|
مير چند اوڏ

اوڏ برادريءَ ۾ ٻار جي ڄمڻ جون ريتون رسمون ۽ سنوڻ
ساٺ
جنم (پيدائش) بنيادي طور تي زندگيءَ جو آغاز آهي.
ٻار جو جنم (Childbirth)
هڪ فطري ۽ حياتياتي عمل آهي، هي عمل انساني
زندگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ حساس مرحلو آهي. جنم جو
عمل هڪ ماءُ لاءِ جسماني تڪليفن ڀريو هوندو آهي،
پر اهو هڪ جذباتي ۽ روحاني تجربو به هوندو آهي.
جنم وٺندڙ ٻار ماءُ، پيءُ ۽ خاندان لاءِ محبت،
پيار ۽ اميدن جي علامت هوندو آهي.
هر سماج ۽ برادريءَ جا پنھنجا رسم و رواج ۽ ساٺ
سنوڻ هوندا آهن، جيڪي انساني زندگي کي هڪ ترتيب ۽
معنيٰ فراهم ڪن ٿا. رسم و رواج سماج اندر هڪ نسل
کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيل رواجي عمل، عادتون ۽
رسمن جو مجموعو آهن، جيڪي هڪ برادري يا قوم جي
ثقافتي سڃاڻپ جو حصو بڻجن ٿا. اوڏ برادريءَ ۾ به
جنم وٺندڙ ٻار ۽ ان سان واسطو رکندڙ رسمون رواج ۽
سنوڻ ساٺ اهميت رکن ٿا، پر ڪنھن حد تائين سنڌي
سماج سان پڻ هڪجهڙائي ڏسي سگهجي ٿي. جن جو ذڪر
ڪجھه هن ريت ڪجي ٿو.
ڳورهاري يا حاملا عورت جو کاڌو پيتو:
آڳاٽي وقت دوران اوڏ برادريءَ ۾ جڏهن ڪا عورت
حاملا ٿيندي هئي، ته ان کي سچي گيھه ۾ ڪُٽي ٺاهي
کارائي ويندي هئي ۽ سچي گيھه جو استعمال ڀاڄيءَ ۾
به ڪيو ويندو ويندو هو. ان کان علاوه ڪڻڪ جي ڏاري
جي رٻ، کير ۽ مکڻ به کائڻ لاءِ کيس ڏنو ويندو هو.
موجوده دور ۾ مهانگائي سبب سچي گيھه ۽ مکڻ جو
استعمال تمام گهٽ ڏسڻ ۾ پيو اچي، پر ان جي بدلي
ڊاڪٽرياڻيءَ جي مشوري سان وٽامن وغيره جي کوٽ کي
پورو ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل جي دوائن جو سھارو ورتو وڃي
ٿو. ڪافي اوڏن جو دوائن جي پهچ کان پري رهڻ ۽ شعور
جي کوٽ سبب ڳورهارين عورتن کي مختلف پيچيدگين سان
منھن ڏيڻو پوي ٿو، جنھن سبب حمل به ضايع ٿي وڃن
ٿا، ته ڪن کي وري ويم دوران ڏکيائين کي منھن ڏيڻو
پوي ٿو.
حمل دوران چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ جي اهميت ۽ بچاءُ:
چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ جي صورت ۾ ڳورھاري عورت پنھنجي
ور ۾ سُرمي داڻي جي سَرائِي، چپن تي سُرخِي هڻي،
اکين ۾ سُرمو پائي سنئين سڌي ٿي سمھندي آهي، پر
اکيون ٻوٽي ننڊ نه ڪندي آهي. ڪن اوڏن ۾ وري چنڊ
گرهڻ ۽ سج گرهڻ جي صورت ۾ عورت سان گڏوگڏ ان عورت
جي مڙس کي به کٽ يا هيٺ پٽ تي رلي وڇائي سنئون سڌو
ٿي سمھڻو پوندو آهي. چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ جي صورت ۾
ٻئي زال ۽ مڙس ڇري، ڏاٽي، ڪوڏر، واهولي ۽ ڪھاڙيءَ
جو استعمال نه ڪندا آهن. اوڏن جو چوڻ آهي، ته
جيڪڏهن ڳورھاري عورت اکيون ٻوٽي ننڊ ڪندي، ته ان
عورت جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي چنڊ گرهڻ يا سج گرهڻ
جو اثر ٿيندو ۽ نتيجي ۾ جنم وٺندڙ ٻار انڌو پيدا
ٿيندو. جيڪڏهن عورت پاسيري ٿي سمھندي، ته عورت جي
ڪن کي مروٽ ايندي ته جنم وٺندڙ ٻار چٻي ڪن سان
پيدا ٿيندو. جيڪڏهن ڳورھاري عورت ديڳڙي کي ليپو
ڏيندي، ته جنم وٺندڙ ٻار جي ويهڪ واري جاءِ بند ٿي
ويندي. جيڪڏهن چنڊ گرهڻ يا سج گرهڻ جي صورت ۾ عورت
سبزي وغيره يا ٻي ڪا به شيءِ ڇري، ڪھاڙي، ڪوڏر ۽
واهولي وغيره سان ڪٽيندي، ته جنم وٺندڙ ٻار جو
وات،چپ يا نڪ ڪٽيل ھوندو، يا ٻار جي جسم جي ڪنھن
به حصي تي ڪٽجڻ جو نشان ضرور ظاهر ٿيندو.
ڳورھاري عورت جو مرتئي تي تند وٺڻ:
ڳورھاري عورت کي ڪنھن به مرتئي تي وڃڻ جي منع
هوندي آهي، جيڪڏهن ڪنھن ويجهي مٽ مائٽ جي مرتئي تي
وڃي، ته پوءِ ان کي ميت جي ڪفن جي تند وٺي ساڄي هٿ
جي چيچ ۾ ٻڌڻ لازمي سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن تند
نه ورتائين ته ان عورت ۽ ان جي ٻار کي نقصان رسڻ
جو انديشو سمجهيو وڃي ٿو، جنھن ۾ ٻار جو ضايع ٿيڻ
به شامل آهي. ان تند کي سنڀالي رکڻو پوندو آهي ۽
جڏهن ميت گهر مان کڄي روانو ڪيو ويندو آهي، ته ان
جي پٺيان ان تند کي ساڄي هٿ جي چيچ مان ڪڍي ميت
طرف اڇلي پاڻيءَ جو گلاس هاريو ويندو آهي. ان کان
علاوه جنھن کٽ تي ميت رکيل هوندو آهي، ان کٽ جي
پاڇولي واري طرف ڳورھاري عورت کي ويھڻ منع هوندو
آهي، ڇو ته اوڏن جو تصور آھي ته جيڪڏهن اميدواري
عورت تي ميت جو پاڇولو پوندو، ته ان عورت جو ٻار
سڪي ويندو يعني ضايع ٿي ويندو.
ويم: اوڏ برادريءَ ۾ ڳورھاري عورت جو ويم ،گهر
توڙي اسپتال ۾ ٿيندو آهي. گهرن ۾ ويم دائي
ڪرائيندي آهي، اوڏ برادريء ۾ دائپي ڪرڻ جو رواج پڻ
آهي، اها دائي ويم ۽ ان کان پوءِ ٻار کي جنم ڏيندڙ
عورت کي تيل ھڻندي آھي ۽ مالش وغيره ڪندي آهي ۽ ان
جاري ھاڻا ڪپڙا به ڌوئندي آھي. جيڪڏهن ڪنھن هنڌ
اوڏ برادريءَ ۾ دائيءَ جو ملڻ مشڪل هوندو آهي، ته
پوءِ اوڙي پاڙي جي ڪنھن ٻي برادريءَ جي دائي ويم
ڪرائيندي آهي. دائين جو رواج اڪثر ڪري ٻھراڙي ۾
هوندو آهي ۽ شھرن ۾ گهٽ هوندو آهي. هينئر دائپي
ڪرڻ جو رواج ڪافي گهٽجي چڪو آهي. ڪو ٻار ستين
مھيني پيدا ٿئي، ته ان کي”ستڙيو“ ۽ اٺين مھيني
پيدا ٿيندڙ ٻار اوڏ ”اٺڙيو“ سڏيندا آهن. ٽن ڀينرن
يا ڀائرن کان پوءِ ٻار ڄمي، ته ان کي وري ”ٽکڙ“
سڏيندا آهن.
