محقق بيليو ۽ ٻين ماھرن
جو خيال آھي ته:
”پنجين ۽ ڇھين صدي
عيسويءَ ۾ ”جتن“
۽ ”ڪٽين“،
مقامي رھاڪن ”گنڌارين“
کي اولهه طرف ”ھيلمند“
(Helmond)
جي واديءَ ڏانهن ڀڄائي
ڪڍيو.ھن دعويٰ جي تصديق
ھن حقيقت مان به ملي ٿي
ته ”جتن“
جي باقيات، ھن وقت به
انهن علائقن ۾، پشاور جي
واديءَ ۾ پکڙيل نظر ايندي
آھي، پر اُھي قبيلا ھاڻ،
”جت“
نه پر ”گوجر“
سڏبا آھن. ھنن جي ڪرت ۽
ڌنڌو مال جا ڌڻ پالڻ ۽
کيتي ٻاڙي آھي.
“
(41)
ساڳيو مصنف مسٽر (بيليو)
اھو به ڄاڻائي ٿو ته:
”سنڌ- ماٿر جي ڏاکڻئين
خطي مان ڌڪجڻ کان پوءِ،
”جتن“،
پنجاب ۾ ھاري بنجي سھارو
ورتو ۽ جاٽ سڏجڻ لڳا.
پنجاب جي جاٽن جو ھڪ پاڙو
”گجر“
آھي، جنهن جي وڏي آبادي
”گجرات“،
”گوجرانوالا“
۽ ”گوجر خان“
واري علائقي ۾ پکڙيل آھي.
“
(42)
”گجر ۽ گوجر، به جدا جدا
قبيلا ھئا، ”گوجر“
، پنجاب جي ”جاٽن“
واري ساڳئي نسل مان آھن،
۽ نه ڪو ”گجرن“
واري نسل مان. “
(43)
لھاذا ڊاڪٽر بيليو جي
انهيءَ راءِ مان اھو ثابت
ٿو ٿئي ته ”گوجر“
اصل ۾ ”جت“
آھن، جيڪي سنڌو- ماٿر جي
ھيٺئين (لاڙ واري) خطيمان
لڏي اُتر، اُتر- اولهه ۽
ڏکڻ اوڀر طرف ويا.
محترم غلام رسول ميرجت،
”جتن“
جي لڏپلاڻ جي سلسلي ۾
پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو
ته:
”قديم زمانن ۾، سنڌ ۾
آباد ٿيڻ کان پوءِ، جتن
جي ڪجهه قبيلا، سنڌ جي ڀر
پاسي جي ملڪن طرف نقل
مڪاني ڪري ويا. جيڪي جت
قبيلا بلوچستان ۽ مڪران ۾
وڃي رھيا ته ان ڪري اھي
بلوچ چوائڻ ۾ آيا، ۽
ساڳئي وقت انهن ”مير“
جو لقب به اختيار ڪيو.
اھو لقب مڪران يا
بلوچستان جي جتن کي تڏھن
مليو، جڏھن مسلم خليفي
پاران محمد بن ھارون جت،
مڪران جو گورنر مقرر ٿيو.
“
(44)
ھن ڏس ۾ علم الانسان
(Anthropology)
جو مشھور بين الاقوامي
جرمن عالم، ڊاڪٽر زيگ
بسٽ فال،
(Dr. Sigrid West Phal)
۽ اُن جي ودوان بيگم
ڊاڪٽر ھائينس ويسٽ فال
(Dr. Heinz west phal)،
جو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿو
لڳي. جتن جي باري ۾ ھيءُ
ماھر جوڙو لکي ٿو ته:
”جت قوم ، اسلام جي ظھور
کان اڳ ڪڇ، راجستان ۽ سنڌ
جي لاڙ واري علائقي ۾
آباد ھئي. ھن قوم جا ڪي
قبيلا ۽ ٽولا سنڌ ۾ اسلام
جي آمد کان اڳ، سنڌ مان
لڏي، بلوچستان، ايران،
عراق، اردن ۽ عربستان ۾
وڃي آباد ٿيا.“
(45)
ھي ٻئي جرمن ماھر اڳتي
لکن ٿا ته:
”عراق ڏانهن لڏي ويل جت،
اڃا تائين عراق جي
ڏاکڻئين حصي ۾ آباد آھن،
۽ پنهنجي رھڻي ڪھڻيءَ جي
ڪري عراق جي ٻين قومن کان
مختلف آھن.
“
(46)
محترم غلام رسول ميرجت
به، ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽
اُن جي بيگم جي راءِ سان
اتفاق ٿو ڪري ۽ لکي ٿو:
پھرين صدي عيسويءَ ڌاري،
اسان کي سنڌي قبيلي جت جا
عراق جي بصري شھر جي
ڀرسان بطلاع، ماٿريءَ ۾
آباد ٿيڻ، زراعت ڪرڻ ۽
مينهون پالڻ جا ثبوت مليا
آھن.
“
(47)
9- (الف) مٿي بيان ڪيل
راين ۽ نظرين جي اڀياس جي
مدد سان ائين چئي سگھجي
ٿو ته ”گوجر“
بنيادي طور ”جت“
آھن، پر مال جي ڌڻن پالڻ
ڪري، انهن قبيلن کي سنڌ ۽
بلوچستان کان ”ٻاھر“
پھرين ”گؤچر“
۽ ”پوءِ“
گوجر سڏيو ويو، جيئن ”جتن“
کي بلوچستان ۾ جدگال،
پنجاب ۾ ”جاٽ“
۽ عراق ۾ ”مدان“
سڏيو ويو.
