سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :28

سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي

غلام محمد لاکو

(پندرنهن سال اڳ ھي مقالو ادب جي ھڪ مشھور سنڌي رسالي ۾ ڇپجي نه سگھيو. بعد ۾ منهنجي دوست ڊاڪٽر سعيد احمد خانزادي ان کي اردو زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ منهنجي مھرباني ۽ سنڌ جي نامور اسڪالر سائين حسام الدين راشدي مرحوم  ان کي پسند ڪري، ذاتي دلچسپي وٺي ٽماھي  اردو (2/1981ع) ۾ شايع ڪرائي ڏنو. ھاڻي جزوي واڌارن سان ھي مقالو سنڌي پڙھندڙن جي  خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. غ . م . ل)

سنڌ جي لساني تاريخ جو اڀياس ڪندي اسان کي ڪافي اھڙيون ٻوليون ملن ٿيون، جن کي اتهاس جي مختلف دورن ۾ ھن ملڪ تي سرڪاري ۽ مذھبي حيثيت ۾، صدين تائين حاوي رھڻ جو موقعو مليو، اسلام کان اڳ پھريائين سنسڪرت، پالي يا پراڪرت ٻولين ۽ ان کان پوءِ عربي توڙي فارسيءَ کي ھڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌ تي علمي، سرڪاري، ادبي ۽ ثقافتي طور تي بالادستي حاصل ٿي. ھن قسم جي مطالعي مان اسان کي لساني، ادبي، سياسي ۽ تمدني حوالي سان گھڻو مواد ملي سگھي ٿو. ھن  عنوان جي اڀياس جي اھميت ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪھڙن ذريعن کان ڪم وٺجي، ان جو تفصيلي ذڪر ھيٺ ڪيو ويندو.

عربن کان پوءِ سومرن سنڌ تي ٽن صدين کان به وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو. بعد ۾ سمن ڄامن 1350ع کان وڍي 1520ع تائين نهايت شان ۽ شوڪت سان بادشاھي ڪئي. ھن مقالي ۾ اسين سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري زبان جو اڀياس ڪنداسين. مقالي کي پنجن مکيه حصن ۾ تقسيم ڪري، عنوان کي نباھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

1- مطالعي جي اھميت

ھن نوعيت جي اڀياس جي اھميت کي اجاگر ڪندي، اسين اڳتي وڌنداسين.

(1) سنڌ جي علمي ۽ سرڪاري ٻولين جي اڀياس لاءِ سڀ کان اول جنهن ڳالهه جي بنيادي ضرورت ٿيندي، اھو آھي تاريخي، تمدني ۽ سياسي بنيادن تي جدا جدا زمانن (Epoches) ۽ دؤرن (Periods) جو درست ڪاٿو ڪرڻ. منهنجي خيال ۾ ھن قسم جي اڀياس لاءِ سنڌ جي تاريخ کي ھيٺ ڄاڻايل اھم گروپن ۾ تقسيم ڪرڻو پوندو:

(الف) سنڌو تهذيبن جو  دور. 1500 ق. م. تائين.

(ب) روايتي تاريخ کان وٺي راجا ڏاھر جي شڪست تائين. 1500 ق. م. کان وٺي سن 712ع تائين.

(ج) عربن کان وٺي ٽالپرن جي  زوال تائين. 712ع کان وٺي 1843ع تائين.

(د) انگريزن کان موجوده دور تائين. 1843ع کان وٺي....

(2) اھڙي اڀياس لاءِ ذھن جو صاف ھجڻ ضروري آھي. ان کان علاوه سائنسي سوچ ۽ حقيقت پسندي به لازم آھي. ڪنهن به بي بنياد نظريي، مذھبي جنون ۽ توھم پرستيءَ کان ھٽي ڪري اھڙو اڀياس ڪرڻ گھرجي. ٻي صورت ۾ عنوان جي اھميت ۽ افاديت ختم ٿي ويندي.

(3) اھڙو اڀياس سنڌ جي حقيقي زبان يعني سنڌي ٻوليءَ جي اصليت (Origin) ، ماضيءَ ۾ سنڌي زبان سان ڪيل سرد مھريءَ واري ورتاءَ، ان تي ٻين ٻولين جي حقيقي اثر ۽ ان سان گڏ سنڌي زبان جي مستقبل جاچڻ لا مفيد ثابت ٿيندو. (4) ھي اڀياس نه صرف سنڌ جي ادبي تاريخ لاءِ ضروري آھي، بلڪه سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ھن ملڪ جي صحيح سياسي تاريخ جي مطالعي لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو.

(5) ھن  مطالعي مان سنڌي زبان جي قديم رسم الخط ۽ الف ب جي باري ۾ ٺوس ۽ حقيقت تي مبني معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي، ٻي صورت ۾ اسين ڌُڪي بازيءَ کان اڳتي نه وڌي سگھنداسين.

(6) اھڙو اڀياس سنڌ جي تعليمي تاريخ جي لاءِ ٺوس مواد مھيا ڪندو، ان کان علاوه ھي به معلوم ٿيندو ته مختلف دورن ۾ ھتي ڪھڙي ٻولي تعليم جو ذريعو رھي ۽ سنڌي ٻولي ڪڏھن ھي درجو حاصل ڪيو.

(7) ھن مقالي ۾ سمن جي سلطنت  واري عرصي جي علمي ۽ سرڪاري زبان جي ڳولا ڪئي ويندي ۽ پڻ ھي به معلوم ڪبو ته ھن دور جي خاتمي وقت، سنڌ ۾ ڪھڙي ٻوليءَ ھي اعزاز حاصل ڪيو؟

(8) ھن دور جي مختلف ٻولين جي لٽريچر، موجود مواد ۽ ڪتبن کان علاوه ملڪي سياسي حالتن توڙي خارجي ۽ اندروني ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي، عنوان جي حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

2- سمن جي سلطنت جو ھڪ جائزو

ھن موضوع کي جدا جدا حصن ۾ تقسيم ڪري بحث ھيٺ آڻبو.

