|
ڊاڪٽر ماريه جاويد بدوي
ڇا پڙهڻو آهي؟
پڙهڻو آهي ڇا؟
قديم دور کان انسان جو لکڻ پڙهڻ طرف رجحان رهيو
آهي، جنھن جو ثبوت غارن ۽ پٿرن تي لکيل تحريرون
آهن. جيڪي اڄ جي وقت ۾ اسان لاءِ انڪري به هڪ
ناياب سرمايو آهن، جو اسان وٽ اهڙو ڪوئي وسيلو
ناهي جو اسان اُها ٻولي سمجهي سگهون. مثال طور تي
موئن جي دڙي مان مليل تحريرون، اڄ به اسان جي لاءِ
هڪ معمو بڻيل آهن. هاڻي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته
انسان روزِ ازل کان ڇو پئي لکڻ چاهيو؟
جنھن جو جواب تمام آسان آهي ته، انسان جو ذوق ۽
شوق... شوقِ جستجو ئي هن سوال جو جواب آهي. انسان
زمين تي گهمي ڦري ٿو، ته جيئن نوان مشاهدا ڪري ۽
هن ڪائنات تي غور ويچار ڪري ۽ سمجهي سگهي ۽ وري
انسان پاڻ اِن ڪري لکي ٿو ته، ڪوئي هن کي پڙهي ۽
سمجهي.
پڙهڻ هن ڪري ئي اهم آهي ته نوان مشاهدا ٿين ۽ ذهن
ڪا نئين سوچ يا ايجاد يا وري ڪا نئين دريافت ڪري
سگهي.
ڪتاب پڙهڻ سان انسان جا سڀ
(Senses)
استعمال ٿين ٿا، جديد تحقيق هجي يا قديم آثار، سڀ
هن امر جي گواهي پيا ڏين ته ڪتاب پڙهڻ سان ذهن جي
سوچ جي رفتار
(Processing)
به وڌي ٿي ۽ شعور بيدار ٿئي ٿو ۽ يقيناً باشعور
انسان نئين سوچ ۽ فڪر سان اڳتي وڌي بھتر معاشرو
بڻائي ٿو.
دورِ حاضر ۾
E-Books
پنھنجو هڪ خاص مقام رکن ٿا ۽ انھن
E-Books
جا فائدا پڻ آهن. پر جي ڪاغذ تي تحرير ٿيل ڪتاب
پڙهجي ته تخليق جي دنيا ۾ ذهن پرواز ڪري ٿو. معنيٰ
ته فائدا ذهن کي ته ٿين ٿا، پر جسماني فائدن کان
سواءِ ان جا روحاني فائدا آهن.
ڪاغذ وڻن مان تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ جنھن کي
Organic
سڏجي ٿو.
جڏهن اسان ڪتاب جي ڪاغذن کي هٿ لڳايون ٿا ۽ پنا
اُٿلايون ٿا ته، هن دوران
(touch sensation)
ڪم ڪري ٿو ۽ ذهن اُجاگر
(Activate)
ٿئي ٿو، جيڪو سڌو دماغ کي پيغام
(Signal)
ڏي ٿو ۽ جنھن سان
(Congnitive process)
يا تخليقي عمل تيز ٿئي ٿو، انھيءَ طرح انسان ۾
منفرد سوچ، تخليق، اُمنگ ۽ جستجو پيدا ٿئي ٿي.
وري سوال پيدا ٿئي ٿو ته جستجو يا نئين سوچ جو
پيدا ٿيڻ ڇو ضروري آهي؟ جواب بيحد آسان آهي، ته
جيئن ذهن کي زنگ نه لڳي، ڇو جو خالي دماغ يا زنگ
آلود ٿي ويندو آهي يا شيطان جو گهر.
اڄوڪي دور جي ريسرچ اهو به ثابت ڪري ٿي ته، نه
پڙهڻ وارا
(non-readers)
نه ئي سُٺا تخليقي ذهن رکن ٿا ۽ نه ئي ڌيان ڪرڻ يا
سٺا سکندڙ ٿين ٿا. پر وري ان جي برعڪس ڪتاب پڙهڻ
وارا سٺا
Learners
به ثابت ٿين ٿا ۽ تحقيق ڪرڻ
وارا ذهن به رکن ٿا، جيڪي نئين ايجادات ۽ مشاهدات
ڪرڻ ۾ وقت گذارن ٿا. البته ضرور دنيا ۾ اهڙا به
مثال موجود آهن، جيڪي خداداد صلاحيتون رکن ٿا ۽
ڪتاب نه پڙهندي به بھترين ذهن رکن ٿا، پر هتي
تحقيق جي روشني ۾ عام عوام جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي.
