سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2025ع

باب:

صفحو:8 

مير حاجن مير                                                                                 (حصو ٻيو)

 

 

 

 

سنڌيءَ ۾ منظوم ڊرامي جي روايت جو تحقيقي

        ۽ تنقيدي اڀياس شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن جو اڀياس

 

اسين هن مقالي ۾ شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن جو اڀياس ڪنداسين. شيخ اياز جا اسان کي مجموعي طور چار سنگيت ناٽڪ ملن ٿا: (1) ’مندن جو منڊل‘ (1947ع)، (2) ’دودي سومري جو موت‘، (1970ع )، (3) ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘، (1970ع)، (4) ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘، ( 1986ع). هر هڪ سنگيت ناٽڪ جو تعارف جدا جدا هيٺ پيش ڪجي ٿو:

مندن جو منڊل :

اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو نالو آهي، جنھن جي شاعريءَ جي تخليقي سگھه ھماليا جيڏي، فن ۽ فڪر جي اونھي ڳوڙهائپ سمنڊ کان به گهري آهي، سندس شاعري مينھن وساڙن جھڙي آهي، روين، جذبن، خيالن،احساسن جو اظھار، اياز؛ شاعريءَ ۾ سھڻي نموني ڪيو آهي. هن روايت سان جدت کي به کنيو آهي. هن مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنھنجي شاعري مختلف رکي. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ جدت جو هڪ نئون رستو اختيار ڪيو، جيڪو ٻين شاعرن کان جدا به هو ته منفرد هو. جنھن ۾ گلاب جي گلن جي خوشبو به هئي ته روهيڙي جھڙا رتا گل به هئا. هن جدت پسند تحريڪن جو اثر به ورتو، ته سنڌ جي مٽيءَ مان احساسن جا موتي به ميڙيا. جامي چانڊيو لکي ٿو ته: ”اھو فن جنھن ۾ موهن جي دڙي جي ڳاڙھي مٽيءَ جي ھُٻڪار ۽ ٿري ڪولھياڻيءَ کي پھريل چُنريءَ جا سڀ رنگ آھن، جنھن ۾ ٽُڪ جي رِليءَ جھڙي سونھن ۽ ٿر جي تتل واريءَ تي اُڃايل مورن جي ڪيفتين جا گيت چيل آھن. گيت جن ۾ سنڌ جي صدين جي اتھاس جو ڪرب اوتيل آهي، وايون، بيت، سنگيت ناٽڪ جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونھن جو سمنڊ ڇوليون ھڻندو آھي. اهو اياز جنھن جو نظم مور جيان نچندو آهي، ته سندس نثر تتر ۽ آڙين جيان اُڏامندو آهي، جڏهن ڪو فنڪار فطرت جي سڄي سونھن پنھنجي اندر ۾ اوتي ٿو ۽ ان کي عظيم فنڪاراڻي سگھه ۽ غيرمعمولي احساساتي گھرائيءَ سان پنھنجي دور جي ڏکن، سکن، خوشين، پيڙائن، مرڪن ۽ آدرشن سان سلهاڙي ٿو، تڏهن اهو عظيم فنڪار ٿي پوي ٿو، تڏھن ڪو اياز سرجي ٿو.“ (چانڊيو، 2018: 160)

     اياز! پنھنجي شاعريءَ ۾ هڪ نئون تخيل ۽ فڪر کڻي نروار ٿيو، جديد سنڌي شاعريءَ جي ڪئنواس تي ڪيئي گل چٽيا. جن ۾ نظم، گيت، لوڪ گيت، بيت، غزل، سنگيت ناٽڪ، وائي، ٽيڙو، نثري نظم، ڏيڍوڻو، چوسٽو، ترائيل، دوهو پڻ لکيو، اياز ننڍپڻ ۾ ئي شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو لکي ٿو ته: ”شيخ اياز جي شاعريءَ جي اشاعت 1938ع کان شروع ٿي، سندس پھريون شعر ماهوار رسالي ’سندرشن‘ جي جنوري- فيبروري 1938ع جي شماري ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن جي شاعري ان وقت جي مشھور معياري رسالي ماهوار ’سنڌو‘ ۾ نومبر 1938ع کان شايع ٿيندي رهي، ان وقت سندس عمر پنڌرهن سال اَٺَ مهينا هئي ۽ شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول ۾ ڇھين درجي جو شاگرد هو. ان اسڪول تعليم حاصل ڪرڻ دوران کيئلداس ’فاني‘ کان پنھنجي شعر جي اصلاح به حاصل ڪندو ھو.“         (هڪڙو،2017: 173).

      اياز نظم،گيت، غزل ۽ ٻين شعري صنفن کان پوءِ سنگيت ناٽڪ ڏي متوجھه ٿيو، سنگيت ناٽڪ هڪ ڏکي صنف طور سڃاتي ويندي هئي، سنڌيءَ ۾ ٻن ٽن سنگيت ناٽڪن کان سواءِ ڪي گھڻا سنگيت ناٽڪ نه لکيا ويا هئا، جيڪي سنڌيءَ ۾ سنگيت ناٽڪ لکيا ويا هئا، اُهي اسٽيج به نه ٿي سگهيا. ان وقت نثر ۾ شڪارپور ۽ ڀرپاسي ۾ اسٽيج ڊراما اسٽيج تي پيش ٿيندا هئا انھن نثري ڊرامن جو اثر شيخ اياز تي پيو.

شيخ اياز جو پھريون سنگيت ناٽڪ ”مندن جو منڊل“ ماهوار رسالي ’گلستان‘ مارچ 1947ع واري شماري ۾ شايع ٿيو، هي هڪ ٻارن لاءِ ناٽڪ آهي، ’مندن جو منڊل‘ چئن پردن ۽ چئن موسمن تي مبني آهي، پھرين پردي ۾ سانوڻ، ٻئي پردي ۾ سرءُ، ٽئين پردي ۾ سيارو، چوٿين پردي ۾ بھار ڄاڻايل آهي. پھرين پردي ۾ چار ڪردار آهن اُهي چارئي ڪردار ڳوٺاڻين ڇوڪرين جا آهن، انھن چئن ڪردارن کي کوھه تان پاڻي ڀريندي ۽ ڊائلاگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، ٻئي پردي ۾ ٽي ڪردار آھن ٽئين پردي ۾ چئن ــ پنجن ٻارن ۽ هڪ پيرسن جو ڪردار آهي. چوٿين بھار واري پردي ۾ پنجن ٻارن جا ڪردار ۽ ڊائلاگ شامل ڪيا ويا آهن، مندن جي منڊل ۾ وطن جي حب ۽ ڇوڪرين جي زندگيءَ جي روين، احساسن، جذبن ۽ سرگرمين کي چٽيو ويو آهي.

اياز جي هن منظوم ناٽڪ بابت ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو ته: ”اياز جو”مندن جو منڊل “ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ منظوم ناٽڪ جي حوالي سان اهم سنگ ميل آهي ’مندن جي منڊل‘ هڪ دلچسپ، سادو سلوڻو، مٺاس سان ڀريل ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ غير روايتي ٻالڪ ناٽڪ آهي، جنھن ۾ ڪجھه ساهيڙيون کُوھه تي گڏجن ٿيون ۽ اُتي انھن جي وچ ۾ موسمن جي بدل سدل، فطرت جي رنگا رنگي، بادلن ۽ انڊلٺن، ننڍڙين دلين جي دهڪڻ سميت سانتيڪين جذبن جي اڀرڻ جو به احوال ملي ٿو“ (سميجو،2017: 19ــ20).

اياز هن سنگيت ناٽڪ ۾ وطن جي محبت جو اظھار نينگرين جي واتان هن نموني چورائي ٿو:

گھمي  جهان  ڏٺو، مگر وطن وري به آ وطن،

وطن وري به آ وطن.

اسين ڪڏهن سري نگر ڪڏهن مھا بليشور،

ڪٿي اها فضا نه هئي،اڪير ئي اُها نه هئي

سنھي سئيءَ سبيو اياز! سنڌ سان مُدام من،

                         وطن وري به آ وطن!  (اياز 2017: 31)

   اياز وسڪاري، وڄ، پاڻي، بادل، سانوڻ جوذڪر خوبصورت نموني نينگرين واتان هن طرح ڪري ٿو:

پھرين ٻن مان هڪ:

وسڪارو،  وڄ، پاڻي  جل ٿل، ساوڻ  جون راتيون.

ٻي:  دل  جي  دنيا  ۾  هل چل  سان  آيون برساتيون.

ٽين: سانتيڪا   سانتيڪا  جذبا،  ڇو  تن  ڀڙڪايا؟

سڀ گڏجي: ڪارا، ڪارا، بادل، اڀ تي، جھولينداآيا

                                                           عالم تي ڇايا

                                                          (اياز،2017: 32)

اياز جو هي منظوم ناٽڪ ”مندن جو منڊل“آهي ته مختصر پر خيال جامع اٿس، اياز هن منظوم ناٽڪ ۾ ڳوٺاڻا منظر، پس منظر، ماحول، موسمن جو ذڪر، مڪالما، سھڻي نموني ڪم آڻي ان کي شاهڪار بنائي ڇڏيو آهي. ٻارن جي منظوم ناٽڪ جي حوالي سان هيءُ هڪ ڪامياب منظوم ناٽڪ آهي، سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۾ ٻارن لاءِ هيءُ پھريون منظوم ناٽڪ آهي.جنھن جا ڪردار اڻ ڇهيل ۽ لاجواب آهن.

دودي سومري جو موت :                             

اياز جو هي ٻيو سنگيت ناٽڪ ’دودي سومري جو موت‘ پھريون ڀيرو حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ’سھڻي‘ فيبروري ــ مارچ 1970ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. ساڳئي ئي سال سندس شاعريءَ جي ٽئين مجموعي ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ابن حيات پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. ڊرامو سنڌ جي تاريخي ڪردارن سان جڙيل ۽ رزميه داستان دودي، چنيسرجي پس منظر ۾ لکيل آهي. دودي جو ڪردار سنڌ ديس جي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي.جيڪو ديس سان وفادار، ۽ ڌارين کي ديس  تي يلغار جو دفاع ڪري ٿو. جيڪو پنھنجي وطن جي محبت سان سرشار آهي. هي سنگيت ناٽڪ ٽن ائڪٽن تي مشتمل آهي، پھرين ايڪٽ ۾ چنيسر کي مڌ پيئندي ڏيکاريو ويوآهي. چنيسر جي سريت ’ڇولي ڪنڀارڻ‘کي نچندي ڳائيندي ڏيکاريو ويوآهي. اڳتي منظر ۾ علاءُالدين خلجي جو سپھه سالار ’سالار خان ‘ خيمي ۾ بنا اجازت گهڙي اچي ٿو، ۽ چنيسر کي ٻڌائي ٿو ته دودي آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوءِ ٻئي گڏجي مڌ پيئن ٿا. ائڪٽ ٻئي ۾ دودي کي پنھنجي ڀيڻ ٻاگھيءَ سان خيمي ٻاهران آسمان ڏانھن نھاريندي ڏيکاريو ويو آهي، ايڪٽ ٽئين جي پھرئين پردي ۾ ڇولي پنھنجو پاڻ سان ڳالھائي ٿي،دودي کي ماڻھن سان مڪالمو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، ٻئي پردي ۾ دودو، چنيسر سان آخري مڪالمو ڪري پوءِ مري وڃي ٿو:

ڇا به   چوين،  مان مرڻو  ناهيان،

ويسُ    مٽائي     ورڻو   آهيان.

 

تون به چنيسر جو ڪجھه چاهين،

مون  کان  اڳ ۾   ورڻو  آهين.

 

نانو نئين سان ويس ــ بدل    سان،

تنھنجي منھنجي جنگ ازل کان.

 

جاري  آهي،   جاري    رهندي،

جاري  آهي، جاري   رهندي.

(اياز، 2008: 432).

