سامي زبانون
پروفيسرواءِ . ايس . طاهر علي
گهڻو ڪري هر ڪنهن زبان جي تاريخ ان جي ادب جي
تاريخ سان خلط ملط ٿي ويندي آهي. زبان ۽ ادب
ٻئي ساڳيون شيون نه آهن، انهيءَ ڪري ٻنهي ۾
جيڪو فرق آهي، ان کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪرڻ ضروري
آهي. ”ٻولي“ جي معنيٰ آهي؛ اهي آواز، جن جي
ذريعي خيالات ظاهر ڪيا وڃن، ٻوليءَ جي هن
تعريف ۾ آواز، لفظ ۽ جملا اچي وڃن ٿا.اهڙيءَ
طرح، هر زبان جي تاريخ آوازن، لفظن ۽ جملن يا
ترڪيبن جو هڪ تاريخوار محفوظ يادگار آهي. هن ۾
هڪ ٻوليءَ جا ٻيءَ ٻوليءَ، يا ٻولين، سان جي
تعلقات آهن، يا ٿي سگهن ٿا، انهن بابت ذڪر اچي
وڃي ٿو، ۽ آخر ۾ انهن قدرتي يا اتفاقي تعلقات
۽ نسبتن جي هڪ صورت مقرر ڪئي وڃي ٿي.
قدرتي تعلقات سلسليوار خانداني آهن، جهڙي طرح
عربي ۽ عبراني يا سنسڪرت ۽ فارسي زبانن ۾ آهن
پر اتفاقي نسبتون، سي وري ٻاهرينءَ ماهيت سان
لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب پيدا ٿين ٿيون، جهڙيءَ طرح
فارسي ۽ اردو زبانن ۾، ڪو به ادب بغير ٻوليءَ
جي ناممڪن آهي، بلڪه ڪنهن به ٻوليءَ کي
جيستائين تحرير ۾ ضبط نه ڪيو ويو آهي،
تيستائين ان ٻوليءَ جو ادب قائم رهي نٿو سگهي،
ان ڪري، ادب جي تاريخ ان ٻوليءَ جي ارتقا جي
مختلف دورن متعلق بحث ڪري ٿي ۽ ڪيترن ئي انهن
سماجي، سياسي، مذهبي ۽ جغرافيائي اثرن ۽ سببن
کي ڳولي لهي ٿي، جي سندن ترقيءَ ۾ مددگار يا
رڪاوٽ بنيا آهن.
لسانيات
انگريزيءَ ۾ هن کي ”فلالاجي“
philology
چئبو آهي.
Philo
جي معنيٰ آهي دوستي، ۽
(Logos)
جي معنيٰ آهي لفظ . انهيءَ ڪري
philologist
جي معنيٰ ٿي ”ٻوليءَ جا دوست“ ۽
philology
جي معنيٰ ٿي ”ٻوليءَ جي دوستي“. هن دوستيءَ جو
اهو مطلب ناهي ته هڪ يا ٻن ٻولين کي ڄاڻڻ سان
ڪنهن به ٻوليءَ سان واقفيت ٿي وڃي ٿي، بلڪه ان
جي هيءَ معنيٰ آهي ته ان ٻوليءَ کي حڪمت جي هر
پهلوءَ کان ڄاتو وڃي.
تقابلي علم اللسان
(comparative philology)
جو متعلم اهو آهي، جيڪو مختلف ٻولين ۾ انهن
سڀني قدرتي يا اتفاقي تعلقات ۽ نسبتن کي مڪمل
طرح ڄاڻندڙ هجي، جيڪي ٻولين جي مختلف گروهن ۽
سندن اصلي ماءُ جي وچ ۾ قائم آهن، يا ڪم از ڪم
ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري. ائين ڪرڻ سان هو هڪ ٻيءَ
ٻولي سان تاريخي ۽ پيدائشي حيثيت معلوم ڪرڻ
لاءِ ۽ باهمي يا اجنبي اثرن پروڙڻ لاءِ، پاڻ
کي لائق بڻائي سگهي ٿو. هن طريقي سان، بعض
اوقات، جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي اصلي ماءُ
(mother Tongue)
وجود ۾ نه آهي ته ان کي هو مڪرر ترتيب ڏيئي
سگهي ٿو.
ٻولين جي ماءُ
اهو نظريو ته ”پوري انسانيت آدم ۽ حوا“
(عليهما السلام) جي ئي نسل مان آهي“، ڪنهن وقت
اهل ڪليسا جي اثر ڪري مقبول عام هو، مگر هن
وقت انهيءَ کي گوشهء گمناميءَ ۾ اُڇلايو ويو
آهي.
تاريخي شهادتن مان هيءَ حقيقت واضح آهي ته
زمين تي انسانن جا ڪيترائي مختلف نسل آهن.
مثلاَ اَريائي، سامي، حبشي ۽ چيني نسل، دنيا
جي ڪشادن کنڊن ۾ پکڙجي وڃڻ کان اڳ، انهن مان
هر هڪ نسل کي هڪ مقرر حد هوندي هئي، جتي
اهونسل ڪنهن وقت آباد هوندو هو ۽ اتان لڏڻ جا
به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ماهر اقتصاديات جي
زبان ۾، ”مانيءَ ۽ مکڻ“ جي ڳولا به انهن مان
هڪ سبب ٿي سگهي ٿو، يا وري ماهر فلسفه جي نقطه
ء نظر کان، ”تجسس جي پياس“ به هڪ سبب هجي.
خير، سبب ڪهڙو به کڻي هجي، مگر انهيءَ ۾ ته ڪو
به شڪ ناهي ته هر نسل پنهنجا خيال ۽ فڪر بلڪل
اهڙي قدرتي نموني ۾ ظاهر ڪندو هو، جيئن ان جا
افراد پنهنجون خواهشون ۽ فطري ضرورتون پوريون
ڪندا هئا. ليڪن جيئن ئي هو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا ته
زندگيءَ جي مختلف خارجي حالتن، مثلاَ؛ آبهوا،
طرز زندگي، ۽ ٻين نسلي اثرن سبب، انهن ۾ تبديل
اچي ويئي. مختصر طور، ائين کڻي چئجي ته عمل ۽
رد عمل
(action and reaction)
جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح سندن زبان
به پنهنجي اصلي صورت وڃائڻ شروع ڪري ڏني.
انهيءَ ڪري، جنهن به نسل يا آڪهه ٻين نين
آبادين ڏانهن لڏي وڃڻ ۽ ٻين نسلن سان لهه وچڙ
۾ اچڻ وقت جنهن ٻوليءَ جو استعمال ڪيو هوندو،
ان کي ”ٻولين جي ماءُ“ سڏيو وڃي ٿو.
