|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

شاهه جي
رسالي جو هڪ اهم انتخاب
]گنج
کان آڳاٽو قلمي نسخو[
شاهه جي رسالي جو هي انتخاب 1206ھه جو دستخط قلمي
نسخو آهي ۽ ان جو ڪاتب فقير عبدالرحمان ويسر آهي،
جنھن جي مُھر مان اهو سن واضح ٿئي ٿو، جيئن هتي
ڏنل عڪس مان اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو. هتي اهو
ٻڌائڻ خاص اهميت وارو آهي ته هن کان اڳ به شاهه جي
رسالي جو هڪ تمام مختصر انتخاب ڊاڪٽر بلوچ کي
دستياب ٿيو هو، جيڪو پڻ ساڳئي هجري سال ۾ ابوبڪر
نالي ڪاتب جو دستخط آهي. اهو پھريون منتخب فقط ٽن
سُرن تي مشتمل هو، جيڪو سال 1989ع ۾ عڪس جي صورت ۾
شايع ڪيو ويو هو. (1) اهو منتخب ان
لحاظ کان مڪمل هو جو ان جي شروعات ۽ خاتمو ٻئي
محفوظ هئا. ان جي مقابلي ۾ موجوده منتخب نسخي جا
شروعاتي ڪجهه ورق ضايع ٿيل آهن، بلڪه ان کان پوءِ
به وچ مان ڪجهه ورق ضايع ٿيل آهن. پر ان جي باوجود
هن منتخب نسخي ۾ ڪل بيت 954 ۽ جملي وايون، جن کي
ڪاتب ڪافيون ڪري لکيو آهي 66 آهن. اهڙيءَ طرح ڏنل
بيتن منجهان جملي سُرن جو اندازو 17 لڳايو ويو
آهي، ڇو ته سڀني سُرن جا نالا لکيل نه آهن. ان جي
مقابلي ۾ پھرين منتخب ۾ ٽي سُر ”سسئي، مومل راڻو ۽
عمر مارئي آهن ۽ انھن ۾ ڪل بيتن جو تعداد 417 آهي
۽ ڪل وايون 31 آهن.
هن قلمي نسخي جي اصل امتيازي وصف اها آهي ته اهو
سُر يا سُرود جي عنوان سان نه لکيو ويو آهي، بلڪه
انھن سُرن جا ذيلي عنوان فارسيءَ ۾ ٺاهي، انھن جي
حساب سان بيت درج ڪيا ويا آهن. شاهه جي رسالي جي
تاريخ ۾ هن قسم جو انتخاب بلڪل نئين ڳالھه آهي،
جنھن جو ٻيو ڪو مثال هن مھل تائين نه مليو آهي.
مثلاً هي رسالو شروع ته سسئي جي بيتن سان ٿئي ٿو ۽
جيستائين سسئي جا بيت پورا نه ٿا ٿين ته ٻيو سر يا
ٻيو عنوان شروع نه ٿو ڪري. پر سسئي جي سر اندر
فارسيءَ ۾ ڪيترا عنوان قائم ڪري ٿو، جن تحت انھيءَ
موضوع سان مناسبت رکندڙ بيت درج ڪري ٿو.
سسئي جي سُر ۾ جيڪو پھريون عنوان نظر اچي ٿو، اهو
هن ريت آهي.
اين ابيات در باب موت
: هن عنوان
هيٺ 36 بيت ڏنل آهن. حاشيي ۾ حديث ”موتوا قبل ان
تموتو!“ به لکيل آهي.
در بيان تشنگيء محبوب:
هي ٻيو عنوان آهي. يعني محبوب جي سِڪ يا
اُڃ.هن عنوان هيٺ 8 بيت آهن.
در بيان راه نگر يستن:
ٻيو عنوان آهي، جنھن تحت 25 بيت ملن ٿا.
در بيان آتن:
’آتڻ‘ جو ذڪرآهي ۽ ان ۾ 15 بيت آهن.
در بيان رفتن بطرف محبوب بالله:
محبوب ڏانھن هلڻ جو بيان آهي ۽ هن ۾ 34 بيت آهن.
در بيان نکوهشي چشم:
اکين جو بيان آهي، جنھن ۾ 17 بيت آهن.
در بيان ڏک:
هن ۾ ڏکن ۽ سورن جو ذڪر آهي ۽ ان
۾ 157 بيت آهن.
