سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:16 

تحرير: حنيف رضا

ترجمو: مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

ڪـــراچـــي

 

اوائلي تاريخ:

1775ع تائين هن ڌرتيءَ تي ڪراچي جھڙي خوبصورت شھر جي اُڀري اچڻ جو ڪوبه امڪان موجود ڪونه هو. هي هڪ ويران  غيرآباد زمين جو ٽڪر هو، جنھن جو هڪ ڇيڙو عربي سمنڊ سان ڳنڍيل هو. سمنڊ ڪناري وٽ ميربحرن جون ننڍڙيون جهوپڙيون هيون. هتي سدائين ٿڌڙي هير هلندي رهندي آهي. هڪ ننڍڙو تلاءُ هو جنھن کي ڪلاچيءَ جو ڪُن چوندا هئا.

هتي مٽيءَ جا گهر اڏيل هئا، جن جو تعداد ڏينھن به ڏينھن وڌندو پئي ويو، تان جو اهو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو بڻجي پيو. اهو ساڳيو ڳوٺڙو بعد ۾ ڪلاچي جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ اهو اڄ ايشيا جو سڀ کان وڏو شھر سمجهيو وڃي ٿو.

ماحول:

ڪراچي پاڪستان (سنڌ صوبي) جي ڏکڻ طرف سنڌونديءَ جي آخري ڇيڙي وٽ آباد آهي. اهو اولھه کان ٿورو مٿڀرو آهي. سندس ڊگهو ۽ گهري پاڻيءَ وارو علائقو (الھندي پاڻيءَ جو ڇوڙ) هڪ وڏي سامونڊي بندر جو تصور پيش ڪري ٿو، جنھن جي ڦھلجڻ ۽ وڌڻ جا امڪان موجود آهن.

هن جي اولھه طرف سمنڊ جي وچ ۾ منھوڙي جو ٻيٽ آهي. اهو ٻيٽ بندر کان هڪ سؤ ميل پري اوچائي تي آهي، اهو قدرتي طرح مونسون هوائن جو بچاءُ آهي ۽ ملڪي دفاع لاءِ پڻ ڪم ڏئي ٿو.

1850ع ۾ ڪيماڙيءَ کي نيپئر مول روڊ سان ڳنڍيو ويو. اهو علائقو هن وقت ٻيٽ وانگر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ڪيماڙي ۽ منھوڙو بندرگاهه جا ٻه مکيه عضوا آهن، جيڪي واپار جو ڪم ڏين ٿا.

ان کان سواءِ ’بابا‘ ۽ ’پٽ‘ نالي سان ٻه ٻيٽ پڻ آهن، منھوڙي جي ٿورو ڀر تي محمد پير ۽ شمس پير آهن. انھن مڙني ٻيٽن ۾ ميربحر آباد آهن، جيڪي صدين کان هتي ترسيل آهن.

علائقو ۽ آبهوا:

ڪراچيءَ جو ڪناري وارو ميدان غيرآباد آهي. جيئن ڏکڻ طرف وڌندؤ ته ڪيترائي ٽڪر ڏسڻ ۾ ايندا. ننڍڙين جاين جو مٿانھون حصو ۽ ماٿريءَ وارو علائقو ڪراچي جي طبعي ماحول جو ڏس ڏئي ٿو. ٻئي طرف سڪل ندين جا نشان ۽ ڪِني پاڻيءَ جون ڪسيون ڪراچيءَ جي جاگرافيائي ماحول جي نشاندهي ڪن ٿيون.

ڪراچيءَ جي آبھوا سنڌ جي هيٺانھين حصي جي موافق آبھوا آهي. سخت گرميءَ ۾ سمنڊ کان هلندڙ ٿڌي هوا دل کي سڪون ۽ روح کي راحت بخشي ٿي.

هتي ڪنھن سال 35 انچ برسات پوي ٿي ته ڪنھن سال بنھه گهٽ. هڪ طرف ڊگهو سمنڊ آهي، ته ٻئي طرف ويران ريگستان. هتان جو ماحول وڻندڙ ۽ آٿت ڏيڻ وارو آهي. ميربحرن جا شڪارگاهه سوين ميلن تائين پکڙيل آهن. ڪٿي ڪٿي ننڍڙا واهه آهن. اڪثر علائقا ويران ۽ غيرآباد آهن، هِتان جي رهواسين جو گذران سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن مان ايندڙ  ڀاڄين تي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب ريگستاني علائقي ۾ پوک بنھه ڪونه ٿئي ٿي. ڪراچي سمنڊ ۽ غيرآباد علائقي ۾ ورهايل آهي. ان هوندي به هي شھر راڻيءَ جيان راڄ ڪري رهيو آهي. سندس ترقيءَ جو مدار سمنڊ ۽ بندرگاهه تي آهي.

پٺتي پيل نظر:

ڪراچي جي موجوده صورت پوئين شڪل کي بنھه لڪائي ڇڏيو آهي. رڳو ڪي تاريخي نشان آهن، جيڪي هن شھر جي پراڻي صورت جو پتو ڏين ٿا. جھڙوڪ 326ق.م ۾ اليگزينڊر جي فوج جو هِتان گذرڻ. اليگزينڊر جي فوج جو سپـھه سالار نيپئر چس اها نشاندهي ڪئي آهي ته هِتان جي آبھوا وڻندڙ آهي. اهو پڻ معلوم ٿيو آهي، ته انھن ڪجهه ڏينھن هت ويساهي کنئي هئي.

ڪجهه مورخن جو چوڻ آهي ته، نيپئر چس 15 ڏينھن منھوڙي جي ڀرسان ترسيو هو. پر ان بابت ڪا تصديق ڪانه ٿي ملي، ٻيو احوال 712ع جو آهي، جڏهن مسلمان عربن ديبل تي ڪاهه ڪئي هئي، جنھن جي اڳواڻي محمد بن قاسم ڪري رهيو هو، اِهو سمجهيو وڃي ٿو ته ديبل بندر ڪراچيءَ جي آسپاس هو. گهڻن مورخن جو چوڻ آهي ته ڀنڀور (جيڪو ڪراچيءَ کان 40 ميل پري آهي) پراڻو ديبل آهي. ملتان ۽ ٻين عربن ديبل فتح ڪيو هو. ديبل بندر بابت ڪابه آخري راءِ ڪانه ٿي ملي، پر ايترو ضرور معلوم ٿيو آهي ته ديبل ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ هو. ان مان اها پروڙ پوي ٿي ته اهو علائقو ان وقت ويران هو.

326ق.م کان 1700ع تائين هڪ ڊگهو عرصو آهي، ان عرصي بابت تمام گهٽ ڄاڻ ملي ٿي، هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي جھازن جي اچ وڃ جو سلسلو موجود هو. سترهين صديءَ جي وچ ۾ لاري بندر تان واپار جو ڪم شروع ٿيو. اهو بندر ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ هو، جنھن کي ان وقت سنڌ جي راڄڌاني سمجهيو ويندو هو. ٺٽو ان وقت واپار ۽ تجارت جو مرڪز هو.

