|
وسيم سومرو

غزل
ڪهاڻيءَ جي اداسي يا اداسيءَ جي ڪهاڻي آ،
اها جا بند پڃري ۾ ڪا ساسيءَ جي ڪهاڻي آ.
اڻي مون ۾ اکيون ٿي روز، ايندڙ ڪن اڪيرن جون،
ستن رنگن ۾ جيڪا رنگ ناسيءَ جي ڪهاڻي آ.
مان اوتي پنهنجي لفظن ۾ ڪرڻ آزاد ٿو چاهيان،
منهنجي ڳوڙهن ۾ هڪڙي ڳوٺ واسيءَ جي ڪهاڻي آ.
اهو سمجهي به ٿو، رُتبن اڳيان محتاج ته به آهي،
ڪو گوليءَ جو قصو آهي ڪا ڦاسيءَ جي ڪهاڻي آ.
اها جيڪا ڏيئا ٻاري، امن جا خواب ڏسندي هئي،
سا مندر ۾ ڪٿي گم اڄ به داسيءَ جي ڪهاڻي آ.
جا اڪثر ٻن گڏين وانگر ڏٺي مون کيڏندي رانديون،
امان سان سا جُڙيل منهنجي ئي ماسيءَ جي ڪهاڻي آ.
”وسيم“ آرام ڪهڙا ٿو پڇين ميدان ۾ بيهي،
حياتي جنگ ڄڻ مون لئه پلاسيءَ جي ڪهاڻي آ.
محمد علي پٺاڻ

غزل
دل پَلي ھُو ويو،
غَمَ رَلي ھُو ويو!
لُڙُڪَ گَڏُ ناوَ ھِي،
ٿي ھَلي، ھُو ويو!
وقتَ ھن کي کنيو،
ڪو جهَلي، ھُو ويو!
جنهن سان بيٺل ھو جَڳُ،
ٿو چَلي، ھو ويو!
يادِ مَنَ ۾ ھوا،
پئي جَلي، هُو ويو!
وائي
ڪاڏھُن آيو ھو،
ڪاڏي اُڏندو ويو ھليو...
ڪَلَ ڪَنھِن کي ڪو نه، نه واءُ ٻُڌايو ھو،
ڪاڏھُن آيو ھو،
ڪاڏي اُڏندو ويو ھليو...
گهوٽُ بڻايو ڪنھِن، ڪنھِن سنڀرايو ھو،
ڪاڏھُن آيو ھو،
ڪاڏي اُڏندو ويو ھليو...
دل آئي ڀرجي پوءِ، پاندُ پُسايو ھو،
ڪاڏھُن آيو ھو،
ڪاڏي اُڏندو ويو ھليو...
شميم سومرو

غزل
توکي وساريان ڪيئن؟
وقت گذاريان ڪيئن؟
نيڻن ۾ تون سدا،
ٻئي ڏي نهاريان ڪيئن؟
توتي واريو ساھه،
ٻئي تي واريان ڪيئن؟
نيڻ پيا جاڳن،
اھي سمھاريان ڪيئن؟
”شميم“ توبن مان،
جيون گهاريان ڪيئن؟
ملهار سنڌي

غزل
ڪجهه نه گھرجي مون کي پيارن کان مٿي،
ڇا رکيو دنيا ۾ يارن کان مٿي.
تنهنجي ٽهڪن سان ٽڙن رابيل ٿا،
سونهن تنهنجي آ بهارن کان مٿي.
زندگي ڀر پيار ھلندو ڪو نه آ،
من به منهنجو آھه ٻارن کان مٿي.
حسن ۾ تو ساڻ ڪنهن جي ڀيٽ آ،
تون آن روشن چنڊ تارن کان مٿي.
ڪجهه نه ٻيو ”ملهار“ دل کي ٿو وڻي،
ڪنهن جي اکڙين جي اشارن کان مٿي.
احمد سولنگي

غزل
زندگي سان نهاري احمد کي،
تو ڇڏيو آهي ماري احمد کي.
ننڊ تو سان ته ڀاڪرين آهي،
ڪير تو مان اٿاري احمد کي.
تون نه ايندينءَ جيڪڏهن مون ڏي،
درد ويندو ٻهاري احمد کي.
ڪيڏي بي رنگ ٿي وئي آهين،
او رنگيني! وساري احمد کي.
آخريءَ ٻيڙيءَ جي ٻُڏڻ کان اڳ،
ڇڏ ڪناري اتاري احمد کي.
خوبصورت خيال ۾ پوکي،
وڃ نکاري، سنواري احمد کي.
ڪير روڪي ته ڪئن ڀلا روڪي،
هيءَ هوا ٿي اڏاري ”احمد“ کي.
سليم چنا

