عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا لاءِ
ويچار
ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي زبان، دنيا جي ٻين زبانن وانگر
هميشه ۽ هر دور ۾ تحقيق ۽ تجسس جو
موضوع رهي آهي. هر دور جي عالمن ۽
ودوالن، سنڌي زبان جي مختلف موضوعن تي
کوجنا پئي ڪئي آهي. تحقيق مان معلوم
ٿو ٿئي ته قبل مسيح ۾ آيل چيني سياحن
کان وٺي پوءِ جيڪي به ماهر ۽ ودوان
وادي سنڌ ۾ پهتا، انهن سنڌ جي ماڻهن،
انهن جي ثقافت،، رهڻي ڪهڻي، معاشي ۽
معاشرتي حالتن ۽ ٻوليءَ جي باري ۾
پنهنجا رايا ضرور ڏنا آهن. اهو سلسلو
هر دور ۾ جاري رهيو آهي.
سنڌي ٻولي جيئن ته قديم زماني ۾
روزمره جي استعمال، وڻج واپار، لوڪ
ادب ۽ عوام جي وهنوار ۾ مروج ٻولي رهي
آهي، انهيءَ ڪري سنڌ جي سماجي زندگيءَ
تي سنڌي ٻولي به اثر انداز رهندي آئي
آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته
قديم زماني کان وٺي هن ٻوليءَ کي هڪ ۽
هڪ کان وڌيڪ رسم الخط حاصل رهيا آهن،
جنهن ڪري هيءَ ٻولي سدائين لکيل صورت
۾ رهندي آئي آهي، جنهن ڪري هيءَ ٻولي
زندهه ٻولين ۾ شامل رهي آهي ۽ هميشھ
زنده رهندي . لکڻ واري صلاحيت حاصل
ڪرڻ سبب، هن ٻوليءَ پنهنجي سماج جي
قدرن ۽ ان ۾ جيڪي تبديليون اينديون
رهيون آهن، تن کي رڪارڊ طور محفوظ
رکيو آهي، مون پنهنجي هڪ مقالي بعنوان
سنڌي
لسانيات، صوتيات، لغت ۽ گرامر تي ٿيل
تحقيق ۽ اشاعت ۾ عرض ڪيو هو:
سنڌيءَ ٻوليءَ جي اڀياس اندر، سنڌ جي
معاشي، معاشرتي زندگي، ذهني ۽ فڪري
ترقيءَ جي تصوير چٽي نظر ايندي آهي.
سنڌي ٻولي هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو
اٿاهه مهاساگر، لغت، معنيٰ ۽ علم
ادب، خيالن ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي،
ٻين انساني ٻولين وانگر، هيءَ ٻولي به
ڪنهن هڪ ماڻهوءَ، ڪنهن هڪ عالم يا
ڪنهن هڪ ماهر يا استاد ويهي ڪانه ٺاهي
آهي، پر ٻين انساني ٻولين وانگر، هيءَ
ٻوليءَ به قدرت طرفان عطا ٿيل آهي، ۽
هيءَ ٻولي سنڌ جي ڌرتي ۽ ڀونءَ سان گڏ
وجود ۾ آئي ۽ جڳان جڳ جيئندي، ترقي
ڪندي، منزلون طي ڪندي، مقابلن کي منهن
ڏيندي، سختيون سهندي، ساڻيهه سان گڏ
ساهه کڻندي، اڳتي وڌي رهي آهي، ۽
وڌندي رهندي؛ ۽ انهيءَ لحاظ سان هن
جون پاڙون سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ
اندر ايتريون ته اونهيون کُتل رهيون
آهن، جن کي اکوڙڻ ۽ پَٽي ڪڍڻ مشڪل ڪم
۽ ناممڪن ڪوشش آهي. هيءَ ٻولي هر
زماني ۾، عوامي ٻولي رهندي آئي آهي ۽
روزمرهه جي ماحول ۾ سدائين مروج،
سدائين جاري ۽ استعمال واري ۽ سندس
حيثيت مواتر ۽ مقام هر زماني ۾ سدائين
مڃيل ۽ موثر رهيو آهي. ٻين لفظن ۾
هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جوسرچشمو
سدائين عوام ئي رهيو آهي. (1)
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا جي سلسلي
۾ اهو به عرض ڪيو ويو هو ته سنڌي
ٻولي قديم سنڌ ۾ ، اسلام جي آمد کان
به گهڻو اڳ، عوام جي روزمرهه جي
زندگيءَ ۽ وهنوار ۾ ڪم ايندڙ ۽ روزانه
استعمال ۾ ايندڙ زبان هئي، جنهن ۾
ڳالهائڻ ٻولهائڻ کانسواءِ واپار ۾
تاجر پنهنجو ليکو چوکو لکت ۾ رکندا
هئا ۽ دڪانن تي وکرن ۽ وڙن جا نالا به
پنهنجي ماحول ۾ مروج رسم الخط ۾
لکندا هئا، ان زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
لکت لاءِ مختلف رسم الخط ڪم ايندا
هئا، جن جو ذڪر ۽ نالا ڌار ڌار مقالن،
مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ملن ٿا.
