ڪردارن کي
علامت هيٺ اظھاريندي آهي. مثال ”مُڪ“، ” جوتا“، ”
ڊارڪ گلاسز“، ”لپ اسٽڪ“ وغيره.
”انامُ“
ڪھاڻي پڙهي مون کي هڪ خاص سنڌي ليڊر ته ياد آيو ئي، پر قرت العين حيدر جي ناول ”آخر شب کے
ہمسفر“ جو هيرو ”رحمان دا“ به ياد اچي ويو هو ۽ ”سانول“ جي
ڪھاڻيءَ جي بيحد تخليقي اُڻت ته ياد آهي ئي آهي.
مان ڀايان ٿو ته گهڻن کان گهڻو،
مڌ،
جنس ۽ رومانس جو طاقتور اظھار ”سانول“ جي ڪھاڻين ۾
بي ساخته آيل آهي، ان لاءِ ذميوار گذريل صديءَ جي اڌ کان پوءِ گهٽيل
ماحول آهي جيڪو سنڌ جي نصيب ۾ آيو. ان ماحول ۾ سچُ
اظھارڻ لاءِ حوصلو کپندو هو! جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾
”ماڻڪ“ ۽ ”سانول“ وٽ ڪجهه سَرسُ ئي آهي.
سانول جي ڪھاڻين ۾ هڪ اهم خوبي جيڪا نمايان ٿي
بيھي ٿي، اها هيءَ ته هنن ڪھاڻين ۾ انساني جذبن ۽
احساسن جا ڪيترائي رنگ جلترنگ هڪ ئي وقت ظاهر ٿين
ٿا، جيڪي انسان جي اندر جي ڪائنات جا رنگ آهن، هو
ڪنھن به، ڪڏهن به هڪ رنگو ڪھاڻيڪار نه رهيو آهي، جيئن اڪثر سنڌي ڪھاڻيڪارن پاڻ کي رنڱيو
آهي. انساني زندگيءَ جا سمورا رنگ/پئنٽ ڪرڻ ئي
ڪنھن اعليٰ رچنا ڪار جي اول توڻي آخر حاصلات آهي.
جيڪا ”سانول“ جي ڀاڳ ۾ آيل آهي ته هو زندگيءَ جي
سڀن رنگن کي ڏسي ۽ اظھاري ٿو، ڪنھن خاص رنگ جي
ابتڙ!
”سانول“
جي ”مينھان ۽ نينھان“ ڪھاڻي پڙهي محسوس ٿيو ته عورت ۽ مرد هميشه اڌورا رهندا
آهن ۽ اڻ پورا آهن ۽ پورا ٿيڻ لاءِ هڪٻئي جي ويجهو
ٿيندا آهن. سماج جون وڇوٽيون ۽ فاصلا اورانگهيندا
آهن، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پورڻتا سندن نصيب ۾ نه
ايندي آهي. جيئن شان ۽ لالان جي نصيب ۾ نه آئي
ڪجهه وقت کان سواءِ.
”سانول“
جي هن ڪتاب ۾ آيل سموريون ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ
منھنجو نجو خيال آهي، (جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو) ته
”سانول“ ايڏو سھنجو
۽ سادو ڪھاڻيڪار نه آهي، جو هر پڙهندڙ کي آسانيءَ
سان سمجهه ۾ اچي ۽ وڻڻ لڳي، هن کي پڙهڻ لاءِ هڪ
خاص
انداز
جي گهرج پوندي عام پڙهندڙ کي ۽ اها ئي هن جي اعليٰ
ڪھاڻيڪار جي اولين ۽ آخرين سڃاڻپ آهي.
ڊاڪٽر عابد مظهر
مشتاق بخاري جا مشتاق
سائين مشتاق بخاري سنڌي ادب جو مخلص ڪارڪن ۽ نرم
مزاج طبيعت رکندڙ شاعر ليکڪ آهي، جيڪو سنڌي ادبي
سنگت مرڪز جو عھديدار رهندي سنگت جي سڀني ڪارڪنن
تي محبت جا گل نڇاور ڪندو رهندو آهي، انھي ڪري
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڀني شاخن جا اديب کيس دل ۾
جايون ڏيندا رهندا آهن. پاڻ زندگي جا ڪيترا لاها
چاڙها ڏٺا اٿس جنھن ۾ هو هميشه ثابت قدم رهيو آهي،
هو نھايت محبتي ماڻھو آهي هڪ سچو کرو سادگي پسند
هڪ وڏي شخصيت جو مالڪ آهي.
