سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :8

ٻولي،اُن جي ابتدا  ۽ اوسر

ڊاڪٽر غلام علي الانا

١. ٻوليءَ جو علم هڪ سائنس آهي، هيءَ سائنس سماجي علومن (Social Sciences) سان واسطو رکي ٿي. ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازن، آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، هڪ اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، واسطو ۽ تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا(١).·

جيئن هيءَ ساري ڪائنات  ۽ اُن جو نظام هڪ فطرتي عمل آهي، جيئن سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جو ڦرڻ ۽ بدلجڻ، فصلن جو پوکجڻ ۽ لُڀجڻ، برسات جو وسڻ، هوائن جو لڳڻ، هڪ فطرتي عمل آهي، ۽ جيئن هر فطرتي عمل ۾ قدرت ڪارفرما آهي، تيئن ٻولي به هڪ فطرتي عمل آهي، قدرتي نظام آهي، هڪ تنظيم آهي، جيئن آوازن جي اُچارڻ ۽ لفظن جي جُڙڻ ۾ صوتياتي سٽاء، سرشتي ۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن وري  فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي جڳهه جي مٽجڻ ۽ ڦير ڦار، جملي ۾ آواز جي جهيلار ۾ لاهه ۽ چاڙهه، لفظن جي ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ وياڪرڻي جوڙجڪ، سرشتي، سٽاء، ترتيب ۽ تنظيم جو دخل آهي.ٻوليءَ جي علم جا اهي سڀ شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي نظام ۽ تنظيم جي اصولن موجب عمل ڪن ٿا.اهي سڀ حصا ڪنهن نظام موجب جڙيل  آهن، جنهن جي جوڙڻ ۾ ڪنهن به انسان جوڪڏهن به عمل دخل نه رهيو آهي.

٢. دنيا ۾ ٻوليءَ/ٻولين جي ابتدا ڪيئن ٿي، ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي ۽  ڪهڙيءَ ريت ٿي، اهي سڀ اهڙا موضوع آهن، جن جي باري ۾ لسانيت جي ماهرن وڏي جاکوڙ ۽ تفتيش ڪئي آهي. هڪ ماهر گورڊن هيوز (Gordon Hewes) جي راءِ موجب، انهيءَ سلسلي ۾، لڳ ڀڳ ڏهه هزار کن حوالا ملن ٿا (٢). هن جي راءِ موجب انهيءَ موضوع تي، اوڻهين صديءَ  کان وٺي جدا جدا رايا ڏنا ويا آهن ۽ آخر ١٨٦٦ع ڌاري هڪ اهڙو وقت به آيو جو پئرس جي Linguistic Society طرفان هن موضوع تي وڌيڪ ڪنهن به قسم جي راءِ ڏيڻ کان منع ڪئي ويئي (١). بهرحال هن موضوع تي سنڌي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ مواد پيش ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو جو هن موضوع تي انهن ٻولين ۾ سچ پچ ته اڃا ڪجهه لکيو ئي نه ويو آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ (ٻولي/ٻولين جي ابتدا) هڪ رايو هي به آهي ته انسان ذات جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو، تنهن جي ابتدا تڏهن کا ئي ٿي هئي، جڏهن کان ابتدائي انسان فطرتي طور ڳالهائڻ يا نقل ڪرڻ (Imitate) شروع ڪيو هو. هن ”اُهي آواز“ اُچارڻ شروع ڪيا هئا جيڪي سندس ماحول  ۾ فطرتي طور، ان وقت موجود هئا. فطرتي آوازن ۾ پکين جون لاتيون، دريائن ۽ نالن جي پاڻيءَ جي وهڪري جي گڙ گڙ، هوا جي سرسر، ڪڪرن جي ڪڙڪڙ، جيتن جي چرچر، جانورن جي ٻر ٻر، ۽ اهڙيءَ طرح کائڻ پيئڻ ۽ کنگهڻ وغيره جاآواز به هن دائري اندر شامل ڪري سگهجن ٿا. ماهرن جو رايو آهي ته انسان ۽ پکين ۾ اها ڏات هوندي آهي ته اهي ڪنهن به ماحول اندرپيدا ٿيل آوازن جو نقل ڪري سگهندا آهن(.·

هن سلسلي ۾ ڌار ڌار ماهرن پنهنجي سماج ۽ سماجي ماحول، تهذيب ۽ تهذيبي روايتن ۽ خاص ڪري مذهب جي آڌار تي، ٻوليءَ جي ابتدا جي باري ۾ ڌار ڌار نظريا قائم ڪيا آهن. انهيءَ ڪري اهو به مناسب ٿيندو ته ڏسجي ته اهي ماهر، جن اسان جي تهذيب ۽ تمدن کي سنواريو آهي، جن اُن کي سينگاريو آهي، ٺاهيو آهي ۽ اُن کي ڪا صورت بخشي آهي، تن گفتگو، ٻوليءَ ۽ اُن جي لکت جي باري ۾  ڪهڙا ڪهڙا خيال ظاهر ڪيا آهن؟

انسان هڪ عجيب جانور آهي. ماهرن انسان ذات کي گونگي جانور کان الڳ شمار ڪيو آهي. دراصل اها ڳالهائڻ جي قوت ئي آهي، جنهن اسان کي اشرف المخلوقات بنايو آهي. انسان ذات جو اهو پختو يقين آهي ته الله پاڪ انسان ذات کي ڳالهائڻ جي قوت انهيءَ لاءِ عطا ڪئي آهي ته جيئن اُن ۾ سياڻپ، ڏاهپ، دانائي، طاقت ۽ تخليق جي صلاحيت پيدا ٿئي. هن سلسلي ۾ ڌار ڌار ملڪن ۽ مذهبن جي ماهرن ڌار ڌار رايا ڏنا آهن، جن جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

 (الف)قديم مصرين جو رايو:

مصر جي قديم ديوتا جو نالو ثوث  (Tehuti/Thoth) (1)· چون ٿا. Thoth جي نالي ۾ وڏي قوت سمجهي ويندي هئي، ڪنهن به جاندار يا بيجان شيءِ جو وجود، ثوث (Thoth) جي وجود کان پوءِ تسليم ڪيو ويندو هو، مصرين جي عقيدي موجب هن (Thoth) ڪي منتر پڙهيا ۽ ڪي ٻول ٻوليا، جن جي برڪت سان هيءَ دنيا وجود ۾ آئي. هن کي چنڊ جو ديوتا تسليم ڪيو ويندو آهي. هن کي منترن، ٻولن ۽ لکڻ جو سرجڻهار، خالق، مصنف ۽ محتسب مڃيو ويندو آهي. هُو  جادوءَ جي منترن ۽ مُنڊن، پاڪ لکت ۽ مس جو ڪرتار، ڪتابن جو ليکڪ ۽ ڪتابت جي فن جو ديوتا مڃيو  ويندو آهي. مصرين جي عقيدي موجب لکت جي فن جي ديوي سيشت (Seshet) سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن سان هميشه گڏ هوندي هئي. (ثوث) Thoth فقط هڪ جادو بيان مقرر، سخنور، گفتگو ڪندڙ نه هو پر هو علم شماريات، گفتگو ۽ تحرير جي فن ۾ به مهارت رکندو هو. مصرين جي عقيدي موجب ثوث  Thoth نه فقط ”ڪتابت“ جو ديوتا سمجهيو ويندو آهي، پر هڪ وڏو طبيب، وڪيل ۽ معمار پڻ هوندو هو. هو جيڪي ڪجهه فرمائيندو  هو تنهن کي عهد نامو (Gospel) سمجهيو ويندو هو.

(ب) بابلي تهذيب:

بابلي تهذيب جي هڪ ڏند -ڪٿا موجب، بابلي تهذيب جو پهريون مهذب انسان Oannes هو، جو هڪ راڪاس جي روپ ۾ ، اڌ ماڻهو ۽ اڌ مڇيءَ جي شڪل ۾ هوندو هو، جيڪو ايراني نار ڏانهن تري ويو  اُتي لکت جو فن ۽ ٻيا فن جاري ڪيائين.

