|
مختيار احمد ملاح
عليڳڙهه تحريڪ جو سنڌي ادب تي اثر
1857ع واري آزاديءَ واري تحريڪ کان پوءِ، مسلمانن کي به اقتدار،
تعليم کان پري رکي، سماجي طور اڪيلو ڪيو ويو. گڏيل
هندستان جي تعليم جي تباهي ڏسندي، سر سيد احمد خان
انگريزي ۽ سائنسي تعليم جو بنياد عليڳڙهه مان شروع
ڪيو. سر سيد احمد خان واحد مسلمان اڳواڻ هو، جنھن
هندستاني مسلمانن جي رهنمائي ڪئي. سر سيد احمد خان
1876ع ۾ انگلينڊ کان واپسيءَ تي، ملازمت کي ڇڏي
عليڳڙهه ۾ رهائش اختيار ڪئي. انگريزن ۽ مسلمانن کي
ويجهو آڻڻ لاءِ ڪي رسالا لکيائين ۽ ڪي وري ترجمو
به ڪيائين، جن جي گهڻي مخالفت پڻ ٿي. هن غازي پور
۾ رهڻ وقت سائنس سوسائٽي اخبار به جاري ڪئي هئي.
بعد ۾ اها اخبار ”عليڳڙهه انسٽيٽيوٽ گزيٽ“ جي نالي
سان گهڻو وقت جاري رهي. 1875ع ۾ هن عليڳڙهه ۾ ايم.
اي. او محمدن اينگلو اورينٽل هاءِ اسڪول جو بنياد
رکيو. اهو ادارو پوءِ ڪاليج ۽ بعد ۾ عليڳڙهه مسلم
يونيورسٽيءَ جي روپ ۾ سامھون آيو. 1886ع ڌاري وڌيڪ
تعليمي حاصلات لاءِ ’محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس‘
نالي هڪ اداري جو بنياد رکيائين. ان پسمنظر ۾
هندستان جي ٻين علائقن ۽ صوبن ۾ به هي سلسلو شروع
ٿي ويو“.(1)
بنيادي طور تي تي سر سيد احمد خان جي تحريڪ تعليم
سان گڏ اصلاحي هئي، ان تحريڪ اردو زبان تي تمام
گهڻو اثر ڇڏيو، جنھن تي بيشمار مضمون ۽ ڪتاب لکيل
آهن، ان تحريڪ برصغير جي انھن مسلم اڪثريتي ٻولين
تي به اثر ڇڏيو، جيڪي ادبي طور شاهوڪار هيون، جن ۾
سنڌي ٻولي به شامل آهي.
”رساله
تھذيب الخلاق“
جو نڪرڻ سر سيد جي تحريڪ جو تاريخ ساز ڪارنامو هو.
رسالي ۾ مذهب، اخلاق ۽ معاشرت وغيره تي اعليٰ
پيماني
تي مضمونن کي پڙهڻ کان پوءِ سيد صاحب جي هڪ ڀرپور
۽ ڪامياب زندگي جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن ڪتاب ادب ۾
مقصديت ۽ معقوليت کي جنم ڏنو“.(2)
”محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ مسلمانن ۾ تعليم
جو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ڪانفرنس جو
پھريون اجلاس 27 ڊسمبر 1886ع تي عليڳڙهه محمدن
ائنگلو اورينٽل ڪاليج ۾ ٿيو. هن تحريڪ ذريعي
عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. ڍاڪا
يونيورسٽي ۽ اسلاميه يونيورسٽي به هن تحريڪ جو ثمر
هيون. اها تحريڪ تعليم جي ميدان ۾ هڪ انقلابي
تحريڪ هئي. عليڳڙهه تحريڪ جا هيٺيان اهم مقصد هئا.
1.
مسلمانن جي جديد علمن
سان واقفيت ۽ منجهن علم پرائڻ جو جذبو جاڳائڻ.
2.
مسلمانن مان اهو تاثر
ختم ڪرڻ ته مغرب جا علم مذهب سان مھاڏي ۾ آهن.
3.
مغرب جي علم ۽ فن کي
زندگيءَ سان سلھاڙڻ خاص ڪري سائنسي علمن مان فائدو
وٺڻ.
4.
مغرب جي طرز تي نوان
تعليمي ادارا ٺاهڻ“.(3)
عليڳڙهه تحريڪ جي مول متن ۾ واضح طور تي مغربي علم
۽ فنن جي ترجيح شامل هئي. سنڌ ۾ ان وقت سنڌ سڀا جي
پليٽ فارم تان ڪاليج جي قيام جي تحريڪ هلي رهي
هئي، جنھن ۾ حسن علي آفندي نائب صدر هو. هن ڪجهه
اختلافن تي سنڌ سڀا کي الوداع ڪري، مسلمانن جي الڳ
تنظيم جوڙڻ جا جتن ڪيا. 16 مارچ 1884ع ۾ ڪراچيءَ ۾
مسلمان زميندارن جي گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ 63 ماڻھو شريڪ ٿيا. هن گڏجاڻيءَ ۾
مسلمان شاگردن جي مالي مدد لاءِ
”مجمع محمدي“ (محمدن ايسوسيئيشن) نالي سان
63 ميمبرن تي مشتمل تعليمي ڪائونسل قائم ڪئي وئي،
جنھن جو صدر حسن علي آفندي، خانبھادر نجم الدين
(نائب صدر) ۽ سيڪريٽري الله بخش اٻوجھيءَ کي
چونڊيو ويو.
”سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم جي اها پھرين
تحريڪ هئي، جيڪا سر سيد جي عليڳڙهه کان مڪمل متاثر
ٿيل هئي. ان تحريڪ سنڌي ادب تي پنھنجا چٽ ڇڏيا. ان
اثر جا بنيادي سبب موجود هئا، ڇو ته سنڌ صدين
اسلامي تھذيب ۽ تمدن جو گھوارو
۽ ملڪي حيثيت ۾ رهي هئي، جنھن کي 1847ع ۾ فرنگين
بمبئي سان ملائي، هڪ ڊويزن جو درجو ڏئي ڇڏيو، ۽
سنڌ جي مسلمانن کي اقتدار کان محروم ڪري ڇڏيو ،
انھن حالتن ۾ سر سيد جي تحريڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل
مسلمانن لاءِ اصلاحي ۽ فڪري بيداريءَ جو سبب بڻي“.(4)
ان حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته،
”1857ع کان وٺي 1910ع تائين واري زماني ۾
آزاديءَ جي تحريڪ، سر سيد احمد خان جي تحريڪ،
بنگال جي ورهاڱي واريءَ هلچل، ائني بيسنت جي هوم
رول واري هلچل، خلافت واريءَ هلچل ۽ مسلم ليگ جي
قائم ٿيڻ واريءَ هلچل ڪري سنڌ جي سياسي، سماجي ۽
اقتصادي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو. انھن تبديلين سنڌي
ٻوليءَ جي علم ادب تي به اثر ڪيو. ڪيتريون ئي
اخبارون ۽ رسالا نڪتا، جن نثر توڙي نظم جي اشاعت
جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو“.(5)
سنڌ محمدن ايسوسيئيشن سنڌي ٻولي ۽ علم ۽ ادب جي به
جوڳي خدمت ڪئي. هن جماعت ۾ پھرين روپ ”مجمع محمدي“ سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي، سماجي،
مذهبي ۽ تعليمي بيداري آڻڻ لاءِ ”معاون“ اخبار
جاري ڪئي. سنڌ ۾ سر سيد جي تعليمي تحريڪ جو پھريون
مثال سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي روپ ۾ نروار
ٿيو. اهو اسڪول، اڄ يونيورسٽيءَ
جي درجي تي پھتو آهي. هن اداري سنڌ جي تعليم کان علاوه
سنڌي ادب جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.”سنڌ
مدرسة الاسلام“ جي تاريخ به ڊيٽنگ سوسائٽين ۽ ادبي
جماعتن جي سرگرمين سان ڀري پئي آهي. سڀ کان پھريون
1886ع ۾ تڏهوڪي پرنسپال ولي محمد حسن علي جي ڪوششن
سان
”ڊيٽنگ
سوسائٽي“
قائم ٿي ۽ ان سلسلي جي آخري ڪوشش محمد ابراهيم
جويي طرفان ٿي، جنھن اداري ۾ استاد هئڻ جي ناتي
سان 1946ع ۾
”سنڌ
مدرسه سنڌي لٽريري سوسائٽي“
قائم ڪرائي. هن اداري ڪيترائي اديب پڻ پيدا ڪيا
آهن، جن ۾ مولوي الله بخش اٻوجهو، مخدوم محمد صالح
ڀٽي، لعل چند امر ڏنو مل، ڊاڪٽر عمر بن دائود
پوٽو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ، قاضي عبدالرزاق ،
مولانا نورنگزاده، مولوي عبدالرحيم، نورمحمد
نماڻو، محمد ابراهيم جويو، آغا تاج محمد، علي خان
ابڙو، آغا غلام نبي صوفي، غلام علي سرور، سيد
ميران محمد شاهه، سيد عطا حسين شاهه، ڊاڪٽر
ابراهيم خليل، مراد علي ڪاظم، عبدالحسين شاهه
موسوي، احمد غلام علي چاڳلا، محمد اسماعيل عرساڻي،
سرشار عقيلي، حبيب الله ”فڪري،“ عبدالله ”عبد“
غلام حسين جلباڻي، صوفي دوست محمد ”ساجد“ سرشاري،
شمشير
الحيدري، رسول بخش پليجو، عبدالمجيد، ”عابد“، علي احمد
بروهي، محمد حنيف صديقي، ساقي سجاولي، مظفر حسين
”جوش“، عبدالحليم “جوش” مير علي نواز
”ناز“،
مرزا اسد بيگ، اي . ڪي بروهي، ڊاڪٽر محمد علي شيخ،
انور ابڙو وغيره جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن
ٿا“.(6)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي ادبي تاريخ ۾
برطانوي دور جي حوالي سان لکيو آهي ته
”سر سيد احمد خان جي تحريڪ کان متاثر ٿي
حسن علي آفنديءَ ڪراچيءَ ۾
”محمدن
ايسوسيئيشن“
قائم ڪئي هئي. انھيءَ ايسوسيئيشن سنڌي زبان ۽ ادب
تي به اثر انداز ۽ سنڌي اهلِ قلم شاعري ۽ نثر نگاريءَ ۾ ان قومي ۽ ملي رجحانن کي اجاگر
ڪرڻ لڳا، جيڪي اصلاحي حوالي سان همه آهنگ هجن“.(7)
سر سيد
جي
هم خيالن ۾ نواب محسن المڪ، نواب
وقارالمڪ، الطاح حسين حالي، نذير احمد، مولوي
ذڪاءُ الله، مولوي چراغ الله ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
انھن جي تحريرن جا سنڌي ۾ ترجما شروع ٿيا. ڊاڪٽر
محمد يوسف خشڪ لکي ٿو ته،
”سر سيد جي پنھنجي تحريرين ۽ سندس ساٿين جي تحريرن برصغير جي
مسلمانن ۾ بيدراريءَ جو جھڙوڪ روح ڦوڪي ڇڏيو، جنھن
۾ سنڌ به نه صرف شامل هو، پر عملي طور تي سر سيد
جي ان تعليمي تحريڪ جي اثر هيٺ جيڪي ڪاوشون ٿيون،
انھن سان سنڌ جي علم ۽ ادب کي مستقل نئون ارنگ عطا
ڪيو“.(8)
ان دؤر ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شھرن
۾ جيڪي به اسڪول قائم ٿيا، انھن کي قائم ڪندڙن جي
اڪثريت هندو ڪميونٽيءَ جي علم دوست
شخصيتن جي هئي، جن پنھنجي جاتيءَ لاءِ
اسڪول قائم ڪيا ۽ هڪ بھترين
ڊي. جي ڪاليج قائم ڪيو. سنڌ جا مسلمان ان وقت جديد
تعليم ۾ تمام گهڻو پوئتي هئا، يا ٻين لفظن ۾ جديد تعليم جا مخالف هئا.