(1-2) پس منظر:-

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو زوال 401 ھ / 1010ع ڌاري ٿيو (1). ان کان پوءِ سنڌ جي ھڪ مقامي قبيلي سومرن پنهنجي خود مختيار حڪومت قائم ڪئي. جيتوڻيڪ غزنوي، غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق حاڪمن پنهنجي توسيع پسند پاليسيءَ ھيٺ، سنڌ کي لاڳيتو حملن ۽ لُٽ مار جو نشانو بڻايو، ان جي باوجود سومرا حڪمران ٽن صدين کان به وڌيڪ برسر اقتدار رھندا آيا. دودي جي شھادت سان ھن خاندان جو زوال شروع ٿي ويو. ھڪ طرف  سومرن جي پنهنجي اميرن سان دشمني ۽ بغض ۽ ٻئي طرف ھمير پٽ دودي جي دھليءَ جي مرڪزي حڪومت سان وفاداري، اھڙا سبب ھئا، جنهن ڪري وري ھڪ ٻئي مقامي قبيلي کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

734 ھ / 1333ع ۾ سماٽ قبيلن ڄام فيروز الدين انڙ جي قيادت ۾ سيوھڻ جي صوبيدار کي قتل ڪري بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو. (2) . آخرڪار 75 ھ / 1351ع ۾ ڄام انڙ سمن جي سلطنت جو بنياد وڌو. سومرن ڀڄي وڃي ٿر جي علائقي ۾ پناهه ورتي، جتي وري به ڪيئي سال حڪومت ڪيائون، ڪل ارڙهن سمن ڄامن نهايت آزادي ۽ شان شوڪت سان راڄ ڪيو. ڄام فيروز جي دور ۾ 927ھ / 1520ع تي، شاھ بيگ ارغون ۽ دولهه دريا خان جي وچ ۾ لڙائي لڳي. دريا خان جي شھادت سان سمن جي حاڪميت ختم ٿي ويئي.

(2-2) سمن حڪمرانن جي فھرست: -

(1) فيروز الدين شاھ ڄام انڙ اول.

(2) الف- صدرالدين شاھ ڄام بابينو ثاني.

ب- علاؤ الدين ڄام جوڻو اول.

(3) الف- رڪن الدين شاھ ڄام تماچي.

ب- خيرالدين ڄام توڳاچي.

(4) علاؤ الدين ڄام جوڻو(ٻيو  ڀيرو).

 (5) رڪن الدين شاھ ڄام تماچي (ٻيو ڀيرو).

(6) سلطان صلاح الدين شاھ ڄام انڙ ثاني.

(7)  ڄام نظام الدين اول.

(8) ڄام علي شير 

(9) ڄام ڪرن.

(10) صدرالدين ڄام سڪندر اول.

(11) ڄام فتح خان،

(12) ڄام تغلق شاھ جوڻو ثاني.

(13) ڄام مبارڪ.

(14) سڪندر شاھ ثاني ڄام محمد عرف ڄام انڙ.

(15) صدرالدين شاھ ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو.

(16) سلطان نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو.

(17) ناصرالدين ابوالفتح سلطان فيروز ثاني.

(18) سلطان صلاح الدين شاھ.

(19) سلطان فيروز ثاني (ٻيو ڀيرو (3).

(3-2)  سياسي مطالعو: -

ڄام فيروز انڙ ٽي سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. محمد تغلق ٺٽي تي حمله آور ٿيو، پر ان جي تڪميل کان اڳ ئي رستي ۾ فوت ٿي ويو. وري فيروز تغلق ٺٽي تي ڪاھ ڪئي، ليڪن ناڪام ٿي گجرات ھليو ويو، ۽ ھڪ سال جي فوجي تياريءَ کان پوءِ ٺٽي تي حملي آور ٿيو. جنگ ۾ ناڪام ٿي ڄامن سان صلح خاطر اچ جي  مخدوم جھانيان جي مدد ورتائين. ان بعد سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي (طغاچي) گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. ملڪ تي سالا نه ڏن مقرر ٿيو. صلح موجب ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو دھليءَ جي مرڪز ۾ رھڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام تماچيءَ خراج ڏيڻ بند ڪيو ۽ خود مختياريءَ جو احساس ڏيارڻ شروع ڪيائين. ان پس منظر ۾ فيروز تغلق نوان حڪم جاري ڪيا. ڄام جوڻو سنڌ جو نئون حاڪم مقرر ٿيو، جنهن ڄام تماچيءَ کي گرفتار ڪري ھندستان موڪلي ڇڏيو. جوڻي ھن ڀيري دھليءَ جي حڪومت جي ھر ھدايت جي پوئواري ڪئي. سندس ھي روش عام ماڻھن کي پسند نه آئي. سنڌ جا صوفي پڻ جوڻي جي پاليسين مان خوش نه ھئا. تغلقن جي زوال وقت ڄام تماچي سنڌ موٽي آيو ۽ سمن جي خودمختيار بادشاھت جو اعلان ڪيائين. (ھي اھو ئي تماچي آھي، جنهن نوري نماڻيءَ سان نينهن ڪيو). ڄام تماچيءَ کان پوءِ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جو بادشاھ بنيو. سندس دور ۾ امير تيمور جي لشڪر سنڌ تي حملو ڪيو، ليڪن ابوالغيث بکريءَ جي سفارش سان ھي ملڪ وڏي رتوڇاڻ کان محفوظ رھجي ويو، ڄام صلاح الدين کان ڪري ڄام نندي تائين، سمن ڄامن نهايت اطمينان ۽ سڪون سان حڪومت ڪئي. ڄام نندي سنڌ تي اٺيتاليه سال پوري آزاديءَ سان حڪم ھلايو. سندس دور حڪومت ۾ ارغونن 892ھ ۾ سنڌ جي سبي شھر تي قبضو ڪيو. 895 ھ ۾ سنڌ جي لشڪر وري ھن شھر تي قبضو حاصل ڪري ورتو. سمن ڄامن جو آخري دور حڪومت اندروني خلفشار ۾ گذاريو. آخرڪار 927ھ / 1520ع ۾ ساموئيءَ جي ميدان تي، شاھ بيگ ارغون ۽ دريا خان جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي. ارغونن دريا خان کي ڌوڪي سان قتل ڪيو. ان طرح سنڌ جي لشڪر کي شڪست ملي. ان کان پوءِ ھن ملڪ تي ارغونن جو راڄ شروع ٿيو. ارغونن فتح کان  پوءِ ٺٽي ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ دارالحڪومت ٺٽو پورا ست ڏينهن سڙندو ۽ ٻرندو رھيو. ڪتبخانا تباھ ڪيا ويا. نون حاڪمن بي انداز دولت گڏ ڪري، شھر کي تاراج ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي.