’دودي سومري جو موت‘ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنھن جا ڪردار پراڻا به آهن ۽ هاڻوڪا به آهن. هيءُ ڊرامو قومي جدوجھد جي پڌر تي زندگيءَ ۽ موت بابت ٻن مختلف نظرين جي عملي اظھار جو ڊرامو آهي- هڪ نظريو اُهو، جنھن ۾ موت کان ايترو ڊپ ۽ زندگيءَ لاءِ ايترو موھُه آهي، جو انسانُ هر قيمت تي جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺڻ گهري ٿو.عزت ۽ ذلت توڙي ٻيو ڪو اخلاقي قدر، انفرادي توڙي اجتمائي نوح جو، هن لاءِ ان سلسلي ۾ بي معنيٰ ٿين ٿا: ٻيو نظريو اُهو، جنھن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوھ ۽ موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ لاءِ جيڪڏهن ماڻھوءَ کي مرڻو به پوي، ته بي ڌڙڪ ٿي موت جي منھن ۾ هليو وڃي.“ (جويو، 2008: 398)

”هن ڊرامي ۾ اياز، دودي سومري ۽ سندس ڀاءُ چنيسر وچ ۾ اقتدار تان لڳل جنگ واري واقعي کي ڪتب آڻيندي، دودي جي ڪردار کي هڪ شاندار قومي هيرو طور اڀاريو آهي.“ (سميجو،2017: 21)

هي سنگيت ناٽڪ ديش ڀڳت سنڌ جي قومي هيري دودي ۽ چنيسر تي لکيو ويو آهي، جنھن ۾ دودي جي ڀيڻ سنڌ جي سورمي ٻاگھيءَ جي ڪردار کي بي مثال ۽ لاجواب ڪري پيش ڪيوويو آهي، ٻاگھي، دودي کي چوي  ٿي:

”جي تون وڙهندي ماريو ويندي،

هـــن وستيءَ  تان واريو   ويندي،

دودا   تنھنجو  ساھُه تــــه   ويندو،

ماڻھوءَ  جـو   ويساھه  نه   ويندو.“  (اياز،2008: 419)

رني ڪوٽ جا ڌاڙيل:

اياز جو ٽيون سنگيت ناٽڪ ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ آهي، هي سنگيت ناٽڪ پھريون ڀيرو حيدرآباد مان ماهوار نڪرندڙ رسالي ’سھڻي‘ جي، مئي ــ جون 1970ع واري شماري ۾ شايع ٿيو.ساڳئي ئي سال اياز جي ٽئين شعري مجموئي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي نالي سان ابن حيات پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو. هن سنگيت ناٽڪ ۾ وينگس سورمي ۽ ولھار سورمو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته آڍو، ڪاڍو، ڏاڍو ڌاڙيل ڏيکاريل آهن، هن سنگيت ناٽڪ ۾ ڪي ائڪٽ يا پردا ڪونھن هڪ ئي پردي تي اظھاريل آهي، محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“، پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنھن ۾ پڻ طبقاتي جدوجھد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظھار ٿيل آهي. ان جا ڪردار ولھار ۽ وينگس، ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو به ڪي رڳو پراڻي جُڳ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن. پڙهڻ سان چوڌاري هرڪو ماڻھو اُنھن کي پنھنجي آسپاس ڏسي ۽ سڃاڻي سگهي ٿو. وينگس کي سنڌ جي سونھن سوڀيا ۽ ولھار کي سنڌ جي آباديءَ، خوشحاليءَ ۽ آڍي،ڪاڍي ۽ ڏاڍي کي انھن جي دشمن ڪردارن، مثلآَ: سامراج، جاگيردار ۽ سرمايه دار،جي صورت چئي سگهجي ٿي.“ (جويو، 2008: 400)

ڀڳت سنگھه کي ڦاسي :

اياز جو چوٿون آخري سنگيت ناٽڪ ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ لکيو ته: 1972ع ۾ ويو هو، پر 1986ع ۾ ڇپجي منظر تي آيو. هي سنگيت ناٽڪ ٻن ڏيکن ۽ ڏهن مڪالمن تي مشتمل آهي، هن سنگيت ناٽڪ جو پسمنظر هند ستان جي آزاديءَ جي جدوجھد سان لاڳاپيل آهي، سورهيه سچي انقلابيءَ وطن دوست، بھادر ڀڳت سنگھه کي انقلابي سرگرمين ڪري ڦاسيءَ چاڙهيو ويو هو. تاج جويو لکي ٿو ته: ”اياز جو چوٿون سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگھه ڦاسي آهي“ جيڪو هن 1970ع کان اڳ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ 1971ع ڌاري ان جو پھريون منظر لکي پورو ڪيو هئائين. 1971ع وارو سال،شيخ اياز سينٽر جيل سکر ۾ سرڪاري مھمان ٿي گهاريو ۽ اُتي هن هڪ ماڻھوءَ کي ڦاسيءَ تي چڙهندي ڏٺو، جنھن تي هن ايترو اثر ورتو،جو جيل مان ٻاهر نڪرندي ئي هن هيءُ سنگيت ناٽڪ مڪمل ڪري ورتو.“  (جويو،2017: 218)

اياز خود هن سنگيت ناٽڪ بابت لکي ٿو ته : ”جڏهن مون اوپيرا ”ڀڳت سنگھه کي ڦاسي“ ڪجھه دوستن کي پڙهي ٻڌائي ته اُنھن مان هڪ چيو ته ’ڀڳت سنگھه‘ ۽ چندر شيکر آزاد ته خوني هئا، دهشت گرديءَ سان دنيا کي ڦيرائي ته نه سگهبو آهي،سارا ترقي پسند ائين چون ٿا، مون هن کي جواب ڏنو هو ته، جي ڀڳت سنگھه ۽ چندر شيکر خوني هئا ته ڇا جليانوالا باغ ۾ ڪوس ڪرائيندڙ چڱا مڙس هئا ؟ ڇا لالا لجپت راءِ کي مارائيندڙ معصوم هئا؟ جي ڀڳت سنگھه وارا اسيمبليءَ کي بم سان اُڏائڻ جي نه ڪن ها ته آزاديءَ جي تحريڪ پنھنجي ليکي اُڀري سگهي ها ؟ ڇا انھيءَ سانت ۾ ٽاڪوڙو وجهڻ ضروري نه هو، جا ديس تي ڇائنجي وئي هئي. “ (اياز، 2010: 547)

اياز جو تخلياتي حسن سنگيت ناٽڪن ۾ تجلا ڏيندو رهي ٿو، سندس فنڪارانه انداز ڪمال کي پھتل آهي.”سندس هن سنگيت ناٽڪ ۾ ڪٿي ڪٿي آزاد نظم وارو مسلسل پڻو ملي ٿو. جنھن ۾ قافينِ کي هرو ڀرو مڙهيو نه ويو آهي. جڏهن ته هڪ گيت ۾ ساڳئي انداز ۾ ٻه غزل نما شعر به آهن، شعرن جا اندروني قافيا ڏاڍا شاندار ۽ تز آهن، اياز جي شعرن ۾ اياز جو شاعراڻو ڪمال ۽ جمال ڇرڪائي وجهي ٿو.ڪنھن به فن پاري جي تخليقي ڪسوٽي اها آهي ته ان ۾ تخيل،فن ۽ اسلوب اظھار جي هندوري ۾ جهوليندا رهن ۽ ابلاغ جو ٻالڪ گهري ننڊ ۾ به مرڪندو رهي، اياز جي شعرن ۾ اهڙي ئي لوليءَ جھڙو تاثير آهي. نه رڳو ايترو پر ڊرامي جي شعرن ۾ جُوالا مکي جو ٻنڀ به آهي،ته ڌو داري تلوار جھڙو قاتل وار به آهي“.  (عباسي،2017: 21)

 اياز جي سنگيت ناٽڪن جا موضوع ۽ ڪردار :

اياز جي سنگيت ناٽڪن جا موضوع ۽ ڪردار نوان ۽ اڻ ڇھيل آھن، جيڪي سنڌي سنگيت ناٽڪن ۾ نه لکيا ويا آهن، نه ئي اياز جي سنگيت ناٽڪن جا موضوع ۽ ڪردار  ڪي اوپرا آهن، اُهي هن ديس جي زمين مان ئي کنيل آھن، اياز جي لکڻ جي فن سان اُهي موضوع ۽ ڪردار زندهه ٿي پيا آھن. سندس پھريون منظوم ناٽڪ ”مندن جو منڊل“هڪ نئين موضوع تي لکيل آهي، سي سال جون چار مندون آهن، سرءُ، سيارو، بھار، اونھارو. هن موضوع تي سنڌي سنگيت ناٽڪ ۾ بنھه نه لکيو ويو آهي جو ڳوٺاڻي ماحول تي لکيل آهي، جنھن ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پاڻ ۾ سھيليون ڇوڪريون آھن،ڇوڪريون کوھ تي گڏجن ٿيون ۽ سڀ عمر ۾ هڪ جيتريون آهن. ڇوڪريون کوھ تان پاڻي ڀرين ٿيون ۽ پاڻ ۾ ڊائلاگ ڪن ٿيون :

رُتيون   سھاوڻيون،  ٻه  چار ساوڻيون، ڪٿي هيئُه

سکيون،  ڪٿي  ڪٿي  ھيئه

نه کوھ تي ڪڏهن   ملو، نه گهاگهريون کڻي  ڏيو،

نه   انتظار   ۾ ٽلو  نه   کُڏ   مٿان    ڦڻي    ڏيو،

جڏهن ڪڪر هنيون هيون ڇانوڻيون ڪٿي هيئه

رُتيون  سھاوڻيون،  ٻه  چار سانوڻيون ڪٿي هيئه

سکيون، ڪٿي ڪٿي هيئه (اياز،2017: 31).

اياز جي ٻئي سنگيت ناٽڪ ”دودي سومري جو موت“ جو موضوع ڌرتي، ڌرتيءَ جا ماڻھو ۽ انسان سان پيار آهي، ڌرتي جي دلير، بھادر، سورهيه، سورمي دودي جي ڪردار تي هي سنگيت ناٽڪ لکيو. اياز، دودي جي لازوال ڪردار کي امرتا بخشي آهي، چنيسر جي ڪردار کي داغدار ڪري ظاهر ڪيو اٿس. روايت آهي ته چنيسر محب وطن نه ديس دروهي هو. دودي جي ڀيڻ ٻاگھيءَ جي ڪردار کي سورمي ڪري پيش ڪيو آهي.”ٻاگھي هن سموري ناٽڪ جو لازوال ۽ مثالي ڪردار آهي، جيڪو سنڌي عورت جو روايتي مان، لڄ، همت، بھادري ۽ سُچيتائي جو ڀنڊار آهي، پر اياز ڄڻ هن ڪردار کي غير روايتي ۽ غير معمولي بڻائي ڇڏيو آهي. ٻاگھيءَ جي سيني ۾ لڄ ۽ لوئي، همت ۽ دليري سان سرشار اها دل ڌڙڪي رهي آهي، جيڪا سنڌ جي هر عورت جي سيني ۾ هجي ٿي.“  (عباسي،2017:205)

”هن ڊرامي جو ٻيوڪردار ڇولي ڪنڀارڻ، سنڌ ۽ سنڌي تھذيب جي علامت طور آندل آهي، جا پنھنجي اصليت وڃائي ويٺي هئي ۽ اوچتو پنھنجو هو روحاني قدر ڊنوان ڊول ٿيندي ڏسي، وري پنھنجيءَ اصليت ڏانھن واپس وري ٿي. ٻئي پاسي دودو آهي، جو زندگيءَ جو سرواڻ ۽ اُن معمار آهي، هو زندگيءَ جي حال ۽ مستقبل جي بقا ۽ بھتريءَ لاءِ موت ضروري سمجهي،کلندي ۽ خوش ٿيندي، پاڻ کي موت جي مُنھن ۾ اڇلي ڇڏي ڏنو. اِنھيءَ لاءِ ته زندگيءَ جو سلسلو قائم رهي، وڌي ۽ ان ۾ وڌيڪ حسن پيدا ٿئي“

(جويو، 2010: 399).

اياز جي هن سنگيت ناٽڪ ۾ دودي، چنيسر، سالار خان، ڇولي، ٻاگهي، ۽ لشڪر جا ڪردار آھن، دودي جو ڪردار اتساھ ڀريو آهي، جو جيئڻ ۽ مرڻ کي هڪ جھڙو سمجهي ٿو ماڻھو مري به وڃي پر ديس جو دشمن نه ٿئي، وطن تان جان به واري ڇڏي، پر پنھنجي ڪردار کي ميرو نه ڪري، سماج ۾ اهي ئي انسان زنده هوندا آهن، جيڪي پنھنجي ديس، وطن، عوام ۽ ڌرتيءَ سان سچا هوندا آهن. دودو، چنيسر کي چئي ٿو ته تنھنجو منھنجو خون ته ساڳيو آهي، پر تو وٽ ديس لاءِ محبت ناهي تو وٽ اقتدار ئي سڀ ڪجھه آهي ۽ هيئن چوي ٿو :

”تُنھنجو مُنھنجو خُون به ساڳيو،

جيئڻ   لاءِ  جُنون   به   ساڳيو

ٻاگهي!  جي اڄ جان ڏيان مان،

هن  ڌرتيءَ تي گهورَ  ٿيان مان،

سچ  چوين   ٿي ساھُه ته ويندو،

ماڻھوءَ   جو  ويساھه   نه  ويندو“.