(ب) جت قبيلا، افغانستان
۽ سوات- ڪوھستان واري
علائقي ۾ ڪيئن لڏي ويا ۽
ڪٿان لڏي ويا، تنهن جي
باري ۾ مسٽر بيليو
(Mr. Bellow)
جو رايو آھي ته:
”جت قبيلا جيڪي افغانستان
جي ڏکڻ- اوڀر واري علائقي
جي تيراه واديءَ ۾ وڃي
آباد ٿيا ھئا، تن کي
”گوجر“
سڏيو ويو. اُھي (گوجر)
افغانستان جي ”يوسف زئي
خطي“
۾ ۽ افغان سرحد جي ڏکڻ-
اوڀر ۾، خاص ڪري پاڪستان
جي ”باجؤڙ ايجنسيءَ“
۽ ”بونير خطي“
۾ رھندا ھئا، جتان ھنن،
سوات- ڪوھستان طرف لڏپلاڻ
ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خطي
۾ چراگاھ، جام ھئا.
جاگرافيءَ جي اڀياس مان
معلوم ٿو ٿئي ته
افغانستان وارو ”يوسف زئي
خطو“
۽ ”تيراه وادي“
پاڪستان جي ”باجوڙ
ايجنسيءَ“
وارو علائقو ۽ ”بونير خطو“
، ”دير- ڪوھستان“
جا پاڙيسري خطا آھن، اُن
ڪري يقين سان چئي سگھجي
ٿو ته گوجر قبيلا
افغانستان جي مٿي ڄاڻايل
خطن (يوسف زئي ۽ تيراه
وادي) مان لڏي، مال جي
سانگي سان ۽ چراگاھن جي
سھوليت ڪري، سوات-
ڪوھستان ۾ لڏي ويا ھوندا،
جيئن ھتان ٻيا قبيلا پڻ
لڏي ويا ھئا. “
(47)
ھن سلسلي ۾ انور بيگ
اعواڻ صاحب جو خيال آھي
ته :
”گوجر قبيلا، افغانستان
جي تيراه علائقي مان لڏي،
دير ڪوھستان ۽ سوات
ڪوھستان وارن خطن ۾ وڃي
آباد ٿيا ھوندا. “
(49)
بهرحال انهن مڙني راين جي
آڌار تي اھو چئي سگھجي ٿو
ته ”گوجر“
اصل ۾ ”جت“
آھن، جيڪي بنيادي طور
سنڌو- ماٿر جا رھاڪو ھئا،
جتان اھي پھرين اوڀر،
ڏکڻ- اوڀر ۽ اُتر- اوڀر
طرف لڏي ، ۽ پوءِ اولهه ۽
اُتر- اولهه طرف بلوچستان
جي ڌار ڌار خطن ۾ لڏي وڃي
ويٺا. بلوچستان ۾ اھي ”جت“
۽ جدگال، سڏجڻ ۾ آيا.
جدگال پوءِ بلوچستان مان
لڏي ايران ۽ افغانستان
طرف ھليا ويا. افغانستان
۾ تيراه واديءَ ۾ وڃي
ويٺا. اُتان پوءِ دير
ڪوھستان ۽ سوات- ڪوھستان
وارن علائقن ڏانهن لڏي
ويا. لھاذا محقق بيليو
جي ھيءَ راءِ بلڪل وزندار
ٿي لڳي، جنهن موجب ھن
دعويٰ ڪئي ھئي ته:
”گوجر“
، اصل ”جت“
آھن، جن کي پوءِ
افغانستان جي يوسف زئي
خطي ۾ ”گوجر“
سڏيو ويو.
“
(50)
10- (الف) بلوچستان جو
ڪڇي- گنداوا علائقو
ميداني علائقو آھي. ھن
علائقي مان ”مولا“
۽ ”بولان“
لڪ (دزا) شروع ٿين ٿا. ھن
علائقي (ڪڇي ۽ گنداوا) جي
آباديءَ جو سارو دارومدار
”ناڙي“
۽ ”لھڙي“
ندين تي آھي. انهن مان
ناڙي ندي مشھور آھي.
ڪڇي ۽ گنداوا جي رھاڪن ۾
”جت“
اڪثريت ۾ رھن ٿا، پر ھن
علائقي توڙي ساري
بلوچستان ۾ ”جتن“
کي ”جدگال“
سڏيو ويندو آھي. مڪران
ضلعي جي 1961ع واري
آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾
ڄاڻايل آھي ته :
”ھن علائقي ۾ رھندڙ جت
پاڻ کي ”جدگال“
سڏيندا آھن، جيڪي ھزارن
سالن کان ھن حصي ۾ آباد
آھن.
“
(51)
(ب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي صاحب، پنهنجي ھڪ
مقالي ۾ لکي ٿو ته:
”بلوچستان جي اڪثر علائقن
جا ماڻھو سنڌي ٻوليءَ کي
”جدگالي (جدغالي) چوندا
آھن. ”جٽڪي“
توڙي ”جدگالي“
ٻنهي جو مطلب ساڳيو آھي.