هن جي وني ساجده جبين سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪا شاعره
آهي جنھن جا پڻ ڪيترائي ڪتاب اچي چڪا آهن، منھنجي
مرشد سيد نجف شاهه جي پوٽي آهي جيڪو شاعري ڪندو هو
۽ هڪ روحاني برگزيده شخيصت جو ڌڻي هو. سندس درگاهه
ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ ۾ آهي سائين نجف منھنجو
مرشد به هو ته منھنجو محسن به هو جڏهن مان طالب
الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ ميٽرڪ ڪندو هئس، ته هي
عّظيم مرشد ڏن وٺڻ جي بدران مون کي خرچي ڏئي ويندو
هو. سائين نجف شاهه جو شاعراڻو ورثو سندس پوٽين
ڏانھن هليو ويو آهي فضه غزل، ساجده جبين ۽ شبانه
سنڌي انھي ورثي کي سنڀاليو ويٺيون آهن. سائين مرشد
نجف کان علاوه هن خاندان جو هڪ ٻيو شاعر سيد ظفر
سيوهاڻي به ٿي گذريو آهي.
سو ڳالھه ٿي ڪيم سائين مشتاق بخاري جي ته سائين
شروعاتي ٻاراڻي شاعري کان ڪئي، جيڪو اڃان تائين
ڪندو اچي ٿو پر هاڻ هو هڪ سٺو ليکڪ، وڏو شاعر ۽
پنھنجي دور جو سٺو ايڊيٽر آهي. مان مشتاق بخاري
کان تمام گهڻو وڏو آهيان ان ڪري سيد بخاري مون کي
وڏي هئڻ ڪري گهڻي عزت ڏيندو آهي ۽ هم عصر اديبن
دوستن جيان پيار پڻ ڪندو آهي. هن جو اهو پيار ڀريو
ورتاءَ مون سان ۽ رجب ٻگهيي سان دوستيءَ واري سڳنڌ
۾ تبديل ٿي ويو آهي، سچ پڇو ته مشتاق بخاري مان
اسان کي پنھنجائپ واري انمول خوشبوءِ ايندي آهي،
جنھن جو ڪو ڇيھه ئي ڪونھي....

سائين مشتاق جي شاعري ٻارن سان گڏوگڏ، وطن سان
محبت ڪرڻ واري جماليات سان ڀرپور شاعري آهي.
جماليات فقط محبوب جي انگن جي تعريف ڪرڻ جو نالو
نه پر هن جديد دور ۾ وطن سان محبت ڪرڻ واري شاعري
کي به چئبو آهي. مشتاق بخاري پنھنجي وطن جي منظرن
سان گڏ وطن جي مسئلن کي حل ڪرڻ واري جمالياتي حسن
پڻ رکي ٿو، هو پنھنجي وطن سنڌ کي عقيدت سان گڏ
رومانوري عاشقن واري نظر سان به ڏسي ٿو.
سوال سنڌ جا جواب سنڌ جا،
اسان جي اکين ۾ خواب سنڌ جا.
اها سنڌ جيڪا هزارن سالن کان معاشي حوالي سان
شاهوڪار رهي آهي جنھن ۾ وڻ ٽڻ، باغات ۽ معدني
خزانا آهن، جن تي اڪثر ڌاريا قبضو ڪيو ويٺا آهن جن
مان جان ڇڏائڻ جا جرئت مندانا خواب آهن مشتاق
بخاري وٽ. انھي خوشحالي کي وري ڌرتي ڌڻين جي حوالي
ڪرڻ وارا حسين خواب آهن، پاڻ سنڌ جي معروضي حالتن
وارو بي باڪ شاعر آهي.