(ج) چيني تهذيب:

چيني ڏند -ڪٿا موجب قدرت طرفان درياءَ مان هڪ ”دريائي گهوڙو“ يا ”ڪڇون“ پيدا ٿيو، جنهن چيني ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪئي. هن ”لکت“ واري ڏات پنهنجي  وات ۾ ڪانه کنئي، پر هن جي پٺيءَ تي جيڪي چٽ يا نقش هئا، تن انهيءَ ڏات يعني ”لکت“ جي نشاندهي ٿي ڪئي. ان کانپوءِ قانون لکيا ويا، ۽ نيم ۽ اصول جڙيا (1).·

چينين وٽ شهنشاهه Celestial جي لاءِ گهڻو احترام هوندو هو، هُو پکين جون لاتيون ۽ تنوارون گهڻي چاهه سان ٻڌندو هو ۽ انهن جي اُڏامي وڃڻ کانپوءِ، خاموشيءَ سان نرم واريءَ تي، انهن جي ڇڏيل پيرن جي نشانن کي نقل ڪندو هو. هڪ هزار سال اڳ چينين بهترين ڊڪشنريون جوڙيون، انهن ۾ لفظن کي ”نظرياتي“ (Ineologically) ترتيب ڏني.

عيسوي سن کان ڇهه يا ست صديون اڳ، ٻوليءَ ۽ اُن جي ڳالهائڻ جي سلسلي ۾ ڀارت ورش جي پنڊتن ۽ ودوانن جو نظريو، ڏند –ڪٿائن تي مبني، دلچسپ پيرايي ۾ ظاهر ڪيو ويو. انهن جي قديم لکتن ۽ ٻوليءَ کي انساني روپ (Personified) ۾ ”واڪ“ (Vak) يعني ”ٻولي جي ديوي“ يا ”واگديوي“ سڏيو ويو آهي ۽ اُن کي برهما جو مظهر (Manifestation) سمجهي عزت ڏني ويئي آهي. انهن ودوانن جي راءِ موجب پوتر (پاڪ) آواز (واڪ) کي نڪا ابتدا آهي ۽ نڪا انتها، پر اها انسان جي هم عصر (Co-eval) آهي. واڪ (ٻولي) برهما جي تخليقي قوت آهي. آڳاٽن هندو ودوانن جي راءِ موجب هيءَ دنيا خدا جي امر (واڪ) يعني ٻولن ٻولڻ(حڪم) سان هڪدم وجود ۾ آئي. هن جي خيال موجب الله تعاليٰ ”ڀُو“ (يعني ٿي پئو) جو حڪم ڏيئي هيءَ دنيا خلقي.

هندو ودوانن جو رايو  آهي ته الله تعاليٰ جاندارن طرفان ڳالهائڻ ۾ ايندڙ ڪيتريون ئي ٻوليون خلقيون. انسان کي ٻوليءَ ذريعي اها قوت عطا ٿي ته هُو ”منتر“ پڙهي سگهي يا بندگيءَ لاءِ جيڪي ٻول يا اسم اعظم آهن، سي ورجائي سگهي. ”تانترن“ ۾ ٻولي ۽ منترن کي جادوءَ واري سگهه يا جادوگريءَ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي. منتر زنده ديوتا/ديويءَ جي علامت سمجهيا ويندا آهن(١).·

(هه) يهودين جو نظريو:

يهودي جي نظريي موجب انسان خدا جي تخليق جو عڪس آهي. هن کي بهشت مان هڪاليو ويو ۽ درياءَ ۽ طوفان جي وچ ۾ سزا طور ڇڏيو ويو. هُو هڪ ئي ٻولي ڳالهائي سگهندو هو. فرشتن محنت ڪري ڪاميابيءَ سان شهر اڏيا ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ منارا جوڙيا.

(و) مسلمانن جو نظريو:

ڪيترن ئي مسلمان مفڪرن ۽ عالمن جي راءِ موجب زبان جي تعليم الله تعاليٰ سندس ”پهرئين خلقيل انسان“ يعني انسان اول کي وحي ۽ الهام جي ذريعي ڏني.هُو (عالم) اُن دعويٰ جو دليل قرآن ڪريم جي حوالي سان ڏين ٿا.

عَلمَ آدَمَ اُلاَسُماءَ کُلما

يعني؛الله تعاليٰ آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا(1).·

قرآن پاڪ ۾ ٻئي هنڌ فرمايل آهي:

وَمِنُ ايَاتِھ خَلُقُ الُسمٰواتِ وَالارَضِ وَ اخُتِلافُ اَلسِنَتِکُم وَاَلُوانِکُمُ(2)

يعني؛ آسمان ۽ زمين جي تخليق ۽ توهانجي ٻولين ۽ رنگن ۾ اختلاف الله تعاليٰ جي نشانين مان آهن.

اهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ هڪ ٻئي هنڌ فرمايل آهي:

اَلُرحمٰنُ o عَلمَ الُقُرآنُo خَلَق الاِنسانُo عَلمَھُ الُبَيانُo(3).·

يعني: رحمان قرآن سيکاريو، انسان کي پيدا ڪيو  ان کي بيان ڪرڻ سيکاريو.

گويا جهڙيءَ طرح پهرئين خلقيل انسان (انسان اول) جي تخليق، ڪنهن تدريجي طريقي ڪار کانسواءِ عمل ۾ آئي، اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انسان اول کي پنهنجي قدرت ڪاملھ ۽ حڪمت بالغھ جي ذريعي زبان ۽ بيان جي صلاحيت سان روز اول کان ئي نوازي ڇڏيو هو.

انهيءَ سلسلي ۾ حضرت ابن عباس جي روايت مان معلوم ٿو ٿئي ته آدم کي سڄي دنيا جون ٻوليون سيکاريون ويون هيون ۽ آدم ۽ آدم جو اولاد انهن  زبانن ۾ پنهنجي ضمير موجب اظهار ڪندو هو. پوءِ جڏهن آدم جو اولاد مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويو، تڏهن هر هڪ گروهه انهن زبانن مان هڪ کي عام استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻيون زبانون متروڪ ٿينديون ويون. (4).

جيڪي علماء زبان کي الهامي قرار ڏين ٿا، انهن کي جواب ڏيندي ابن جني فرمائي ٿو ته ”آدم کي تمام شين جي نالن سيکارڻ يا انسان کي بيان جي تعليم ڏيڻ جو مطلب هي نه آهي ته زبان وحيءَ جي وسيلي سيکاري ويئي، بلڪه اُن مان مراد هيءَ آهي ته الله تعاليٰ آدم کي گفتگو جي صلاحيت سان نوازيو آهي“(1).·

(٣) ٻوليءَ جي ابتدا لاءِ ڌار ڌار نظريا:

لسانيات جي ماهرن ٻولي/ٻولين جي ابتدا جي سلسلي ۾ ڌار ڌار نظريا بيان ڪيا آهن. انهن مان ڪي ڌيان جوڳا نظريا هي آهن(2).

(ب) ڊنگ-ڊانگ (Ding-Dong) وارو نظريو.

(ت) يو-هي-هو ) (Yo-he-hoوارو نظريو.

(ث) اشارنGesture)  (وارو نظريو

انهن مان هر هڪ نظريي جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:

(الف)واهه واهه يا (Pooh-Pooh) وارو نظريو: هن نظريي جو باني يا هن نظريي جي نشاندهي ڪندڙ مئڪس مولر (Max Muller) هو، جنهن اوڻهين صديءَ ۾ هن نظريي جو ذڪر ڪيو. هن نظريي کي ”ندائي نظريو“ (Interjection theory) به سڏيو ويو. هن نظريي موجب ڄاڻايو ويو آهي ته انسان ذات ڪنهن تعجب، ڏک، درد، ڇوٽڪاري، خوشي ۽ ڪاوڙ وغيره ۾ اچي ڪي آواز اُچاريا، جن اڳتي هلي ٻوليءَ جو روپ ورتو.

(ب) Ding –Dong وارو نظريو: هن نظريي مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته ٻولين جي آواز ۽ مفهوم جي وچ ۾ تعلق آهي، تنهن ڪري اوائلي انسان تي ٻاهرين دنيا جا جيڪي اثر پيدا ٿيا، تن جي صحيح اظهار لاءِ مناسب آوازن کي استعمال ڪيائين (١)·، جن ٻوليءَ جو روپ ورتو.

(ت) Yo-he-ho وارو  نظريو: هن نظريي موجب ماهرن جو خيال آهي ته جڏهن ڪن ماڻهن گڏجي ڪو ڪم ڪيو هوندو تڏهن خاص قسم جا آواز اُچاريا هوندائون. جهڙوڪ: هي، هو، ها، هو، هون، هان وغيره (٢).