3- ماضي ۽ حال جو علمي ۽ انتظامي جائزو

ھن عنوان ھيٺ اسين سنڌ ۾ عربن، سومرن ۽ سمن ڄامن جي دورنجو مختصر مگر ٺوس علمي ۽ انتظامي جائزو وٺنداسين.

(1-3) سنڌ ۽ ھند ۾ سومرن جي دور حڪومت جو علمي جائزو: -

سنڌ ۾ عربي زبان کي علمي ۽ سرڪاري اعزاز، عربن جي حڪومت جي دؤر ۾ مليو، جڏھن محمود غزنويءَ منصوره شھر کي تاراج ڪيو، تڏھن ھتي سومرن جو راڄ قائم ھو. ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اول غزنوين، فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري اعزاز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. (4) . حقيقت ۾ سندن ھي ڪوشش مذھبي جنون ۽ سياسي مخالفت جي ڪري ناڪام ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ دھلي، لاھور، ملتان ۽ اُچ فارسي علم توڙي ادب جا مرڪز بنيا. قباچه جو دور حڪومت (1206- 1228ع) ھن حوالي سان وڏي اھميت رکي ٿو. اُچ ۾ باقاعده شعرو شاعري ۽ تصنيف و  تاليف ٿي. اروڙ ۽ بکر ۾ علي بن حامد ڪوفيءَ چچ نامو فارسي زبان ۾ تيار ڪيو ۽ ان کي وزير عين الملڪ جي نالي منسوب ڪيو. ھي اھو ئي دور آھي، جڏھن مرڪزي ايشيا، خراسان ۽ ايران مان فارسي علم ادب جا ڄاڻو ۽ شاعر وڏي تعداد ۾ سنڌ سميت برصغير جي مختلف علائقن ۾ پھچي رھيا ھئا. ان پس منظر ۾ سنڌ کان ٻاھر، خاص ڪري فارسي ٻوليءَ جي اعزاز ۽ اھميت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. (5) زماني جو ھي دستور آھي ته جنهن شيءَ کي جيترو مسلط ڪبو، ان لاءِ اوتري ئي نفرت پيدا ٿئي ٿي. تاريخ شاھد آھي ته فارسي زبان جي حق ۾ ٿيندڙ ھر ڪوشش کي سومرن حاڪمن رد ڪيو. سرڪاري توڙي علمي زبان جو اعزاز بدستور عربي ٻوليءَ کي حاصل رھيو. (6)

(2-3) ٻاھران نافذ ٿيندڙ ٻولي: -

مٿي ٻڌايو ويو آھي ته غزنوين جي حملي وقت سنڌ جي سرڪاري زبان ڪھڙي ھئي ۽ انهن سنڌ تي ڪھڙي  ٻولي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھا ڇو ناڪام ٿي؟ بهرحال، دھلي ۽ غزنيءَ مان جو ڪجهه ٿي رھيو ھو، ان کي مذھبي رنگ ڏنو ويو. سمن حاڪمن خود مختياري حاصل ڪندي ئي ان کي غير مذھبي مسئلو سمجھي رد ڪري ڇڏيو. سندن حڪومتي دور جي شروع ۾ لڳل ڪجهه فارسي ڪتبا مليا آھن. (7) جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن نه دھلي سرڪار، سنڌ ۾ فارسيءَ کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. انهن مان ھڪ ڪتبو (757 ھ) سيوھڻ ۾ لعل شھباز قلندر جي مقبري تي نصب ٿيل آھي. ھڪ وڌيڪ ڪتبو (782 ھ) گجي ۾ شيخ ترابيءَ جي مزار تي لڳل ھو. دھلي سرڪار جي پاليسيءَ تحت ھي ڪتبو ڄام جوڻي ھڻايو ھو، جو ان وقت سنڌ ۾ به فارسيءَ کي رائج ڪيو پئي ويو. شيخ ترابيءَ جي مزار وارو ڪتبو، ھن وقت سنڌ عجائب  گھر حيدرآباد ۾ رکيل آھي. فيروز تغلق جي دور جا سيوھڻ ۾ ٻه وڌيڪ ڪتبا پڻ مليا آھن.

تغلقن آزاديءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف تدبيرون اختيار ڪيون. سنڌ تي خراج لاڳو ڪيو ويو. حريت پرستن کي ھجرت تي مجبور ڪيو ويو. ھنن ملڪ تي فارسي ٻوليءَ کي مڙھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سمن ڄامن جڏھن غلاميءَ جي ھر آزمائش کي صبر سان پار ڪيو، ته ظاھر آھي ته انهن دھليءَ جي اڪثر علامتن کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ھوندي.