(اياز، 2010: 421ــ422)

اياز جو ٽيون ناٽڪ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ آهي، هي پھريون سنگت ناٽڪ آهي جو ڌاڙيلن جي موضوع تي لکيو ويو آهي.هن سنگيت ناٽڪ کي ٻي پسمنظر سان ڏسبو ته محڪوم ۽ ڏاڍ واري پسمنظر ۾ نظر ايندو. هونئن به هر دؤر ۾ ڏاڍو ۽ محڪوم پاڻ ۾ جهيڙيندو رهيو آهي، ڏاڍو هميشه محڪوم تي حاوي رهيو آهي.هن سنگيت ناٽڪ ۾ ولھار، وينگس، آڍو، ڪاڍو، ڏاڍو ۽ ولھار جي ساٿين کي پيش ڪيو ويو آهي. ”هي هڪ مڪمل طور تي علامتي ناٽڪ آهي، جنھن جا سڀ ڪردار فرضي آهن ۽ اياز جي پنھنجي تخليق آهن،پر اهي سمورا چُرپر ڪندڙ اسان جي زندگيءَ جو حصو آهن. اهي سڀ سماجي ڪردار آهن، جن کي اسان پنھنجي زندگيءَ جي سڀني ڏسائن ۾ ڏسي سگهون ٿا. اها وينگس ۽ ولھار توڻي آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو سڀ اسان جي سماجي ۽ احساساتي زندگيءَ جو حصو آهن. احساستي ائين ته هڪڙا مثبت آهن، ٻيا منفي. هڪڙا هاڪاري آهن ته هڪڙا ناڪاري، هڪڙا محبت، امن، آشتي، ٻڌي ۽ خوشحالي جي علامت آهن ته ٻيا نفرت ويڙھ ،سماجي بڇڙاين، نفاق ۽ تنزليءَ جي علامت آهن.“ (عباسي،2017: 207 )

”ولھار ۽ وينگس، سنڌي سماج جي سُکئي ستابي ۽ ٻھراڙيءَ جي مال وند گهراڻي جي چٽي پٽي تصوير آهن، جيڪي پنھنجي ڪچي گهر، ڪُنڍي مينھن ۽ سرسبز زمين کي پنھنجي زندگيءَ جو حسين حصو سمجهندي، پنھنجي هڪ ننڍڙي دنيا ۾ تمام گهڻو خوش آهن.“

(لطيف، 2017: 190).

اياز جي چوٿين سنگيت ناٽڪ جي ڪردارن ۾ ڀڳت سنگھه، چندر شيکر آزاد، ڪشوري لعل، سکديو، ڊاڪٽرگيا پرساد ۽ راج گرو آهن، هي سنگيت ناٽڪ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ تي لکيل آهي، ڀڳت سنگھه کي قومي هيري طور پيش ڪيو ويو آهي، پھرين ڏيک ۾ ڀڳت سنگھه، ڊاڪٽرگيان پرساد، سکديو، چندر شيکر ۽ ڪشور لال جا ڪردار ڏيکاريا ويا آهن. ٻئي ڏيک ۾ سکديو، ڀڳت سنگھه، راج گرو ۽قيدين جا ڪردار ڏيکاريا ويا آهن. قيديءَ جو نالو ناهي ڄاڻايو ويو، قيديءَ کي ڳائيندي ڏيکاريو ويو آهي.

اچ!   رات   لڙي    آهي

آ   پنڌ  پري   پنھنجو

تقدير      کڙي     آهي

هيءَ ويل  وڇوڙي   جي

ڪيڏي  نه ڪڙي  آهي!

اچ!  رات   لڙي     آهي.  (اياز،2010: 674)

اياز جي هن سنگيت ناٽڪ جا ڪردار پنھنجي جاءِ تي توڙ نڀائن ٿا.”سندن ايمان اٽل ۽ ويساھ اَجهل آهي،هن الميه سنگيت ناٽڪ ۾ اياز رڳو نه پنھنجي ڪردارن جي نه رڳو جذبي جي بلندي، سندن پنھنجي آدرش ۽ نظرئي ۾ اٽل ۽ اعتماد، اڻموٽ ارادو ۽ سِر ڏئي سرخرو ٿيڻ جو آدم ۽ عزم جي مورت چٽي آهي.“ (ڀٽي، 2009: 649)

اياز جي سنگيت ناٽڪن جا موضوع شاندار ۽ ڪردار لازوال آهن، هو هڪ پاسي ديس جي صورتحال پيش ڪري ٿو، ته ٻئي پاسي لازوال ڪردارن کي ڀرپور ڀيٽا ڏئي ٿو.جيئن دودي، ٻاگھيءَ، ولھار، وينگس، ڀڳت سنگھه کي ڀيٽا ڏئي امر بنايو آهي، ٻئي پاسي چنيسر،آڍو، ڪاڍو، ڏاڍو جي منفي ڪردار کي وائکو ڪيو آهي.اياز؛ دودي جي ڪردار کي تاريخي تھذيبي طور سچي ديش ڀڳت طور پيش ڪيو آهي. ڊرامي ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته انسان کي پنھنجي وطن جي محبت سان سرشار رهڻ گهرجي.هن سنگيت ناٽڪ ۾ وطن سان محبت جو ئي سبق ڏنو ويو آهي. دودي جو ڪردار وطن سان محبت ۾ گرفتار نظر اچي ٿو.

اياز جي سنگيت ناٽڪن جي ٻولي ۽ اسلوب:

اياز ٻوليءَ جو وينجهار هو، سندس اسلوب جو انداز سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ سلاست ۽ بلاغت سان ڇوليون هڻندو رهي ٿو. سندس سنگيت ناٽڪن جي ٻولي آبشارن جيان وهندڙ دل پذير آهي، جا ڪٿي ڌيمي نه ٿي ٿئي،صبح جي پھرين ڪرڻن جيان چمڪندي رهي ٿي، سندس سنگيت ناٽڪن ۾ اُهي سڀئي لساني خوبيون موجود آهن،جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ موجود هونديون آهن. اياز پراڻن لفظن کي نئون ڪرڻ ۽ نون لفظن کي گهڙڻ جو فن ڄاڻندو هو، هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي شاهڪار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اياز کان پھرين سنڌي شاعر ڪشنچند بيوس جدت طرف مائل هو، ان کان سواءِ سنڌي شاعري فارسي لفظن جي ور چڙهيل هئي، اياز سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر آهي، جنھن سنڌي شاعري مان فارسي لفظن کي ڪڍي هڪ نئين تازگي بخشي، اياز جي اُن جدت سان سنڌي شاعري سدا سھاڳڻ جيان مرڪي پئي. متروڪ ٿي ويل لفظن کي ڇنڊي ڦوڪي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري انھن جي وجود کي امرتا ڏني، امرتا ڏيڻ سان لفظ جيئرا جاڳندا ٿي پيا. اياز لفظن کي روح جي بٺيءَ ۾ پچائي کين شاعريءَ جو روپ ڏنو. شيخ اياز شاعريءَ بابت لکي ٿو ته :”زندگيءَ جا پُرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آهن، جي شاعر جي روح ۾ رچي، شراب ٿي نڪرن ٿا، ۽ هو انھيءَ کي رنگا رنگ ڪوزن ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو.“ (اياز،2010: 175).

اياز جي سنگيت ناٽڪن جي ٻولي انفراديت واري آهي، مفرد لفظ، مرتب لفظ، مرڪب لفظ، پورڻ/مڪمل تڪرار، اپورڻ يا جزوي تڪرار،تجنيس حرفي، تشبيھون، استعارا، ترڪيبون، تجنيس تام جھڙيون لساني خوبيون ملن ٿيون.

مفرد لفظ:

اهو لفظ، جو خود مختيار صورت رکندڙ هجي، جيئن: گُلُ، ڳَلُ، ربُ وغيره. اياز سنگيت ناٽڪن ۾ ڪيئي اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن. اُهي لفظ ٽوڙي ناهن سگهبا مثال طور:

’اڄ‘ اوندهه اڀري آ روڪي

۽ ’رتُ‘لتاڙي ٽيپوءَ جو

هن ’بم ‘گولي سان بربادي

اڄُ، بَمُ، رتُ، مفرد لفظ آهن ان جي استعمال سان اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي پيدا ٿي پئي آهي. اڪيلو لفظ هئڻ ڪري پنھنجي تز معنيٰ ڏئي ٿو. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ اِها به هڪ انفراديت آهي.

مرتب لفظ:

اهو لفظ، جو هڪ کان وڌيڪ پر وس صورتون شامل هجن، اهڙي لفظ کي مرتب چيو ويندو آهي. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ اسان کي مرتب لفظ پڻ ملن ٿا.

هو سورهيه سنڀري نڪرن ٿا

جهونجار جَٿا ٿي نڪرن ٿا.

ڀوري  آهي ناسي آهي

آدي. آ،  ابناسي    آهي.

پوءِ به جندڙي پياري آهي

مڌماتي، متواري   آهي.

مٿين سٽن ۾ جهونجار جٿا، ابناسي، مڌماتي متواري، مرتب لفظي جوڙا آهن. اهڙيون ڪيئي سھڻيون ترڪيبون اياز پنھنجي سنگيت ناٽڪن ۾ استعمال ڪيون آهن جنھن سان شعر ۾ سندرتا پيدا ٿئي ٿي.

ٻٽا لفظ:

ٻٽا لفظ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڀاڱن ( مفرد لفظن) مان جُڙن ٿا. هر ڪنھن جي ڌار معنيٰ به ٿئي ته گڏيل معنيٰ به ٿئي ٿي.شاعر ڪمال ڪاريگريءَ سان مرڪب لفظ جوڙيندو آهي، اياز سنگيت ناٽڪ ۾ مرڪب لفظ  به استعمال ڪيا آهن.

گرمي سردي نرمي سختي،

کن پل هوندي آ بدبختي.

پر ان  ۾   وِيسَر   اُڀرن    ٿا،

جي آنڌيءَ مانجهيءَ اُڳرن ٿا.

مٿين سٽن ۾ سردي ــ گرمي، آنڌي ــ مانجهي مرڪب لفظ آهن. مرڪب لفظن سان شعر ۾ غنائيت پيدا ٿئي ٿي، اياز پنھنجي سنگيت ناٽڪن ۾ مرڪب لفظ استعمال ڪري شعر کي خوبصورت بنايو آهي.

پورڻ/ مڪمل تڪرار:

ڪو به جملو يا سٽ ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ساڳي حالت وارا لفظ دهرائجن اُن دهرائڻ کي علم صرف موجب پورڻ تڪرار چئبو. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ اهڙو دهراءِ عام ملي ٿو. مثال طور:

جيئو، جيئو،  پيئو  پيئو !

ڇَن ڇَن ڇَن ڇَن ڇَن ڇَن ڇَن ڇَن.

ها ها. ها ها، ها ها  ها ها

اوهو اوهو ، آها    آ ها

اسم تصغير :

اسم تصغير ان کي چئبو آهي جنھن لفظ کي ڙي يا ي آخر ۾ لڳائي وڃي. جيئن سنڌ کي سنڌڙي، ماڻھو کي ماڻھوئڙا،جند کي جندڙي ڪري لکيو ويندو آهي. ان لکڻ سان لفظن ۾ سادگي ۽ سھڻائپ پيدا ٿيندي آهي. اياز پنھنجي سنگيت ناٽڪن ۾ اهڙا ڪيئي لفظ لکيا آهن. جنھن سان لفظن ۾ سادگي ۽ سھڻائپ ٿي پئي آهي. مثال طور:

ڇا لاءِ  ڏرن ٿا ماڻھوئڙا !

هر روز مَرن ٿا ماڻھوئڙا

پي جيسي  جام  شهادت  جو

هو ڪن ٿا سنڌڙيءَ کي سجدو

مٿي ماڻھوئڙا، سنڌڙي اسم تصغير طور استعمال ٿيل آهن. اسم تصغير جي استعمال سان شعر معنيٰ خيز ۽ نرمي پيدا ٿئي ٿي، اهو به هڪ لسانيات جو پهلو آهي،جنھن سان شعر کي عام فهم ۽ مقصد وارو بنائبو آهي، جيئن پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي جلدي حاوي ٿي.اياز ! اسم تصغير جا تجربا ڪري شعر کي خوبصورت بنايو آهي، اهڙا تجربا اسان کي ٻين وٽ گهٽ نظر اچن ٿا.