(ث) اشارن  (Gesture) وارو نظريو: علم الانسان جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اشارن واري ٻولي سڀ کان پراڻي آهي(٣). هنن جي خيال موجب هٿن جا شارا يا جسم جي ڪنهن حصي جهڙوڪ: چپن جي موڙڻ، ڪنڌ جي لوڏڻ، اکين کي ڦيرائڻ يا ڇنڀڻ ۽ نرڙ تي آندل گهنجن وغيره جي مدد سان به ڪنهن ڳالهه يا مقصد جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به شيءَ جي موجود نه هجڻ جي باوجود اهڙن اشارن جي مدد سان اُن جو مطلب سمجهائي/ ڪڍي سگهجي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته جڏهن ڪنهن ڳالهائڻ واريءَ ٻوليءَ کان اڳ، اُن وقت جو انسان هٿن جي اشارن، ٻانهن کي ڦيرائڻ ۽ هيٺ مٿي ڪرڻ، چپن جي موڙڻ جي وسيلي پنهنجي ڪنهن مقصد جو اظهار ڪري ٿي سگهيو ته اُن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته خيالن جي

اظهار واريءَ ٻوليءَ جي انهيءَ وسيلي /ذريعي (Communication) اڳتي هلي، ڳالهائڻ جا وسيلا پيدا ڪيا هوندا، ۽ انسان ڪا ٻولي يا ڪنهن ٻوليءَ ذريعي ڳالهائڻ شروع ڪيو هوندو(١).

اشارن واريءَ ٻوليءَ ۾ اشارن ۽ آوازن جي همسري هوندي آهي، جنهن ۾ لفظن جي گهڻائيءَ جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته ڪيترين ئي شين جي نالن يا انهن جي نعم البدل جي ضرورت پوندي آهي. هن ڏس ۾ Goldon Hewes جو چوڻ آهي ته ڳالهائڻ واريءَ ٻوليءَ کان اڳ اشارن واري ٻولي وجود ۾ آئي.(1).

وات ۽ چپن کي چٻو ڪري، اشارا ڏيڻ واري طريقي کي به ڪنهن مقصد يا حقيقت جي اظهار جو وسيلو يعني ٻولي سڏيو ويو آهي، هن نظريي مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته انسان جي ابتدائي ٻولي اشارن واري هئي، جنهن ڪجهه زماني کانپوءِ ڳالهائڻ ۽ ٻُڌڻ واري ٻوليءَ جي صورت ورتي، ماهرن جو خيال آهي ته وات اندر، آوازن ۽ اُچارڻ واري ”پڙ“ (track) وٽ ڦڦڙن کان ڌوڪي ايندڙ هوا جي لنگهڻ/گذرڻ سان گڏ، ڪي آواز پيدا ٿيا ، جن اڳتي هلي، لاشعوري طور لفظن جي صورت اختيار ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح لفظن مان جملا ٺهيا ۽ ڳالهائڻ واري ٻولي وجود ۾ آئي(2).·

(د) موسيقيت /سر تار وارو نظريو: پکي تنوارين ٿا، پر سمجهدرا جانورن (Primates) ۾ فقط انسان ذات ئي ڳالهائي سگهي ٿي. ماهرن جو خيال آهي ته هن نظريي جي مدد سان خبر پوي ٿي ته ٻولي ڪيئن وجود ۾ آئي.(3).

(ج) لڳ لاڳاپي/سهڪار (Co-operation) وارو نظريو: ١٩٢٧ع ۾، Grace de Laguna هيءَ وضاحت ڪندي سماجي وهنوار ۾ ٻوليءَ جي بنيادي ضرورت ۽ ڪارج تي روشني وڌي. هو لکي ٿو:

”انساني سهڪار، ٻوليءَ جي ٽن بنيادي طريقن جي استعمال سان، ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اُهي ٽي طريقا آهن: سوال ڪرڻ، حڪم ڏيڻ ۽ اظهارڪرڻ. انهن مان هر هڪ طريقو قديم انسان جي ٻوليءَ جي  قديم آوازن (جنهن کي انساني دانهن animal cry چئجي ٿو، مان ترقي ڪندو وجود ۾ آيو آهي“(4).

هن جي راءِ موجب:

”انساني آواز (animal cry) ماحول مطابق طلب جو هڪ حصو آهي، جنهن جي مدد سان جاندارن جي اُمنگ، اُتساهه ۽ جذبن تي اثر انداز ٿجي ٿو (1).·

هو اڳتي لکي ٿو:

”فرض ڪريو ته قديم انسان جو هڪ گروهه خوراڪ جي تلاش ۾ ٽڙي پکڙي ويو آهي؛ اتفاق سان اُت هڪ خطرناڪ شينهن اچي ٿو نڪري، اُن ٽولي مان هڪ ماڻهوءَ جي نظر اُن شينهن تي پئجي ٿي وڃي؛ هو ٻين ساٿين کي خبردار ڪرڻ لاءِ  هڪ قسم جي دانهن ٿو ڪري، ۽ پوءِ هو پنهنجن ساٿين سان، ڪنهن بچاءَ واري هنڌ تي وڃي ٿو پناهه وٺي. ٻوليءَ جي هن طريقي موجب خطري کان بچڻ لاءِ دانهن ڪندڙ هڪ ساٿيءَ جي نظر ”بچاءَ واري گهرُ (Stimuli) جو ”جواب“، ٻين ساٿين هن طريقي سان ڏنو، جو خطري کان خبردار ٿي بچڻ ڪاڻ هنن وڃي پناهه ورتي. چاهي شينهن انهن کي ماري وجهي ها يا نه، پر ائين ممڪن آهي ته اُن ٽولي مان ڪي ساٿي، بچاءَ لاءِ، شينهن واري واٽ وٺي آيا هجن ۽ شينهن جي وَر چڙهي ويا هجن، ۽ شينهن انهن کي ماري  ڇڏيو هجي. خطري کان خبردار ڪرڻ واري هن اصول موجب ”طلب جواب“ جي وچ ۾ جيڪو رشتو يا  لاڳاپو آهي، تنهن کي Laguna ”ٻولي“ سڏيو آهي“(1).·

Laguna جي خيال موجب:

”انساني عمل ۾ ڪي شيون ڌار ڌار حالتن ۾ ڌار ڌار نموني سان ڪم اچڻ لڳيون، اهڙيءَ حالت ۾ قديم زبانن (Primitive Languages) جا لفظ زياده محدود ۽ مخصوص هئا، انهن جو دائرو ايترو وسيع نه هو.

انسان پهرين پهرين يڪ-لفظا جملا (One-word Sentences) استعمال ڪيا هوندا؛ اڳتي هلي اُن جي ٻولي ۾ ترقي آئي، لفظن ۾ اضافو ۽ واڌارو آيو، ۽ يڪ –لفظي جملي واري گفتگو /گفتار هاڻ گهڻ-لفظي جملي واري گفتار جي جاءِ ورتي“ (1).·

هن جي راءِ موجب:

”آڳاٽي زماني وارو مڪمل جملو، انفرادي (Isolationg type) صورت واري سٽاء تي ٻڌل هو، جنهن ۾ اضافي لفظن (Constituent words) جو واسطو ڳالهائڻ جي لفظن جي مقرر صورتن يعني اسم، فعل، صفت يا ظرف سان نه هو، پر انهن ۾ اندروني تبديلي آئي، يا اُن ۾ اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائي، مطلب ڪڍيو ويندو هو“(2).·

(ح)فعل وارو نظريو (verb theory) ١٩٥٩ع ۾ A.S.Diamond نالي هڪ وڪيل پنهنجي ڪتاب (3) ۾ ٻوليءَ جي ابتدا ۽ ارتقا تي بحٿ ڪيو. هن هيٺين لفظن تي روشني وڌي.

(i) ڳالهائڻ جا لفظ هڪ آڳاٽي فعلي ڌاتوءَ مان ڦُٽي نڪتا آهن

(ii)ٻوليءَ جو ابتدائي ڪارج

(iii) آڳاٽن لفظن جون اصواتي (Phonological) صورتون

(iv) آڳاٽن لفظن جي معنوي حيثيت.