اهڙين حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ حسن علي آفنديءَ جي
نقشِ
قدم تي هلندي،
عليڳڙهه تحريڪ وڌائيندي سنڌ ۾ ڪيترائي مدرسه
اسڪول قائم ٿيا، جن ۾ انگريزي تعليم سان گڏ ديني
تعليم جو به بندوبست هوندو هو. نالي وارو اڳواڻ
نور محمد لاکير پڻ ”محمدن ائسوسيئيشن“ جو سرگرم
ڪارڪن هو، جنھن حيدرآباد ۾ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو
پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول جي نالي سان مشھور ٿيو.
ان تحريڪ جي اثر هيٺ ِ ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا، جن
۾ سنڌ مدرسة الاسلام اسڪول ڪراچي (1885ع)، سنڌ
مسلم آرٽس ڪاليج ڪراچي (1940ع)، سنڌ مسلم سائنس
ڪاليج ڪراچي (1943ع)، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي
(1947ع)، سنڌ مدرسه اسڪول ميھڙ (1903ع)، مدرسه اسڪول، نوشھروفيروز (1903ع)، سنڌ مدرسة الاسلام
اسڪول، لاڙڪاڻو (1901ع)، مدرسه اسڪول سکر (1905ع)،
مدرسه اسڪول، پٿورو (1906ع)، نور محمد هاءِ اسڪول
حيدرآباد، مدرسه اسڪول ميرپور خاص ۽ ٻيا ڪيترائي
شامل آهن. هنن اسڪولن ۽ ڪاليجن سنڌ جا نالي وارا
استاد، عالم، اديب، شاعر ۽ ٻين شعبن جا اهم شخص
پيدا ڪيا. هنن اسڪولن مان رسالا نڪتا، مسيلينون
جاري ٿيون، ليڪچر ٿيا، شاگردن اسڪولن ۾ ويھي
سياسي ۽ مذهبي ناٽڪ رچايا. سياسي تنظيمون قائم
ٿيون، جن ملڪ جي سياسي معاملن ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽
انگريزن خلاف آزاديءَ جي جنگ وڙهي. هنن اسڪولن ۾
ادبي تحريڪن ۽ جماعتن جو هڪ وڏو دؤر هليو، جن تي
ادبي تاريخون لکي سگهجن ٿيون.
مولانا الھه بخش اٻوجهو (1901ع-1948ع)
حسن علي آفندي جو دوست، ساٿي ۽ ٻانھه
ٻيلي هو.
جنھن سنڌ مدرسي جي قيام کان ويندي اسڪول ۾ ادبي
سرگرمين ۽ قومي ڪمن ۾ حصو ورتو. اسڪول ۾ هو عربي ۽
فارسيءَ جو استاد پڻ هو. سنڌ مدرسه جي شروع ٿيڻ
وقت مولانا
”معاون“ نالي هڪ هفته وار اخبار جاري ڪئي، جا سنڌ مدرسه جي پريس ۾
ڇپجي هئي.
ان کانسواءِ سنڌ ۾ پھريون ماڻھو مولانا ئي هو،
جنھن مسدس حاليءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان کي
”مسدس اٻوجهو“
جي نالي سان پڌرو ڪيائين“.(9) مولانا
اٻوجهو، سنڌ ۾ سر سيد جي تحريڪ جو ڪارڪن هو. ان
دور ۾ سر سيد جي ساٿي مولانا حاليءَ جي شاهڪار نظم
”مسدس مد جزر اسلام“ پوري هندستان جي مسلم اسڪولن ۾ مشھور
هئي. مولانا اٻوجهي پنھنجي
”مسدس اٻوجهو“ ۾ مولانا حاليءَ جي ”مسدس حالي“ جي
طرز تي لکيو ، جنھن ۾ مسلمانن جي حالت جو نقشو
چٽيو اٿس ۽ ڪجهه حصو حالي جي مسدس جو ترجمو به ڏنو
اٿس. حالي جي مسدس جي هڪ بند جو ترجمو هن ريت ڪيو
اٿائين:
نه آب هوا هئي اي روح پرور،
جو پيدا ٿين لعل و ياقوت و گوهر،
نه ڪو اهڙو ڪو سامان هو اتي ميسر،
جو مکڙيون دلن جون کلن اتي سراسر،
نه پوکي نه راهي نه قدرت جو پاڻي،
وٺڻ آب باران کي امرت جو پاڻي.
هندستان جي عليڳڙهه جي علمي ۽ تعليمي
تحريڪ کان متاثر ٿي سنڌ ۾،
1889ع ۾ مدرسي طرفان ’معاون‘ نالي سان هڪ هفتيوار
اخبار جاري ڪئي وئي“.(10) هن رسالي نما
اخبار سنڌي مسلمانن جي ذهنن ۽ خيالن ۾ ڪافي انقلاب
آندو، جنھن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا. ”ان اخبار جو
پھريون ايڊيٽر مولوي الھه بخش اٻوجهو مقرر ٿيو.