بلوچ قومون سنڌي
ڳالھائيندڙ کي مجموعي طرح
”جت/ ڄٽ“
چونديون آھن، ۽ ”گال“
جو مطلب آھي ”ٻولي“
. ”جدگالي“
معنيٰ ”جت“
يعني جتن يا ڄٽن واري
ٻولي. ”ڄٽڪي“،
ٻوليءَ جو مفھوم به ساڳيو
ئي آھي.
“
(51)
بهرحال، ”جدگال“
لفظ دراصل ٻن لفظن يعني
”جد=
جت گال
=
ڳالهه يعني ٻوليءَ جو
مرڪز آھي. ”جدگال“
معنيٰ ”جتن جي ٻولي“.
ھيءَ (جت) قوم بلوچستان ۾
پنهنجي ٻوليءَ جي نسبت
سان ”جدگال“
سڏجڻ لڳي. (59)
(ت) قديم سنڌ جي تاريخ جي
اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي
ته راءِ گھراڻي جي حاڪم،
راءِ ديوراج، (ديوائج) جي
حڪومت واري زماني ۾
”جدگال“
سنڌي فوج ۾ سپاھي ھوندا
ھئا، پنجين صدي عيسويءَ
ڌاري جڏھن ”سفيد ھن“
(White Huns)
بلوچستان ۾ آيا، تڏھن
بلوچستان ۾ جت قبيلا وڏي
تعداد ۾ آباد ھئا. (60)
ستين صدي عيسويءَ ۾، عربن
جي سنڌ تي ڪاھن واري
زماني ۾، بلوچستان ۾ ”مير“ ۽
”جت“
قومون وڏي تعداد ۾ آباد
ھيون. ”ميد“
ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي
آباد ھوندا ھئا، ته جت
وري ساڳئي ئي علائقي يعني
ڏکڻ- سنڌ ۾ ساحلي علائقي
کان سواءِ ڪڇ، راجپوتانا
۽ پنجاب کان سواءِ
بلوچستان ۾ ڪڇي، گنداواھ،
لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد
ھوندا ھئا.(61)
جدگال، مال پالڻ کان
سواءِ کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت
پڻ ڪندا ھئا، اٽڪل يارھين
صدي عيسويءَ ڌاري
بلوچستان ۾ خشڪ ساليءَ جو
زمانو شروع ٿيو، جنهن ڪري
چراگاھ گھٽجڻ لڳا، جنهن
جو اثر ھتي جي سياسي ۽
سماجي حالتن تي پڻ ٿيو.
ان وقت بلوچستان ۾ بروھي
قوم جو تعداد گھڻو وڌي
ويو. انهن چراگاھن تي ھڪ
طرف جدگالن جو قبضو ھو ته
ٻئي طرف بروھين پڻ انهن
چراگاھن تي قبضو ڪرڻ ٿي
چاھيو. نيٺ جدگالن ۽
بروھين جي وچ ۾ جنگ لڳي،
جنهن ۾ بروھي جدگالن تي
غالب پئجي ويا ۽ اقتدار
بروھين جي ھٿ ۾ آيو.
بروھين کان شڪست کائڻ کان
پوءِ جدگالن جا ڪي ٽولا
بلوچستان جي جدا جدا خطن،
ماڳن ۽ مڪانن ڏانهن لڏي
ويا ۽ ھزارن جي تعداد ۾
جدگالن جا ڪٽنب،
افغانستان، سرحد صوبي ۽
ايراني بلوچستان ۾ وڃي
آباد ٿيا. (62)
ھن وقت جدگالن جي لڳ ڀڳ
ھڪ لک کن آبادي ايراني
بلوچستان ۾ رھي ٿي. ايران
۾ اسلامي جمھوريه جي
انقلاب اچڻ کان پوءِ
ڪيترائي ايراني جدگال
ڪراچيءَ طرف لڏي آيا.
انهن مان ھڪ صاحب، جيڪو
ايراني بلوچستان واري
علائقي مان، اڳوڻي ايراني
پارليامينٽ جو ميمبر پڻ
ھو، تنهن ٻڌايو ته جدگال،
ايران ۾، ”ايراني جدگالي“
ٻولي ڳالھائيندا آھن.
“
(63)
ڊاڪٽر داد محمد بروھي،
پروفيسر انور رومان جي
حوالي سان لکي ٿو ته:
”جدگالي محاورو، بلوچستان
جي مڪران علائقي جي
ڏاکڻئين حصي ۾ ڳالھايو
وڃي ٿو، جيڪو اڳتي ھلي
”جيوڻي“
، ”اورماڙي“
، ”پسني“
۽ ”گوادر“
تائين پکڙيل آھي. (64)
11- جنهن زماني ۾ (ڏھين
صدي عيسوي) مشھور سياح
ابن حوقل مڪران پھتو ھو،
تنهن زماني ۾ مڪران تي
جدگالن جو قبضو ھو. (65)
جدگال ھن علائقي ۾ قديم
زماني کان رھندا ھئا.
(66) اھي قبيلا، قديم
زماني ۾ سنڌ کان لسٻيلي ۽
لسٻيلي کان ھت اچي آباد
ٿيا ھئا. (67) ان زماني ۾
ڪرمان کان به اڳتي، ايران
اندر سارو ملڪ، سنڌ جي
سرحدن ۾ داخل ھو، ۽ اُتي
جا رھاڪو سنڌي (جدگال) به
پنهنجيءَ ٻوليءَ کي
جدگالي ٻولي سڏيندا آھن.