ڊائمنڊ جي نظريي جو تَت هيءُ آهي ته نيم-خانه بدوش ۽ مقامي ٽولن ۾ هڪ ٻئي کان مدد ۽ سهاري وٺڻ وارين التجائن وارن لفظن، ابتدائي ٻوليءَ جي صورت ورتي ۽ هن جي راءِ موجب اُهي التجائون پوءِ اڳتي وڌي، عملي ڪمن جهڙوڪ ڀڃڻ، وڍڻ، مارڻ ۽ ختم ڪرڻ جهڙين فعلي صورتن ۾ تبديل ٿيون. اهي صورتون اڄ جي فعلي صورتن جي ڀيٽ ۾ زياده مبهم هيون.

ڊائمنڊ جي راءِ موجب فعل هڪ اهو بنياد آهي، جنهن تي ٻولي مدار رکي ٿي،  ۽ ٻوليءَ اُن تي جڙيل هوندي آهي.  جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ سماجي اثر کان واڌارا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اُن ۾ ٻين وياڪرڻي صورتن، جهڙوڪ اسمن ۽ صفتن جنم ورتو ۽ انهن جو لفظي ۽ لغوي خزاني ۾ اضافو ٿيو. هن انهيءَ سلسلي ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامن جا حوالا ڏنا آهن ۽ لکي ٿو ته ”انهن ڊرامن ۾ فعلن جي گهڻائي آهي ۽ جيڪي لفظ گهٽ ڪم آيا آهن، انهن ۾ اسمن جي اڪثريت آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ صفتون استعمال ٿيون آهن(1).· جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن فعلن جي مقابلي ۾ اسمن ۽ صفتن جو اضافو ٿيندو ويو. هن اڳتي هلي قديم زماني جي ”شڪارين“ (Hunters) ۽ ”کاڌي خوراڪ جي تلاش ڪندڙ“ (Food Collectors) قديم انسانن جي ٻوليءَ جي، ان کانپوءِ جي دور جي انسان جي ٻوليءَ، ۽ خصوصا موجوده ٻوليءَ انسانن جي ٻوليءَ سان تقابلي مطالعو ڪيو آهي (2). ۽ هن نتيجي تي پهتو آهي ته ”موجوده وقت جي ٻوليءَ ۾ فعلن جي استعمال جو تعداد ڏهه سيڪڙو آهي.“ هو هن راءِ جو آهي ته ”ڪڏهن اهو وقت به هو، جڏهن ٻوليءَ جي ڳالهائڻ ۾ فعل جو استعمال گهڻي ۾ گهڻو ٿيندو هو پر هاڻي لفظن جي اضافي ۽ واڌاري، ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ جي مطالعي مان هيءُ نتيجو ٿو نڪري ته ڳالهائڻ جي ٻين لفظن جهڙوڪ اسمن، صفتن، ضميرن ۽ ظرفن جو تعداد، فعلن جي مقابلي ۾ وڌي ويو آهي“ (3).·

ڊائمنڊ وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته فعل جو اڀياس ڪندي، اهو به ثابت ٿيو آهي ته فعل جي ڌاتوءَ ۾، ٻين صورتن جي مقابلي ۾، اڳياڙين ۽ پڇاڙين ملائڻ جا اصول گهٽ لڳن ٿا، يعني تمام گهٽ حالتن ۾، فعل سان پڇاڙيون ملائي نيون صورتون ٺاهيون وينديون آهن، پر اڳياڙين جي ملائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، پر ٻين صورتن جي حالت ۾ ائين ٿيندو آهي. ڊائمنڊ جي هن راءِ مان هيءُ ثابت ٿو ٿئي ته ”فعل“ ، ٻوليءَ جون آڳاٽيون صورتون آهن(1).·

مورس سوئڊيش (Morris Swadesh) جو نظريو:

لسانيات جي هڪ ٻئي هم عصر ماهر، مورس سوئڊيش، ١٩٧١ع ۾ پنهنجو نظريو، پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي(2). هن ٻوليءَ جي ارتقا کي هيٺين چئن دورن ۾ ورهايو آهي.

(الف) اوائلي پٿر جو زمانو (Eoglottic period)

(ب) قديم پٿر جو زمانو(Paleoglottic period)

(ت) نئون پٿر جو زمانو(Neo-glottic period)

(ث) موجوده زمانو يا تاريخي دور(Historical period)

انهن مان هر هڪ جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:

(الف اوائلي پٿرجو زمانو (The Eoglottic period)  - هن دور جو عرصو ٽيهه لک سال اڳ تائين شمار ٿئي ٿو. هن زماني ۾ اُن دور جو ”جاوا وارو انسان“ (Australopithecus) آفريڪا جي جهنگلن ۽ چراگاهن ۾ گهمندو وتندو هو. هن کان اڳ واري زماني وارو انسان مفرد لفظن ۾ ڦير گهير آڻي، اُن کي ڊگهو ڪري، يا زور سان ڳالهائي، يا آوازن ۾ چاڙهه ۽ لاٿ (چڙهاءُ ۽ اُتراءُ) آڻي يا لفظن کي وري وري دهرائي (تڪراري طريقي موجب)، اُن مان مختلف معنائون ڪڍندو هيو. ائين به ممڪن آهي ته هُو ڪنهن شيءِ جي نالي وٺڻ مهل، اُن جي معنيٰ ۽ مفهوم ظاهر ڪرڻ لاءِ وات يا چپن جي شڪل ۽ صورت ۾ ڦير گهير آڻي، معنيٰ ظاهر ڪندو هو. مثال طور گول شين جي معنيٰ جي اظهار لاءِ چپن کي گول ڪري اُچاريندو هو.

مورس جي راءِ موجب اوائلي پٿر جو زمانو (Eoglottic period) تڏهن کان شروع ٿيو، جڏهن ندائي طريقو (exclamatory system) بيان ڪرڻ واري طريقي (expressive message) ۾ تبديل ٿيو. اُن زماني ۾ ممڪن آهي ته فقط ٻه بنيادي لفظ موجود هئا، جن ۾ جهيلار، اُچار جي طريقي، ترنم يا موسيقيت يا سُر-تار واري اُچار جي مدد سان ڌار ڌار معنائون ڪڍي سگهبيون هيون.

(ب) قديم پٿر وارو زمانو  (paleoglottic period) – هن زماني ۾ شين جي صورتن ۽ علامتن ۾ تبديلي آئي  ۽ ڌاتوءَ ۾ ڦير گهير آڻي، لفظن ۾ اضافو آندو ويو، يعني نوان لفظ ٺاهيا ويا ۽ انهن جي اصلي معنيٰ ۾ پڻ فرق ظاهر ڪيو ويو. هن زماني ۾ ٻن چپن وارن آوازن جي اُچارڻ ۾ به گهڻو فرق هوندو، پر نرم تارونءَ وارن آوازن جي اُچارڻ ۾ فرق ڪجهه گهٽ هوندو.

(ت) نئون پٿر جو زمانو (Neoglottic period)- هن دور ۾ اڳوڻن دورن ۾ ڪم ايندڙ ڌاتن ۾، وينجنن يا سُرن کي اڳياڙين ۽ پڇاڙين طور ملائي، نوان لفظ ٺاهيا ويا ۽ اهڙيءَ طرح نوان لفظ جوڙيا ويا. اڪثر تبديليون، لفظن جي وچ ۾، يعني پد ۾، سُر کي وڌائي، يا گهٽائي يا حدف ڪري يا منجهس صوتي تبديليون آڻي يا نڙگهٽ ۾ يا چپن ۾ ڦير گهير آڻي يا سُر جي صورت (مهڙ وارا، پوڇڙ وارا ۽ وچٿرا) ۾ ڦير ڦار آڻي، لفظ جي اُچار ۾ ڦير گهير ڪري، معنيٰ ۾ تبديل /ڦير گهير سان آنديون وينديون هيون. اهڙيءَ طرح اڳياڙين۽ پڇاڙين (Inflections) جي مدد سان، لفظ جي صورت مٽائي يا تڪراري صورت (دهرائڻ، وري وري چوڻ) سان لفظ جي معنيٰ ۾ تبديلي آندي ويئي ۽ اهڙيءَ طرح ٻن لساني خصوصيتن جي مدد سان لفظ جي معنيٰ ۾ فرق آندو ويو. اُن زماني ۾ جنس ۽ عدد جو فرق ڪو نه هو، بلڪه ائين کڻي چئجي ته انهن جو رواج ئي ڪو نه هو.