جنھن کان پوءِ اِها ذميواري سنڌ جي نامور شاعر شمس
الدين ’بلبل‘ کي ڏني وئي. ’بلبل‘ جي ڇڏي وڃڻ کان
پوءِ ”مولوي سيد محمد شاهه مصطفوي، اخبار جو
ايڊيٽر مقرر ٿيو. مولوي صاحب هن اخبار جو آخر
تائين ايڊيٽر ٿي رهيو. آگسٽ 1895ع ۾ مدرسي جي باني
حسن علي آفندي جي وفات کانپوءِ ’معاون‘ اخبار به
سُتت ئي بند ٿي وئي. جنھن کان پوءِ ’سنڌ مدرسه
مخزن‘ جو اجراءُ ٿيو“.(11)
”سنڌ
محمدن ائسوسيئيشن“
جي سھاري هيٺ 1904ع ۾ ”مدرس منٿلي“ جي نالي سان
هڪ رسالو ڪڍيو ويو. هي رسالو ”سنڌ مدرسة الاسلام “
جي تعليمي پاليسين کي واضح ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ثابت
ٿيو، رسالي جي ڇپائي سنڌ گزيٽ ۽
ڪمرشل پريس ڪمپني مان ٿيندي هئي.هن رسالي جي فاضل ايڊيٽرن
مان مولوي الھه بخش ”اٻوجهو“ ۽ مولوي عبدالرحيم
فقير هئا. بعد ۾ شمس الدين ”بلبل“ ۽ مولانا نورنگ
زاده هڪٻئي پٺيان هن رسالي جا ايڊيٽر ٿي رهيا. هن
رسالي ۾ ان دور جي عالمن ۽ اديبن جا سنڌي زبان جا
معياري ۽ معلوماتي مضمون پوندا هئا.( 12)
اهڙيءَ طرح
”سنڌ مدرسه مخزن“ نالي جي شروعات نومبر 1903ع کان ٿي، مقصد اهو هو ته جيئن هڪ
طرف اسڪول جي ڪارڪردگي ۽ سرگرميون رڪارڊ تي آنديون
وڃن ۽ ساڳئي وقت وري سنڌي مسلمانن جي معلومات لاءِ
ادبي ۽ تاريخي مواد مھيا ڪيو وڃي. اڳتي هلي مخزن
جي مقبوليت جي پيش نظر، ان جا صفحا وڌايا ويا ۽ ان
۾ اردو توڙي گجراتي حصا به شامل ڪيا ويا.هي مخزن
سال ۾ ڏهه مھينا نڪرندي هئي، جنھن جو ساليانو چندو
شاگردن لاءِ هڪ روپيو ۽ ٻين لاءِ ٻه روپيا هوندو
هو“.(13) ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو ته
”سنڌ مدرسه مخزن، سنڌي
مسلمانن جي واحد نامياري غير سرڪاري اسڪول جي مخزن
هئي، جنھن مختلف وقتن ۾ رڪاوٽن جي بعد به پئي سنڌي
ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي. هن مخزن جي سنوارڻ
سينگارڻ ۾ استادن ۽ شاگردن جو به وڏو هٿ هو. مخزن
نثر توڙي نظم تي ٻڌل مواد شايع ٿيندو رهندو هو“.(14)
سر سيد جي تحريڪ کان متاثر ٿيندڙن ۾ رئيس شمس
الدين بلبل (1919ع-1857ع)
جو نالو به نمايان آهي. هو جديد تعليم جي اهميت
کان ڀلي طرح واقف هو. هو جلد ئي پنھنجي علمي
استعداد ۽ ذھانت ڪري سنڌ مدرسة السلام جي باني
خانبھادر حسن علي آفنديءَ جي چوڻ تي محمدن
ائسوسيئيشن جي تبليغي رسالي ”معاون“ جو ايڊيٽر
بڻيو. هن اخبار سنڌ جي ماڻھن ۾ نئين ۽ جديد تعليم
حاصل ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿيو. ”معاون“ اخبار جي
ذميواري وٺندي ئي بلبل پنھنجي پرزور ۽ رنگين
مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺرايو،
جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو. هن اهڙي فصاحت ۽
بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم ۾ آندا جنھن جي
مطالعي سان،
خود اهلِ قلم پڻ دنگ رهجي ويندا هئا“.(15)
محمدن
ايجوڪيشنل
ڪانفرنس جي تحت جيڪي ڪانفرنسون ٿيون، شمس الدين
بلبل انھن بابت ٻه ڪتاب
”جم جام“، ۽
”مسلمان
۽ تعليم“
نالي ڪتاب لکيا. هن ميھڙ
۾ مدرسه اسڪول قائم ڪيو.(16)
مشھور
محقق
آفاق
صديقي لکي ٿو ته
”1907ع
۾ مسلم ايجوڪيشن ڪانفرنس جو سالانه اجلاس ڪراچيءَ
۾ مولانا حاليءَ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ان اجلاس
کان پوءِ سنڌي شعر ۽ ادب تي سر سيد جا اثرات وڌيڪ گھرا
ٿيڻ لڳا. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
۽ مرزا قليچ بيگ جھڙن ممتاز شاعرن پنھنجي لکتن ۾
اصلاحي رجحانن تي ڀرپور توجهه ڏني ۽ اهڙيءَ طرح
سنڌ ۾ معاشرتي بيداريءَ سان گڏوگڏ سياسي شعور کي
تقويت ملي“.(17)
سر سيد جي تحريڪ جو وڏو مقصد مغربي ادب، مغربي
تعليم ۽ مغربي سماجي قدرن کي اسلامي قدرن مطابق
اپنائي،
ٻنھي قومن کي ويجهو آڻجي. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ مرزا
قليچ بيگ جو تمام وڏو ڪردار آهي. مرزا قليچ بيگ هر
صنف تي لکيو ۽ هن نون لکندڙن تي پنھنجا اثر ڇڏيا.
مرزا قليچ بيگ پنھنجي محنت ۽ ذهانت سان مغربي ادب
جا شاهڪار سنڌي ادب ۾ ترجمو ڪري متعارف ڪرائي،
سرڪار ۽ مقامي تھذيبن کي ويجهو آندو. هن انگريزي،
۽ انگريزيءَ جي معرفت جرمن، فرينچ ۽ اٽيلين ادب جا
ترجما ڪيا ۽ عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا
شاهڪار سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرايا. هن انجيل ۽ زبور
جا به سنڌي ترجما ڪيا. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن کي
انگريز سرڪار، اسڪولي ڪورس تي رکيو ۽ کيس ڪيترائي دفعا انعام ۽ اڪرام
ڏنائون.
ان دور ۾ سنڌ مدرسي جو استاد حـڪـيـم فـتح محـمـد
سيوهاڻي (1942-1882ع) پڻ سياسي، قومي ۽ تعليمي تحريڪن
سان سلھاڙيل هو. مير پور خاص مان“ مير پور
خاص گزيٽ“ نالي ھڪ ھفتي وار اخبار نڪرندي ھئي،
جنھن ۾ اسلام خلاف گھڻا مضمون ڇپبا ھئا.انھي اخبار
۽ ٻين اخبارن ۾ اسلام خلاف لکيل مضمونن ۽ اٿاريل سوالن جا جواب حڪيم فتح محمد ڏيندو ھو. ”فتح
محمدي“ جي عنوان سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو
لکيل آھي ، انھي ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ،
آرين طرفان لڳايل اسلام خلاف 31 الزامن جا جواب
ڏنا آھن. ھي ڪتاب نھايت جامع آھي ۽ انھي ڪتاب جو
جواب آھي جيڪو حيدرآباد جي ڪنھن
آريا سماجيءَ لکيو ھو. سندس باري ۾ دادا سنڌي لکي
ٿو ته “1907ع ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس،
سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ٿي، جنھن ۾ هند ۽ سنڌ جا نالي
وارا سياستدان گڏ ٿيا. ان ڪانفرنس ۾ سندس ملاقات
مولانا حاليءَ سان ٿي، جنھن جي نظريات کان متاثر
ٿي، هن هڪ ڪتاب
”داستان قوم عرف حليمان“ لکيو، جنھن ۾ آزاديءَ جو درس ڏنو ويو.