پٽ ڄمڻ تي ٿالھه وڄائڻ: پٽ ڄمڻ جو ٻڌي سڀ کان
پھرين ٻار جي مامي، ماسي، پڦي وغيره يعني گهر جي
ڪا به عورت ٿالھه اونڌو ڪري وڄائيندي آهي. عورت
پاران ٿالھه وڄائڻ تي انھيءَ عورت کي ٻار جو پيءُ
ڏونگهي لازمي طور وٺي ڏيندو آهي.
ٻار جو وات ۽ نڪ ڪڇڻ: جنھن مهل ٻار جو جنم ٿيندو
آهي، ته ان وقت چيچ واري ڇلي يا منڊيءَ سان ٻار
جو وات ڪڇيو ويندو آهي، ته جيئن ٻار جو وات وڏو نه
ٿي سگهي. ناڙو موڙي ٻار جي نڪ تي ڪپڙو رکي ٻار جو
نڪ ڪڇبو آهي، ته جيئن ٻار جو نڪ وڏو نه ٿي سگهي.
ٻار جو لباس: نئين ڄاول ٻار کي وهنجاري پاؤڊر ۽
پرفيوم هڻي، ان کي اڇي رنگ جا ڪپڙا پھرايا ويندا
آهن.
ٻار جي پيدائش تي خوشيءَ جو اظهار: ٻار جي ڄمڻ جي
خوشيءَ جي اظهار ۾ عورتون گيت ۽ سھرا پڻ
ڳائينديون آهن. اوڏن ۾ وري نياڻيءَ جي ڄمڻ تي گيت
۽ سھرا ڳائڻ جو رواج بلڪل ناهي. ٻار ڄمڻ تي ڪي
اوڏ مٺائي ته ڪي وري پتاشا به ورهائيندا آهن.
سُوڙي چِي ڌوڪ: ٻار جي ڄمڻ تي اوڏ خيرات به ڪندا
آهن. جنھن ۾ مٽن مائٽن کي دعوت ڏني ويندي آهي. هن
خيرات ۾ ڇيلو ذبح ڪيو ويندو آهي ۽ ڇيلي جي گوشت
جون ننڍيون ٻوٽيون ٺاهي، چهنب واري لوهي سيخ
(سُوڙا) ۾ وجهي، لوڻ مرچ وجهي ان کي ٽانڊن تي
پچايو ويندو آهي. ان کان پوءِ دعوت تي آيل مردن کي
هيٺ پٽ تي رليون يا تڏو وغيره وڇائي ويھاريو ويندو
آهي. جتي ٻار جو پيءُ يا بزرگ شخص سڀني ماڻھن جي
اڳيان ويھي ٽانڊن تي پچايل ان سيخ مان گوشت جي
ٻوٽين منجهان ٿورو ٿورو پٽيندو هيٺ رکندو ويندو
آهي ۽ آخر ۾ پاڻيءَ سان ڀريل گلاس مٿان هاريو
ويندو آهي. اهڙي نموني هي ڌوڪ ڏني ويندي آهي. هن
ڌوڪ کي اوڏ ”سُوڙي چِي ڌوڪ“ چوندا آهن. هن ڌوڪ ڏيڻ
بعد آيل مھمانن جي ڇيلي جي ڀاڄيءَ سان خاطر تواضع
ڪئي ويندي آهي.
ٻار کي کٽ تي سمهارڻ کان اڳ ۾ کٽ کي ڌوڪ ڏيڻ: ڪن
اوڏن ۾ اهو به رواج آهي، ته جڏهن ٻار ڄمندو آهي،
ته پھريون ڀيرو ٻار کي کٽ تي سمھارڻ کان سچي گيھه
جي ڪُٽِي ٺاهي، کٽ جي پاون کي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف
ڪري سچي گيھه مان تيار ٿيل ڪُٽِيءَ سان کٽ کي ڌوڪ
ڏيندا آهن. ان کان علاوه چار ٿوڻيون کوڙي ڪپڙي يا
چادر کي چئن ٿوڻيين سان ٻڌي پينگهو ٺاهيو ويندو
آهي. ٻار کي هن پينگهي ۾ سمهارڻ کان اڳ، پينگهي کي
به ڪُٽِيءَ جي ڌوڪ ڏيندا آهن. ان کان سواءِ ٽئين
ڏينھن تي پٽاڻي اولاد جو نڪ به ٽوپيو ويندو آهي.
هي رواج راقم الحروف کي سانگهڙ جي ڀرپاسي ۾ ڏسڻ ۾
آيو.
سيسا: ٻار جي ڄمڻ بعد اوڏ سيسا ڪندا آهن. سيسا ۾
چانورن جو ڀت رڌبو آهي، اهو ڀت چانورن ۾ ڳڙ وجهي
مٺو ڀت (تاهري) تيار ڪيو ويندو آهي، ڪي اوڏ وري
چَهَرو ته ڪي اوڏ وري ڦڪو ڀت تيار ڪندا آهن. جڏهن
سيسا تيار ٿيندي آهي، ته پوءِ گهر ۾ موجود سمورا
مرد پٽ تي رليون يا تڏا وڇائي هيٺ ويهندا آهن.
تيار ٿيل ڀت جي پليٽ کڻي گھر جي وڏي شخص کي ڏبي
آهي، جيڪو ڀت جا ڪجھه ڪڻا چلھه ۾ وجهندو آهي ۽
ڪجھه ڪڻا پاڻي پيئڻ واري مٽ، دلي يا ڪولر ۾ وجهي
ڌوڪ ڏيندو آهي. هي ڌوڪ بادشاھ پير سان منسوب ڪري
ڏني ويندي آهي. ان مٽ، دلي يا ڪولر جو پاڻي پيئڻ
لائق هوندو آهي.
ڪار ڪڍڻ: ٻار جي ڄمڻ جي پھرئين ڏينھن کان وٺي ستن
ڏينھن تائين ”ڪار“ ڪڍي ويندي آهي. ”ڪار“ ڪڍڻ لاءِ
ڪنھن ٿانوَ يعني چؤنري، لوٽي يا جڳ ۾ پاڻي وجهي ان
۾ کنڊ يا ڳڙ وجهي ان کي پاڻيءَ ۾ ڳاريو ويندو آهي.
تنھن بعد گهر جو مرد ماڻھو هڪ ڇُرِي کڻندو آهي.
ڇُرِي پاسيري ڪري ان ڇُرِي جي مٿئين حصي تي پاڻي
هاريندو اڳتي هلندو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت پاڻيءَ
سان ليڪو ڪڍندو ويندو آهي، ان پاڻيءَ سان ڪڍيل
ليڪي کي اوڏ ”ڪار“ سڏيندا آهن. اها ڪار گهر جي
چوڌاري ڪڍي ويندي آهي. ڪار ان ڪري ڪڍي ويندي آهي،
ته جيئن ٻار ڊپ ۽ جن ڀوت کان محفوظ رهي سگهي يا
ائين کڻي چئجي، ته ڪار جو استعمال هڪ
Safety Wall
طور ڪيو ويندو آهي.
ڪَچَي ٺوڏ پاڻي: ٻار ڄمڻ جي ٽئين ڏينھن ڇٺيءَ جي
رسم ادا ڪئي ويندي آهي ۽ ٽئين ڏينھن کان اڳ ۾
جيڪڏهن نئون چنڊ بيھندو ته هي رسم ٽئين ڏينھن
بجاءِ چنڊ بيھڻ کان اڳ ۾ ادا ڪئي ويندي آهي.
اوڏن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نئين چنڊ بيھڻ جو خيال
نه رکيو ويو، ته ٻار به چنڊو يعني اڀاڳو ٿيندو.
ڇٺيءَ جي ڌوڪ ڏيڻ لاءِ مٽن مائٽن ۽ عزيزن کي دعوت
ڏني ويندي آهي، جيڪي ٻار لاءِ تحفا آڻيندا آهن، ته
ڪي وري ٻار کي خرچي به ڏيندا آهن، ته ڪي وري ٻار
ڄڻيندڙ عورت کي هار به پارائيندا آهن. ڪن اوڏن ۾
اهو به رواج آهي، ته ٻار جي ڄمڻ تي اوڙي پاڙي جا
مٽ مائٽ پنھنجي گهران اٽو ۽ ڪڻڪ آڻيندا آهن ۽ ڌوڪ
ڏيڻ وقت هڪ ٿالھه ۾ رکندا آهن. ان ٿالھه ۾ مبارڪي
جا پيسا به رکيا ويندا آهن. ڌوڪ ڏيڻ بعد ٿالھه ۾
موجود ڪڻڪ، اٽو ۽ پيسا ويم واري عورت جي خدمت ڪرڻ
واري دائيءَ کي دان ڪيا ويندا آهن. ٻار کي جنم
ڏيندڙ عورت کي ٻيون عورتون گڏجي وهنجارينديون آهن
۽ جنم وٺندڙ ٻار کي به وهنجاريو ويندو آهي. عورت
کي وهنجارڻ کانپوءِ ان جي وارن ۾ سڳي نه وڌي ويندي
۽ نه وري ڳت ڪئي ويندي آهي، مطلب ته وار کولي ڇڏبا
آهن. ڪڻڪ جو اَنُ پاڻيءَ ۾ پسايو ويندو آهي ۽ پوءِ
انھن کي پاڻيءَ سوڌو چلھه تي گرم ڪيو ويندو آهي.