تشبيهه :

ڪنھن هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان ڀيٽ يا هڪجھڙائي کي تشبيھه چئبو آهي. تشبيھه جو هڪ مثال :

منھنجو پيارو گلاب جو گل آهي (استعارو)

منھنجو پيارو گلاب جي گل جھڙو آهي ( تشبيهه )

 

دودو  توکي  چنڊ  لڳو   هو،

ڪنھن مانڊي جو منڊ لڳو هو.

 

سپنا ڄڻ ته اڏاريل آڙيون،

سپنا آڌيءَ رات اُماڙيون.

دودي جو چنڊ جھڙو ٿيڻ، سپنن جو آڏاريل آڙيون ٿيڻ، اهي سڀ تشبيھون آهن، جيڪي اسان کي اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ ئي نظر اچن ٿيون، ٻين ليکڪن وٽ اسان کي اهڙيون خوبصورت رنگيني تشبيھون نظر نه ٿيو اچن.

تجنيس حرفي:

تجنيس حرفي لفظن جو ورجاءُ يا هڪجھڙن لفظن کي چيو ويندو آهي، شاعري ۾ سندرتا ۽ نفاست پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙن لفظن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. اياز پڻ پنھنجي سنگيت ناٽڪن ۾ تجنيس حرفيءَ جو استعمال ڪيو آهي جن جا مثال اسين هيٺ ڏيون ٿا:

هن وستيءَ تان واريو ويندين

او سونھارا سائين دودا

 ڪنھن تي ڪانه ڪڏهن ٿو ڪڙڪي

پاپ پڇاڙي، مير منن جو

جڳ جڳ جي جهومر آ جندڙي

ڇا گوندر کي گرمائي ٿي

ٿي راڱا راڙ مچائي ٿي

جر ڦوٽي جي ڦونڊ اجائي

پھرين سٽ ۾ ’و‘ تجنيس حرفيءَ طور آيل آهي. وستي، واريو. ٻي سٽ ۾ ’س‘ تجنسي حرفيءَ طور ڪم آيل آهي. سونھارا، سائين. ٽي سٽ ۾ ’ڪ‘ تجنيس حرفيءَ طور ڪم آيل آهي. ڪنھن، ڪانه، ڪڏهن، ڪڙڪي. چوٿين سٽ ۾ ’پ‘ تجنيس حرفيءَ طور ڪم آيل آهي.پاپ، پڇاڙي. پنجين سٽ ۾ ’ج‘ تجنيس حرفيءَ طور ڪم آيل آهي.جڳ جڳ، جي، جندڙي. ڇھين سٽ ۾ ’گ‘ تجنيس حرفيءَ طور ڪتب آيل آهي.گوندر، گرمائي. ستين سٽ ۾ ’ر‘ تجنيس حرفيءَ طور ڪم آيل آهي. راڱا، راڙ. اٺين سٽ ۾ ’ڦ‘ تجنيس حرفيءَ طور ڪتب آيل آهي. ڦوٽي، ڦونڊ.تجنيس حرفيءَ سان هم آوازي جوڙ ملن ٿا، جنھن سان لفظن ۾ رڌم روانگي ۽ موسيقي پيدا ٿئي ٿي. اياز پنھنجي فن جي جوهر سان تجنيس حرفيءَ جو سنگيت ناٽڪن ۾ استعمال ڪري خوب نڀايو آهي.

سلاست :

شعر ۾ اهڙي رواني هجي جنھن کي پڙهڻ ۾ ڪو اٽڪاءُ محسوس نه ٿئي. اهڙي رواني ۽ عام فهم وارن لفظن کي سلاست چيو ويندو آهي، جا شعر ۾ سادگي ۽ جاذبيت پيدا ڪندي آهي، اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ اسان کي سلاست جي رواني ۽ نفاستگي نظر اچي ٿي، جا عام فھم ۽ سرل آهي.

مان آڍو هان، مان آڌو هان،

مان  ڏاڍي کان  ڏاڍو  هان.

ڀيڄ  ڀنيءَ جو  نور  لَٽيو مون،

سانجهيءَ جو سِندور لَٽيو مون.  

صنعت مڪرر:

ڪنھن سٽ يا شعر ۾ ٻه يا ان کان وڌيڪ دفعا ساڳيو لفظ دهرائجي ان کي صنعت مڪرر چيو ويندو آهي. اسان کي اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ صنعت تڪرار جي موجودگي ملي ٿي.

 جُڳ جُڳ جي جهومر آ جندڙي،

ڪيئي جوت جهروڪا جندڙي.

 

تَرَ    تَرَ  ۾  جو  ڏاڍو   آهي،

۽   ڪانئر جو ڪاڍو آهي،

جيسين   گهر   گهر  ڦر لايون ٿا،

جيسين سڀ  ڪجهه چورايون ٿا.

مٿين سٽن ۾ جُڳ جُڳ، تر تر، گهر گهر جي موجودگي صنعت مڪرر جو چٽو ثبوت آهي.

اياز ٻوليءَ جو سونھون، وينجهار ۽ سونارو شاعر هو، لفظن کي گھرڻ جو فن ڄاڻندو هو، ”لفظ پنھنجي وجود ۾ نه سھڻا هوندا آهن نه ڪوجها نه وڻندڙ هوندا آهن، نه اڻ وڻندڙ، لفظن کي معنيٰ ۽ مفھوم، نرمي ۽ ملائميت، کَھراڻ ۽ مِٺاس، سونھن ۽ شائستگي، انھن جو استعمال ئي عطا ڪندو آهي، يعني انھن ۾ اهي اوصاف ۽ احساساتي ڪيفيتون هڪ شاعر۽ تخليقڪار ئي پيدا ڪندو آهي. اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ لفظن کي اهڙي نُدرت، نرملتا ۽ فني ڏانوَ سان استعمال ڪيو آهي، جو انھن ۾ پيش ٿيل اظھار ۽ احساسَ جيئرا ۽ متحرڪ محسوس ٿين ٿا. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي لفظي ذخيري کي محفوظ ڪيو ۽ ڪيترن متروڪ لفظن کي جيئدان ڏنو آهي.“

( لطيف،2018: 376).

اياز سنگيت ناٽڪن ۾ شاندار ٻولي ڪتب آڻي، روايتن کي امين بڻائي جدت جو اهڙو ويس پھرايو جو سنگيت ناٽڪ لطف ڏيندڙ،موهيندڙ ۽ وڻندڙ ٿي پيو آهي .سندس هي شعر ڏسو:

ڪانئر جي هر سوچ به ڪوڙي،

لاڀُ به  ڪُوڙو لوچَ  به  ڪُوڙي،

ريت به ڪُوڙي پريت به ڪُوڙي،

ڄَڻ  هو ڪائي  ڪچي  چُوڙي،( اياز،2008: 424)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ ڪم آندل ٻولي جماليات سان ڀرپورآهي، ٻوليءَ جي حسن ۾ سندس وک وک جو پنڌ ۽ اوجاڳيل اکين جو سفر پڻ شامل آهي، هي جنھن ڳوٺ ڳلي، واهڻ وستي، ماڳ مڪان، ڏهر ڏهر، شهر شهر جو اکين مشاهدو ڪري ان علائقي جي لفظن کي ڇنڊي ڦوڪي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو، سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ حُسن چنڊ جيان چمڪي پيو. هر سٺي شاعر جي سڃاڻپ به اها ئي هوندي آهي ته اهو ٻوليءَ جو ڄاڻو هجي لفظن جي تقدس جو ڀرم رکي پر، اياز نه رڳو لفظن جو ڀرم رکيو پر هن لفظن کي به جلا بخشي. ادل سومرو لکي ٿو ته:”هن جا لفظ هر طرح کان مُندائتي مينھن جيان وڏ ــ ڦڙو وَسڪارو لائي ڏين ٿا. پاڻي جي ان پالوٽ ۾ دل چوي ٿي ته، جيڪر وچ پڌر تي بيھي پاڻ پُسائجي ۽ پنھنجو پاڻ کي ڇاٽن، اوهيرن ۽ وسڪاري جي ڇَرَ ۾ اڪيلو ڇڏي، اهو ڪيف ۽ سُرور ۽ سڳنڌ ماڻجي، جيڪو مور کي ملندو آهي.“ (سومرو،2018: 392)

 اياز جي ٻوليءَ جو حسن هي پڙهو:

جيئن    شال   سدائين     دودا!

او     سونھارا      سائين    دادا

مان گهنگهروءَ جي ڇَم ڇَم آهيان،

جي   ڌرتيءَ    تي  پير    نچايا،

ڇَن ڇَن ڪَن تارن جا  سِڪا...

ڪجھه به نه آهن  سونا  سڪا،

منھنجو ڪوئي اگھه   نه آهي ــ

ها، جي  ڪوئي مون کي  چاهي،

پنھنجو ٻُڪ  ڪنول جئن آڻي،

موتين   هاري، مون کي ماڻي....

ملڪ اڳيان ڪو موتي  ڇاهي.( اياز،2008 :420)

      ”اياز پنھنجي دؤر جو ۽ ويھين صديءَ جو يڪتا ۽ يگانو شاعر هو،جنھن مشرق۽ مغرب جي فلسفي جو امتزاج (syenthesis) پنھنجيءَ شاعريءَ ۽ فڪر وسيلي پيش ڪري، نه رڳو سنڌي شاعريءَ کي پر سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ کي اها سگھه، سونھن ۽ ثقافتي روشني بخشي آهي، جيڪا صدين تائين جرڪندي ۽ جلوا ڏيکاريندي رهندي.“

 (جويو،2017: 82).

اياز قادرالڪلام شاعر هو. هن وٽ ڪابه مصنوعي بناوٽ نه هئي، هو فطري شاعر هو. سندس ٻوليءَ تي ايتري دسترس هئي، جو لفظ سندس آڏو ميڙ ڪري بيھندا هئا. احساسيت، جي جذبيت فڪر گونانيت گهرائپ واري آهي.

”اسلوب (style) لکڻ جو هڪ انداز ۽ معيار آهي، جنھن مان اديب ساهتڪار شخصيت جو پختو انداز لڳائي سگهجي. هر فن تجربن مان ڦٽي نڪري ٿو، جيڪو شعور جو لباس پھري دل ۽ دماغ ۾ وسي ٿو، هر ساهتڪار شعوري ڪوشش سان پنھنجو اسلوب بيان رکي ٿو.“

(ملاح،2015: 37)

غلام محمد گرامي، شيخ اياز جي اسلوب بابت لکي ٿو ته: ”سنڌي جديد ادب ۾ شيخ اياز کي جا ممتاز حيثيت حاصل آهي، تنھن کان ته ڪنھن کي به انڪار ڪونه آهي. هن شاعر جي عظيم فن ۾ تنوع جي لحاظ کان توڙي افاديت جي خيال کان، بھار آفرين ڪلام جي فرواني آهي. ڪٿي ڪٿي سندس اسلوب بيان جي جدت ۽ شدت سندس فن ۽ ان جي اثر کي دو آتشو ڪريو ڇڏي.“

(گرامي، 1992: 250)

اياز جي اسلوب جي اها خوبي آهي ته هن جو اسلوب پنھنجو آهي، هن جي اسلوب ڪنھن جو اثر هيٺ ناهي، اياز جي اسلوب جي انفراديت مختلف آهي، جا پئي پراڻي ٿيڻ واري ناهي. سندس اسلوب جي خوبصورتي سورج مکيءَ وانگر آهي، سندس اسلوب نئون آهي.