(3-3) سمن جي دور جا سڪا: -

ڪنهن به دور جي سرڪاري ۽  علمي زبان جي تلاش ۾ ٻين ڳالھين کان علاوه متعلقه حڪومت يا ان دور جا سِڪا بيحد مددگار ثابت ٿين ٿا. ارمان آھي ته سنڌ جي سڪن جي باري ۾ اڃا ڪو ٺوس ڪم نه ٿيو آھي. ھباري عربن سنڌ ۾ پنهنجو سڪو چالو ڪيو. سومرن جي دور ۾ سڪن بابت به ڪا معلومات ميسر ڪانهي. سمن جي دور ۾ دھلي، گولڪنڊي، گجرات ۽ تيموري سڪن جو، سنڌ ۾ رائج ھجڻ جو ڏس پتو پيو آھي (8) سمن ڄامن جو پنهنجو سڪو به چالو ٿيو، ممڪن آھي ته ان وقت جي سنڌي سڪي کي درھم چيو ويندو  ھجي، جين ماموئي درويشن جي اڳڪٿين ۾ حوالي ملي ٿو. بنهه تازي دور ۾ ڄام نندي ۽ ڄام فيروز (آخري ٻه بادشاھ) جا سڪا دستياب ٿيا آھن. انهن تي نالا وغيره به عربيءَ ۾ لکيل آھن، جن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان وقت ھي ٻولي لکپڙھ جي ڪم ايندي ھئي. (9) .

4- ٽن ٻولين جو اتهاسڪ ۽ ساھتڪ مطالعو

ھن عنوان ھيٺ اسين عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جي واڌاري توڙي ان وقت تائين سنڌ ۾ ھنن ٻولين ۾ پيدا ٿيل لٽريچر بابت گفتگو ڪنداسين.

(1-4) عربي زبان ۽ ادب:-

عربن ۽ سنڌين جا تاريخي لاڳاپا اسلام کان اڳ به قائم ڏسجن ٿا، ان ڪري عربي زبان سنڌي ماڻھن لاءِ اوپري نه ھئي. جڏھن ھتي عربن جي حڪومت قائم ٿي، تڏھن عربي ٻوليءَ کي علمي ۽ سرڪاري اعزاز ڏنو ويو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته عربي زبان مذھبي ٻولي پڻ ھئي، ڇو ته قرآن مجيد پڻ ھن زبان ۾ نازل ٿيو ھو. ھن ٻٽي اھميت سبب جڏھن سنڌ تي سومرن جي حاڪميت قائم ٿي، تڏھن به عربي زبان جي ساڳي اھميت برقرار رھي. عربن کان وٺي سمن حڪمرانن جي آخر تائين، ھتي ٿيل تصنيف ۽ تاليف بابت نهايت گھٽ ڄاڻ ملي ٿي. دھلي ۽ غزنيءَ جي بار بار حملن ۽ شھرن جي تاراج ٿيڻ سبب، سنڌ جي امن ۽ آزاديءَ سان گڏ ھتي جي علم ۽ ادب جو ڏيئو به گل ٿي ويو.

شاھ بيگ ارغون ٺٽي کي فتح ڪري، ھن بين الاقوامي شھر کي تاراج ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جو پوري ھڪ ھفتي تائين سڙندو رھيو. بکر جي مقامي ماڻھن کي لڏ پلاڻ تي مجبور  ڪيو ويو. سوين علمي ۽ تمدني مرڪز برباد ڪيا ويا. ان حالت ۾ سنڌ جي علم ۽ ادب جو جيڪو حشر ٿيو، ان جو اندازو ڪرڻ بلڪل  آسان آھي.

اھو ئي سبب آھي جو اڄ تائين اسين سمن جي دور جي ھڪ يا ٻن تصنيفن جو پتو لڳائي سگھيا آھيون. اھي ڪتاب عربي زبان ۾ لکيا ويا آھن، ھڪ ڪتاب جو نالو الزبدة  آھي. ھي علمي ڪتاب منطق جي موضوع تي عربيءَ ۾ لکيو ويو، جو وري شمھ في الميزان  نالي ڪتاب جي شرح تي مبني آھي. ھن ڪتاب جي لکجڻ جو سال ٨٥٧  ھ / ١٤٥٦ع آھي. ھي ڪتاب ڪاٺياواڙ جي ھڪ عالم مولانا علاؤالدين منگلوريءَ، سنڌ جي حاڪم ڄام انڙ عرف ڄام محمد سڪندر شاهه ثانيءَ جي حڪم تي لکيو ۽ ان جي نالي تي ئي منسوب هن ڪتاب جا قلمي نسخا متعدد ڪتبخانن ۾ ملن ٿا (10). ان کان علاوه پير مراد شيرازيءَ جي حياتيءَ بابت حافظ حاجي شيخ محمد حسين صفائي (وفات: 931 ھ ) ، ھڪ ڪتاب تذڪرة المراد نالي سان لکيو، جو پڻ عربي زبان ۾ آھي (11). ھي ڪتاب سمن جي دور جي بنهھ پڄاڻيءَ ڌاري لکجڻ ۾ آيو،  ابهري بزرگ ڄام فيروز جي وقت ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيا. انهن جي اڪثر تصنيف ۽ تاليف پڻ عربي زبان  ۾  ڏسجي ٿي. ھي تصنيفون سمن جي دور جي علمي زبان جي شھادت ڏيڻ لاءِ ڪافي آھن   ۽ پڻ گڏوگڏ ھن زماني جي سرڪاري ٻوليءَ جي تلاش لاءِ به ھڪ پختو ثبوت آھن.

(2-4) فارسي زبان ۽ ادب:-

جھڙيءَ ريت اسلام کان اڳ سنڌ ۽ عرب جي لاڳاپن سبب ھتان جا ماڻھو عربي زبان کان واقف ھئا،ٺيڪ ان طرح سنڌي ماڻھو پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران جي ٻوليءَ کان به آشنا ڏسجن ٿا. مذھبي ۽ علمي ضرورتن جي پورائي لاءِ سنڌ جا ماڻھو عربي ٻولي پڙھندا ۽ سکندا ھئا. قوي گمان آھي ته قديم ايامن کان وٺي اھل سنڌ ۽ خاص ڪري واپاري طبقو ايراني ٻولي پڻ سکندو ھو. فارسي زبان سومرن جي دور ۾ سرڪاري روپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن اھا مھم ڪامياب نه ٿي. سمن جي دور ۾ جدا گانه طور تي درس ۽ تدريس جا مرڪز وجود ۾ آيا، جتي علم ۽ تعليم جي حاصلات لاءِ عربي زبان مکيه ذريعو ھئي. ليڪن سمن جي دور جي آخر تائين ايران ۽ مرڪزي ايشيا مان عالمن ۽ استادن توڙي شاعرن جي اچڻ سان سنڌ ۾ پڻ فارسي ٻوليءَ جون مکيه تصنيفون پھچڻ شروع ٿي ويون. ان ريت ھن ملڪ ۾ به فارسي  زبان جو چرچو شروع ٿيو. تذڪرن ۾ اثيرالدين ابهري، انوار،مخدوم بلال، شيخ حماد، عبدالعزيز ابهري، عيسيٰ برھانپوري ۽ ڄام نندي جي نالن ۾ ٿورا فارسي شعر مليا آھن. (12) ان ھوندي به سنڌ جي ڪنهن استاد ۽ عالم جي فارسي تصنيف بابت ڪا ڄاڻ ميسر نه ٿي آھي.

