سنڌي زبان
شيخ محمد اسماعيل
لغت ڊپارٽمنٽ، سنڌي ادبي بورڊ
ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص پنڊت،
پاڻني، آهي، جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ
سنسڪرت جي صرف نحو تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو، جنهن
۾ سنسڪرت جا ڌاتو پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي
تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾
.’ڌنپال آچاريه‘ ۽ ’هيمچندر آچاريه‘ جون تصنيفون
”پايلڇي، ۽ ديسي نام مالا“ قابل ذڪر آهن. انهن
صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي
آهي، سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري
ٿي پر مُحققِين ۽ مُستَشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل
راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يوروپي لوڪ، واپاريءَ ۽
فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن
هندستان جي رسم و رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي
جي ٻولين، خصوصن سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾
بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ
”انڊو يوروپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو ۽ وري ڪن
محققن ته دنيا جي قديم زبان عبراني هجڻ واري نظريه
جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ
سڏيو.
انڊو يورپين ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصليت بنياد
۽ درجي متعلق هن وقت تائين هر هڪ مؤرخ، محقق ۽ علم
السان جي ڄاڻوءَ جو جدا جدا رايو آهي، ڪو صاحب
هنديءَ جي شاخ سمجهي ٿو ته ڪو صاحب، پالي يا
پراڪرت، جي بگڙيل صورت مڃائڻ لاءِ ڪوشان آهي، ته
ڪو وري ”لهندا، ٻوليءَ جي هڪ شاخ تسليم ڪرائڻ تي
بَضِد آهي، لٿي پٿي ’اپ ڀرنش‘ يعني کريل ٻوليءَ جي
نالي قبول ڪرائڻ لاءِ به جتن ڪيا اٿن. آقي باقي
رهيل کهيل ڪسر شاهه ڀٽائي جي هڪ شارح پوري ڪري
ڇڏي. هن صاحب ايترو سو واضح ڪو نه ڪيو آهي ته سنڌي
فلاڻي يا فلاڻي زبان جي شاخ آهي، پر شاهه جي رسالي
جي شرح لکندي، بيتن ۾ ڪم آيل لفظن جا بنياد يا
ڌاتو هندستان جي ڪن ادبي يا غير ادبي ٻولين جهڙوڪ
پنجابي ملتاني، بلوچي، گجراتي، مراٺي، سوراشٽري،
ڪڇي، هندي، پوربي وغيره مان وٺي پس پرده اهو ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي الفاظ
آسپاس جي انهن ٻولين مان ورتا ويا آهن، ۽ بذات خود
سنڌي ڪا به بنيادي حيثيت نٿي رکي. بهرحال اڪثريت
انهن صاحبن جي آهي، جي سنڌيءَ جو بنياد ’سنسڪرت‘
مان ۽ ٻوليءَ جي عمر وڌ ۾ وڌ ست سؤ ورهيه، يعني
ٻارهين صديءَ جي پيدائش يقيني طور ٺهرائين ٿا.
انهيءَ تڪرار جو خاص سبب اهو آهي جو، جويو
صاحب’هنديءَ‘ کان متاثر آهي، انهي سنڌيءَ ۾ هندي
لفظن جي آميزش ڏسي فتويٰ ڏيئي ڇڏي ته سنڌي، هنديءَ
جي دختر آهي، وري جنهن ماهر لسان سنڪرت جو اڀياس
ڪيو آهي، تنهن هروڀرو به سنڌي لفظ کي ڀڃي ٽوڙي وڃي
سنسڪرت سان ملائي يقين سان چئي ڇڏيو ته سنڌي
ٻوليءَ جو بنياد سنسڪرت آهي. پالي ۽ پراڪرت جي
کوجنا جي شوقينن وري انهن ٻولين جي شاخ هجڻ جو
يقين ڪري ڇڏيو پر مون کي انهيءَ رقيبانه تڪرار ۾
اصليت جو هڪ الڳ پهلو نظر اچي رهيو آهي، تاريخ
عالم جا اوراق بار بار چئي رهيا آهن، ته ٻوليءَ جي
نشو و نما، تغير ۽ تبدل ائين نه ٿيدو آهي، جيئن
سنڌيءَ لاءِ سمجهيو ويو آهي. فارسيءَ ۾ سنسڪرت
ٻوليءَ جا لفظ ڪثرت سان آهن، انهيءَ ڪري ائين ڪو
نه چئبو ته فارسي ’سنسڪرت‘ جي بگڙيل صورت آهي، يا
اڙدوءَ ۾ عربي ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ ججهي انداز
۾ آهن، انهيءَ ڪري اڙدو، عربيءَ يا انگريزي ٻولين
جي بگڙيل صورت آهي. اهو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن
اسين تاريخ جي روشنيءَ ۾ مختلف نظرين کي جاچيون.