ڪڻڪ جي داڻن کي گرم ڪرڻ بعد سئي ڌاڳي سان چار -
چار يا پنج - پنج داڻا پوئي ٻار جي ٻنھي ٽنگن،
ٻنھي ٻانھن ۽ ڳاٽي ۾ سنوڻ طور ٻڌا ويندا آهن. ان
کان پوءِ سيرو ۽ گُگهُرِيا (پاڻيءَ ۽ ڳڙ ۾ باھ تي
تيار ٿيل ڪڻڪ) رڌي ويندي آهي ۽ پوءِ پٽ تي تڏو يا
رليون وڇائي دلو ۽ مصري جو سڄو سنگ آندو ويندو
آهي. دلي تي سنوڻ طور سُرمي سان نئين ڄاول ٻار جي
شڪل ٺاهي ويندي آهي، جنھن لاءِ سُرمي سان هڪڙي سڌي
ليڪ ڪڍي ويندي آهي ۽ پوءِ ان ليڪ جي هيٺئين پاسي
ڇھه ليڪون ڪڍي ٻار جي شڪل ٺاهي ويندي آهي. ٽئين
ڏينھن تي دلي کي عورت جو پاتل سونو تعويذ يعني
پتلو ٻڌو ويندو آهي، جيڪو ڌوڪ ڌيڻ بعد دلي مان
ڇوڙي عورت واپس پائي ڇڏيندي آهي. هن سنوڻ کي اوڏ
ڪَچِي ڌوڪ سڏيندا آهن.
ان بعد ڌوڪ ڏيڻ لاءِ پليٽ ۾ رڌل سيرو آڻي ان مٿان
مصري جو سنگ اڀو ڪري رکيو ويندو آهي ۽ پوءِ سيري
مان واري واري سان ٽي گرھه کڻي مصريءَ جي سنگ جي
چوٽي تي رکيا ويندا آهن. تنھن بعد ديسي گيھه جا ٽي
ڦڙا مصريءَ جي سنگ مٿان هاريا ويندا آهن. مصريءَ
جي هن ڌوڪ کي اوڏ ”بيھِي چِي ڌوڪ“ سڏيندا آهن.
اهڙي طرح هن سموري عمل کي اوڏ ”ڪَچَي ٺوڏ پاڻي“
سڏيندا آهن.
آنکِيا جهِيرڻ: ان بعد ٻار کي جنم ڏيندڙ عورت ھيٺ
ويھندي آهي ۽ نئون ڄاول ٻار ان کي جھوليءَ ۾ ڏنو
ويندو آهي ۽ پوءِ ان جي هڪ هٿ جي تريءَ تي ٿورو
سُرمو رکي، تيل يا گيھه جا ڪجھه ڦڙا انھي سُرمي
۾ وجهي ٻنھي کي پاڻ ۾ ملايو ويندو آهي. ان کان
پوءِ ٻي عورت ان عورت جي وارن جي لٽي ٺاهيندي آهي
۽ ان کي گيھه يا تيل ملايل سُرمي ۾ لٽي ۾ ٻوڙيندي
آهي. تنھن کان پوءِ هڪ ٻي عورت وري ٻار جون اکيون
پٽيندي آهي ۽ ٻار جي اکين تي سُرمو پائڻ واري
نموني طور سرائيءَ وانگر ٽي ٽي ڀيرا ٻنھي اکين
مٿان ۽ ٽي - ٽي ڀيرا ٻنھي ڀرن مٿان لٽي گهمائي
سنوڻ ڪيو ويندو آهي. اوڏ هن سنوڻ کي”آنکِيا
جهِيرڻ“ چوندا آهن.
پَڪَي ٺوڏ پاڻي: ٻار ڄمڻ جي ستين ڏينھن تي به ڌوڪ
ڏني ويندي آهي. سڀ کان اول رات جي وقت ڪڻڪ کي
پاڻيءَ ۾ پسايو ويندو آهي ۽ صبح جي وقت چلھه تي
رکي رڌيو ويندو آهي، جنھن ۾ ديسي گيھه يا ڊالڊا
گيھه ۽ کنڊ يا ڳڙ وجهي تيار ڪيو ويندو آهي. اڄڪلھه
وري ڪڻڪ جو ان رڌڻ بجاءِ نُختي يعني بونديءَ جو به
استعمال ڪيو وڃي ٿو. عورت ۽ ٻار کي وهنجاري سرمو
وغيره پارايو ويندو آهي. مينهن يا ڳئون جو سڪل
ڇيڻو آڻي، ان مٿان ٻار جي ماءُ ڪڻڪ جي رڌل ان جا
ٽي ننڍا گرھ کڻي رکندي آهي ۽ پوءِ پاڻيءَ جي گلاس
مان هڪ هٿ پاڻي ۾ ٻوڙي اُن جو ڇنڊو هڻي ڌوڪ ڏني
ويندي آهي. ڌوڪ جي هن طريقي کي اوڏ”پَڪَي ٺوڏ
پاڻي“ سڏيندا آهن. اڄڪلھه ڪٿي ڪٿي اوڏن ۾ اهو به
ڏٺو ويو آهي، ته ٽئين ڏينھن واري ڌوڪ”ڪَچَي ٺوڏ
پاڻي“ ۽ ستين ڏينھن واري ڌوڪ”پَڪَي ٺوڏ پاڻي“ کي
گڏائي هڪ ئي وقت ٽئين ڏينھن تي به ڏني ويندي آهي.
ان سان گڏوگڏ ”ڪار“ به نه ڪڍي ويندي آهي. چلو وري
ستين ڏينھن تي ختم ڪيو وڃي ٿو.
ڇِلا: اوڏن ۾ ڇلو چاليھه ڏينھن هوندو آهي، ان
دوران ويم واري عورت کي ڪنھن به درگاھه، مندر يا
قبرستان تي وڃڻ منع هوندو آهي. جيڪڏهن ڇلي دوران
ساڳئي گهر ۾ قضيو ٿي پوندو آهي، ته ڇلي ختم ٿيڻ
تائين ويم واري عورت جي رهائش ڪنھن ٻئي مٽ مائٽ جي
گهر ۾ ڪئي ويندي آهي ڇو ته، بقول اوڏن جي ٻئي ڇلا
ساڳئي گهر ۾ هئڻ بدسنوڻ تصور ڪيو ويندو آهي. ٻار
جي ڀرن تي سُرمي سان سرائي ڀري ستن ڏينھن تائين
ليڪا ڪڍيا ويندا آهن، ته جيئن ڀرون جلدي چٽا ٿين ۽
گهاٽا پيدا ٿين. اوڏن جو خيال آهي ته، جيڪڏھن ڀرن
تي ستن ڏينھن کان وڌيڪ ليڪا ڪڍيا ويا ته ٻار جي
مامن تي وزن پوندو يعني ٻار جي مامن کي نقصان
رسندو. ان کان علاوه مھيني ڏيڍ تائين ٻار جي کاڏي،
ٻنھي ڳٽن، نڪ هيٺان، ۽ ٻنھي ڀرن جي وچ تي سرمي سان
سرائي ڀري ٽڪا ڪڍيا ويندا آهن.