(3-4) سنڌي زبان  ۽ ادب: - موجوده دور ۾ سنڌي زبان جي قدامت جي باري ۾ حيرت انگيز طور تي تحقيقي ڪم ٿيو آھي. سراج الحق ھن زبان جي ارتقا کي موھن جي دڙي سان منسوب ڪيو آھي، عرب سياحن نه صرف سنڌي زبان جي وجود جي شاھدي ڏني آھي، ليڪن ان سان گڏ رسم الخط جو به ڏس پتو ڏنو آھي. سنڌي ادب جا بنياد سومرن جي دور ۾ پيا. ان ڏس ۾ مختلف رومانوي ۽ عشقيه داستانن مکيه ڪردار ادا ڪيو. حڪمرانن جي ٻولي ھجڻ سبب سمن جي دور ۾ معياري سنڌي وچ سنڌ مان نڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي ويئي. ھن دور جو درست سماجي نقشو ھڪ ليکڪ ھن ريت پيش ڪيو آھي: اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو سو سمن جي حڪومت کان پوءِ ئي مليو. نه ته انهيءَ ۾ وڏو شڪ ھو ته اسين عربي ۽ پارسي ادب، پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي وڃون ھا، پر قدرت کي شايد اھو ئي منظور ھو جو اڄ اسين ڏسون ٿا (13)

مخدوم  احمد ڀٽي، حماد جمالي، نوح ھوٿياڻي، اسحاق  آھنگر ۽ شيخ پراڙ- ھن دور جا نامور سنڌي شاعر ٿي  گذريا  آھن. ھن دور جي شاعري پنهنجي مڪمل ادبي خوبين جي ڪري مشھور آھي. * واقعاتي شعر کان وٺي تصوف جي رمزن تائين سنڌي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ رنگ ڀريا آھن. (14)

5- سمن جي دور جي علمي ۽  سرڪاري ٻولي

سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي تلاش ڪندي، اسان مٿي مختلف رخن کان بحث ڪري آيا آھيون. عنوان کي ڪنهن منطقي نتيجي تي پھچائڻ لاءِ ھيٺ ڪجهه وڌيڪ ذريعن کان مدد ورتي ويندي.

(1-5) محققن ۽ عالمن جا رايا:-

ھن باري ۾ محققن نه صرف پنهنجي پسند ۽ ناپسند  بلڪه پنهنجن نظرين ۽ خيالن کي سامھون رکي راءِ قائم ڪئي آھي.

محمد صديق ميمڻ: ارغون حڪومتي دور کان سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي فارسي رھي. عالم سڳورا مدرسن ۾ فقط عربي ۽ فارسي ٻولين جي تعليم ڏيندا ھئا (15)

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي: سنڌ ۾ فارسيءَ جي ابتدا غزنوي دور حڪومت سان ٿي، ليڪن ھتي فارسي تعليم ۽ تدريس ارغونن جي حڪومتي دور ۾ رائج ٿي (16) .

الهه بچايو يار محمد سمون: سومرا خاندان کان پوءِ سما حڪومت ۾ آيا. ان وقت ارغونن جي دخل اندازي سبب، فارسي دفتري زبان مقرر ٿي، ان ڪري ماڻھن فارسي سکڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو (17) .

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سمن جي دور ۾ عربي تعليم زبان رھي ۽ فارسي ٻولي سرڪاري، دفتري ۽ ڪاروباري سلسلي ۾ استعمال ڪئي ويندي ھئي. (18)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ھن دور حڪومت ۾ فارسي علمي ۽ سرڪاري ٻولي رھي. فارسيءَ ۾ تصنيف و تاليف جي شروعات ٿي، ۽ سنڌ مان بلند مرتبي جا فارسي شاعر پيدا ٿيا. (19)

ڪريم بخش چنا: سمن جي دور ۾ عربي مذھبي ۽ سرڪاري زبان ھئي، ليڪن عام ماڻھو  سنڌي لکندا ۽ پڙھندا ھئا(20)

ايم ايڇ پنهور: شايد فارسي سومرن جي حڪومت جي خاتمي سان سنڌ جي سرڪاري زبان بنجي چڪي ھئي. (21)

ان کان علاوه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽  عبدالڪريم لغاريءَ پڻ ھي راءِ ڏني آھي تهارغونن سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان مقرر ڪيو ھو. (22)

(2-5) مختلف ٻولينجا ڪتبا: -

اسين پنهنجي سھوليت خاطر ڪتبن کي به جدا جدا ٻولين جي لحاظ کان اڀياس ھيٺ آڻينداسين.

(الف) عربي ڪتبا: سمن جي دور حڪومت ۾ جيڪي به تعميرات سرڪاري سطح تي ٿيون، يا وري اھي عمارتون جيڪي حڪمرانن جي نگرانيءَ ۾ ٺھي راس ٿيون، انهن سڀني جاين تي يادگار ڪتبا عربي ٻوليءَ ۾ آھن، سمن ڄامن ۽ ان دور جي مشاھيرن جا. اڪثر مقبرا، مدفن گاھ ۽ چوڪنڊيون مڪلي ٽڪريءَ جي اترئين ڇيڙي تي آھن. مير علي شير  قانع مڪلي نامه نالي مختصر ڪتاب لکيو، جنهن تي موجودھ زماني جي مثالي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ تاريخي واڌارا ڪيا آھن. ھن دور جي جن ڪتبن جو ھت حوالو ڏبو، يا وري ڪي اقتباس ڏبا،اهي سڀ راشدي صاحب جي مرتب ڪيل مڪلي  نامه تان کنيا ويا آھن. انهن مقبرن، چوڪنڊين۽ ديوارن تي نصب ٿيل ڪتبا، عملي طرح سان عربي زبان ۾  ڏسجن ٿا.