جدگال قبيلا ھزارين سالن
کان ”ڪرمان“
۽ ”زاھدان“
جي وچ واري علائقي ۾ آباد
رھندا ٿا اچن.
جدگال، سامونڊي واپار ۾
به ماھر ۽ تيز ھوندا ھئا.
ان وقت ”باھو“
، ”دشتياري“
، ”ميرجاوا“
، ”مھدان“
۽ ”ايراني نار“
مشھور سامونڊي بندر ۽
واپاري مرڪز ھوندا ھئا.
ھن وقت به ”باھو“
۽ ”دشتياريءَ“
۾ جدگال گھڻي قدر رھن ٿا.
”باھو“ ۽
”دشتياريءَ“
، جون بستيون ”گوادر“
جي اُتر- اولهه طرف آھن،
ساڳيءَ طرح ”ڪلانچ“
واريءَ ايراضيءَ ۾ پڻ
”جدگالن“
جي گھڻي آبادي آھي.
جدگالن جي پاڙي مان ڪي
”تربت“،
”ڪيچ“
۽ ”پنجگور“
جي ماٿريءَ، گوادر جي
آسپاس، ”ڪولوا“
۽ ”پشوڪون“
کان اولهه طرف مڪران ۾ به
پکڙيل آھن. جيتوڻيڪ اھي
ھاڻ بلوچن سان گھڻي قدر
گڏجي مسجي ۽ گاڏڙجي ويا
آھن، پر تنهن ھوندي به
پنهنجي جدگالي ٻولي قائم
رکندا ٿا اچن. (69) انهن
جي ٻوليءَ جا مثال ايندڙ
صفحن ۾ ڏنا ويا آھن.
جدگالن جي پاڙن مان ”رئيس“،
”مڪران“
جي اندرئين حصي ۾، ”ڪيچ“
۽ ”پنجگور“
جي ماٿرين ۽ ساحلي
ايراضيءَ ۾ ”پشوڪن“
جي اولهه طرف ”باھو“
۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل
آھن. جدگالن ۾ ٻيو پاڙو
”سنگر“
آھي. ”سنگر“
قبيلي وارا جدگال، لسٻيلي
کان وٺي اولهه طرف ايراني
سرحد تائين پکڙيل آھن، ھن
قبيلي وارا اھا دعويٰ ٿا
ڪن ته اھي اصل ۾ سنڌ ۾
رھندڙ ”جوکيا قوم“سان
واسطو رکن ٿا. (70)
تاريخي حوالن مان معلوم
ٿو ٿئي ته ھو (سنگر
قبيلي) وارا) سنڌ مان لڏي
اچي قلات ويٺا، ۽ پوءِ
پندرھين صدي عيسويءَ ۾
بروهين سان ويڙھ ۾ ھارائڻ
کان پوءِ، مڪران طرف ھليا
ويا. ”سنگر“
گھومو ۽ خانه بدوش قبيلو
آھي. ھي قبيلو اُٺ پالڻ
جي ڪري مشھور آھي. مڪران
۾ ھنن جي خاص ڪرت مال
پالڻ ۽ مال ڌارڻ آھي، پر
ساڳئي وقت اھي کيتي
ٻاڙيءَ جي ڪرت پڻ ڪندا
آھن. اھڙيءَ طرح جدگالن
جا ٻيا به ڪيترائي پاڙا
آھن، جن جو ”سنڌي ٻوليءَ
جي لساني جاگرافي ڪتاب ۾
ذڪر ڪيو ويو آھي. (71)
گذريل صفحن ۾ ماھرن جي
حوالن سان چيو ويو آھي ته
جدگال ٽولا جڏھن بلوچستان
مان افغانستان جي تيراه
واديءَ ۾ پھتا، تڏھن انهن
قبيلن کي ”گوجر“
سڏيو ويو. تيراه واري
واديءَ مان گوجرن جا ٽولا
سرحد پار ڪري، دير، سوات-
ڪوھستان، پنجڪوره-
ڪوھستان واري واديءَ ۾
آيا، جتان انهن جا ٽولا،
سندن مال سان گڏ، ڪاغان
جي واديءَ ۾، ڪُنهار
نديءَ جي ڪناري تي ۽ پڻ
ٻين وادين ۾، سنڌو-
درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي
داسوءَ تائين، بلڪه
”تانگير“
۽ ”داريل“
وارين ماٿرين ۾ موسم آھر
ڏسبا آھن. سندن مال ۾
رڍون ۽ ٻڪريون ھونديون
آھن. ھاڻ ھو اَجڙ زندگيءَ
۾ ڍڳيون ڪو نه ڌارين. ھنن
سان گڏ انهيءَ رولڙي واري
زندگيءَ ۾ سندن خطرناڪ
ڪُت ا۽ سگھارا گھوڙا به
ھوندا آھن. گوجرن جا ٽولا
گرميءَ جي موسم ۾ اُتر
طرف ڪاھيندي ۽ سرديءَ جي
موسم ۾ ڏکڻ طرف ورندي
ڏسبا آھن.
13- شڪل شبيهه ۽ لباس:
(الف) مٿي چيو ويو آھي ته
گوجر اصل ۾ سنڌ جا رھاڪو
جت آھن. ڪڇ ۽ لاڙ ۾ رھندڙ
جت، ڳاڙھا ڳٽا ۽ رُشٽ
پُشٽ لڳندا آھن. (72) پر
مال سان گڏ، تتيءَ ٿڌيءَ
رولڙي سبب، ھو جلدي پيرسن
لڳندا آھن.
