گوجر قبيلو ۽ اُن جي
گوجري ٻوليءَ جو اڀياس
ڊاڪٽر غلام علي الانا
1- پاڪستان ھڪ گھڻ
ٻوليائون
(Multi- Lingual)
ملڪ آھي. ھن ملڪ ۾ ھر
صوبي ۽ اُن جي خطي ۾ ڌار
ڌار ٻوليون، اُنهن جا ڌار
ڌار لھجا
(Dialects)
۽ انهن لھجن جا وري ڌار
ڌار محاورا
(Sub- Dialects)
ڳالھايا ويندا آھن. اھي
ٻوليون، ھند- ايراني،
ھند- آريائي، ايراني ۽
غير آريائي خاندان وارين
ٻولين سان واسطو رکن
ٿيون.
پاڪستاني ٻولين ۽ پاڪستان
۾ رائج ٻولين جو مطالعو،
ھڪ تمام وسيع ۽ وڏو موضوع
آھي، جنهن تي آزاديءَ کان
پوءِ، پاڪستان ۾ مجموعي
طور سرڪاري توڙي غير
سرڪاري ادارن طرفان ڪو
گھڻو ڪم ڪو نه ٿيو آھي.
البت آزاديءَ کان اڳ، ھن
ڏس ۾، ڪيترن ئي غير ملڪي
ماھرن واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو
آھي. سر جارج گريئرسن
طرفان، سورھن جلدن تي
مشتمل تحقيقي ڪم
Linguistic survey of
India
جي عنوان سان، ھن ڏس ۾
پنهنجيءَ نوعيت جو ھڪ
لاثاني شاھڪار آھي، جنهن
جي جيتري واکاڻ ڪجي،
اوتري ٿوري آھي.
سرگريئرسن، پنهنجي ھن
شاھڪار تحقيق ۾ برصغير جي
ھر ٻوليءَ، ۽ برصغير کان
ٻاھر افغانستان، (1)
واخان
، پامير جي مٿاھن پٽن،
برصغير جي اُتر- اوڀر
وارن علائقن سان ملندڙ وچ
ايشيا
(Central Asia)
جي ملڪن جھڙوڪ: چين واري
سرحدي علائقي (چيني-
تاجڪستان) ۽ ايراني سرحد
وارن علائقن ۾ رائج ٻولين
جو به ذڪر ڪيو آھي.
سرگريئرسن کانئس اڳ آيل
غير ملڪي ماھرن طرفان ڪيل
تحقيقي ڪم، رپورٽون ۽
جائزا به نظر مان ڪڍيا
ھئا، ۽ اُنهن رپورٽن،
جائزن ۽ تحقيقي ڪم مان
چڱي مدد حاصل ڪئي ھئائين.
سرگريئرسن، اُنهن ماھرن
جا حوالا پڻ ڏنا آھن.
جيڪڏھن اُھي رپورٽون،
جائزا ۽ تحقيقي ڪتاب، ھٿ
ڪري، ڪٿي ڪو رسورس سينٽر
(Resource Center)
قائم ڪيو وڃي ته جيڪر
اِھو مواد، علم، اللسان،
۽ علم الانسان، جي کيتر ۾
کوجنا ڪندڙن جي لاءِ،
گذريل صدي (ويھين صدي) ۽
ھلندڙ ايڪيھين صديءَ ۾،
وڏو مددگار ثابت ٿي
سگھندو. اُنهن ماھرن جا
نالا ۽ ببليوگرافي،
سمجھاڻيءَ وارن صفحن ۾
ڏنا ويا آھن.(2)
پاڪستان جي اُترين سرحد ۾
ھڪ طرف خنجراب ۽ منتڪ،
دڙن تائين، ٻئي طرف وري
بروغل
(Baroghal)
دڙي جي پرئين پاسي
سريڪول
(Sarikol)
بستيءَ تائين، ته ٽئين
طرف اُتر ۽ اُتر- اولهه ۾
واخان پٽي، ۽ واخان جي
سرحد جي خطن جي تهذيب ۽
تمدن، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي
اڀياس لاءِ، نهايت ئي
دلچسپ مواد ميسر ملي ٿو،
جنهن تي آزاديءَ (1947ع)
کان پوءِ البت غير- ملڪي
ماھرن ڪجهه قدر ڪم ڪيو
آھي.