تنھنڪري پڙهڻو آهي ڇا؟ جو بھترين جواب هي آهي، ته
جي اسان کي پنھنجي شخصيت ۾ روحاني، تخليقي، ظاهري
بھتري گهرجي ٿي ته لازمي آهي ته اسان ڪتابن کي
پڙهڻ معمول بڻايون.
ڪتاب نه پڙهڻ ائين آهي جيئن اسان پاڻ کي اهڙي طرح
ناڪاره بڻائي ڇڏيون جيئن ڪنھن بوسيده عمارت جو ڪم
در هجي، جنھن جو ڪم صرف عمارت جي شناخت کي برقرار
رکڻ هجي ۽ پاڻ پنھنجي سڃاڻ وقت گذرڻ سان گڏ گڏ
وڃائي چڪو هجي ته هاڻي ته بند ٿي سگهي ۽ نه هُي
وري ڪلھي سگهي.
شاعري

(جنم 1961ع)
تاريخ چوڻ جو هنر (ابجد موجب)
تاريخ ۾ ڪن واقعن، شھرن جي بنياد پوڻ، عمارتن جي
تعمير ٿيڻ، تصنيف ۽ تاليف جي تڪميل ڪرڻ ۽ شخصيتن
جي ڄم ۽ موت جي تاريخ يا سال کي ياد رکڻ يا محفوظ
ڪرڻ لاءِ ڪن لفظن يا شعر جي مصرعن ۾ قلمبند ڪرڻ
واري هنر کي ”تاريخ چوڻ“، ”تاريخ ٻڌڻ“ يا ”ماده
تاريخ ڪڍڻ“ ۽ ”قطعه تاريخ“ چوڻ سڏيو ويو آهي.
جھڙيءَ طرح شڪارپور شھر جي بنياد جو هجري سال 1026
ابجد جي حساب موجب ”غوڪ“ لفظ مان ملي ٿو. يا
نامور اديب پروفيسر احسان احمد بدوي جي شھادت
1965ع مطابق 1385هه ۾ ٿي ته ساجد سرشادي هيئن ان
سن کي شعر ۾ قلمبند ڪيو:
سدائين روڄ غم آ، رحلت – نقاد – لاثاني
1385هه
1385هه
شھيد سرخرو لئي ٿيو، آ وارد فضل رباني
1385هه
1385هه
خير خواهه – دوستان بدوي جو غم ڇا ٿا پڇو
1965ع
رحلت – پسر- جوان، ناسور رسته آهه واءِ
1965ع
سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ اهڙي تاريخ چوڻ جو وڏو ذخيرو
سنڌيءَ کان سواءِ فارسي ۾ پڻ موجود آهي. مگر اهو
تاريخ چوڻ جو هنر سنڌ ۾ عربي زبان جي اٺاويھن حرفن
جو ملھه مقرر ڪري يا ماده جو تعين ڪري قطعه جي چوڻ
جو رواج به عربن جي دؤر کان سمجهيو وڃي ٿو:
ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م
ن و هه ي
انھن اٺاويھن حرفن کي هيٺين صورت ۾ اٺن لفظن تحت
ترتيب ڏنو ويو ته جيئن حرفن جو ملھه آسانيءَ سان
ذهن نشين ٿي سگهي:
ابجد – هوز – حطي – ڪلمن – سعفص
ا ب ج د هه و ز ح ط ي ڪ ل م
ن س ع ف ص
1 2 3 4 5 6 7 8 9
10 20 30 40 50 60 70 80
90
قرشت – ثخذ - ضظغ
ق ر ش ت - ث خ ذ ض ظ غ
100 200 300
400 500 600 700
800 900 1000
انھيءَ ترتيب جي قدامت متعلق ڪيتريون ئي روايتون
بيان ڪيل آهن. مگر حتمي طور تي چيو وڃي ٿو ته اها
ڪنھن ڪُھني تختيءَ تي موجود هئي، جا چوڏهين صدي
قبل مسيح جي زماني جي ڪنھن زبان ۾ لکيل آهي. ان
تختيءَ تي پھريان ڇھه لفظ ابجد – هوز – حطي- ڪلمن-
سعفص- قرشت لکيل هئا. اها تختي شام جي اولاهين
علائقي لاذقيه مان هٿ لڳي هئي.
عربن انھن حرفن جو ملھه مقرر ڪيو ته فال ۽ رمل
وجود ورتو.