اهڙيءَ ريت مختلف عنوانن موجب، سر سسئي هيٺ ڪُل
موجود بيت 305 آهن. جيئن اسان اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته
شرعاتي ورق کٽل آهن. ان ڪري صحيح ڳاڻيٽو نه ٿو
معلوم ٿئي.
سسئي کانپوءِ ٻيو سر مونمل جو آهي ۽ ان جو عنوان ’اين
ابيات سر مونمل’ لکيل آهي. هن سر ۾ اندر ڪي به
عنوان ڏنل نه آهن. هن سر ۾ ڪُل بيت 64 آهن.
سر مونمل کان پوءِ ’اين ابيات مارئي‘ جي
عنوان تحت سُر مارئي جا بيت ملن ٿا ۽ انھن جو ڪُل
تعداد 121 آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ اهم آهي ته پھرين منتخب جنھن ۾ ڪل
ٽي سر آهن، اتي به سُرن جي اها ساڳي ترتيب آهي. پر
اتي عمر مارئي جي بيتن جي تعداد ۾ فرق گهڻو آهي،
ڇو ته اتي اهو تعداد فقط 28 آهي.
موجوده نسخي ۾ چوٿين ڄاڻايل سُر جو عنوان ’اين
ابيات در سر ڪاموڏ’ آهي، جنھن ۾ جملي بيتن جو
تعداد 17 آهي.
هن کانپوءِ جيڪو عنوان آهي اهو هي آهي.
اين ابيات در ذکر طالبان
هتي سُر جو نالو نه ٿو ڄاڻائي، حالانڪه اهي بيت
سُر کنڀات جا آهن. پھريون بيت هي آهي.
ڪري ڪانگ ڪُرنشون، پيرين پرينءَ پئج.
هن عنوان هيٺ ڪُل 17 بيت ملن ٿا.
ان کانپوءِ سر ڪارايل جا بيت هن عنوان تحت ڏنل
آهن.
اين ابيات در بيان سُر ڪارايل
هن هيٺ ڪل 11 بيت ملن ٿا.
اڳيون عنوان ’اين ابيان سر کودرہ‘ آهي. هن
هيٺ سر ڪيڏاري جا ڪُل 5 بيت ملن ٿا.
ٻيو عنوان آهي ’اين ابيات توڏي‘
يعني سھڻي. هن هيٺ 42 بيت ڏنل آهن.
ان کانپوءِ ’اين ابيات رانجن‘ جو عنوان
آهي، جنھن تحت ڪُل 4 بيت ڏنل آهن.
اڳيون عنوان ’اين ابيات ليلا‘ آهي، جنھن ۾
وري فقط 3 بيت ڏنل آهن.
ان کانپوءِ وارو عنوان ’اين ابيات سر پورب‘
آهي، جنھن ۾ ڪل 130 بيت آهن. اوائلي قلمي نسخن ۾
سر پورب ۽ رامڪلي هڪ سُر ڄاڻايل آهي، پر هتي صرف
پورب لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ان جي اندر رامڪليءَ
جا بيت اچي وڃن ٿا.
اڳيون عنوان ’اين ابيات در سر بلاول‘ آهي،
جنھن ۾ 199 بيت آهن. هن کانپوءِ جيڪو عنوان آهي،
ان ۾ سر جو نالو ڪونهي ۽ اهو هن ريت آهي.
’اين ابيات در بيان طلب طالبان بدر دامن مرشد‘
يعني طالبن جي طلب ۽ مرشد جي دامن وٺڻ بابت بيت.
هن عنوان تحت ڪُل 23 بيت آهن. اهي بيت عام رسالن ۾
سر ڌناسري هيٺ ملن ٿا. وڳنڌ کي مخاطب ٿي چيل بيت
به هن هيٺ آهن.
ان کانپوءِ عنوان آهي ’اين ابيات در سر کليان‘
جنھن ۾ ڪُل 30 بيت آهن. ويھين بيت جي سامهون حاشيي
۾ وري هي عنوان ڏنو اٿس ’اين ابيات در سر
متاران و نوشيدن مي‘. يعني متارن جي
مئي پيئڻ جي باري ۾ بيت.
هنن بيتن جي ختم ٿيڻ تي ’اين ابيات در سر بلاول
کليان‘ شروع ٿئي ٿو، جنھن تحت طبيب سان
مخاطب ٿي چيل بيتن سان شروعات ٿئي ٿي ۽ اهي ڪُل 17
بيت آهن.
