سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :18

ڌ

        هيڪل/نر                      هيڪل/نار

١- ضمير متڪلم: مان هُيس (مثال: ”مان سچار هُيس“)     ٢- مان هيسَ.

٣- ضمير حاضر: تون هُئين (مثال: ”تون سچار هئين“)       ٤-تون هُئِيئن (هئينءَ؟)

٥- ضمير غائب: هي هيو/ هو (مثال: هي سچار هيو.)                ٦- هيءَ هئي.

گهڻ/نر                                گهڻ/نار

ضمير متڪلم: ٧- اسين هئاسي/هياسي (مثال:”اسين سچار هئاسي/هياسون“)٨- اسين هيونسي

ضمير حاضر: ٩- توهان هُيَئو (مثال: ”توهان سچار هُيَئو“)    ١٠- توهين هيَئو

ضمير غائب: ١١- هي هيا/هئا(مثال: ”هي سچار هُيا“)       ١٢- هي هُيون

مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار  ۽ هيڪل توڙي گهڻ (٥، ٦، ١١، ١٢) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻن ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اها ئي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل فعلي صيغي ۾ ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ ”-اُس“ ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اَس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”-اَس“ ڪم اينديون آهن ۽ ان لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود ناهي، باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي ئي نشاندهي ڪن ٿيون.

زمان ماضي ۾ ”هئڻ“ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:

١- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيو (هئو).

٢- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)- هئي (هُيَي).

٣- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيا (هئا).

٤- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيون.

ان ڪري، زمان ماضيءَ ۾ ”هئڻ“ جي فعل جي ڦيرو هن طرح هئڻ گهرجي:

ڏ

مان هيو (مان سچار هيو)              مان هئي (مان سچار هئي)

تون هيو (تون سچار هيو)              تون هئي (تون سچار هئي)

هي هيو(هي سچار هيو)               هيءَ هئي (هيءَ سچار هئي)

اسان هيا(اسان سچار هيا)             اسان هيون (اسان سچار هيون)

توهان هيا (توهان سچار هيا)          توهان هيون (توهان سچار هيون)

هي هيا (هي سچار هيا)               هي هيون (هي سچار هيون)

ضميري پڇاڙيءَ جي هجڻ ڪري،    اهو ڦيرو هينئن ٿيندو:

ڊ

١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ملائجي ٿي:

---- سچار هُيم (مان سچار هيو).

فعلي صيغي (هيو) جو آخري آواز ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ”-اُم“ آڻجي ٿي. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول /هيڪل نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ---- لکيم، پڙهيم، ڏٺم، بِيٺم.

٢- ضمير متڪلم، هيڪل نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَم“ ملائجي ٿي:

---- سچار هُيَم (مان سچار هئي).

فعلي صيغي (هُئي) جو آخري آواز ”-اي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ”-اَم“ آڻجي ٿي. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول هيڪل نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ---- لکيي (لکي)، پڙهيي (پڙهي، ڏٺيي(ڏٺي) جي بدران لکيم، پڙهيم،ڏٺم.

٣- ضمير متڪلم، گهڻ، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَسي“ (۽ ان جو مٽ آواز ”-اسون“، ”-اسين“) ملائجي ٿي:

-سچار هياسي/هياسون/هياسين(اسين سچار هئا.)

فعلي صيغي (هُيا) جي آخري آواز سان ”-اسي“ (يا ان جو مٽ آواز ”-اسون“ يا ”-اسين“) ملائجي ٿو. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو- لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين: پڙهيوسي/ پڙهيوسون/پڙهيوسين: ڏٺوسي/ڏٺوسون/ڏٺوسين.

٤- ضمير متڪلم، گهڻ، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اسي“ (۽ ان جو مٽ آواز ”-اسون“ يا ”-اسين“) ملائجي ٿي:

سچار هيونسي/هيونسين(اسين سچار آهيون)

فعلي صيغي (هيون) جي پٺيان ”-اسي“ (يا ان جو مٽ آواز ”-اسين“ يا ”-اسون“) ملائجي ٿو. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ، نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو---- لکيونسي/لکيونسين، پڙهيونسي/ ڏٺوسي/ڏٺيونسين.

٥- ضمير حاضر، هيڪل، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اِين“ ملائجي ٿي:

-سچار هئين (تون سچار هيو.)

فعلي صيغي (هيو) جو آخري آواز ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ ملائجي ٿو.

٦- ضمير حاضر، هيڪل، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اين“ ملائجي ٿي:

----- سچار هئيئن (تون سچار هئي.)

فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ”-اِي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ ملائجي ٿو.

٧- ضمير حاضر، گهڻ، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَو“ ملائجي ٿي:

- سچار هُيَئو (توهين سچار هيا)

فعلي صيغي (هيا) جو آخري آواز ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-او“ ڳنڍجي ٿو.

٨- ضمير حاضر گهڻ، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَيون“ ملائجي ٿي:

---- سچار هيون (توهين سچار هيون).

فعلي صيغي (هيون) جو آخري آواز ”-ايون“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اِيون“ آڻڻ جي ڪري، فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي رهي ٿي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ”-ايون“ فعلي صيغي جي آخري آواز ”-ايون“ ۾ جذب ٿيل آهي.

٩- ضمير غائب، هيڪل، نر، جي حالت ۾ فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون:

---- سچار هيو (هو سچار هيو.)

١. زمان ماضيءَ ۾ هن صورت لاءِ ڪابه ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي گڻن کان پري آهي.

٢. ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ۾ ساڳي ئي بيهي ٿي(جيئن  ضمير حاضر، گهڻ نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو.) مون کي اها ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي پر هن کي ڪو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال  ۾ ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان جاچي ورتو آهي ته ”هي/هو/هيءَ/هوءَ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ”-اي“ آهي. ڀاسي ائين ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جزب ٿي، گم ٿي ويئي آهي.