حالي سندس ان خدمت کان متاثر ٿي
”سنڌ
جو سر سيد“
ڪوٺيندو هو“.(18) 1925ع ۾
”الجامع“ رسالو جاري ڪرايائين. جنھن ۾ مسلم قوم جي
حالت تي تمام گھڻا مضمون لکيائين. خاص طور تي
مسلمانن کي جديد علوم جو شوق ڏيارڻ سان گڏ مذهبي
تعليم طرف به راغب ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيائين.
مولوي محمد عثمان نورنگ زادو (وفات 1918ع) سنڌ
مدرسه اسلام ڪراچيءَ ۾ استاد طور ڪم ڪندو هو . هن
مسلمانن ۾ انگريزي تعليم جي حصول لاءِ مضمون
لکيائين. ”هو هڪ زبردست عالم، تاريخ نويس ۽ قرآن
جو مفسر هو. مولوي محمد عثمان فارغ التحصيل ٿيڻ
بعد حسن علي آفنديءَ سان ٻانھن ٻيلي ٿي، سنڌ مدرسه
۾ معلم الفقھه مقرر ٿيو. هو سنڌ مدرسي جي ماهوار ڪرانيڪل رسالي جو ايڊيٽر
هو.
ڪيترائي ديني ۽ ادبي ڪتاب لکيائين، جن ۾ علم جفر
تي ”اڪسير
الاحمر“، ”تفسير تنوير الايمان“، فتوح الغيب سنڌي، اڪسير الاحمر في اسرار
الجفر.
هي سنڌي ۾ هڪ لاثاني ڪتاب آهي جنھن ۾ علم جفر نقش
۽ علميات وغيره جو بيان ڏنل آهي. هي ڪتاب ٻن جلدن
۾ 1896ع ۾ شايع ٿيو. خطبات سنڌي-
مولوي صاحب جا خطبا اڄ تائين سنڌ جي مشھور مسجدن ۾
عام جام پڙهجن ٿا. تحفة الاسلام- سنڌي زبان ۾ فقه جا 5 جلد آهن جي سنڌ مدرسي جي نصاب ۾ داخل
آهن“.(19)
ان دور جا ٻيا شاعر يا نثرنويس، جيڪي سر سيد يا سندس ساٿين کان متاثر ٿيا،
انھن ۾ غلام محمد نظامي به هو. هو پھريون سنڌي
شاعر آهي، جنھن 1931ع ۾ مسدس حاليءَ جو مڪمل
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن 1929ع ۾
”ورهه حيدري“
نالي رسالو جاري ڪيو، جيڪو سنڌي مسلمانن جي نمائندگي ڪندو هو. هو علامه
اقبال جي شاعريءَ کان به متاثر هوندو هو، ان ڪري
کيس
”سنڌ جو اقبال“
چيو ويندو هو. ٻين شاعرن ۾ مولوي نور محمد نظامي،
محمد جمن هالو، مولوي عبدالله اثر، نور محمد
لاکير، محمود خادم لاڙڪاڻوي ۽ ٻيا ڪيترائي هئا،
جيڪي سر سيد کان متاثر هئا.
سنڌ جو نالي وارو اڳواڻ نور محمد لاکير پڻ ”سنڌ
محمدن ائسوسيئيشن“ جو سرگرم ڪارڪن هو، خلافت تحريڪ
۾ ڪم ڪندي انگريزي اخبار ”سنڌ مسلم“ شروع ڪيائين.
هن سنڌي مسلمانن جي حالت زار تي ڪيترائي ايڊيٽوريل
۽ مضمون لکيائين. هن اهو پليٽ فارم سنڌي مسلمانن
جي مخالفن کي جواب ڏيڻ ۽ سنڌي مسلمانن خلاف ٿيندڙ
سازشن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. 15 ڊسمبر
1924ع تي سندس ڪوششن سان سنڌ پراونشنل ايجوڪيشنل
ڪانفرنس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 1928ع ۾ نور محمد
لاکير آگزيلري ڪاميٽيءَ اڳيان سنڌ جي مسلمانن جي
پستيءَ تي هڪ رپورٽ
The Backwardness of Sindhi Muslamans in
Education
پيش
ڪئي، جنھن ۾ هن دليل ڏئي سرڪار کي انگ اکر ڏيندي،
سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۾ پوئتي هجڻ جا ڪارڻ ظاهر
ڪيا ۽ تدارڪ جا ڏس به ٻڌايا.
سنڌ محمدن ائسوسيئيشن
جي اڳواڻن
”سنڌ زميندار“
اخبار، 1922ع ۾ سکر مان جاري ڪئي، جيڪا وڏي سائيز ۾ ٽه روزه نڪرندي هئي ۽
سالن تائين سنڌ جي مسلمانن جي سماجي، علمي ۽ سياسي
خدمت ڪيائين. هن جا ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب، علي
احمد عليگ، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين
راشدي، آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي،
درمحمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي رهيا. هـن
اخبار جي اجراء جو مقصد ڄاڻائيندي پير علي محمد
راشدي لکي ٿو ته، ”خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جي اثر کان
سواءِ، پڙهيل لکيل عوام ۾ آزاديءَ جو جـذبو جـاڳي
چڪـو هـو ۽ انگـريـز مجبور ٿي پيا هـئـا ته
مـسلمـانـن، خاص ڪري زميندارن تي هٿ رکن، کانئن
اخبارون ڪڍرائين،
’امن سڀا‘ ۽ ’سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ‘
جھڙيون وفـادار ۽ فـقـط نوڪريون گهرندڙ جماعتون
قائم ڪرائيـن ۽ حڪومت سان وفاداريءَ جي وسامندڙ
ڏيئي کي هوا ڏيـاري، ان کي قائم ۽ روشن رکن“.(20)
خانبھادر محمّد صديق ميمڻ جنوري 1931ع ۾ حيدرآباد
۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي نالي سان، هڪ علمي ۽
ادبي اداري جو بنياد وڌو. هن سوسائٽيءَ جا مول
متا، ۽ ميمبر سنڌ جا پڙهيل ڳڙهيل استاد، صحافي،
سياستدان ۽ سول سوسائٽيءَ جا ميمبر هئا، جن جو فڪر
سر سيد جي فڪر سان تمام گهڻو ويجهو هو. هن
سوسائٽيءَ جيڪو به ادب ترجمو يا تخليق ڪرايو، اهو
مسلمانن جي حقن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ هو. خانبھادر محمّد صديق ميمڻ انھيءَ سوسائٽي جي قائم ڪرڻ جي
سلسلي ۾ اُن جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ لکي ٿو:
”هن ڪار خير ۾ هر ڪنھن پڙهيل مسلمان کي ٻانھن ٻيلي ٿيڻ، پنھنجو فرض ڄاڻڻ گهرجي.
