سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :30

( x )  قديم دراوڙي.

نقشي نمبر ٻئين ۾ اُترين شاخ ۽ اُڀرندين شاخ ۾ شامل ٻولين جو وچور ڏنو ويو آھي. اُڀرندين شاخ ۾ (الف) سؤ راشسٽر (ڪاٺياواڙ) جي اڳوڻين رياستن مان ڪن ۾ رائج  ٻوليون، جيڪي ڪاٺياواڙ اُپسمنڊ تائين پکڙيل آھن، اُتر اوڀر شاخ ۾ (الف) موجودھ  ھرياڻا پرانت ۾ رائج ميواتي/ الور شاھي ۽ بانگڙو ٻولي، (ب) اڳوڻي اُڌيپور رياست (ميواڙ) ۾ رائج ميواڙي ٻولي آھي.

سرگريئرسن ۽ ڊاڪٽر عزيز انصاريءَ ميواڙي ٻوليءَ کي اُترين راجستاني سڏيو آھي؛ (ث) مائوجي جيڪا اڳوڻي گجرات ۽ مھاراشٽر رياستن جي سرحدي علائقي ۾ ڀيلي جي نالي سان سڏبي ھئي. (ج) اڳوڻي بيڪانير  رياست جي اُتر- اوڀر ۾ اصلوڪن ۽ قديم رھاڪن جي ٻولي باگڙيءَ جي نالي سان مشھور آھي. اھڙيءَ طرح اُترين شاخ داردي ٻولين تي مشتمل آھي.

6- گوجري ٻولي سوات جي ڪوھستاني علائقي ۾ ۽ ڪاغان توڙي ٻين خطن ۾، گھمندڙ ڦرندڙ خانه بدوش قوم  گوجر جي پنهنجي ٻولي آھي، جنهن کي گوجري ٻولي، سڏيو ويندو آھي.اھا گوجري ٻولي، غير- آريائي ۽ غير- ڪوھستاني ٻولي آھي، اھا ٻولي، صوتي، صرفي ۽ نحوي لحاظ کان ميواتي ، سنڌي ۽ لھندي ٻولين سان سؤ في صد ھڪ جھڙائي رکي ٿي، جيئن اڳتي ھلي مثالن سان سمجھايو ويو آھي. گوجري ٻولي، ڪشميري، ڊوگري ۽ پنجابيءَ سان به ڪجهه قدر ھڪ جھڙائي رکي ٿي. ھن ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، گوجر قبيلا، سوات ڪوھستان جي اُترئين علائقي ۾،  ڪالام، گبرال ۽ پشمال (Pishamal) واريءَ واديءَ ۾، سوات نديءَ جي ڪناري تي اُن (سوات نديءَ) جي اِسريت (Isret) ۽ ڪارن دُکي (Karan- Dukhi) شاخن جي وچ واريءَ ماٿريءَ ۾ رھندا آھن. (22) . اھي گوجر قبيلا، گوجري ٻولي ڳالھائيندا آھن. پشمال واريءَ سڄيءَ واديءَ ۾ اِھي گوجر قبيلا، رھندا آھن.

گجرال واريءَ واديءَ کان سواءِ گوجرن جا ٽولا سوات نديءَ جي جابلو لاھين ۽ ترائين، چراگاھن ۽ ميدانن ۾، پنهنجي مال سان گڏ، گھمندي ڦرندي، ڏسڻ ايندا آھن، ان ڪري گبرال جي وادي ۽ ھن علائقي ۾ ٻيا اُھي ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا، جتي گوجرن کي گھمندي ڦرندي ۽ سندن مال جي سانگي، اڄ ھِت سڀاڻي ھُت يعني اَجڙ يعني خانه بدوش (اَجڙ، ٻڪريون چاريندڙن کي چئبو آھي- ڀٽائي سرڪار جو بيت: عمر! آجڙين کي.. ) زندگي گذاريندي ڏسبو آھي. گوجر قبيلن جي اھا زندگي علم اللسان، علم الانسان ۽ جاتي ڀاشا- وگيا (Ethno linguistics) سان دلچسپي رکندڙ محققن لاءِ، تحقيق ۽ کوجنا جو وسيع ميدان ۽ مواد مھيا ڪري ٿي، ثقافتي ورثو ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ھن علائقي ۾ رائج ٻولين ۽ ماڻھن جي ثقافتي زندگيءَ جي باري ۾ تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو آھي.