اياز سنڌي شاعري جي صنفن ۾ جديد روايتون وڌيون، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي صنفون شيخ اياز جي اسلوب سان ئي اوج تي رسي نکري نروار ٿيون. انھن صنفن ۾ سنگيت ناٽڪ کي عروج تي رسائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين، اياز پنھنجي نئين جديد اسلوب سان سنگيت ناٽڪ کي روايتي انداز مان ڪڍي غير روايتي بنايو ۽ وڻندڙ اسلوب سان آشنا ڪيو.”شيخ اياز سنڌ جو اُهو عظيم شاعر آهي، جنھن نه رڳو سنڌ جي ڪلاسيڪل ادبي روايت کي جديد ادب سان ڳنڍيو يا جديد ادب کي ڪلاسيڪل ادب سان سلھاڙڻ جون بي مثال تخليقي ڪوششون ڪيون، پر ساڳئي وقت هن سنڌي ادب کي ادب جي عالمي ڌارائن کي سنڌي ادب سان امتزاج جا غير معمولي، فڪري ۽ فني تجربا ڪيا. اُهي تجربا خيال، تخيل ۽ موضوعن جا به هئا ته فن ٻولي اسلوب جا پڻ.“ (چانڊيو،2018: 297)

اياز جي اسلوب جون رنگينيون، حسناڪيون، نزاڪتون الڳ، منفرد ۽ جدا گانه آهن، سندس اسلوب جو ڏانءُ ڪنھن سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي سندس سنگيت ناٽڪن جو اسلوب مور جي رقص جيان نظر اچي ٿو. اياز جي بيان جي ندرت،جمالياتي حسن، نئين روايت جو امين آهي، اياز جو اسلوب گٺل پيٺل رستي تي پنڌ نه ٿو ڪري هن جو پنڌ، رستو، نئون آهي اُن رستي تان ڪوبه گذريل ناهي، ان ڪري اياز جو اسلوب من کي موهيندڙ، دل کي ڇھندڙ ۽ وڻندڙ آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ جتي تخيل جي تازگي، فڪر جي گهرائي، ابلاغ جي سادگي، احساس جي اڇوتائي ۽ ڪردار نگاريءَ جون خوبيون ۽ خوبصورتيون ملن ٿيون، اتي ان ۾ اسلوب، لفظي سٽاءُ، ردم ۽ فني نزاڪت جون ٻيون ڪيئي ندرتون ۽ نرالائيون پڻ نظر اچن ٿيون.“ (لطيف،2018: 336)

سندس هيءَ انفرديت ڏسوجيڪا شعر کي سھڻو بنائي ٿي.

اي  وَينگس!  تُنھنجا وارَ چڱا،

۽ تِن  تي  مُنھنجا   آرَ   چڱا،

مون  تِن  جي  ڇانوَ  ماڻي  آ،

۽  ساري    ڌرتي   واڻي   آ

مان نيٺ ته  موٽي  اَچڻو هان،

۽   توسان  گڏجي نچڻو  هان. (اياز،2008: 446)

اياز لسانيات جو ڄاڻو، گهڻ علم رکندڙ شخص هو، سندس سنگيت ناٽڪن جو اسلوب نرالو، جداگانه ۽ منفرد آهي اياز جا سنگيت ناٽڪ رس ڀري ٻولي، لهجي جي تاثير، نازڪ خياليءَ،اسلوب جي نئين انداز سان نروار آهن.

 اياز جي سنگيت ناٽڪن جي هيئت ۽ گھاڙيٽو:

گهاڙيٽو ڪنھن صنف جي مقرر پيماني کي چئجي ٿو،شاعريءَ لاءِ هيئت ۽ گهاڙيٽو اهم شيءِ هوندي آهي هيئت ئي شعر جي اهميت بيان ڪندي آهي. ”هيئت (farm) ڪنھن به ادبي صنف جي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان صورت، شڪل، ترتيب،جز، بناوٽ. “ (ملاح، 2015: 365)

اياز کان اڳ لکيل سنگيت ناٽڪ، مرزا قليچ بيگ جو ’ليلا مجنون‘(1880) ليلان رام ڦيراڻي جو ’هڪڙي رات‘(1936) ايڇ. سي بلي جو ’ آڌيءَ جو انصاف‘ (1942) جو گهاڙيٽو الڳ آهي، ۽ اياز جي لکيل سنگيت ناٽڪن جو گهاڙيٽو الڳ آهي. اياز هيئتن،گهاڙيٽن جا نوان نوان تجربا ڪري سنڌيءَ جي سنگت ناٽڪ کي ڪمال تي پهچايو. اياز جا سنگيت ناٽڪ گهٽ ۾ گهٽ ٽن بندن وڌ ۾ وڌ ايڪونجھاھ بندن تي مشتمل آهن. هر بند ۾ قافيا آهن، ڪي بند رديفن تي آهن ته ڪي رديفن کان سواءِ آهن، هر مڪالمي ۾ بندن جو تعداد گھٽ وڌ آهي، بند مقرر ٿيل ناهن مڪالمي ۾ ڪيترا به بند رکي سگهجن ٿا. سنگيت ناٽڪ لاءِ وزن بحر لازمي هوندو آهي. اياز وزن بحر جو پختو شاعر هو.

تاج جويو لکي ٿو ته: ”جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هيئت ۽ موضوعن جا جيترا تجربا اياز ڪيا آهن، هن صديءَ ۾ ايترا تجربا، ٻئي ڪنھن شاعر نه ڪيا آهن. اياز جا تجربا، تھذيبي روايت، مطالعي ۽ مشاهدي جي بٺيءَ ۾ رچي پَچي ريٽا ٿيا آهن ۽ تخليق جي سراڻ تي چڙهي سون ــ ورن سونھن جا جيئرا جاڳندا نمونا بنجي پيا آهن، جن جو وڏي پئماني تي نه رڳو تتبع ڪيو ويو آهي، پر اُنھن تجربن جي ڇاپ، هن دؤر جي سموريءَ سنڌي شاعريءَ تي نمايان ۽ نروار رهي آهي.“

( جويو، 2017: 84)

اياز؛ پنھنجي شاعريءَ ۾ هيئتن۽ گهاڙيٽي جا، جتي نوان تجربا ڪيا آهن.اُتي بندش ۽ صنعت جو پڻ خيال رکيو آهي ۽ موضوع سان پڻ نڀاءُ ڪيو آهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿوته: ”اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ نظم، آزاد نظم، غزل، مقفي توڙي بي قافيه نظم جا گهاڙيٽا گڏ گڏ سفر ڪندي ڏسجن ٿا، ۽ هو هڪ ئي وقت بيشمار هيئتون ڪتب آڻي، دراصل پنھنجي موضوع کي وڌ ۾ وڌ وسعت، گهرائي ۽ دلڪشي بخشڻ چاهي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو هڪ ئي منظر ۾، هلندي هلندي بحر پڻ بدلائي ٿو وٺي، ۽ اها ڳالھه کُکندي، پڙهندڙ ناٽڪ جي ان حصي ۾ موجود ٻين خوبين جھڙوڪ بندش، صنعتن، موضوع جي هم گيري ۽ بيان جي دلڪشيءَ ۾ گهيرجي ان ڳالھه کي وساري ٿو ويھي.“ (سميجو،2017: 20)

اياز سنگيت ناٽڪن ۾ وڏي بحر لکڻ بدران ننڍي بحر کي ترجيح ڏني آهي، ننڍڙي بحر ۾ جامع خيال پيش ڪرڻ جو فن اياز ئي ڄاڻي ٿو. هن نيون هيئتون ءِ نوان تجربا ڪتب آڻي سنگيت ناٽڪ کي لازوال بڻايو، جنھن ۾ هو ڪامياب ويو. اياز سنگيت ناٽڪن ۾ نوان تجربا ڪيا سندس هي هيئتون ڏسو:

ڪو سورج ٻاري وينداسن،

۽ ڏينھن  اڀاري وينداسين.

هي شعر بحر متدارڪ مخبون مسڪن تي بيٺل آهي، جنھن جي هر سٽ ۾ سورهن ماترائون آهن. اياز هي بحر، سنگيت ناٽڪن ۾ جهجهي تعداد ۾ استعمال ڪيو آهي.

 جيئو جيئو جيئو جيئو،

ڇنن ڇنن ڇن ڇن

هن شعر جي مٿئين پد ۾ سورهن ماترائون ۽ هيٺئين پد ۾ ٻارهن ماترائون آهن. مٿئين سٽ چار دفعا فعلن ۽ هيٺئين سٽ ٽي دفعا فعلن تي بيٺل آهي، اياز جي اها خوبي هئي ته هو بحر کي گهٽ وڌ ماترائن تي رکندو هو پر شعر جي سونھن کي ضربيندو نه هو. اياز جو هيئت جي حوالي سان هي سنگيت ناٽڪن ۾ نئون تجربو آهي جو شعر جي مٿين سٽ 16 ماترائن ۽ هيٺين سٽ 12 ماترائن تي بيٺل آهي.

سنڌ جو ناميارو محقق، ٻوليءَ جو ماهر، سراج الحق ميمڻ اياز جي هيئت بابت لکي ٿو ته: ”شيخ اياز جي سڀ کان وڏي شاعراڻي خوبي اها آهي، جو هن جو فڪر ۽ خيال ۾ جيڪا لطافت آهي، ان لاءِ هو لفظ به اهڙا ئي لطيف ۽ رنگين ٿو استعمال ڪري ۽ پوءِ ان کي گھاڙيٽو يا هيئت به اهڙي ٿو ڏئي، جيڪا ان خيال جي لطافت سان هم آهنگ ٿي اچي ٿي.“ (ميمڻ،1985: 10)

اياز جي شاعريءَ ۾ گھاڙيٽي جي مٽجڻ کان پوءِ به لطافت ساڳي رهي ٿي.۽ لفظن جي حرمت برقرار رکندي،فڪر جي گهرائيءَ تائين پھچي ٿي:

 اچ! رات لڙي آهي،

آ پنڌ پري  پنھنجو،

تقدير   کڙي  آهي.

سنگيت ناٽڪ ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ ۾ هئيت جا ٻه تجربا ڪيا ويا آهن، هڪ ته هن جو وزن متفاعلتن متفاعلتن ۽ مفعول مفاعيلن تي بيٺل آهي، ۽ ٻيو جيڪو تجربوآهي، سو آهي هن جي بندن ۾ سٽن جو تعداد گهٽ وڌ آهي، مٿي هر سٽ ۾ ماترائن جو تعداد ٻارهن آهي، مٿيون سٽون مفعول مفاعيل جي وزن تي بيٺل آهن.

او شال ! گهٽا گهنگھور اٿي،

۽ اڀري   زوران  زور   اُٿي.

هي بند وزن متفاعلتن تي بيٺل آهي جنھن جي هر سٽ ۾ سورهن سورهن ماترائون آيل آهن.

رهڻو آهي واس ون،

هونئن ته گلڙا روز ڇڻن ٿا.

  هن شعر جي مٿئين پد ۾ چوڏهن ماترائون ۽ هيٺئين پد ۾ سورنھن ماترائون آهن، ائين اياز سنگيت ناٽڪن ۾ ڪيترائي نوان تجربا ۽ ھيئتون ڪم آنديون آهن، جيڪي فني فڪري حوالي سان ڪامياب تجربا آهن.

نظر اچي ٿو ته اياز؛سنگيت ناٽڪن ۾ ڪيترائي گهاڙيٽا استعمال ڪيا آهن ۽ نوان تجربا ڪيا آهن جيڪي اسان کي هن کان اڳ لکيل سنگيت ناٽڪن ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. نون گهاڙيٽن جي ڪري اياز جا سنگيت ناٽڪ انفرادي ۽ منفرد آهن. اياز مختلف بحر ڪم آڻي انھن ۾ گهٽ وڌايون ڪري، سھڻي نموني پيش ڪيو آهي،گهاڙيٽن جي نون تجربن ۾ اياز ڪامياب ويو آهي ۽ سندس سنگيت ناٽڪ سندر ٿي پيا آهن.

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ موسيقي:

شعر ۾ رڌم،ترنم۽ روانيءَ سان موسيقي پيدا ٿيندي آهي، روايت آهي ته موسيقيءَ جي شروعات پٿر جي دؤر کان ٿي.پر پَکي جڏهن کان وجود ۾ آيا آهن ته هو سُرَ ۾ ٻوليندا رهن ٿا. ’ڪوئل‘ جي ’ڪوڪ‘ ۾ موسيقي آهي ته ’ڳيري‘ جي
’گهوگهو‘ ۾ به رڌم آهي. انسان اڪيلائيءَ ۾ گنگنائي به رڌم ۾ ٿو. سو انسان ازل کان موسيقيءَ کي چاهه سان ٻڌندو به رهي ٿو،ته رڌم سان ڳائيندو به رهي ٿو. اياز جا سنگيت ناٽڪ موسيقيءَ، مڌرتا، سرساز، آھنگ، نغمگي، لطافت، نازڪ خيالي ۽ انفرادي خودي سان مالامال آهن. رڌم، روانگي، لئه، سُر تال سان ڀريا پيا آهن، بحر ۾ ڇلندا ۽ رقص ۾ نچندا رهن ٿا، نديءَ جي لھر جيان لڏندا ۽ سمنڊ جي ڇولين جيان ڇلندا رهن ٿا، سندس لفظ پاڻيءَ ۾ ترندي نظر اچن ٿا. سنگيت ناٽڪن جي هر سٽ ڇم ڇم جي رڌم جي روانگيءَ ۾ رقص ڪري رهي آهي.

جِيئو  جِيئو،  پِيئو  پِيئو !

             ڇَنن ڇَنن ڇَن ڇَن ــ

ڪارين رات،  اُٻهرو ليئو!