وري ٻيو عنوان آهي ’اين ابيات در سر کليان
بلاول‘. هن هيٺ پتنگن وارا بيت شامل آهن، جن
جو ڪُل تعداد 12 آهي.
’اين ابيات در سر سريراگ‘ هيٺ 24
بيت ملن ٿا، جن ۾ سر سامونڊيءَ جا بيت به شامل
آهن.
هن کان پوءِ ’در سر سارنگ‘ جي عنوان
هيٺ سر سارنگ مان 10 بيت ملن ٿا.
هاڻي جيڪو عنوان آهي، اهو آهي’اين ابيات در
بيان عاشقان بالله و عارفان في الله‘. يعني
الله جي عاشقن ۽ عارفن جي باري ۾ بيت. هن هيٺ سر
آسا جا بيت ملن ٿا، جن جو تعداد 15 آهي. حاشيي ۾ ’الدنيا
جيفة و طالبها کلاب’ لکيل آهي.
ٻيو لاڳيتو عنوان هي آهي.
‘در سر آسا اسرار عارفان‘
يعني سر آسا ۾ بيان ٿيل عارفن جا اسرار. هن
هيٺ ڪُل 84 بيت ڏنل آهن.
هن کانپوءِ ڪاتب جيڪو عنوان قائم ڪيو آهي، اهو هي
آهي ’اين داستان کافيها در سر سسئي‘. هن
هيٺ ڪُل 25 ڪافيون ڏنل آهن. گهڻو ڪري هر وائيءَ جي
شروع ٿيڻ تي لکي ٿو ’نوع ديگر‘ يعني ٻيو قسم.
سسئي کانپوءِ ’اين داستان کا فيها در سر مونمل‘
جي هيٺ 2 وايون ڏئي ٿو. مونمل کان پوءِ مارئي جي
ساڳي عنوان تحت 7 وايون ڏئي ٿو. مارئي کانپوءِ سر
ڪاموڏ جون 2 ڪافيون ڏنل آهن. ان ريت ’اين
داستان کا فيها در سر توڏي‘ هيٺ 5 ڪافيون ملن
ٿيون. توڏيءَ جي ختم ٿيڻ بعد پورب جون ساڳئي عنوان
تحت 6 ڪافيون آهن. ائين ’سر رانجن‘ تحت هڪ وائي
ڏنل آهي.
هن کان پوءِ 9 ڪافيون ملن ٿيون، پر ڪاتب اهو ڪونه
ٿو ڄاڻائي، ته اهي ڪھڙي سر مان کنيون اٿس. ان بعد
’اين کافي در سر سريراگ‘ تحت 6 ڪافيون ملن
ٿيون، جيڪي پڻ مختلف سُرن مان کنيل معلوم ٿين
ٿيون. آخري ڪافي ءَ جا شروعاتي ٻول آهن.
وڏڙا ڏان ڏنائين، کنيائين رخت ريزالين جو.
ان جي آخري مصرع هي آهي.
ڪين منجهان ڪيئن ڪري، سو نه ساراهين سائين.
اتي خاتمي جي عبارت هن طرح لکي اٿس.
تمت بالخير بيد احقر العباد فقير عبدالرحمان عفي
عنه.
يعني پورو ٿئو هٿان هن حقير ٻانھي فقير
عبدالرحمان. شل مٿس مالڪ جي ٻاجهه هجي.
نسخي ۾ اندر ٻن هنڌن تي ’قريشي‘ جي مهر لڳل آهي،
جنھن جي اندر سن 1260 لکيل آهي، جيڪو 1206 کي لکڻ
جو قديمي انداز آهي. ڏسو عڪس 1 ۽ 2.
1206ھ ۾ لکيل ٻنھي منتخبن جو تقابلي مطالعو گهڻو
دلچسپ آهي. ٻنھي ۾ پھريان ٽي سُر يعني سر سسئي،
مونمل ۽ مارئي انھيءَ ترتيب سان موجود آهن. البت
ٻنھي ۾ بيتن ۽ واين جي تعداد ۾ فرق آهي. ٻنھي ۾
وڏي هڪجھڙائي اها آهي، ته سر مونمل ۽ سر مارئي جي
شروعات ٻنھي ۾ ساڳئي بيت سان ٿئي ٿي. سر مونمل جو
پھريون بيت ٻنھي ۾ هي آهي.