هي ڳالهه ته بلڪل ظاهر آهي، ته اڄ کان چار هزار
ورهيه اڳ ”آريا“ وچ ايشيا کان واديءَ- سنڌ ۾ پهتا.
هڪ هزار سالن جي رهائش بعد، انهنجا ڪي قبيلا گنگا
نديءَ ڏانهن وڌيا ۽ اتي مستقل رهائش اختيار ڪري
ويٺا. هي اهو زمانو هو جنهن ۾ گنگانديءَ جي ڪپن تي
رهندڙ آرين پنهنجي مذهبي شلوڪن کي وڻن جي پنن، کلن
۽ ڇوڏن تي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو. سڀ کان اول سنسڪرت
زبان جو مرتب ڪتاب ”رگ ويد“ جي نالي سان مشهور آهي
۽ باقي ”ويد“ ان کان گهڻو عرصو پوءِ لکيا ويا.
جنهن زماني ۾ ويد لکيا ويا ۽ جيستائين ويدن واري
ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي هئي، ان زماني کي
”ويدن وارو زمانو“ ۽ ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي
”ويدڪ ٻولي“ سڏيو وڃي ٿو. ويدڪ ٻوليءَ کان پوءِ
”سنسڪرت“ جو دور آيو.اَسان يا صاف ڪيل ويدڪ ٻوليءَ
کي ’سنسڪرت‘ چيو ويو.
’سنسڪرت‘جا ٽي ٽي دور آهن. پهريون دور، ٻيو دور ۽
ٽيون دور، انهن ٽنهي دورن جي سنسڪرت زبان ۾ ايترو
فرق آهي،جيترو وچولي جي سنڌيءَ ۽ ڪوهستانجي سنڌيءَ
۾، سنسڪرت جي دور کان پوءِ ’پالي‘ زبان جو اوج ۽
پڇاڙيءَ ۾ ’پراڪرت‘ ٻوليون آهن. ڏٺو ويو ته سنسڪرت
کان اڳ ۾ پڻ هڪ ٻولي ”ويدڪ ٻوليءَ“ نالي هندستان ۾
موجود آهي، تنهنڪري سنسڪرت کي ايڏي تقديس ۽ تعظيم
ڏيڻ اجائي آهي. پر سنسڪرت زبان جو مشهور محقق پنڊت
”پاڻني“ ته اڃا به اڳتي وک وڌائي ويو آهي.هو صاحب
سنسڪرت لفظ جا ڌاتو يا بنياد ڳوليندي ڪيترن لفظن
جا بنياد ڇڏي ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته ”اهي لفظ خود
ويدن ۾ ئي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ مان آيا آهن“۽ اها
ٻولي سواءِ هتي جي قديم ٻوليءَ جي ٻي ٿي نٿي سگهي
جا آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي هتي رائج هئي. جنهن جي
شاهدي موهن جي دڙي يا هڙپا جي دڙي جا ڪتبا آهن.