            ڇَنن ڇَنن ڇَن  ڇَن ــ

ٽمڪي نيٺ وسامي  ڏيئو !

             ڇَنن ڇَنن ڇَن  ڇَن ــ

پِيئو  پِيئو،  جيئو  جيئو !

             ڇَنن ڇَنن  ڇَن  ڇَن ــ

ڇَن ڇَن، ڇَن ڇَن، ڇَن ڇَن، ڇَن ڇَن ــ

           ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن ــ                 

ڇَن. ..... ڇَن............. ڇَن ــ (اياز2008: 409)

      ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”سُر ۽ تال جي ميل جو اهڙو سُندر مثال سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ کان علاوه ٻي ڪنھن وٽ گهٽ ملي ٿو. ’جيئو جيئو پيئو پيئو‘ جي ڪيفيتي سرمستيءَ ۾ ’ڇَنن ڇَنن ڇَن ڇَن جو لفظي سرگم ۽ اُتار چڙهاءُ من ۾ عجيب ڪيفتن کي جنم ڏئي ٿو. هر لفظ هڪ الڳ احساس کڻي ۽ هر احساس هڪ جدا ڪيفيت ساڻ ڪري، اظھاري سٽاءُ ۾ انوکي حُسناڪي پيدا ڪري ٿو. لفظ سُرن ۾ ۽ سُر، رقص ۾ اهڙي طرح تحليل ٿي وڃن ٿا، جو ڪَنن ۾ نِرتڪيءَ جي گهنگهرن جي جهنڪار گونجڻ ٿي لڳي ۽ روح ۾ زندگيءَ جي رقص جا منظر محسوس ٿيڻ لڳن ٿا.“ (لطيف، 2018: 328)

اياز لفظ تراشيندڙ آهي، لفظن جي چونڊ ڪري انھن کي اهڙي نموني استعمال ڪري ٿو  جو شعر ۾ نغمگي پيدا ٿئي ٿي، اياز مڌرتا يا موسيقي پيدا ڪرڻ ۾ ڪمال درجي جي مھارت رکي ٿو. هن سنگيت ناٽڪ ’ڀڳت سنگھه‘ ۾ اياز جي اها جادوگري سحرانگيزي ڪار فرما نظر اچي ٿي. ”سندس عام شعر جيان هن ناٽڪ جا منظوم مڪالما به نغمگي ۽ مڌرتا سان ٽمٽار آهن، ان ڪري پڙهندڙن تي وڌيڪ ۽ گهرو اثر وجهن ٿا. پڙهندڙ شعر جي نغمگيءَ جي وهڪري ۾ بيخود ٿيو لڙهندو ٿو وڃي. هڪ هڪ مڪالمو يا گفتو سندس اندر ۾ ڪوئل جي ڪوڪ جيان چير وجهندو پيھندو ٿو وڃي.“

(ڀَٽي،2009: 651)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ موسيقيءَ جو سحر جادوگر جھڙو آهي، سنگيت ناٽڪ’ مندن جي منڊل ‘۾ موسيقيءَ جو سحر ڪجھه گهٽ آهي. ’دودي سومري جو موت‘، ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۽ ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ ۾ موسيقي سان رچيل آهن، ’ ڇَنن ڇَنن‘ کان ويندي ’ٽھه ٽھه‘ تائين موسيقي جلوا ڏيکاريندي رهي ٿي.

هو  گورا ’ ٽھه ٽھه‘ ٽھڪ   ڏئي،

ٿا  رات  گُذارن    مَڌ ــ    مَئِي

۽  رمڀا  سمڀا   ناچ    ڪري،

۽ وسڪيءَ جهرمر  جامَ  ڀري

ٿِي   ڳَهرا  ڳُٽ ڳُٽ  پيئن  ٿا،

۽  ڄؤرن    وانگر   پيئن    ٿا. ( اياز، 2009: 667)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ موسيقيءَ جو رچاءُ ۽ سڀاءُ ڀريو پيو آهي. موسيقيءَ جو لھرون رقص ڪندي نظر اچن ٿيون، سنگيت ناٽڪ لاءِ موسيقي اهم رڪن هوندي آهي. اياز سنگيت ناٽڪن ۾ اهڙي ته موسيقي رکي آهي جا ڇن ڇن، دم دم ڪندي سر ۽ تال سان وڄندي رهي ٿي. جنھن ۾ سمنڊ جون سرگوشيون به آهن ته سنڌوءَ جون موج ۽ مستيون، ٻيجل جي سر جا سرگم، ڀٽائي جي تنبوري جي تار جون وڄتون وڄنديون رهن ٿيون. اياز جا سنگيت ناٽڪن ۾ آبشارن جھڙي موسيقي آهي، ان موسيقيءَ ئي ڪري سنگيت ناٽڪ موسيقيءَ جي معراج کي پهتل آهن.  

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ جماليات :

بام گارٽن حسن جي فلسفي لاءِ 1750ع ڌاري
aesthetica‘ لفظ استعمال ڪيو،’aesthetica ‘ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن مان اڳتي هلي ’aesthetics ‘لفظ جنم ورتو، دنيا ۾ جماليات جو ’ابو‘ بام گارٽن چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نصير احمد ناصر لکي ٿو ته: ”حُسن مان مراد، صورت ۽ معنويت جو حسن به آهي، ته حسن الاهي به، جيڪو حقيقي ۽ حُسن محض آهي. حُسن انتھائي مقدس، پاڪيزه ۽ لطيف لفظ آهي، پر ان جي مفھوم ۾ جنسي عنصر ايترو ته شامل ٿي ويو آهي، جو ان جي معنويت جي لطافت ۽ نرملتا ئي گم ٿي وئي آهي. اسان جي ٻولي ۽ ثقافت ۾ پڻ حُسن ۽ عشق جا لفظ جنسي مفھوم سان لاڳاپجي ويا آهن. حقيقت ۾ حُسن لفظ پنھنجي مڙني صفتن ۾ حسين ۽ لطيف آهي، اهو معاشرتي اخلاق، ڪل ادب، فن ۽ ثقافت ۾ به آهي، ته جمال ۽ جلالِ الاهي ۾ به، مطلب ته حُسن جمالياتي قدرن جو مخزن آهي.“ (ناصر،2018: 28)

ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت ۾ مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته: ”جماليات جي معنيٰ آهي، سونھن يا سونھن واري شيءِ يا وجود جي ٻوجھه پرک ۽ انھن جا ماخذ، سونھن فطرت ۾ به هوندي آهي ته فن ۾ به، فطرت ۽ ان جا سمورا مظاهر قدرت جي عطا آهن. هي اڀرندڙ ۽ لھندڙ سج وارو وقت، شفق ۽ سنڌيا، پونم جو چنڊ، چانڊوڪيءَ جو اُهاءُ، سمنڊ جي وير، درياءَ جون ڇوليون، ڏکڻ جي هير، سنڌوءَ ۾ ترڳندڙ چنڊ ۽ ان جو ڦھليل عڪس، مينھن وٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ مٽيءَ جي سڳنڌ، ملهار، ڪڪرن جي لس، مينھن وٺي کان پوءِ وڻ ٽڻ، ۽ گھرو نيرو اُڀ، تاڙي جي تنوار، بلبلين جو ڳٽڪو، ڪويل جي ڪوڪ، ماڪ جي شفايت، ٿڌيرو ڇھاءُ، گلن جي سرهاڻ ۽ ڪوملتا، مٽيءَ جي عظمت، ڊيل جو ٽلڻ، مور جو نچڻ، ڪبوتر جي اڏام، اهي سڀ فطري سونھن جا مظھر آهن.جنھن کي جماليات چئبو آهي.“ (ملاح، 2015: 133)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ جماليات جا جلوا رونق افروز آهن، سندس سنگيت ناٽڪن ۾ منظرن جي جماليات، لسانيات جي جماليات، علامتي جماليات، مزاحمتي جماليات، تشبيھن جي جماليات، ڪردارن جي جماليات، مڪالمن جي جماليات، سونھن ۽ سچائيءَ جي جماليات، ڌرتيءَ جي جماليات، محبت جي جماليات، درد جي جماليات، رنگن جي جماليات، پيار جي جماليات، شعور جي جماليات، تشبيھه جي جماليات، ترڪيب ۽ مرڪب جي جماليات، گهاڙيٽي جي جماليات، وطنيت جي جماليات، فن ۽ فڪر جي جماليات سان ڀرپور آهي. اياز جي سنگيت ناٽڪن جي هر سٽ جماليات سان ڀريل ۽ حسناڪي سان ٽمٽار آهي. سندس هيءَ تشبيھي جماليات ڏسو:

آڪاس ته ڪوئي   وڻ  آهي

۽   اُن  جا  پَنَ  ستارن  جان

ٿا ٽِمڪن جِهمڪن دُور مٿان

۽  جِيوَن     اَنبوءَ  آھ   اِئين

ڪو چُرندڙ پرندڙ جيتُ جئين

چوٽيءَ  تي   پوئين پن مٿان. (اياز،209: 679)

اياز؛ جي شاعريءَ جو بنيادي فڪر انسانيت آهي. هو انسان کي ئي هر حال ۾ خوش ڏسڻ ٿو چاهي،سندس فڪر، انساني قدرن جي اهڃاڻ کي واضع ڪري ٿو. سندس فڪر خاص ڪري ٽن نقطن انسانيت، وطنيت ۽ محبت تي حاوي آهي.تخليقي فڪر جي اڏام ذهن کي هڪ نئين جھان ڏي وٺي ٿي وڃي،فڪر کي سمجهڻ کان پوءِ ذهن نج نبار ٿي پئي ٿو. جنھن سان ڪيئي جماليات جون رنگينيون پسجن ٿيون. سنگيت ناٽڪن ۾ انساني قدرن جو فڪر سڀ کان اهم پسجي ٿو، جيڪو سچائيءَ ۽ حقيقت تي مبني آهي. ”شيخ اياز جي شاعريءَ جي هڪ حيرت انگريز ۽ انوکي اها ڳالھه آهي ته توڙي جو مختلف دؤرن ۾ سندس شاعريءَ جا فڪري رجحان ۽ ڌارائون مختلف ۽ تبديل ٿيندڙ رهيون آهن، پر ان جي باوجود هن جا بنيادي قدر ۽ محرڪ، حُسن، فطرت پسندي، محبت، انسان دوستي، وطنيت، قوم پرستي، ترقي پسندي، روشن خيالي، مزاحمت، عالمي امن، جمھوريت پسندي، فني ۽ فڪري جماليات رهيا آهن.“

( لطيف،2018: 155)

جماليات رڳو ڀوري يا اڇي رنگ ۾ ناهي هوندي. جماليات ڪاري رنگ ۾ به هوندي آهي.جماليات فطرت جي هر شيءِ ۾ موجود هوندي آهي.اهو صرف ڏسڻ واري جي اک جو ڪمال هوندو آهي ته هن کي جماليات ڇا ۾ ٿي نظراچي. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ جمالياتي حسن جون رنگينيون نروار آهن. اُهي وڻ ويڙهيءَ جي ول جيان حسين ۽ خوبصورت لڳيون پيون آهن. سندس سنگيت ناٽڪن جو جمالُ، ڪمالَ کي پھتل آهي. احساساتي تخيل جي جماليات جي اڏام تيز آهي. هن سنگيت ناٽڪن ۾ اھڙي ته جماليات ڀري ڇڏي آهي. جو حسناڪيون چنڊ جي چانڊوڪين جيان چمڪي رهيون آهن. اياز سنگيت ناٽڪن کي روايتي انداز مان ڪڍي جديد رنگت ۽ آهنگ سان نکاريو آهي. لفظي ڪوملتا، تخليقي حسيت، احساساتي رنگيني پيدا ڪري، جا جماليات جي حسناڪي عطاڪئي آهي، اُها غير معمولي آهي. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ ترڪيبون، تشبيھي جماليات جو حسن بي ملھه ۽ لافاني آهي.

              هر ماڻھوءَ  جي  مڱ  جيان،

             ۽  هرڪو  انڌي  اک  جيان.

             آڌي  رات،  اچا نڪ  سڀنا،

ڪاري  ڍنڍ، ڀيانڪ   سپنا.

تنھنجي ٽاريءَ جھڙي تن تي،

ساري  رات انڌاري    بن تي.

ڇَن  ڇَن ڪن تارن جا سڪا،

ڪجھه  به  نه    سونا  سڪا.

جنھن چمپا ڪاريءَ  چوٽيءَ ۾،

۽  هٿ   تئي   تي  روٽيءَ   ۾.