7- ھاڻي سوال ھي ٿو پيدا ٿئي ته اِھي گوجر ڪير آھن؟ اھي قبيلا ھن خطي جا اصلوڪا رھاڪو آھن يا اھي ھت، ڪٿان ٻئي ھنڌان آيا آھن؟ ھنن، انهيءَ ڪوھستاني خطي ۾ ڪوھستاني گروھ وارين ٻولين جي اثر رسوخ ۽ تسلط جي باوجود پنهنجي انهيءَ (گوجري) غير- ڪوھستاني  گروھ واريءَ ٻوليءَ جي وجود کي ڪيئن قائم رکيو ويو آھي؟ گوجري ٻوليءَ جي ميواتي (اتر- راجستاني)، سنڌي ۽ لھندي گروھ وارين ٻولين سان ھڪجھڙائيءَ جا ڪارڻ ڪھڙا آھن؟ انهن ۽ اھڙن ٻين سڀني سوالن جي جوابن جي ھن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آھي.

مؤرخن، گجرات (پاڪستاني پنجاب) جي گجرن ۽ سوات- ڪوھستان ۽ ھزاره جي واديءَ ۾ گھمندڙ خانه بدوش گوجر قبيلن کي بنيادي طور ھڪ ئي قوم ۽ ھڪ ئي قبيلو سمجھيو آھي، ۽ گجرن ۽ گوجرن ۾ ڪو به فرق نه سمجھيو آھي. سر گريئرسن گوجرن جي اصل نسل بابت لکي ٿو ته :

گُرجَرَ، گُجرن جا ابا ڏاڏا (Ancestors) آھن. اُھي شايد پنجين يا ڇھين صدي عيسويءَ واري برصغير ۾ داخل ٿيا، انهن مان ڪي جنگجو قبيلا بنجي ويا ۽ راجپوت سڏجڻ لڳا.

گوجر، اصل ۾ شملا پھاڙين ۾ سپادَ لَڪُش علائقي ۾ رھندا ھئا، جتان ھنن لڏپلاڻ ڪئي. اُنهن مان ڪي ٽولا گنگانديءَ جي واديءَ ڏانهن لڏي ويا،ڪي ميوات، کان ٿيندا راجپوتانا واري علائقي ۾ وڃي ويٺا. راجپوتانا مان ڪن ٽولن، اُتر- اولهه طرف لڏپلاڻ ڪئي ۽ پنجاب تي ڏکڻ اوڀر کان حملو ڪيائون.

سوات کان ڪي ٽولا، جمنا نديءَ جي ڪنارن کان، ھماليھ جبلن جي پيرانديءَ ۾، سنڌو ندي تائين پکڙجي ويا. ايتريءَ لڏپلاڻ جي باوجود ھنن پنهنجي ٻولي ترڪ نه ڪئي. جيئن جيئن ھيٺين پھاڙين تائين پھچجي ٿو تيئن تيئن مقامي گوجري ٻوليءَ جو وڌيڪ پتو پوي ٿو. اھا ٻولي، مقامي گوجر قبيلا  ڳالھائيندا آھن. اُن ٻوليءَ (گوجر ٻوليءَ) جا ڳالھائيندڙ ڄڻ ته غير- مقامي ماڻھو ھئا، جيئن جيئن   جابلو علائقي ۾ اڳتي اندر وڃجي ٿو، تيئن تيئن گوجري ڳالھائيندڙن جو تعداد وڌيڪ نظر اچي ٿو، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته گوجري ٻوليءَ تي پاڙي وارين ٻولين جو ڪو اثر ٿي ئي نه سگھيو آھي، ۽ اھا ٻولي (گوجري) سڀني اثرن  کان آجي آھي.(23) سر گريئر سن اڳتي لکي ٿو ته :