جيڏيون منھنجي جيءَ سين، راڻي رڻ ڪئو
قلب ڪاڪ ڪنڌين، ۾ پرزا ٿي پئو
ٻُجهان ٻهر وئو، هينئڙو هنڌ نه اڳئين
(ابوبڪر-عڪس ص86)
اهڙيءَ طرح ٻنھي ۾ مارئي جو پھريون بيت هي آهي.
ڪرئو مُهاڙ ملير ڏي، روئي اُڀي چوءِ
سهڄ سوري ڀانئيان، سُنمرا سندوءِ
ملڪ مارؤ جي آهيان، جور نه ٿيان جوءِ
سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتي جن هٿ ڪئو.
ان لحاظ سان جڏهن ٻنھي ۾ سر سسئي جو وڌيڪ تفصيلي
مطالعو ڪجي ٿو، ته اتي به گهڻيون هڪجھڙايون معلوم
ٿين ٿيون. البت موجوده نسخي ۾ شروعاتي بيت کُٽل
آهن. ليڪن باقي بيتن جي ترتيب تمام گهڻي ملندڙ
جُلندڙ آهي. ’ابوبڪر‘ جي نسخي ۾ سر سسئي جا ڪُل
بيت 320 آهن، جڏهن ته هن نسخي ۾ شروعاتي کُٽل بيتن
جي باوجود 357 بيت ملن ٿا. هن اڻپوري نسخي جي
شروعات جنھن بيت جي ٻن سٽن سان ٿئي ٿي، اهي هي
آهن.
چيٽا چٻون چمڙا، بر ۾ بلاؤن
موٽ پنهون پاهون، متان محب مري رهان.
اهو مڪمل بيت ’ابوبڪر‘ جي نسخي ۾ هن ريت آهي.
اڌر نڌر اڀري، اسونهين آئون
چيٽا چور چُجن ۾، ڀر ۾ بلائون
موٽ پنهون پاهون، متان محب مري رهان.
هن بيت کان پوءِ ٻنھي نسخن ۾ بيتن جي ترتيب گهڻي
قدر ساڳي آهي. مثلاً اڌر نڌر سان شروع ٿيندڙ باقي
ٻه بيت ملن ٿا ۽ ان کانپوءِ ٻنھي ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا
بيت ملن ٿا، جن جي شروعات هن ريت آهي.
هلندي هاڙهي مڻي، ڪرڻ ڪوه پئام.
بيتن جي اها ترتيب ذهن ۾ رکي، اڳتي هلڻ بجاءِ
جيڪڏهن اسين ابوبڪر واري نسخي ۽ هن نسخي جي مُنڍ
ڏانھن موٽڻ شروع ڪريون ٿا، ته اسان جي اندازي موجب
هن نسخي جا باقي اندازاً ڪُل 36 بيت کُٽل معلوم
ٿين ٿا. ان جي وڌيڪ خاطري ان حقيقت مان ٿئي ٿي ته
’ابوبڪر‘ جي نسخي جا اهي شروعاتي بيت هن نسخي ۾
ڪونه ٿا ملن. جيئن 1989ع ۾ ڇپيل عڪس مان پڌرو آهي،
ته ابوبڪر واري نسخي جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي.
سڏ مَ ڪر سڏن ريءَ، هلڻ ريءَ م هل
جلڻ ريءَ مَ جل، روئڻ ريءَ متان رئين.
هاڻي جيڪڏهن اهي 36 بيت موجوده 357 ۾ جوڙ ڪبا ته
ڪُل 393 بيت بيهن ٿا. ليڪن موجوده نسخي ۾ سسئي جا
اهي سمورا بيت ڪونه چئبا، ڇو ته سسئي ۾ وچ تي ٽي
يا چار ورق کُٽل آهن. ان بناءَ تي ائين چئي سگهجي
ٿو ته موجوده نسخي موجب، سسئي ۾ بيتن جو تعداد 400
کان به مٿي آهي. ياد رهي ته سر سسئي سان شروع
ٿيندڙ اوائلي نسخن ۾ اهو تعداد 400 کان 500 جي وچ
۾ آهي.