هر ڪنھن
پڙهيل مسلمان جو فرض آهي ته هن ادبي سوسائٽي جو
ميمبر ٿئي، يقين آهي ته جيڪڏهن اسين سڀئي پڙهيل
مسلمان، هن اسلامي ڪم ڏانھن پورو توجهه ڏينداسين،
ته اسان جي قوم جو ٻيڙو، جو هن وقت جهل جي ڪُنَ ۾ توائي آهي، سو
نڪري پار پوندو ۽ اسلامي علم، ادب ۽ اخلاق، جنھن
سان ڪنهن وقت سڄي دنيا سينگاريل هئي، سو وري اسان
جي دلين کي منور ڪندو“.(21)
پروفيسر آفاق صديقي، عليڳڙهه تحريڪ جي سنڌي ٻوليءَ
تي اثر جي حوالي سان لکي ٿو ته
”سنڌ ۾ سنڌيءَ کان علاوه عربي، فارسي ۽
اردو سان ڪيترائي شاعر ۽ اديب منسلڪ هئا، جن جو
ثبوت انھن جي ڪتابن مان ملي ٿو، جيڪي سر سيد کان
اڳ ۾ منظر تي اچي چڪا هئا. جڏهن ته اڻويھين صديءَ ۾ برطانوي تسلط کان پوءِ عربي ۽ فارسيءَ جو اثر ختم
ٿيندو ويو. البته اردو کي انگريزن پوري برطانوي
راڄ ۾ علاقائي رابطي جي زبان طور فروغ ڏنو ۽ اهڙن
ادارن جي حوصله افزائي ڪئي، جيڪي اردو ادب جي
ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون هيون. ٻئي طرف سنڌ ۾
سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ انگريز حڪومت تمام
گهڻي فراخ دلي ڏيکاري ۽ ان فراخ دليءَ جو هڪ مقصد
اهو به هو، ته عربي ۽ فارسيءَ جي اهميت کي گهٽ ڪيو
وڃي.
بھرحال، سر سيد جي تحريڪ سان اردو ۽ سنڌي
زبانن،
انگريزي لفظن جي اصطلاحن کي قبول ڪيو ۽ مغربي ادب مان
استفادو حاصل ڪرڻ جي فضا پيدا ٿي. اڳتي هلي سنڌي
ادب ۾ اردو شاعري، تنقيد، تاريخ، ۽ افسانوي ادب
مان اخذ ڪرڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، خاص
طور تي شبلي نعماني، مولانا عبدالعظيم شرر، علامه
اقبال ، سيد سليمان ندوي، منشي پريم چند ۽ ٻين
ڪيترن اهلِ
قلم تحريرن سان سنڌي ادب پنھنجي ارتقا ۾ مدد حاصل
ڪئي“.(22)
عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ ادبي
روايتن جي باري ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. عليڳڙهه
جو پورو ماحول هندستاني مسلمانن جي روايتن جي
عڪاسي آهي، جنھن ۾ شيرواني پائڻ، مٿي تي خاص قسم
جي ٽوپي، مشاعرن جون رونقون، اليڪشن دوران شاگردن
جون گروپ بنديون ۽ ورڪ ڪرڻ، مختلف راندين جو
اهتمام، هاسٽل تي علمي ۽ ادبي ليڪچر ڪرائڻ، هاسٽل
يا يونيورسٽي کان ٻاهر نڪري ٽانگي جي سواري ڪرڻ،
ڊراما اسٽيج ڪرائڻ، خاص هندستاني کاڌن جو اهتمام
ڪرڻ، مذهبي محفلون، خاص طور تي نعت خواني جو
بندوبست ڪرڻ سميت؛ ٻيون ڪيتريون ئي سرگرميون شامل هونديون هيون.
عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جا شاگرد سياست کان علاوه، تعليمي ادارن جي قيام ۾
به اڳتي هئا. هو جڏهن سنڌ واپس آيا ته اچڻ سان هنن
تعليمي تنظيمون ۽ سوسائٽيون قائم ڪيون، جنھن جي
پليٽ فارم تان هنن تعليم جي حق ۾ ڪانفرنسون، ليڪچر
۽ ريليون ڪڍيون. ڪيترن ئي سنڌ مدرسي جي طرز تي
اسڪول قائم ڪيا.عليڳڙهه مان فارغ التحصل شاگردن
سنڌي ادب ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو.