گوجرن جا ٽولا گرميءَ جي
موسم ۾ چراگاھن جي ڳولا
۾ مال ڪاھي نڪري پوندا
آھن ۽ ”جؤ“
جي تلاش ۾، کين جتي پيئي،
اُتي ويھاڻي. اھا سندن
روزانه معمول واري زندگي
آھي. محنت ۽ مشقت، طوفان،
مينهن ۽ واچ ۽ سردي ۽
برفاني ھوائن سان مقابلا
ڪندي ڪندي، سندن نرڙن تي،
پيرسن ٿيڻ کان اڳ ئي
ٻڍاپڻ جا گھنج پئجي ويندا
آھن. ھو (گوجر) سورج
مکيءَ جي گلن وانگر رنگ
جا پيلا ٿي ويندا آھن.
گوجرن جا مرد به جتن ۽
جدگالن وانگر ”لانگ“
ڍڪين. سندن ذائفائون ڪارا
گھگھا پائين، انهن
(گھگھن) جي اڳئين يعني
ڇاتيءَ واري حصي تي ڀرت
ڀرين، جيڪو فقط گوجر قوم
جي عورتن تائين ئي محدود
ھوندو آھي. ٻيءَ ڪنهن به
قوم ۾، سواءِ جتن ۽
جدگالن جي، ھن قسم واري
ڀرت جو رواج ڪونهي. گوجرن
جي پوشاڪ، سندن زيور،
مڻڪا، ٻالڪپڻ، جواني ۽
ٻڍاپڻ ۽ سندن روان دوان
زندگي ۽ اھڙيون ٻيون
حقيقتون علم الانسان جي
ماھرن جو ڌيان ڇڪائين
ٿيون.
14- رھائش، کاڌو خوراڪ ۽
معاشي زندگي:
گوجر به جتن ۽ جدگالن
وانگر وانڍن ۾ رھن، سندن
وانڍن کي لوڙھا يا ويڙھا
ڪو نه ٿين. ھو وانڍن جي
اڳيان پنهنجا ڌڻ واڙين ته
جيئن جھنگلي جانورن کان
اھي (مال جا ڌڻ) محفوظ
رھي سگھن. سياري جي سخت
ٿڌ ۽ برفاني موسم ۾،
ماڻھو ۽ مال، وانڍن اندر،
ڇپرن جي سھاري، ھڪ ئي ڇت
ھيٺ رھن.
جتن ۾ جدگالن وانگر گوجرن
جي خوراڪ به کير، لسي ۽
مکڻ آھي. جانورن (گھوڙن،
رڍن، ٻڪرين ۽ ڪتن) سان
رات ڏينهن گڏ گذارڻ سبب،
سندن جسم مان ھڪ خاص قسم
جي بوءِ پيئي ايندي آھي.
اھا ساڳي پوءِ سندن کاڌي
خوراڪ کائڻ وقت به محسوس
ڪبي آھي.
جتن ۽ جدگالن وانگر گوجر
به نکٽ نهارڻ، تارن ۽
سيارن جي مدد سان موسم جي
اڳ ڪٿي ڪرڻ، ڀرمن، وھمن،
سنسن ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ به
ڀروسو رکندا آھن. سندن
چوري ٿي وڃڻ جي حالت ۾،
جتن ۽ جدگالن وانگر، ھن
قبيلي جا ماڻھو به پيرا
کڻن ۽ چور جي پيرن سڃاڻڻ
جا ماھر آھن.
گوجرن جي روز مره جي
زندگي، خصوصاً
سمجي زندگي، مامرن جو
توجهه گھري ٿي. نکٽن ۽
تارن جي ڄاڻ کانسواءِ،
ھيءَ جاتي (گھريلو يعني
ديسي علاج ۽ ديسي ٽوٽڪن
جي باري ۾ به گھڻي ڄاڻ
رکندي آھي. ان کانسواءِ
جانورن جي بيمارين، ڏسڻ
ٻارن ۽ جانورن جي پالڻ ۽
سار سنڀال ۾ ھي ماڻھو
ماھر آھن.
گوجرن جي ٻوليءَ ۾ لوڪ
ادب جو به خزانو موجود
آھي، گوجرن جي لوڪ ادب ۾
دوھا، بيت، ٻارھن ماسا،
سھن ۽ بيساک وغيره جون
صنفون موجود آھن، جيئن ته
ھي لوڪ، عام ماڻھن سان
ميل جول ڪو نه رکن،
تنهنڪري سندن لوڪ ادب
”صدري ادب“
(Oral Literature)
ئي رھيو آھي ۽ لوڪ ادب
جو اھو سارو خزانو سندن
سينن ۾ ئي سٿيل رھيو آھي،
جنهن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ، ھن
وقت تائين ڪنهن به محقق
ڪوشش ڪا نه ڪئي آھي. اُن
جو ھڪ سبب ھي به آھي جو
سوات، ھزاره ۽ ڪوھستان ۾
رھندڙ ٻيا قبيلا گوجرن کي
عزت بلڪل ڪونه ڏين. انهن
(گوجرن) سان ميل جول رکڻ
به پسند ڪو نه ڪندا آھن.