انڌي جي اک، ڍنڍ جو ڪارو ٿيڻ، اچانڪ سپنا اچڻ، تن جو ٽاري ٿيڻ، تارن جو سڪا ٿيڻ، هٿ تئي تي رکڻ، جھڙيون خوبصورت تشبيھون ۽ترڪيبون اياز جھڙو شاعر ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. اهڙيون ڪيئي تشبھيون جماليتي حسن سان ڀريل آهن. جيڪي اسان کي اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ ئي ملن ٿيون.

ڊاڪٽر فياض لطيف. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ جماليات بابت لکي ٿو ٿه: ”اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ تخليقي ۽ احساساتي اظھار جي اُڇل ايتري ته سگهاري ۽ بي ساخته آهي، انھن جي گھرائيءَ ۽ جمالياتي نُدرتن جي رواني ۽ رنگينيءَ ۾ ماڻھو ڪجھه لمحي لاءِ وڃائجي ۽ گم ٿي وڃي ٿو.“ (لطيف،2018: 323)

 اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ رومانويت:

رومانويت جي شروعات انگريز شاعرن وليم ورڊس ورٿ (1770ع-1850ع) ۽ ڪولرج 1772ع-1831ع) جي زماني ۾ ٿي، شاعريءَ ۾ رومانويت (romanticism) جي حوالي سان جيڪي معيار مقرر ڪيا هئا، انھن ۾ جذبي جي اٿل کي وڏي اهميت حاصل هئي. ورڊس ورٿ جو چوڻ هو ته: 

poetry in overflow of powerful feelings.”(writh, 2015: 131)

ادبي اصطلاهن جي تشريحي لغت ۾ مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته: ”ڪلاسڪيت ۽ رومانويت دراصل ٻه متضاد ادبي رجحان آهن، عام طور چيو ويندو آهي ته ”رومانويت“ ادب ۽ زندگي جي فرسوده رسمن خلاف بغاوت هئي ۽ انفرادي احساس ۽ تخيل جي هڪ سوڀ هئي، رومانوي ادب جي خوبين ۾ جذباتيت قدرتي مظھرن ۾ دلچسپي، تصوف، انفراديت پسندي، نيو ڪلاسيڪي رجحان ۽ هر ادبي قانون کان بغاوت، ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ دلچسپي، تخيل جي مڪمل آزادي، قدرن ۽ مظاهرن ۾ دلچسپي، انساني حقن ۾ دلچسپي، ديو مالائن ۾ دلچسپي، جماليات پسندي، علامتي اظھار، جذبات نگاري وغيره“

(ملاح،2015: 191)

”اهو عمل جيڪو روايتن جي خلاف هجي اهو رومانوي آهي.“ (سارتر،2017: 243)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ اُهي سموريون خوبيون نظر اچن ٿيون جيڪي مٿي عالمن،مفڪرن، محققن  بيان ڪيون آهن، سندس سنگيت ناٽڪن ۾ جذبن جي اٿل، فڪر ۽ تخيل جو ويچار رومانوي آهي. سنگيت ناٽڪن جي پلاٽ تي رومانيت حاوي، آدرشي ڪردارن ۾ رومانيت جي لھر واضع ۽ باغيانه رومانوي اثر ظاهر آهي، اياز سنگيت ناٽڪن ۾ رومانيت کي پنھنجي مفھوم کي سھڻي نموني اڀاريو آهي.احساسن ۾ داخلي جذبي جي اٿل پيدا ڪري تڪميل تي پھچڻ ۾ ڪوشان آهي ۽ جدو جھد جي ڳالھه ڪري ٿو.

هوُ  سورهيه سَنڀري نڪرن ٿا،

جهونجھار   جَٿا ٿي نڪرن ٿا.

 

ڪي نيش  کڻو، ارموش    کڻو،

ڪي   پنڌ  پئو   ۽   پيرَ  هڻو!

 

آ سامَ اوهان  لئه   ابڙن   جي،

جئن ڇانوَ  ٿئي ٿي کبڙن جي.

 

هوُ  آڏي   ڍالَ    نه   ڍارن   ٿا

هوُ   راوت   مرندي   مارن   ٿا.

(اياز2008: 426)

اياز جي هن شعر ۾ باغيانه رومانيت آهي، جا ماڻھن جي جذبي کي اٿل ڏئي ٿي، جنگ لاءِ اتساهي ٿي. اها ئي اٿل مقصد تائين پھچائي ٿي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ته : ”جديد شاعريءَ جو محرڪ عشق آهي، جنھن ۾ عورت بنيادي حيثيت رکي ٿي. اسان جي سڀني شاعرن گهڻو ڪري پيار جو مادي تصور پيش ڪيو آهي، جيڪو جنسي لاڳاپن يا جنسي ڪشش کان سوءِ اڌورو آهي.“ (ميمڻ،2017: 259)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ عورت وارو عشق معمولي آهي اياز جا سنگيت ناٽڪ ڌرتيءَ جي عشق سان سرشار آهن. هن جي سڄي رومانويت ڌرتيءَ سان لاڳاپيل ۽ ڌرتيءَ جي محبت ۾ گرفتار آهي. سندس رومانويت باغيانه گهري ۽ جذبن، احساسن، تخيل جي لقائن جا ڏيک ڏئي رهي آهي.

جي   ڪوئي     چاهي    آزادي،

ڪا    چوري     ناهي    آزادي،

اوچا     ڪوٽَ    غلاميءَ  جا

انساني         آزادي      پيارا !

                                     (اياز،2009: 676)

  اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ رومانويت جو پھلو سگهارو آهي، جيڪڏهن سندس سنگيت ناٽڪن مان رومانيت ڪڍي ڇڏجي، ته ڪجھه به نه بچندو. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ باغيانه رومانيت هڪ اٿل آهي، جا متحرڪ ۽ سحر انگيز آهي. سنگيت ناٽڪن ’مندن جي منڊل‘ جي ڪردارن ۾ رومانويت، ۽’دودي سومري جو موت‘۾ دودو، چنيسر، ٻاگهي، ڇوليءَ ، ۽ ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۾ ولھار، وينگس، آڍو، ڪاڍو، ڏاڍو ۾ رومانويت، ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ ۾ ڀڳت سنگھه، ڊاڪٽر گيا پرساد، سکديو، چندر شيکر، ڪشوري لال، راج گرو جي ڪردارن ۾ رومانويت حاوي آهي.سندس جذبي جي هيءَ اُٿل ڏسو:

مان تنھنجي اَرتي کُھنبي مان

هي ڳاڙهو جهنڊو ٿو ٺاهيان،

اڄ هن پرچم جي پاڇي ۾،

مان ڪوٽ اندر يا ڪاڇي ۾،

 

لَلڪار ڪَندُس هر ويريءَ تي،

۽ وار  ڪَندُس هر ويريءَ  تي،

جِئن ٽِڪَ ٻڌي، ڏئي واگھُه ٽپو،

۽ هانءُ ڪڍي هاڙهيالي  جو.

 (اياز،2008: 447)

ارتي کھنبي مان جھنڊو ٺاهڻ، ان پرچم جي پاڇي ۾ للڪار ڪري ويريءَ سان وڙهڻ، هر هر وڙهڻ، ٽڪ ٻڌي بيھي رهڻ، جھڙيون ترڪيبون ئي رومانونيت جي جذبي جي اٿل جو محور آهن.

 اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ فڪر:

شاعري فڪر کان سواءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي، شاعريءَ کي فڪر ئي صديون جيئرو رکندو آهي. جنھن شاعريءَ ۾ فڪر ناهي اُها شاعري ناهي،صرف پنن کي ليڪا ڏيڻ جي برابر آهي.فڪري شاعري دلين تي ڇائنجي ويندي آهي. ۽ صديون ئي زندهه رهندي آهي.اياز جي سنگيت ناٽڪن جو فڪر نئون آهي، جيڪو هن وطن جي مٽيءَ مان ڳوهي، مطالعو ۽ مشاهدو ڪري عوام آڏو آندو.

اياز جيئن ئي شاعريءَ ۾ داخل ٿيو ته پنھنجو نئون فڪر کڻي داخل ٿيو، هن ڪنھن جي ويچار يا فڪر جي تقليد نه ڪئي، هن جو تخيل ۽ فڪر پنھنجو آهي، جو هن کي فطرت طرفان مليل هو. جامي چانڊيو لکي ٿو ته: ”اياز جڏهن ادب ۽ فن جي ميدان ۾ آيو ته پاڻ سان نئون تخليقي فڪر کڻي آيو. هو سنڌي سماج ۾ فڪر جي حوالي سان نئين جوت ۽ جاڳرتا جي علامت ٿي اڀريو، هن ادب ۽ شاعريءَ جي روايتي ۽ صدين کان گٺل ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کان لاتعلق،فڪري رجحانن کي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته ان جي نتيجي ۾ اياز تي اوندهه جي علمبردارن طرفان تنقيد ٿيڻي هئي سا ٿي پر اياز اُن زماني ۾ فڪري قدرن، روين ۽ تصورن جو اڀريل سِجُ هو.“ (چانڊيو،2018: 187)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ رومانوي فڪر، ترقي پسند فڪر، روشن خيالي فڪر۽ مزاحمتي فڪر ڳوڙهو ۽ نمايان آهي، سندس فڪر هڪ هنڌ بيٺل نه پر متحرڪ آهي. اياز جي فڪر جو ويچار هم گير ۽ وسعت وارو آهي، اهو ويچار عالمانه سوچ ۽ انساني زندگيءَ لاءِ اهم فڪر آهي، اهو فڪر انسان کي اتساھه ۽ ويساھه ڏئي ٿو، ڏاهپ سيکاري ٿو، جيئڻ کي سڦل سمجهي ٿو. سندس هي سٽون ان فڪر ۽ ڏاهپ کي نروار ڪن ٿيون.

رَچي وَڃي ٿو اهڙو  رَسَ   ۾،

آگ  لڳائي  ٿو   نَسَ  نَس  ۾،

ڏاهپ  جو  آ  ڏس   اهوئي،

جيئڻ  جھڙو جَس  نه  ڪوئي.

(اياز،2008: 412)

اياز جي سنگيت ناٽڪن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، سندس وسيع فڪر ۾ مشاهدي، مطالعي، اساسي، ڪلاسيڪي، لوڪ شاعري ۽ وطنيت جا عڪس موجود آهن. هو انسانيت جي پيار جو مفسر ۽ مفڪر هو، سندس فڪري گهرايون وسيع ۽ بلنديءَ تي تمام مٿاهيون آهن. جنھن تي پھچڻ جھڙي تھڙي شاعر جي وس جي ڳالھه ناهي. اياز جي سنگيت ناٽڪن جي فڪري سگهه ذهن کي سگهه ڏئي ٿي. تاج جويو لکي ٿو ته: ”شيخ اياز جو تفڪر حيرت انگيز ذهن ۽ مصور نگاھه جو ڪئنواس ڏاڍو وسيع آهي. سندس فڪري جڙن ۾ سنڌوءَ جي ساڃاھه ۽ پنھنجي ڪلاسيڪي ورسي جو سمورو جوهر ۽ حسن موجود آهي. سندس جدت طراز اکين جون پنھنجي ماضيءَ جي پائيدار ورثي سان اُميريون پاتل آهن. سندس شاعريءَ ۾ ايتري فڪري سگھه آهي، جيڪا کيس صدين تائين اَوس زندھه ۽ جاودان رکندي. ان ريت هو پنھنجي ڌرتيءَ جي روايتن جو امين ۽ جيوت جو ترجمان آهي.“ (جويو،2017: 163)

اياز هر دؤر جو شاعر آهي، ماضي، حال، مستقبل، ’هو‘، ’آهي‘، ۽ ايندڙ وقت جو شاعر آهي، سندس فڪر پئي پراڻو ٿيڻ وارو ناهي، هن جو فڪر ڪيتريون ئي نيون راهون هموار ڪري ٿو، ذهن جا نوان تاڪ کولي ٿو، ان کي دڳ لائي ٿو، صدين پڄاڻا سندس فڪر کي زنگ لڳڻو ناهي، سندس فڪر ڌرتيِ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن سان لاڳاپيل آهي.

اياز سنگيت ناٽڪن ۾ جا فڪر جي لھر اڀاري آهي،سا سچائي سان ڀريل آهي. هن جي فڪري سگهه، سنڌ جي تھذيب ۽ صدين جي ساڃاھ تي آڌاريل آهي، جنھن ۾ انسان دوستي، وطني حب، هيڻن جي همراهي شامل آهي. ڌرتي ماتا، جنم ڀوميءَ سان پيار فطري انساني جذبو آهي هيٺين سٽن ۾ ڌرتي ماتا سان پيار جو فڪر نکري نروار ٿئي ٿو:

جَئه   جَنَني   جنم ــ   ڀُومي !