2- پاڪستان جي صوبه سرحد
۽ اُن جي اُترين علائقن
جي انهن خطن ۾ جيڪي
ٻوليون ڳالھايون وينديون
آھن، تن جي باري ۾ مختصر
ذڪر ثقافتي ورثو، ڪتاب
جي چوٿين باب ۾ ڪيو ويو
آھي، صوبي سرحد جي ھزاره
علائقي کان وٺي ، اُن
(صوبه سرحد) جي اُترئين
حصي ۾، يا اُن کان مٿي ۽
اولهه طرف، داردستان ۽
بلورستان ۾ ۽ اوڀر ۽
اُتر- اوڀر وارن علائقن
۾، داردي، ھند- آريائي،
ايراني ۽ غير آريائي
ٻوليون ڳالھايون وينديون
آھن، جن جو ذڪر به ثقافتي
ورثو، ڪتاب جي چوٿين باب
۾ ڪيو ويو آھي. مانسھره
جي اولهه طرف، شاھراھ
ريشم تي، سنڌو درياءَ تي
قائم بستي ۽ ٿاڪوٽ
پُل، کان وٺي اُتر طرف
چلاس تائين، سنڌو درياءَ
جي ٻنهي ڪنارن جي آسپاس
وارن علائقن کي
جاگرافيائي لحاظ کان، ڌار
ڌار نالن، يعني: کاٻي طرف
واري علائقي کي سنڌو-
ڪوھستان، ۽ ساڄي طرف
واري علائقي کي سوات-
ڪوھستان، سڏيو ويندو
آھي. سوات- ڪوھستان وارو
علائقو، ڪيترن ئي حصن ۽
ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. ھن
علائقي (سوات- ڪوھستان) ۾
ڪالام واري خطي کي وڏي
اھميت حاصل آھي. ھن
(ڪالام واري) علائقي ۾
چار مشھور واديون آھن.
اُھي ھي آھن: ڪالام،
اُتروڙ، اُوسو ۽ گبرال.
ڪالام واديءَ جون سرحدون،
دير ڪوھستان، چترال
ڪوھستان، گلگت، تانگير
ڪوھستان ۽ سنڌو ڪوھستان
سان ملن ٿيون(4) .
سنڌو- ڪوھستان ۽ سوات-
ڪوھستان وارن ٻنهي علائقن
۾ داردي، ھند- آريائي ۽
ايراني ٻوليون ڳالھايون
وينديون آھن، پر انهن تي
اڃا به تحقيق ڪرڻ جي
ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ علائقي جا مقامي
ماھر داردي ٻولين کي،غير
آريائي يعني. ھن ئي خطي
جي ديسي / مقامي ٻوليون
ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا.
پاڪستان جي ھڪ وڏي لساني
ماھر، ڊاڪٽر مھر
عبدالحق، پنهنجي ڪتاب
ملتاني زبان اور اسکا
اردو سي تعلق
۾ سوال ڪيو آھي ته:
اھي درد لوڪ ڪير ھئا؟
وادي سنڌ جي زبانن کي،
انهن جي پشاچي زبان
ڪيئن متاثر ڪيو. (5)
انهن (داردي) ٻولين ۾
شينا،سڀني
ٻولين کان وڏي ۽ اھم
ٻوليءَ جي حيثيت ٿي رکي.
در..... ٻنهي طرفن واري
انهيءَ ڪوھستاني علائقي
۾، اھڙا ڪيترائي لفظ ۽
وياڪرڻي صورتون اتي جي
ڪوھستاني ٻولين ۾ معلوم
ٿيون آھن، جيڪي ھوبهو
سنڌي ۽ ھندي ٻولين ۾
ڳالھايون وينديون آھن، پر
لسانياتي مطالعي جي کيتر
۾، ڪن ٻولين جي لغوي
خزاني جو ھڪجھڙو ھجڻ،
انهن ٻولين جي ھڪجھڙي يا
ھڪ ئي گروھ يا خاندان جون
ھجڻ، ڪو وزندار دليل نه
آھي، جيئن سنڌي ٻوليءَ
جو بُڻ بنياد
ڪتاب ۾ چيو ويو آھي.