(ث) تاريخي دور (Historical period)- هن دور ۾ ڳالهائڻ جي لفظن، انهن جي ڪردنتن، مشقتن، اڳياڙين ۽ پڇاڙين ۽ علم صرف جي اصولن ۾ واڌارو ٿيو. مقامي زبانن، ڪلاسيڪي ٻولين کي جنم ڏنو ۽ اسمن،  ضميرن وغيره ۾ اضافو آيو.

سوئڊيش جو هڪ هي به اهم نقطو هو ته دنيا جون سڀ زبانون هڪ ئي خاندان مان ڦُٽي نڪتيون آهن ۽ پٿر جي دور (Paleolithic) ۾ اُهي اُن (هڪ) خاندان مان ڦُٽي نڪتيون آهن، ۽ اهو عمل گهڻو ڪري پٿر جي وچئين زماني (Middle Paleolithic) ۾ اُن وقت شروع ٿيون، جڏهن ”چين وارو انسان“ (Neanderthal Man) موجود هو.

مٿي بيان ڪيل (سوئڊيش جي) نظرين جي گهري اڀياس کانپوءِ ڪئين سوال ذهن ۾ اُڀرن ٿا. مثال طور: ٻوليءَ جا ابتدا جا آثار ڪڏهن کان ملن ٿا؟ ٻولي پهرين ڪٿي پيدا ٿي؟ ڇا اهڙي ڪا هڪ ٻولي وجود ۾ اچي چڪي هئي، جنهن مان ٻيون ٻوليون اُسريون يا  ڦُٽي نڪتيون هيون؟ اشارن واري ٻولي، گفتگو واري ٻوليءَ کان پهرين وجود ۾ آئي يا پوءِ؟ اوزارن، خوراڪ ۽ انسان، ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر ۾ ڪيتري قدر حصو ورتو؟ آڳاٽي زماني جي انسان لاءِ، فطري ماحول ڪيتري قدر سازگار هو، جڏهن هو ٻوليءَ جون حدون ٽپي رهيو هو؟ ڇا ٻوليون/ٻولي آهستي آهستي، بتدريج وجود ۾ آئيون/آئي يا ٻولين/ٻوليءَ هڪدم/فورن ڪا صورت ورتي؟ ڇا ”چين وارو قديم انسان“ (Neanderthal) ڳالهائي سگهندو هو؟ ڇا جاوا واري اوائلي انسان (Australopithecus) وٽ ڪا ڳالهائڻ واري ٻولي رائج هئي؟ ڇا غير-ٻوليائي درجي کان ٻوليائي درجي تائين تبديلي اختيار ڪرڻ لاءِ، ڪا رٿا يا ڪو منصوبو تيار ڪيل هو؟ ٻوليءَ جي وجود کان اڳ هڪ ٻئي سان وهنوار يا واسطو (Communication) لاءِ ڪو ذريعو هو؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ اهو ذريعو ڪهڙو هو؟ انهن سڀني يا اهڙن ٻين سڀني سوالن جي جوابن لاءِ اڃا تائين بحث هلندڙ آهي، ڇو ته انهن جا اڃا تائين آخري جواب ملي نه سگهيا آهن ۽ جيڪي جواب مليا آهن، انهن لاءِ رد به موجود آهن؛ پر انهيءَ هوندي به ڪن چونڊ سوالن جي جوابن تي هيٺ غور ڪيو ويو آهي. اُهي سوال هي آهن:

(i) ٻولي ڪڏهن وجود ۾ آئي؟ سڀ کان اهم سوال هيءُ آهي ته ٻولي ڪڏهن وجود ۾ آئي؟ هن سوال جو جواب هن ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته توهين ٻوليءَ جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون خصوصيتون ۽ ڪهڙا ڪهڙا اصول پرک طور اختيار ڪريو ٿا. ماهرن جي خيال موجب مشرق قريب جي قديم شهرن جي قائم ٿيڻ کان پنج هزار سال اڳ ٻوليون وجود ۾ اچي چڪيون هيون، ڇو ته انهيءَ زماني ڌاري ٻوليءَ جي لکت جا ثبوت مليا آهن. انهيءَ ڪري اهو ثابت ٿو ٿئي ته اُن زماني ۾ ڪا ٻولي ضرور ڳالهائبي هئي، جنهن جي لکيل صورت موجود آهي. جيڪڏهن برتن سازي، ٻوليءَ جي حقيقت طرف رهنمائي ڪري ٿي ته پوءِ هيئن چئبو ته ٻولي اڃا به گهڻو وجود ۾ اچي چڪي هئي. برتن سازيءَ جا ثبوت جپان مان ڏهه هزار سال اڳ مليا آهن، ائين پڻ ثابت ٿيو آهي ته مِٽيءَ جون پڪل مورتيون ويهه هزار سال اڳ تيار ڪيون وينديون هيون. اهڙو ثبوت آرڪيالاجيءَ جي ماهرن مورتين جي مطالعي کان پوءِ ڏنو آهي(١).·

هن ڏس ۾ خوردبينيءَ ذريعي اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته هڏيءَ تي اُڪر جو ڪم ٽيهه هزار سال اڳ ڪيو ويندو هو(٢). کوجنائن ٻوليءَ جا ابتدا واري زماني کي گهٽ ۾ گهٽ پٿر جي دور جي اوائلي زماني (Upper Paleolithic) تائين ڌڪي ڇڏيو آهي. هن دور ۾ ٻوليءَ جا ڪجهه ثبوت  Cro-Magnon غار وارين تصويرن (Paintings) مان ملن ٿا(٣).

هنن تصويرن ذريعي ثابت ڪيو ويو آهي ته ان دور جو انسان ڪا ٻولي ڳالهائيندو هو. Cro-Magnon غار واروانسان پهريون ڀيرو چاليهه هزار سال اڳ منظر عام تي آيو، پر علم الانسان (Anthropology) جي اڪثر ماهرين کي يقين آهي ته ٻولي Cro-Magnon واري انسان جي منظر عام تي اچڻ کان به اڳ موجود هئي. ڪي ماهر هن راءِ جا به آهن ته چين وارو انسان  (Neanderthal) ٻوليءَ کان وقف هو. هن (چين وارو) انسان جي آبادي هڪ لک سال اڳ چئي وڃي ٿي (1)·  ۽ Cro-Magnon  وار انسان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ختم ٿي ويئي (2).

ماهرن اهو پڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته چين واري انسان جي آباديءَ کان اڳ آفريڪا واري انسان (Pithecanthropus) (3) جي آبادي هئي. هيءَ آٻادي ڏهه لک سال اڳ چئي وڃي ٿي (4). هيءَ آبادي پهرين آفريڪا ۾ وجود ۾ آئي ۽ پوءِ جنوب ايشيا ۾ ۽ ان کانپوءِ پورو پنو ڪمر بند (Temperate zone) ۾ پکڙجي ويئي (5). هن گروهه وارو انسان باهه  استعمال ڪندو هو(6)هيءُ انسان ڳالهائي به سگهندو هو (7).

”آفريڪا واري انسان“ (Pithecanthropus) کان اڳ، ”جاوا واري انسان“ (Australopithecus) جا ثبوت مليا آهن(8)·. هن جي آبادي چاليهه لک سال اڳ جي چئي وڃي ٿي(9). هن (جاوا واري انسان) کان اڳ پٿر واري زماني جي قريب (Pliocene) واري دور ۾ هڪ ڪروڙ ويهه لک سال (12 ملين) اڳ ”اتر –اولهه هندستان واري انسان“ (Ramapithecus) جا ثبوت مليا آهن (1). ·”جاوا وارو انسان“ اڻ گهڙيل اوازا ڪم آڻيندو هو. هن جو مٿو وڏو هوندو هو ۽ ٽنگن تي اُڀو هلندو هو(2). علم الانسان جي ڪن ماهرن جي راءِ موجب ”جاوا وارو انسان“ ڪا ٻولي پڻ ڳالهائيندو هو (3). ۽ ڪن جي راءِ موجب، هنن کان اڳ اُتر-اولهه هندستان وارو قديم انسان (Ramapithecus) پڻ ڪا ٻولي ڳالهائي سگهندو هو(4).·