٣. ضميري پڇاڙي ”-اُس“ آهي پر اها ضميري پڇاڙي اچڻ کانپوءِ فعل جي صورت حقيقت ۾ ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي- ”آيس“ معنيٰ ”هو هُن وٽ آيو“. ”ويٺس“ معنيٰ ”هو هن وٽ ويٺو“ .البت، ”هَيس“ ٻه معنائون ظاهر ڪري ٿو: پهرين ”هن وٽ هو“، ۽ ٻي ”هو هن وٽ هيو“. (پهرينءَ معنيٰ لاءِ چئبو ته ”هوس“ بگڙجي ”هيس“ ٿيو آهي، ۽ ٻيءَ معنيٰ لاءِ چئبو ته ”هيوس“ بدلجي ”هيسُ“ ٿيو آهي) تنهن ڪري، ضمير غائب هيڪل نر لاءِ درست ڳالهه اها ئي بيهي ٿي، جيڪا ”٢“ هيٺ ڪيل آهي، ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ”-اُس“ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته اها ”هن“ ۽ ”هن وٽ“، ”هن کي“، ”هن جو“، ”هن تي “ وغيره مطلب ظاهر ڪري ٿي.

١٠- ضمير غائب،هيڪل، نار جي حالت ۾-سچار هئي (هيءَ سچار هئي)-فاعل هيءَ/هوءَ/ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”٩-“ هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-اُس“ بدران ”-اَس“ هوندي.

١١- ضمير غائب، گهڻ، نر، جي حالت ۾، فاعل هي/هو/اهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”٩-“ هيٺ ڪيل آهن.

*سچار هيا (هي/اهي سچار هيا). فعل جو صيغو اهو  آهي، جيڪو گهڻ، نر لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ ٻيو فرق اهو هوندو ته هيڪل، نر جي سلسلي ۾ ڄاڻايل ضميري پڇاڙي ”-ُاس“ بدران هتي ضميري پڇاڙي ”-اَن“ ڪم ايندي.

١٢- ضمير غائب، گهڻ،نار جي حالت ۾. فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران هتي ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”١١-“ هيٺ ڪيل آهن. *سچار هيون(اهي سچار هيون)

هن ضميري پڇاڙيون رکندڙ ڦيري مان ملندڙ سبقن کي واضح ڪرڻ کان اڳ، سٺو لکي ٿو ته ”ڪرڻ“ واري فعل جي حوالي سان به ضميري پڇاڙين جو ذڪر ڪري وٺجي.

ڍ                  

ضميري پڇاڙي-١: متڪلم هيڪل نر يا نار، فاعل ”مون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ۽ ”-اَم“ ڪم اچي ٿي.

١- مفعل هيڪل، نر آهي ته           *چٺو لکيُم (مون چٺو لکيو).

                                * ڇوڪرو ڏٺم (مون ڇوڪرو ڏٺو).

-هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُم“ ملائجي ٿو---- لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم.

٢- مفعول گهڻ، نر، آهي ته           * چٺا لکيَم، (مون چٺا لکيا).

                                * ڇوڪرا ڏٺم. (مون ڇوڪرا ڏٺا).

-هيڪل نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَم“ ملائجي ٿو ---  لکيَم، پڙهيم، ڏٺَم. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جمع جي صيغي (لکيا، ڏٺا) جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَم“ ملائجي ٿو.

٣- مفعول هيڪل يا گهڻ نار آهي ته * چٺي لکيَم، (مون چٺي لکي).

                                * چٺيون لکيم(مون چٺيون لکيون).

                                * ڇوڪري ڏٺم (مون ڇوڪري ڏٺي).

                                * ڇوڪريون ڏٺم (مون ڇوڪريون ڏٺيون).

(ڏسو ضمري پڇاڙي ١-”٢“)

ضميري پڇاڙي- ٢: ضمير حاضر هيڪل، نر يا نار، ---- فاعل ”تون/تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اَءِ“ ۽ ”اَءِ“ ڪم اچي ٿي:

١- مفعل هيڪل نر آهي ته           * چٺو لکيَئه (تو چٺو لکيو)

                                * ڇوڪرو ڏٺئه (تو ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُءِ“ ملائجي ٿو- لکيئه، پڙهيُئه، ڏٺُئهِ.

٢- مفعول گهڻ، نر، آهي ته           *چٺا لکيئه (تو چٺا لکيا).

                                * ڇوڪرا ڏٺَئهِ (تو ڇوڪرا ڏٺا).

-هيڪل، نر،  لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري – ”او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَءِ“ ملائجي ٿو- لکيئه، پڙهيَئه، ڏٺئهِ. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جمع صيغي (لکيا،ڏٺا) جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”اَءِ“ ملائجي ٿو.

٣-مفعل هيڪل يا گهڻ، نار، آهي ته         * چٺي لکيَئه (تو چٺي لکي).

                                * ڇوڪريون ڏٺئهِ (تو ڇوڪريون ڏٺيون).

(ڏسو ضميري پڇاڙي ٢- ”٢-“)

ضميري پڇاڙي -٣: ضمير غائب، هيڪل، نر يا نار-فاعل ”هِن/هُن“ جي بدران (ڪا اهڙي ضميري پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جنهنکي کوجي نه سگهيو آهيان يا وري) ”-اُس“ ۽ ”-اَس“ ڪم اچي ٿي (هي نُڪتو ٻولڄاڻڪ ۽ ٻوليڄاڻڪ طئه ڪندا).

ضميري پڇاڙي -٤: ضمير متڪلم، گهڻ، نر يا نار --- فاعل ”اسان/ اسين“ جي بدران ”-اَسي“ (يا ان جو مَٽ ”-اَسو“ يا پاڻ ”-اسين“) ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم اچي ٿي:

١- مفعول هيڪل، نار، آهي ته                *چٺو لکيوسي (اسان خط لکيو)

                        *ڇوڪرو ڏٺوسي(اسان ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جي پٺيان ”-اسي“ يا اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي- لکيوسي /لکيوسون/ لکيوسين.

٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته                * چٺي لکيسي (اسان چٺي لکي).

                        * ڇوڪري ڏٺيسي (اسان ڇوڪري ڏٺي).

-هيڪل، نار، لاءِ فعلي صيغي (لکي، ڏٺي) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسِين“ ملائجي ٿي- لکيسي/لکيسون/لکيسين.