پراڻو لاري بندر:

سترهين صدي جي آخر ۾ لاري بندر مال جي ڏي وٺ لاءِ سود مند ثابت نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته سنڌونديءَ ۾ تمام گهڻو گند گڏ ٿي ويو هو. ان وقت 52-1648ع ۾ ملتان جي گورنر اورنگزيب کي بندر بابت گهڻو فڪر ٿيو ۽ هن صاحب ”اورنگا بندر“ جو بنياد رکيو (سنڌ- سورلي)، اهو بندر جيتوڻيڪ سڀئي ضرورتون پوريون نه ڪري سگهيو آهي، تنھن هوندي به ڪجهه وقت تائين ڪم ايندو رهيو آهي. ان کان پوءِ ارڙهين صديءَ ۾ ٺٽي وٽ ”شاهه بندر“ مال جي ڏي وٺ جو مرڪز بڻيو. اهو سنڌوءَ جو سونھري دور هو، هتان جھاز ۽ ٻيڙيون وڏي مقدار ۾ اينديون وينديون هيون. هن بندر تي ميربحر مزدور، واپاري ۽ وچولي طبقي جا ماڻھو ڪم ڪندا هئا. اهو موڪلن جي ڏينھن ۾ تفريح لاءِ استعمال ٿيندو هو. افسوس جو سنڌوءَ جو اهو نظارو هاڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.

ڪراچي جو اُڀرڻ:

ٻئي طرف حب نديءَ جي ڪناري وٽ هڪ ننڍڙو بندر ڪم ايندو هو، جنھن کي ”ڪرڪ“ يا ”خرڪ“ چوندا هئا. مٽي ۽ گند هئڻ سبب اهو بندر ترقي نه ڪري سگهيو. ڪيترائي باشندا هِتان اُٿي وڃي ٻين جاين تي آباد ٿيا. ان مان اڪثر ڪلاچيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي وسيا. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪلاچيءَ جو ڳوٺ ”ڪلاچي“ ۽ پوءِ ”ڪراچي“
بڻجي ويو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسلمان عربن ۽ مغلن جي دور ۾ ڪراچي مال جي ڏي وٺ جو مرڪز نه بڻجي سگهيو. هِتي صرف جھاز لنگر هڻندا هئا ۽ ڪجهه وقت ترسي روانا ٿي ويندا هئا.

سياسي جوڙجڪ:

ڪنھن به علائقي يا جاءِ جي ترقيءَ جو دارومدار هِتان جي پر امن حالتن ۽ جٽادار سياست تي رکيل آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ سترهين صديءَ ۾ سوين تڪليفون ڏٺيون. ڪلھوڙن جي دور ۾ افغان سرڪار (جيڪا ان وقت طاقتور حڪومت هئي) ايسٽ انڊيا ڪمپني رستي هت گهڻو دٻاءُ وڌو، ٻئي طرف جاگرافيائي حالتن جي ڦيرگهير سبب سنڌو پنھنجي واٽ بدلائي چڪو هو، اهوئي سبب هو جو هن علائقي ۾ نوان شھر اُڀرڻ لڳا.

ڊاڪٽر سورلي جو چوڻ آهي ته افغان سرڪار سنڌ سان ڪسٽم ۽ ڍل جي ڏي وٺ ختم ڪرڻ گهري ٿو. ڪراچي، مڪران ۽ قلات تائين نوان بحري رستا قائم ڪرڻ گهريا ٿي. سندن مقصد ڪلھوڙن کي هن علائقي مان تڙي ڪڍڻ هو، ته جيئن هِتان جي آفيسرن ۽ ماڻھن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وڌو وڃي. اهو صحيح نه آهي ته ڪراچي ان وقت قلات جو بندرگاهه هو. اهڙين حالتن ۾ ڪراچي کي بندر ۽ شھر جي حيثيت سان اُڀاريو. ان کان پوءِ ٽالپر ميرن جو راڄ قائم ٿيو، جنھن مغلن جي اڻ سڌي ملاقات کي ختم ڪيو. ٽالپرن بندر جي اهميت کي محسوس ڪيو، 1795ع ۾ قلات جي خان کان ڪراچي کسي ورتو. ان وقت ڪراچيءَ جي آبادي 8000، ان کان پوءِ پوٽينگر لکيو آهي، ته 1818ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي 13000 تائين وڌي وئي، جنھن ۾ اڪثر هندو هئا.

جيتوڻيڪ ڪراچي اهميت جي لحاظ کان مُک شھر هو، پر ان هوندي به بندرگاهه جون تمام سھولتون پوريون نه ڪري سگهيو. ميرن رڳو منھوڙي جي ڀٽ کي ترقي ڏني، ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ڪري سگهيا. پيداواري ذريعن جي کوٽ ۽ ٽالپرن جي همت بابت بيلي هن ريت لکيو آهي:

منھوڙي تي پھريون حملو 1839ع ۾ ٿيو ۽ 3 فيبروري 1839ع تي اهو ڀٽ ڊهي پيو.

سنڌ جي فتح کانپوءِ چئن سالن تائين ڪراچي برطانوي سرڪار جي هٿ هيٺ رهيو. ان وقت ڪراچي ۾ مٽيءَ جا گهر پڪين ڇتين سان ڍڪيل هئا، شھر جي چئني طرفن کان مٽيءَ جو ٿلھو هو، جنھن کي ٻه دروازا  هئا. هڪ کاري در جي نالي سان مشھور هو ۽ ٻئي کي مٺو در چيو ويندو هو، جنھن جو مطلب آهي مٺي پاڻيءَ وارو در. اڄ اِهي ٻئي علائقا کاري در ۽ مٺي در جي نالي سان مشھور آهن. 1842ع کان 1843ع تائين سرچارلس نيپئر جي اڳواڻي ۾، جڏهن برطانيه سنڌ تي قبضو ڪيو، ڪراچي گهڻي ترقي ڪئي. برطانوي سرڪار حيدرآباد ۾ قلعو هئڻ سبب هتي راڄڌاني قائم ڪئي، پر سخت گرمي هئڻ سبب هنن پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ فيصلو ڪيائون ته ڪنھن ٻئي هنڌ تي گادي مقرر ڪئي وڃي. ان رٿ هيٺ سر چارلس نيپئر پنھنجي ڊپٽي ڪمشنر رچرڊ برٽن کي ڪراچيءَ تي سروي لاءِ موڪليو.

رچرڊ برٽن ڪراچيءَ جو جائزو ورتو ۽ لکيو ته ڪراچي ميربحرن جو ڳوٺ آهي، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي آباد آهي. هن رپورٽ ۾ لکيو، ته ڪراچي حيدرآباد کان ٿڌو علائقوآهي ۽ هتي پرشين گلف تائين واپار هلي سگهي ٿو.