ابجد موجب تاريخ چوڻ جا ڪي فني لوازمات به مقرر
ڪيا ويا. جن جو ذهن نشين هئڻ به لازمي ڄاتو ويو.
انھن جو مختصر بيان ڪجي ٿو:
ڪنھن به شعر جي تقطيع ڪرڻ ۾ ۽ ماده تاريخ جي قطعي
۾ آيل لفظن جي حرفن جي ملھه لھڻ ۾ فرق آهي. جيئن
ملھه لھڻ مھل مڪتوبي حرف شمار ڪيا وڃن ٿا. انھن جو
پڙهڻ وقت تلفظ سان ڪو تعلق نه هوندو آهي مثال طور:
عبيدالرحمان ۽ عبدالرحيم ۾ ’ا‘ ۽ ’ل‘ جو ملھه ڪٿيو
ويندو. اهڙيءَ طرح ’فسانه‘ جو آخري حرف ’هه‘ هوز
تلفظ جي ادائگي ۾ ڪونه ٿو اڀري، مگر مڪتوبي هئڻ
ڪري ان جو ملھه
]5[
ليکبو. فارسيءَ جو حرف عطف به ليکبو. جيئن رسم و
رواج يعني رسم ۽ رواج جي وچ وارو ’واو‘.
اهو پڻ خيال رکڻ ضروري آهي ته مشدد حرفن، جن تي شد
( ّ ) اچي ٿي، اهي ٻه ڀيرا پڙهڻ ۾ ايندا آهن.
جيئن: ”گُل، پَڪّلَ، سِجّ وغيره، پر اهي لکيا هڪ
ڀيرو ويا آهن نه ڪ ٻه ڀيرا تنھن ڪري ليکبا به هڪ
ڀيرو.
همزو (ء) عربي حرف تھجي ۾ شامل نه آهي، پر اسان وٽ
سنڌي ۾ ڪيترن لفظن جي وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ اچي ٿو، پر
ان جي پوئلڳي ڪارڻ ڪٿي ان جو آواز ڪٿي ’ي‘ ته ڪٿي
’واو‘ جو ٿئي ٿو. هن اصول موجب ان جو ملھه (10)
ليکبو آهي. وضاحت لاءِ قائد، آئينو، جلاء، لڳاء
وغيره لفظن ۾ ڏسڻ کپي.
’ت‘ ۽ ’ة‘ جتي نقطن ۽ چٽي آواز سان ايندا، اتي
ملھه (400) ليکبو.
تاريخون ٻن طريقن هرهڪ ’صوري‘ ۽ ’معنوي‘ سان ڪڍيون
وينديون آهن.
’صوري‘ طريقي موجب گهربل تاريخ يا سن لفطن جي صورت
۾ بيان ڪيو ويندو آهي. ان ۾ حرفن جو ملھه ڪونه
ليکبو آهي. جيئن ماستر احمد خان جلباڻي جڏهن
1295هه ۾ چار درويش نالي قصو ترجمو ڪري مڪمل ڪيو
ته هيئن تاريخ لکي:
مبارڪ مھينو هو رمضان جو
مبارڪ چون دين ايمان جو.
ڏهاڪي ڏينھن کان هو هڪڙو وڌيو
اڱاري جو ڏينھن احسان جو
صدي تيرهين مان هوا پنج گهٽ
گذر هو زماني جي گذران جو
ختم ٿيو خدا جي فضل سان ڪتاب
ڀريل برڪتن شاهه مردان جو
الاهي تون احمد تي امداد ڪر
مرڻ مھل ڪملي ۽ آسان جو.
اهڙيءَ طرح پروفيسر لطف الله بدوي جي وفات تي واحد
بخش عاشق پيرزادي هيئن تاريخ قلمبند ڪئي:
ناگهان ڪوچ به لطف ڪيو جھان مان
رنج ٿيو ان جو الم دل کي ارمان آهي
ڏينھن اربع جو ستاويھين هئي ماه شعبان
هاءِ تيرهن سو اٺاسي ۾ ٿيو هر مان آهي.
يعني تاريخ ستاويھين شعبان 1388هه اربع ڏينھن
پروفيسر لطف الله بدوي هي جھان ڇڏي ويو.