٣- مفعول گهڻ، نر، آهي ته           * چٺا لکياسي (اسان چٺا لکيا).

                                ڇوڪرا ڏٺاسي (اسان ڇوڪرا ڏٺا).

- گهڻ، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيا، ڏٺا) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي-لکياسي/لکياسون/لکياسين.

٤- مفعول گهڻ، نار، آهي ته          * چٺيون لکيونسي (اسان چٺيون لکيون).

                        *ڇوڪريون ڏٺيونسي (اسان ڇوڪريون ڏٺيون).

- گهڻ، نار، لاءِ فعلي صيغي (لکيون، ڏٺيون) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي—لکيونسي/لکيونسين.

ضميري پڇاڙي -٥: ضمير حاضر، گهڻ، نر يا نار--- فاعل ”توهان/ توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي –”اُو“ ۽ - ”اَوَ“ ڪم اچي ٿي:

١- مفعل هيڪل، نر، آهي ته          * چٺو لکيُوَ (توهان چٺو لکيو)

                                * ڇوڪرو ڏٺوَ (توهان ڇوڪرو ڏٺو)

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُو“ ڳنڍجي ٿو—لکيوَ، پڙهيُوَ، ڏٺُوَ.

٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته                * چٺي لکيَوَ (توهان چٺي لکي)

                        * ڇوڪري ڏٺُوَ (توهان ڇوڪري ڏٺي)

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُو“ ڳنڍجي ٿو- لکيَوَ، پڙهيَوَ، ڏٺَوَ.

٣- مفعول گهڻ، نر، يا نار آهي ته     * چٺا لکيَوَ (توهان چٺا لکيا)

                        * ڇوڪريون ڏٺوَ (توهان ڇوڪريون ڏٺيون)

(ڏسو ضميري پڇاڙي -٥”٢“)-

ضميري پڇاڙي- ٦: ضمير غائب، گهڻ، نر يا نار-فاعل ”هِنن/هُنن“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُن“ ۽ ”-اَن“ اچي ٿي:

١- مفعول هيڪل، نر، آهي ته         * چٺو لکينِ (هنن چٺو لکيو).

                        *ڇوڪرو ڏٺُنِ (هنن ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُن“ ڳنڍجي ٿو--- لکينُ، پڙهيُنِ، ڏٺُنِ.

٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته                * چٺي لکيَنِ (هنن چٺي لکي).

                        *ڇوڪري ڏٺن (هنن ڇوڪري ڏٺي).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَن“ ڳنڍجي ٿو--- لکيَنِ، پڙهيَنِ.

٣- مفعول گهڻ، نر، آهي يا نار ته             *چٺيون لکين (هنن چٺيون لکيون).

                                *ڇوڪرا ڏَٺنِ (هنن ڇوڪرا ڏٺا).

(ڏسو ضميري پڇاڙي -٦”٢“)-

زمان ماضيءَ جو ذڪر ڪندي لڳ ڀڳ ابتدا ۾ ئي بيان ڪيو هوم ته هي زمان، فعلي ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان، هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو. اها ڳالهه ورجائڻ جي گهرج ان ڪري پيئي جو هيٺ ٻه-چار اهڙا مثال ڏجن ٿا، جيئن ان ڳالهه کي ڪجهه بهتر نموني ذهن ۾ آڻي سگهجي. اسان –ڏٺو ته

١- لکيُئهِ، ڏٺئهِ ۽ پڙهيُئهِ معنيٰ واريسر، ”تو لکيو“،”تو ڏٺو“، ”تو پڙهيو“. پر :

*چِڙيئهِ (هو) ”تو تي چڙيو“،

* کِليئه (هو)”تو تي کِليو“،

*ڀُليئه(هو) ”تو تي ڀُليو“، وغيره، معنيٰ بدلائي ڇڏين ٿا.

-اها ساڳي صورتحال چِڙيئه، کِليئه، ڀُليَئهِ، وغيره، ۽ فاعل جي گهڻ، صورتن، چڙيُو، کِليو، ڀُليو وغيره ۽ چڙيوَ، کليَوَ، ڀُليَوَ وغيره سان به آهي.

٢- ساڳيءَ طرح        * هيُن (هنن وٽ هو ) ۽ هيُن (هنن وٽ هئي)،

                * ٿين (هنن کي ٿيو)  ٿيَن (هنن کي/سان ٿي)،

                * لٿُن (هنن تان لٿو) ۽ لٿن (هنن تان لٿي) جي سلسلي ۾ به ڪجهه نيون ڳالهيون سامُهِن اچن ٿيون.

زمان ماضي  جي سلسلي ۾ ٻي ڳالهه به ڌيان لهڻي ٿي ته فعل جو سڌو واسطو مفعول سان آهي. پر ڪجهه ضميري پڇاڙيون اهڙيون آهن، جيڪي جڏهن فعلي صيغي سان ڳنڍجن ٿيون، تڏهن فعل جو سڌو واسطو مفعول کان ٽٽي فاعل سان ٿيو وڃي - ۽ اها حالت رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ملي ٿي، ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جي سلسلي ۾ نه. جڏهن ته زمان حال ۽ زمان ماضيءَ ۾، رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ئي سهي، فعل جي اهڙي ڪابه صورت نٿي ملي، جنهن جو سڌو واسطو فاعل بدران مفعول سان هجي. (الائجي ڇو؟)

ذ

١- ضمير غائب، هيڪل (نر يا نار) آهي ته

(١- مفعول هيڪل، نر)                * چٺو لکيائين(هن چٺو لکيو)

(٢- مفعول گهڻ، نر)          * چٺا لکيائين (هن چٺا لکيا)

(٣- مفعول هيڪل، نار)               * چٺي لکيائين) هن چٺي لکي)

(٤-مفعول گهڻ، نار)          *چٺيون لکيائين (هن چٺيون لکيون)

-هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”آئين“ آهي، جيڪا مٿي ڏنل

–پهرئين جملي ۾ فعل ”لکيو“ جو آخري –”او“ ڪيرائي، ڳنڍي وئي آهي،

- ٻئي جملي ۾ فعل ”لکيا“ جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ڳنڍي وئي آهي،

- ٽئين جملي ۾ فعل ”لکي“ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽

-چوٿين جملي ۾ فعل ”لکيون“ جو آخري ”-اُون“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

٢- ضمير غائب، گهڻ (نر يا نار) آهي ته

(١- مفعول هيڪل، نر)                *چٺو لکيائون (هنن چٺو لکيو)

(٢-مفعول گهڻ، نر)                   * چٺا لکيائون (هنن چٺا لکيا)

(٣-مفعول هيڪل، نار)                * چٺي لکيائون (هنن چٺي لکي)

(٤-مفعول گهڻ، نار)                  *چٺيون لکيائون (هنن چٺيون لکيون).

-هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”-اَئون“ آهي، جيڪا مٿي ڏنل

-پهرين جملي ۾ فعل ”لکيو“ جو آخر ”-او“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

- ٻئي جملي ۾ فعل ”لکيا“ جو آخري ”-آ“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

- ٽئين جملي ۾ فعل ”لکي“ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽

- چوٿين جملي ۾ فعل ”لکيون“ جو آخري ”-اُون“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٺا سبق ڏئي ٿي ته:

١- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جا صيغا هڪجهڙا هجڻ جي باوجود مختلف معنيٰ، مفهوم ۽ وياڪرڻي بيهڪ رکن ٿا.

٢- زمان ماضيءَ ۾ فعل جو سڌو واسطو مفعول سان ڳنڍيل رهي ٿو.

٣- ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، زمان ماضيءَ ۾ هڪ اهڙي فعلي بناوت ملي ٿي، جيڪا رڳو ضمير غائب جي نشاندهي ڪندي فاعل سان لاڳاپيل آهي، مفعول سان نه.

٤-هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻول ۾ ”مان لکيس“-، ”مان پڙهيس“، ”مان آيس“، ”مان ويس“، ”مان ويٺس“، مان بيٺس“ جهيڙا جملا ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهي. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري پڇاڙي – ”اس“ جو مطلب ۽ مفهوم ”مان/آءٌ“ هجي به، ته به ”مان آيُس“ جي معنيٰ ٿيندي ”مان مان آيو“ جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نٿو سگهجي، جڏهن ته، حقيقت ۾، ”مان آيس“ جو صحيح مفهوم ”مان هو هن وٽ آيو“ آهي، ۽ اهو ڪو جملو ئي ناهي. ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه جي تصديق ڪندا.

٥- ”اسين آياسي“ جي حقيقي معنيٰ ”اسين اسين آيا“ آهي. صحيح جملو ”آياسي“ يا ”اسين آيا“ آهي.

٦- ”تون آئين“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون آيو“ آهي. صحيح جملو ”آئين“ يا ”تون آيو“ آهي.

٧- تون آئيئن (هي جملو لکڻ ۾ گهٽ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اچي ٿو) جي حقيقي معنيٰ ”تون تون آئي“ آهي. صحيح جملو ”آئيئن“ يا ”تون آئي“ آهي.

٨- ”توهان آيوَ“ جي حقيقي معنيٰ ”توهان توهان آيا“ آهي. صحيح جملو ”آيوَ“ يا ”توهان آيا“ آهي.

٩- هن لکيو ۽ اهڙن ٻين ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين بابت اميد ته ڪونه ڪو، خاص طرح سنڌيءَجو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسندو ڪندو.

هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا:

ر

هيڪل/نر                              هيڪل/نار

*لکيو مانءِ=لک+ يو+مان+ءِ        =      مون تو ڏانهن لکيو= لکيو مانءِ

* لکيومانوَ= لک+يو+مان+و =      مون توهان ڏانهن لکيو=لکيومانوَ

* لکيومانسِ= لک+يو+مان+اس     =مون هن ڏانهن لکيو=لکيومانس

* لکيومانِ= لک+يو+مان+ ان(لکيوماننِ)= مون هنن ڏانهن لکيو=لکيومانِ

* لکيُئه= لک+يو+اُ+ءِ (لک + يو + او +اُءِ+)= تو مون ڏانهن لکيو= لکيُئه

* ؟                            = (تو اسان ڏانهن لکيو)= ؟

* لکيُس= لک+يو+اُ+اس(لک +يو+او+اُءِ+ اس)= تو هن ڏانهن لکيو= لکيُس

* لکينِ= لک+يو+اُ+ان(لک+يو+او+ اُء+ ان) = هن هنن ڏانهن لکيو لکيُن

* لکيوم= لک+يو+ او+ام          = هن مون ڏانهن لکيو=لکيوم

* ؟                            = هن اسان ڏانهن لکيو= ؟

* لکيوس= لک+ يو+ او+  اس      = هن هن ڏانهن لکيو= لکيوس

*لکيونِ=+لک+ يو+ او+ ان  = هن هنن ڏانهن لکيو        = لکيونِ

        گهڻ/نر                        گهڻ/نار

* لکيوسونئه=لک+يو+اسون+اءِ      = اسان تو ڏانهن لکيو= لکيوسونئهِ

* لکيوسيوَ= لک+ يو+ اسي+ او =اسان توهان ڏانهن لکيو=لکيوسيوَ

* لکيوسونس= لک+ يو+ اسون+ اس       = اسان هن ڏانهن لکيو= لکيو سونس

* لکيوسُونِ= لک+ يو+ اسون+ اس (لکيوسوننِ= اسان هنن ڏانهن لکيو=                لکيوسونِ