انھي ڪري ئي سنڌ جي هڪ دلبر شاعر منٺار سولنگي
مشتاق بخاري لاءِ لکيو هو ؛مشتاق بخاري هڪ بھترين
شاعر آهي هن جي سچائي پنھنجي ڌرتيءَ سان پنھنجي
ٻولي سان پنھنجي لولي سان پنھنجي ماڻھن سان پنھنجي
پيار سان آهي. ان جو مطلب ته هو هڪ قوم پرست شاعر
سان گڏ، وطن سان محبت ڪرڻ واري جمالياتي شاعري
وارن جذب جو شاعر به آهي. مان سندس سٺاين ۽ چڱاين
۽ شاعري بابت هنن راين کي رکي پوءِ پنھنجي راءِ
ڏيندس. سندس وني ساجده جبين کيس لاءِ لکي ٿي ته؛
اسان هڪٻئي کي جيستائين ڏسندا ناهيون يا پري هوندي
هڪٻئي جو آواز ٻڌنڌا ناهيون تيستائين بيچين هوندا
آهيون، مان مشتاق کانسواءِ ڪجهه به ناهيان هو مون
کان سواءِ سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه ناهي. سچ ته مون
کي خوشي ٿي آهي جو سائين مشتاق کي هڪ باوفا زال ۽
مشھور ليکڪا شاعره دوست ۽ گهرواري ملي آهي جيڪا
کيس مڃتا به ڏئي ٿي ۽ سندس ڏک سک جي ساٿي به آهي.
مشتاق بخاري جي وني جي سؤٽ ۽ نامور ليکڪا شبانه
سنڌي، مشتاق لاءِ لکي ٿي ته ”مشتاق بخاري کي مون
سندس شعرن جي آرسي ۾ سچي مخلص ۽ محبتي ماڻھو جي
روپ ۾ ڏٺو آهي مشتاق بخاري وقت تي ڪم اچڻ وارو
ماڻھو آهي، سندس شاعري ۾ فن جي نفاست ۽ خيال جي
نزاڪت نظر اچي ٿي. هن جو قلم سنسار جي سونھن يعني
ٻارڙڻ جي لاءِ خوبصورت ۽ معصوم ٻارڙن جھڙا گيت
سوچي ٿو.“
مشتاق بخاري جو ٻارن سان پيار جو اندازو سندس هن
شعر مان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ٻارن لاءِ هن پيار اند ۾،
تڏهن آ هٻڪار اندر ۾.
ٻارن جو پيار شاعر جي اندر ۾ هٻڪار ڪيو بيٺو آهي.
سچ به جيڪو ننڍڙن ٻارن سان پيار ٿو ڪري، انھن لاءِ
وقت ڪڍي لکي ٿو، اهو رب جي بارگاهه ۾ مقبول آهي
شبانه سنڌي، سندس لاءِ جيڪي ويچار لکيا آهن اهي سو
سيڪڙو سرجڻھار آهي. هن جي شاعري سليس سادي ۽ جلدي
محسوس ڪرڻ واري شاعري آهي مون سنڌ جي اديبن جي
زباني سائين مشتاق جي تعريف ئي ٻڌي آهي، هڪ دفعو
مشتاق جنھن سان مليو، پوءِ اهي مشتاق جا مشتاق ٿي
ويندا آهن ۽ مون وانگر هن سان پيار ڪندڙ بنجي
ويندا آهن. رجب ٻگهيو؛ جيڪو غزل جي ساهت ۾ هڪ
منفرد سچائي وارو شاعر آهي. سو مشتاق لاءِ لکي ٿو
ته: هن جي شاعري ۾ حُسن پيار ۽ محبت کانسواءِ ٻيا
مامرا به چٽي طرح بيان ٿيل آهن منھنجي خيال ۾ اهي
مامرا آهن فرشته صفت رکندڙ ٻارن سان شاعراڻو پيار.
ها سچ به جيئن آسمان ۾ ستارا هوندا آهن، تيئن هن
ڌرتي جا ستارا ٻار آهن، جيڪي مشتاق جي شاعري جو
جوهر آهن. ان کانسواءِ ڌرتي جا ڏک سک انيڪ مامرا
سائين مشتاق جي شاعري جا احساس آهن سائين مشتاق
خوشنصيب آهي جيڪو ادب جي ساهت هڪ نامور شخصيت ٿي
اڀريو آهي مان سائين مشتاق جي وني ليکڪا ۽ پنھنجي
فرزند حسنين سان جبل جيڏي حياتي ماڻڻ جي دعا ڏيان
ٿو (آمين). |