ابوبڪر واري نسخي ۽ هن نسخي ۾ ٻي وڏي هڪجھڙائي اها
آهي، ته ٻنھي جي صورتخطي تقريباً ساڳي نوعيت جي
آهي. لفظن کي فارسي تحرير وانگر گڏي يا ملائي لکڻ
عام جام آهي. جيئن ’ادب ۾‘ کي لکيو ’ادبــ۾‘، ’م
تون‘ کي ’مَتُن‘، ’مون کي‘ ’مُنکي‘ وغيره. ’سومرا‘
کي ’سُنمرا‘. اهڙيءَ طرح ٻنھي جي صورتخطي به ذري
گهٽ ساڳي معلوم ٿئي ٿي. بھرحال ايڏين هڪجھڙاين جي
باوجود ٻنھي ۾ بنيادي ۽ اصولي فرق به آهي.
’ابوبڪر‘ واري نسخي ۾ جيڪي وايون ڏنل آهن ۽ جن کي
ڪافي لکي ٿو، هر سُر جي آخر ۾ آندل آهن. ليڪن هن
نسخي ۾ سڀ ڪافيون يا وايون، سڀني سُرن يا بيتن جي
خاتمي کان پوءِ گڏ هڪ هنڌ آنديون ويون آهن. ابوبڪر
جي نسخي ۾ ڪاتب وائي جو عنوان استعمال ڪري ٿو، پر
گهڻن هنڌن تي غلطيءَ وچان بيت کي به ڪافي ڪري لکي
ٿو، ۽ وري پوءِ ان کي ڪاٽي بيت لکي ٿو. يا ٻئي لکي
ڇڏي ٿو. ليڪن موجوده نسخي جو ڪاتب پاڻ عالم معلوم
ٿئي ٿو ڇو ته هن بيتن ۽ واين ۾ واضح فرق قائم رکيو
آهي، بلڪه واين کي ڪافيون لکي بلڪل الڳ آخر ۾ سڀ
هڪ هنڌ رکي ٿو. اهڙو مثال هن کان اڳ ڪنھن به رسالي
۾ ڪونه ٿو ملي.
اسان هن نسخي کي برطانيه جي ميوزم مان حاصل ڪيل
شاهه جي رسالي متحف سان ڀيٽ ڪري ڏٺو ته معلوم ٿيو،
ته ان ۾ سر سسئي جا ڪُل بيت 408 آهن ۽ ڪُل وايون
23 آهن. ان لحاظ کان هي نسخو ان سان گهڻو ملي ٿو،
جيتوڻيڪ ڪجهه بيت ۽ ڪجهه وايون مختلف به آهن.
برطانوي ’متحف‘ ۾ ڪُل بيت 1822 ۽ 86 وايون آهن.
جملي سُر 28 آهن. متحف سان اها ڀيٽ ان ڪري ضروري
سمجهي وئي، جو جيتوڻيڪ ان جي ڪتابت جو سال ڄاڻايل
ڪونهي، پر اهو يقيناً اوائلي نسخن مان آهي. بلڪه
سر سسئي سان شروع ٿيندڙ سڀني رسالن ۾ غالباً اهو
سڀ کان وڌيڪ قديم آهي.
هاڻي جيڪڏهن اسان موجود 357 بيتن ۾ کُٽل بيتن جو
اضافو ڪنداسين، جنھن جو اندازو اسان ’ابوبڪر‘ واري
عڪسي نسخي کي سامهون رکي 36 لڳايو آهي، ڇو ته
چيٽا چيٽا چٻون چمڙا، بر ۾ بلاؤن
جو ان ۾ اهو انگ بيهي ٿو ته ڪل بيتن جو تعداد 393
ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح باقي سسئي جي بيتن جا هڪ يا ٻه
ورق ضايع ٿيل آهن ۽ انھن جو تعداد 8 کان 12 ٿي
سگهي ٿو، ته پوءِ هن نسخي ۾ سسئي جي بيتن جو انگ
چار سؤ کان ڪجهه مٿي بيهي ٿو، جيڪو ’متحف‘ واري
انگ جي لڳ ڀڳ آهي.
جيئن اسان اڳ ۾ ٻڌايو ته سر مونمل ۽ سر مارئي جا
پھريان بيت اهي ساڳيا آهن، جيڪي ابوبڪر جي نسخي ۾
به پھريان بيت آهن. ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته هن
نسخي ۾ به سسئي جو پھريون بيت اهو ئي هوندو، جيڪو
ابوبڪر جي نسخي يعني شايع ٿيل عڪس ۾ آهي ۽ اهو
آهي.