* لکيَومِ= لک+ يو+ اوَ+ ام                =توهان مون ڏانهن لکيو= لکيوم

* ؟ =                         = توهان اسان ڏانهن لکيو= ؟

* لکيُوَس= لک+ يو+ اوَ+ اس       =      توهان هن ڏانهن لکيو      =لکيُوَس

* لکيُوَنَ= لک+ يو+ اوَ+ ان          = توهان هنن ڏانهن لکيو   = لکيُوَنِ

*لکيوم(؟)=                  = هنن مون ڏانهن لکيو      = لکيوم

* ؟ =                         = هنن اسان ڏانهن لکيو     = ؟

* لکيوسِ =                  = هنن هن ڏانهن لکيو        = لکيوس

* لکيونِ =                    = هنن هنن ڏانهن لکيو      = لکيونِ

مٿي ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙين واري ڦيري ۾ ضمير غائب (هيڪل توڙي گهڻ ۽ نر توڙي نار) جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏکيائون اڏو اچن ٿيون. شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان ماضيءَ ۾ ۽ ضمير غائب جي حوالي سان اسان کي اهو ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي ڦيرو ملي ٿو، جنهن جو ذڪر (ذ) سري هيٺ ڪيو ويو هو. اهو ڦيرو، ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جي صورت رکندي، هن طرح ملي ٿو؛

ڙ

* لکيائينمِ= لک+ يو ائين+ ام     = هن مون ڏانهن لکيو.= لکيائينم

* ؟                            = (هن اسان ڏانهن لکيو)      = ؟

*  ؟ لکيائينءِ)                       = هن تو ڏانهن لکيو = ؟ (لکيائينءِ)

* لکيائينوَ (؟ )                       = هن توهان ڏانهن لکيو= لکيائينوَ

* لکيائينسِ                  = هن هن ڏانهن لکيو= لکيائينسِ

* لکيائينِ (لکيائيننِ)                = هن هنن ڏانهن لکيو= لکيائينِ

* لکيائونمِ=                  = هنن مون ڏانهن لکيو= لکيائونم

* ؟                            = (هنن اسان ڏانهن لکيو)     = ؟

* لکيائونئه =                         = هنن تو ڏانهن لکيو= لکيائونئه

* لکيائونوَ=                   = هنن توهان ڏانهن لکيو= لکيائونوَ

* لکيائونسِ =                        = هنن هن ڏانهن لکيو= لکيائونس

* لکيائونِ (لکيائوننِ) =              = هنن هنن ڏانهن لکيو= کيائونِ

ٻٽي ضميري پڇاڙي مٿي ڏنل (ڏسو ر ۽ ز) لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

١-  لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سنڌيءَ جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.

٢- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ  ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن.

٣- چٽو ٿي اچي ٿو ته ”-ام“ ضميري پڇاڙي ”مان/ آءُ“ جي بدران، ”سي-اسي/اسين/-اسون“ ضميري پڇاڙي ”اسين/اسان“جي بدران، ”-اس“ ضميري پڇاڙي ”هِن/هُن“ جي بدران ۽ ”-ان“ ضميري پڇاڙي ”اِنهن/اُنهن/ هِنن/هُنن“ جي بدران ڪم اچي ٿي.

هن مهل تائين اسان ٻن زمانن جي هڪ هڪ روپ ۾ ”ڪرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي حوالي سان مختصر جائزو ورتو آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون بحث طلب آهن، پر هتي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان ئي ڳالهه ٻول جاري رکبي.

زمان مستقبل

١. فعل لازميءَ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهيو وڃي ٿو:

ز            

هيڪل/نر                      هيڪل/نار

١- ضمير متڪلم             * مان/آءٌ لکندس             *مان/آءٌ لکنديس

٢- ضمير حاضر               * تون لکندين        * تون لکندينءَ

٣- ضمير غائب                *هي/هو/اِهو/اُهو/لکندو *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکندي.

گهڻ/نر                                        گهڻ/نار

٤-ضمير متڪلم            *اسان/اسين/لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين*اسان/اسين/لکنديوسين/......

٥- ضمير حاضر        *توهان/توهين لکندوءُ        * توهان/توهين لکنديونُ.

٦- ضمير غائب        *هي/هو/اهي/اُهي لکندا     *هي/هو/اهي/اُهي لکنديون.

٢. مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾ ”لکندس“، ”لکنديس“ ”لکندين“، لکندينءَ“، ”لکنداسي“، ”لکنديونسي“ ۽ ”لکندوء“ فعلي صورتون پاڻ سان ضميري پڇاڙي ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ- وڌ ٿي پئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي. ان جي ڇنڊڇاڻ اسين ڪجهه دير پوءِ ڪنداسين. پر ڀاڳ ڀلا آهن ”هي لکندو“، ”هيءَ لکندي“، ”هي لکندا“ ۽ ”هي لکنديون“ جا، جو اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا.حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ”توهين لکنديون“ جو ، اها ڀل چڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ئي ضميري پڇاڙيءَ واري صورت.

٣. قاعدي موجب زمان مستقبل ۾ فعل جي صورت هن طرح آهي/هئڻ گهرجي:

س

*حقيقت اها آهي ته ضميرغائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو.

١- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب    لکندو، پڙهندو، گهمندو، سمهندو.......

هيڪل/نر                              ڏسندو، ويهندو، بيهندو.......

٢- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب          لکندي،           پڙهندي، گهمندي، سمهندي.......

هيڪل/نار                     ڏسندي، ويهندي، بيهندي.......

٣- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب    لکندا، پڙهندا، گهمندا، سمهندا.....

گهڻ/نر                                ڏسندا، ويهندا، بيهندا............

٤- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب لکنديون،         پڙهنديون، گهمنديون، سمهنديون............

گهڻ/نار                               ڏسنديون،ويهنديون، بيهنديون...........

٤. ”مستقبل“ لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ ”آئندو“ آهي، جنهن کي ”آئيندو“ به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد ”آءِ (آهه) +اِند/اِندو/ايندو“ جو  ميلاپ آهي. ”آهه“ ”هجڻ“ موجود هجڻ ۽ (زمان) حال جي نشاندهي ڪري ٿي، ۽ ”-اِند“ يا ”اِندو“ ”ايندڙ“ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت جو اکري نشان ”-اِند“ يا ”-اِندو“ آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي، فعل جي آئندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو: ان جي پرک هيٺينءَ طرح ڪري سگهجي ٿي:

(ڏسو ٥)

٥. فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول سان نه ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي (ڦيرو کائي) ٿو: (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو وجهي)

١- فاعل  هيڪل ۽ نر آهي ته

ضمير متڪلم * مان خطُ/چٺي لکندو       *مان خطَ / چٺيون لکندو.