4- ٻوليءَ ڪٿي جنم ورتو؟

هاڻ هي سوال ته ٻوليءَ ڪٿي جنم ورتو، اُن جو جواب قديم انسان جي مليل پنڊپهڻ وارين صورتن (Fossils) جي اڀياس تي مدار رکي ٿو. هن سلسلي ۾ اهڙين پنڊ-پهڻ وارين صورتن (Fossils) جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم انسان مشرقي آفريڪا ۽ اتر-اولهه هندستان وارين جاگرافيائي حدن اندر رهندو هو، پر پوءِ ڏکڻ –آفريڪا ۽ جاوا، ۽ اُن کان پوءِ يورپ جي ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ڪنارو، آفريڪا ۽ چين هن (قديم انسان) جي وجود جي حدن ۾ شامل ڪيا ويا. هاڻ جيڪڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٻولي سڀ کان پهرين اوائلي پٿر جي دور (Upper Paleolithic)  ۾ Cro-Magnon  انسان ڀونوچ سمنڊ(Mediterrameon) جي چوڌاري ڳالهائڻ شروع ڪئي ۽ ساڳي طرح جيڪڏهن هيئن به تسليم ڪجي ته ٻولي اول چين واري قديم انسان ڳالهائڻ شروع ڪئي؛ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن هيئن به کڻي مڃجي ته ٻولي پهرين پهرين جاوا واري قديم انسان ڳالهائڻ شروع ڪئي ته پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ئي مشڪل ٿيندو. هن سلسلي ۾ لسانياتي تجزيي جي آڌار تي مورس سوئڊيش (Morris Swadesh) جو رايو آهي ته مشرق بعيد اهو مرڪزي خطو آهي، جتي مکيه ٻولي/ٻوليون پيدا ٿيون(1).[1]

٥-هڪ خاندان مان نڪتل يا گهڻ-خاندان واريو ن ٻوليون:

هن حقيقت لاءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ هن وقت هزارين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه زمانو اڳ انهن جو تعداد  ايترو نه هو، پر گهٽ هو. اها به حقيقت آهي ته ڪو اهڙو زمانو به هو، جنهن ۾ ٻولين جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ ڪانه هئي.

هاڻ سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته دنيا جون موجوده سڀ ٻوليون ڪنهن هڪ ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن يا اهي سڀ ٻوليون، جدا جدا خاندانن ۽ گروهن جون شاخون آهن. اهو به سوال اُٿي ٿو ته ٻولي هڪدم هڪ ئي دفعي سان وجود ۾ آئي يا ڌار ڌار وقتن تي ڌار ڌار ٻوليون پيدا ٿيون، جن مان ٻين ٻولين  جنم ورتو؟ هن سلسلي ۾ مورس سوئڊيش (Morris Swadesh) ٻولين جي  تقابلي مطالعي کانپوءِ راءِ ڏيندي چوي ٿو ته دنيا جون ٻوليون هڪ ئي خاندان مان ڦُٽي نڪتيون آهن(1)[2] پر ٻين ماهرن سوئڊيش جي هن راءِ سان

اختلاف ڪيو آهي (2). هنن جي راءِ موجب ڌار ڌار ٻولين ۾ ساڳين لفظن جي موجود هجڻ جي آڌار تي هن اها دعويٰ ڪئي آهي، پر حقيقت ائين نه آهي. هن جي خيال موجب ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ٻولين اهي لفظ هڪ ٻئي کان اُڌارا ورتا هجن يا هڪ ٻوليءَ جو، ٻيءَ ٻوليءَ تي اثر ٿيو هجي؛ پر اڃا تائين اهو فيصلو ٿي نه سگهيو آهي ته دنيا جون ٻوليون هڪ ئي خاندان مان ڦُٽي نڪتيون آهن يا ڌار ڌار خاندانن مان.

٦-ٻولي بتدريج وجود ۾ آئي يا هڪدم، هڪ ئي دفعي سان:

ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان هڪ اهم سوال هي آهي ته ٻولي هڪدم هڪ ئي دفعي سان وجود ۾ آئي يا بتدريح، آهستي آهستي، حالتن جي تبديليءَ ۽ ڦيري سان گڏ، ڦرندي گهرندي، سڌرندي ۽ مايدار ٿيندي رهي.

هن سلسلي ۾ ايرڪ لينيبرگ (Eric Lenneberg) جو رايو آهي ته ٻوليءَ واري قوت، انسان ذات کي، هڪ خاص ڏات طور عطا ٿي، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪو به ذهني طور اپاهج انسان (Vetarted humanbeing) ٻولي سکي نه سگهندو، يا جيڪڏهن اهڙن ماڻهن مان ڪو، ڀڳل ٽٽل ٻولي ڳالهائي به سگهندو هوندو، ته صوتي ۽ صرفي لحاظ کان، هو سؤ في صد صحيح نه ڳالهائيندو هو (1). لينيبرگ (Lenneberg) جو خيال آهي ته ٻولين جو وجود انسان ذات جي وجود سان گڏ، شروع کان شامل رهيو آهي(2). هو دليل طور لکي ٿو:

”(i) هر انساني سماج ڪا نه ڪا ٻولي ڳالهائي ٿو.

(ii) ٻولي علم طبعي (Anatomy) سان واسطو رکي. علم طبعيءَ جي لحاظ کان دماغ ۾ اهڙا به /ڀاڱا (Cell) موجود آهن، جن جو واسطو ڳالهائڻ (ٻولي) سان ثابت ڪيو ويو آهي.

(iii) ڪافي وقت تائين لڳاتار ڳالهائڻ جاري رکڻ لاءِ قدرت طرفان انسان هوا کڻڻ ۽ ڦوڪڻ جي خاص سهوليت (Respiratory adjustment) طور

وات واري کوٻي ۾، ”آوازن جو پڙ“ (Sound track) عطا ڪيو ويو آهي، جتي آواز پيدا ٿين ٿا. انسان ذات کانسواءِ ، ٻئي ڪنهن به جاندار کي جسم ۾ آوازن جي پڙ جهڙي ڪا جاءِ عطا ٿيل  ڪانهي، جتي هو آواز پيدا ڪري سگهي“(3).[3]

ماهرن جو رايو آهي ته انسان ذات هن جادوءَ روپي وايو منڊل ۾ ڳالهائڻ سکي ٿو. هنن جي خيال موجب جڏهن به ڪو ٻار ڄمندو آهي، تڏهن سندس چوڌاري ماحول وارو گوڙ ۽ گهمسان سندس ڪنن تائين رسندو آهي، ماءُ جي مامتا وارا مٺا ٻول، پيءُ جو پيار ڀريو آواز، عزيزن قريبن، مٽن ۽ مائٽن جا سڪ ڀريا سڏ، نوڪرن چاڪرن ۽ پاڙي وارن جا چاهت ۽ قربن ڀريا قول هن جي ڪنن تي پهچندا آهن.

جڏهن هو (ٻار) ٿورو وڏو ٿي ڳالهائڻ لڳندو آهي، تڏهن ڄڻ ته وايومنڊل ۾ جادوگري جاءِ وٺندي آهي. اها جادوگري، جيڪا شين جي سڃاڻپ ڪرائيندي آهي ۽ ٻار محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته کيس ڪو ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو ۽ سندس آواز تي ڪو ڌيان ڌري ٿو.

هر انسان اهو سمجهي ٿو ته ڳالهائڻ جي قوت، خوف ۽ هراس، پيار  ۽ نفرت توڙي اهڙين ٻين خواهشن ۽ احساسن ۽ گهرجن جي لاءِ اظهار جو وسيلو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ٻولي دانائي ۽ ناداني، ڪم، وندر ۽ ورنهن ۾ هڪ سماجي ڪارج ادا ڪري ٿي.

پروفيسر فرٿ (Firth) جي راءِ موجب ”هيءَ دنيا، جنهن ۾ اسين رهون ٿا، انسان اُن جو هڪ  اٽوٽ حصو آهي(1). انسان جيڪا ٻولي  ڳالهائي ٿي، سا فقط ڄڀ جو ڏندن، سخت تارونءَ، نرم تارونءَ، مورڌن يا ڪاڪڙي ڏانهن مٿي کڄي وڃڻ ۽ انهن مخرجن سان ميلاپ ڪرڻ سان پيدا ٿئي ٿو. ٻولي فقط نڙي يا نڙگهٽ وٽ سوڙهه (گُهٽَ) پيدا ڪري آوازان جي اُچارڻ وارو عمل نه آهي، پر ٻولي دراصل دماغ جي عمل جو نتيجو آهي، جيڪو نسن (نبضن) تي قبضو ڪري، اُنهن کان ڪم وٺي ٿو. انهيءَ ڪري هيئن چوڻ ته ڪنن جو ڪم آهي ٻُڌڻ صحيح نه آهي، ڇو ته اسين ڪنهن آواز جي ٻڌڻ لاءِ ڪن کڙا نه ڪندا آهيون، پر حقيقت ۾ دنيا ۽ معاشري ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، تنهن جي ٻڌڻ لاءِ انسان جا ڪن باخبر هوندا آهن.