سوات جي جابلو علائقي ۾، خانه بدوش گوجر نظر ايندا آھن. ھن علائقي ۾ ھنن کي گوجر يعني ڳائي مال جا ڌڻ ڌاريندڙ ۽ ڌڻ پاليندڙ ۽ آجير يعني رڍون پاليندڙ چوندا آھن. اھي قبيلا اڃا تائين چراگاھن ۾ پنهنجي مال جي سانگي رھندا آھن، ۽ ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ، مال سان گڏ گھمندا ۽ رلندا وتندا آھن، ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن واري گوجري ٻولي ڳالھائيندا آھن. (24)

انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جي مؤلف جو رايو آھي ته:

گجر (Gudjar) ھڪ قبيلي جو نالو آھي، جيڪو بر-صغير پاڪ- ھند ۾ جدا جدا علائقن ۾ پکڙيل آھي. ھي قبيلو راجپوتن مان آھي، ۽ اُنهن سان ھڪ جھڙائي رکي ٿو.

ھي قبيلو جاٽن (Djat)  ۽ آھيرن سان ملي جلي ٿو، جيڪي گجر ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، مغربي ۽ مقامي مؤرخ اھو تسليم ٿا ڪن ته اھو قبيلو، ھندستان ۾، وچ مشرق کان پنجين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيو.اھي ماڻھو قداور، سھڻا ۽ ٺاھوڪن مھانڊن وارا ھئا. ھنن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھي سٿين يا سفيد ھُنن جي اولاد مان آھن.

تاريخ نويسن جو رايو آھي ته گُجر اھي مقامي قبيلا آھن، ۽ ڪٿان ٻاھران ڪو نه آيا آھن، پر ھن راءِ کي ڪو گھڻو سھڪار نٿو ملي. اھي قبيلا کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت ڪرڻ، مال ڌارڻ ۽ کير توڙي اُن (کير) مان ٺھيل شين جي وڪري جي ڪرت ڪندا آھن، پر تعليم جي فروغ کان پوءِ انهن مان ڪن ٻيا ڌنڌا پڻ اختيار ڪيا آھن، ۽ ھاڻ خانه بدوش رھڻ جي بدران سڪونيت واري زندگي پڻ اختيار ڪئي  اٿن. (25)

مسٽر بيليو (Bellew) پنهنجي ڪتاب (The Reces of Afghanistan) ۾ لکي ٿو ته:

جت، ڪٽي ۽ سٿيا دراصل سنڌو- ماٿر جا رهاڪو آھن، جيڪي ھتان لڏي، ھندوڪش جبلن ڏانهن ويا. يورپي ماھرن جي خيال موجب جت (Getes)  ۽ ڪٽي (Catti) ھن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ نظر ايندا آھن، جتن کي ھاڻ ھت گوجر سڏيندا آھن. (26)

مسٽر بيليو اڳتي لکي ٿو ته:

جت، ڪٽي ۽ سٿيا، افغانستان ۾ پنجين ۽ ڇھين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيا، پر ھت (افغانستان ۾) ھاڻ جتن جي نالي سان ڪو به قبيلو نٿو رھي. اُھي ھاڻ گوجر سڏبا آھن. (27)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جتن کي ٻاھران آيل قوم ٿو بيان ڪري. ھو پنهنجي ڪتاب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:

ٻي ۽ ٽي صدي عيسويءَ ۾ جڏھن ساڪن (Scythian) ڏکڻ- اوڀر ايران واري ڀاڱي (سيستان) تي قبضو ڪيو، تڏھن جت- بلوچ قبيلن اُتان مڪران، موجوده بلوچستان ۽ سنڌ طرف ھجرت ڪئي، ساڪ به سيستان فتح ڪرڻ بعد مڪران، بلوچستان ۽ سنڌ کي  فتح ڪري ھيٺ ڪاٺياواڙ- گجرات طرف وڌيا. ساڪن جي انهن ڪاھن سببان، ھجرت ڪندڙ جت بلوچ قبيلن، جبلن ۽ رڻن پٽن کي وسايو. بلوچن اھا سڀ کان  آڳاٽي ھجرت ڪئي، جنهن ۾ ھڪڙن قبيلن (بروھي بلوچن) سنڌ، ته ٻين قبيلن (جت- بلوچن) وڌي، اچي ۽ سبيءَ جي بيابانن کي پنهنجو وطن بنايو، ۽ ايندڙ ٽن صدين واري عرصي ۾ ھو مقامي باشندن سان ملي ھڪ ٿيا، ۽ مقامي ٻوليون  اختيار ڪيائون، اُتر ۾ سبي ۽ ناڙي جي ميدانن ۾ ۽ ھيٺ لاڙ طرف، جاتي ۽  ڪڇ ۾، ٻني ۽ ٻين بياباني علائقن ۾ سنڌي جت- بلوچن، جي ابادي انهيءَ آڳاٽي ھجرت جو يادگار آھي. (28)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ھن راءِ کي جڏھن مير احمد يار خان، ڊاڪٽر زيگويسٽ فال، مسٽر بيليو ۽ محمد پرويش شاھين توڙي محترم غلام رسول ميرجت جي راين سان ڀيٽجي ٿو، تڏھن ڊاڪٽر  بلوچ صاحب جي  ھن راءِ سان اتفاق نٿو ڪري سگھجي.

جتن جي اصل نسل جي باري ۾، محترم غلام رسول ميرجت پنهنجي ڪتاب، جتن جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته :

اسان کي پھرين اھو سمجھڻ گھرجي ته آيا جت،  آرين آھن يا سٿين؟ اسان پھرين آرين ۽ سٿين جي برصغير ۾ آمد جي وقت تي نظر ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته ٻنهي قومن جي آمد جي عرصي جي وچ ۾ سوين نه، بلڪه ھزارن سالن جو ويڇو آھي. قديم تاريخ ۾، سنڌ ۾ آرين جي آمد، دراوڙن کان پوءِ بيان ڪئي ويئي آھي، جيڪي سنڌ جي قديم تهذيب جا معمار تسليم ڪيا وڃن  ٿا ۽ ان بعد آرين جي آمد ٿئي ٿي.

آرين جو مشھور واقعو ويد لکڻ کان سواءِ ؛ ھن ڌرتيءَ تي پانڊون ۽ ڪورون جي وچ ۾ جنگ آھي. اھا جنگ، مھا ڀارت واري زماني ۾، 1400 ق. م ڌاري لڳي ھئي، سٿين جي آمد جو زمانو، مھا ڀارت واري جنگ کان گھڻو پوءِ جو آھي. تاريخن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته مھا ڀارت واري زماني ۾ پانڊون ۽ ڪورونجي جنگ جي احوال ۾ جتن جو ذڪر به ملي ٿو. اھا لڙائي راجا جئدرٿ جي وقت ۾ لڳي ھئي، جنهن ۾ راجا جئدرٿ، ڪورون جي طرفداري ڪئي ھئي. (29)

محترم غلام رسول ميرجت، جت قبيلن کي، ٻاھران آيل قوم ٿو بيان ڪري ۽ لکي ٿو ته:

جتن جي سنڌ ۾ آمد جو دور اُن وقت ٿيو، جڏھن موھن جي دڙي جو شھر موجود ھو، ۽ پنهنجي اوج کي پھتل ھو. (30)

پر وري اڳتي ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ۽ آرل اسٽين جي حوالي سان، جتن ۽ ميرن کي سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رھاڪو ٿو تسليم ڪري. ھو لکي ٿو ته:

موھن جي دڙي وارا ڪيترين قومن جو گاڏڙ ھئا، تنهن ھوندي به اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته منڇر ڍنڍ وارا مھاڻا، سنڌ جي اصلوڪن رھاڪن جي ھجڻ جي، سنڌ جي ڪنهن به ٻيءَ قوم کان وڌيڪ امڪان رکن ٿا......

ھن صاحب (لئمبرڪ) جي راءِ موجب (جيڪا سنسڪرت ڪتابن تي قائم  آھي)، جاٽ ، جت، چراگاھن سان چاھ رکندڙ قوم ھئي. (31)

محترم غلام رسول ميرجت، پنهنجي ھن بحث جو نتيجو ۽ تت ھيٺ ڏنل لفظن موجب ڪڍيو آھي:

( i ) جت، سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو آھن.