ان رپورٽ تي عمل ڪندي سرچارلس نيپئر ڪراچي لڏي آيو ۽ اڄ اهو ساڳيو شھر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪراچيءَ جي اهميت واپار، بچاءُ، ۽ سوئز جي رستي برطانيه سان واسطو قائم ڪرڻ سبب آهي ۽ اهو شھر ڏينھن به ڏينھن ترقي ڪندو رهي ٿو.

هتي جاين جي اڏاوت جو ڪم 1847ع ۾ شروع ٿيو ۽ برطانوي فوج نيپئر بئرڪس ٺھرايو. هتي اڄ به سرڪاري آفيسر رهن ٿا ۽ جاين جي حالت به چڱي آهي. 1848ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي 50 هزار هئي. 1874ع جي آخر ۾ بي.اي فريئر، سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. ڪئٽرڪ جي چوڻ موجب مسٽر فريئر ڪراچيءَ جي صحت ۽ صفائي لاءِ ميونسپالٽي ٺھرائي. هن هڪ ڪاميٽي ويھاري، جنھن ۾ ڪئپٽن پريڊي، (جنھن جي نالي پويان پريدي اسٽريٽ ٺھي) ڪسٽم ڪليڪٽر مسٽر جان ميڪلوڊ (جنھن جي نالي سان ميڪلوڊ روڊ مشھور آهي) ۽ سيٺ نائونمل هوتچند شامل هئا.

ڪراچي ميونسپالٽي جي پھرئين سال جي آمدني 16000 ٻئي سال 18000 ۽ ٽئين سال 27000 هزار هئي. 1850ع کان 1900ع تائين ڪراچي هڪ شھر جي صورت اختيار ڪئي. ان عرصي ۾ هتي ڪيتريون ئي جايون ٺھيون ۽ ڪيترائي نوان رستا وڇايا ويا. انھن رستن جا نالا ان وقت جي برطانوي آفيسرن جي نالن پويان رکيا ويا، جيڪي ان وقت رستن جي اڏاوت ۽ ٻين ڪم ڪارن جا نگران هئا. فريئر هال ۽ ميري ويدر ٽاور پڻ ان عرصي دوران ٺھيا.

فريئر هال جو ڪم 1863ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1865ع ۾ اهو عوام لاءِ کوليو ويو. مسٽر بنجامن فلنج،  88- 1887ع ۾ فريئر هال جي چئني طرفن هڪ ننڍو پارڪ ٺھرايو. پارڪ ٺھڻ شرط فريئر هال جي سونھن ۾ واڌارو ٿي ويو. اڄ ڏينھن تائين اهو هال ”فريئر هال“ جي نالي سان مشھور آهي. 87-1886ع ۾ ميري ويدر ٽاور ٺھيو. اهو ٽاور ڪمشنر ميري ويدر ٺھرايو. 1882ع ۾ ”بولٽن مارڪيٽ“ ميونسپالٽي جي ڪمشنر مسٽر بولٽن ٺھرائي. آخرڪار سن 1888ع ۾ ڪراچي کاري در جي مٺي در کان وڌي ڦھلجڻ لڳو.

ڪچن رستن کي پڪن روڊن ۾ تبديل ڪيو ويو، جن کي ميونسپل ڪارپوريشن جا ماڻھو روزانو صبح جو ڌوئيندا هئا. وڌندڙ آبادي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ضروري هو ۽ ان لاءِ ڪيترائي اُپاءُ ورتا ويا، ان وقت ڪراچي 1875ع ۾ کارا در، ميٺا در، صدر ڪوارٽر، سول لائن ۽ ڪنٽا منٽ تائين ڦھليل هو.

سمنڊ جي ڪناري سان واسطو:

1861ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين 110 ميلن جي ڊگهي ريلوي لائن وڇائي وئي. سنڌوندي رستي ڪوٽڙي ۽ پوءِ پنجاب تائين مال جي ڏي وٺ جو سلسلو شروع ٿيو. 1865ع تائين ڪراچيءَ ۾ واپار جوڪو مناسب بندوبست نه هو. رڳو هڪ ننڍڙو بندر جھازن جي بيھڻ لاءِ ڪم ايندو هو. جتان کان مال گاڏيون مال کڻي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پھچائينديون هيون. مال جي لاهڻ ۽ چاڙهڻ، مسافرن جي واپار جي لاءِ اهوئي بندر ڪم ايندو هو. 1862ع کان 1864ع تائين ميري ويدر بندر جون مڙيئي ضرورتون پوريون ڪيون. ان کان اڳ رياست جي سيڪريٽرين، وائسراءِ، گورنر، ڪمشنر، انجنيئر، ملٽري ۽ سول آفيسرن ۾ سدائين ڇڪتاڻ رهندي هئي. آفيسر هڪ ٻئي خلاف غلط رٿائون پاس ڪري منصوبي کي عمل ۾ آڻڻ کان روڪيندا هئا.

1900ع ۾ ڪراچي بندر اُڀرندي حصي ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جو اهم وسيلو بنجي ويو. مال جي ڏيتي ليتي سبب برطانوي سرڪار هن بندر رستي ڪافي فائدو حاصل ڪيو، جنھن سبب ڪراچي بندر ۽ شھر کي وڌيڪ ترقي ملي.

ان عرصي ۾ ڪراچي هڪ شھر ۽ اهم بندر جي شڪل ورتي. انگريزن ڪراچي کي ترقي ڏيارڻ ۾ جيڪي ڪم ڪيا، سي هن وقت به گهڻو مشھور آهن. سمنڊ ۽ ڪي ويران علائقا اڀرندي نظر آيا ۽ ڏسندي ڏسندي هتي ڪيترائي انسان آباد ٿي ويا. هتي ڪي ننڍڙيون جهوپڙيون هيون، ڪجهه بنگلا هئا، ڪن ننڍڙين ٽڪرين تي تنبو لڳل هئا ۽ ڪيترائي ڌرتيءَ جا مٿانھان حصا سمنڊ ۾ ترندي ئي نظر آيا. هِتان کان پري جو ڪنارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. لھرون موج ۾ آهن ۽ هتي هڪ ننڍڙو غار آهي. هڪ قبو آهي، جنھن کي حضرت عبدالله شاهه غازي جو قبو چيو وڃي ٿو. ڪلفٽن گهڻو ٿڌو علائقو آهي. نومبر مھيني ۾ ٻنپھرن جي وقت هتي گرميءَ ۾ مزو ايندو آهي. توهان ڏسندا ته هتي ڪيترائي ماڻھو گهرن ۾ بند رهن ٿا. اڪثر جايون بنھه خالي آهن، نه ڪو روح نه ڪو ٻيو. هتي ٻي ڪابه آبادي ڪانه هئي، سواءِ هڪ پير کان جو هڪ ٽڪريءَ وٽ غار جي ڀر ۾ رهندوهو. سج لھڻ وقت هِتان کان گهڻائي ماڻھو تڙ تڪڙ ۾ واپس موٽندا آهن. هتي گرميءَ ۾ گهڻي خوشگوار هوا هلندي آهي.

