سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :16

سنڌي زبان ۾ سرائڪي پهاڪا

سليم ميمڻ

پهاڪو اهڙين چوڻين کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عقل مشاهدو  ۽ ڏاهپ سمايل هوندي آهي. اسان پنهنجي رومزهه جي زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا، ته ٻڪري جي اڳيان جيڪا شيءِ اچي ٿي، ان کي کائي ٿي وڃي ۽ کيس جنهن به وڻ سان ٻڌجي ٿو پوءِ اهو ڪڙو هجي ڪسارو هجي يا ڪسو. ان کي به کائي وڃي ٿي ته ان مشاهدي کي اسان پهاڪي طور هيئن بيان ڪيو ته ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي ان وڻ کي کائي.

ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن اسان چئون ٿا ته دوست اهوجو آئيءَ ويل ڪم اچي، يا جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي ته ان ۾ مشاهدي کي زياده عقل، سمجهه ۽ ڏاهپ سمايل آهي.

سنڌي ادب جي سرموڙ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب پهاڪن جي حڪمت جي ديباچي ۾ پهاڪن جي وصف مختصر طور هيئن بيان ڪئي آهي: پهاڪو هڪ ننڍڙي چوڻي يا ڪهاوت آهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو  عملي طور ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي، پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي ڪتاب پهاڪن جي پاڙ ۾ ڄاڻايو آهي ته : پهاڪو سنسڪرت جو لفظ آهي پٿڪ =پٿ+ آڪو  =سٽ سلجهائڻ، سلت، ويچار ڪرڻ.

پهاڪو پر معنيٰ هجڻ سان گڏ سلوڻو، وڻندڙ ۽ مزيدار هوندو آهي. سنڌي پهاڪن جي اِها خوبي آهي ته انهن ۾ گهڻي قدر شعريت ۽ ميٺاڄ هوندو آهي ۽ ڪيترن پهاڪن ۾ تڪ بندي ۽ قافيابندي به هوندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ سلوڻا ۽ سهڻا ٿي پوندا آهن، جيئن:

1: اٽو، چي گهوٻاٽو.

2: هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.

3: ڏاچي هڻي ڏهه، توڏو هڻي تيرنهن.

پهاڪا ٻولين جو قيمتي سرمايو آهن ۽ انهن جي سونهن ۽ سينگار پڻ، ڪنهن به ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ جو اندازو ان جي پهاڪن ۾ لڳايو ويندو آهي. دنيا ۾ ترقي يافته ٻولين جون جيڪي خوبيون ڄاڻايون وڃن ٿيون، تن منجهان هڪ خوبي اها به آهي ته ان ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو تعداد چڱو هجي.

سنڌي ٻولي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ نه صرف لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو بي انت خزانو آهي پر اُها پهاڪن ۾ به مالا مال آهي. ڀيرو مل آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ لکي ٿو: سنڌي ٻوليءَ جو ڳچ جيتروخزانو سندس اصطلاحن ۽پهاڪن ۾ آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي.

دنيا جون مختلف ٻولين جڏهن ڪنهن نه ڪنهن سبب يا نموني هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيون آهن ته انهن هڪ ٻئي جي جهوليءَ ۾ ڪجهه وڌو ڪجهه ورتو آهي. اهو هڪ قدرتي امر آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وقت به وقت ڪيترين ئي پرڏيهي ٻولين سان ويجهڙائي ۽ قربت رهي آهي، جن مان سنسرڪت، پالي، عربي، فارسي، انگريزي جا نالا قابل ذڪر آهن. انهيءَ کانسواءِ سنڌي پنهنجي پاڙيسري زبانن جهڙوڪ سرائيڪي، بلوچي، گجراتي، بروهڪي ۽ ڪڇي سان لهه وچڙ ۾ رهي آهي، جنهن ڪري انهن جون ڪي اصلوڪيون شيون پنهنجي صورت ۾ سنڌي زبان ۾ موجود آهن. انهن زبانن مان سرائيڪي جو سنڌي زبان سان وڌيڪ سنٻنڌ رهيو آهي، جنهن ڪري سرائڪي زبان سنڌي زبان جي دامن ۾ جتي ٻيون شيون ڏنيون آهن اتي پهاڪا به ڏنا آهن، جي سنڌيءَ ۾ اڄ به ائين بيان ڪيا وڃن ٿا، جيئن سرائڪي علائقن ۾:

سرائڪي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ عرب سياحن ان کي سنڌي زبان سڏيو آهي. اصطخري پنهنجي ڪتاب المسالڪ والممالڪ ۾ چوي ٿو ته: منصوره، ملتان ۽ ان جي آس پاس علائقن جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي آهي. ساڳي طرح ابن حوقل پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو:.منصوره ملتان ۽ ان جي آس پاس علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن. بهاول پور جي هڪ عالم محمد بشيرظامي بهاولپوري سرائڪي زبان بابت چوي ٿو ته:سرائڪي پنهنجي ليکي هڪ خود مختيار زبان آهي جا ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پراڻي زبان آهي. اها هڪ اصلوڪي زبان آهي  ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ ڳالهائي ويندي هئي. انهيءَ مان سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ ڪشميري زبانون ڦٽي نڪتيون آهن.

تاريخي نقطئه نگاه کان جي اسان سرائڪي زبان جي خاص علائقن ڏانهن ڏسنداسين ته انهن علائقن ۽ سنڌ جو هڪ ٻئي سان گهرو واسطو رهيو آهي. ملتان ۽ ان جو سارو علائقو نه فقط برهمڻ گهراڻي جي دور حڪومت تائين، سنڌ جي حڪومت جو اهم علائقو هو پر مسعودي جي بيان مان واضح ٿئي ٿو ته عربن جي حڪومت جي زماني ۾ پڻ هن علاقي کي سنڌ جو اهم علائقو سمجهيو ٿي ويو. ان وقت سنڌجي عربي حڪومت جون حدون منصوره کان شروع ٿينديون هيون ۽ اتر ملتان تائين پکڙيل هيون.

ابن بطوطه سلطان محمد تغلق جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ آيو هو ته هن پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته: اڄ کان پوءِ آءُ ملتان پهتس، هي شهر سنڌ جو تختگاهه آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ۾ لکي ٿو ته 873ع ۾ جڏهن اسماعيلي فرقي جا داعي سنڌ ۾ آيا، تڏهن ملتان وري سنڌ جو تختگاهه هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ۾ لکيٿو ته سومرن جي دور ۾ بهاولپور واري ايراضي سنڌ جي زير اثر رهي، جنهن ڪري سنڌي سرائڪي جو رشتو قائم رهيو.

مير علي شير قانع تحفته الڪرام ۾ سمن جي دور ۾ سنڌ جي ملتان سان تعلقات بابت لکي ٿو ته ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جڏهن سنڌ جو حاڪم هو، هن ملتان جي حاڪم سان دوستيءَ جو رستو ڳنڍي ڇڏيو. تحفته الڪرام ۾ وڌيڪ بيان ڪيل آهي ته ارغون گهراڻي جي حاڪم مرزا شاهه حسن سنه 930هه ۾ ملتان فتح ڪيو ۽ اهو بابر بادشاهه کي نذراني طور ڏنائين، پوءِ بابر پنهنجي پٽ ڪامران کي عطا ڪيو.

1002هه ۾ اڪبر بادشاهه ملتان جي گورنر کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو.  1059هه ۾ شهزادي اورنگزيب کي ٺٽي جو مالڪ بنايو ويو ۽ ملتان جو صوبو کيس تنخواه ۾ مليو.

ايڪسٽريڪٽس فرام دي ڊسٽرڪٽ ۽ اسٽيٽس گزيٽئرس آف دي پنجاب (پاڪستان) ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪمران ٿيو ته هن صادق آباد ڪارداري ۽ خانپور ڪارداري کي فتح ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏيو. هن ديره اسماعيل خان جي هوتن سان جنگيون ڪيون. ليهه (Leiah) سنڌ ساگر دوآبي کان چناب تائين هٿ ڪيائين. ميان غلام شاهه جسڪاڻين کي شڪست ڏئي ديره غازي خان تائين ملڪ فتح ڪيو. ان زماني ۾ ملتان مان مراد سنڌ ۽ ملتاني مان سنڌي ورتي ويندي هئي.