ان کان علاوه چاليھن ڏينھن تائين ٻار جي ٽنگن،
ٻانھن، نڪ، ڪن ۽ مٿي کي آڍيو ويندو آهي. چاليھن
ڏينھن تائين عورت کي کاڌي ۾ سچو گيھه، ڪڻڪ جي ڏاري
جي رٻ، اڇو ڀت، ڪارن مرچن ۾ مڱن جي دال، ڇيلي جو
گوشت، ڇيلي جي منڍي، اوجهري وغيره کائڻ لاءِ ڏني
ويندي آهي. چلي دوران عورت کي ٻُھاري ڏيڻ ۽ وزن
کڻڻ منع هوندو آهي. عورت کي دائي سڌو ڪري سمھاري
ان مٿان رلي وجهي پندرهن کان ويھن منٽن تائين پيٽ
مٿان گهرٽي، روھي يا وزن رکندي آهي، ته جيئن عورت
جو پيٽ وڌي يا وڏو نه ٿي سگهي. هي عمل ست ڏينھن
ڪيو ويندو آهي. ست ڏينھن عورت کي رڌ پچاءُ ڪرڻ کان
منع ٿيل هوندي آهي، اوڏن جي چوڻ مطابق، ته جيڪڏهن
ستن ڏينھن دوران عورت رڌپچاءَ ڪندي ته اهو کاڌو
کائڻ حرام آهي. ڇلي دوران گهر جي ڪنھن به ڀاتيءَ
کي باھه ۾ پاڻي وجهڻ يا پاڻيءَ سان باھه وسائڻ ۽
دُکيل ڪاٺي تي به پاڻي هارڻ منع هوندو آهي، جيڪڏهن
باھ ۾ پاڻي وڌو ويو يا پاڻيءَ سان باھه وسائي وئي
ته ٻار پچي پوندو ۽ ان کي ڦوڦينڊا نڪرندا.
دُڪو: مصري، جنوَهر ٽڪيون ۽ ننڍا ڦوٽا گهوٽي پاؤڊر
ڪري ڇاڻيو ويندو آهي. ان پاؤڊر ۾ مکڻ ملائي ٻار کي
روزانو صبح جي وقت کارايو ويندو آهي، جنھن کي اوڏ
”دُڪا“ سڏيندا آهن. اوڏن ۾ ماءُ جي ٿڃ پيئارڻ سان
گڏ دُڪو ڏيڻ جو به رواج آهي.
ٽِنگ: ويم بعد ٽن ڏينھن تائين دالچيني، کؤنر،
مصري، ڏونگهي، رو قمر ڪش ۽ ننڍن ڦوٽن کي سچي گيھه
۾ ڀڃي ويم واري عورت کي طاقت ۽ بت ۾ سور کان بچاءُ
طور کارايو ويندو آهي، هن کي اوڏ ”ٽِنگ“ چوندا
آهن.
ٻار جو نالو رکڻ: ٻار جو نالو پھرئين ڏينھن تي به
رکيو ويندو آهي ته بعد ۾ به رکيو ويندو آهي. ٻار
جو نالو سندس ماءُ، پيءُ، چاچو، مامو، ماسي وغيره
يعني ٻار جا ويجها مٽ مائٽ رکندا آهي.
سُوڙا: هي هڪ اهڙي لوهي سيخ جي بناوت هوندي آهي،
جنھن جي هڪ پاسي چھنب ٺھيل هوندي آهي ۽ ٻئي پاسي
وري سيخ کي ورائي منڊيءَ جي شڪل جيان گول ورايو
ويندو آهي. اهڙي لوهي سيخ کي اوڏ ”سُوڙا“ سڏيندا
آهن. هي ”سُوڙا“ لوهار کان پنھنجي مرضيءَ موجب
ٺھرايو ويندو آهي. هن جو استعمال ”سُوڙي چِي
ڪِرڪَ“ جي ڌوڪ ڏيڻ لاءِ ۽ نئين ڄاول ٻار کي جڏهن
کٽ تي سمھاريو ويندو آهي، ته ان جي سيرانديءَ کان
رکيو ويندو آهي. ٻار جي سيراندي واري پاسي کان
منھن رکڻِي رکي ٻار جي مٿي جي پٺئين پاسي مٿو رکيو
ويندو آهي، ته جيئن ٻار جو مٿو ٽِڪيل رهي. ان سان
گڏوگڏ ٻار جي سيرانديءَ واري پاسي کان”سُوڙو“ کٽ
جي واڻ ۾ ڦاسائي اڀو ڪري بيھاريو ويندو آهي، يعني
چھنب وارو پاسو هيٺ زمين يا فرش تي هوندو آهي ۽
مٿيون حصو منڊيءَ جي گولائي وارو پاسو مٿي هوندو
آهي. سُوڙي مٿان اڇي چادر يا ڪپڙي سان ٻار کي ڍڪيو
ويندو آهي. اڇي ڪپڙي يا چادر کي سُوڙي مٿان رکي
ٻار جي پيرانديءَ تائين ڍڪيو ويندو آهي. سُوڙي جو
استعمال ٻار جي ڄمڻ جي پھرئين ڏينھن کان ڪرڻ لازمي
سمجهيو ويندو آهي. اوڏن جي بقول ته سُوڙي جو
استعمال جن ڀوت ۽ ڇرڪ ڀرڻ کان ٻار کي بچاءُ طور
ڪيو ويندو آهي ڇو ته، جن ڀوت ڇلي دوران ٻار تي وار
ڪري نقصان رسائي سگهي ٿو. ڪي اوڏ وري سُوڙي جي
بجاءِ لوهي سيخ يا رنبيءَ جو به استعمال ڪندا آهن.
منھن رکڻي: نئين ڄاول ٻار کي جنھن کٽ تي سمھاريو
ويندو آهي، ان جي سيرانديءَ کان ’منھن رکڻي‘ رکي
ويندي آهي ۽ مٿي هيٺان ’تڏي‘ ڏني ويندي آهي. منھن
رکڻي ان ڪري رکي ويندي آهي، ته جيئن ٻار جو مٿو
ويهي سگهي ۽ ڊگهو نه ٿئي. منھن رکڻي ويم کان ڪجھه
وقت پھرين ٺاهي ويندي آهي. منھن رکڻي ٺاهڻ لاءِ
مٽي پسائي آلي ڪئي ويندي آهي، جنھن مان وڏو پنوڙو
ٺاهي ان کي ليٽيٽيوڊ نموني جي شڪل ڏئي ليپو ڏنو
ويندو آهي، جنھن جي وچ ۾ ٻه ڪاٺيون اڀيون ڪري
کوڙيون وينديون آهن. منھن رکڻي جڏهن ٺھي تيار
ٿيندي آهي ته پوءِ ان کي اس ۾ سڪڻ لاءِ رکيو ويندو
آهي.ھن کي مٿير بي سڏجي ٿو.
جِهنڊِ: اوڏن ۾ ٻار جي جِهنڊِ مختلف سنوڻن ساٺن
سان لاهڻ جو رواج آهي. ڪي اوڏ ڏهين پندرهين ڏينھن
جِهنڊِ لاهن، ته ڪي وري چاليھن ڏينھن بعد جِهنڊِ
لاهن. ڪي اوڏ وري ڪجھه ڏينھن ۾ ئي جِهنڊِ لاهيو
ڇڏين، سندن چوڻ آهي ته جيترو جلدي جِهنڊِ لاهبي،
اوترو ٻار نقصان کان بچيل رهندو، يعني جن ڀوت جي
سايي کان پري رهندو. جِهنڊِ لاهڻ دوران عورتون وري
سھرا ۽ ڳيچ پڻ ڳائينديون آهن. جِهنڊِ هميشه ٻار جو
مامو لاھيندو آهي. جِهنڊِ لاهڻ لاءِ اوڙي پاڙي جي
مٽن مائٽن کي به دعوت ڏني ويندي آهي. جِهنڊِ لاهڻ
جي موقعي تي جڏهن سمورا مھمان گڏ ٿيندا آهن، ته
ڪنڊيءَ جي وڻ جي ٽاري آڻي، زمين تي اُڀي ڪري کوڙي
ويندي آهي ۽ ان سان گڏ مينهن يا ڳئون جو هڪ سڪل
ڇيڻو دُکائي، ڪنڊيءَ جي اڀي کوڙيل ٽاريءَ ڀرسان
رکيو ويندو آهي. مھمانن کي پٽ تي ويھڻ لاءِ
رليون يا تڏا وغيره وڇائي ويھاريو ويندو آهي. ان
بعد ٻار جو مامو اچي ڪينچيءَ سان ٻار جي چوٽِي ڪٽي
ڪنڊيءَ جِي ٽاريءَ ڀرسان رکندو آهي ۽ پوءِ بزرگ
شخص يا گهر جو وڏو ماڻھو سچي گيھه مان ٺھيل
ڪُٽِيءَ جا ٽي گرھ ڪنڊيءَ ڀرسان رکي، ان مٿان
پاڻيءَ جو گلاس هاري ڌوڪ ڏيندو آهي. ڪي اوڏ وري
سچي گيھه ۾ ڪُٽِيءَ بجاءِ ڇيلي جي گوشت جِي ڌوڪ
ڏيندا آهن. ڌوڪ ڏيڻ بعد اها ڪُٽِي مھمانن کي کائڻ
لاءِ ورهائي ڏني ويندي آهي. اوڏ مختلف پيرن
اوليائن تي به جهِنڊ باسيندا آهن، جيڪا دهلن دمامن
۽ ڳيچن سان پيرن ۽ اوليائن تي لاهيندا آهن. ڪن
اوڏن ۾ وري جهِنڊ لاهڻ سان گڏ پير ۽ اولياءَ جي
نالي تي خيرات به ڪندا آهن. ڪي اوڏ وري تڪڙي جهِنڊ
لاهيندا آهن ۽ انھيءَ کي سنڀالي رکندا آهن، پوءِ
اهي پنھنجي مرضيءَ موجب، اها جهِنڊ ڪپڙي جي هڪ
ڳوٿري ٺاهي، سبي ڀرت ڀري ٺاهيندا آهن، جنھن ۾
جهِنڊ وجهي پير ۽ اولياءَ تي وڃي جهِنڊ واري ڀرت
ڀريل ڳوٿري ٽنگي ايندا آهن.