انسان جو آواز انسان جي دماغ جي عمل (Postural Scheme)) جو مجموعو آهي، انساني آواز ڪنهن عمل جو هڪ جز آهي، ان لحاظ کان هيئن چئبو ته انسان جي ڳالهائڻ

جو عمل سندس سڄي جسم سان واسطو رکي ٿو. خصوصن سندس انهن عضون سان جن جي مدد سان هُو ساهه کڻي ٿو.، پر اُن ۾ دماغ جو عمل دخل ڪجهه وڌيڪ آهي، انسان جي آواز کي، انسان کان ڌار ڪري ٿو سگهجي، خصوصاً انسان جي دماغ جو، سندس ڳالهائڻ واري عمل تي قبضو رهي ٿو، يا ان لحاظ کان هيئن چئبو ته دماغ هڪ منتظم وانگر ڪم ڪري ٿو.

انسان جي ڳالهائڻ جي آواز جو مدار هوا تي آهي. جڏهن هوا ۾ رڪاوٽ پيدا ڪبي آهي تڏهن ڌار ڌار حالتن ۾ ڌار ڌار آواز پيدا ٿيندا آهن ۽ آواز پيدا ڪبا آهن، پر ڳالهائڻ جو عمل ”طلب“ (Stumili) ۽ جواب (Response) واري عمل سان واسطو رکي ٿو(١).·

ننڍو ٻار جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جا آواز اُچارڻ شروع ڪندو آهي تڏهن هن جا اُچاريل ابتدائي ٻول ڏاڍا پيارا ۽ دلچسپ لڳندا آهن. هن جي ٻاتائڻ واري منزل، هن جي ڳالهائڻ واري عمل جي ابتدائي منزل هوندي آهي، ٻار شروع ۾، اهي آواز اُچاريندو آهي، جيڪي هن جي ماحول ۾ پهرين پهرين، هن جي ڪن تي پهتا هوندا، يا هن پهرين پهرين ٻُڌا هوندا. هُو (د، ب يا م) آواز، پهرين پهرين سکندو ۽ اُچاريندو آهي؛ اڳتي هلي، هن جي ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ، پيءُ يا ٻين عزيزن کي ٻڌڻ سان، اول هن جي آوازن ۽ پوءِ لفظي /لغوي خزاني ۾ اضافو ٿيندو آهي. هُو نوان نوان لفظ نقل ڪندو آهي، هن جا ڪن عادي ٿي ويندا آهن ۽ هُو لاشعوري طور نون لفظن جو اضافو ڪري،  پنهنجي لغوي خزاني ۾ واڌارو ڪندو ويندو آهي.

ٻولي ٻين جسماني عملن سان گڏ ترقي ڪئي آهي. انسان پنهنجن خواهشن ۽ ضرورتن لاءِ ٻوليءَ جو سهارو وٺي ٿو. هن ترقي پذير دنيا ۾، انسان جون خواهشون پڻ وڌنديون رهيون آهن.علم حياتيات (Biology) ۽ بايو ڪيميا (Bio-Chemisty) جي علمن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته انسان جي فطرت به سدائين بدلبي رهي آهي. انسان جي ٻين خاص عادتن وانگر، نقل ڪرڻ ۽ سکڻ جي عادت به انسان جي هڪ خصوصيت  رهي آهي، انسان جي عظمت جو مدار سندس انهن عادتن تي آهي، ڳالهائڻ واري قوت انسان لاءِ هڪ قيمتي هٿيار مثل آهي، ڇو ته ان جو انسان جي جسم ۾ نڙي ۽ نڙگهٽ ۽ اُن جي مٿان هوا جو لنگهه، اوائلي قديم انسان جي جسم ۾ پڻ ائين ئي موجود هئا، جيئن اڄ جي انسان جي جسم ۾ موجود آهن، پوءِ چاهي اهو قديم انسان غارن ۾ رهندو هو يا وڻڻ تي گذاريندو هو، يا جانورن جي پالڻ لاءِ هُو ميداني زندگي گذارڻ لڳو هو.

·لينيبرگ (Lenneberg) جو اهو به رايو آهي ته ڪنهن به ٻار جي ٻوليءَ جي ارتقا لاءِ ڪو معياد مقرر آهي. هن سلسلي ۾ اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته ٻار پهرين (د، ب ۽ م) ٽن آوازن مان ڪو به هڪ آواز اُچارڻ سکندو آهي(١). يعني ڪو به ٻار سڀ کان پهرين يا ته  ٻن چپن وارن آوازن (ب  ۽ م) مان ڪو به هڪ آواز اُچارڻ لڳندو آهي يا ڏندن وارو آواز (د) اُچاريندو آهي، يعني ته ٻار پهرين ڳرا/ڳرو اوسرگ آواز اُچارڻ سکندو آهي. انهن آوازن جي اُچار سکڻ کانپوءِ ٻار پهرين يا ته مفرد لفظ يعني پهرين اسم ڳالهائيندو آهي ۽ يا ته فعل، هُو گهڻو ڪري پهرين فعل ڳالهائيندو آهي.

تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته ڪو به ٻار سڀ کان پهرين اهي ٽي آواز (د، ب ۽ م) هڪ ٻئي پٺيان ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي. پوءِ جيئن جيئن هو وڏو ٿيندو ويندو آهي، تيئن تيئن سندس ذهني نشونما ٿيندي ويندي آهي، ۽ هُو (ٻار) ماحول سان وڌيڪ مانوس ٿيندو ويندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سندس ٻوليءَ جي خزاني ۾ واڌارو ٿيندو آهي. هن مان ائين واضح ٿئي ٿو ته ٻار پهرين پهرين هڪ لفظ يا هڪ لفظو جملو (One Word Sentence) ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي . پوءِ آهستي آهستي ٻن لفظن وارو جملو ڳالهائيندو ۽ اهڙيءَ طرح سندس ٻوليءَ ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي. اهو به ياد رکڻ کپي ته ٻار جنهن ٻوليءَ واري ماحول سان واسطو رکندو هوندو، اُن ٻوليءَ يا ويا ڪرڻي سٽاءَ موجب جملا ڳالهائندو.

اها ته حقيقت آهي ته ڪنهن به انسان کي ڪا ٻولي سکڻ کان روڪي نٿو سگهجي. ڪو به ٻار گونگي، ٻوڙي ۽ انڌي هجڻ جي به ڪا ٻولي سکي سگهي ٿو. اها به حقيقت آهي ته انسان کان سواءِ ٻيو ڪو به جاندار ڪا به ٻولي سکي سگهي ٿو. اها به  تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته باندرن کي به ڳالهائڻ سيکارجي، پر ماهرن کي اڃا تائين هن ڏس ۾ ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي آهي.

مٿي بيان ڪيل حقيقتن مان اهو واضح ٿيو ته جيئن ٻار جي دماغي نشونما ۽ ماحول سان وابستگيءَ سان گڏ، سندس ٻولي، اُن جي خزاني ۽ اُن جي سٽاء ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي، تيئن ٻولي به انسان سان گڏ وجود ۾ آئي ۽ انسان سان گڏ ترقي ڪندي رهي.  جيئن جيئن انسان جي ذهني نشونما وڌندي ويئي ۽ جيئن جيئن انسان جي ماحول ۾ اضافو ٿيندو ويو تيئن تيئن هُو پنهنجي ضرورت آهر نوان نوان لفظ گهڙيندو ويو ۽  پنهنجي ٻوليءَ ۾ اضافو ڪندو ويو، يعني ٻولي سادي (Simple) کان ڏکيري (Complex) ٿيندي ويئي. اهو سلسلو  اڄ به جاري آهي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ، انگريزي زبان ۾ سائنسدانن، سماجي علمن جي ماهرن  ۽ عالمن هزارن جي تعداد ۾ نوان لفظ ٺاهي، ٻوليءَ ۾ انهن جو اضافو ڪيو. ان سلسلي ۾ نه فقط نوان نوان لفظ ٺاهيا ويا پر ڪيترن ئي نون علمن جو پڻ تعارف ڪرايو ويو.