سامي
لفظ ”سامي“
(semltlo)
”سام“
(shem)
مان نڪتل آهي، جو حضرت نوح عليهه السلام جي پٽ
جو نالو هو. هي لفظ ڪيترن ئي اصطلاحن ۾ ڪتب
ٿيندو آهي، مثلاَ سامي نسل، سامي ٻوليون، سامي
تهذيب، وغيره، آيشهورن
(Elchhorn)
پهرين اهو لفظ انهن قومن لاءِ استعمال ڪيو،
جيڪي هڪجهڙيون ٻوليون ڳالهائينديون هيون، يا
جيڪي هڪ ابي ڏاڏي مان پيدا ٿيل هيون، يا جيڪي
سماجي طور طريقن ۾ هڪجهڙائي رکندڙ هيون،
اهڙيءَ طرح، جيئن ته عرب، يهودي، بابلي، اشوري
۽ فينيقي، سڀئي ڪنهن وقت هڪ ئي ٻولي
ڳالهائيندا هئا، انهيءَ ڪري انهي سڀني قومن کي
”سامي ٻولين جو گروهه“ ڪري سڏيو ويو. ائين چيو
ويو آهي ته اُهي سڀ ماڻهو جيڪي سامي ٻوليون
ڳالهائين ٿا، سي سڀ هڪ مُورثِ اعليٰ ”سام“ جو
اولاد آهن. پر اهو خيال علم الانسان، علم
الانساب خواهه علم اللسان جي نقطه نظر کان
درست ناهي، بلڪه اهو سڀ جغرافيائي ۽ سياسي
معيار تي مبني آهي.(1)
سامين ۽ سامي ٻولين جو گهر.
سامين جي اصلي ۽ پيدائشي گهر بابت ڪيترائي
مختلف نظريا آهن. هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته اُهي
ڪئسپين سمنڊ (Caspian
cea)
جي ڏکڻ يا ڏکڻ- اولهه ۾ رهندا هئا. هڪ ٻئي
ماهر جي راءِ مطابق، ”بابل“ سندن گهر هو. پر
صحيح نظريو اهو آهي، جنهن مطابق ”عربستان“ کي
سندن گهر قرار ڏنو ويو آهي.
سهوليت خاطر، اسين انهن خطن کي جن ۾ سامي
ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، اتر-اوڀر، اتر
–اولهه ۽ ڏکڻ ڀاڱن ۾ تقسيم ڪريون ٿا.
اتر-اوڀر ۾ اشوري (اسيري) ٻوليون ڳالهايون
وينديون هيون (2).
اتر –اولهه ۾ آرامي ۽ ڪنعاني ٻوليون غالب
هيون. هنن ٻنهي خطن کي پنهنجيون مقامي ٻوليون
به هيون. اتر-اولهه خطي ۾ فقط ٻه مقامي
ٻوليون، عبراني ۽ فينيقي، استعمال ٿينديون
هيون، ڏکڻ ۾ وري عربي، حبشي ۽ حميري مقامي
ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. سامي ٻولين جي
ادبن ۾ پهريون نمبر عربي ادب کي مليل آهي، ان
بعد عبرانيءَ کي، تنهن کانپوءِ سريانيءَ کي، ۽
آخر ۾ حبشي ادب کي.
سامي ٻولين جي عمر
سامي ٻولين ۾ سڀ کان جهوني ٻولي ”عڪاديا“
(اشوري) آهي. ان بعد، ٻيو نمبر پراڻي ٻولي
”آرامي“ آهي، ۽ سندس ٻه ڌيئرون، ”بابلي“
۽”سرياني“ زبانون آهن. ان کانپوءِ ”ڪنعاني“
ٻوليءَ جو نمبر آهي. سندس وري ٻه شاخون، هر هڪ
”فينيقي“ ۽ ”عبراني“ ٻوليون آهن. ڏکڻ ڀاڱي
وارين سامي ٻولين ۾ پهريون نمبر جهوني زبان
”حميري“ آهي، ۽ ان کان پوءِ عربي ۽ حبشي جو
نمبر آهي.
سن 2000 ق . م. کان 500 ق .م. تائين ”اشوري“
اسيريا ۽ ”آرامي“ شام ۽ بابل جي، ”عبراني“
فلسطين جي، ”فينيقي“ قبرص جي، ”ڪارسيڪا“ ۽
”ميجورڪا“ الجزائر، جنوبي اندلس ۽ فرانس جي،
”عربي“ حجاز، نجد ۽ عمان جي ٻولي رهي؛ يمن ۽
حضر موت وغيره ۾ وري ڏاکڻي عربي ٻولي ڳالهائي
ويندي هئي.
ان بعد، 500 ق.م کان 700 سن مسيحي وارو دور به
قابل ذڪر آهي. هن عرصي ۾ بابلي ۽ اسيري سلطنت
تباهه ٿي ويئي ۽ آرامين اڳتي قدم وڌائي، اسيري
۽ بابلي خطي جي حڪومت کي والاريو. انهن ايشيا
مائينر جو هڪ حصو پڻ هٿ ڪيو. اهڙيءَ طرح
عبراني زبان جي وقعت گهٽجي ويئي، ۽ فينيقي
زبان به پنهنجو اثر بحر روم جي ٻيٽن، فرانس جي
جنوبي حصي ۽ اندلس ۾ وڃائي ڇڏيو، ساڳئي دور ۾
جتي آرامي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، مثلاَ؛
بابل ۽ شام ۾، اتي هاڻي ”غساني“ ۽ ”لخمي“
نالي ٻه مکيه حڪومتون قائم هيون، جتي عربيءَ
جو اثر موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو. حجاز، نجد ۽ عمان
۾ عربيءَ کي ”ڳالهه ٻولهه“ ڪرڻ واري زبان جي
حيثيت ۽ اهميت حاصل هئي. جنوبي عربي ٻولين جو
اثر به ساڳي ءَ طرح رهيو. البت حبش ۽ سومالي
سرزمين ۾ ”حبشي“ نالي هڪ جنوبي عربي ٻولي
پيدا ٿي.
سن 700 مسيحي بعد، يعني اسلام جي ابتدائي دور
۾ ، آرامي زبان پنهنجو اثر وڃائي چڪي هئي.