ان جو ھڪ سبب ھي به آھي
جو انهيءَ خطي ۾ رھندڙ
ماڻھن کي اھا شڪايت ھوندي
آھي ته انهن (گوجرن)، سيد
احمد بريلويءَ جي خلاف،
ھن خطي ۾ سِکن جي مدد ڪئي
ھئي.
15- گوجري ٻولي:
(الف) سرگريئرسن جي حوالي
سان شروع ۾ عرض ڪيو ويو
آھي ته راجسٿان جي ميواتي
ٻولي، ۽ گوجري ٻولي پاڻ ۾
ھڪجھڙائي رکن ٿيون. ھن
(سرگريئرسن) جو اھو به
خيال آھي ته گوجري ٻولي،
ميواتي ٻوليءَ جو ھڪ
بگڙيل روپ آھي. (73)
(ب) علم الانسان جو ھڪ
ماھر ”ڪولن ماسيڪا“
(Colin Masica)
لکي ٿو ته:
”گوجري ٻولي، ڄمون ۽
ڪشمير ۾ به ڳالھائي ويندي
آھي، ڇاڪاڻ ته اُن علائقي
۾ به گوجر گھڻائي ۾ رھن
ٿا. ھيءَ ٻولي
راجسٿانيءَ جي ميواتي
لھجي سان ملي جُلي ٿي.
پاڪستان جي سوات واري
ڪوھستان، ڪاغان واري خطي
۾، خانه بدوش مالوند نسل
واري گوجري قوم به ھيءَ
ٻولي (گوجري) ڳالھائيندي
آھي. سرگريئرسن، ھن
ٻوليءَ کي پنجاب ۾ رھندڙ
گُجر قوم جي ماڻھن جي
ٻولي سڏي ٿو. (74)
پر ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال جي
حوالي سان اڳ ۾ ڄاڻايو
ويو آھي ته: ”سنڌ جا ”جت
قبيلا“
، سنڌ مان لڏي ڪڇ ۽
راجسٿان جي جدا جدا خطن ۾
وڃي آباد ٿيا آھن. اُنهن
(جت) قبيلن مان ھڪڙا
پنجاب طرف ويا، جيڪي ”جاٽ“
سڏجڻ لڳا، ٻيا ڪڇ ۽
راجسٿان طرف ويا، ٽيان
بلوچستان واري علائقي
ڏانهن لڏي ويا، جن مان
وڏو تعداد ”جدگال“
سڏجڻ ۾ آيو. بلوچستان
مان اھي قبيلا (جدگال)
ايران طرف ويا. ايران ۾
به اُنهن کي جدگال سڏجي
ٿو. ايران مان ڪي عراق،
اُردن ۽ عربستان ويا.
عراق ۾ انهن کي ”مدان“
سڏيو ويو ۽ عربستان ۾
اُھي ”زُط“
سڏجڻ لڳا. (75) گريئرسن
جو خيال آھي ته بلوچستان
مان ڪي جدگال قبيلا،
افغانستان جي يوسف زئي
خطي جي تيراه واديءَ ۾
وڃي ويٺا، جتان وري سرحد
پار ڪري، سوات- ڪوھستان ۽
دير- ڪوھستان ڏانهن لڏي
ويا، جتي ھو خانه بدوش
زندگي گذارين ٿا.
(ت) گوجرن جي ماڳن ۽
مڪانن، ٺاڻن ۽ ٺڪاڻن ۽
گوجري ٻوليءَ جي جاءِ
وقوع جي باري ۾ مٿي تفصيل
سان لکيو ويو آھي. پر
حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه ھيءَ
آھي ته گوجري، ميواتي ۽
سنڌيءَ جي لھجن جتڪي.
سنڌي- ڪوھستاني (سنڌ جي
لاڙڪاڻي، دادو، ٺٽي ۽
ڪراچيءَ اُترئين ضلعي جي
اُتر، اوڀر ۽ ملير ضلعي
جي ڪوھستاني خطن ۾ رائج
سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو لھجو
ڳالھايو ويندو آھي، اُن
کي سنڌي ٻوليءَ جو
”ڪوھستاني لھجو“
چئبو آھي. اُھو لھجو
(ڪوھستاني) جاکرا، جوکيا،
برفت، پالاري، نومڙيا،
نوحاڻي ۽ ٻيون قومون
ڳالھائينديون آھن، ۽ لاسي
لھجي جي وچ ۾ تمام گھڻي
مشابهت ۽ ھڪجھڙائي محسوس
ٿئي ٿي. اُن جا خاص ٻه
سبب ٿي سگھن ٿا. ھڪ سبب
ھيءُ آھي ته سنڌو- ماٿر
جي قديم تهذيب ۾ رائج
”سئنڌوئي ٻوليءَ“ جي
اُڀرندين شاخ (ڏسو نقشو
نمبر 2). سنڌو- تهذيب
واري علائقي ۾ جيڪو اڳوڻي
راجپوتانا جي رياستن ۾
اراولي ٽڪرين تائين
پکڙيل ھو، ڳالھائي ويندي
ھئي. ميواتي موجوده
ھرياڻا پرانت ۾ اڳوڻي
الور رياست جي زبان الور
شاھي يا ميواتي سڏبي ھئي.
سنڌو- تهذيب جي ايڏي وڏي
پھچ، پکيڙ ۽ ڦھلاءُ سبب
بيڪانير جي ”باگڙي يا
ڊونگري ٻولي، جوڌپور جي
”مارواڙي ٻولي“
، اُڌيپور جي ”ميواڙي يا
ڀيلي ٻوليءَ“
، سئوراشٽر جي ڪاڍياواڙي
ٻولي، سنڌ جي ڍاٽڪي، ڪڇي،
لاسي ۽ ڪوھستاني لھجن ۾
تمام گھڻي ھڪجھڙائي آھي.