مولائي شيدائي تاريخ تمدن سنڌ، ۾ لکي ٿو ته شيخ الاسلام (بهاو الدين زڪريا ملتاني) جو فرزند شيخ صدرالدين سنڌي جي لقب سان سڃاتو ويندو هو. سنڌ جا ملتان ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ علائقن سان روحاني رشتا پڻ رهيا آهن. قديم زماني ۾ ملتان ۾ سورج ديوتا جو وڏو مندر هو، ان ڪري ان کي امول آستان يعني سج جو آستان ڪري سڏيندا هئا، جتي سنڌ ۽ هند من ڪيترا ياتري ايندا هئا. سومرن جي دور ۾ سهروردي طريقي جي وڏي صوفي درويش بهاوء الدين زڪريا جي تبليغ جو سنڌ تي وڏو اثر پيو. خاص طرح سما قبيلا هن بزرگ جا مريد ٿيا. تغلقن جي دهليءَ تي حڪمراني واري دور ۾ پهريان محمد تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو، مگر سنڌ کي فتح ڪري نه سگهيو. ان گهٽتائي جو انتقام وٺڻ لاءِ سلطان فيروز شاهه تغلق، ڄام ڀنڀي سمي جي ڏينهن ۾  ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، مگر هن کي فتح نصيب نه ٿي. تاريخ فيروز شاهي جي مصنف شمس سراج عفيف جي بيا مطابق شيخ الاسلام صدر الدين ملتاني ۽ اُچ جي بزرگ مخدوم جهانيان (جهان گشت) ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پئي صلح ڪرايو.

اڄ تائين سنڌ جا هزارين ماڻهو شيخ بهاوء الدين زڪريا جي درگاهه جا مريد آهن ۽ هر سال سندس عرس جي موقعي تي ملتان ويندا آهن. سنڌ ۾ قديم دور کان وٺي ملتان ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ خطن مان ماڻهو لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. ڪلهوڙن جي وقت ۾ ڪڪرالي جي ڄام راڻي اجمال نصرپور جي ڪپن وٽ ڦرلٽ ڪئي. سرائين جي فوج کين آڻ مڃرائي. اهي سرائي ملتان جي آس پاس جا زميندار هئا ۽ ٻارين ٻچين ملازمت خاطر لڏي آيا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سندن ٽالپر مريد ديره غازي خان مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. اڳتي هلي ايترو زور  ورتائون جو پنهنجن مرشدن جي جاءِ تي سنڌ جا حاڪم ٿي ويٺا، جنهن ڪري اهو پهاڪو مشهور ٿيو آيا مير ڀڳا پير.

ڀيرومل آڏواڻي سنڌ جي هندن جي تاريخ ۾ لکيو آهي هت سنڌ جون خاص ذاتيون لوهاڻا ۽ ڀاٽيه وغيره اصل ملتان جا رهاڪو هئا، جتان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا.

سنڌ ۾ سرائڪي ڳالهائيندڙن جي ڪثرت سان آمد سبب سنڌ جي سري واري علائقي ۾ سرائڪي ڳالهائڻ جو رواج پيو، خاص طرح ٽالپرن حڪمرانن جي دور ۾ جن جي زبان سرائڪي هئي، سنڌ ۾ سرائڪي شاعري جو رواج پڻ پيو. ڪي سرائڪي وايون شاهه عبداللطيف رحه ڏانهن منسوب ڪيون ويون آهن، جي ڪن پراڻن رسالن کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نئين مرتب ڪيل رسالي ۾ به ملن ٿيون. ٽالپرن جي دور ۾ سچل سرمست سرائڪي ۾ ڀرپور ڪلام چيو،جنهن ڪري سنڌ ۾ سرائڪي  شاعري جو عام رواج پئجي ويو. سندس مريدن بيدل، نانڪ يوسف، ميان غلام محمد گدا قادري ۽ ٻين پڻ سندس پيرويءَ ۾ سرائڪي ڪلام چيو.

سنڌ ۾  سرائڪي ڳالهائيندڙن جي رهائش سبب سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪيترائي سرائڪي پهاڪا مروج ٿي ويا، جي سنڌي ماڻهو ائين استعمال ڪرڻ لڳا جيئن سنڌي پهاڪا. انهن مان ڪجهه هي آهن، جيڪي اڄ به جيئن جو تيئن اصلوڪي صورت ۾ سنڌ ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.

ٻلي شير پڙهايا، ڦر ٻلي نون کاوڻ آيا.

ڪهاڻي ائين مشهور آهي ته ٻليءَ شينهن کي چستين ۽ چالاڪين جا هنر ۽ حرڪتون پڙهايون ۽ سيکاريون، پر وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريو. جڏهن شينهن پڙهي ڀڙ ٿيو ته ٻلي کي کائڻ لڳو. ٻلي ٽپ ڏئي وڻ تي چڙهي ويئي. هي پهاڪو ان وقت ڏنو  ويندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ڪم طرف ماڻهوءَ کي علم هنر ۽ حرفت ڏيندو آهي ۽ اهو ماڻهو وري پنهنجي محسن جي خلاف ٿي  بيهندو آهي ۽ ان جا سيکاريل حربا ان جي ئي خلاف استعمال ڪندو آهي.