فينيقي ته بلڪل غائب ٿي ويئي. آرامي ٻولين ۾
هڪ اتر- اوڀر جي ڇيڙي وٽ، ۽ ٻي فلسطين جي
نزديڪ- انهن ٻن کانسواءِ باقي آرامي ٻوليون
مرده ٿي چڪيون هيون. عربستان ۾ پڻ ”حميري“ ۽
ٻيون جنوبي عربي ٻوليون، ”حضرمي“ جي، غائب ٿي
چڪيون هيون. انهن سڀني جي جاءِ عربي زبان اچي
سنڀالي. عربي زبان ڏکڻ ۾ مصر کان حبش تائين ۽
اتر طرف آفريڪا جي بحر روم کان مراقش تائين
پکڙجي ويئي. هيءَ ٻولي بحر روم جي چند جزيرن،
خاص ڪري سسلي ۽ آئبيريا ۾ ڳالهائي ويندي هئي.
حبش ۾ حبشي زبان اڄ تائين ڳالهائي وڃي ٿي ۽
کيس ڪجهه ادب پڻ آهي.
اُم اللغات،
مٿي ذڪر ڪيل مختلف سامي ٻولين مان، نئين سر،
ڪنهن مادري ٻوليءَ کي ”اُم اللغات“ بڻائي
سگهجي ٿو. مثلاَ، عربي ۽ حبشي زبانن ۾ هڪ لفظ
”اثر“ آهي؛ عبرانيءَ ۾ ساڳئي لفظ کي
asar،
شاميءَ ۾ ساڳئي لفظ کي
asar،
اشوريءَ ۾ ساڳئيءَ لفظ کي
eseru،
چئبو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته عربي،
حبشي ۽ اشوري ٻوليون، عبراني ۽ سرياني ٻولين
کان به گهڻو پراڻيون آهن، ڇاڪاڻ ته ”a“
۽ ”u“
جو اکر آخرالذڪرٻولين ۾ ڪيرايو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪيترين ئي ٻولين ۾ جدا جدا اچارن
وارا هڪجهڙا الفاظ ملن ٿا، جنهن مان اهو يقين
ٿو ٿئي ته سڀني ٻولين جي دراصل ڪا هڪ ماءُ
آهي، جنهن مان ٻوليون سڀ شاخون ٿي ڦٽيون آهن ۽
آڳاٽي زماني ۾ اها هڪ ئي زبان ڳالهائي ويندي
هئي.
سامي حروف تهجي
سامي زبانن جو خط پراڻي ۾ پراڻو آهي ۽ ماهرن
تسليم ڪيو آهي ته سڀني يورپي زبانن جا حروف
تهجي انهيءَ ئي خط مان نڪتل آهن.
آڳاٽين سامي زبانن جي حروف تهجيءَ جي ترتيب
هيٺين حرفن ۾ محفوظ آهي:
ابجد(1)،
هوز، ڪلمن، سعفص، قرشت، ثخذ، ضظح.
مٿين ترتيب هر حرف جي عدد جي لحاظ کان مقرر
ڪئي ويئي آهي. هن وقت جيڪا ترتيب عربي حروف
تهجي کي مليل آهي (يعني: ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش، وغيره کي)، اها پوءِ جي ٺاهيل
ترتيب آهي. هن ترتيب ۾ ساڳيءَ شڪل وارا حرف
ترتيب ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رکيا ويا آهن ته جيئن
ابتدائي پڙهندڙن کي حرفن ياد ڪرڻ ۽ سمجهڻ ۾
سهولت ٿئي. سامي ٻولين ۾ عربيءَ کانسواءِ،
ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ث، خ، ذ، ض، ظ ۽ غ جا
حرف نٿا لڀن. جيڪڏهن غور ڪيو ويندو ته معلوم
ٿيندو ته ث، خ، ذ، ض، ظ ۽ غ جا حرف، اهي سامي
حروف تهجي جن جا هلڪا ۽ نرم آواز آهن، انهن جي
ڳرن آوازن واري ٻي شڪل آهي.
مثلاً؛
ث، ت جو نرم آواز آهي، خ، ک جو؛ ذ، د جو؛ ۽ غ
ج يا گ جو؛ هن مان معلوم ٿيو ته ث، خ، ذ ۽ غ ڳرا لفظ آهن، ۽ ت، ک، د ۽ ج هلڪا لفظ آهن. ض ۽ ظ
جا حرف، ص ۽ ط جهڙائي
آهن. هيءَ حقيقت انهيءَ ڪري صحيح آهي ته
عبراني زبان ۾ ڪي به ڳرا لفظ ناهن پر جيڪڏهن
ان زبان (عبراني) ۾ ڪنهن به ڳري حرف
جي استعمال جي ضرورت ٿيندي
آهي ته ان حرف کي ڳري ڪرڻ لاءِ اُن حرف مٿان
رڳو هڪ نقطو وڌايو ويندو آهي. اهڙا حرف جملي
ڇهه آهن ۽ اصلاح ۾ کين ”بِگَدُ ڪفت“
(Begad Kephat)
سڏيو ويندو آهي.
تقابلي لسانيات
آڳاٽي زماني جي عالمن لسانيات(ٻولين) جو
مطالعو فقط هڪ ٻوليءَ تائين محدود رکيو،
مثلاً؛ عرب لسانيات ڄاڻندڙن پنهنجو پاڻ کي
صرف، نحو، لغت، عروض ۽ ٻين اهڙن موضوعن جي
مطالعي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جن جو تعلق فقط هڪ
ئي ٻوليءَ يعني عربيءَ سان هو. سامي ٻولين جي
پاڻ ۾ جيڪا مائٽي ۽ ويجهڙائي هئي، عربن ان کي
نه سڃاتو، انهيءَ ڪري سورة نحل جي هڪ آيت،
”لسان الذي يلحدون اليهه اعجمي و هذا لسان
عربي مبين“ جي به غلط تشريح ڪئي ويئي. هن آيت
۽ اهڙين ٻين آيتن جي روشنيءَ ۾، انهن جوخيال
آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته عربيءَ ۾ ڌاريان
لفظ آيل هجن.
انهيءَ ڪري، ابو عبيده (1)
معمر ابن مثني کي ”توافق
اللغات“ جو نظريو ٺاهڻو پيو، جنهن جو مطلب آهي
ته ڪجهه اهڙا به لفظ آهن، جي سڀني ٻولين ۾
هڪجهڙا عام آهن ۽ عربيءَ ۾ به اهڙا لفظ موجود
آهن.