ياد رهي ته موهن جي دڙي مان ظاهر ٿيل تهذيب کان ٻه
هزار ورهيه پوءِ ”آريه“ واديءَ سنڌ ۾ داخل ٿيا
آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آرين جي آمد کان اڳ هجڻ بابت
هڪ انگريزي محقق گورڊن چائلڊ، ثابت ڪيو آهي ته
”وادي سنڌ“ شروع کان ئي جغرافيائي، نسلي، لساني،
تهذيبي ۽ ثقافتي اعتبار کان هڪ مستقل وحدت رهي
آهي، ۽ واديءَ- سنڌ جي تهذيب عراق ۽ مصر جي تهذيب
کان زياده ترقي يافته هئي، هن ئي واديءَ کي اهو
شرف حاصل آهي جو هن دنيا جي پهرين ۽ قديم تهذيب کي
جنم ڏنو آهي“. سر جان مارشل جي راءِ آهي ته ”موهن
جي دڙي جي تهذيب، هڙپا کان دجله، فرات ۽ نيل تائين
پکڙيل هئي مگر اهو فيصلو ڪرڻ دشوار آهي ته انهن
مان ڪهڙي واديءَ جي تهذيب اڳ ۾ ِآهي ۽ ڪهڙي پوءِ؛
ليڪن ايترو واضح آهي ته سنڌ جي تهذيب کي اول هجڻ
جو فخر ضرور حاصل آهي“. حاصل ڪلام ته اهڙيون
هزارين شاهديون آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو، ته آرين
جي آمد کان اڳ ۾ ئي سنڌ جي قديم تهذيب نقطه ء عروج
تي هئي ۽ سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ تهذيب کي امتيازي
خصوصيت حاصل هئي.اها به حقيقت آهي ته هر شيءِ جي
ابتدائي صورت، ڪجهه نه ڪجهه هر وقت ۽ اخير زماني
تائين، چاهي ڪهڙي به رنگ ۾ هجي، موود نظر اچي ٿي،
۽ هر’فن
۽ اثر‘
جو ڪو نه ڪو مثال دنيا ۾ موجود ضرور آهي. يعني هن
دنيا ۾ شايد اهڙي ڪا شيءَ نه ملي، جنهن جي اصليت ۽
ارتقاء متعلق ڪو مواد نه ملي سگهي. دنيا جي هر
تهذيب۽ هر ٻولي ڪي قدر پنهنجي اصلوڪي رنگ ڍنگ ۽
ڪجهه بدليل نموني ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي.
ٻوليءَ متعلق موجود مواد مان في الحال ڪجهه مثال
اسان جي آڏو آهن جي آهن؛ 1- سنڌي الف ب جا ست حرف
”ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، ڻ“ 2- عيسوي يارهين صديءَ ۾
”ڌنپال آچاريه“ جي تصنيف ڪيل،
’ايلڇي‘،
لغات ۾ ديشي يا ديسي لفظ؛ 3- آرين ٻولين ۾ سنڌي
ٻوليءَ جا لفظ. 1- سنڌي ٻوليءَ جا خاص ست حرف
پالي، پراڪرت، سنسڪرت ته بجاءِ خود، پر هندستان يا
دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ ملي نٿا سگهن، ۽ جملي
زبانون اهي هلڪا مخارج ادا ڪرڻ کان قاصر ۽ عاجز
آهن. پوءِ جڏهن ته اهي بنيادي حيثيت رکندڙ ٻوليون
خود ئي انهن اکرن اُچارڻ کان معذور آهن، تڏهن
اهي پنهنجي ڪنهن ”شاخ“ کي ڪٿان اهڙا حرف ۽ لفظ
ڏيئي سگهن ٿيون؟ البته سنسڪرت ۾ هڪ اکر ”ڻ“ جي
جهلڪ ڏسجي ٿي، پر اُهو به ويچارو ٽئي دور جي
سنسڪرت ۾ اچي اُچارجڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو آهي.
تنهن ڪري صرف قديم ”سنسڪرت“ ۽ ويدڪ ٻوليءَ، جي
الف، ب جي زينت بڻيو بيٺو آهي.انهيءَ هڪڙي اکر جي
آڌار تي ائين چوڻ ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي، محض
اڻڄاڻائي آهي. اهي ئي خاص ”سَتَ“ حرف آهن جن هر
دور ۾ ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي حملن وقت محفوظ رکيو
آهي.
عيسوي يارهين صديءَ ۾ پنڊت، ڌنپال آچاريه، پنهنجي
مشهور تصنيف ”پايلڇي“ يعني پراڪرت ٻوليءَ جي
ڊڪشنريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي ٽن ڀاڱن ۾
ورهايو آهي؛ پهريان، تَتُسَم يعني اهي لفظ جي
هوبهو سنسڪرت جا قائم آهن، جهڙوڪ سوريه، اٻلا،
گَئو وغيره، ٻيا تد ڀُو=
اهي لفظ جن جو بنياد آهي، سنسڪرت تي، پر شڪل اصل
لفظن کان بدلجي ويئي اٿن، جهڙوڪ بَيل، چَنڊُ،
ڊيگهه، وغيره، ٽيان آهن؛ ديسي يا ديشي لفظ يعني
اهي لفظ جي آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ چالو
هئا، جهڙوڪ ماني، پاڻي، ڀَتُ، گهوڙو ڄڃ، گَهَرُ
وغيره. اهي ديشي لفظ جي روز مرهه استعمال ۾ ايندڙ
لفظ آهن، انهن جو تعداد ويهين صدي عيسويءَ ۾ به
”پادري شرٽ“ ساڍا ٽي هزار ٻڌائي ٿو. پر سنڌي
ڊڪشنريءَ جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ اسان وٽ اهو
تعداد چوڏهن هزارن، تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن
هزارها ورهين جي خرد برد بعد به هن وقت چوڏهن هزار
لفظ موجود آهن، تڏهن آڳاٽي زماني ۾ گهٽ ۾ گهٽ،
پنجاهه هزار لفظن جو هجڻ عوامي زبان لاءِ زندهه
رهڻ لاءِ ڪافي ذخيرو آهي.