جهِنڊِ جي حوالي سان ڪن اوڏن ۾ اهو به رواج ڏٺو
ويو آهي، ته جيستائين ٻار جي جهِنڊ نه لاٿِي ويندي
آهي، تيستائين ٻار جي ماءُ ۽ پيءُ کي هٿن ۽ پيرن
وغيره تي ميندي لڳائڻ جي منع ٿيل هوندي آهي. ڪي
اوڏ وري پيرن اوليائن تي جهِنڊِ جي باس به
باسيندا آهن، جيڪي ٻار جي پيدائش بعد پيرن اوليائن
تي جهِنڊِ لاهيندا آهن. ان کان سواءِ ڪي اوڏ وري
ٿانَ (اوڏن جي اٽڪل هر ذات ۾ ڪنھن خاص خاندان وٽ
صدين کان نسل در نسل منتقل ٿيندڙ صندوق ۾ پيل
پويتر مورتيون ) تي جهِنڊِ لاهيندا آهن.
ٻِٽَ ڏيڻ: جڏهن ڪنھن گهر ۾ عورت جو ويم ٿيندو آهي
۽ ان گهر ۾ ڪا ڳورهاري عورت ويندي آهي، ته اها
ڳورهاري عورت پنھنجي وات مان پِڪَ ڪڍي ٻار جي وات
۾ وجهندي آهي ۽ پوءِ اها ڳورهاري عورت جهولي جھلي
بيهندي آهي ۽ پوءِ ٻار ڄڻيندڙ عورت ڏونگهي، جيرو ۽
ٻه نباتون جھوليءَ ۾ لازمي وجهندي آهي. اوڏ
برادريءَ ۾ هن عمل کي ڳورهاري عورت ۽ ٻار ڄڻيندڙ
ٻنھيءَ لاءِ سٺو سنوڻ سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ائين
نه ڪيو ويو، ته ٻنھي عورتن لاءِ بدسنوڻ سمجهيو
ويندو آهي. هن سوڻ کي اوڏ”ٻِٽَ“ سڏيندا آهن.
ٻاڙ ڊُونڍڻ: هيءُ رسم هوليءَ جي تهوار تي ادا ڪئي
ويندي آهي. ٻار کي وهنجاري ڳاڙهي رنگ جو نئون وڳو
پارايو ويندو آهي ۽ مٿو وري ڳاڙهي رومال سان ڍڪيو
ويندو آهي. جڏهن هوليءَ جي تهوار جو مچ ٻاريو
ويندو آهي ۽ اوڏ مچ ٻاهران ست ڀيرا ڦيرا ڏئي بس
ڪندا آهن، ته پوءِ هڪ ٿالھه آڻي ان ۾ گيھه ۾ تريل
ست مانيون (جنھن کي اوڏ ”سيواڻيان“ سڏيندا آهن)،
ست کارڪون ۽ هڪ سڄو ناريل يعني ٻه کوپا رکيا ويندا
آهن ۽ ڪجهه پئسا ٻار جي پير هيٺان رکيا ويندا آهن.
غير شادي شده نياڻي يا غير شادي شده ڇوڪري جي مٿي
تي اهو ٿالھه رکيو ويندو آهي ۽ ٻار کيس ڪڇ ۾ کڻڻ
لاءِ ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه ست ڪاٺيءَ جا
ڏاڪا ٺاهي انھن کي ڳاڙهو رنگ ڏنو ويندو آهي. نياڻي
يا ڇوڪرو اهو ٿالھه ۽ ڪڇ ۾ ٻار کڻي مچ تي ويندي
آهي ۽ ٻيا ننڍا ڇوڪرا وري اهي ڏاڪا وڄائيندا
هلندا آهن. ٿالھه گهر جو بزرگ شخص وٺي سيواڻِيَن،
ناريل کارڪن مان ٿورو ٿورو ڀڃي انھيءَ مچ ٻاهران
رکندو آهي ۽ پوءِ پاڻيءَ سان ڀريل گلاس مان پاڻي
ٻڪ ۾ جهلي پٺيان بيٺل ماڻھن تي ڇنڊو هڻي ڌوڪ
ڏيندو آهي. ان کان پوءِ باقي بچيل سيواڻِيُون،
ناريل، کارڪون ۽ ڏوڪڙ ٿالھه کڻي ايندڙ نياڻي يا
ڇوڪري کي دان ڪيا ويندا آهن. اوڏن جي ڪيترين ذاتين
منجهان صرف ”نَگِيا“ ذات جي ماڻھن ۾ هي ڊُونڍڻ
جي رسم ۽ ساٺ سنوڻ ڪرڻ جو رواج بلڪل به نه آهي.
ٻار جي ڏند نڪرڻ جي رسم: ٻار کي جڏهن مٿيان ٻه ڏند
نڪرندا آهن، ته ٻار جو مامو ٻار کي مٺائيءَ جو وٽو
ڀري لازمي ڏيندو آهي.
ٻار جي بيمار رهڻ کان بچڻ لاءِ سنوڻ: نئين ڄاول
ٻار جي مسلسل بيمار رهڻ کان بچڻ لاءِ سنوڻ ساٺ طور
اڪ جي وڻ جِي آلِي ڪاٺِي آڻي، ان کي ٻار جي قد
برار ماپي ڪمري جي ڇت، سَرڪِي (پن مان ٺھيل پکو)
يا مَنَھَه مٿان اڇلي ڇڏبي آهي. اوڏن جي چوڻ
مطابق، ته اڪ جي آلي ڪاٺي سُڪڻ سان ٻار چڱو ڀلو
ٿيندو.
ٻار جو پھريون ڀيرو گهر کان ٻاهر نڪرڻ: پھريون
ڀيرو دوا درمل يا ٻئي ڪنھن سبب جي ڪري ٻار گهر کان
ٻاهر نڪرندو آهي، ته ان لاءِ هڪ سنوڻ ڪيو ويندو
آهي، جنھن ۾ ٻار جي ماءُ ٽي ننڍا ڀتر کڻندي آهي ۽
واري واري سان هڪ هڪ ڀتر ڪري ٻار جي مٿان ٽي ڀيرا
ڦيريندي چوندي آهي ته:” راهِين جاهِين جهنگ ۾،
منھنجو ٻچو هنج ۾“ چئي اهو ڀتر پٺئين پاسي پوئتي
اڇليندي آهي ۽ اهڙي ريت ٽي ڀتر اڇلايا ويندا آهن،
جنھن ۾ آخري ڀتر گهر جي دروازي تي بيهي اڇلايو
ويندو آهي.
ٻار جي چوٽيءَ تي تيل جو مک ڏيڻ: ڇلي دوران ٻار
ڪنھن ٻئي گهر ۾ کڻي وڃبو آهي، ته انھيءَ گهر جي
عورت ساڄي هٿ جي تريءَ تي تيل هاري ٻار جي چوٽيءَ
تي مَکُ ڏيندي آهي. اوڏن جو چوڻ آهي، ته ائين ڪرڻ
سان انھيءَ گهر ۾ ڪوئا پيدا نه ٿيندا.
ڏانوَڻ ٽُڪڻ: ٻار جڏهن وِکون کڻي پنڌ ڪرڻ جھڙو
ٿيندو آهي، پر هلڻ دوران ڌڪو کائيندو آهي يا
ٿاٻڙجي پوندو آهي، ته ان کان بچڻ لاءِ هڪ مخصوص
قسم جو سنوڻ ڪيو ويندو آهي. (ياد رهي ته هي سنوڻ
هر ٻار تي نه ڪيو ويندو آهي). ان سنوڻ لاءِ ٻار جو
پيءُ ٻار جي ٻنھي ڄنگهن ۾ نوڙي سان يا سائي گاھه
سان ڏانوڻ ٺاهي ٻنھي ڄنگهن ۾ هٿڪڙي جيان ٽوڙهو
وجهندو آهي. ان کان پوءِ ٻار کي جڏهن پنڌ ڪرڻ
لاءِ چيو ويندو آهي ۽ پيءُ وري ٻار جي ماءُ کي
چوندو آهي ته :” ڏانوڻ ٽُڪين“ يعني”ڏانوڻ وڍيان“
ته ٻار جي ماءُ وري ورندي ڏيندي چوندي آهي
ته:”ٽُڪ“ يعني ”وڍ“ ته پيءُ ڪئنچيءَ سان ڏانوڻ
وڍيندو ويندو آهي. هن سنوڻ کي اوڏ”ڏانوَڻ ٽُڪڻ“
سڏيندا آهن.
