سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :22

ٻرڙي صاحب جي انهيءَ راءِ کي به هرگز قبول نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هُو لکي ٿو:

”ضمير متڪلم بدران ”-اس“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي، تنهنڪري اُن کي هتي ڄاڻايل بحث هيٺ آڻڻ بيڪار آهي“ (ص. 24)

مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ٻين ٻولين وانگر هڪ فطرتي تنظيم آهي ۽ فطرتي اصولن موجب جڙيل آهي. هن جا صرفي ۽ نحوي اصول ۽ قانون، هن جو مزاج، فطرت طرفان جوڙيل آهن. انهن اصولن تحت ”مان آيس“  ۽ ”مان ايندس“ جملن ۾ ، زمان ماضي ۽ زمان مستقبل ۾ فاعل ”مان“ (ضمير متڪلم) جي صحيح گردارن /ڦيري لاءِ فعل جي ڌاتوءَ جي پويان، ٻنهي زمانن جي حالت ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ”-س“ يا ”-م“ ملائي ويندي آهي؛ جيئن:

”مان آيس/مان آيم“ ۽ ”مان ايندس/مان ايندم“ هر لحاظ کان ۽ هر حالت ۾، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن موجب، صحيح آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ اصل زبان لاشعوري طور ”-س“ ۽ ”-م“ ضميري پڇاڙيون فعل جي ڌاتوءَ سان، ٻنهي زمانن جي حالت ۾ ضرور ملائيندو آهي.

20. ٻرڙي صاحب برصغير جي هڪ وڏي شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻو محترم شيخ اياز جي ڪتاب  ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ مان صفحي 23 ۽ 27 جا مثال ڏيئي لکي ٿو:

”اڱڻ ۾ آيس، آڏو ”مان“ ڏيڻ سان، يا ”کوليءَ ۾ موٽي آيس“، آڏو، ”مان“ ڏيڻ سان، ڇا هتي جملي ۾ زور شدت، اسٽريس، گهرائي پيدا ڪئي ويئي؟ ڇا هنن جملن ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا گهرج آهي به، ۽ ڇا شاعر شعوري طور ڄاڻي ٿو ته ”مان“ ڪم آڻڻ جي ڪري هُو پنهنجي جملي ۾ شدت پيدا ڪري رهيو آهي؟“

منهنجي خيال ۾ ”مان“ فاعل سان، فعل لازمي ”آيو“ جي پويان زمان ماضيءَ جي حالت ۾ ”س“ پڇاڙي استعمال ڪري، ”مان آيس“ يا ”مان اڱڻ ۾ آيس“ جملو ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ شيخ اياز جهڙي ماهر ڪابه غلطي ڪانه ڪئي آهي. افسوس هن ڳالهه جو آهي ته تنقيد خاطر شيخ اياز جهڙي سنڌي زبان جي وڏي ڄاڻوءَ جي ٻوليءَ کي غلط ٺهرائڻ ۽ هيئن چوڻ ته:

”ضمير متڪلم بدران ”-س“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي“ (ص. 24).

مون مٿي قاضي قادن جو بيت ڏيئي عرض ڪيو آهي ته ضمير متڪلم جي بدران ”-س، پڇاڙي ڪم آڻي سگهجي ٿي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ اهڙا ڪئين مثال ملن ٿا؛ مثلا:

تو در آيس داسڙا، جاجڪ وٺي جيءُ،

يا هن مصرع ۾:

مُٺيس جهل مهار، ڪُٺيس ڪاهه م ڪَرهو

يا:

ڀينر آءُ، ڀُلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.

يا:

سو رسندين سپرين، ڪيس جھ ڪباب.

اهڙيءَ طرح  سچل سرمست پڻ ضمير متڪلم جي بدران ”-س“ پڇاڙي ڪم آندي آهي؛ جيئن:

ويٺي هيُڙس واٽ تي، اچي وسيلو ٿيو.

ٻرڙي صاحب وڌيڪ مثال به ڏنا آهن:

”مان سچ ڳالهايم“. ان جملي جو مطلب آهي: ”مان سچ ڳالهايو“.