ابو عبيد (2) القاسم بن سلام، مجاهد (3) جي
سندَ مان، سعيد بن
جبير
(4)، عڪرمه
(5) ۽ عطا بن يسار (6) وغيرهم کان روايت آهي
ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن
جو سئوٽ (7) چوندو هو؛
(الف) طھ،
حم، طور ۽ ربانيون- شامي زبان جا لفظ آهن؛
(ب) صراط، قسطاس ۽ فردوس-يوناني زبان جا لفظ
آهن؛
(ت) مشڪاة
۽ ڪفلين-حبشي زبان جا لفظ آهن؛
(ث) هيت للڪ-حوراني زبان مان ورتل آهي.
هن مٿئين بيان، ”عربي مبين“ جي لفظ مان پيدا
ٿيندڙ غلط فهميءَ کي مِٽائي ڇڏيو.
جيئن ته عالمن کي ڪيترن ئي لفظن جي عربي اصليت
متعلق شڪ هو، انهيءَ ڪري هنن اهڙن ڌارين لفظن
جي تحقيق لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. ٻين لفظن
۾ ائين چئجي ته اهڙا به ڪي الفاظ موجود هئا،
جن جو عربيءَ ۾ ڪو اشتقاق ئي نه هو پر جيڪڏهن
ڪن لفظن جو ڪو اشتقاق هو ته اهو وري اصولن
مطابق مڪمل نه هو. مطلب ته انهيءَ خلط ملط، عالمن کي هن ڳالهه تي مجبور ڪيو ته هو اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ
ضرور ڪو اهڙو معيار ۽ قانون مقرر ڪن. انهيءَ
ڏس ۾ ڪوشش ڪندڙ عالمن کي هن طرح بيان ڪري
سگهجي ٿو؛خليل بن احمد (8)، سيبويه(9)، جوهري
(10)، ازهري (11)، ثعلبي(12)، ابن جني(13)،
زجاجي(14)، حريري (15)، ۽ ابن دريد (96). انهن
مان آخري عالم (يعني ابن دريد)، جيئن
سندس تصنيف ”جمهرته“ مان ظاهر آهي، ڪنهن لفظ
متعلق بحث ڪرڻ ۾ حڪيمانه، تخليقي ۽ جديد طرز
رکي ٿو. هو صاحب چوي ٿو.
”وَقَدُ سَالِتُ عَجُوزاً
عِندنَا روميته عن نمط،فقلت؛ ماتُسمون هذا؟
فقالتُ؛سِجِلاطُس“ (مون اسان وٽ رهندڙ هڪ
پوڙهيءَ يوناني زال کان ”نمط“ ڪپڙي بابت
پڇيو، ته توهان نمط ڪپڙي کي ڇا سڏيندا آهيو
؟
جواب ڏنائين؛ (سجلاطس).
هي قاعدا ٻن قسمن جا هئا، داخلي ۽ خارجي.اچو
ته انهن جوا ڀياس ڪريون.
داخلي(اندروني) قاعدا:
(الف) هيٺين حرفن جا آواز هڪ ئي عربي مصدر مان
نه آهن:
١- ”ج“ ۽ ”ت“، جيستائين ڪ ”ذولقيه“ حرفن، يعني
ل، ن ۽ ر
مان ڪو به هڪ طرف مصدر ۾ هجي. ٢- ج، د ۽ س.
٣- ج ۽ ص.٤ - ج ۽ ط. ٥- ج ۽ غ. انهن مصدرن کان
سواءِ، جن ۾ به، ل ۽ م يا ن هجي. ٦- ج ۽ ق. ٧-
ذ يا ز ۽ س. ٨- ز ۽ ل. ٩- غ، م ۽ هه.
(ب) عربيءَ ۾ ڪا به اهڙي مصدر، جيڪا ”ي ر ن“
هجي، سا نه آهي.
(ت) مصدر جي ٽن ڪلمن (حرفن) مان ٻه ڪلما (حرف)
”ء“ هجن، اهڙي مصدر ممڪن ئي نه آهي. البت
اهڙيون مصدرون آهن، جن ۾ پهرئين حرف يعني
ف-ڪلمه ۽ ٽئين حرف يعني ل-ڪلمه جي جاءِ تي ”ء“
(همزا) آهن. انهن کي مستثنيٰ سمجهيو وڃي ٿو.
(ث)
هيٺيان حرف عربي مصدر ۾ هڪٻئي پٺيان گڏوگڏ نٿا
اچن؛
١-
”د“ جي پٺيان ”ذ“ يڪدم گڏ نٿي اچي. مثلاَ؛
”بدذ“ وانگر مصدرئي ڪانهي.
٢-
”ن“ ساڪن جي پٺيان يڪدم ”ر“ ڪانه ايندي آهي.
٣-
ڪنهن به اسم ۾ ”ن“ جي پٺيان ”ز“ نه ايندي آهي.
٤-
ڪنهن به ”د“ جي پٺيان ”ز“ نه ايندي آهي.
٥-
ڪنهن به ”ل“ جي پٺيان ”ش“ ڪانه ايندي آهي.
(ج) رباعي ۽ خماسي مصدرن ۾ هيٺين ڇهن حرفن مان
هڪ ضرور هوندو؛ هه، ر، ل، ن، ب، ف ۽ م.
(ح) اهي سڀ لفظ، جن ۾ مصدرن جا ٻه حرف
(پهريون ۽ ٻيو) ساڳيا هجن، سي اصل ۾ عربي
ناهن. مثلاَ ”قاقوذة“، جيڪو حقيقت ۾ عربيءَ
سان نه، بلڪه آرامي سان تعلق رکي ٿو.
(خ) اهو اسم جيڪو ”فَاعَل“ جي وزن تي هجي ۽
ٻيو نمبر حرف ”و“ هجيس، سو عربي نه هوندو آهي.
(د) ”فعلن“ جي مصدرن مان مشتق ٿيل رباعي ۽
خماسي اسمن کانسواءِ، ٻيا اسم انهن حرفن سان
شروع ٿي نٿا سگهن، جيڪي بذات خود مصدر ۾ ناهن.
(ذ) اهي الفاظ جيڪي بلڪل غير مستعمل وزنن تي
هوندا آهن، سي پڻ اصليت جي نقطه نظر کان عربي
نه هوندا آهن. مثلاَ؛
(١)
فَعل.
(٢)
فُعُلِيل.
(٣)
فُعَيل.
(٤)
فَعُلِل،
(٥)
فَعيل (سواءِ انهن لفظن جي، جن جو ٻيو حرف
”ي“ هجي- مثلاَ سيد، ميت.
(٦)
فَعُلُول (سواءِ ڪن اسماء معرفه جي.). (٧)
فَعُلِيل.