هِمز (Hymes) جو رايو آهي ته ”ائين نه آهي ته سڀ  ٻوليون ڪي سندن  ڳالهائيندڙن جي گهرجن، موجب مناسب ثابت ٿيون آهن، ۽ ائين به نه آهي ته ڪو سڀني ٻولين ۾ اها صلاحيت هوندي آهي ته اُهي پنهنجي ماحول جي لاءِ مناسب مدد ڪري سگهن ٿيون“ (١).[4]

ماهرن جي تحقيق  ۽ کوجنا موجب انسان ذات تهذيب  ۽ تمدن جي الڳ الڳ دورن مان ارتقا پذير رهيو آهي. قديم تهذيبي دور، قديم پٿر وارو دور (Upper Paleolithic) هو، جنهن ۾ انسان پٿر جا بي ڊولا هٿيار ٺاهي ڪم آڻيندو هو، پوءِ ماريل جانورن جي هڏن مان هٿيار ٺاهي ڪم آڻڻ لڳو؛ ان کانپوءِ باهه پيدا ڪري، پڪل کاڌو کائڻ لڳو ۽ ائين بتدريج ترقي ڪندو، ماحول سان گڏ سڌرندو  ويو.

ماهرن جو خيال آهي ته تهذيبي ترقيءَ جو واسطو ٻوليءَ جي ترقيءَ سان آهي، تنهنڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جي  شروعات سان گڏ، ٻوليءَ جي به شروعات ٿي هوندي ۽ تهذيب جي ترقي سان گڏ، ٻوليءَ به ترقي ڪئي هوندي. جيئن جيئن تهذيب نئون رنگ، نئين صورت ۽ نئون روپ وٺندي، ترقي پذير ٿيندي رهي، تيئن تيئن ٻوليءَ تي به اُن جو اثر ٿيندو رهيو ۽ پوءِ تهذيب جي نئين روپ ۽ نئين اثر کان متاثر ٿيندي، پاڻ کي  بنائيندي، ٺاهيندي ۽ پاڻ ۾ تبديلي آڻيندي، اڳتي وڌندي رهي آهي.

هن سڄي بحث جو اختصار هيءُ آهي ته ٻولي انسان جو فطرتي ۽ قدرتي ورثو آهي، جيڪو انسان ذات کي ابتدا کان عطا ٿيو آهي  جو بتدريج، انسان ذات سان گڏ آهستي آهستي ترقي ڪندو رهيو آهي.

ببليو گرافي

عربي ڪتاب

١-القرآن.

٢-ابن جني.

٣-الرازي فخر الدين: تغسير ڪبير طهران.

سنڌي ڪتاب

٤-سراج الحق ميمڻ: سنڌي ٻولي، حيدرآباد، عظيم پبليڪشنس ١٩٦٤ع.

٥- علي نواز جتوئي: علم لسان ۽ سڌي زبان  ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ١٩٨٣ع.

انگريزي ڪتاب

6. Bloomfield, Language.

7. Brian Stross, The Origin and Evolution of Languages, University of Texas, W.M.C. Brown Company Publishers, 1976.

8. Diamond, A.S. The History and Origin of Language, New York, Philosophical Library,1959.

9. Firth, J.R, The Tongues of Men and Speech, Oxford University Press, 1964.

10. Gordon Hewes, Language Origins, a bibliography, second edition, Morton, the Hague, 1974.

11.Ibid. Primate communication and the Gestural Origin of Language, an article published in “Currrent Anthropology”, 14-1973.

12. Grace de Laguna. Speech Function and Development, Bloomington, Indiana Univerity Press. 1927.

13. Hymes, D, Function, ed.F.C.Gruber, Philadalphia, University of Pennsylvania Press, 1961.

14. Lenneberg, Eric, Biological Foundations of Language, New York, John C. Wiley & sons, Ine, 1976.

15. Morris Swadesh, The Origin and Diversification of Language, Chicago Aldine-Atherton, Inc,1971.

16. Richard Paget, Human Speech, London, Rontedeg and Kagan Paul 1963.

17. Sturtevent E.H. An Introduction of Linguistic Science, New Hawean YaleUniversity Press, 1947.

(مهراڻ 1-1986ع)

 


 

· (1) Sturtevant, E.H, An Introduction to Linguistic Science, New Hawen Yale University Press, 1947, p.21.

(2) Gordon Hewes, Language Origins, a bibliography, second edition, Morton, the Hague, 1974.

Also see: Ibid, “Primate Communication and the Gestural Origin of Language”. An article published in Current Anthropology, 14, 1973, pp.5-24.

·  (1) Brian Stross, The Origin and Evolution of Language, University of Texas, W.M.C Brown Company Publishers,1976,p,20.

(2) Ibid.

· (1) Firth, J.R, The Tongues of Men and speech, Oxford University Press, 1964, P,3.

· (2) Ibid,pp 4-5.

·(1) Firth, J.R,Op.Cit,P.5.

· (1) القرآن:٢ : ٣١.

· (2) القرآن: ٣٠، ٢٢

(3) ايضا: ٥٥؛ ١-٤

(4) الرزي فخر الدين: تقسير ڪبير، طهران، ٢، ١٧٥.

·  (1) ابن جني: ١، ٤٦.

۽ پڻ ڏسو سراج الحق ميمڻ: سنڌي ٻولي، حيدرآباد، عظيم پبليڪيشن، ١٩٦٤ع، ديباچو، ص ص ٤-٥.

(2) Bloomfield,L,Language.                                                                             

· (١) علي نواز جتوئي: علم لسان ۽ سنڌي زبان،  ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ١٩٨٣ع، ص ٢٨.

) ايضا.        

Aldo See: Brian Stross, Op. cit, p.22.

(3) Brian Stross, Op,Cit, p. 22.

· (1) Brian Stross, Op.cit,p.23.

(1) Gordon Hewes, Primate communication and the Gestural Origin of Language, Current Anthropologv 14-1973,pp 5-24.

(2) Richard paget, Human Speech, London, Rontedge and Kegan Paul, 1963.

(3) Grace de Laguna, Speech-its Function and Development, Bloomington Indiana University Press,1927,p.24.

(4) Ibid.

· (1) Grace de Laguna, Speech-Its Function and Development, Op.cit p.24.

· (1) Ibid.                                                        

· (1) Ibid p.24.

· (2) Grace de Laguna, Op cit.p.24.

  (3) Diamond, A.S,The History and Origin of Language, New Yark  Philosophical Library, 1959, p 26.

·  (1) Diamond, A. S, Op. cit,p.26.

    (2)Ibid.

· (1) Diamond, A.S, OP.cit p 26.

· (2) Ibid.

  (3) Morris Swadesh, The Origin and Diversification of Language, Chicago, Aldine-Atherton, Inc, 1971,p. 57.

· (1)Brian Stross, Op.cit p.32.

   (2) Ibid.

  (3) Ibid.

· (1) Brian Stross,p.33.

   (2) Ibid, p.33

   (3) به چوندا آهن. Homo erectus هن کي 

   (4) Ibid.                  

    (5) Ibid.

   (6) Ibid, Op, Cit, p. 33

  (7) Ibid

· (8) Ibid

  (9) Ibid

·  (1) Ibid

     (2) Ibid

   (3) Ibid

· (1) Brian Stross, Op.cit.p 33.

 

(1) Morris Swadesh, The Origin and Diversification od Language, Chicaho, Aldine-Atherton Inc, 1971.

(2) Ibid.

(3) Brian Stross, Op.cit p.37

 

 (1) Lenneberg, Eric,Biological Foundations of Language, New Yark, John C. Wiley & sons, Inc. 1976

(2) Ibid.

Also see: Hymes, D, Functions of speech: an Evolutionary Approach, in Anthropology and  Education, ed,F.C. Gruber Philadelphoa University of Pennsylvania Press,1961,pp.55-83.

(3) Lenneberg, Eric, Op.cit.

(1) Firth, J.R, The Tongues of Men and Speech, London, Oxford Universtity Press, 1964,p.19.

(1) Firth,J.R.Op,cit,p.20.

 Also see: Boomfield,L.Language.

 

 (1) Hymes, D: Functions of Speech, an Evolutionary Approach in Anthropology & Education, ed.F.C. Gruber, Philadelphia University of Penhsylvania, Press, 1961, pp. 55-83.

(5) Edward C-Sachau, Alberuni’s India, kegan Pyal Trench Tribner London, 1910,P.173.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com