سڏ م ڪر سڏن ريءَ، هلڻ ريءَ م هل
جلڻ ريءَ مَ جل، روئڻ ريءَ متان رُئين
ان جي هڪڙي ثابتي اها به آهي، ته اهو بيت موجوده
کُٽل نسخي ۾ ڪونه ٿو ملي. اهڙيءَ طرح ان بيت کان
پوءِ لاڳيتا ٽيهارو بيت اهڙا آهن، جيڪي موجوده
نسخي ۾ نه ٿا ملن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيستائين
هنن ٽنهي سرن يعني سسئي، مونمل ۽ مارئي جو تعلق
آهي ته ٻنھي نسخن ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي آهي.
جيتوڻيڪ ابوبڪر واري عڪسي نسخي ۾ موجود ٽن سرن ۽
هن نسخي ۾ انھن ٽنهي سُرن درميان گهڻي هڪجھڙائي
ملي ٿي، پر بيتن جو تفصيلي مطالعو ٻڌائي ٿو ته
بيتن جي پڙهڻين ۾ ڪنھن حد تائين اختلاف به موجود
آهي. ان جا ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن ٿا. هن نسخي ۾
هڪ بيت هن طرح آهي:
اڌر نڌر اڀري، جا گائن گماٽي
ٿئي پيش پنوه جي، اُس ۾ آٽي
جا لُڪن لوساٽي، سا سيڄ چڙهندي سسئي.
ابوبڪر جي عڪسي نسخي ۾ اهو بيت چئن سٽن وارو هن
ريت آهي.
اڌر نڌر اڀري، گم نه گماٽي
سا ڪيئن وهي ويسري، جا گاڻي گماٽي
ٿئي پيش پنوه جي، آسڻ ۾ آٽي
جا لُکن لوساٽي، سا سيڄ چڙهندي سسئي
سسئي جو هڪ ٻيو بيت هي آهي.
لڳي پير پنوه جي، وڏو طالع تو
سسئي ستون کي، رويو رويو روءِ
ويٺي هت م هوءِ، هلين ته هوت لهين.
ابوبڪر جي عڪسي نسخي ۾ اهو بيت هن ريت آهي.
لڳي پاند پنوه جي، وڏو طالع تو
سسئي تنھن ستون کي، رويو رويو روءِ
ويٺي هت م هوءِ، هل ته هوت پرائيين
پھرين بيت ۾ ’پير‘ آهي پر ٻئي ۾ ’پاند‘ آهي.
اهڙيءَ طرح آخري سٽ ۾ ’هلين ته هوت لهين‘ جي بجاءِ
’هل ته هوت پرائيين‘ آهي.
هن نسخي جو هڪ ٻيو بيت هي آهي.
وڍيءَ سي واڍوڙئا، رت نه ڏٺو جن
موت قبولئو تن، ڏٺو جن ڏُکيءَ کي.
ابوبڪر جي عڪسي نسخي ۾ اهو بيت هن ريت آهي.
وڍيءَ سي واڍوڙئا، هوت نه ڏٺو جن
موت قبولئو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
ڏسو ته پھرين ۾ ’رت‘ آهي پر ٻئي ۾ ’هوت‘ آيل آهي.
جيستائين ’سر مونمل‘ جو تعلق ته ابوبڪر جي ۽ هن
نسخي ۾ وڏو فرق آهي، ڇو ته ابوبڪر ۾ مونمل جا ڪُل
15 بيت آهن ۽ 3 وايون آهن، جڏهن ته هن نسخي ۾ 64
بيت آهن. البت ٻنھي ۾ ٻه وايون بلڪل ساڳيون آهن.
ابوبڪر جي نسخي ۾ مارئي جا ڪُل بيت 82 آهن ۽ ڪُل
وايون 6 آهن، پر هن نسخي ۾ مارئي جا 128 بيت آهن ۽
وايون جو تعداد 7 آهي. ڪجهه بيتن جي پڙهڻين ۾ به
اختلاف آهي. هن نسخي ۾ ’سونهن وڃايم سومرا‘ سان
شروع ٿيندڙ 10 بيت آهن، پر ابوبڪر ۾ صرف هڪڙو بيت
آهي.