36-1935ع
۾
هندستاني ترقي پسند اديبن پنھنجي تحريڪ جو
پھريون مينيفيسٽو/منشور تيار ڪيو، جنھن تي ڊاڪٽر
ملڪ راج آنند،
سجاد ظھير، ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ڪي.ايس.ڀٽ، ڊاڪٽر ايس. سنھا ۽ ڊاڪٽر محمد دين تاثير جون صحيحون
هيون. ياد رهي ته انھيءَ دؤر ۾ سنڌ جو ترقي پسند
اديب حشو ڪيولراماڻي، ”اديبن جي مجلس“ جو لنڊن ۾
صدر هو ۽ چيو وڃي ٿو ته ان جا ترقي پسند تحريڪ جي
سلسلي ۾ مٿي ڄاڻايل اديبن سان رابطا هئا. سنڌ مان
ٻن ڄڻن، محمد امين کوسو ۽ قادر بخش نظاماڻي ان ۾ شرڪت ڪئي هئي“.(23)
محمد امين کوسو عليڳڙهه مان گريجوئيٽ هو ۽ کاٻي ڌر
جا رجحان رکندو هو. ترقي پسند تحريڪ جي باني ليکڪن
اختر حسين رائپوري َ ۽ سيد سبط حسن سان گڏ عليڳڙهه
يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهيا هئا. عثمان علي انصاري هڪ
وڏو تعليمي ماهر، عالم، اديب، محقق ۽ حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو وڏو عاشق هو. سندس شاهه ۽
سچل جا رسالا مرتب ٿيل آهن. سنڌ جي معروف شخصيت،
وڏي تعليمدان، شاهه جو پارکو
۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو رئيس الله بخش خان نظاماڻيءَ جو
ادبي دنيا ۾ وڏو نالو آهي. لوڪ ادب تي ايم.اي
لاءِ لکيل مونوگراف
”سنڌي
لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“
1971ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شايع ٿيو.
شاهه لطيف ڀٽائي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري ٿيو،
سندس سرپرستيءَ ۾ ڀٽ شاهه تي شاهه لطيف ڀٽائي
ڪانفرنس منعقد ٿيندي هئي، جنھن ۾ نالي وارا عالم
پنھنجا پيپر پڙهندا هئا ۽ اهي شايع به ٿيندا هئا.
ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، سنڌ جي تعليم کاتي
جو هڪ برجستو ۽ اعليٰ انتظامي صلاحيتن وارو آفيسر
ٿي گذريو آهي. تعليم جي باري ۾ ڪي ڪتاب ۽ ڪيترائي
مضمون لکيائين. سنڌ جي عالم ۽ اسڪالر علامه
آءِ.آءِ. قاضي ڪجهه وقت عليڳڙهه ۾ گذاريو. سيد
عارف شاهه گيلاني عليڳڙهه ۾ فارسي ايم.ٽي.بي.آرٽس
جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. هن مرزا غالب جي
شاعريءَ تي ٿيسس لکي، جنھن تي بمبئي يونيورسٽي کيس
پي.ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري عطا ڪئي. سندس ريسرچ جو
موضوع Ghalib : His Life and Persian Poetry
هو. هن انگريزي ۽ سنڌي زبانن ۾ تمام گهڻو
لکيو. اردو ۾ ڪراچيءَ جي تاريخ تي ڪتاب
”عروس
البلاد ڪراچي“
لکيائين. سنڌ جي تعليم تي به ڪيترائي مضمون
لکيائين، جيڪي انتھائي لاجواب آهن. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي The Sage of Sind
شايع ٿيل اٿس.
شيخ عبدالله ”عبد“ نالي وارو اديب ۽ تعليمدان ٿي
گذريو آهي. هڪ بھترين تعليمدان کان علاوه، اعليٰ شاعر، صحافي ۽ نقاد هو. سندس
لکڻين، ڪھاڻين
۽ شاعريءَ کي گڏ ڪري شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس
لکڻين جو مرڪز سنڌ جي تعليم آهي. نامور تعليمدان،
عالم۽ اديب تاج محمد
”ڀٽ
شاهه ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ڪلچر سينٽر“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر
سيڪريٽري ۽ بنياد وجهندڙ هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سيد عطا حسين شاهه موسوي،
ايم.اي جي ڊگري عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءُ مان حاصل
ڪئي. سندس مضمون يا ٻه مجموعا
”ڪچ ڪو ڏيون“ (1950ع) ۽
”ڪشڪول“ شايع ٿيل آهن، جن ۾ ڪيترن مضمونن ۾
عليڳڙهه جي اثر جي جهلڪ نظر اچي ٿي. آخوند رسول
بخش جي شخصيت تي عليڳڙهه جو اثر آخر تائين رهيو.
هن خاص طور تي سنڌي مسلمانن جي تعليم لاءِ تمام
گهڻو پتوڙيو. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيل آهن، جن ۾
”نيو
ماڊل ايزي جاگرافي“،
”اسلامي
عقائد“
(1944ع)،
”ارڪان اسلام“
(1946ع)،
”بيوس بيبي“
(ناول)،
”تعليم القرآن“،
”مسلم
عورتن جي شجاعت“(1933ع)،
”نئون انگي حساب“،
”جاگرافي
پاڪستان“
(1951ع)، سنڌي گرامر ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ جي
تحقيق، تاريخ، لغت، لوڪ ادب ۽ لسانيات جو ماهر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ
جهوناڳڙهه ويو. جتان 1941ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ بي.اي
(آنرز) ڪيائين. هن 1943ع ۾ عليڳڙهه يونيورسٽي مان
ايم.اي ۽ ان کان پوءِ ايل.ايل.بي پاس ڪئي. سنڌ جي نامياري تعليمدان، عالم، تاريخدان،
ايڊيٽر ۽ پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه عليڳڙهه جي
پيداوار آهي. هن اداري انگريزيءَ ۾
(Quarterly Sindh)
نالي سان هڪ رسالو 1982ع کان شروع ڪيو، جيڪو هڪ
وڏي عرصي تائين جاري رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ
شايع ٿيل آهن.
ناليوارو ڪھاڻيڪار ۽ مترجم الطاف حسين قادريءَ مئٽرڪ
۽ انٽر عليڳڙهه مان ڪئي. سنڌ روينيو کاتي ۾ نوڪري
ڪيائين. سندس پھريون ڪھاڻين جو ڪتاب ”مجموعه درد“
جي نالي سان 1947ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال سندس ٻيو ڪھاڻين جو مجموعو ”حسنِ خيال“ جي نالي سان ڇپيو. هن 1953ع ۾
انگلينڊ جي مشھور مصنف ٿامس مور جي باتصوير مثنوي
”لاله رخ“ جو ترجمو ڪيو. آغا بدرالدين درانيءَ
حاجين جي رهنمائيءَ لاءِ ”مسافر حجاز“ ڪتاب لکيو.