ڪلفٽن، گرميءَ ۾ گهوڙي سواري لاءِ بھترين جاءِ آهي. هتي جانورن ۽ ماڻھن کي پاڻي پيارڻ لاءِ ميونسپل جون ٽرڪون اينديون آهن. امير ماڻھو هتي ٻن مھينن تائين رهي سگهن ٿا. (ڪئٽرڪ)

ڪلفٽن متعلق اهي جملا سؤ سال کان اڳ لکيا ويا هئا. پر هن وقت ڪلفٽن گهڻو بدلجي چڪو آهي. ڪوٽڙي پئرڊ، ليڊي لائڊس پيئر ۽ پارڪ ڪراچي لاءِ ناياب سوکڙيون آهن، لوئيڊي پيئر جو بنياد 10 فيبروري 1919ع تي ليڊي لوئڊ رکيو. 21 مارچ 1923ع تي اهو عوام لاءِ کوليو ويو. ان تي ذري گهٽ ٽي لک روپيا خرچ آيو، اهو ميسرس وليم جي نصيرالدين ۽ ڪمپني تيار ڪيو.

رات جو بتين جي روشني هن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿي. هزارين ماڻھو هت گهمڻ لاءِ ايندا آهن. هِتان جي شام خاص طور تي حضرت عبدالله شاهه غازيؒ جي قبي جو منظر زندگيءَ گذارڻ جو سھڻو تصور پيش ڪري ٿو. هتي سندس ڪيترائي عقيدتمند ايندا آهن، هتي گهوڙا ۽ اُٺ اڪثر تفريح لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.

منگهو پير:

جڏهن اسان منگهي پير جي ٽڪر تي پھتاسين تڏهن شھر جو هڪ سھڻو منظر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪڏهن هتي کجيءَ جا وڻ، زيارت گاهه ۽ ترندڙ واڳون نه هجن ها ته منگهو 365 ڊگري تائين ويران نظر اچي ها.

هِتي اڪثر ننڍڙيون قبرون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. انيڪ ماڻھو ٿڌي ڇانوَ ۾ پاٿاريءَ تي ويھندا آهن. هتي ڪوبه پکي خوشيءَ سان هڪ جاءِ تي آکيرو نه ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪو زيارت ڪندڙ شخص هڪ جاءِ تي ويھندو. سدائين گهمڻ ڦرڻ ۾ مزو ايندو آهي.

هتي اڪثر جاين ۾ ٻليون هلندي ڦرندي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. منگهي پير جي اها  درگاهه آهي، جتي هندو ۽ مسلمان ٻئي اچي گڏ ٿيندا آهن، هن زيارت گاهه ۾ دفن ٿيل شخص جو نالو ڪمال دين آهي، جو بعد ۾ منگهي پير جي نالي سان مشھور ٿيو. هن وقت سندس هڏا مسجد جي هيٺ لڪي ويا هوندا. (پيٽرمين- سنڌ جا قبا).

پر اڄ انھن ساڳين واڳن جو چمڙو سگريٽن جي پاڪٽ ۽ ٿيلھن جي طور تي استعمال ٿئي ٿو. اڄ منگهو پير نئين صورت ۾ فائدو پھچائي رهيو آهي. (از سنڌ گزيٽ).

اهو علائقو جنھن کي پيٽرمين شڪارگاهه سڏيو آهي، اڄ صنعتي مشينن جي شور سان گونجي رهيو آهي. اها جاءِ، جتان 360 ڊگري تائين ويراني ڏسڻ ۾ ايندي هئي، اڄ هڪ مصروف علائقو بڻجي ويو آهي. منگهي پير جا چشما ۽ واڳون اڄ به ماڻھن لاءِ گهمڻ جو سامان مھيا ڪن ٿا، اڄ هن علائقي ۾ بسن رستي سفر جو سلسلو جاري آهي.

اڄ کان 65 سال اڳ ڪراچيءَ ۾ طائون جو مرض اڪثر ڦھلجندو رهندو هو، هر ٻن مھينن کان پوءِ انيڪ ماڻھو مري ويندا هئا. ڪيترائي ماڻھو هتان کان لڏي ٻين جاين تي وڃي آباد ٿيا. امير ماڻھو ڪلفٽن تي لڏي وڃي ويٺا.

پھرين مھاڀاري ويڙهه (18-1914ع) کان اڳ هتي ٽرامون هلنديون هيون. وڏين ٽرامن کي ٻه گهوڙا يا چار گهوڙا هلائيندا هئا. ننڍڙين ٽرامون هڪ گهوڙو به ڇڪيندو هو.

گهوڙن جي مٿان ويس ۽ ٽوپلا ڍڪيل هئا، ته جيئن انھن کي گرمي نه لڳي. ساهه کڻڻ لاءِ سندن نڪ سدائين کليل هوندو هو. هر ٻن ميلن کان پوءِ گهوڙا بدلايا ويندا هئا. صدر بازار کان ٽاور ۽ ٽاور کان ڪياماڙي تائين هڪ آني کان گهٽ ڀاڙو هوندو هو.

ٻٽيھه سال کن اڳ ٽرنئي ديول جا مٿيان ڇھه طبق ڪيرايا ويا، ڇاڪاڻ ته هوا جي سخت دٻاءُ سبب مٿئين حصي جي ڪِرڻ جو ڊپ هو. ان وقت ڪراچيءَ ۾ 20 کان 35 طبق تائين عمارتون هونديون هيون.

ان وقت ميڪلوڊ روڊ ميڻ بتيءَ جي منھن جيان ڦھليل هو. 1886ع ۾ ان روڊ تي جيمخانو ٺاهيو ويو هو، جو اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي. نيو ڪوئنس روڊ تي ٺھيل يليف علائقي واري جاءِ کي ڪراچي جا برطانوي آفيسر گڏجاڻين لاءِ استعمال ڪندا هئا. اسڪينڊل پوائنٽ روڊ جو ٻيو ڇيڙو هيٺين پل تائين ايندو هو.

ايمپريس مارڪيٽ وٽ سال 1857ع ۾ جنگِ آزادي دوران 15 محبِ وطن شھيد ٿيا هئا، ان بعد ايمپريس مارڪيٽ جو نالو ”شھيد مارڪيٽ“ رکيو ويو.

سوين سال اڳ برطانوي فوجي آفيسر لياري نديءَ جو پاڻي پيئڻ عيب سمجهندا هئا. تنھنڪري سنڌونديءَ جو پاڻي اُٺن ۽ گهوڙن رستي ڪوٽڙي کان آندو ويندو هو.

ڪراچي پھرين مھاڀاري ويڙهه دوران اهم ڪم سرانجام ڏنو. هِتان کان بصري تائين ٻين رستن ذريعي خوراڪ جو سامان ويندو هو. برطانوي سرڪار جا فوجي اهو سامان استعمال ڪندا هئا. بندر هئڻ سبب ڪراچي گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪئي.