مارئي جو هڪ بيت هن ريت آهي.
چڪي چڪئم چاڪ، وهين ويڙيچن جا
واجهيندي وصال کي فنا ڪيس فراق
سيئي ساريم سُنمرا، ٿر جنين جا ٿاڪ
مارؤ جي اوتاڪ، گهڻو اُڪنڊي آهيان.
ابوبڪر جي نسخي ۾ ان جي آخري سٽ بدليل آهي.
مارؤ جي فراق، هڏ منھنجا ڪپيا.
هن نسخي ۾ سر مارئي جي مذڪور بيت کان بعد هڪ ورق
غائب آهي. اهڙيءَ طرح ابوبڪر جي عڪسي نسخي سان ڀيٽ
ڪرڻ مان پتو پوي ٿو، ته هتي 6 بيت ضايع ٿيل آهن،
جن سان مارئي جي بيتن جو تعداد 128 مان 134 تي وڃي
بيھي ٿو.
هن نسخي ۾ سر مارئي جي پڄاڻي هن بيت سان ٿئي ٿي.
پاڻهين پيهي آئيو، مليرا مارو
ورئو وَهارو، هارو سڀ هيڻا ٿئا.
ابوبڪر جي عڪسي نسخي ۾ سر مارئي جي آخر ۾ هي بيت
هن طرح ملي ٿو.
پکين پيهي آئيو، مليرا مارو
ورئو وهارو، هاڻو سڀ هيڻا ٿئا.
وڌيڪ گھري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو، ته ٻنھي بيتن
جو شروعاتي لفظ مختلف آهي. ابوبڪر جي نسخي ۾ هن
بيت کان پوءِ 5 بيت وڌيڪ ملن ٿا، جن ۾ ’جڏهن ڪن
فيڪون‘ ۽ ’قيد الماءَ‘ وارا ٻه بيت پڻ شامل آهن ۽
ان بعد 6 وايون ملن ٿيون.
هن نسخي جي ابوبڪر واري نسخي سان تفصيلي ڀيٽ ڪرڻ
مان اهو واضح ٿيو ته جيتوڻيڪ ٻئي نسخا ساڳئي سال
1206 ۾ نقل ڪيا ويا، پر ابوبڪر وارو نسخو تمام
مختصر فقط ٽن سُرن جي انتخاب تي مشتمل آهي. انھن
ٽن سُرن جي بيتن ۽ واين جي موجوده نسخي سان گهڻي
هڪجھڙائي آهي، پر ٻنھي ۾ اختلاف به آهي. پر انھيءَ
جي آڌار تي اهو نتيجو قائم ڪري سگهجي ٿو، ته ٻنھي
جو ماخذ
(Source)
پڪ سان ڪو وڌيڪ اوائلي رسالو آهي. بھرحال ايترو
ضرور چئبو ته موجوده نسخي جو ڪاتب عبدالرحمان پاڻ
عالم ۽ رسالي جو ڄاڻو هو، جو هڪ ته سندس قلم گهڻو
پختو آهي ۽ ٻيو سندس ڪتابت ۾ نه هئڻ برابر غلطيون
آهن. اهڙيءَ طرح سسئي جي سُر اندر يا ان کانپوءِ
ڪجهه ٻين بيتن جا موضوع مطابق عنوان مقرر ڪري
فارسيءَ ۾ لکيا اٿس، ان مان به سندس عالمانه فڪر ۽
فهم جي خبر پوي ٿي. ان ريت رسالي جي تاريخ ۾ اهو
پھريون ڀيرو آهي، جو سر آسا جي بيتن کي ’عاشق
بالله ۽ عارف في الله‘ جي عنوان تحت درج ڪري ٿو.
بلڪه ٻئي هنڌ وري ’اسرار عارفان‘ جو عنوان به ڏئي
ٿو ۽ ان موضوع سان مناسبت رکندڙ بيتن جو انتخاب
ڪري ٿو. هتان ان حقيقت جي پڻ شاهدي ملي ٿي ته شاهه
لطيف جو ڪلام ايڏي معنويت جو حامل هو، جو سندس
وفات کان ڪجهه سالن بعد وقت جا عالم ان جي تشريح ۽
توضيح طرف متوجھه ٿيا. موجوده نسخو ان ڏس ۾ پڪ سان
پھرين قدم جي حيثيت رکي ٿو.