ٻيو سبب ھيءُ آھي ته
”گوجر“
دراصل سنڌ جا رھاڪو ”جت“
آھن، جيڪي سنڌ مان
بلوچستان طرف لڏي وڃڻ ۽
اُتي وڃي آباد ٿيڻ کان
پوءِ، ”جدگال“
سڏجڻ ۾ آيا، ۽ سندن
ٻوليءَ کي ”جدگالي ٻولي“
سڏيو ويو. ”جدگال“
جڏھن بلوچستان مان
افغانستان جي ”تيراه
واديءَ“
۾ وڃي ويٺا، تڏھن اُتي
اِنهن قبيلن کي ”گوجر“
سڏيو ويو. اھڙيءَ طرح
سوات- ڪوھستان، دير،
ڪاغان ۽ ھزاره جي وادين
کان سواءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾
به ھنن کي ”گوجر“
سڏيو ويو.
(ث) جتن جي ٻوليءَ کي
سنڌ، ڪڇ (ڀارت) ۽
بلوچستان جي ”سبي“ ۽
”ڍاڍر“
واري علائقي يعني ڪڇي ۽
گنداواه ۾ ”جتڪي“
سڏيو ويندو آھي. اھڙيءَ
طرح ”جتڪي“
، ”جدگالي“
، ”لاسي“
، ”فراڪي“
، جعفرڪي ۽ کيتراني سنڌي
ٻوليءَ جا لھجا آھن.
ھت اھو بيان ڪرڻ ضروري
آھي ته ”جتڪي“
،”جدگالي“
۽ ”لاسي“
ٻولين جو جڏھن گوجري
ٻوليءَ سان تقابلي مطالعو
ٿو ڪجي تڏھن ثابت ٿو ٿئي
ته اھي سڀئي ٻوليون ھڪ ئي
گروھ يعني ھڪ ئي خاندان
واريون ٻوليون آھن. ڊاڪٽر
داد محمد بروھيءَ جو خيال
آھي ته :
”جتڪي ٻولي، جغدالي
محاوري جي ننڍي محاوري جي
حيثيت رکي ٿي، جنهن کي
”جتڪي“
به چئبو آھي.
“
(76) پر منهنجي سمجهه
مطابق ڊاڪٽر داد محمد
بروھيءَ اُبتي ڳالهه ڪئي
آھي. دراصل جغدالي لھجو
جتڪي ٻوليءَ جو محاورو
يعني ننڍو لھجو آھي، ۽ نه
جتڪي جغدالي محاوري جو
ننڍو محاورو آھي. ھن ڏس ۾
محترم غلام رسول ميرجت
لکي ٿو ته :
”سبيءَ جي چئني طرفن کان
”فراڪي“
۽ ”جغدالي“
لھجا ڳالھايا وڃن ٿا.
لسٻيلي ۾ لاسي لھجو موجود
اھي، جڏھن ته فراڪي،
جغدالي ۽ جدگالي لھجا پڻ
سنڌي ٻوليءَ جي لھجن جي
حيثيت رکن ٿا. (77)
ساڳيو مصنف (محترم غلام
رسول ميرجت) ، پنهنجي
ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو
ته:
”سرائڪيءَ کي جتڪي زبان
به چيو ويندو آھي. ھيءَ
زبان اڪثر عام طور بلوچ
قومون ڳالھائينديون آھن.
خيرپور، جيڪب اباد،
نوابشاھ ۽ دادو ضلعن جا
جت پڻ اڪثر سرائيڪي زبان
ڳالھائيندا آھن. جڏھن ته
”جدگالي“
حقيقي معنيٰ ۾ ”جتڪي“
آھي. جدگاليءَ جي معنيٰ
آھي. ”جتن جي ڳالهه“.
تاريخ ۾ بعض ھنڌن تي جتن
کي ”جدگال“
يا ”جدغال“
به ڪوٺيو ويو آھي.
“
(78)
گوجري ٻولي، جيئن اڳ ۾
دعوا ڪئي ويئي آھي ته،
ڪوھستاني گروھ جي ٻولي نه
آھي، ۽ نه ئي وري ڪو ھن
ٻوليءَ جي داردي گروھ
وارين ٻين ٻولين سان
واسطو آھي. ھيءَ ٻولي
دراصل غير- داردي ۽ غير
آريائي ٻولي آھي، پر ھيءَ
ٻولي سنڌو ماٿر جي اصلوڪي
ٻوليءَ يعني ”سئنڌوئي، جي
ڏاکڻي شاخ جي ھڪ ٻولي
آھي، جيڪا سنڌ جي لاڙ ۽
ڪڇ واري حصي ۾ رھندڙ ”جتن“
جي ”جتڪي“
ٻوليءَ جو ھڪ روپ آھي.
گذريل صفحن ۾ اھو چيو ويو
آھي ته جيتوڻيڪ گوجري
ٻولي به، صوبي سرحد جي
ڪوھستاني علائقن ۾
ڳالھائي ويندي آھي، پر
اھا (گوجري) ٻولي، غير-
آريائي ٻولي آھي.