ضمير حاضر   * تون خطُ / چٺي لکندو     * تون خطَ / چٺيون لکندو.

ضمير غائب   * هي/هو خطُ / چٺي لکندو * هي/ هو خطَ / چٺيون لکندو.

+ فاعل هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندو“ ڳنڍجي ٿو- لکندو، پڙهندو، ڏسندو.

٢- فاعل گهڻ ۽ نر آهي ته

ضمير متڪلم * اسان خطُ / چٺي لکندا    * اسان خطَ / چٺيون لکندا.

ضمير حاضر   * توهان خطُ / چٺي لکندا   *توهان خطَ / چٺيون لکندا.

ضمير غائب   * هي/ هو خطُ / چٺي لکندا *هي/ هو خطَ / چٺيون لکندا.

+ فاعل گهڻ، نر، آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندا“ ڳنڍجي ٿو- لکندا، پڙهندا، ڏسندا.

٣- فاعل هيڪل ۽ نار آهي ته

ضمير متڪلم * مان خطُ / چٺي لکندي    * مان خطَ /  چٺيون لکندي.

ضمير حاضر   * تون خطُ / چٺي لکندي    *تون خطَ / چٺيون لکندي.

ضمير غائب   * هيءَ/هوءَ خطُ / چٺي لکندي* هيءَ/ هوءَ خط / چٺيون لکندي.

+ فاعل هيڪل، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندي“ ڳنڍجي ٿو- لکندي، پڙهندي، ڏسندي.

٤- فاعل گهڻ ۽ نار آهي ته

ضمير متڪلم *اسان خطُ / چٺي لکنديون  *اسان خطَ / چٺيون لکنديون.

ضمير حاضر   * توهان خطُ / چٺي لکنديون* توهان خطَ / چٺيون لکنديون

ضمير غائب   * هي/ هو خطُ / چٺيون لکنديون* هي/ هو خطَ / چٺيون لکنديون.

+ فاعل گهڻ، نار، آهي ته فعل (لکڻ) جي امر(لک) سان ”-انديون“ ڳنڍجي ٿو. – لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.

ڇا، مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻول  ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديليءَ ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ”لکندس“، ”لکنديَس“، وغيره، ڪٿان آڻي ٽُنبيو ۽ ٻوليءَ ۽ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي؟

هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ، يا ”هجڻ“ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ”مستقبل“ ئي آهي.

١. هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/ سيکاريو وڃي ٿو:

ش

هيڪل /نر                     هيڪل/نار

ضمير متڪلم ١- * مان (سچار) هوندُس.    ٢-*مان(سچار) هوندَس( هونديَس)

ضمير حاضر   ٣- * تون (سچار) هوندين    ٤- * تون (سچار) هونديءَ.

ضمير غائب   ٥- * هي/هو (سچار) هوندو  ٦- * هيءَ/ هوءَ (سچار) هوندي.

گهڻ/نر                                گهڻ/نار

ضمير متڪلم  ٧- * اسان (سچار) هونداسي.٨-   * اسان (سچار) هونديونسي.

ضمير حاضر     ٩- * توهان (سچار) هوندوء        ١٠- * توهان (سچار) هونديون.

ضمير غائب      ١١- * هي/هو (سچار) هوندا١٢-   * هي/ هو (سچار هونديون.

مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي جمع (٥، ٦، ١١ ۽ ١٢) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. اهي ۽ ضمير حاضر، گهڻ، نار (10) سان گڏ ڏنل فعل جي صورت ان ڪري حقيقي ۽ صحيح آهي جو ان ۾ ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اها ئي بيهندي. باقي سمورن ضميرن سان فعل جي جيڪا صورت ڳنڍي  وئي آهي. ان سان ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي به ڳنڍيل آهن، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ ”-اَس“ (ايسَ) ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو ٿو وڃي ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اَس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”-اَس“ (-اِيَس) ڪم اينديون آهن، ۽ ان جي لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود ناهي. باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي پاڻ جنهن فاعل جي نشاندهي ڪن ٿيون، اهو ضمير حاضر آهي.

زمان مستقبل ۾ ”هئڻ“ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:

١- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)            * هوندو.

٢- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)           * هوندي.

٣- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)                      * هوندا.

٤- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)             * هونديون.

ان ڪري، زمان مستقبل ۾ ”هئڻ، جي فعل جو ڦيرو هينئن هئڻ گهرجي:

*مان هوندو   *مان هوندي  *اسان هوندا   *اسان هونديون.

*تون هوندو   * تون هوندي * توهان هوندا * توهان هونديون.

* هي هوندو  * هيءَ هوندي        * اهي هوندا  *اهي هونديون.

”ضميري پڇاڙي“ ڳنڍجڻ کانپوءِ اهو ڦيرو هينئن ٿيندو:

*هوندُم               *هوندَم               * هونداسي   *هونديونسي

* هوندين             *هوندينءَ     * هوندوء                      *هونديون (؟)*

* هوندو               * (؟)          * هوندي (؟)  * هوندا ؟ * هونديون (؟)

۽

”ڪَرڻ“ واري فعل جو ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:

*مان لکندو   *مان لکندي  * اسان لکندا  *اسان لکنديون

* تون لکندو  * تون لکندي * توهان لکندا * توهان لکنديون

* هي لکندو  * هيءَ لکندي        * اهي لکندا  * اهي لکنديون

ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ هي ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:

* لکندُم (مان لکندو).       * لکندمَ (مان لکندي)).

* لکنداسي (اسان لکندا)     * لکنديونسي (اسان لکنديون).

* لکندين(تون لکندو)         * لکندينءَ (تون لکندي).

* لکندؤ( توهان لکندا)       * لکنديون ( توهان لکنديون) (؟)

*لکندو (هو لکندو)(؟)        * لکنديون(اهي لکنديون(؟)

* لکندا ( اهي لکندا)

(* نوٽ: جن لفظن جي پويان ننڍي ڏنگيءَ ۾ سوال جي نشاني ڏنل آهي، اهي ڌيان لهڻن ٿيون.منهنجو خيال اهو آهي ته انهن لفظن ۾ ضميري پڇاڙي اهڙيءَ طرح شامل ٿي سمائجي ويئي آهي، جو فعلي صيغو ساڳي ئي صورت وٺي بيٺو آهي.)