3- داردي خاندان وارين
ٻولين جي ڪوھستاني شاخ
جون جيڪي ٻوليون ھنن
ڪوھستاني خطن (سنڌو-
ڪوھستان، سوات ڪوھستان،
پنجڪوره ڪوھستان، ڪالام
ڪوھستان ۽ تانگير
ڪوھستان وغيره ۾ ڳالھايون
وڃن ٿيون، انهن ۾ سوات-
ڪوھسان ۾ رائج، ڪالامي
، ڪُشتياني،
توروالي ۽ گاروي
ٻولين توڙي سنڌي ۽ لھندي،
ٻولين ۾ صوتياتي، صرفي ۽
نحوي
ھڪجھڙائيءَ جا ڪيترائي
مثال ۽ ثبوت ملن ٿا. (6)
اھڙيءَ طرح لھندي شاخ جون
پوٺوھاري،
ڇاڇي،
اعوائڪي،
ڌني
۽ ھندڪو
ٻوليون به، سنڌي ۽
ڪوھستاني ٻولين سان ائين
مشابهت رکن ٿيون، جيئن
ڪڇي،
کيتراني،
فراڪي،
جدگالي،
راڱڙي
۽ ميواتي، توڙي ڪاٺياواڙ
۽ راجستان جي اڳوڻين
رياستن جون ٻوليون، سنڌي
ٻوليءَ سان مشابهت رکن
ٿيون. (7).سرگريئرسن،
ملتاني،
مغربي پنجابي،
ڄٽڪي،
اوچي
۽ ھندڪي/
ھندڪو
کي لھندا جون شاخون سڏيو
آھي. (8). ھن (سرگريئرسن)
ملتانيءَ لاءِ سرائڪي -
ھندڪي
ٻولي لفظ ڪم نه آندو آھي.
شروع ۾ اھو چيو ويو آھي
ته ھزاره علائقي ۾،
مانسھره، کان وٺي اڳتي
ٿاڪوٽ،
۽ وري ٿاڪوٽ جي اُتر طرف،
شاھراھ ريشم تي، چلاس
تائين سنڌو درياءَ جي
ٻنهي ڪنارن جي آس پاس
وارا علائقا، سنڌو -
ڪوھستان
(درياءَ سنڌ جي کاٻي طرف
وارا علائقا) ۽ سوات
ڪوھستان (سنڌو درياءَ جي
ساڄي طرف وارا علائقا)
جي نالن سان سڏبا آھن.
انهن علائقن ۾، سوات-
ڪوھستان وارو علائقو،
لساني گروھن جي لحاظ کان
ڏاڍو دلچسپپ، شاھوڪار ۽
اھم علائقو آھي. ھن
علائقي جي اُتر ۾ ڪالام
ڪوھستان،
اولهه طرف ديرڪوھستان
، پنجڪورھ ڪوھستان،
سوات ڪوھستان،
۽ مالا ڪنڊ ڪوھستان،
وارا علائقا اچي وڃن ٿا.
انهن علائقن ۾ ڪوھستاني
ٻوليون
ڳالھايون وينديون آھن.
اُنهن کي گڏي ڪوھستاني
گروھ واريون ٻوليون
به چيو ويندو آھي. ٻولين
جو اھو گروھ (ڪوھستاني
گروھ) داردي خاندان وارين
ٻولين سان واسطو رن ٿيون
(10) . سرگريئرسن کان اڳ،
جان بُدُولف، ۽
مورگينسٽيئرن به انهن
ٻولين (ڪوھستاني ٻولين)
جو ذڪر ڪيو آھي. (11)
انهن ماھرن، داردي گروھ
وارين ٻولين کي ٽن گروھن
يا شاخن ۾ ورھايو آھي.
اُھي ھي آھن:
( i )
داردي گروھ،
( ii )
ڪافر گروھ ۽
( iii )
کووار
(Khowar)
گروھ داردي گروھ وارين
ٻولين کي وري اڳتي ٽن
شاخن ۾ ورھايو اٿن، اُھي
شاخون آھن : (1)شينا، (2)
ڪاشميري ۽ (3)
ڪوھستاني(12) .