جنگ دوران مال جي اچ وڃ هِتان جي واپارين کي گهڻو فائدو رسايو، جنھن سبب گهڻئي رستا ٺھي ويا، ڪيتريون ئي جايون ٺھيون ۽ بندر روڊ ۽ ميڪلوڊ روڊ ٺھيو. زولو جيڪل گارڊن پڻ ان عرصي دوران ٺھيو، جنگ نه رڳو بندرگاهه کي ترقي ڏني، بلڪه ڪراچيءَ ۾ سوين تبديليون آيون، جن ڪراچي جي مستقبل کي ويتر روشن ڪري ڇڏيو. جنگ کانپوءِ ڪراچي آهستي آهستي ترقي ڪرڻ لڳو. ٻين مھاڀاري ويڙهه سال 1939ع ۾ ٿي، جنھن ڪراچي جي ترقي جو قطعي فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪراچي صحت ۽ صفائي جو مرڪز بڻجي ويو جنھن جي آبادي 3 لک هئي. 1947ع ۾ ڪراچي هميشه لاءِ تبديل ٿي ويو. ڪراچيءَ کي پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو. ڪيترائي پاڪستان ۽ اسلام جا شيدائي اچي رهڻ لڳا. ڪراچيءَ جي آبادي ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳي.

ڪراچيءَ جو هڪ هڪ انچ هن وقت ضرورت جو اهم حصو آهي، ڪالونيون، نيون عمارتون، نوان رستا، نوان اسڪول، نيون مارڪيٽون ۽ بازارون، نوان گهر ۽ واپار جا مرڪز ڪراچيءَ جي سونھن ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن.

صنعتي ترقي:

واپار جو وڏو مرڪز ۽ پاڪستان جو اهم شھر هئڻ سبب ڪراچي آزادي کانپوءِ گهڻي ترقي ڪئي. هتي سوين مِلون ۽ ڪارخانا ٺھيا. سائيٽ (سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسسٽيٽ) ۽ ڇھه ميل پري لانڍي جي علائقي ۾ ڪيترائي ڪارخانا آهن. انھن ڪارخانن ۾ وڏي پئماني تي ضرورت جو سامان ٺھي ٿو. ڪيترن تي ٽيڪسٽائل ملن ۾ ڪپڙو ٺھي ٿو، هتي صابڻ، ريشمي ڪپڙو وغيره ۽ پلاسٽڪ جو سامان، سيمينٽ، بسڪيٽ ٺھن ٿا.

1948ع ۾ جڏهن آءٌ پھريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ آيس، تڏهن هڪ ڪئمپ ۾ مون کي رهايو ويو. اُهي ڪئمپ جيڪب لائن ۾ بيچلر گورنمينٽ نوڪرن لاءِ قائم ڪيا ويا هئا. ڪراچي جيڪو ان کان اڳ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو، هاڻ پوري پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ٺھيو. ڪيترائي بئرڪس صدر ۾ ٺھرايا ويا. فريئر روڊ تي پراڻن سرڪاري آفيسرن لاءِ ۽ ڪجهه وزيرن لاءِ ڳاڙهن پٿرن واريون جايون ۽ خوبصورت ڪورٽون ٺھرايون ويون. ڪراچي ان وقت صحت ۽ صفائي جو مرڪز هو. هتي کاڌو سستو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون پڻ ملي سگهيون ٿي، گهوڙي ڇڪڻ واريون ٽرامون ۽ بسون سفر ڪرڻ جو ذريعو هيون.

ان وقت لياري نديءَ جي پويان ڪابه آبادي نه هئي ۽ نه ئي ڪا پل ٺھيل هئي. لسٻيلي جي ٽھٽي پل پوءِ ٺھي آهي. ڳورا قبرستان وٽ چوٿين درجي وارن سرڪاري ملازمن لاءِ جايون ٺھيون. اڃا تائين هتي ڪن اهڙين جاين جا نشان ملن ٿا.

1948ع ۾ برسات پئي هئي. اسان جا ڪئمپ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا هئا، مون کي ياد آهي ته ان وقت گند واري ڪئمپ ۾ قائدِاعظم محمد علي جناح اسان کي ڏسڻ آيو هو ۽ ترت ئي اسان کي مختلف اسڪولن ۾ ويھاريو ويو. قائدِاعظم جي حڪم مطابق اسان کي ڪلفٽن روڊ تي جايون مليون. ڪي وڃي مارٽن روڊ ۽ جمشيد روڊ تي رهيا.

1950ع ۾ ٻوڏ آئي، اُها پاڻيءَ جي ٻوڏ. بلڪه عوام جي ٻوڏ هئي. اهو عوام جيڪو هندستان کان منتقل ٿي هِت آيو هو. اهي هوائي جھازن ۽ ريل گاڏين رستي هت پھتا. ڪيترائي خاندان اُٺن ۽ ڪارن ۾ هت آيا، آخرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ ناڪام ٿي. سائيڪلون ۽ رڪشائون هلڻ لڳيون. 1954ع دوران رڪشائن ۽ سائيڪلن سبب ڪيترائي حادثا ٿيا. رنگين رڪشائون جنھن تي پلاسٽڪ ۽ چمڙو چڙهيل هو. سائيڪل رڪشا 56-1955ع ۾ بند ڪيا ويا، ۽ ان جاءِ تي آٽو رڪشا هلڻ شروع ٿيا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين هلي رهيا آهن.

ڪراچيءَ ۾ پڪن رستن سان گڏ کوکا بازارون ٺھڻ لڳيون، (کوکا مان مراد ڪاٺيءَ جي ٺھيل کوکن جا دڪان آهن) هن وقت شھر ۾ هر طرف کوکن جا دڪان نظر ايندا هئا. جنرل اسٽور، ڪپڙن جا دڪان ۽ ميون جون گاڏيون وڪٽوريا روڊ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي سامھون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. صدر پوسٽ آفيس، پڻ بعد وڪٽوريا روڊ تي ٺھي آهي.

پاڻيءَ جي کوٽ ڪراچيءَ جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهي. جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ واٽر پروجيڪٽ مختلف رٿائن تي عمل ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ ان کان اڳ نه سرڪيولر ريلوي لائن هئي ۽ نه ئي سئي گيس سسٽم. هن وقت ڪراچيءَ ۾ انيڪ سھولتون آهن، پر ان جي باوجود اڃا ڪيترائي مسئلا آهن، جن کي نبيرڻو آهي.