موٽِي ڇٺِي: اوڏ ٻار جو عقيقو چاليھن ڏينھن بعد
ڪندا آهن. عقيقي کي اوڏ”موٽِي ڇَٺِي“ يعني وڏي ڇٺي
سڏيندا آهن. اڪثر ڪري ٻار جي پنڌ هلڻ بعد عقيقو
ڪندا آهن. عقيقي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مٽن مائٽن ۽
عزيزن کي دعوت ڏني ويندي آهي. ٻار جي هٿن تي ميندي
لڳائي ويندي آهي ميندي لڳائڻ وقت عورتون گيت ۽
سھرا به چونديون آهن. ان کانپوءِ ٻار کي وهنجاري
سھنجاري اڇي رنگ جا نوان ڪپڙا پھرائي تيار ڪيو
ويندو آهي. عقيقي جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ مٽ مائٽ
۽ عزيز پئسن ۽ گلن جا هار به پارائيندا آهن. دهل ۽
شرنائين تي رقص سان گڏ هو جمالو به ڳائيندا آهن.
آيل مھمانن پاران ڇنو به ڏيڻ جو رواج آهي. پنھنجي
حيثيت آهر جڏهن سڀئي مٽ مائٽ گڏ ٿيندا آهن، آيل
مھمانن کي هيٺ پٽ تي گلم، چادر يا رليون وڇائي
ويهاريو ويندو آهي. ان کان پوءِ عقيقو ڪندڙ گهر جو
وڏو مرد يا بزرگ شخص سڀني جي اڳيان اڪيلو ٿي
ويھندو آهي ۽ پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۽ ٿالھيءَ ۾ ڳڙ
وجهي اڳيان رکيو ويندو آهي. تنھن بعد اهو شخص ڳڙ
ڀڃي ان جا ٽي ننڍا ٽڪرا ڪڍي هيٺ زمين تي رکندو آهي
۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري هٿ جوڙي ٽي ڀيرا هيٺ مٿي ڪري
آشيرواد حاصل ڪندو آهي. ان بعد پاڻيءَ سان ڀريل
گلاس مان ڪجھه پاڻي ٻئي هٿ ۾ وجهي پٺيان ويٺل
ماڻھن ڏانھن پوئتي هٿ ڪري ڇنڊو هڻندو آهي. اهڙيءَ
ريت هي ڌوڪ ڏني ويندي آهي. هن ڌوڪ کي گوسائين
يعني ”گڻيش خدا جي ڌوڪ“ چئجي ٿو.
ٻار نه بچڻ جو سنوڻ: جيڪڏهن ڪنھن عورت جو ٻار پيدا
ٿيڻ بعد مري ويندو آهي يا مئل ٻار پيدا ٿيندو آهي،
ته ان لاءِ هي سنوڻ ڪيو ويندو آهي.
ٻار نه بچڻ جي صورت ۾ اميدواري عورت جو وڏو ڀاءُ
يا ساڳي ذات وارو ڪو به شخص ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوهي
سيخ ملاحن کان وٺي، لوهار کي ڪڙي ٺهرائڻ لاءِ
ڏيندو آهي. ڪڙيءَ ۾ 9 ڇلا به وڌا ويندا آهن، جيڪي
هر صفر مھيني تبديل ڪري نوان ڇلا ڪڙيءَ ۾ وڌا
ويندا آهن. ڇلن جي نڪرڻ ۽ گم ٿيڻ جي صورت ۾ به صفر
مھيني ۾ نوان ڇلا وٺي ڪڙيءَ ۾ وڌا ويندا آهن.
جنھن ڏينھن عورت جو ڀاءُ لوهار کان تيار ٿيل ڪڙي
کڻڻ لاءِ ويندو آهي، ته ان ڏينھن عورت ۽ ان جي
ڀاءُ کي اناج کائڻ کان منع هوندي آهي، يعني ورت
رکيو ويندو آهي. جڏهن عورت جو ڀاءُ لوهار کان تيار
ٿيل ڪڙي کڻي واپس عورت وٽ ايندو آهي، ته عورت ساڄي
پير جي مُريي ۾ ڪڙي پائيندي آهي. تنھن کان پوءِ
عورت سچي گيھه ۾ بُسرِي پچائيندي آهي ۽ پوءِ ٻئي
گڏجي کائيندا آهن. جيڪڏهن ڪنھن عورت جو وڏو ڀاءُ
نه هوندو آهي ته پوءِ عورت جو چاچو، مامو ۽ پيءُ
ڪڙي ٺهرائي ڏيندو آهي. هي ڪڙي عورت کي سڄي زندگي
پائڻي هوندي آهي. جڏهن عورت گذاري ويندي آهي، ته
ڪڙيءَ کي عورت جي قبر مٿان رکيو.
صعيم علي ٿيلهار

”شاهه
لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“
مقالي جو
مختصر
جائزو
شاهه لطيف جي رسالي کي پھريون
ڀيرو جرمنيءَ جي هڪ عالم ارنيسٽ ٽرومپ 1866ع
۾ شايع ڪرائي، دنيا وارن جي سامھون
هڪ انمول وٿ پيش ڪئي. شاهه لطيف جي ڪلام تي پھرين
پي.ايڇ.ڊي
ڪندڙ ايڇ ٽي سورلي جنھن شاهه لطيف جي دور جي مختلف
رخن کي وڏي مھارت
سان بيان ڪندي، آفاقي شاعريءَ
جا محرڪ ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان پوءِ ڏيھي
توڙي پرڏيھي
عالم شارحن، پنھنجي پنھنجي عقل ۽ سمجهه
آهر لطيف سرڪار جي ڪلام مان جزوي طور موضوعن جي
ڇنڊڇاڻ ڪندا رهن ٿا. شاهه لطيف جي ڪلام جي مختلف
پاسن تي لکيل مقالن منجهان هڪ مقالو ”شاهه لطيف
جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ پڻ وڏي اهميت جو حامل
آهي. ڄاڻايل موضوع تي ڊاڪٽر فھميدہ حسين پي.ايڇ.ڊي
جو مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي
جي ڊگري 1992ع ۾ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر فھميدہ حسين هن
مقالي کان پھرين
ڪيترائي مضمون پڻ لکي چڪي آهي، ڊاڪٽر فھميدہ جي
بقول ته
”عورت کي ادب ۾ بيان ڪرڻ وارا سڀ مرد هئا،
جيڪي عورت جي ڏک، درد ۽ احساس کي پيش ڪرڻ ۾ اهو حق
ادا نه
ٿي ڪري سگهيا.“
هي مقالو شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
طرفان سال 1993ع ۾ شايع ٿيو، هن مقالي ۾ ڪل ڇھه
باب ڄاڻايا ويا آهن. هن مقالي جو مھاڳ
ڊاڪٽر فھميدہ جو لکيل ملي ٿو ۽ ارپنا پنھنجي والد
۽ پنھنجي جيون ساٿي جي نالي ڪيل آهي.
ٿيسز جي بابن جا موضوع هن ريت ڄاڻايل آهن:
باب پھريون:
عورت،
باب ٻيو: شاعري،
باب ٽيون: شاهه عبداللطيف،
باب چوٿون: شاهه جون سورميون،
باب پنجون: ٻين ڪجهه
سُرن
۾ عورت جو ڪردار،
باب ڇھون:
شاهه جو پيش ڪيل عورت جو روپ
انساني ارتقا جا نظريا بيان ڪندي، ڊاڪٽر فھميدہ
حسين ڊارون جي نظريي جي وڌيڪ تشريح بيان ڪئي آهي.
جيوت جي بنيادي مرحلن کان ويندي انسانَ جي سھڻي
صورت تائين سڄي ارتقا کي جامع انداز ۾ بيان ڪيو
اٿس. ان بحث دوران مرد ۽ عورت جي جسماني بناوٽ ۾
ڪي بنيادي تفاوت پڻ آهن. انھن
منجهان چند هيٺ بيان ڪجن ٿا.