مقبرو ڄام صلاح الدين، مقبرو ملڪ تاج الدين، مقبرو ملڪ راڄ پال ۽ مدفن گاھ دريا خان کاه علاوه ھمشيره ميان فتح خان ۽ ڄام نندي جي شاندر مقبري تي جيڪي ڪتبا لڳل آھن، اھي نوانوي سيڪڙو عربي زبان ۾ آھن، ھڪ ٻه سيڪڙو ڪتبن جو فارسي ٻوليءَ ۾ به ڏسجي ٿو. (23)

(ب) فارسي ڪتبا: مٿي اسان سنڌ ۾ فارسي ڪتبن جي پس منظر تي مختصر روشني وجھي آيا آھيون. ھڪ ڪتبو سيوھڻ ۾ قلندر شھباز جي درگاھ تي لڳل آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته مذڪوره ڪتبو فيروز تغلق جي دور ۽ حڪم تي لڳو ھو:

بعهد دولت فيروز شه سلطان دين پرور،

که خاک درگھش سازند شاھان جھان افسر.

تاريخ واريون سٽون ھن ريت آھن:

بروز ھفتم از ماه رجب مبني شداين روضه،

بسال ھفصدو پنجاه هفت از ھجرت مھتر (24)

ٻيو فارسي ڪتبو گجي جي ڀرسان شيخ ترابيءَ جي مزار تي لڳل ھو، جو ھن وقت سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ رکيل آھي. ھي ڪتبو ڄام جوڻي  جي ٻئي ڀيري حڪومت ۾ اچڻ وقت لڳو ھو. ھي ڪتبو 3 سفر 782 ھ تي نصب ٿيو. ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون جن مان تاريخ ظاھر ٿئي ٿي:

بسال ھفصد و ھشتاد و دو از ھجرت احمد،

زعون ايزد ذوالمن والافضال والاحسان،

بناشد، ثالث ماه صفر، اين روضھء ميمون،

بسعي کمترين بندگان موسيٰ بن شھجان.

ھن ڪتبي جي شروع وارين سٽن ۾ فيروز تغلق جونالو چٽو آھي:

بعھد شھريار دھر سلطان داور (کذا)

شھ فيروز منصور مظفر در صف شاھان (25)

ھنن ٻن ڪتبن  کان علاواه سيوھڻ ۾ ٻه وڌيڪ فارسي ڪتبا پڻ فيروز تغلق جي دور جا يادگار آھن. انهن مان ھڪ ڪتبو سيد عليءَ جي مرقد تي آھي ۽ ٻيو ڪتبو محمد تغلق جي عارضي مدفن گاھ تي لڳل ھو. انهن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته آزاد سمن ڄامن جو ھن ڏس ۾ ڪو به عمل دخل نه ھو. اھي ڪتبا دھليءَ جي بادشاھن جي حڪم ۽ پاليسيءَ پٽاندڙ لڳا ھئا.

(ج) سنڌي تحرير ۽ ڪتبا: سنڌي زبان جي قدامت ۽ ان دور جي ادبي سرمايي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آھي، ان کان سواءِ ھي به ٻڌايو ويو آھي ته سمن جي دور ۾ ڪيئن نه معياري سنڌي وچ سنڌ مان نڪري، سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رھي ھئي، عربي زبان کي ھر لحاظ کان ھن زماني ۾ فوقيت حاصل رھي. سمن حاڪمن جي مقبرن، قبرن ۽ چوڪنڊين تي به عربي زبان ۾ ڪتبا لڳل آھن. فارسي ٻولي پاڙيسري ملڪ  ايران جي زبان ھجڻ ڪري سنڌ ۾ وڌي ۽ ويجھي، ۽ ان ۾ سمن ڄامن جو ڪو به ڪردار نه ھو. واپاري ۽ ڪاروباري طبقو خاص ڪري ھي ٻولي وڏي شوق سان سکندو ھو، ڇو ته ان وقت تائين فارسي زبان ايران کان نڪري افغانستان، مرڪزي ايشيا ۽ ھندستان تائين پھچي چڪي ھئي. ارمان آھي ته قديم سنڌي تحرير جو ڪو به نمونو دستياب نه ٿيو آھي. باوجود ان جي ته ابن نديم ۽ البيروني جھڙا عالم سنڌي تحرير ۽ رسم الخط جو ذڪر ڪن ٿا. قوي گمان آھي ته ان دور ۾ سنڌي زبان، عربي رسم الخط جي بجاءِ ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي ھئي. اھڙو رسم الخط واپاري طبقي وٽ عمل ۾ ھو. ويچار صرف ان ڳالهه جو آھي ته سمن ڄامن، جيڪي نج نبار سنڌي نسل جا ھئا، انهن پڻ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي. يا وري معلومات جي کوٽ سبب، ان ڏس ۾ تاريخ جا صفحا خاموش ڏسجن ٿا. (26)

(3-5) سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي:-

ھن مقالي  ۾ اسان کي سمن جي دور جي علمي، تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي ڳولي تاريخ جي ھڪ مکيه باب کي نروار ڪرڻو آھي. عنوان کي  نباھڻ لاءِ مختلف رخن کان بحث ٿي چڪو آھي. اچو ته ھاڻي ھن بحث  کي سھيڙي ڪو نتيجو ڪڍون.

(1) تحقيق ۽ تلاش جي راھ ۾ آخري راءِ نه ٿيندي آھي. ممڪن  آھي ته اڄوڪي راءِ ورندڙ ڏينهن تي ملندڙ نئين مواد جي روشنيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي.