( ii)  جت، سنڌ جي اولاھن علائقن کان سواءِ ملتان ۽ منصوره جي علائقن  ۽ مڪران ۾ رھندا ھئا.

( iii ) جتن جي قوم سنڌ ۽ ھند جي انهن پراڻين قومن مان ھڪ ھئي، جيڪا ڌنڌي ۽ روزگار جي ڪري ايران ۽ عرب جي علائقن ۾ وڃي آباد ٿي. (32)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي راءِ پٽاندڙ جت قبيلا، نه آريا آھن ۽  نه ئي  سٿيا آھن، پر اُھي (جت) قبيلا دراصل سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رھاڪو آھن. ھو (ڊاڪٽر جيٽلي)، مھراڻ رسالي  (نمبر 1/ 1991ع) ۾، پنهنجي انٽرويو (صفحو 18) ۾ فرمائي ٿو ته موھن جي دڙي واري واديءَ جا اصلوڪا رھاڪو دراوڙ  نه پر آريا ھئا ۽ جت قوم جو نسل انهن (آرين) جي باقيات آھي.

ڊاڪٽر جيٽلي وڌيڪ فرمائي ٿو ته:

ھاڻ تازو، ڊرئويڊيئن ٿيئوري به رد ڪئي ويئي آھي، ھينئر جيڪي آرڪيالوجسٽ آھن يا ھسٽريءَ جا ماھر، ائنٿراپالاجيءَ جا، انهن سرجان مارشل جي ٿيئوري رد ڪئي آھي ته ڪو دراوڙ لوڪ، موھن جي دڙي ۾ رھندا ھئا، جن تي آرين لوڪن  حملو ڪري ڏکڻ ھندستان ڀڄائي ڇڏيو، جنهن تي پوءِ آرين، اُتر ھندستان ۾ اچي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. اھو نظريو ھاڻ بلڪل غلط ثابت ٿي چڪو آھي، ڇاڪاڻ جو ھاڻ جيڪي  کوجنائون ٿيون آھن، ته سرجان مارشل کي لاشن جون کوپڙيون ھٿ لڳيون ھيون، جيڪي ھن لنڊن موڪليون ھيون، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ، تيستائين ھو مري ويو، ۽ اُن جي رپورٽ ڪو نه پھتي. 1930ع جي اھا ڳالهه آھي، جيڪا ھاڻ وڃي اھا رپورٽ ظاھر ٿي آھي، جنهن ڪري ھندوستان ۾ جيڪي آرڪيالوجسٽ آھن، تن انهيءَ ڳالهه کي سمجھايو آھي ته انهيءَ رپورٽ جي آڌار تي انهن ٻڌايو ته جت، جاٽ قوم جيڪي پنجاب يا بلوچستان ۽ ڪڇ واري علائقي ۾ آھن، تن جي کوپڙي سان اھي ملن ٿيون، ھاڻي اھي آھن سڀيئي جاٽ، جيڪي آريائي نسل جا آھن، تنهن ڪري ھاڻي اھا ٿيئوري رد ٿي چڪي آھي ته ڪو موھن جي دڙي ۾ ڊرئويڊيئن يعني دراوڙ نسل رھندا ھئا. (33)

جناب مير احمد يار خان، جدگالن کي بلوچستان جا قديم رھاڪو ٿو مڃي. ھو لکي ٿو ته:

اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رھاڪو نه آھن، پر انهن قبيلن (بلوچن)، مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ، ھن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروھي، راجپوت ۽ جدگال گھڻي تعداد ۾ رھندا ھئا. (34)

محترم محمد پرويش شاھين ھڪ طرف گوجرن جو وجود راءِ گھراڻي جي حڪومت واري زماني ۾ ٿو بيان ڪري ته ٻئي طرف انهن کي 400 ق. م ڌاري آباد ٿيل قبيلو ٿو سمجھي. ھو (محمد پرويش شاھين). ڊاڪٽر صابر آفاقيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