ھن سلسلي ۾ ھيٺ ڏنل
پھرئين نقشي مان،
سرگريئرسن جي راءِ موجب
انهيءَ علائقي ۾ رائج
ٻولين جي خاندان جي
مطالعي ۾ مدد ملي سگھي
ٿي.
باڪس
4- پاڪستان جو علم
الانسان جو مشھور ماھر،
محترم محمد پرويش شاھين
پنهنجن ڪتابن ۽ مقالن ۾،
سرگريئرسن ۽ مارگيسٽيئرن
سان، راءِ ۾ اختلاف ٿو
رکي. ھو داردي ٻولين کي،
آريائي ٻوليون قبول نٿو
ڪري. ھو پنهنجي ڪتاب
ڪالام
۾ لکي ٿو ته:
داردستان جا اصلوڪا
رھاڪو غير- آريا ھئا
(13) پرويش شاھين، ساڳئي
ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته:
داردستان ۾ رھندڙ قومون
۽ قبيلا، ڪنهن به نسلي
گروھ سان واسطو نٿا رکن ۽
نه ئي وري ڪو اھي قبيلا
ڪا ھڪ ٻولي، يا ڪنهن ھڪ
گروھ جي ٻولي ڳالھائين
ٿا. اھي ماڻھو جيڪي به
ٻوليون ڳالھائين ٿا، اُھي
ڪنهن ھڪ نسل يا گروھ جي
ٻولين سان واسطو نٿيون
رکن. مثال طور:
داردستان ۾ بليتي،
بروشسڪي، بٽيڙي، ڊوم،
ڪلاشوار، کووار ۽ گوجري
ٻوليون ڳالھايون وينديون
آھن. اھي ٻوليون اھڙيون
آھن، جيڪي داردستان ۾
رائج ٻين زبانن جھڙوڪ:
ڪشميري، ڪوھستاني، شينڪي،
گاروي، توروالي، اوشو جي،
داشوي، بلتم، شمپو ۽
بديشيءَ سان ڪنهن به قسم
جي نسلي يا گروھي واسطو
نٿيون رکن.
لھاذا داردستان جي ايڏي
وسيع علائقي ۾ جيڪي قومون
۽ نسل رھن ٿا، اُھي ڪڏھن
ھڪ نسل يا گروھ سان واسطو
نٿا رکن، ۽ نه ئي وري
اُھي ڪنهن ھڪ خاندان يا
نسل جون ٻوليون
ڳالھائيندا آھن.(14) .
داردستان ۾ ھن وقت جيڪي
ٻوليون ڳالھايون وينديون
آھن. اھي سڀ آريائي
خاندان واريون ٻوليون نه
آھن، ۽ نه ئي وري
داردستان ۾ رھندڙ سڀ
قومون يا ماڻھو ڪي آريائي
نسل جا آھن، اھا ٻي ڳاله
آھي ته ڌار ڌار قومن ۽
قبيلن جي ھن علائقي ۾
ورھين جا ورھيه گڏ رھڻ
ڪري، ھو ھاڻ پاڻ ۾ گڏجي
ميسجي کير کنڊ ٿي ويا آھن
(15)
محمد پرويش شاھين اڃا به
اڳتي لکي ٿو ته:
ھن علائقي ۾ رھندڙ
قبيلا، آرين جي اچڻ کان
اڳ، ھت آباد ھئا، ھتي جا
قديم رھاڪو، اصل ۾ نوراني
نسل سان واسطو رکندا ھئا.
داردي زبان جا، سنڌي،
لھندا، پنجابي ۽ انهن خطن
۾ رائج ٻين زبانن تي به
چٽا اثر محسوس ٿين ٿا،
بلڪه ائين به چئي سگھجي
ٿو ته داردي زبان، انهن
ٻولين (سنڌي، لھندا ۽
پنجابيءَ) جي ماءُ آھي يا
ڀيڻ آھي
(16)
محمد پرويش شاھين اڃا به
اڳتي لکي ٿو ته :
دارد لفظ، آريائي ٻولين
جو لفظ نه آھي، آرين ته
غير- آريائي نسل جي ماڻھن
کي داسو
يعني دشمن
يا غلام سڏيو. ھن وقت به
انهن علائقن ۾ اھڙا نالا
ملن ٿا، جيڪي آرين جي ھن
خطي ۾ اچڻ کان اڳ، يعني
غير- آريائي ھجڻ ۽ آرين
جي ھتي جي مقامي ماڻھن
کان نفرت جو ثبوت ڏين ٿا.