(2) اسان وٽ اڃا اھڙي قسم جي مطالعي جي اھميت تسليم نه ڪئي ويئي آھي. سڀ کان اول محمد صديق ميمڻ ھن موضوع تي راءِ زني ڪئي. اڪثر لکندڙن ھن قسم جو اڀياس ڪندي، سياسي توڙي تاريخي پس منظر کي نظرانداز ڪيو آھي.

(3) ھن دور جي ابتدائي فارسي ڪتبن کي ڏسي ھي راءِ قائم ڪئي ويئي ته سمن جي دور جي دفتري ٻولي فارسي ھئي. اھڙي راءِ ڏيندي ڪتبن جي نصب ٿيڻ جي حقيقي پس منظر تي بلڪل غور نه ڪيو ويو. ٻئي طرف آزاد سمن حاڪمن جي تعميرات تي نوانوي سيڪڙو ڪتبا عربي زبان ۾ آھن.

(4) قرين قياس آھي ته سمن جي آخري دور تائين سنڌ ۾ فارسي زبان پنهنجا قدم وڌائي چڪي ھئي.  حاڪمن حالتن جي تقاضا تهت فارسي ٻوليءَ لاءِ به نرم گوشو پيدا ڪيو. اھو ئي سبب آھي جو سندن ڪرايل تعميرات تي ھڪ ٻھ سيڪڙو تحرير فارسي ٻوليءَ ۾ به ڏسجي ٿي. بهرحال ھڪ ٻه سيڪڙو فارسي ڪتبن کي ڏسي، ھي چئجي ته سمن حاڪمن فارسي ٻوليءَ جي بالادستي قبول ڪري ورتي ھئي، اھا اھڙي راءِ ٿيندي جو اسين مير علي شير  قانع جي مقالات الشعراءِ ۾ ھڪ ٻه سيڪڙو عربي اکر ڏسي چئون ته ھي ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ لکيل آھي.

(5) سمن جي دور جي علمي ۽ تعليمي زبان عربي رھي. ان ڏس ۾ الزبدة  جي تحرير ھڪ بهترين مثال آھي. ھن زماني ۾ عام ادبي ٻولي به عربي ڏسجي ٿي. ان جو عمدو مثال شيخ صفائيءَ جي ڪتاب تذڪرته المراد جي روپ ۾ ملي ٿو.

(6) ان دور جي تاريخي اڀياس ۽ سمن ڄامن ۽ تغلقن جي ڇڪتاڻ کي ذھن ۾ رکڻ سان گڏ خود ڄام جوڻي ۽ ڄام تماچيءَ جي جدا جدا سوچ توڙي پاليسين کي ڏسي بنا ڪنهن ھٻڪ جي  چئي سگھجي ٿو ته سنڌي حاڪمن مڪمل آزادي وٺڻ کان پوءِ، غلامي  ۽ محڪوميءَ جي ھر نشان کي ختم ڪيو ھوندو. فارسي بدستور سرڪاري ٻولي رھندي اچي ھا ته (علاؤالدين ڄام جوڻي کان پوءِ)، سمن جي خاتمي تائين سنڌ ۾ ھن ٻوليءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جا انبار لڳي وڃن ھا. مٿي ڏسي چڪا آھيون ته ذڪر ھيٺ دور ۾، سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪي ٿورا شاعر پيدا ٿيا، جن پڻ چند سٽن کان وڌيڪ شعر نه ڇڏيو آھي. انهن مان به اڌ بزرگ ٻاھران آيا ۽ ڪجهه شاعرن ڏي منسوب شعر تذڪرن ۾ ٻين شاعرن جي نالي ۾ به داخل ڏسجن ٿا.

(7) ڪجهه عالمن جو رايو آھي ته  ٻن صدين کان فارسي ٻولي دھليءَ جي مرڪزي حڪومت جي دفتري ۽ سرڪاري زبان رھندي ٿي آئي، ان ڪري سمن جي دور جي ابتدا کان ھي ٻولي سنڌ ۾ به سرڪاري ٻوليءَ بنجي ويئي ھئي. ھن ڏس ۾ مفصل بحث اڳ ٿي چڪو آھي. تاريخي طور تي ھي خيال درست ڪونهي. ٻن صدين ۾ ھندستان ۽ سنڌ ۾ ڪڏھن به مفاھمت پيد انه ٿي سگھي. سنڌ جي سمن ۽ گجرات جي بادشاھن ۾ بهترين لاڳاپا قائم ھئا. گجرات ۾ عربي زبان کي اعليٰ مقام مليل ھو. ان ريت سنڌ جي  حاڪمن به ھن زبان کي اھميت ڏني، جا سندن خاتمي تائين جاري رھي.

(8) سمن جي پنهنجي سڪي جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي، ان تي پڻ تحرير عربي رسم الخط ۾ آھي. سرڪاري زبان جي حوالي سان سڪن جي تحرير به ان دور جي پاليسيءَ کي چٽو ڪري ٿي. ھن ڏس ۾ سمن جي تعميرات جو وڌيڪ اڀياس، اڃا به مکيه مدد ۽ رھنمائي ڪري سگھي ٿو.

(9) مٿيون مطالعو، جائزو، علمي ۽ ادبي ذخيري جو اڀياس توڙي مليل ڪتبن جي ڇنڊ ڇاڻ ھن تحقيق جي تائيد ٿا ڪن ته سمن جي دور جي علمي، تعليمي ۽ سرڪاري زبان عربي مقرر رھي. سڪن جو ملڻ به ھن ڏس ۾ ھڪ ٺوس ثبوت ٿي پيو آھي. ھاڻي ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته عربن کان وٺي سمن جي زوال تائين پوريون اٺ صديون عربي مختلف رخن کان سنڌ ۾ نافذ ۽ غالب رھندي آئي.