ڪراچي واپار جو مرڪز آهي، هِتي هيٺين سطح تي هنري سامان ۽ وڏي پئماني تي مال جي ڏي وٺ ۽ صنعتي ترقي وڌي رهي آهي. هي شھر مختلف ماڻھن، قومن ۽ طبقن سان واسطو رکندڙ رهاڪن جو مرڪز آهي. هتي جون هوٽلون ۽ ڪلب مغربي طرزِ زندگيءَ جو تصور پيش ڪن ٿا. هتي ڪيتريون سھڻيون بازارون ۽ مارڪيٽون آهن. ڪراچي گذريل ڏينھن ۾ انتھائي تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي ۽ مستقبل ان کان به وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

هتي انيڪ معياري هوٽلون آهن، جن ۾ آرامده ڪمرا ۽ ٻيون سھولتون موجود آهن. مڇي مارڻ لاءِ اونھو سمنڊ ۽ ٿورو پرڀرو هاليجي ۽ ڪلري (ڪينجهر) ڍنڍون آهن، جنھن ۾ تفريح ڪرڻ لاءِ لانچيون ۽ ٻيڙيون هلن ٿيون. ڪلبن ۾ ترڻ لاءِ سوئمنگ پول ۽ گهوڙن ڊوڙڻ لاءِ ”ريس ڪورس ميدان“ آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي وڻندڙ جايون آهن، جن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

قائدِاعظم جو مقبرو:

هي مقبرو محمد علي جناح روڊ تي آهي. هن جي اڏاوت اسلامي ثقافت جي اصولن موجب ٿي آهي. هي مقبرو چوڪنڊي ڊزائن ۾ هڪ گول قبي سان 130 فوٽن جي ٿلھي تي بيٺل آهي. هن جون ڀِتيون اَٺن ڪنڊن تي بيٺل آهن ۽ فرش تي ڏندن جھڙو ٽائلس لڳل آهي، هن مقبري جو بنياد 1960ع ۾ رکيو ويو هو ۽ 10 سالن تائين مرمت جو ڪم هلندو رهيو. 1970ع ۾ هن مقبري کي عام ماڻھن لاءِ کوليو ويو.

مقبري جو ڊزائن ڪرسيءَ جھڙو آهي 90x90 چورس فوٽن ۾ ٺھيل آهي. سندس ميدان 116x116 حصن تي ٻڌل آهي. ۽ ٿلھي جي چئني طرفن کان 18 ڏاڪن واري ڏاڪڻ آهي. اها ڏاڪڻ 250x250 چورس فوٽ ويڪري آهي، جنھن جو ڊاياميٽر (قطر) 80 فوٽ ويڪرو آهي.

مقبري ۾ دفن ٿيل شخصيت جا محافظ، پوئين حصي تي 14 فوٽ مٿي رهن ٿا. مقبري جي چئني طرفن کان استعمال لوڙهي ۾ 12 ٽن لوهه ڪم آندو ويو آهي ۽ قبر جي چؤطرف 1800 تولا چاندي جو جهنگلو ٻڌل آهي، جنھن جي قيمت 2125000 روپيا آهي.

قبر جي مٿان هڪ ڊگهو وڏو شمعدان اندازاً 25  فوٽ هيٺ تائين ٽنگيل آهي، اهو شمعدان مسلم ائسوسئيشن عوامي جمھوريه چين تحفي طور ڏنو آهي، مقبري جي سامھون 15 وڏا حوض روڊ تائين ٺھيل آهن.

فريئر هال:

اها بلدنگ شھر جي اهم جاءِ تي هئڻ سبب گهڻي اهميت رکي ٿي، هن جاءِ جي مٿان پڃري جھڙو اَٺ ڪنڊو ٽاور ٺھيل آهي، جنھن جي مٿان هڪ ڊگهي ڪلنگي لڳل آهي. هن عمارت جي اندر هڪ وڏو هال آهي، جنھن ۾ بارٽل فريئر عام ميٽنگون ڪندو هو ۽ جنھن تي 25 هزار روپيا خرچ ٿيا هئا، جنھن مان 12 هزار روپيا ڪليئر ولسن 1863ع ۾ منظور ڪيا هئا. 1863ع ۾ هن هال جي ٺھڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ڪمشنر مئفيلڊ جي دور تائين جاري هو، هن عمارت تي سمورو خرچ 180000 روپيا آيو، جنھن مان 10000 روپيا سرڪار منظور ڪيا هئا.

اهو هال وينسيٽن گوئڪ جي ڊزائن موجب ٺھيل آهي، هن ۾ ڪراچي کان 100 ميل پري ڪوٽڙي وارو بلوري پٿر ۽ جنگشاهي وارو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي. اهو هال گهڻي وقت تائين پاڪستان جي قومي ميوزم طور استعمال ٿيو آهي، جو هاڻ برنس گارڊن تي ٺھرايو ويو آهي. بلڊنگ جي چئني طرفن باغ (جناح باغ) آهي، جتي هزارين ننڍا ۽ وڏا ماڻھو گهمڻ لاءِ ايندا آهن . هن باغ تي انگلنڊ جي الزبيٿ، آمريڪا جي صدر هائزن آور، انڊونيشيا جي ڊاڪٽر سوئيڪانو، شھنشاههِ ايران ۽ عربستان جي شھنشاهه کي ڪيتريون ئي پارٽيون ڏنيون ويون آهن.

هيڪس ڊينسو هال:

اهو هال 1886ع ۾ ٺھيو، هن ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي مشھور ۽ معروف شخصيتن جون ڪرسيون رکيون ويون هيون، هن جاءِ جي اڏاوت مسٽر اسٽريسين ٺاهي، جا وينس شھر جي گوٿ قوم جي ڪلچر جھڙي آهي. هن جو مٿيون هال 60x30 جو ٺھيل آهي، جنھن ۾ اندازاً 500 ماڻھو ويھي سگهن ٿا، هيٺئين حصي تي لائبريري آهي، هن وقت اها جاءِ آرٽ گيلري جي طور تي استعمال ٿئي ٿي.

گارڊن يا باغيچو:

هي روڊ جي ڪناري تي آهي، منجهس پارڪ ۽ قسمين قسمين جا پکي ۽ جانور آهن، هن ۾ هڪ ننڍڙو مڇي گهر پڻ آهي، هتي انيڪ ماڻھو گهمڻ لاءِ ايندا آهن. اهو صبح 9 کان شام جو 7 تائين کليل هوندو آهي، هتي هر جمعو خاص عورتن لاءِ هوندو آهي ۽ منجهس اندر وڃڻ لاءِ 25 پئسا ٽڪيٽ رکيل آهي.

خالقڏنو هال:

هي هال 1906ع ۾ سر غلام حسين خالقڏنو شھر جي مشھور ۽ معروف شخصيت ٺھرايو. هال جي وڏي در وٽ ٻه پبلڪ روم ٺھيل آهن. هي هال 70 فوٽ ڊگهو، 45 فوٽ ويڪرو ۽ 30 فوٽ اوچو آهي، هن هال جي سامھون ورانڊو 32x52 فوٽ آهي ۽ 10 فوٽ بلڊنگ جي کاٻي ۽ ساڄي وارو حصو آهي. اهو هال ”علي برادران“ (يعني مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي) جي تاريخي شخصيتن سان منسوب آهي.