مثال طور: ڪند، ڪنديا،
پئٽن، ڪامي، ڪالا ۽ ڪرنگ
وغيره.
اھڙيءَ طرح ڪوھستاني
زبانن جا ھي لفظ به غير-
آريائي ٻولين جي نسل سان
واسطو رکن ٿا، جيئن:
چاٽي، ڊانگ، دڙي، اوڊي،
لَپَ، لپڪي، کُر، کٽون،
پيڙھي، ڊويا، کُري،
مُندري ۽ ڪَڙي، ڪڙ، ڌنڌو،
سوٽو، ٿالھي ۽ اڱار وغيره
لفظ، غير- آريائي ھجڻ
لاءِ دليل آھن. انهن ۽
اھڙين ٻين لفظن جو ذخيرو
ثابت ٿو ڪري ته انهن
زبانن جو بنيادي تعلق
ڪنهن غير- آريائي ٻوليءَ
سان آھي. اھا ٻولي آريائي
ٻولين کان اڳ جي مقامي
ٻولي آھي ۽ ھن ٻوليءَ جا
ڳالھائيندڙ نسلي طور آريا
نه آھن، پر دراوڙ آھن.
ٻين لفظن ۾ ھيئن چئبو ته
داردي ٻوليون ۽ اُنهن جا
ڳالھائيندڙ، ھن علائقي ۾
آرين جي اچڻ کان اڳ آباد
ھوندا ھئا ۽ انهن قومن ۽
قبيلن جو آريائي قبيلن
سان ڪو به واسطو ڪونهي.
(17)
پرويش شاھين صاحب اڳتي
لکي ٿو ته:
اھي داردي قبيلا دراصل
دراوڙ آھن، ۽ تورالي قومن
سان نسبت رکن ٿا، جنهن ۾
ڌار ڌار قبيلا شامل ھئا.
اھي قبيلا اڄ کان ڇهه
ھزار سال اڳ، سنڌو- ماٿر
(موھن جو دڙو ۽ ھڙپا) ۽
صوبه سرحد جي گنڌارا
تهذيب جا امين ھئا، انهن
مان ڪي بلوچستان ۾، ڪي
ديره غازي خان ۾ ، ڪي
ڪشمير ۾، ڪي سنڌو-
ڪوھستان ۾، ته ڪي گلگت،
دير، باجوڙ ۽ سوات-
ڪوھستان ۾ وڃي آباد ٿيا،
پر اُن جي باوجود سندن
زبان جي باقيات اڄ به
سنڌي، پنجابي ۽ لھندا
کانسواءِ جعفرڪي ۽
سرائڪيءَ ۾ ملي ٿي.
(18)
پرويش شاھين جي راءِ
موجب:
ڪوھستان علائقي جا
ماڻھو، ٽن لساني گروھن
سان واسطو رکن ٿا، اھي
لساني گروھ ھي آھن:
(1) ڪوھستاني گروھ، جيڪو
گاروي يا گاوري گروھ
واريون ٻوليون ڳالھائيندو
آھي.
(2) قاشقاري گروھ، جيڪو
قاشقاري ٻولي ڳالھائيندو
آھي.
(3) گوجر گروھ، جيڪو
گوجري زبان ڳالھائيندو
آھي.
جيتوڻيڪ انهن وادين ۾ ڪي
ڳوٺ اھڙا به آھن جن ۾
انهن ٽنهي گروھن واريون
ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھو
رھندا آھن، ليڪن انهن کي
سندن لساني گروھن ۾ شامل
ڪيو ويندو آھي، ائين به
ڏٺو ويو آھي ته پشتو،
انهن ٽنهي نسلن يا لساني
گروھن وارن ماڻھن جي
رابطي جي زبان به آھي.
(19)
محترم پرويش شاھين جي
انهيءَ تفصيلي بيان مان
اھو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي.