(٨)
اَفعُول.
(٩)
فاعُلي.
(١٠)
فَعلِياء (ابن سيده (١)
پنهنجي تصنيف ”المخصص في اللغته“ ۾ لکي ٿو ته
”زڪرياء“ هن کان مستثنيٰ آهي، ڇو ته اسان سڀني
کي خبر آهي ته اهو لفظ مُستعار آهي).
(١١)
فيعوليٰ (”فيضوضي“ کانسواءِ).
(١٢)
فِعليٰ.
(١٣)
فاعُول.
خارجي قاعدا:
هاڻ اسين صوتيات جي ٻاهرين قاعدن متعلق بحث
ڪنداسين. اهي هي آهن:
(١)
الالحاق.
(٢)a,
00, 0
۽
ee
جي يڪسانيت (هڪجهڙائي).
(٣)
”و“ ۽ ”ز“ کي بعض اوقات ”ي“ ۽ ”ا“ سان ظاهر
ڪيو ويندو آهي. مثلاً؛ ”فيروز“ ۽ نوروز“،
”نوخت“. اصل فارسي لفظ ”نوروز“ ۽ ”نوبخت“ آهن.
(٤) الف:
آ (1)
کي ڪنهن به لفظ جي شروع ۾ خفيف (هلڪو) ڪيو
ويندو آهي، پر جيڪڏهن اهو حرف ڪنهن عربي الاصل
لفظ جي شروع ۾ ايندو ته کيس هٿ به نه لاتو
ويندو آهي.
ب:
”ا“ حرف کي ڪنهن به لفظ جي شروع ۾ ننڍي ”اِ“ ۾
بدلايو ويندو آهي. مثلاَ اِبريق ۽ اِبريسم.
(٥)
الف: ”ا“ کي ڳرن حرفن (٢)
جي ويجهو هئڻ سبب ڪڏهن ”ع“ ۾ بدلايو ويندو
آهي، مثلاً ”عراق“.
ب:
عربن صحيح حرفن (حروف صحيح) کي صاف طرح ادا
ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي. هن ڪوشش خفيف آواز کي
قدري ثقيل آواز ۾ تبديل ڪيو. جڏهن عربي علامت
”ال“ کي اهڙن لفظن جي اڳيان رکيو ويندو آهي ته
اهي زبان تي ظاهر ٿي پوندا آهن. اهڙي ءَ حالت
۾ ضروري سمجهيو ويو ته معمولي آواز غائب ٿي نه
وڃي. اها ڳالهه الفرا (٣)
جهڙي مشهور لغتدان جي هيٺين لفظن مان اخذ ڪئي
ويئي:
”العربون والعربان لغته في الاربون
والاربان ولايقال الربون.“
(٦)
”پ“ کي ڪڏهن ”ف“ سان ته ڪڏهن ”ب“ سان بدلايو
ويندو آهي.
(٧)
”ت“ کي ”ط“ سان پڙهيو ويندو آهي. اها حالت
انهن يوناني حرفن سان لاحق ٿيندي آهي، جيڪي
دوائن ۽ علم نجوم متعلق هوندا آهن. انهيءَ جو
سبب هي آهي ته يوناني
۽ ايراني ”ت“ جو آواز بغير ڪنهن
aspiration
جي ڪڍيو ويندو آهي؛ پر عربيءَ جي ”ت“ ٿوري
aspiration
سان ڳالهائي ويندي آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو
يوناني ۽ فارسي ”ت“ کي اچارڻ لاءِ عربن ”ط“ جي
استعمال کي ترجيح ڏني.
(٨)
”د“ کي ”ذ“ سان ظاهر ڪيو ويندو آهي، جيئن ته
”پياده“ مان ”پياده“، جنهن جي معنيٰ آهي شطرنج
راند جي ڳوٽي (ساري). هتي اهو به بيان ڪجي ته
آڳاٽي فارسيءَ ۾ ”ذ“ هوندي هئي، جنهن کي بعد ۾
”د“ سان تبديل ڪيو ويو. مثلاَ،
بغداد-بغداد-بغ+ داد. (”بغ“ هڪ بت جو نالو هو،
۽ ”داد“ معنيٰ سوغات
(١).
(٩) ”چ“
کي عام طرح ”ص“ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، پر
ڪڏهن ڪڏهن ”ش“ ۾. البت لفظ ”سراج“ اسان کي
مشڪل ۾ وجهي ٿو؛ پر ان جو حل تڏهن ٿي سگهي ٿو،
جڏهن اسان کي معلوم هجي ته ڌارين ٻولين جي ”ش“
يا ٻين سامي ٻولين جي ”ش“ عربيءَ ۾ ”س“ سان
تبديل ٿيندي آهي. اهو پڻ معلوم هجڻ گهرجي ته
لفظ ”سرا“ عربي زبان ۾ آرامي زبان جي ”سراغ“
لفظ مان آيل آهي.
(١٠)
فارسي جي ”خ“، عام طرح، جهڙي آهي تهڙي ئي قائم
رهندي پر ڪڏهن ڪڏهن اهو حرف عربيءَ جي ”ح“ ۾
تبديل ٿي ويندو آهي، جيئن ”سلحفاته“ (ڪُمي)
”سلخفاه“ مان اخذ ڪيل آهي.
(١١)
فارسي ”س“ کي عربيءَ ۾ به ”س“ سان بدلايو
ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ”ص“ ۾.
(١٢)
فارسي ”گ“ کي ”ج“ سان بدلايو ويندو آهي پر
ڪڏهن ان کي ”ڪ“ يا ”ق“ سان بدلايو ويندو آهي.
(١٣)
فارسي ”س“ کي به عام طرح ”س“ ۾ بدلايو ويندو
آهي، جيئن ”سابور“، ”طس“ ۽ ”مسڪ“.
(١٤)
فارسيءَ جي ”ڪ“ کي عام طرح ”ق“ ۾ تبديل ڪيو
ويندو آهي، جيئن ”زنديق“ ”زنديڪ“
(1(
مان نڪتل آهي.
سامي ثلالي مصدرون.