(10) ارغونن جي حڪومت قائم ٿيڻ شرط، مدرسن ۽ دفترن توڙي درٻار ۾ فارسي زبان کي مڪمل بالادستي حاصل ٿي. ان  طرح عربيءَ جي اٺن صدين جي فوقيت ختم ٿي. نون حاڪمن سنڌي ٻوليءَ ڏي نهايت بي رحم رويو اختيار ڪيو. فارسي زبان ارغونن کان ڪري ٽالپرن جي خاتمي تائين سنڌ جي سرڪاري ٻولي رھي.

حوالا ۽ حاشيا

(1) مير علي شير قانع: تحفته الڪرام، مرتب: سيد  حسام الدين راشدي، (عرب حاڪمن جي لسٽ)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1971ع.

(2) عمر حسين الخشاب : ابن بطوطھ جو سفر ، مترجم: محمد ابراھيم عباسي، ص ص 1-12، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع.

(3) سمن حاڪمن جي فھرست ۽ دور جي سياسي جائزي لاءِ سيد حسام الدين راشديءَ جي مڪلي نامه تان مدد ورتل آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل تاريخ طاھري پڻ منهنجي سامھون رھي آھي.

(4) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 211 ۽  214؛ سنڌي ادبي بورڊ، سال 1972ع .

(5) مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حصو ٻيو، باب ٽيون، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد 1959ع.

(6) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ص 57، حيدرآباد سنڌ، سال 1962ع.

(7) انهن ڪتبن لاءِ ڏسو : تاريخ مظھر شاھجھاني، مرتب سيد حسام الدين راشدي، ص ص 267-269 ؛ ۽ پڻ ڏسجي: مڪلي نامه مرتب: سيد حسام الدين راشدي، ص ص 106- 107، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سال 1967ع.

- محمد تغلق جي مزار ۽ سيد عليءَ جي مرقد ورا ڪتبا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏنا آھن (تاريخ معصومي، اردو، ص ص 416-419، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1959ع.

(8) مولائي شيدائي: جنت السند، ص 374، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.

(9) عبداللھ ورياھ جو مقالو، ڇپيل رسالو سنڌي ادب  سنڌالاجي، سال 1980ع.

(10) حوالو (6)، ص ص 83-85.

(11) شيخ حاجي حسين جي ڪتاب تذڪرته المراد کي يا ته نظرانداز ڪيو ويو آھي، يا وري مورڳو ھي تصنيف ارغونن جي دور جي شمار ڪئي وڃي ٿي. سن 927 ھ ۾ ڄامن جي حڪومت ختم ٿيڻ جي باوجود به ٺٽي تي ڄام فيروز جي حاڪميت قائم ھئي. شاھ بيگ ارغون 22 شعبان 930 ھ تي فوت ٿيو. ان کان پوءِ ارغونن ۽ سمن ۾ تازا معرڪا ٿيا. ان ريت ٺٽو به ارغونن جي تسلط ھيٺ آيو، جڏھن ته حاجي حسين صفائي 931 ھ ۾ وفات ڪري ويو. ظاھر آھي ته پاڻ ھي تذڪرو وفات کان ڪجهه وقت اڳ لکي پورو ڪيو ھوندائين.

(12) مير علي شير قانع: مقالات الشعرا، مرتب : سيد حسام الدين راشدي، ص ص 10، 15، 91، 156، 422، 457، 815، 816 ؛ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.

(13) الهه بچايو يار محمد سمون: لاڙ جو سير ، ص 23، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع.

(14) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو سمن وارو باب، اوائلي ڇاپو، سکر سنڌ.

(15) محمد صديق ميمڻ:  سنڌي جي ادبي تاريخ، برٽش حڪومت کان اڳ، ص 5 ۽ ص 42، سنڌ مسلم ادبي سوسئٽي حيدرآباد 1937ع.

(16) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، حوالو مٿي ڏنل، ص 214.

(17) لاڙ جو سير ، ص 22، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع.

(18) سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ، ص 136.

(19) سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ، ص 46.

(20) Sindh Quarterly, p . 47, No, 1; - 1977.

(21) Sindh Quarterly, P. 41, No, 3; - 1978.

(22) سنڌالاجيءَ جا ڇپايل ڪتاب: سنڌيون ، ص 6؛ ۽ پڻ : سنڌي الف- ب جي ارتقا ، ص 42.

(23) سيد حسام الدين راشديءَ جا مڪلي نامه تي لکيل حاشيا؛ ص ص 110، 111،112، 127، 129، 130؛ ۽ پڻ ص ص 722- 73.

(24)  تاريخ مظھر شاھجھاني ، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، ص ص 267 269، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1962ع.

(25 مڪلي نامه، ص 106 ۽ ص 107 .

- ڪتبي جو درست سال 782 هه آھي (مڪلي نامھ، ص 106).جڏھن ته ساڳئي ڪتاب جي صفحي 107 تي سن 872 هه واري غلطي دھرائي ويئي آھي.

(قلم تازو: ھي ڪتبو ھن وقت سنڌ ميوزم جي سومرن جي دور واري گئلريءَ ۾ رکيل آھي ۽ ان بابت وضاحتي پرچي پڻ اتان ھٽائي ويئي آھي.)

(26) تعجب آھي ته ھن دور جي ايڪڙ ٻيڪڙ سرائڪي ڪتبن بابت معلومات ملي ٿي، جڏھن ته سمن جي پنهنجي مادري ٻولي سنڌي جا تحريري دستاويز گم آھن!

(مهراڻ 2/1995ع)


 

   عام طرح قاضي قادن کي به  سمن جي دور جو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. تاريخي لحاظ سان ھي راءِ درست ڪانهي. کيس ارغون دؤر جو شاعر سڏڻ وڌيڪ درست ٿيندو.

   ھن ڏس ۾ گھڻن عالمن پنهنجا ويچار ڏنا آھن. ھتي ڪجهه چونڊ اسڪالرن جي راءِ ڏبي. بهرحال اڪثر محققن جو خيال آھي ته فارسيءَ جو سنڌ ۾ سرڪاري عمل دخل ارغونن جي حڪومت کان شروع ٿيو.

.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com