تنھنجيءَ   گود  امرتا   آڇي،

مٽيءُ    کي    مريادا    آڇي،

تنھنجي لاءِ  مري،  مون  ماتا،

جنم  جنم   جا  مارڳ    پاتا،

جَئه جَئه جَنَني، جَئه جَئه جيجي!

جَئه جَئه ڌرتي، جَئه جَئه  ڌرتي!

جَئه     جَنَني،       جنم    ــ ڀُومي.

(اياز،2009: 682)

اياز جي شاعريءَ جو فڪري رجحان ۽ ڌارائون تبديل ٿينديون رهن ٿيون، کيس مختلف شاعرن جي شاعريءَ جو اڀياس ۽ ادارڪ هو. سندس سنگيت ناٽڪن جي” اڀياس مان خبر پئي ٿي ته هو سگهاري لب و لھجي، منفرد اسلوب ۽ نرالي تخليقي ۽ فڪري روايتن جو شاعر آهي، ۽ هن جي شاعري نئين شعور ۽ فڪري سجاڳيءَ جي پيغام سان گڏو گڏ مختلف ۽ منفرد جمالياتي جُهتن سان مالا مال آهي. هن جي شاعري يقينن سندس ذاتي مشاهدي، تفڪر، گهري فلسفياڻي تخيل ۽ فنائتي تخليقي سگھه جو نتيجو آهي.“

(لطيف، 2018: 159)

اياز سنگيت ناٽڪن ۾ فڪري، موضوعي، جمالياتي، رومانوي، مزاحمتي وسعت بخشي آهي. جنھن سان سنگيت ناٽڪ جو فڪر سگهارو ٿي پيو آهي، اياز سنگيت ناٽڪن ۾ فڪر ۽ فلسفو سھڻي نموني اظھاريو آهي، فڪر ۾ ڪمال جي گهرائي نظر اچي ٿي. جنھن ۾ احساسن جي ندرت ۽ خيال جي پختگي حيران ڪندڙ آهي. سندس سنگيت ناٽڪن ۾ فڪر جي اهڙي گوناگونيت آهي، جو پڙهندڙ ٽٻيون هڻندو رهي ٿو ۽ انھيءَ اونھائي ۾ هيرا، موتي، جواهر ميڙي اچي ٿو. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ته” شيخ اياز فڪري طور گهڻ رخو شاعر آهي، هو هر دؤر جي تقاضائن مطابق معروضي حالتن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي داخلي جذبن جي اڇل ۾ فڪري عملي تجربن جو مسلسل جھاد ڪري ٿو.“ (ميمڻ،2017: 370)

اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ مابعدالطبعياتي (metaphysical) گھرائپ وارو آهي، سندس جذبي کان وڌيڪ فڪر سحر انگيز آهي، جيڪا حقيقي زندگيءَ کي ظاهرٿو ڪري. جو سندس چئني ناٽڪن تي ڇانيو پيو آهي. سندس فڪر جي ڪماليت اها آهي ته هو انساني شعور جو تاڪيون کوليندو ٿو رهي. پنھنجي فڪر ۾ هو ڌرتيءَ جي به ڳالھه به ڪري ٿو ته انسانيت جي به ڳالھه ڪري ٿو. احساسن، جذبن، پيار، محبت ۽ امن جي به ڳالھه ڪري ٿو. هو نفرتن کي نندي ٿو ۽ عالم انسانيت جي ڀائپي کي اهميت ڏئي ٿو. اياز؛ قديم دؤر جو فڪر کڻي سنگيت ناٽڪ ’دودي سومري جو موت‘ ۾ جديد دؤر مطابق ڇڙهي ڇنڊي ڏنو آهي. جيڪو هڪ اعليٰ مثال آهي. اهڙا مثال اياز کان سواءِ اسان وٽ گهٽ ملن ٿا.

 اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾ عوامي ڪردار:

عوامي ڪردار جي معنيٰ ٿيندي، اُهي ڪردار جيڪي عوام مان کنيل هجن، اهو ڪرادر عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هجي، اهو کڻي عوام وٽ جنگ جو سورمو هجي، راڳ جو راڻو هجي، سماجي اڳواڻ هجي، سياسي اڳواڻ هجي، فلسفي، توڙي شاعر هجي. اسان وٽ سنڌ ۾ شاھه عبداللطيف اهڙن عوامي ڪردارن ڳايو آهي، شاھه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ لاکو ڦلاڻي، ڄام تماچي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار، ليلان مجنون، سورٺ راءِ ڏياچ جا عوامي ڪردار ملن ٿا. اياز عوامي ڪرادرن تي سنگيت ناٽڪ لکي اُنھن کي امر ڪري ڇڏيو آهي.

اياز به پنھنجي سنگيت ناٽڪن ۾ اهڙن عوامي ڪردارن کي پنھنجي قلم جي نوڪ سان امرتا بخشي آهي. اياز جي سنگيت ناٽڪ ’دودي سومري جو موت‘ جا ڪردار عوامي آهن. دودي جو ڪردار عوام تي راڄ ڪندڙ آهي. چنسير جو ڪردار به عوامي آهي پر منفي آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”شيخ اياز هن راڳ ناٽڪ جي ڪردارن جو جيڪو تاڃي پيٽو اُڻيو آهي. اُهو رواجي ۽ روايتي نه آهي، پر علامتي ۽ غير روايتي آهي. ان ۾ چنيسر جو ڪردار هر دؤر جي موقعي پرست، لالچي، بزدل، سون تي سيڻ مٽائيندڙ ۽ هر حال ۾ ذلت جي باوجود زندگي جيئڻ کي ترجيح ڏيندڙ علامت آهي. هن لاءِ عيش ۽ عشرت، تاج ۽ تخت ئي زندگي آهي، پوءِ اهو ڇو نه ڀلي عزت ۽ غيرت جي نيلاميءَ جي عيوض ئي کيس حاصل ٿئي.“ (لطيف، 2018: 329)

چنيسر، ڇوليءَ جي عزت جي نيلامي هيئن ڪري ٿو:

هي  جو منھنجو ڪاجُ به آهي،

تخت  به  آهي تاجُ  به   آهي.

 

هٿ   ۾ آ،   هٿيارُ   به   آهي،

۽  ويريءَ   تي   وارُ   به  آهي.

 

تنھن  کان  توکي  آءُ ڇپايان ــ

اهڙو    آءُ     اَياڻو    ناهيان.

 

کِپ کَني  کان گهٻرائين  ٿي!

وَڃ، وَڃ،   ڇالَئه    شرمائين     ٿي؟.

(اياز،2008: 41)

عادل عباسي لکي ٿوته:”اياز جا هي ڪردار ڀلي عوامي نه ليکجن، پر اُهي پنھنجي ادبي ۽ شاعراڻي تخليقي جوهر ۾ تمام وڏا ۽ طاقتور آهن. جن وٽ پنھنجو لھجو، پنھنجو پيار، پنھنجا منظر ۽ پنھنجو هڳاءُ آهي. جيڪي اياز جي شاعراڻي سگھه جو اعليٰ فن پارو آهن. هنن ڪردارن جي مڪالمن ۾ اياز جي تخليقي حِسَ تمام تيز فھم ۽ سندس انداز جي جمالياتي اک بيدار آهي، جيڪا ڪردار جي حرڪت ۽ ذري پرزي کي تپاسي رهي آهي.“

(عباسي،2017: 208)

اياز جي سنگيت ناٽڪ’ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ جا ڪردار ولھار، وينگس، آڍو، ڪاڍو، ڏاڍو، نج عوامي آهن.جنھن جو ڏيک ويک، منظر پسمنظر، اٿڻي ويھڻي، قد ڪاٺ، پوشاڪ، رهڻي ڪھڻي عوامي آهي، ثقافتي تھذيبي خيال پڻ رکيو ويو آهي.اياز ڪرادرن سان هٿ چراند ناهي ڪئي، هن ڪرادرن ۾ ساهه وڌو آهي، نج اصلوڪا ڪري پيش ڪيا آهن.

اياز جو آخري سنگيت ناٽڪ ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘آهي، جنھن جا ڪردار ڀڳت سنگھه، چندر سيکر آزاد، ڪشوري لال، سکديو، ڊاڪٽر گياپرساد، راج گروعوامي آهن، اُهي عوام مان ئي چونڊيا ويا آهن. اياز جو اهو ڪمال آهي جو هن جي سنگيت ناٽڪن جا ڪردار عوامي هئڻ سان گڏوگڏ ٻھراڙيءَ جا منظر ۽ پس منظر به رکن ٿا.

حوالا:

1.       چانڊيو، جامي، 2018ع: ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد.

2.      هڪڙو، انور، فگار، ڊاڪٽر،2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، حيدرآباد.

3.      سميجو اسحاق، ڊاڪٽر، 2017ع: مرتب، اياز جا سنگيت ناٽڪ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، حيدرآباد.

4.      اياز، شيخ، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

5.      اياز، شيخ، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو، حيدرآباد.

6.      اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

7.      جويو، محمد ابراهيم، 2008ع: شيخ اياز، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

8.      سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر،2017ع: مرتب، اياز جا سنگيت ناٽڪ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، حيدرآباد.

9.      اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

10.  جويو، محمد ابراهيم، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

11.   اياز، شيخ، 2010: ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

12.  جويو، تاج، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

13.  عباسي، عادل، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

14.  اياز، شيخ، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ،مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

15.  عباسي، عادل، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

16.  جويو، محمد ابراهيم، 2008ع: شيخ اياز، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

17.  اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

18.  عباسي، عادل، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

19.  لطيف، فياض،ڊاڪٽر،2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

20. اياز، شيخ، 2009ع: ڀڳت، سنگھه کي ڦاسي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

21.  ڀٽي، رشيد، 2009ع:  ڀڳت، سنگھه کي ڦاسي،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

22. اياز، شيخ، 2010: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

23. لطيف، فياض، ڊاڪٽر، 2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ سنڌالاجي ڄام شورو.

24. اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

25. سومرو، ادل، 2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، ڊاڪٽر فياض لطيف،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو.

26. اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

27. جويو، تاج، 2017ع: رابيل رُت مايا نگر، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

28. گرامي، غلام محمد، 1992ع: مشرقي شاعريءَ جا فني قدر۽ رجحانات، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

29. چانڊيو، جامي، 2018ع: ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد.

30. لطيف، فياض، ڊاڪٽر، 2018: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄام شورو.

31.  اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

32. ملاح، مختياراحمد،2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.

33. جويو، تاج، 2017ع: رابيل رُت مايا نگر، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

34. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر،2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد.

35. ميمڻ،سراج الحق،1985ع: چنڊ چنبيلي ول، نيو فيلڊس پبليڪيشن،حيدرآباد.

36. اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

37. لطيف، فياض، ڊاڪٽر،2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄام شورو.

38. ڀٽي، رشيد، 2009ع: ڀڳت سنگھه کي ڦاسي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

39. اياز، شيخ، 2009ع: ڀڳت سنگھه کي ڦاسي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

40.    ناصر، نصير احمد، 2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، ڊاڪٽر فياض لطيف، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو.

41.  ملاح، مختيار احمد، 2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،حيدرآباد.

42. اياز، شيخ، 2009ع: ڀڳت سنگھه کي ڦاسي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ

43. لطيف، فياض، ڊاڪٽر، 2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو.

44. ورڊس، ورٿ، 2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، مختيار احمد ملاح، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار، حيدرآباد.

45. ملاح، مختيار احمد، 2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد.

46. سارتر، 2017ع: سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،حيدرآباد.

47. اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو،حڪومت سنڌ.

48. ميمڻ، عبدالغفور، ڊاڪٽر، 2017ع: سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيارادارو حيدرآباد.

49. اياز، شيخ، 2009ع: ڀڳت سنگھه کي ڦاسي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

50. اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو،حڪومت سنڌ.

51.  چانڊيو، جامي، ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد.

52. اياز، شيخ، 2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو،حڪومت سنڌ.

53. جويو، تاج، 2017ع: رابيل رُت مايا نگر، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، حيدرآباد.

54. اياز، شيخ، 2009ع: ڀڳت سنگھه کي ڦاسي،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

55.  لطيف، فياض، ڊاڪٽر، 2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو.

56. ميمڻ عبدالغفور، ڊاڪٽر، 2017ع: سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،حيدرآباد.

57. لطيف، فياض، ڊاڪٽر، 2018ع: شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو.

58. اياز، شيخ،2008ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

59.     عباسي، عادل، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدر آباد.

 

نئون ڪتاب

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org