علم لغت جي ماهرن ڳولي لڌو آهي ته سڀيئي سامي
مصدرون اصل ۾ ثلاثي آهن. اها ڳالهه عربيءَ ۾
وڌيڪ ثابت ٿئي ٿي. مثلاً دَخَلَ، خَرَجَ، شڪر،
وغيره. پر ساڳئي وقت تي وري عربيءَ ۾ رباعي،
خماسي ۽ ٻن حرفن وارن لفظن جي موجودگيءَ ۾
مٿين تحقيق باطل
ٿيو پوي ٿي. سڀني اهڙن لفظن جي ڇنڊ ڇاڻ
کانپوءِ اهو واضح ٿي چڪو آهي ته اهڙا لفظ
مذڪوره حقيقت کي ڪوڙو نٿا ڪن. مثلاَ، اڪثر
رباعي (چئن حرفن وارا) لفظ ساڳين پدن مان جڙيل
آهن،
۽ اصلي آواز سان مشابهت ٿا رکن. مثلاَ،
مَضمَض-مض+مض،
يعني گرڙي
(gargling)جو
آواز آهي. ساڳيءَ طرح خماسي (پنجن حرفن وارا)
لفظ به يا ته ثلاثي (ٽن حرفن وارا) لفظن جو
وڌايل نمونو آهي، جن کي ”مزيد فيھ“ چيو ته
وڃي، يا اڌارا ورتل آهن، مثلاَ: اصطرلاب، صراط، قسطاس، برهان وغيره
انهيءَکانسواءِ دوحرفي الفاظ – مثلاً اخ، اب ۽ فم-به وضاحت طلب آهن. اها حقيقت ته ”اخ“ ۽ ”اب“ پڻ
ثلاثي لفظ آهن، تڏهن ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن انهن
کي حالت فاعليءَ ۾ ڏسجي ٿو. مثلاَ، جيئن اسين
چئون ٿا:
”جاء اخوڪ“ (آيو تنهنجو ڀاءُ) ۽ ”جاء ابوڪ“
(آيو تنهنجو پيءُ)، ساڳيءَ طرح، لفظ ”فم“ به
اصل ۾ دو حرفي ناهي، جيئن اسان کي حريريءَ جي
تصنيف ”درته الغواص“ ۾ ڏنل تشريح ”افمام جمع
فم“ جي موضوع هيٺ معلوم ٿئي ٿو. هو لکي ٿو ته
”فم“ اصل ۾ ”فوه“ هو، بروزن ”سوط“ پويون حرف
”هه“ هلڪو آهي ۽ حرف علت سان مشابهت رکي ٿو،
ان ڪري کيس حذف ڪري، اصل لفظ کي دو حرفي لفظ ۾
آندو ويو. پر ان کانپوءِ به پويون حرف (و) حرف
علت جو هو، جنهن تي اعراب ڏيڻ مشڪل، اچارڻ ۾
ڳرو ۽ ان کي حذف ڪرڻ ناموزون هو، ان ڪري ان
”و“ کي ”م“ سان بدلايو ويو. اهڙيءَ طرح، لفظ
”فوه“ کي ”فم“ جي شڪل ۾ آندو ويو ۽ هن وقت
اهو لفظ اسان کي دو حرفو نظر اچي رهيو آهي.
عربي ڪلام مان اهو به ثابت آهي ته ”فم“ ۾
”م“ نقل آهي ۽ ”و“ اصل. ڇو ته عرب چوندا آهن
”تفوهت بڪذا“، پر ”تفممت ڪذا“ ڪو نه چوندا
آهن؛ ”رجل’افواه‘ “ چيو ويندو آهي، ۽ نه ”رجل.
’افم
‘“.”فم“
جو اسم تصغير ”فويھ“
آهي ۽ هيءَ حقيقت آهي ته لفظن جا اصلي حروف
اسم تصغير وسيلي ئي صحيح طرح معلوم ٿي سگهن
ٿا.
لسانيات جي ماهرن عربي زبان ۾ استعمال ٿيندڙ
هر لفظ جي بناوت جو نهايت ئي اونهو مطالعو
ڪيو آهي ۽ انهن کي هيٺين مختلف درجن ۾ ورهايو
آهي:
(١)
المعرب،
(٢)
المولد،
(٣) الدخيل، (٤) الاعجمي، (٥) الفصيح، (٦)
المشترڪ، (٧) الاضداد، (٨) المترادف، (٩)
المستعمل والمهمل، (١٠) الوحشي، (١١) الغريب،
(١٢) النادر، (١٣) المتروڪ، (١٤) المصنوع،
وغيره. انهن جو مختصر بيان هن طرح آهي.
(١)
المعرب: هن لفظ جي معنيٰ آهي ”عربي شڪل ڏنل“ معرب جي دائري ۾
جيڪي به لفظ اچن ٿا، سي دراصل زبان جا ناهن،
بلڪ ٻين ڌارين ٻولين کان اڌارا ورتل آهن، ان
بعد عربن پنهنجي اختراعي قابليت ۽ ذوق مطابق
انهن لفظن جا اچار ڪڍيا آهن. اهڙن لفظن جو
گهڻو تعداد آهي. مثلاَ ”ڪنز“ اصل ۾ فارسي لفظ
”گنج“ مان ورتل آهي، ۽ ”جوهر“ اصل فارسي لفظ
”گوهر“ کان ورتل آهي، يا سنسڪرت لفظ ”گوترا“
کان ورتل آهي. ساڳيءَ طرح، ”مسڪ“ به معرب آهي.
سن پنجين هجريءَ ۾ ابو منصور الجوالقيءَ اهڙن
لفظن متعلق هڪ ڪتاب لکيو ۽ ان جو نالو ”ڪتاب
المعرب“ رکيائين. جوهريءَ جي خيال مطابق،
”المعرب“ جي تعريف هن طرح
آهي:
”تعريب الاسم العجمي ان تتفوه بهه العرب علي
منهاجها“
(٢)
المولد:
معنيٰ نئون پيدا ڪيل لفظ. هن اصطلاح مان اهي
لفظ مراد آهن، جن جو عربي زبان ۾ ڪو وجود ئي
ناهي پر پوءِ ان ۾ نئين سر پيدا ٿيا آهن،
مثلاَ ”قحبه“ ۽ نحرير“.
(٣)
الدخيل:
هن اصطلاح جي دائري ۾ سڀ غير عربي الفاظ اچي
وڃن ٿا. هن قسم جي لفظن کي عربي شڪل ڏجي يا
نه، ٻنهي حالتن ۾ ڪو به تفاوت نه ٿيندو.
(٤)
الاعجمي:
هن دائري ۾ به غير عربي الفاظ اچن ٿا. هي
اصطلاح اهڙن سامي لفظن لاءِ آهي، جيڪي عربي
زبان ۾ مستعمل ناهن، پر انهن کي عربي عبارت کي
سهڻي بنائڻ خاطر اڌاري طور آندو وڃي، مثلاَ
”مور“ ۽ ”لور“.