هاڻي اچو ته زمان مستقبل مطلق کي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان پڙهون: (هيٺ ڏنل ڦيري ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، ان سان فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي. فعلي صيغو فاعل سان لاڳاپيل آهي) :

ض

ضميري پڇاڙي: ١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر- فاعل ”مان/آنءُ“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ڪم اچي ٿي:  * چٺو/ چٺيون لکندَم (مان چٺو / چٺا لکندو)

* چٺي/چٺيون لکندَم (مان چٺي/ چٺيون لکندو)

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهند) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-ام“ رکجي ٿو. لکندم، پڙهندم، ڏسندم.

ضميري پڇاڙي: ٢- ضمير متڪلم، هيڪل، نار –فاعل ”مان/آءٌ“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”–اَم“  ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندم(مان چٺو/ چٺا لکندي).

* چٺي/ چٺيون لکندم(مان چٺي / چٺيون لکندي).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو آخري ”-اِي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-ام“ رکجي ٿو- لکندم، پڙهندم، ڏسندم.

ضميري پڇاڙي: ٣- ضمير متڪلم، گهڻ، نر – فاعل ”اسان/اسين“ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ”-اسي/اسون-/- اسين“ ئي ڪم اچي ٿي(هتي رڳو هڪ نشاني ڪم آڻجي ٿي) :

* چٺو/ چٺا لکنداسي(اسين چٺو/چٺا لکندا).

* چٺي/ چٺيون لکنداسي(اسين چٺي/چٺيون لکندا).

-فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ”-اسي“ ملائي رکجي ٿو-  لکنداسي/ لکندسين/ لکنداسون، پڙهنداسي/ پڙهنداسين/ پڙهنداسون.

ضميري پڇاڙي: ٤- ضمير متڪلم، گهڻ، نار –فاعل ”اسان/اسين“ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور –اسي/-اسون-/اسين ئي ڪم اچي ٿي:

* چٺو/ چٺا لکنديونسي (اسان چٺو /چٺا لکنديون).

* چٺو / چٺيون لکنديونسي (اسان چٺي/ چٺيون لکنديون).

-فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سا ”-اسي“ ملائي رکجي ٿو- لکنديونسي / لکنديونسين، پڙهنديونسي/پڙهنديونسين.

ضميري پڇاڙي :٥- ضمير حاضر، هيڪل، نر- فاعل ”تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اين“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا  لکندين( تون چٺو / چٺا لکندو).* چٺي/ چٺيون لکندين(تون چٺي/ چٺيون لکندو).

- فعل جي مستقبل، هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهندو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ”-اين“ رکجي ٿو- لکندين، پڙهندين، ڏسندين.

ضميري پڇاڙي: ٦- ضمير حاضر، هيڪل، نار – فاعل ”تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اينءَ“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندينءَ(تون چٺي/ چٺا لکندي).* چٺي/چٺيون لکنداينءَ (تون چٺي / چٺيون لکندي).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو ”-اِي“ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ رکجي ٿو- لکندينءَ، پڙهندينءَ، ڏسندينءَ.

ضميري پڇاڙي: ٧- ضمير حاضر گهڻ، نر- فاعل ”توهان/توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اَو“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکندوء ( توهان چٺو / چٺا لکندا). * چٺي/ چٺيون لکندوء ( توهان چٺي/ چٺيون لکندا).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ”-اَو“ ملائجي ٿو- لکندوء، پڙهندوء، ڏسندوء.

ضميري پڇاڙي: ٨- ضمير حاضر، گهڻ، نار-فاعل ”توهان/توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اِيون“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکنديون( توهان چٺو/ چٺا لکنديون).* چٺي/ چٺيون لکنديون( توهان چٺي/ چٺيون لکنديون).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سان ”-اِيون“ ملائجي ٿو يا  ائين چئجي ته  ”اِيون“ ڪيرائي ”اِيون“ ملائجي ٿو- لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.

ضميري پڇاڙي: ٩- ضمير غائب، هيڪل، نر –فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون:

١- زمان مستقل ۾ هن صورت لاءِ ڪابه ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گڻن کانپري آهي.

٢- ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي بيهي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار، جي سلسلي ۾ ٿيو هو) مون کي اهائي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر ان کي ڪو سنڌي جو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال جي ”هئڻ“ ۽ ”ڪرڻ“ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان ڄاتو هو ته ”هي/هو/هيءَ/هوءَ“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇڙي ”-اي“ آهي. ڀاسي ائين ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي گم ٿي ويئي آهي. (يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته زمان حال ۾ ضمير غائب گهڻ لاءِ ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”-او“ ڪنهن سبب يا  غلطيءَ جي ڪري هتي ڪم آندي وئي هئي ۽ هتي اها ئي ملي، سولائيءَ سان جذب ٿي سگهي ٿي).

٣-  ضمري پڇاڙي ”-اُس“ آهي – لکندُس، پڙهندس- پر اها صورت  حقيقت ۾ ٻٽيءَ ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي: ”لکندس“ معنيٰ ”هُو هن کي لکندو“، ”پڙهندس“ معنيٰ ”هو هن کي پڙهندو“، ”ڏسندس“ معنيٰ ”هو هن کي ڏسندو“، ”ويهندس“  معنيٰ ”هو هن وٽ ويهندو“. تنهن ڪري، ضمير غائب، هيڪل، نر، لاءِ اها ئي ڳالهه درست بيهي ٿي، جيڪا ٢- هيٺ ڪيل آهي، ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ”اُس“ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته ”هن“ ۽ ”هن وٽ“ ”هن کي“ ”هن تي“ مطلب ظاهر ڪري ٿي.

ضميري پڇاڙي: ١٠- ضمير غائب، هيڪل، نار – فاعل ”هيءَ/هوءَ“ جي  بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي ٩- هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-اَس“ هجي.