بيت
ڀَري منجهه ڀاڪرين، قابو قُرب ڪيوءِ،
ستارن ڏٺوءِ، ڇڏي حُسن چنڊ جو.
ڀاڪر ڀاڪر سان هئو، جڙيل جيئن جنڊ،
ٽُڪر ٽُڪر کنڊ، ڪٽجي هِي ڌرتي وئي.
ڊوڙون به ڀريم تولاءِ، ريل وئي تڪڙي،
مِٽي کئي مٺڙي، سنڌ جو پاڻي ڀي.
ويندو نه مون وسري، ڀاڪر تو وڌو،
سوگهو مون سڌو، ڪيو آهه قرب ۾.
مِٽي به وئي وسري، سنڌو به وئي توکان،
ماءُ اٿئي ٻُڍڙي، سڪ ۾ سالن کان.
سپنا سڀ سُٺا پَــرَ، جاڳنديءَ ٽٽي پيا،
اُجرا شيشا ها، يڪدم ڀور ڀور ٿيا.
تو به ڏٺو ڏاڏا، سُڏڪيو پي هو ڪاڪا،
ڪيئي نه واڪا، هُو ريل وئي نڪري.
پڇتاءَ آ اِهيو، هئاسين مڪئي سنگ،
ڌار ٿيا داڻا، رهجي وئي اُمنگ،
ڇا ايڏا ها تنگ، جو جلدئي جدا ٿيا.
روبينه ابڙو

غزل
چَنڊُ بڻائي چَنگُ وڄايان، ويجهو ٿيءُ،
اُڀُ سڄو تولاءِ وڇايان، ويجهو ٿيءُ.
سَرد ھَوا ۾ ڪَنبڻي منهنجو ساھُ ڪڍي،
توکي اوڍيان توکي پايان، ويجهو ٿيءُ.
جوڀن کي مان سازُ بڻائي آلاپي،
تنھنجي تَن مان تَندُ تَپايان، ويجهو ٿيءُ.
ھيءُ نه ٿو جَڳُ منهنجي مَنَ کي ڀانءِ پوي،
ٻيھر ڪو سَنسارُ سجايان، ويجهو ٿيءُ.
تون ڀي مونکي جوڙُ ڪري رَکُ جيون ۾،
مان ڀي توکي ونڊُ ونڊايان، ويجهو ٿيءُ.
وَصلُ پيو ٿو ڀَڙڪي منهنجي رڳَ رڳَ ۾،
تَنُ مَنُ ٻاري مَچُ مچايان، ويجهو ٿيءُ.
جُڳَ جُڳَ کان هي جاڳَ ملي آ نيڻن کي،
تو ۾ پنھنجي نِنڊَ نپايان، ويجهو ٿيءُ.
غزل
ڪي ڊِگها پاڇا ٻه ڪارا راتِ جو،
دَهڪندڙ دِلِ جا شَرارا راتِ جو.
قُربتن جو طلسماتي مُعجزو،
رنگَ ها جنهن جا نيارا راتِ جو.
چوڏسا آ تنهنجي چهري جو جمالُ،
مون ڏٺي آ کِير ڌارا راتِ جو.
سمنڊ! کي هڪ سُرڪ ۾ اوتي پيئڻ،
نيٺ پھتا ھِن اُڃارا راتِ جو.
ڏينهُن هو تنهنجي رُسڻ جو حادثو،
۽ ڳِچي منهنجيءَ ۾ ڳارا راتِ جو.
جامَ تي ٿي جامَ آڇي ڪائنات،
ٿيڙَ کائن ٿا ستارا راتِ جو.
منهنجي نيڻن ۾ نهاري بي حجاب،
چَنڊُ آ ڏيندو اشارا راتِ جو.
فاصلن جي ڪا نَدي هُئي درميان،
پاڻ هُئاسين ٻئي، ڪنارا راتِ جو.
رخسانه پريت