ڇا هن جملي ۾ ضمير ”مان“ ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ ڪري شدت ۽ گهرائي پيدا ٿي آهي، يا مورڳو جملو ئي بگڙي غلط ٿي ويو آهي“ (ص 24).

منهنجيءَ را ‎ءِ ۾ ”مان ڳالهايم“ جملو ڳالهائڻ واري جي سندس گفتگو جي انداز کي ظاهر ڪري ٿو ۽ سندس پنهنجي لهجي  ۽ اُن جي ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي. هونئن به ”ڳالهايم“ اڻپوري گفتگو ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته ”مان ڳالهايم“ گفتگو کي مڪمل ڏيکاري ٿو.

ٻرڙو صاحب فرمائي ٿو:

”مان سچ ڳالهايو“ چوڻ کپي ها يا سچ ڳالهايم چوڻ کپي ها.“

پر جيڪڏهن ”مان سچ ڳالهايم“ – چيو ويو ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي. اهو به ڳالهائڻ جو هڪ انداز آهي.

21. ٻرڙي صاحب هڪ ٻيو مثال به ڏنو آهي:

”وزير وزير ڪوڙ ڳالهايو

ماڻهوءَ ماڻهوءَ سچ ڳالهايو“ (ص. 24)

حقيقت ۾ هنن جملن ۾ ”وزير وزير“، ”ماڻهوءَ ماڻهوءَ، لفظن جي ترڪيب (سٽاءُ) وارا لفظ، علم +للسان موجب هڪ ڌار موضوع يعني ”تڪرار“ (Reduplication) طرف ڌيان ڇڪائين ٿا. اهي مثال ”مان سچ ڳالهايم“ جهڙي جملي لاءِ دليل نه آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي تڪراري صورتن جي سلسلي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب جا 60 کان 65 تائين صفحا پڙهڻ گهرجن، جن ۾ لفظن جي تڪراري صورتن جا مثال ڏنا ويا آهن. ٻوليءَ ۾ لفظن جو اهڙو استعمال، سونهن ۽ سوڀيا کان سواءِ، وياڪرڻي ڪارج به ڏيکاري ٿو.

لهذا ”مان سچ ڳالهايم“ جملي ۾، ضمير، فاعل هڪ دفعو ڪم آيو آهي ”مان“؛ ٻيو مثال ”م“ ضميري پڇاڙي آهي، جيڪا فعل جي گردان لاءِ ضرورت پوري ڪري ٿي. اها هڪ وياڪرڻي تقاضا آهي، جيڪا وياڪرڻي اصولن جي پورائيءَ لاءِ ڪم اچي ٿي. اها چُڪ نه آهي، جيڪا ٻرڙي صاحب جي راءِ ۾ ”اڻڄاڻائيءَ ۽ بيڌيانيءَ سبب يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آهي.“ بلڪ اهو ڪنهن هڪ خطي جي محاوري جو هڪ انداز/اندازِ گفتگو آهي، جيئن ڪيترن ئي خواتين يا ڇوڪرين کي هيئن ڳالهائيندي ٻڌو ويندو آهي:

اسين ڀلا هلون ٿا              چوڻ کپي ها:  اسين ڀلا هلون ٿيون

آپا، اوهين ڪٿي ويا هئا؟            چوڻ کپي ها:     آپا، اوهين ڪٿي ڪٿي ويون هيون؟

اسين نوٽس لکون ٿا.  چوڻ کپي ها:  اسين نوٽس لکون ٿيون.

ڳالهائڻ جو اهو به هڪ انداز آهي جنهن لاءِ لسانيات جي اصولن موجب رعايت ڏني ويئي آهي. اهو انداز ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي، جنهن کي لسانيات ۾ Honorofic form چئبو آهي. پوءِ ڀلي انهيءَ انداز کي ڪي صاحب غلط سمجهن.