تاريخ چوڻ جو اهو صوري طريقو آسان آهي. معنوي
طريقي موجب حرفن جي ملھه ذريعي تاريخ ڪڍي ويندي
آهي. ڪن عالمن ان ئي طريقي کي تاريخ چوڻ جو ”هنر“
چيو آهي. هن طريقي ۾ قطعه تاريخ ڪڍڻ کانسواءِ
مختصر لفظن يا هڪ ٻن لفظن ۾ به تاريخ چئي ويئي
آهي. هڪڙو مثال مٿي شڪارپور جي بنيادي سن وارو ڏنو
آهي. ٻيو علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي
وفات 22 نومبر 1958ع وارو سال ڪنھن هيئن ڪڍيو:
غريق رحمت
1958ع
سليم ڳاڙهوي تاريخ هيئن چئي:
عالمن جو شمس روشن اوچتو اڄ ٿيو غروب
22 نومبر 1958ع
جنھن هٽايو هو انڌارو، موڪلائي ويو هليو.
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
ڪتاب ”سنڌ جي تاريخي شھرن جي تواريخ“، ڇاپو
پھريون،
2005ع
روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو سنڌ، ص 19-21 تان کنيل
مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“

غزل
جڏهن عقل جي انتها ٿيندي آهي،
تڏهن عشق جي ابتدا ٿيندي آهي.
ڏئي عقل کي قلف وڌبو آ اڳتي،
وساري ڇڏيو دنيا ڇا ٿيندي آهي.
اگر عقل کان ڪم وٺڻ ٿا جي چاهيو،
ته پو پيار هڪڙي بلا ٿيندي آهي.
وڌائي قدم کي نه پو روڪبو آ،
تڏهن پيارا پوري وفا ٿيندي آهي.
جڏهن پرت ۾ پير پائي ٿو ڪوئي،
تڏهن کان ئي دنيا خفا ٿيندي آهي.
اگر پيار ۾ ڪنهن قدم کي جي روڪيو،
اهائي ته ان جي دغا ٿيندي آهي.
ڪري پيار پو دور دلبر رهن ٿا،
انهيءَ کان نه بدتر سزا ٿيندي آهي.
اگر عشق چاهين ته ڇڏ عقل کي تون،
انهيءَ سان وفا ڇا ادا ٿيندي آهي.
محبت مٿاهين سڀن کان آ ’عاطف‘،
سدا پيار ۾ دل صفا ٿيندي آهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق

رک ضابطو زبان تي
رک ضابطو زبان تي، ته ڏسين نه ڪڏهين ڏُکَ،
سدا سُکَ ئي سُکَ، آهن ان عمل سان.
رک ضابطو زبان تي، ته مِٺا لهين مانُ.
جي هيءَ ٿورڙو ٿِڙي، ته ٿيندءِ پوءِ نقصانُ،
پنهنجو ڏسي شانُ، سهڻا گفتا ٻول تون.
رک ضابطو زبان تي، مٺي ٻولي ٻول،
ڪنو سڀ ڪچڪول، ڪڍي ڇڏ قلب مان.
پردي ۾ زبان جي، لڪل آ انسان،
اهائي مفيد ٿئي، اهائي ڏئي نقصان.
پرين ٿيا پَري
(وڇڙي ويل دوستن جي ياد)
هَي هَي ٿو ڪريان هٿ کڻي، پرين ٿيا پري،
جن ري دم نه سري، سي هليا ويا هميشه لئه.
هَي هَي ٿو ڪريان هٿ کڻي، پٽيان ڪڍي پار،
رُئان زارو زار، جاني جدا ٿي ويا.
هَي هَي ٿو ڪريان هٿ کڻي، جاني ٿيا جدا،
موڪلائي ويا ملڪ مان، منهنجا مُحب مٺا،
ادا اڪيلو صفا، ڇڏي ويا ڇوهه ۾.
لڏي وَيَڙا لوءِ مان، جاني جيءَ جيارَ،
هاڻي سڀ ڄمارَ، گوندر ۾ گذارڻو پيو.
سرفراز راڄڙ

غزل
مان هردم تنهنجي ياد پٺيان،
دل جا زخم سنڀاليان پيو.
سيني جي قبرستان اندر،
خون اندر جو ساڙيان پيو.
تنهنجي هر ڪنهن ياد مثل،
پنهنجو ٻارڻ ٻاريان پيو.
پنهنجون يادون وٺ مون کان،
توکي ڇا لئه ساريان پيو.
مان اڪيلو اڄ به ’فراز‘،
پيار جو وعدو پاريان پيو.
اسد ’جمال‘ پلي

غزل
خودڪشي ٿا ڪريو،
بزدلي ٿـــــــا ڪريو.
منهنجي هر ڳالهه کي،
اڻٻڌي ٿـــــــا ڪريو.
هوءَ جا دشمن ڪئي،
ساڳئي ٿـــــــا ڪريو.