(٥)
الفصيح: اهو لفظ، جيڪو نه ڪنن کي ناگوار لڳي ۽ نه اُچارڻ ۾ ڳرو
محسوس ٿئي، نه غير مشهور هجي ۽ نه رواج جي
خلاف هجي. الفصيح جو تنقيدي معيار هي آهي ته
ان جو استعمال گهڻو ۽ متواتر (لڳو لڳ) هجي.
جيڪڏهن ڪو لفظ ”اقل فصيح“ آهي ته ان کي
”منڪر“، ۽ جي ”غير فصيح“ آهي ته ان کي ”ضعيف“
چيو وڃي ٿو.
(٦)
المشترڪ: ٻن معنائن وارو لفظ، جيڪي معنائون هڪٻئي جي خلاف نه هجن.
مثلاَ ”عين“ لفظ جي معنيٰ ”اک“، ۽ ان جي ٻي
معنيٰ ”چشمو“ آهي.
(٧) اَلاَضُداد: هي اصطلاح انهن لفظن لاءِ آهي، جيڪي هڪٻئي کان معنيٰ جي
لحاظ کان بلڪل مختلف هوندا آهن، يني ساڳئي لفظ
جون ٻه معنائون هونديون آهن، جي ٻئي هڪٻئي جو
ضد هونديون آهن: مثلاَ لفظ ”جون“، ڪاري ۽ اڇي،
ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ساڳيءَ طرح،
لفظ ”عابر“، گذريل زماني خواهه حال، ٻنهي
معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.
(٨)المترادف: هي اصطلاح ”هم معنيٰ“ لفظن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
مثلاَ ”السيف“ ۽ ”الصارم“ ٻئي ساڳيءَ معنيٰ
وارا لفظ آهن، ٻنهي جي معنيٰ آهي ”تلوار“.
”المترادف“ ۽ ”التوڪيد“، انهن ٻنهي اصطلاحن ۾
هي فرق آهي ته پهريون مفهوم بيان ڪري ٿو ۽ ٻيو
ان جي شرح ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح ”مترادف“ ۽
”تابع“ ۾ هي فرق آهي ته
پهرئين کي پنهنجو ذاتي مفهوم آهي ۽ اڪيلي سر
به استعمال ٿي ٿو سگهي، برخلاف تابع جي. ان کي
نڪا پنهنجي ڪا معنيٰ آهي نه اڪيلي سر به
استعمال ٿي سگهي ٿو. مثلاَ ”عطشان و نطشان“:
هن ترڪيب ۾ عطشان لفظ جي معنيٰ آهي اڃايل، مگر
”نطشان“ لفظ، جيڪو ”عطشان“ جو تابع آهي، ان کي
بذات خود ڪابه معنيٰ ناهي ۽ نه وري ان کي
”عطشان“ کانسواءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
(٩)
المستعمل و المهمل:
”المستعمل“ جو اصلاح ان لفظ لاءِ آهي، جيڪو
روزمره جي استعمال ۾ اچي ٿو ۽ ”المهمل“ جو
اصطلاح ان لفظ لاءِ آهي، جيڪو هيٺين سببن جي
ڪري استعمال ۾ نٿو اچي: (الف) لفظ ۾ اچارن ۽ آوازن جو غير متوافق هجڻ؛ (ب) لفظ
جو عربن وٽ استعمال ۾ نه هجڻ، مثلاَ ”عضنح“؛ ۽
(ت) اهي خماسي حرف جيڪي ”حروف الذلق“ يا ”حروف
الاطباق“ مان نه هجن.
(١٠)
الوحشي: هي اصطلاح ان لفظ لاءِ آهي، جيڪو ڪنن کي نه وڻي، ابن
رشيق پنهنجي ڪتاب ”العمدته“ ۾ هن اصطلاح جي
تعريف هن طرح ڪري ٿو:
”الوحشي من الڪلام ما نفرعن السمع.“
(١١)الغريب: اهو لفظ جو ڪنهن ٻوليءَ ۾ استعمال ٿئي، مگر سندس معنيٰ
عام فهم نه هجي ۽ عالم کانسواءِ هر ماڻهو ان
جي معنيٰ نه سمجهي. مثلاَ ، ”البرت“ جي معنيٰ
آهي ”الرجل الذليل“.
(١٢) النادر: هن اصطلاح جو مفهوم به ”الغريب“ جهڙو ئي آهي. النادر جي
تعريف آهي ”اقل من القليل“، يعني گهٽ ۾ گهٽ،
ورلي.
(١٣) المتروڪ:
هي اصطلاح ان لفظ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو
قديم يا بلڪل شاذ هوندو آهي.
(١٤) المصنوع: هي اصلاح اهڙن لفظن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪي ساڳئي
مفهوم کي ظاهر ڪن ٿا. ”المصنوع“ ۽ المولد“ ۾
ڪافي فرق آهي. پهريون فصيح آهي، ۽ پويون غير
فصيح.
عالمن ۽ ماهرن، لفظن جي مختلف نمونن ۽ معنائن
جي مطالعي ڪرڻ بعد مٿين تقسيم ڪئي آهي. کين
مطالعي جي دوران ۾ اهڙا الفاظ به نظر آيا، جن
جي قرآة
(پڙهڻي) مختلف هئي، مثلاَ ”صقر“ کي ”سقر“ ۽
زقر“ جي شڪلين
۾ پڻ لکيو ويندو آهي. اهڙا الفاظ عموماَ هر
ٻوليءَ ۾ موجود آهن ۽ جن جا ڪيترائي سبب ٿي
سگهن ٿا. مثلاَ، لفظ کي ڪنهن مشهور شاعر هڪ
خاص انداز ۾ استعمال ڪيو ۽ اهو شاعر عوام جي
هڪ گروهه ۾ پسنديده آهي، ته لازمي طرح اهو
گروهه ان لفظ کي سندس محبوب شاعر وانگر ئي
استعمال ڪري ٿو. يا ڪو لفظ ڪنهن اهڙي علائقي ۾
اچي استعمال ٿئي، جنهن جا باشندا
ان لفظ جو اصلي اچار ڪري نه سگهن؛ يا هي به
سبب ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن اهڙا الفاظ ٻڌا
هجن، ۽ ٻڌڻ جي غلط فهميءَ سبب، استعمال ۾ غلط
رائج ٿي ويا هجن. اهڙن لفظن کي لسانيات جي
ماهرن ”تداخل اللغفات“ جي نظريي هيٺ آندو آهي.