سرگريئرسن جي خيال موجب:
”گوجري ٻولي، لھندا ۽
سنڌي ٻوليءَ سان مشابهت
رکي ٿي.
“
(79) گوجر قبيلا پنهنجي
مادري زبان گوجريءَ کان
سواءِ، ڌار ڌار ھنڌن تي
ڪوھستاني گروھ جون ڌار
ڌار ٻوليون به ڳالھائيندا
آھن ؛ جھڙوڪ : ڪُشتياواري
/ ڪشتاري/ ڪُشتياني ۽
ڪالامي وغيره.
گريئرسن جو رايو آھي ته:
”گوجري، پشمال واديءَ جي
هڪ ٻولي آهي. هيءَ وادي،
سوات نديءَ جي ساڄي طرف،
سوات نديءَ جي ٻن شاخن،
”اِسريت“
(Isret) ۽
ڪارن دکي
(Karan Dukhi)
جي وچ ۾ گهيريل آهي،.
پشمال جي واديءَ ۾ فقط
”گوجر“ رهندا آهن. جيڪي
گوجري ٻولي ڳالهائيندا
آهن. هيءَ (پشمال) وادي،
”گوجرن جي جوءِ“
(Home Land)
۽ ”تَرُ“ آهي. (80)
اهڙيءَ طرح سوات نديءَ جي
اُترئين علائقي جي
”اُتڙور“، ”اُوشو“
”گيرال“ ۽ ”ڪالام“ جي
وادين ۾ رهندڙ گوجر به
گوجري ٻولي مادري زبان
طور ڳالهائيندا آهن. هن
کان اڳ وارن صفحن ۾ اها
دعوا ڪئي ويئي آهي ته
”جتڪي“، ”جدگالي“ ۽
”گوجري“ ٻوليون، ساڳيءَ
ٻوليءَ جا مختلف روپ آهن،
ان ڪري اهي ٻوليون هڪ ٻئي
سان ملن جلن ٿيون ۽ هڪ
ٻئي سان مشابهت رکن ٿيون.
اها هڪ جهڙائي، صرف
هڪجهڙن لفظن يا لغوي
خزاني تائين محدود نه
آهي، پر انهن ٻولين ۾
صوتياتي، صرفي ۽ نحوي
ساخت، يعني وياڪرڻي
هڪجهڙائي جا ڪيترائي مثال
ملن ٿا.
دراصل ”جت، جاٽ، جدگال،
گوجر، مداز ۽ زُط“ هڪ ئي
نسل واريءَ جاتيءَ سان
واسطو رکن ٿا، جنهن تي
ڌار ڌار خطن ۾ آباد هجڻ
جي ڪري، ڌار ڌار نالا
پئجي ويا آهن، پر سندن
ٻولي ساڳي آهي؛ اُن ۾ ڪو
به فرق ڪونهي. اهو ئي سبب
آهي جو تقابلي اڀياس ۽
مثالن جي مدد سان، اهو
واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي آهي ته ”گوجري ٻولي“
دراصل ”جتڪي“، سنڌي
ڪوهستاني (جاکرن، جوکين،
پالارين، نومڙين ۽ برفتن
وغيره ڪوهستان ۾ رهندڙ
جاتين جي ٻولي) ۽
”جدگالي“ ٻولين جو هڪ الڳ
روپ يا نمونو آهي. گوجري
ڪو الڳ لهجو يا زبان
ڪانهي، پر اها ”گوجري“
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ”نسلي
يا جاتي“
(Ethnic)
لهجي جو هڪ روپ يا نمونو
آهي. نسلي لهجن جي لحاظ
کان، سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا
به ڪيترائي نمونا يا قسم
آهن؛ جهڙوڪ:
مهاڻن جي ٻولي، ريٻاڙڪي
ٻولي، ماڇڪي ٻولي، شڪارين
جي ٻولي، وغيره. انهن ۽
اهڙن ٻين نسلي لهجن ۾
قديم، سنڌي ٻوليءَ جي
خاڪي جا اُهڃاڻ اڃا تائين
موجود آهن:
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جو رايو آهي ته:
”جتن جي ٻوليءَ ۾ قديم سنڌيءَ جي خاڪي جا وڌيڪ اُهڃاڻ موجود آهن“. (81)
بلوچ صاحب پنهنجي ساڳئي
ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ لکي
ٿو ته:
”جتن جي ٻولي هڪ قديم
مقامي سنڌي ٻوليءَ جو
يادگار آهي، جيڪا ڪن جت-
بلوچ قبيلن صديون اڳ، سنڌ
جي ڪنهن ڀاڱي ۾، مستقل
طور تي آباد ٿي اختيار
ڪئي. سندن اها ٻولي ”قديم
سنڌي ٻوليءَ“ جو هڪ خاص
محاور
(Dialect)
هئي.“ (82)
پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي
ٽئين ڇاپي ۾، سندس راءِ ۾
ٿوري ڦيڙڦار ڪئي آهي ۽
لکي ٿو ته:
”سٽاءُ جي لحاظ
سان، جتن جي ٻولي
۽
موجوده سنڌيءَ ۾ ڪو فرق
ڪونهي، مگر جتن جي ٻوليءَ
۾ ڪي خصوصيتون باقي آهن،
جيڪي غالبا قديم سنڌي
ٻوليءَ جي اشارن ۽
اُهڃاڻن جون يادگار
آهن.“(83)
(وڌيڪ پڙهو)