ضميري پڇاڙي: ١١- ضمير غائب، گهڻ، نر- فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي -٩ ۽ ضميري پڇاڙي -١٠ هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-ان“ هجي.

ضميري پڇاڙي: ١٢- ضمير غائب، گهڻ، نار- فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به ساڳيون ضميري پڇاڙي -١١ واريون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.

ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏئي ٿي ته

١- ”مان لکندُس“ جي حقيقي معنيٰ ”مان هي هن ڏانهن لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندُم“ يا  ”مان/آءُ لکندو“ ٿيندو.

٢- ”مان/آءٌ لکندَس“ جي حقيقي معنيٰ ”مان هي هن ڏانهن لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندَم“ يا ”مان لکندي“ ٿيندو.

٣- ”مان لکنديَس“ جي حقيقي معنيٰ به اها ساڳي ئي ٢- نمبر واري آهي ۽ صحيح صورت به اها.

٤- ”اسان/اسين/لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين“ جي حقيقي معنيٰ ”اسان اسان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکنداسي/ لکنداسون/ لکنداسين“ يا ”اسان لکندا“ (اسين لکندا) ٿيندي.

٥- ”اسان لکنديوسين“ جي حقيقي معنيٰ ”اسان اسان لکنديون“ آهي. صحيح جملو ”لکنديُوسين/ لکنديونسين/ لکنديونسي“ يا ”اسان لکنديون“ ٿيندو.

٦- ”تون لکندين“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندين“ يا ”تون لکندو“ ٿيندو.

٧- ”تون لکندينءَ“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندينءَ“ يا ”تون لکندي“ ٿيندو.

٨- ”توهان لکندوء“ جي حقيقي معنيٰ ”توهان توهان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکندوء“ يا ”توهان لکندا“ ٿيندو.

باقي ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾ اميد آهي ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سنڌي جو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو.

هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا.

زمان مستقبل ۾ ”ڪَرڻ“ واري فعل جي حوالي سان ٻه ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون، ۽ عام جام اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو:

ط                                    هيڪل/نر              هيڪل/نار

* لکندو مانءِ= لک+ اندو+ مان+ ءِ = مان تو ڏانهن لکندو.= لکنديمانءِ.

* لکندو مانوَ = لک+ اندو+ مان+ وَ =مان توهان ڏانهن لکندو.= لکنديمانوَ.

* لکندو مانس= لک+ اندو+ مان+ اس      = مان هن ڏانهن لکندو= لکنديمانس.

* لکندو مانِ = لک+ اندو+ مان+ ان        = مان هنن ڏانهن لکندو.= لکنديمانِ.

* لکندينم= لک+ ان+ اين+ ام     = تون مون ڏانهن لکندو.= لکنديئَم.

* ؟                            = (تون اسان ڏانهن لکندو).   = ؟

* لکندينس= لک+ اند+ اين+ اس  = تون هن ڏانهن لکندو.= لکنديئس.

* لکندينِن= لک+ ان+ اين+ ان      = تون هنن ڏانهن لکندو.= لکندينئن.

 لکندومِ= لک+ اند+ او+ ام         = هو مون ڏانهن لکندو. = لکنديئم.

* ؟                            = (هو اسان ڏانهن لکندو).    = ؟

لکندُءِ= لک+ اد+ او+ ءِ               = هو تو ڏانهن لکندو.=           لکندَءِ.

* لکندُوَ= لک+ اندو+ او+ وَ         = هو توهان ڏانهن لکندو.= لکندَسِ.

* لکندُن= لک+ اند+ اُو+ ان         = هو هنن ڏانهن لکندو.= لکندَنِ.

گهڻ/نر                                        گهڻ/نار

* لکنداسونءِ= لک+ اندا+ اسون+ءِ  = اسين تو  ڏانهن لکندا.= لکنديُوسونءِ.

* لکنداسونوَ= لک+ اندا+ اسون+ وَ  =اسين توهان ڏانهن لکندا= لکنديونسيوَ.

* لکنداسونس= لک+ اندا+ اسون+ اس   =اسين هن ڏانهن لکندا.= لکنديونسونس.

* لکنداسونِ = لک+ اندا+ اسون+ ان        = اسين هنن ڏانهن لکندا.= لکنديوسُونِ.

* لکندؤم= لک+ اندا+ آو+ ام     =توهين مون ڏانهن لکندا.= لکنديئوم.

* ؟                            = (توهين اسان ڏانهن لکندا). = ؟

* لکندؤس= لک+اندا+آو+اس               = توهين هن ڏانهن لکندا.= لکنديوئوس.

* لکندؤن= لک+ اندا+ آو+ ان              = توهين هنن ڏانهن لکندا.= لکنديئون.

* لکندام= لک+ اندا+آو+ام                = اهي مون ڏانهن لکندا.= لکنديونئم(؟)

* ؟                            = (اهي اسان ڏانهن لکندا)    = ؟

* لکندءِ = لک+اندا+ آءِ             = اهي تو ڏانهن لکندا.= لکنديونءِ.

* لکندوَ = لک+ اندا+آ+ اس                = اهي توهان ڏانهن لکندا.= لکنديونئوَ.

* لکندس=لک+اندا+آ+ان                           = اهي هن ڏانهن لکندا.= لکندَس (لکنديونئس).

* لکندنِ= لک+ اندا+ آ+ ان               =اهي هنن ڏانهن لکندا.= لکندنِ (لکنديُوئن).

 ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن. هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

١- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ شد جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي.

٢- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سَنڌِي جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.

٣- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن.

٤- چٺيءَ طرح پڌرو ٿي اچي ٿو ته ”-اس“ ضميري پڇاڙي ”هِن/هُن/ هي/هو“ جي بدران ۽ ”-ان“ ضميري پڇاڙي ”هنن/هنن“ جي بدران، ”-ام“ ضميري پڇاڙي ”مان/مون/آنءُ“ جي بدران ۽ ”-اسي-/-اسون“ ضميري پڇاڙي ”اسان/اسين“ جي بدران ڪم اچي ٿي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com