(1)
عورت جو دماغ مرد جي دماغ کان ڏهه سيڪڙو ننڍو ٿئي
ٿو،
(2)
عورت جي کوپڙي مرد کان ڊگھي ٿئي ٿي،
(3)
عورت جو قد بت ۽ هڏ ڪاٺ مرد کان گھٽ ٿئي ٿو،
(4)
عورت کان مرد جا آڱوٺا ڊگها ٿين ٿا.
انسان ( مرد ۽ عورت ) پنھنجي فطري گهرجن سبب ٻين
جانورن جي ڀيٽ ۾ هڪٻئي سان وڌيڪ ويجها رهن ٿا ۽ ان
ريت جوڙو يا جوڙي وجود ۾ آيو. جڏهن انسان اڃان
ترقي نه ڪئي هئي ته مرد شڪار جي لاءِ ٻاهر نڪري
ويندو هو ۽ عورت گهر ۽ ٻارن جي سنڀال رکندي هئي،
ائين آهستي آهستي عورت گهر ۽ ٻارن جي ڪم لاءِ
محدود ٿي وئي ۽ مرد فطرت ۽ ماحول جي آبھوا
سان پنھنجي طبيعت کي هم آهنگ ڪندي مضبوط ۽ دلير
ٿيندو ويو. مذهبي توڻي سائنسي ڪتابن ۾ جتي جتي لفظ
انسان يا ماڻھو،
انسان ذات لاءِ ڪتب آندو ويو آهي، ان لفظ جي مذڪر
هئڻ سبب اها غلط فھمي پيدا
ٿي
ته اهو صرف مرد جي لاءِ استعمال ٿيل آهي، جنھن سان
عورت جي ڪمتري ۽ مرد جي برتريءَ کي پڻ ثابت ڪيو
ويو.
انساني زندگيءَ جي شروعاتي دورن ۾ مرد ۽ عورت ساڳي
حيثيت، اهميت ۽ مرتبو رکندڙ هئا. پوءِ ڪن دورن ۾
حياتياتي ارتقائي ضرورتن تحت عورت کي ڪجهه وقت
لاءِ محدود رهڻو پيو، پوءِ اها روايت پئجي وئي ته
عورت پنھنجي گهر يا پناهه گاهه ۾ رهي، ائين مرد
ٻاهريان ڪم سنڀالي مضبوط ۽ جسماني سگهه حاصل ڪري
پاڻ کي اتم سمجهڻ لڳو.
لائق محققه مقالي جي ٻئي باب ۾ شاعري جي وصف کي
مختلف ٻولين ۽ ناميارن ليکڪن جي حوالن سان ثابت
ڪيو اٿس، جنھن ۾ خدا جي قدرتي نظارن کان متاثر
ٿيڻ، دنياوي ڪمن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ خوشيءَ جي
اظھار طور ڪجهه لفظ سر ۽ لئه سان جھونگارڻ، پنھنجي
جذبن ۽ احساسن کي اظھارڻ ۽ غم تڪليف کي بيان ڪيو
وڃي ٿو.
سنڌي شاعريءَ جي شروعات کي ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي
ڳاهن کي به بيان ڪيو اٿس، ان دوران سومرن جي دور
جون مشھور ڳاهون ۽ بيت پڻ حوالي طور پيش ڪيا اٿس.
لائق محققه ساڳئي باب جي ٻئي ذيلي عنوان ۾ لوڪ ادب
جي وصف ۽ ڪارج کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن
منجهان مدلل انداز سان بيان ڪيو آهي. لوڪ ادب جون
نثري توڙي نظمي صنفون عورت سان ئي منسوب ٿيل آهن،
رات جو گھر جون وڏڙيون پنھنجي ٻارن کي لوڪ آکاڻيون
ٻڌائي ننڊ ڪرائينديون هيون، لوڪ گيت، لاڏا، سھرا،
همرچو، پنھنجي ٻارن کي لولي ڏيڻ ۽ ٻيون لوڪ ادب
جون صنفون پڻ عورتن جي ايجاد آهن، جنھن مان ثابت
ٿو ٿئي ته هڪ به ڳالھه
يا بيت وغيره کي عورت ئي مھارت
سان بيان ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ انداز رکي ٿي. جيڪڏهن ڪي
لوڪ گيت مرد جا چيل آهن ته به اهي عورت جي واتان
چيل محسوس ٿين ٿا، مرد شاعر پاڻ کي عورت جي ڪردار
۾ لڪائي اظھاريو آهي. شاهه لطيف ۽ سگھڙ شاعرن،
عورت کي عاشق بڻائي پنھنجا اُڌما
۽ اُمنگ
ظاهر ڪيا آهن. سنڌ جو مشھور لوڪ گيت ”هو جمالو“
مرد ڳائيندا آهن.
جيڪڏهن ”هو جمالو“ لوڪ گيت جي لفظن تي غور و فڪر
ڪبو،
ته اهي لفظ عورت واتان چيل محسوس ٿيندا. محققه
پنھنجي مقالي ۾ ڪيترائي لوڪ گيت حوالي طور پيش
ڪندي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ادب جي بنياد ۾ عورت جو
وڏو ڪردار رهيو آهي.
سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف کان اڳ عورت کي
مرڪزي حيثيت حاصل هئي، ان موضوع کي شاهه لطيف عروج
بخشيو آهي. لائق محققه، اساسي ۽ ڪلاسيڪي لفظن
کي جامع انداز سان سلجھائي ان جا پھلو چٽا ڪيا
آهن. سنڌي شاعري ۾ بنيادي حيثيت جو حامل شاعر قاضي
قادن جا پڻ ڪيترائي بيت عورت بابت چيل آهن، جن ۾
سھڻي ۽ سسئي کي پيش ڪيو اٿس. سنڌي شاعريءَ جو
وهائو تارو،
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
واري سنڌ جي مشھور
رومانوي داستانن سسئي پنھون،
عمر مارئي، مومل راڻو، ليلان چنيسر ۽ سھڻي
ميھار
جي ڪردارن ذريعي پنھنجو فلسفو بيان ڪيو آهي. ان
کان علاوه شاهه لطف الله قادريءَ، ميون شاهه عنات،
ميون عيسو ۽ ٻين شاهه لطيف کان اڳ سنڌي ڪلاسيڪي
شاعريءَ ۾ عورت جي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪيو آهي.
ڊاڪٽر فھميده حسين باب چوٿين ۾ شاهه لطيف جي ستن
ئي سورمين جي ڪردار ۽ ان دور جي سياسي، مذهبي،
سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي دليلن سان چٽو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي.
ان دور ۽ اڳ وارن دورن ۾ عورت جي عزت ۽ وقار کي
نندڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،
ان ڪري شاهه لطيف پنھنجي ستن سورمين جي ڪردارن
وسيلي سماج جي مادي توڙي روحاني پھلوئن کي بيان
ڪري عورت جي عظمت کي معراج تي پھچايو
آهي. لائق محققه هر هڪ سورميءَ جي ڪھاڻيءَ
کي تاريخ جي پراڻن ورقن منجهان ڳولھي
انھن
جي سائنسي طور ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي آهي،
جنھن سان ڪيترائي ادبي ۽ تاريخي مونجهارا ختم ٿين
ٿا. لائق محققه هن باب ۾ لطيف سرڪار جا ڪيترائي
بيت موقعي ۽ مناسبت سان ڪتب آندا آهن.
هي باب مفصل انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، جنھن ۾
ڪيترائي عنوان بحث هيٺ آندا ويا آهن. باب پنجين ۾
ستن سورمين کان علاوه سموري رسالي ۾ ٻين عورت
ڪردارن کي يڪجاءِ ڪيو ويو آهي انھن
عورت ڪردارن لاءِ هيٺان موضوع ڄاڻايا ويا آهن.
(1)
سُر
کنڀات،
(2)
سُر
سارنگ ۾ عورت،
(3)
سُر
سامونڊي جون وڻجاريون،
(4)
سُر
ڪاپائتيءَ جون ڪتڻ واريون ڪاپائتيون،
(5)
سر ڪيڏاري جون بھادر
عورتون،
(6)
موکيءَ جو ڪردار.
شاهه لطيف سر کنڀات ۾ مجازي عشق جو ڳالھيون
بيان ڪيون آهن، جنھن ۾ عورت کي سھڻين
تشبيھن،
استعارن ۽ ڪناين سان بيان ڪيو ويو آهي. هن عنوان ۾
”سُر
کنڀات“
منجهان ڪيترائي چونڊ بيت حوالي طور ڏنا ويا آهن.