تمورتي مقدس ديول:

اهو پھريون ديول آهي جو ڪراچيءَ ۾ ٺھرايو ويو. هي ديول 15 چورس ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي ۽ هن ديول جو بنياد سربارٽل فريئر 9 سيپٽمبر 1852ع تي رکيو. ديول جو افتتاح شاپ، 1855ع ۾ ڪيو. هن ديول جي مٿان ٺھيل گهڙيال 1900ع ۾ ٺھرايو ويو، ديول جو نقشو مسٽر جان هل ممبئي واري ٺھرايو. رچرڊ برٽن پنھنجي ڪتاب ڪراچيءَ جو حال، ماضي ۽ مستقبل ۾ هن ديول کي مترڪي سان تشبيھه ڏني آهي. سندس چوڻ آهي ته ديول جو پويون حصو شستر گاو وانگر ٺھيل آهي. هن ديول جو ٽاور 115 فوٽ ڊگهو جنھن جي باري ۾ روايت آهي، ته هوا جي هلڻ سبب هن مان سيٽيءَ جو آواز نڪري ٿو. ان بابت ڪا تصديق ڪانه ٿي ملي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو، ته هن ۾ ڪو راز لڪيل آهي، 1954ع ۾ هن ديول جا مٿيان چار طبقا انڪري ڪيرايا ويا، جو انھن جي ڪِرڻ سان ديول کي نقصان رسڻ جو خطرو هو. هن ديول جو منھن اُتر اولھه طرف آهي، جنھن سبب ٿڌي هوا هيٺ ايندي رهي ٿي. ديول ۾ سر چارلس نيپئر جي دري پڻ آهي، جيڪا 1952ع ۾ واچوڙي سبب ڪِري پئي هئي.

ميري ويدر ٽاور:

اهو ٽاور ان وقت ٺھيو هو، جڏهن سر جيمس فرگسن ممبئيءَ جو گورنر مقرر ٿيو هو. هي ٽاور سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر مسٽر ميري ويدر ٺھرايو ۽ انھيءَ جي نالي سان مشھور آهي. هن جو نقشو مسٽر اسٽريچن ٺاهيو، جنھن ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي پراڻين جاين جا نقشا ٺاهيا هئا.

ٽاور جي ڊگهائي 102 فوٽ هيٺئين ويڪرائي 44 فوٽ آهي، گهڙيال وارو ڀاڱو 7 فوٽ قطر ۽ 70 چورس فوٽ ويڪرو آهي، 1892ع ۾ سر جيمس اهو ٽاور عوام جي تفريح لاءِ کوليو.

وزير منشن:

هي جاءِ کارادر ۾ آهي، جتي هن ملڪ جو باني قائدِاعظم محمد علي جناح ڄائو هو، هن جاءِ کي وزير منشن چيو وڃي ٿو.

هني مون بيٺڪ:

ڪورنگي روڊ تي ڪائونسل ٽڪري محمد آغا خان (چوٿين) ٺھرائي هئي، هتي هن وقت اسلاميه ڪميونٽي جي خيراتي اسپتال آهي. ڪنھن وقت ۾ اها هني مون بيٺڪ (Honey Moon Lodge) جي نالي سان مشھور هئي.

 

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

 

 

 

 

گفتارِ حق جو تخليقڪار ۽ استاد پيراڻو ڳاهو

 

سائين پيراڻي ڳاهي جو نالو مون پھريون ڀيرو ارباب امير حسن صاحب جي ان ڪچھري ۾ ٻڌو هو، جنھن ڪچھري ۾ سائين پريم شيواڻي ۽ نندلال لوهاڻي سان گڏجي ارباب صاحب کان ٿر مئگزين جي لاءِ تفصيلي انٽرويو ورتو هو. ارباب امير حسن پنھنجي پڙهائي وارن ڏهاڙن جو تذڪرو ڪندي چيو هو ته ”ٿر جي ڳوٺ گلو جي تڙ جو رهواسي پيرڏنو ڳاهو منھنجو ڪلاسي هو، جيڪو پڙهائي ۾ اسان سمورن شاگردن ۾ ذهين هوندو هو. پيرڏني جي پڙهائي جو خرچ ارباب تاج محمد برداشت ڪندو هو، پيرڏنو مون سان گڏ رهندو هو. آئون نصابي پڙهائي ۾ ڪمزور هوندو هئس، پيرڏنو شام جو پڙهائي ۾ منھنجي مدد ڪندو هو. منھنجو ڪلاسي هجڻ سان گڏ منھنجو استاد به هو. پوءِ هڪ غير سرڪاري ماحولياتي اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران اسلام ڪوٽ ۽ ان جي ڀر پاسي مان وٽ جي واٽن ڏانھن ويندي سائين پيراڻي عرف پير ڏني ڳاهي بابت لوڪن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون سھيڙيون.

1936ع ڌاري پورهيت محمد قاسم جي گهر ۾ جنم وٺندڙ پيراڻو اڃان ننڍڙو هو ته سندس ماءُ پيءُ جي وڇوڙي جو وڍ مليس. ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جي ننڍي ڀاءُ کي پڙهڻ جو وڏو شوق هو . سندس وڏن ڀائرن يتيمي ۽ غربت ۾ هيڻي ٿيڻ جي بدران پورهيو ڪري ڀاءَ کي پڙهائڻ جو ارادو ڪيو. علائقي جي شفيق انسانن جي شفقت، پيراڻي جي پڙهائي جي شوق جي لاءِ ڏڍ ٿي پئي. هن هوٿي جي تڙ ۾ حافظ محمد عمر جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ جي لاءِ داخلا ورتي. اُتي ڪجهه پڙهڻ کان پوءِ ڏيپيار جي ديني گهراڻي جي مولوي گل محمد جي شفقت هيٺ پڙهڻ جي لاءِ آيو. ڏيپيار ۾ سندس وڏو ڀاءُ محمد برهان پڻ ساڻس گڏ پڙهڻ لڳو.

استاد محمد محسن هنگورجي ٻنھي ڀائرن کي دنياوي علم جو پنجون درجو پڙهائي پورو ڪيو ته محمد برهان مزدوري تي لڳي ويو. جڏهن ته پيراڻي جي من ۾ وڌيڪ تعليم جي تشنگي کيس ماٺ ڪري ويھڻ نه ڏنو. جنھن کانپوءِ هن ڏيپلي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي ارباب امير حسن به پڙهڻ جي لاءِ آيو. ارباب امير حسن جي ڪلاسي هجڻ جي ناتي هن جي ارباب تاج محمد سان ملاقات ٿي. ارباب صاحب هن تي شفقت جو هٿ رکيو. پنھنجي پٽ سان گڏ پيراڻي جي تعليم جو خرچ به پاڻ ڀريندو رهيو. اهڙيءَ ريت پيراڻو ڳاهو تعليم مڪمل ڪري پرائمري استاد جي پيشي سان ڳنڍجي ويو. هن استاد ٿيڻ سان ٻين ٻارن کي پڙهائڻ سان گڏ پنھنجي ڀاءُ محمد برهان جي رهيل تعليم ڏانھن ڌيان ڏنو. محمد برهان، پيراڻي جي مدد سان تعليم مڪمل ڪري پرائمري استاد ٿيو. پيراڻي ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ نوڪري ڪئي. هر هنڌ پنھنجي پيشي سان سچو ٿي رهيو. هن پنھنجن استاد دوستن سان گڏجي ٿر ۾ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو.