رئيس ضياءُ الدين، سنڌ جي نامور اديب، عالم ۽
عليڳڙهه تحريڪ جي رهنما شمس الدين
”بلبل“ جو فرند هو. ميٽرڪ 1931ع پاس ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
عليڳڙهه ۾ به پڙهيو. جتان انٽرميڊيٽ
جو امتحان امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيو. عليڳڙهه جون روايتون سندس
شخصيت ۾ نظر اينديون هيون. هو پاڻ شاعر، نقاد، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار هو. سندس طرز تحرير ۾ بلبل وارو رنگ ملي
ٿو. سنڌ دوست ڪامورو خانصاحب عبدالله چنا، عليڳڙهه
جي پيداوار هو. سندس ڪيترائي شاهڪار مضمون ۽ ليک
لکيل آهن.
آغا عبدالنبي ’عليگ‘ 1919ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ
عليڳڙهه ڪاليج ويو، جتان 1924ع ۾ بي. اي (آنرز)
ڪري واپس وطن آيو. روينيو کاتي ۾ گهڙيو ۽ ترقي
ڪندي ڪمشنر جي عھدي تي پھتو. آغا صاحب شاعريءَ ۾ آغا‘ ۽ ’عليگ‘
تخلص اختيار ڪندو هو. ’افڪار عليگ‘ جي نالي سان سندس نظمن جو مجموعو به
ڇپيل آهي. پاڻ ڊراما به لکيائين. سندس ڪتابن ۾
’حريص پتلو عرف وفا جي ديوي‘، ايڪتا فلم جا ڊائلاگ‘، ’افسانا ۽ مقالا‘
وغيره شامل آهن. شيخ عبدالرزاق راز جتي منفرد
تعليمدان، ڪھاڻيڪار، شاعر هو اتي تمام وڏو محقق ۽ نقاد
پڻ هو. ثانوي تعليم جو سندس آخري دؤر عليڳڙهه ۽
لاهور ۾ گذريو. نئين ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ
سندس ڪوشش سان ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد
رکيو. مٿي ذڪر ڪيل عالمن ۽ اديبن کان سواءِ ٻيا به
ڪيترائي نالا آهن، جن عليڳڙهه مان تعليم حاصل ڪئي
۽ عليڳڙهه جي ادبي روايتن کي کڻي اڳتي وڌيا. سندن
لکڻين ۾ اهي سڀئي خوبيون موجود آهن، جيڪي هنن
عليڳڙهه جي روح ۽ رايتن مان سکيون هيون.
حوالا:
1.
ملاح، مختيار احمد:
”اڻويھين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز، ڪراچي، 2019ع، ص: 264.
2.
راز ، شيخ عبدالرزاق:
”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“، ماهوار پيغام، 1982ع، ص: 17.
3.
دائود احمد:
”مسلم يونيورسٽي سي سر سيد يونيورسٽي اسلام
آباد تڪ“
(اردو)، نئين روشني پبليڪشن، ملتان، 2006ع، ص 53.
4.
آفاق احمد:
”سنڌي ادب تي سر سيد جي تحريڪ جا اثرات“ (اردو ۾) تخليق، سنڌي ادب ۽ ثقافت نمبر،
1988ع، ص 35.
5.
ڊاڪٽر غلام علي الانا:
”سنڌي ادب جا نوان موڙ“، ٽي ماهي مھراڻ، ڄام
شورو، 4/ 1975ع، ص
158.
6.
ملاح، مختيار احمد:
”اڻويھين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز، ڪراچي 2019ع، ص 134.
7.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي:
”سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ“، (اردو ۾)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
8.
ڊاڪٽر يوسف خشڪ:
”سر سيد ڪي تحريڪ ڪي سنڌ اور سنڌي ادب پر
اثر“
(پاڪستان ۾ اردو)، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد،
2006ع، ص 289.
9.
قاضي عبدالرزاق:
”حسن علي آفنديءَ جو هڪ پراڻو ساٿي مولانا
الھه بخش اٻوجهو“،
ماهوار نئين زندگي.
10.
Annual Report of Sind
Madressahtul Islam, (Karachi, for the
year,1888-1889, p. 7.
11.
بخاري، ممتاز، ڊاڪٽر:
”سنڌ مدرسة السلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي
تاريخ ۾ حصو“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2020ع، ص
114.
12.
”خانائي“،
قريشي حامد علي:
”سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا“، ٽه ماهي مھراڻ،
ڄام
شورو 1981ع، نمبر 2
13.
Annual Report of Sind
Madressahtul Islam, (Karachi, for the year,
1903-1904, P-10.
14.
پٺاڻ، درمحمد، ڊاڪٽر: ”ڪجهه پراڻا رسالا“، گل حيات انسٽيٽوٽ جي
ويب سائيٽ تان کنيل، ص 97.
15.
ملاح، مختيار احمد: ”اڻويھين
صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز،
ڪراچي، 2019ع، ص: 113
16.
ملاح، مختيار احمد:
”سنڌي
ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“،
ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2006ع
.
17.
آفاق احمد:
”سنڌي
ادب تي سر سيد جي تحريڪ جا اثرات“
(اردو ۾) تخليق، سنڌي ادب ۽ ثقافت نمبر،
1988ع، ص 35.
18.
سنڌي، دادا:
”تحريڪ
آزاديءَ ۾ سنڌي شاعرن جو حصو“،
ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، جولاءِ-
آگسٽ 1982ع، ص 31.
19.
ملاح، مختيار احمد:
”اڻويھين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ“، بلاول
انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاهه، 2017، ص:
123.
20.
راشدي، پير علي محمد: ”اھي ڏينھن اھي شيھن“
(مڪمل)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو،
2018ع
.
21.
ميمڻ،
محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد، سال 32-1931ع ۽ ادبي تحفو“، مسلم ادبي
(اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ص ج.
22.
آفاق احمد:
”سنڌي
ادب تي سر سيد جي تحريڪ جا اثرات“
(اردو ۾) تخليق، سنڌي ادب ۽ ثقافت نمبر،1988ع، ص
40.
23.
ملڪ،
عبدالله، سنڌيڪار گل محمد خشڪ: ”ترقي پسند تحريڪ
جو سياسي ۽ سماجي پس منظر“، مضمون روزانو هلال
پاڪستان 11 نومبر 1989ع. |