انهيءَ کانسواءِ هڪ ٻيو به نظريو آهي، جنهن کي
بعد جي ماهرن ايجاد ڪيو آهي. مگر اهو نظريو
حڪمت تي ٻڌل نه آهي، ان ڪري عالمن طرفان ان
کي تسليم نه ڪيو ويو. هن نظريي جو نالو
”اشتقاق ڪبير“، يعني ”وڏو اشتقاق“ آهي. ابو
علي فارسيءَ (٣٧٧-٦٨٨
هه) وٽان ان جو آغاز ٿيو. پر سندس شاگرد رشيد
ابوالفتح عثمان جني (٣٣٠-٣٩٢هه)،
پنهنجيءَ تصنيف ”الخصائص“ جي پهرئين حصي ۾،
صفحي
٥٢٥-٥٢٦،
تي لکي ٿو ته ”ماهرين لسانيات مان ابو علي
کانسواءِ ٻئي ڪنهن به صاحب اشتقاق ڪبير جي
نظريي جو سهارو نه ورتو آهي. جڏهن اشتقاق صغير
کيس ناڪام بنائيندو هو، ته اُن مان مدد وٺندو
هو. ان تي اعتماد رکڻ جي باوجود، هو اهو فقط
ضرورت وقت استعمال ڪندو هو ۽ لاچاريءَ ۾ پاڻ
کي ان سان وندرائيندو هو. “ مطلب ته لسانيت
جي ماهرن طرفان هن نظريي کي تسليم نه ڪيو ويو
آهي، ۽ نه وري اهو نظريو اسان جي گهريءَ توجهه
لائق آهي. هتي انهيءَ کي فقط پڙهندڙن جي
معلومات خاطر آندو ويو آهي.
(مهراڻ 21/1965ع)
(2) اشوري ۽ بابلي کي ڪڏهن ”عڪادي“
(Akkadean)
به سڏيو ويندو آهي.
(1)
ابن النديم پنهنجي ڪتاب ”الفهرست“
۾ لکيو آهي ته اهي شخص جن پهريائين
عربي لکي هئي، سي هئا، ابوجاد، هواز،
حطي، ڪلمون ۽ قريسات، انهن بابت چيو
وڃي ٿو ته اهي
مدين
جي بادشاهن جا نالا هئا، جيڪي هڪ
زلزلي ۾ ختم ٿي ويا. ٻيءَ سند مطابق،
اهي نالا هن طرح هئا؛ابجاد، هاوز،
حلطي، ڪلمان، صاع قس ۽ قرشت.
(1)ابو عبيده سن 114ع ۾ پيدا ٿيو، ۽
سن 210هه ۾ وفات ڪيائين. ابو عمر بن
علاء جو شاگرد، ۽ اصمعي جو همعصر هو.
(2) ابو عبيد سن 157هه ۾ پيدا ٿيو ۽
سن 224هه ۾ وفات ڪيائين. اسمعي ۽
ابوزيد انصاريءَ جو شاگرد هو. (3)
مجاهد؛ هن سن 101هه ۾،83 ورهين جي عمر
۾ وفات ڪئي. عبدالله بن عباس جو شاگرد
هو، (4) سعيد بن
جبير: سن 95 هه ۾، 49 سالن جي ڄمار ۾، سندس سسي لاٿي ويئي هئي (5)
عڪرمه؛ اصل بربري هو. عبدالله بن عباس
جو غلام هو، ۽ اسي ورهين جي عمر ۾ ،
سن 105 هه ۾ وفات ڪيائين. (6) عطا بن
يسار:سن
94 هه ۾ وفات ڪيائين. (7) حضور صلي
الله عليه و آله وسلم جن جو سئوٽ
امجد، حضرت عبدالله بن عباس رضي الله
عنهه، جنهن سن 68هه ۾ وفات فرمائي.
(8) هي ”ڪتاب العين“ جو مصنف آهي ۽
علم عروض جو مشهور ڄاڻو آهي. سن 175هه
۾، 78 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
(9) هن جو نالو ابو بشر عمرو بن عثمان
بن قنبر آهي، سن 138هه ۾ ڄائو ۽ سن 180هه ۾ 42 ورهين جي ڄمار ۾ شهر
شيراز ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي کيس
دفن ڪيو ويو. سندس مائٽ کيس لاڏ ۽
پيار وچان ”سيبويھ“
ڪري سڏيندا هئا. (10) جوهري، ابو نصر
اسماعيل بن حماد، (صحاح) جو مصنف آهي.
سن 393 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. (11)
الازهري، ابو منصور محمد بن احمد،
”تهذيب اللغته“ جو مصنف آهي. 83 سالن
جي عمر ۾، سن 370 ۾ وفات ڪيائين. (12)
ثعلبي،
ابو منصور بن اسماعيل ”فقهه اللغته“
جو مصنف آهي. 83 ورهين جي ڄمار ۾ سن
425 ۾ وفات ڪيائين. (13) ابن جنٿي،
ابو الفتح عثمان، 83 ورهين جي ڄمار ۾،
سن 392 ۾ وفات ڪئي. (14) زجاجي، ابو
اسحاق ابراهيم بن محمد، سن 310 هجريءَ
۾ وفات ڪئي. (15) حريري محمد قاسم، سن
446 ۾
بصره جي شهر ۾ ڄائو هو ۽ ”دُرته
الغواص“ جو مصنف آهي. (16) ابن دريد،
ابو بڪر محمد، بصره ۾، سن 223 ۾ ڄائو
هو ۽ 321 هه ۾ وفات ڪيائين.
”الجمهرته“ ۽ ”ڪتاب الاشتقاق“ جو مصنف
آهي.
(١)
ابوالحسن علي بن اسماعيل: هي اسپين جو رهاڪو هو. سن ٤٥٨هه
۾ وفات ڪيائين.
(٢)
حرف ڳرا هي آهن:
ح، خ، ق ۽ ع .
ابو زڪريا يحيٰ بن زياد آهي. سن
٢٠٧هه
۾ وفات ڪيائين. ڪسائي جو شاگرد هو.
سندس متعلق مشهور آهي ته ”ڪان يتفلسف
في تصانيفه“ يعني پنهنجين تصنيفن کي
فلسفيانو رنگ ڏيندو هو.
(١)
شهاب الدين خفاجي، انهيءَ کي ”درته
الغواص“ جي شرح ۾ لکيو آهي.
(1)
زنديڪ: پروفيسر ”بيون“ ان کي آرامي ٻوليءَ جي ”زديق“مان ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اها تشريح ته
تاريخي خيال کان ۽ نه لغوي لحاظ کان
صحيح آهي.