   علم ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جو سفر آدجگاد کان جاري آهي. ٿر منجهان به ڪيترائي نالا هن سفر ۾ نامور رهيا آهن. پيراڻو ڳاهو انھيءَ سفر ۾ پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙو هو. پيراڻي ڳاهي جون هڪ استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ليکڪ، سياستدان ۽ استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي اڳواڻ حيثيت ۾ به علائقي واسين جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پاڻ پراڻي ضلع ٿرپارڪر جي استادن جي لاءِ پ ٽ الف جي ضلعي صدر جي حيثيت ۾ ڊيزرٽ الائونس منظور ڪرايو. ان وقت ميرپورخاص جو عثمانيه مسافر خانو هن جي رهائش جو اهم ٺڪاڻو هوندو هو، ڏينھن جا ڏينھن اتي رهي استادن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. پيراڻي لاءِ مشھور آهي ته هو غضب جو مقرر هوندو هو. پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان ڪيل هن جون تقريرون مشھور رهيون آهن. 1982ع ۾ هن نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن سياست ۾ حصو ورتو. ارباب امير حسن سان ويجهڙائپ جي ڪري سياست ۾ ارباب گروپ سان لاڳاپو رهيو. پنھنجي يونين ڪائونسل جو مختلف وقتن تي ميمبر ٿيو هو. عدل، انصاف ۽ گفتار حق جي معاملي ۾ پيراڻو سچو ۽ کرو شخص هو. هڪ ڀيري تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪانڪيه ۾ پيراڻي جي عزيزن سندس ساهرن ۽ مينگهواڙن جي وچ ۾ پڊ تان معاملو ٿيو. مينگهواڙ پنھنجي واجب گهر تي هئا، پيراڻي پنھنجن عزيزن جي مدد ڪرڻ جي بدران مينگهواڙن جي مدد ڪري پڊ وٺرائي ڏنو.

پيراڻي ڳاهي سدائين پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني، هن جي اندر ۾ ڪڏهن به پنھنجي لاءِ مڃتا واري رهاڻ ۽ سرٽيفڪيٽ جي تمنا نه جاڳي، هن کي شهرت جو شوق رکندڙ ماڻھو مور نه وڻندا هئا. پيراڻي غربت سان جهيڙي پنھنجي پڙهائي جو پنڌ پار ڪيو هو، ان ڪري هن کي ٿر جي ڀٽن ۾ علم جي اڃ جو شدت سان احساس رهندو هو. پوري ڄمار انهي اڻ تڻ ۾ گذاري ته تعليم کي ٿر جي ڀٽن ۾ ڪيئن عام ڪجي! چيٽ جي چانڊوڪي ۽ ولھار جي هير جھڙا ڏهاڙا هن ڌرتي تي ڪيئن آڻجن. هن جي سپنن جو صحرا علم جي عشق جي هاڪڙي تي آباد ٿيندو هو. هن جي جستجو علم جي دشمنن ۾ وڏو ٿرٿلو مچايو هو.

  پيراڻي ڳاهي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي حوالي سان ”مثالي گرامر“ جو ڪتاب تيار ڪيو. جيڪو گهڻي وقت تائين ضلع ٿرپارڪر جي اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هو. پيراڻي ديني درس ۽ اصلاح جي حوالي سان هڪ ڪتاب اردو مان ترجمو ڪي ڇپرايو. پيراڻي جي ادب ۾ وڏي سڃاڻپ ”گفتار حق“ شعري مجموعي سان آهي. سندي شاعري پڙهندي ادب جي ٻن اهم ڌارائن ترقي پسند ۽ روايت پسند ادب جون خبرون ذهن ۾ تري اچن ٿيون. سنڌي ادب ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي فڪري ادب جي بحث جا سمورا سماچار سامھون اچن ٿا. پيراڻي ڳاهي جي شاعري جي مجموعو ”گفتار حق“ جو پھريون ڇاپو 1959ع ۾ ڇپيو هو. ”گفتار حق“ جي شاعري تي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل ۽ فڪري رجحان جو وڏو اثر آهي. علم عروض تي سرجيل هن جي شاعراڻي مجموعي ۾ ”حمد شريف“، مناجات ۽ نعت شريف سان گڏ مسلمان فاتحن جي ڪردارن تي شعر چيل آهي. شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف کي ڀيٽا ڏنل آهي. هن نظم ۽ غزل تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن جا مڪالمي وارا نظم پڻ سگهارا آهن . ”ماستر ۽ ملازم“ واري مڪالمي ۾ هڪ سچي استاد جي ساک واريل آهي. استاد ڏانسنگهه امر سنگهه جي ڀاءُ جي خون تي دل مان اٿندڙ درد بيان ٿيل آهي. مسڪين هاري ۽ ظالم زميندار واري مڪالمي ۾ هاري جي محنت ۽ هُن سان ٿيندڙ ظلم جي وارتا آهي. مڪالمي جي آخري بند ۾ پيراڻو، هاري جي واتان چوي ٿو ته:

ياخدا ظالم زميندارن کي تون نابود ڪر،
پنھنجي حق جي لاءِ جي چئون ٿا اي مجيري ڪجهه ته ڏي،
حق گهرڻ جي عيوض گاريون ٿا هي فرعون ڏين،
اي پيراڻا ٿيندي طاقت تن جي ڍيري ڪجهه ته ڏي.

’گفتار حق‘ جو تخليقڪار ۽ استاد پيراڻو ڳاهو 19 آڪٽومبر 1991ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو پرسندس يادون راڄن ۾ رمي رهيون آهن. گفتار حق تي گفتگو ٿي رهي آهي.

ريڊيو پاڪستان مٺي تي پروگرام ڪرڻ دوران سائين پيراڻي جي فرزند نياز ڳاهي سان منھنجي نياز مندي ٿي. مون جيستائين ريڊيو تي پروگرام ڪيو، نياز نه صرف پابندي سان هر پروگرام کي ٻڌندو رهيو, پر پنھنجين لکڻين ۽ صلاحن سان نوازيندو رهيو. تعلق نڀائڻ جي حوالي سان نياز جي وڏي تربيت ٿيل آهي، نيازمندي واري جڙيل تعلق کي پنھنجائپ جي ريشمي تعلق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نياز سان ملندي ڳوٺاڻي سماج جي چوڻي ياد ايندي آهي ته ڀت تي چٽ ٺھندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org