مون کان منهن ڦيريو،
دلبري ٿـــــــا ڪريو.
منهنجو ڀٽڪڻ رُلڻ،
زندگي ٿـــــــا ڪريو.
مون ڏي اکڙيون کڻي،
رهبري ٿا ڪريو.
غيرُ در تان ڌِڪي،
وارثي ٿـــــــا ڪريو.
مون کي سڀ ٿا چَون،
”دل لڳي ٿـــــــا ڪريو.“
سنڌ ۾ ئي ’جمالُ‘،
اجنبي ٿـــــــا ڪريو.
ادل سومرو

غزل
ڊوڙندي مون ڏي اچين ٿي آئره!
اوچتو گم ٿي وڃين ٿي آئره!
رقص ۾ تون روبرو آھين اڃان
شاعريءَ ۾ ڇو لڪين ٿي آئره!
انقره ۾ ھا ملياسين پاڻ ٻئي
نانءُ ڇو مون کان پڇين ٿي آئره!
خوف وارا ڏينھن ھي ويندا ٽري
پاڻ کان ئي ڇو ڊڄين ٿي آئره!
آئون ساڳيو سومرو ھن سنڌ جو
اوپرن جان ڇو ڏسين ٿي آئره!
مان اکر تنهنجا ڏسي مرڪان پيو
فارسيءَ ۾ ڄڻ لکين ٿي آئره!
ڌار ڪلچر آھي تنهنجي ديس جو
پوءِ به ڇو پنهنجي لڳين ٿي آئره!
ڳالهه کي ڳانو اڃان ناھي ٻڌو
ڪال ڇو اڌ ۾ ڪٽين ٿي آئره!
شاعري
شاعري اخبار جي ناھي خبر
دانهن آھي جا ڦٽي ٿي اوچتو
دل چوي ٿي ڪيئي قصا ورجن
ڳالهه پر ھرڪا کٽي ٿي اوچتو.
غزل
تنهنجو سارو سماج سمجھوتو،
عشق جو ناھي رواج سمجھوتو.
نينگريءَ جو نڪاح مجبوري،
لاڏا، سهرا ۽ ڏاج سمجھوتو.
موت منصور کان گھري معافي،
ڪيئن چاھي حلاج سمجھوتو.
ديس طبقن جو آئينو آهي،
روزي، روٽي، اناج سمجهوتو.
تون ڀلي ٺاھه ڪر زماني سان،
منهنجو ناھي مزاج سمجھوتو.
ھي وڇوڙو ته عارضي آھي،
دل جو ناھي علاج سمجھوتو.
عابد انڙ

نثري نظم
رھجي ويل ياد
اھي چور اکيون
جي بليڪ بورڊ تان بار بار ھٽي
ھڪ ٻئي کي ڏسي وٺنديون ھيون,
ڪلاس روم جي ديوارن تي رھجي ويون !
تنهنجيون منهنجيون
اڻ کُٽ ڳالهيون
يونيورسٽيءَ جي پارڪ ۾
ڇٻر تي ليٽي پيٽي
اتي آھلجي پيون !
وڏا وڏا ٽهڪ
رستن تي رلندي
ڄام شوري جي ھوائن ۾ رل مل ٿي ويا !
تنهنجي سينڊل جي ٺڪ ٺڪ
فيڪلٽي جي ڪاريڊور ۾
ڪا ڪنڊ وٺي
پئجي رھي ھوندي !
ڪينٽين جي ٻاھران
چانھه جون چسڪيون
ڪوپن جي ڪنارن تي
ھاڻي ته سسڪيون، بڻجي چڪيون ھونديون !
ھڪ ٻئي جي وچ ۾
ننڍيون ننڍيون غلط فهميون
ڪي شڪوه، ڪي شڪايتون
ميڊم کي وچ ۾ آڻي
مون ڪاوڙ مان ڪڍيون ھونديون !
تو منهنجيون دانهون
روئي روئي ميڊم کي ڏنيون ھونديون !
سوچيان ٿو,
اھي سڀ ڪاٿي ھونديون !
ھا، ميڊم جي ميز جي خاني ۾
رکيون ھونديون !
محبت ۾ ڪيل واعدا
ساک جي علامت طور
ايلسا ۽ علامـه جي مزارن تي
گلن ۽ ٻوٽن سان
پاڻ پوکي ڇڏيا ھئا
جن کي ڪڏهن به ڪنهن
پاڻي ڪونه ڏنو .....!
محبت جون ڪيئي علامتي مزارون
اتي ٺهيون پيون ھونديون !! |