عيسوي سن کان هزار ورهيه اڳ ايران جو بادشاهه دارا
سنڌ تي ڪاهي آيو هو، هو پنهنجي ”تزڪ“ ۾ لکي ٿو ”ته
سنڌ ۾ ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون: هڪڙي ٻولي ته
البته اسان جي سمجهه ۾ آئي ٿي، پر ٻي ٻولي اسان ڪا
نه سمجهي.“ دارا بادشاهه ايراني هو، انهيءَ وقت، ۾
ايران ۾ قديم پهلوي يا زنداوستان جي زبان ڳالهائي
ويندي هئي، سنسڪرت خود ايران کان آيل هئي، ٻنهي
ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو هو، جنهن ڪري گمان غالب
آهي ته دارا بادشاهه فقط ”سنسڪرت“ سمجهي سگهيو آهي
۽ قديم سنڌي زبان سمجهڻ کان قاصر رهيو هجي!
آرين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ:
هندستان جي جملي ٻولين ۾ سنڌيءَ جا الفاظ يا سنڌي
لفظن سان مشابهت رکندڙ لفظ گهڻي ڀاڱي ملن ٿا، جيئن
ته انهن ٻولين جو سلسلو سنسڪرت سان آهي، تنهن ڪري
يقينن انهيءَ بنيادي ٻوليءَ کان ورثي ۾ اهي لفظ
مليا اٿن، ۽ سنسڪرت زبان آرين جي زبان آهي، تنهن
ڪري آرين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
آريه واديءَ سنڌ ۾ روزگار جي تلاش ۾ آيا. واديء
سنڌ جي رهاڪن هنن سان همدردي ڪئي ۽ کين ڌنارن ۽
هارين جي حيثيت سان رهڻ ڏنو. آريه هلندي هلندي
ٽولن جون ٽوليون ٿي وچ ايشيا کان ايندا رهيا ۽
آباد ٿيندا رهيا. هي ڪو حمله آور لشڪر ته هو ئي
ڪونه، جو وچ ايشيا کان هلي: بنا دم پٽڻ جي هماليه
جي چوٽين کي عبور ڪري دڙن ۽ وادين مان اوچتو ئي
اوچتو نڪري طوفان خيز ۽ سيلاب انگيز ڪڪرن وانگر
وادي سنڌ تي ڇانئجي ويو هجي ۽ حاڪم بڻجي ويهي رهيو
هجي ۽ سنڌين يا دنيا جي ٻي ڪنهن قوم لاءِ اهو ڪيئن
ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اصلي باشندا جي هر حالت ۾ هنن
کان تعداد ۾ وڌيڪ هئا. متمدن ۽ مهذب هئا. الات حرب
جا موجد ۽ ماهر هئا ۽ واديء سنڌ- جي لکها ميلن
ايراضيءَ تي قابض به هئا، سي اکڇنڀ ۾ نڪري سنڌ
خالي ڪري ڏيئي، پاڻ چپٽيون وڄائيندا وڃي دکن
هندستان ۾ گوشه نشين ٿيا! پر سنڌ ۾ هي اهو زمانو
هو جو سڄي دنيا جو مذهب عمومن بت پرستي هو. خود
آريه به تارن، پٿرن، نباتات،جمادات ۽ حيوانات جي
پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ئي آرين ۽ سنڌ جي اصلي
باشندن درميان ڪنهن مذهبي جنگ و جدل جو سبب ئي ڪو
نه هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هي ماڻهو قديم سنڌين سان
ملي جلي هڪ ٿي ويا.انهيءَ عرصي ۾ آرين کي هتي جي
به نيون شيون ڏسڻ ۾ آيون هونديون، جن لاءِ وٽن لفظ
هوندائي ڪونه، اهڙي حالت ۾ هنن ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ
ملڪي يا ديشي زبان کان نالا اڌارا ورتا هوندا ۽