آخر ۾ هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته اسان کي هن
نسخي جو پي.ڊي.ايف
(PDF)
ٿر جي نوجوان ۽ شاهه لطيف جي عاشق جيون چيلهاريو
کان هڪ مهينو اڳ موصول ٿيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن ۽
سندس ساٿين ضيا رحمان اهو نسخو پھريائين فيس بوڪ
(Facebook)
تي ڏٺو، جتان هنن ان کي پاڻ لاءِ ڊائون لوڊ ڪري ان
جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته اصل ۾
اهو نسخو حاجن نظاماڻيءَ وارن وٽ هو، جن جو ڳوٺ ڀٽ
شاهه جي ڀرسان آهي ۽ اهي نظاماڻي خانداني طور
شاهه لطيف جا مريد ۽ ڀٽ شاهه تي پشت به پشت ڀٽائي
جي راڳ سان وابسته آهن. اهڙي تصديق هڪ تازي ليک
مان پڻ ٿئي ٿي، جنھن جو ليکڪ فقير حاجن نظاماڻي
پاڻ آهي. سندس لکڻ موجب هن جو والد فقير غلام حيدر
نظاماڻي 1933ع ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻيءَ ۾ ڄائو
هو. اهو ڳوٺ ڀٽ شاهه کان اتر طرف ڇهن ڪلوميٽرن جي
فاصلي تي آهي. فقير غلام حيدر، شاهه لطيف جو
عقيدتمند هو ۽ هن 1957ع کان درگاهه تي باقاعدي راڳ
ڳائڻ شروع ڪيو هو. هو سال 2002ع ۾ وفات ڪري ويو.
(روزانه همسري)
فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جي ڀٽ شاهه تي راڳ ڳائڻ
بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر
تاريخ‘ ۾ ٻن هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي ته ڪھڙين راتين
تي ڪھڙا فقير راڳ ڪندا هئا.
خميس رات: خان محمد فقير نظاماڻي (اڳواڻ)، غلام
حيدر نظاماڻي، الله ڏنو نظاماڻي، سانوڻ فقير
جلالاڻي، گل محمد فقير پهوڙ، ڍوليو فقير نظاماڻي،
جانو فقير نظاماڻي ۽ فضل فقير ڇڄڙو.
(سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ - ص- 245)
هتان پڻ فقير حاجن نظاماڻيءَ جي بيان جي تصديق ٿئي
ٿي.
ڪتابيات
|
1. |
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: |
شاهه جو رسالو
1206ھه ۾ لکيل سڀ کان آڳاٽو قلمي نسخو
عڪس
ڀٽ شاهه – حيدرآباد سنڌ – 1989ع |
|
2. |
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: |
شاهه جو رسالو - برطانوي متحف
ڀٽ شاهه – 1969ع |
|
3. |
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: |
شاهه جي رسالي جا سرچشما
ثقافت کاتو، ڪراچي 2009ع |
|
4. |
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: |
شاهه جي رسالي جي ترتيب
ڀٽ شاهه – 1974ع |
|
5. |
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: |
شاهه جو رسالو – شاهه جو ڪلام جلد
پھريون
ڀٽ شاهه – 1989ع |
|
6. |
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: |
گنج کان وڌيڪ اوائلي هڪ شاهه جي رسالي
جي دريافت
مھراڻ – 4/2024 ع |
|
7. |
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: |
شاهه جو رسالو-ڪڇ وارو – هڪ اهم
دريافت
ٽه ماهي مهراڻ رسالو 3/2025ع |
|
8. |
حاجن نظاماڻي : |
منھنجو بابا سائين فقير غلام حيدر
نظاماڻي
روزانه همسري - حيدرآباد 2 آگسٽ 2023ع |
|
9. |
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ |
سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز-1978 ع |

فقير عبدالرحمان جي مهر لڳل صفحي
جو عڪس

فقير عبدالرحمان جي آخري صفحي جو
عڪس
نوٽ:
’ڪڇ وارو شاهه جو رسالو‘ بابت ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري جو تحقيقي مقالو مھراڻ 3/2025ع ۾ شايع ٿيو.
جنھن ۾ نسخي جا ٻه عڪس شايع ڪرڻ کان رهجي ويا اُهي
هتي ڏجن ٿا.


ڪڇ واري رسالي جي پھرين صفحي جو
عڪس |