لھندا ڪوھستاني ٻولين ۾
مشابهت جو وڏي ۾ وڏو سبب
ھيءُ آھي جو داردستان جون
ڪوھستاني ٻوليون سنڌو-
ماٿري جي قديم ۽ اصلوڪي
مقامي ٻوليءَ سان واسطو
رکن ٿيون. انهن ٻولين ۾
جيڪا مشابهت آھي، تنهن
مان اھو ثابت ٿو ٿئي ته
سنڌو- ماٿر جي قديم
سئنڌوئي ٻوليءَ جي پھچ ۽
پکيڙ گنڌارا تهذيب واري
خطي کي شامل ڪندي، اڳتي
اولهه ۽ اُتر- اولهه طرف
سنڌو- ڪوھستان، سوات-
ڪوھستان، بلڪه پنجڪوره
ڪوھستان تائين پکڙيل ھئي،
جنهن کي ڌار ڌار قبيلا
ڳالھائيندا ھئا ۽ ھر
قبيلي جي ٻولي ڌار آھي.
محترم پرويش شاھين رايو
ڏنو آھي ته سنڌي، پنجابي،
لھندا، سرائيڪي ۽
جعفرڪيءَ ۾ انهن
ڪوھستاني، ٻولين جي
باقيات موجود آھي، شاھين
صاحب پنهنجي ڪتاب (ڪالام
ڪوھستان- لوگ اور زبان) ۾
صفحي 203 تي اھا به دعويٰ
ٿو ڪري ته: داردي زبان،
سنڌي لھندا ۽ پنجابيءَ جي
ماءُ يا ڀيڻ آھي،
پر دراصل چوڻ ھيئن گھرجي
ته: سنڌي، لھند، سرائيڪي،
جعفرڪي، پنجابي ۽ داردي،
سنڌو- ماٿر جي قديم ۽
بنيادي زبان سئنڌوئي
زبان، جون باقيات، يعني
شاخون آھن. سنڌو- ماٿري
جي وڏي علائقي يعني اُتر
۾ ڪشمير تائين، اُتر-
اولهه ۾ داردستان واري
ڪوھستاني علائقي تائين
اولهه ۽ ڏکڻ- اولهه ۾
بلوچستان ۽ اُن کان اولهه
۾ ايران جي خوزستان
علائقي ۾، ڏکڻ- اولهه ۾
ڪرمان، جي جدگال خطي،
تائين، ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ
تائين، اوڀر ۾ راجستاني
رياستون ۽ گجرات جي مھا
نديءَ جي ساڄي ڪناري
واري علائقي تائين، ڏکڻ-
اوڀر ۾ ڪڇ جون سرحدون
ٽپي، ڪاٺياواڙ ۽ سؤراشٽر
جي ڇيڙي ۾ راس ڪامورن
تائين، اُتر- اوڀر ۾
ھرياڻا رياست، جي حدن
تائين پکڙيل ھئي.سئنڌوئي
ٻوليءَ، جي انهيءَ پھچ ۽
پکيڙ کي سامھون رکي،
سرگريئرسن ۽ مارگيسٽيئرن
جي ٺاھيل نقشي (ٻولين
جي)، جيڪو اڳ ۾ ڏنو ويو
آھي، ۾ تبديل ڪرڻي پوندي
۽ داردي گروھ وارين
ٻولين، کي سئنڌوئي،
ٻوليءَ جي ھڪ شاخ/ گروھ
قبول ڪري، سنڌو- ماٿر جي
ٻولين جو نقشو نئين سر
ٺاھيو ويو آھي. ھن نقشي
جي مدد سان اھو سمجھائڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته
سنڌو- ڪوھستان، ، سوات-
ڪوھستان، دير-
ڪوھستان، پنجڪوره
ڪوھستان ۽ مالاڪنڊ
ڪوھستان، جون اڪثر
زبانون ڪوھستاني گروھ
وارين ٻولين سان واسطو
رکن ٿيون، جيڪي داردي
خاندان جون شاخون آھن.