ماءُ ڄڻي سين ٻچڙي، ونڊ نه ڏيسين ڀاڳ

ماءُ اولاد ته ڄڻيندي پر ڀاڳ ان جي هٿ ۾ نه آهي، اِهو رب جي هٿ ۾ آهي، تنهن ڪري هڪ ئي ماءُ جو اولاد هڪ تونگر ۽ ٻيو سڃو. جيڪڏهن ڀاڳ، ماءُ جي هٿ هجي ها ته ان جو سمورو اولاد سکيو ۽ ستابو هجي ها.

پاڻ نه پلي ڏوجهيان متيان ڏيوي

هن پهاڪي جومطلب آهي ته انسان پاڻ ته ڪنهن گندي، ڪُڌي يا ڪني ڪم ۾ ڦاٿل هجي پر ٻين کي وتي نيڪ نصيحتون ۽ چڱا مشورا ڏيندو.

شينهن نه ويکيائي ويک ٻلاڙا، چور نه ويکيائي ويک سونارا،.

عام طرح چيو ويندو آهي ته سونارو اهڙو ڪپتيو ۽ چور آهي  جو ماءُ جي نٿ مان به سون کوٽ ڪري ڪڍي وٺندو آهي. سياڻن پهاڪي ۾ مزو ۽ مزاح پيدا ڪندي، سونارن تي طنز ۽ ٺٺولي ڪندي چيو آهي ته شينهن نه ڏٺو اٿي ته ٻلو ڏس ۽ جي چور نه ڏٺو اٿي ته سونارو ڏس. هي پهاڪو ان وقت به ڪم ايندو آهي، جڏهن ماڻهو ڏسڻ ۾ سادو نظر ايندو آهي پر هوندو بڇڙو آهي.

لچان چوران پت نه ڪائي، توڙي هوون سڳي ڀائي.

هن پهاڪي ۾ بڇڙن ۽ خراب ماڻهن جي فطرت  ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته بڇڙي فطرت وارا ماڻهو کڻي ڪيترا به ويجها عزيز ۽ رشتيدار هجن، پر انهن تي ڀروسو ۽ پت نه ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪڏهن به پنهنجي بڇڙي فطرت کان مجبور ٿي ڪو ڇيهو رسائي وجهن.

مينهان اُٺان دا ڪيها ميلا، او چرن جهنگ ته او چرن ٻيلا.

هن پهاڪي ۾  مختلف طبيعتن وارن جانورن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته جهڙي طرح مينهن ۽ اٺن جو پاڻ ۾ ميل ميلاپ ۽ سنگت ٿي نه ٿي سگهي، اهڙيءَ طرح ٻن مختلف طبيعتن ۽ لڇڻن وارن انسانن جي پاڻ ۾ ياري ٿي نه ٿي سگهي. نيڪ ۽ بد، ڪڏهن به هڪ ٻئي جا يار ٿي نه سگهندا.

لڳي هو وَءِ ته ڪل پَوَءِ، نه ته پڇ لڳي واليان نون.

جنهن ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف، درد يا ڏک رسندو آهي ته ان جو سور ۽ پيڙا اهو ئي چڱي طرح محسوس ڪري سگهندو آهي، ٻئي کي ان درد جي شدت جو اندازو ٿي نٿو سگهي. ٻيو ماڻهو زباني همدردي ته ڪري سگهندو پر جنهن ڪيفيت ۾ اڳيون مبتلا آهي ان جو پتو کيس  تڏهن ئي پئجي سگهجي ٿو، جڏهن پاڻ ساڳي مصيبت ۾ ڦاسي. هي پهاڪو عام طرح ان ماڻهوءَ جي طرفان ڏنو ويندو آهي جيڪو عشق ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ ڪو ماڻهو ان کي سمجهائڻ ۽ متيون ڏيڻ لڳندو.

هنڌ اهو سڙي جتي باهه ٻلي، ڪهڙا سيڪ آوي پاڙي واليان نون.

هي پهاڪو به مٿئين پهاڪي واري ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم رکي ٿو. هن ۾ چيو ويو آهي ته جت باهه ٻرندي هوندي ڄڙ ۽ تپش انهيءَ کي ايندي، پاڙي واريون جيڪي ان باهه جي ڀنڀٽ کان دور آهن، انهن کي ان باهه جي جلائڻ ۽ ساڙڻ جو ڪهڙو سيڪ هوندو.

اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَءِ.

ڪن موالين ڀنگ گهوٽي. هڪ سواليءَ کين چُڪيءَ لاءِ سوال ڪيو. هنن کيس ڪونڊي مان جمني ڀنگ جي ڀري ڏني. ٿوري وقت کانپوءِ سواليءَ چيو ته توهان جي ڀنگ ته ڪو نشوئي نه ڪيو. ان تي موالين چيس ته اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَءِ. هن پهاڪي جو مطلب آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي همت ۽ محنت تي ڀاڙڻ گهرجي نه ڪه مفت خورو ٿي ويهڻ گهرجي. پنهنجي ڪمائي ۾ جو مزو آهي اهو خيرات ۾ ڏنل مفت جي ٽڪر ۾ نه آهي. پنهنجي ڪمائي جي رکي سکي ٽڪر ۾ اهو مزو آهي، جيڪو بادشاهن کي ست رڇي طعا ۾ به نٿو ملي.

اپڻا مال هي، روسان ڀي کاسان ڀي.

هڪڙي ماڻهو بصرن سان ماني پئي کاڌي. بصرن جي تيز بوءِ تي هن جي اکين مان پاڻي ٿي وهيو. تنهن تي ڪنهن ماڻهو کيس چيو ته بصرن سان ماني ڇو ٿو کائين جو تنهنجي اکين مان پاڻي ٿو وهي. ان تي هن چيو ته: اپڻا مال هي، روسان ڀي کاسان ڀي.

مطلب آهي ته پنهجي شئي آهي اها اهنج ڏي يا سهنج ڏي، پر هر حالت ۾ ان کي استعمال ڪرڻو آهي.

مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.

هوش محمد قمبراڻي جو لڳايل مٿيون نعرو جيڪو هن انگريزن خلاف لڳايو هو، اڄ به پهاڪي طور استعمال ٿيندو آهي. سنڌ جي حڪمران ميرن جڏهن انگريزن جي ان مطالبي ته سنڌ سندن حوالي ڪئي وڃي، جي سلسلي ۾ جڏهن پنهنجي برادري، اميرن  وزيرن ۽ مختلف خيرخواهن سان مشورو ٿي ڪيو تڏهن هوش محمد آواز بلند ڪري چيو هو ته: مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون. اڄ به جڏهن سنڌ جي سلامتي ۽ حقن جو آواز بلند  ڪيو ويندو آهي ته سنڌ جي هر فرد جي زبان تي هوندو آهي :مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.

مٿي بيان ڪيل پهاڪا ڪاسي مان ڪڻو آهن، مگر تحقيق، ميڙ چونڊ ۽ سهيڙڻ سميٽڻ سان ٻيا سوين سرائڪي پهاڪا ملندا، جيڪي اسان رزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪندا آهيون.

حوالا

1- پهاڪن جي حڪمت،مرزا قليچ بيگ ، سنڌي ادبي بورڊ

2- پهاڪن جي پاڙ،  عبدالڪريم سنديلو، انصاف پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو 1975ع

3- گل شڪر، ڪيولرام، سنڌي ادبي بورڊ

4- سنڌي ٻولي جي تاريخ، ڀيرومل آڏواڻي، سنڌي ادبي بورڊ

5- المسالڪ والممالڪ (اردو ترجمو، اصطخري، دارالمصنفين اعظم ڳڙه ڀارت 1960ع

هندوستان عربون ڪي نظر مين)

6- هندوستان عربون ڪي نظر مين، مسعودي، دارالمصنفين اعظم ڳڙه ڀارت 1960ع

7- عهد هائي قديم مين سرائڪي زبان ڪا ارتقا،محمد بشير ظامي، مرڪز سرائڪي زبان تي ادب حبيب ڪالوني بهاولپور

8- سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي،ڊاڪٽر غلام علي الانا،انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڇاپو ٻيو 1983ع

9- سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ،ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1880ع

10- تحفته الڪرام ،مير علي شير قانع(مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع)

11- تاريخ تمدن سنڌ، مولائي شيدائي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد

12- ابن بطوطه جو سفر،سنڌي ادبي بورڊ 1976ع

13- تاريخ فيروز شاهي،شمس سراج عفيف، اردو اڪيڊمي اردو بازار ڪراچي 1980ع

14- Extracts form the District and States Gazetteers of Pakistan University of Punjab 1977

(مهراڻ 1-2/1994ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com