اهي لفظ بعد ۾ سنسڪرت يا ويدڪ ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ طرح
داخل ٿي ويا هوندا جو انهن کي جدا ڪرڻ نهايت مشڪل
امر هوندو؛ ڪجهه اهڙا لفظ پيش ڪجن ٿا جي آريا پاڻ
سان يقينن نه کڻي آيا هوندا پر هتي جي رائج زبان
مان ورتا ويا آهن: مينهن= ميگهه، گهوڙو= گهوٽڪ،
ڪمند= گنڊڪ، هاٿي= هستن، ڪانگ، ڪاڪ، ڪنڀار= ڪنڀار،
ڄمون=
جمبو، ڪنول
=
ڪمل وغيره - ۽ يقينن ”ڻ“ به ويدڪ ٻوليءَ واري دور
جي ڪنهن ”ملڪي ٻوليءَ“ کان ئي ورتو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح سان سنڌي ٻولي، پالي، پراڪرت، هندي
پنجابي ۽ ٻين ٻولين کي پنهنجي لفظن سان مالا مال
پئي ڪيو آهي.
مٿيان منقول يا معقول دلائل واضح ڪن ٿا ته اسان جي
سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص حرف، الفاظ ۽ محاورا، اسان
وٽ انهيءَ عظيم ۽ قديم، تهذيب۽ تمدن جي امانت آهن؛
جنهن جي گود ۾ هو ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا، زماني جي
هر دور ۾ انهيءَ شان شوڪت سان سربلند رهيا، جيئن
اڄ آهن. کين نه سامي ختم ڪري سگهيا، نه منگول ۽
آريه. اڃا تائين اسان کي انهن لفظن جي پس- پشت
انهن جا ڳالهائيندڙ نظر اچن ٿا. انهن جا آواز اسان
جي ڪنن ۾ وڄن ٿا، ۽ اسان کي عهد ماضيءَ جي تاريڪ
پردن ۾ گهلي وڃن ٿا. مگر زمانو بدلبو رهندو، جيئن
جيئن بني نوع انسان جا اعمال ۽ اطوار بدلجن ٿا.
رهڻي ڪهڻي جي طريقن ۾ جدت ۽ اختراع جو ڪارگر هٿ
قطع بُريد ڪري ٿو، تيئن تيئن انهن جو اقتصادي
معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي ماحول پڻ بدلجي ٿو، انهيءَ
سان گڏوگڏ زبان به هر روز بدلجي ٿي، نوان نوان
پهلو اختيار ڪري ٿي، نين نين ايجادن ۽ نون نون
نظرين لاءِ، نوان لفظ ٺاهيندي وڃي ٿي.اهڙا لفظ
هزارن جي تعداد ۾ ٺهن ۽ پيدا ٿين ٿا، وڌن ٿا،
نشوونما حاصل ڪري ”اظهار خيال“ جي مصرف ۾ اچن
ٿا.مگر اهي الفاظ صرف اها ئي زبان پيدا ڪري ٿي جا
زندهه زبان چوائڻ جي مستحق آهي، جنهن کي ماڻهو
ڳالهائين، ٻڌن۽ تحرير ڪن ٿا، جا روز مرهه جي
ڳالهين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ استعمال ٿئي، جا
خيالات جي خط و خال جي اڻ لَکن فرقن ۾ امتياز رکڻ
جو استعداد رکي ٿي.
سنڌي ٻولي پنهنجي فطري ۽ خصوصي صلاحيت سان ضرورت
مطابق لفظن ٺاهڻ کان سواءِ جدا جدا ٻولين کان هر
دور ۾ لفظ کسي پنهنجا ڪندي رهي ٿي.انهيءَ جو اهو
ثبوت آهي جو اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ لک الفاظ،
محاورا، چوڻيون ۽ پهاڪا موجود آهن ۽ اسان جي ٻولي،
ان ڏس ۾ جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿي وڌندي ۽ ويجهندي..
(مهراڻ-4- 1962ع) |