واديءَ سنڌ جي ٻولين جو
اھو نقشو ھيٺ شامل ڪجي
ٿو:
مغلن جي دور ۾ ڀارت جي
وسطي ۽ اُتر- اوڀر وارين
رياستن کي ملائي مغليه
سلطنت جو نئون صوبو پنجاب
ٺاھيو ويو ۽ اُنهن رياستن
۾ رائج ٻولين، بانگڙو،
ھرياڻا جي ٻولي) دو- آبي
رچنا (رچنا دو- آبي ۽
سيالڪوٽ جي ٻولي)،
ڀٽياليءَ، لميءَ،
پواديءَ، ڪڊياليءَ،
مالوئيءَ، ماجھيءَ ۽
راٺيءَ کي ملائي،
پنجابي ٻولي جو
نالو ڏنو ويو آھي.
اھي سڀ ٻوليون پوءِ
پنجابي زبان جا لھجا سڏجڻ
لڳيون، بلڪه ھاڻ ته
ھندڪو، پوٺوھاري، شاھ
پوريءَ، ڌنيءَ، گھيبيءَ ۽
لھندي شاخ جي ٻين لھجن کي
به پنجابي ٻوليءَ ۾ شامل
ڪيو ويندو آھي، پر ان
موضوع تي ھن مقالي ۾ بحث
نه ڪيو ويو آھي.
5- ماھرن جو خيال آھي ته
سنڌو درياءَ جي ٻنهي
ڪنارن ۽ ڪوھستان وارن
علائقن ۾، اُتر- اولهه
طرف چترال ۽ اُتر طرف
ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اھڙيون
ٻوليون ڳالھايون وينديون
آھن، جن جو داردي خاندان
وارين ٻولين يا ٻين گروھ
وارين ٻولين سان ڪو به
واسطو ڪونهي، پر انهن
ٻولين جو واسطو، ھڪ لحاظ
سان، سڌو سنئون، سنڌي ۽
لھندي گروھ وارين ٻولين
سان آھي. سنڌي ۽ لھندي
گروھ واريون ٻوليون، جيئن
سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ
بنياد، ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو
آھي، ته غير- آريائي
ٻوليون آھن، جيڪي سنڌو-
ماٿر ۾، آرين جي اچڻ کان
ڪافي زمانو اڳ، سنڌو
ماٿر ۾، ماڻھن جي روزمره
واريءَ زندگيءَ ۾ رائج
ھيون، انهن ٻولين جون
پاڙون، سنڌو- ماٿر واريءَ
تهذيب ۾ کُتل آھن. جنهن
جي باري ۾ سنڌي ٻوليءَ
جو بُڻ بنياد ۽
Origin and growth of
sindhi Language
ڪتابن ۾ تفصيل سان بحث
ڪيو ويو آھي (20)
سر گريئرسن، حالانڪهڍچ
انهن ٻولين کي
Indo- Aryan Languages
جي
Outer sub-branch
(ٻاھرين شاخ) ٿو سڏي (21)
، پر انهن ٻولين جي
تقابلي مطالعي کان پوءِ
معلوم ٿو ٿئي ته اھي
ٻوليون سنڌو- تهذيب جي
اصلوڪن رھاڪن جون
اصلوڪيون ۽ مقامي ٻوليون
آھن، جيڪي سنڌو- ماٿر، جي
بنيادي ۽ اصلوڪي ٻولي
سنڌؤ ئيءَ جون شاخون آهن
ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ
بنياد ڪتاب جي نظرثاني
ڪيل ٻئي ڇاپي ۾ ڄاڻايو
ويو آهي ته سنڌو ماٿر
ڏھن شاخن تي مشتمل ھئي.
اھي ڏھ ئي شاخون مٿي
ڄاڻايل نقشي نمبر ٻئين ۾
بيان ڪيون ويون آھن.اُھي
ڏھ شاخون ھي آھن.
( i )
ڏاکڻي يعني سئنڌؤئي،
( ii )
لھندي شاخ،
( iii )
وسطي شاخ،
( iv )
اُترين شاخ، يعني ڪشميري،
( v )
اُڀرندين شاخ،
( vi)
اُتر- اوڀر واري شاخ،
( vii )
اُتر- اولهه واري شاخ،
( viii)
براھوئي شاخ،
( ix )
اولهه ۽
ڏکڻ- اولهه واريون شاخون،.
(وڌيڪ پڙهو)