وائي
اڃ اساٽن مان لنگھان،
بادل جي ڀر ۾،
جيڪر جاءِ ملي پوي.
سونهن پسان، ٿي ويجھڙي،
نيل ڪنول ڀر ۾،
جيڪر جاءِ ملي پوي.
سور سليان ڪو سمنڊ سان،
ساحل جي ڀر ۾،
جيڪر جاءِ ملي پوي.
سمجھان سر جي رمز کي،
ڪويل جي ڀر ۾،
جيڪر جاءِ ملي پوي.
آھي ونڊڻ جو حوصلو،
سائل جي ڀر ۾،
جيڪر جاءِ ملي پوي.
آئون رفوگر ٿي پوان،
گھايل جي ڀر ۾،
جيڪر جاءِ ملي پوي
غزل
ڪا گھڻي روشني به ڪانهي ڪا،
راھ منهنجي سڌي به ڪانهي ڪا.
ھو ڀلا ڪيستائين گھائيندو،
زندگي ايتري به ڪانهي ڪا.
آئون اتي ڪيئن وڃان جتي لازم،
منهنجي موجودگي به ڪانهي ڪا.
ائين ئي تنها، لڇان پچان، پڄران،
مون سان گڏ ڪا سکي به ڪانهي ڪا.
ڪائي خوشبو ھوا جو ڪو جھونڪو،
درد ۾ پر دري به ڪانهي ڪا.
ڌيري ڌيري ٿي زخم گھرو ويو،
چوٽ ڪا اوچتي به ڪانهي ڪا.
من جي احساس جِي ڪو تور ڪري،
اھڙي ڪا ساھميءَ به ڪانھي ڪا.
تون ڪرين منٿ ھوءَ ٿئي منڪر،
پريت ايڏي ڏنگي به ڪانھي ڪا.
رجب ٻگهيو

غزل
سُونهن جِي، سنگيت جي يا سوچَ ھُئِي سُرھاڻِ جي!
واٽ وَرتِي مون به مُرِڪِي، نِينهن جي نِرواڻ جِي!
خوابَ ٽانڪِيلَ ھا اُنهيءَ تي ۽ رنگَنِ جا ھا
نِشانَ،
جا عِنايت تو ڪَئِي ھُئِي، پيار جَي پهراڻ جِي!
ڳاٽُ اُوچو، نَيڻَ ڳَهريَلَ، زُلِفَ خوشبوءِ
۾ ڀِڳَلَ،
سُونھن سَرتِيءَ جِي ھُئِي يا، چَنڊَ جي چانڊاڻ
جِي!
قرضُ ڌرتيءَ جو گھڻو ھو، ڪجهه ڏيڻ لئِ دِلِ چيو،
ڪا پُٺيان ڳَڻتِي ھئي پَرَ، موتَ تاڻو
تاڻِ جِي!
مون اُمُنَ جي ڳالهه اورِي، مِهرَ سان پَرَ مون
ڏٺو،
گُفِتگو ماڻهن ڪَئِي پَئي ،يارَ رتو ڇاڻ
جِي!
سِرُ سِجاول ساڻُ، اُڏران ٿو نَنگرَ جي شهر ڏي،
روزُ دل ۾ اَڄُ ڀِي آھي، آسَ کارَي ڇاڻَ جِي!
انور ساگر

غزل
پوپٽ جهڙا پلّ وري موٽائي ڏي،
مون کي منهنجا ڳلّ وري موٽائي ڏي.
نمڪين نمڪين پگهريلائي نيڻن کي،
وسڪارا جل ٿلّ وري موٽائي ڏي.
پهريان اهڙو پيار جو وسريا واهوندا،
شوڪارا ۽ شل وري موٽائي ڏي.
چئن گهڙين جي هورا کورا چچلائي،
ماريو، جيئڻ حل وري موٽائي ڏي.
عرصي کان پوءِ نيڻ مليا پر گونگا ها،
ليئا جل ڪجل وري موٽائي ڏي.
جنهن ۾ تنهنجو رقص اڏائي عرشن کي،
راسوڙا به رَتل وري موٽائي ڏي.
ھيڻائي ٻيڻائي آڻي وجهندي آ،
ھئہ ھئہ! جُهد جبل وري موٽائي ڏي.
ٽاڪاوان ھي ذھن پڪا ٿين آوي ۾،
ماڻهو ٽل اٽل وري موٽائي ڏي.
تنهنجي خوشبو سان وھجاريان واٽون ڙي،
پاپي پل اپل وري موٽائي ڏي.
ڏات ڏهوڻي سنڌڙي تان ٻلهار ڪيان،
”ساگر“ ڇل اڇل وري موٽائي ڏي. |