ٻرڙي صاحب صفحي 242 تي شڪارپوري لهجي جا مثال ڏيئي منهنجي هن دعويٰ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

منهنجي هن اڀياس جي جائزي جو لُب لباب، ٻرڙي صاحب سندس مقالي ۾ صفحي 243 تي سندس راءِ ۾ هيئن ڏنو آهي:

”اهو عمل به چٽيءَ طرح اعلان ڪري ٿو/ٻڌائي ته فعلي صيغن جون سموريون اڏاوتون ڪي اتفاقي، اوچتو، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وجود ۾ نه آيون آهن، پر هڪ منظم سرشتي موجب باقاعدگيءَ سان، اصولي پابندين هيٺ جوڙيون ويون آهن“ (243).

ٻرڙي صاحب ساڳئي صفحي تي بلڪل صحيح فرمايو آهي:

”ڇا ايڏيءَ عاليشان فني اڏاوت جا خالق، فنڪار ۽ مصور، چوٽيءَ جي ڏاهن، اڪابرن ۽ سگهڙن کان گهٽ درجي جا هوندا؟ اها مهارت، تنظيم ۽ سمجهه وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته هن ٻوليءَ جا خالق، وياڪرڻ جوڙيندڙ ۽ لفظن جي ايڏي نفيس گهڙاوت ڪندڙ، زبردست قدم جي ڳڻ ڳوت جا مالڪ هئا“ (ص 243).

بهرحال جنهن جملي ٻرڙي صاحب کي هيڏي وڏي پرمغز مقالي لکڻ لاءِ مجبور ڪيو، اُهو جملو آهي:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين“

پر ٻرڙو صاحب لکي ٿو ته اهو جملو ائين ڳالهائڻ غلط آهي ۽ اهو جملو هيئن ڳالهائڻ کپي:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا“ (ص 25).

منهنجي خيام م پويون جملو غلط آهي ۽ جملو هيئن به ڳالهائي/لکي سگهجي ٿو:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين/سون

يا

”توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسي/سين/سون

يا

شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.

۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيئن اهو جملو اڪيلو (ڪنهن گفتگو جي حصي کانسواءِ) ڳالهائبو ته پوءِ ”اسي“ ضمير فاعل طور ضرور ڪم آڻبو پر جيڪڏهن اهو جملو ڪنهن گفتگو هلندي ڳالهائبو ته پوءِ اُن گفتگو جي حصي طور ڳالهائبو ته پوءِ ”اسين“ ضمير فاعل طور ڪم آڻڻ جي ضرورت ڪانهي؛ البت سارو دارومدار، جملي ۾ ڪم آندل گفتگو ۽ اُن لاءِ ڍار/جهيلار تي آهي.نتيجي طور هيئن چئي سگهبو ته سنڌي ٻوليءَجي ماهرن کي هن موضوع تي خاموش رهڻ نه کپي ته سنڌي وياڪرڻ جي سلسلي ۾ ڇيڙيل هن بحث تي پنهنجا خيال ضرور ظاهر ڪرڻ کپن.

مددي ڪتاب

(1) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو 1987ع، ص ص 22- 23، 43-45، 52-53،  164-165.

(2) ايضا، سنڌي معلم، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص ص 132، 133، 138- 152.

(3) ايضا، سنڌي صورتخطي ڇاپو چوٿون،سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص 14.

(4) ڀيرومل آڏواڻي؛ وڏو سنڌي وياڪرڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1985ع، ص ص 141، 221 کان 229 ۽ 235 کان 24.

(5) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ (چئن ڀاڱن جو گڏيل ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1992ع،ص ص 53، 55، 168، 176، 214 کان 218، 236.

(6) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1992ع، ص 51.

(7) واحد بخش شيخ: سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1986ع، ص 75.

(8)) Block, B, and Trager, L. “Outline of Linguistic Analysis”, Linguistic Society of America, Bltimore, 1942, pp.12&13.

(9) Gleason H.A., An Introduction of Descriptive Linguistics, New York, Holt Riehard and Wilson, 1961.

(10) Sachau, E.C., Dr., Alberunis India, English Edition, Vol:I, Lahore, Government of Pakistan, 1961, pp, 448-450.

(مهراڻ 1-1995ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com