هن سر بابت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شارحن جو
خيال آهي ته هي سر شاهه صاحب جواني ۾ چيو هوندو.
سر سارنگ ۾ شاهه صاحب مينھن
جي موسم، فطرت جي حسن ۽ عورت جي ڏکن سورن جو بيان
ڪيو آهي، هن سر ۾ عورت پنھنجي ڪانڌ کي چوپايو مال
نه کپائڻ جي صلاح پڻ ڏئي ٿي. هن سر ۾ برسات سبب
پيدا ٿيندڙ خوشحالي ۽ وڻندڙ موسم کي بيان ڪندي
ڪيترائي بيت مرد،
عورت کي مخاطب ٿيندي چيا آهن.
جن ۾ سندس، پيار، پاٻوهه ۽ قرب سمايل ملي ٿو.
سر سامونڊيءَ کي لائق محققه وڏي عرق ريزي سان بيان
ڪيو آهي، جنھن ۾ شاهه لطيف عورتن جي حساس جذبن جي
جھڙي
ريت اڻت ڪئي آهي، ان طرح سان دنيا جو ڪو به شاعر
عورت جي اندر جي چٽي تصوير بيان ڪرڻ کان قاصر آهي.
هن سر ۾ عورت جي مڪمل ترجماني ملي ٿي، وڻجاري جو
اونھي
سمنڊ ڏانھن
وڃڻ ۽ ان اوسيئڙي ۾ سندس گھر واري جي انتظار واري
ڪيفيت کي بيان ڪندي محققه ڪيترائي بيت حوالي طور
ڏنا آهن.
”سُر
ڪاپائتي“
شاهه لطيف،
صدرالدين کان متاثر ٿيندي لکيو آهي، جنھن ۾ عورت
جي محنت کي داد ڏئي ٿو، جيڪا ڪپھه
منجهان ڪپڙو تيار ڪري اگھاڙا انگ ڍڪائي ٿي. هن سر
مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته سماج ۾ معاشي حوالي سان
مرد سان گڏ عورت به ڀاڱي ڀائيوار آهي، جيڪا آڏاڻي
تي ڪپڙو ٺاھي ٿي. ھن سر ۾، نماڻائي ۽ ايمانداري
سان پورھيو ڪرڻ جا فائدا ۽ انعام ملڻ بابت بيت ملن
ٿا، ان سان گڏوگڏ جيڪي عورتون وڏائي، فخر ۽ پنھنجي
اندر ۾ بغض ۽ ڪينو رکي ڪم ڪن ٿيون،
انھن جو اھو ڪم (پورھيو) بيڪار ٿي وڃڻ بابت اشارا
ملن ٿا. ھن سر ۾ سوير اٿي پنھنجو ڪم ڪار ڪرڻ جي
تلقين ڪيل آھي.
جيڪي عورتون صبح جو دير سان ڪتڻ جو ڪم ڪن ٿيون
انھن کي شاھه
لطيف نندي ٿو.
ڊاڪٽر فھميده حسين پنھنجي مقالي ”شاھه
لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ۾ لفظ ڪيڏاري جي
پڻ سائنسي انداز ۾ اکيڙ ڪئي آھي، رزميه شاعري جو
بنياد يونان جي شاعر هومر کان ملي ٿو.
نبي پاڪ
صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن جي آمد کان اڳ عربن ۾ مرثيو عام هو.
جنھن ۾ جنگي فن، شجاعت، بھادري
۽ دليري کي بيان ڪيو ويندو هو، سنڌي ادب ۾ شاهڪار
رزميه شاعري سومرن جي دور جي ملي ٿي جنھن ۾ دودي
سومري جي لڙائي جو احوال قلمبند ٿيل آهي. محترم
محمد ابراهيم جويي جي بقول ته ”سنڌي ادب ۾ دودي
سومري بابت چيل رزميو ۽ شاهه جو رسالو املھه
اثاثو آهن.“ سر ڪيڏاري ۾ شاهه لطيف عورت جي واتان
مرد جي سورهيائي، بھادري
۽ شجاعت کي بھترين
انداز سان پيش ڪيو آهي. هن سر کي به شاهه لطيف جي
ٻين سرن جيان تمثيلي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي،
هن سر جو محرڪ حضرت امام حسين
عليھ السلام
جي ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل عظيم قرباني آهي.
موکيءَ جي ڪردار ۾ هڪ اهڙو قصو بيان ڪيو ويو آهي،
جنھن ۾، مڌ ۽ متارن جو ذڪر ملي ٿو. دنيا جي تاريخ
تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو،
ته جنھن وادي يا ملڪ ۾ سامونڊي بندرگاهه هوندا آهي،
اتي دنيا جي ڪنڊڪرڇ کان هر قسم جا ماڻھو ايندا
ويندا آهن ۽ ان جاءِ (بندرگاهه) تي اهڙن ماڻھن جي
سھولت جو سامان ميسر پڻ هوندو آهي. هن سر ۾ مرڪزي
ڪردار موکيءَ جو آهي جيڪا
مڌ
جي بٺي هلائي ٿي ۽ اتي ڪيترائي
پياڪ اچن ٿا، انھن
پياڪن ۾ هر سال ايندڙ ست واپاري يا ست متارا مشھور
آهن. هن بابت ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪيترائي بيت پڻ
پيش ڪيا آهن جن مان ان عورت جي
مڌ
جي واکاڻ ظاهر ٿئي ٿي.
شاهه لطيف پنھنجي سموري ڪلام ۾ عورت جي جسماني سونھن
سوڀيا کي بيان ڪرڻ سان گڏ ان جي جذبن، احساسن،
امنگن ۽ فطري جبلت کي به بيان ڪيو آهي. شاهه لطيف
پنھنجي آفاقي شاعريءَ ۾ عورت جا سڀ روپ پسائي ٿو،
ڪٿي بھادر
عورت جيڪا جبلن کي رتيون رتيون ڪرڻ جو حوصلو رکي
ٿي، ته ڪٿي نٻل، ڪمزور ، بيوس ۽ لاچار عورت جو روپ
قلمبند ڪري ٿو. سڄي دنيا ۾ پنھنجي
ساڻيھه،
ديس يا ڀونءِ سان وفاداري ڪرڻ جا انيڪ مثال ملن
ٿا، سنڌي ادب ۾ حب الوطني ۽ قوم پرستيءَ جي علامت
هڪ عورت آهي،
جنھن کي لطيف پنھنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏئي امرتا بخشي
آهي. سماج جي تھذب ، تمدن ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجھه
جو تاڃي پيٽو عورت جي مثالي ڪردار کان سواءِ
اڻپورو آهي.
جملي 527 صفحن جي هن مقالي ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سماج جي مختلف شعبن
جي ارتقائي ترقيءَ ۾ مرد سان گڏ عورت برابر جي
شريڪ آهي. هن ٿيسز مان اها به پرک پوي ته عورت
ڪمزور نه پر ارادن، جذبن ۽ تخليقي ڪمن ۾ مرد کان
اڳري رهي آهي.
مطلب ته:
v
ڊاڪٽر فھميدہ
حسين جو هي مقالو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو
روپ“ اردو ٻولي ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي.
v
هن مقالي جو نگران اياز قادري هو، جنھن جي مفيد
مشورن سان مقالو پنھنجي تڪميل تي پھتو.
v
هن مقالي جي بنيادي اهميت ڏيندي ايم فل جي ڪورس ۾
شامل ڪيو ويو آهي.
v
هن مقالي ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين ڪيترن ئي اڻ ڇھيل
موضوعن جي نشاندهي ڪرائي آهي، اديبن ۽ محققن کي
گھرجي ته عورت جي عظمت بابت ٻڌايل نونِ موضوعن تي
پڻ قلم آرائي ڪن.
v
هن مقالي ۾ انسان جي ارتقا قرآن جي نظريي بجاءِ
سائنسي نظريي مطابق بيان ڪئي وئي آهي.
v
هن مقالي جي لکڻ ۾ ليکڪا 66 سنڌي بنيادي ڪتاب
ڄاڻايا آهن، ان کان علاوہ اردو ۽ انگريزي ڪتابن
تان پڻ استفادو ورتو اٿس
v
سنڌي عورت کي سماج جي پسمنظر ۾ شاهه لطيف وڏي
حقيقت پسنديءَ سان پيش ڪيو آهي.
v
هن مقالي جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي ٻيھر
شايع ڪرايو وڃي ته جيئن ادب سان چاهه رکندڙ هن
ڪتاب مان فائدو حاصل ڪري سگھن.
سنڌي ادبي بورڊ جا نوان ڪتاب


|