گوجر، اراولي ٽڪرين جي آسپاس واري خطي ۾ ئي رھندا ھئا. سندن گوجري زبان، انهيءَ خطي ۾ ئي جنم ورتو،گوجري زبان جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو پتو 400 ق. م ڌاري پوي ٿو. (35)

ساڳيو مصنف (محمد پرويش شاھين) ، چيني سياح. ھيون- سئنگ جو به حوالو ڏئي ٿو. ھي سياح (ھيون- سئنگ) راءِ گھراڻي جي حڪومت جي آخري زماني ۾، سنڌو- ماٿر ۾ موجود ھو. ھيون- سئنگ به گوجرن جو ذڪر ڪيو آھي. محمد پرويش شاھين لکي ٿو ته:

گوجرن جي وجود جو ثبوت حضرت مسيح جي ولادت واري زماني کان به اڳ ملي ٿو. ھيون- سئنگ ھنن (گوجرن) کي ڪوچي لو (Klu-che-lo) جي نالي سان سڏيو آھي. (36)

ھن سلسلي ۾ وڌيڪ مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ھزاره، سنڌو- ڪوھستان، سوات، ڪوھستان، دير- ڪوھستان ۽ پنجڪوره ڪوھستان وارن علائقن ۾ جتن جي نالي سان ڪو به قبيلو نٿو رھي، پر انهن کي ھاڻ، گوجر سڏيو ويندو آھي. محقق بيليو جي راءِ موجب گوجر ھندي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جيڪو چوپائي مال جي ڌڻ يا ڌڻن پاليندڙ لاءِ ڪم آندو ويندو آھي، چوپائي مال جي ڌڻن پاليندڙن کي گوجر سڏيو ويندو آھي، ٻين لفظن ۾ ھيئن چئبو ته گوجر لفظ، مال پالڻ جي ڪرت يا ڌنڌي سان نسبت رکي ٿو، ۽ اُن ڪرت ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

پنجاب (پاڪستان) جي ھڪ مشھور مؤرخ، محترم انور بيگ اعواڻ جي راءِ موجب، گوجر لفظ گؤچر (گؤ + چر) مان ٺھيو آھي، جنهن جي معني آھي، ڳائو مال چاريندڙ، يا پاليندڙ. (37)

ساڳيو مصنف (محترم انور بيگ اعواڻ) اڳتي لکي ٿو ته:

افغانستان جو گوجر قبيلو ۽ اُتي جو پشائي (ھنديءَ جو پشو/ پسون، معنيٰ جانور) قبيلو، جن جي زبان کي پشائي زبان، چوندا آھن، جڏھن برصغير ۾ داخل ٿيا ته اُنهن کي گوجر سڏيو ويو. اھي ماڻھو سوات، دير، تيراه، ڪاغان، ھزاره، ڪشمير ۽ تبت ۾ به   ڏسبا آھن. اھي قبيلا پنهنجي خاص زبان گوجري ڳالھائيندا آھن (38)

امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا ۾ ڄاڻايل آھي ته:

افغانستان ۾ رھندڙ جت قبيلا، بلاشڪ، جتن جي قديم قبيلن سان واسطو رکن ٿا، ۽ انهن منجھان آھن ۽ جت جيڪي ھاڻ لاھور کان وٺي ڪراچيءَ تائين آباد آھن، ۽ جن جو بُڻ بنيادي (Obscure) آھي، وڏيءَ آباديءَ تي مشتمل آھي. (39)

انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام ۾ ھڪ ھنڌ ائين به ڄاڻايل آھي ته:

پاڪستان ۾ ھزاره ۽ ڀارت ۾، ڄمون، ڪانگڙا ۽ ڪشمير جي ڪن  حصن ۾ گجرن جا ڪي ٽولا رھندا آھن، جيڪي خانه بدوش زندگي گذاريندا آھن. اھي قبيلا مال جي سانگي سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ڏانهن گھمندا رھندا آھن. کين جتي به مال لاءِ چرا گاھ ملندا آھن، اُتي پنهنجا خيما کوڙيندا آھن. ھو جيڪا ٻولي ڳالھائيندا آھن، تنهن کي گوجري سڏيو ويندو آھي. (40)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com