هن سلسلي ۾ موهن جي دڙي واري لکت جي
باري ۾ جيستائين ڪا آخري راءِ، ثبوتن
۽ دليلن سان ظاهر ٿئي، تيستائين سنڌ
۾ رسم الخط جا ٻيا ڪئين نالا ۽ ڪي
نمونا پڻ مليا آهن (2)، جن ۾ برهمي ۽
کروشٺيءَ کانسواءِ ارڌناگري نموني تي
ٺاهيل رسم الخطن جا جيڪي نالا حاصل
ٿيا آهن، اهي هي آهن:
(i) لوهاڻڪو رسم الخط:
هي رسم الخط ٺٽي ۽ برهمڻ آباد ۾
لوهاڻا استعمال ڪندا هئا.
(ii) ڀاٽيا رسم الخط: هي خط ٺٽي جا ڀاٽيا ڪم آڻيندا هئا.
(iii) لاڙائي يا لاڙي رسم الخط:
هي رسم الخط لاڙ ۾ لاڙي بندر، فتح
باغ، جوڻ، رڙي، بدين، رهموڪي بازار جا
عام ماڻهو ۽ واپاري ڪم آڻيندا هئا.
(iv) راجائي رسم الخط: هي رسم الخط دبي، ميرپورساڪري، جاکي بندر ۽ سبڊي بندر جا واپاري ۽
عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.
(v) ميمڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي، حيدرآباد، راهموڪي بازار ۽ ٻين شهرن جا ميمڻ
(واپاري ۽ عام ماڻهو) ڪم آڻيندا هئا.
(vi) خواجڪا اکر: هي رسم الخط نو ملسم خواجه جيڪي اڪثر لوهاڻن مان مسلمان ٿيا هئا سي
ڪم آڻيندا هئا، هي خط لوهاڻڪي خط ۾
تبديليون
۽ واڌارا آڻي ٺاهيو ويو هو.
(vii)
ڏاکڻي لهندا رسم الخط:
هي رسم الخط چاچڪان سرڪار
جي جوڻ، فتح باغ، بدين ۽ لاڙ جي ٻين
حصن ۾
لوهاڻن ۽ ڀاٽين کانسواءِ ٻيا هندو
واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.
(viii)
لُنڊا يا واڻڪا اکر: هي رسم الخط
ڀائيبند واڻيا، واپاري بدين ۾ ڪم
آڻيندا هئا.
(ix) ونگائي رسم الخط:
هي رسم الخط
بدين طرف جي ونگي پتڻ، ڪوڇي، باغ جي
پتڻ، بنگهار جي شهر ۽ ولهار جا واپاري
۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا ئا.
(x) خداوادي رسم الخط (1) :هي رسم الخط خداآباد جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم
آڻيندا هئا.
(xi) سيوهاڻي ٻاٻڙڪا اکر: هي رسم الخط سيوهڻ ۾ هلندو هو، سيوهڻ جا ٻاٻڙا واپاري ڪم آڻيندا هئا.
(xii) شڪارپوري رسم الخط: شڪارپور جا واپاري ۽ عام ماڻهو پنهنجو شڪارپوري رسم الخط ڪم آڻيندا
هئا.
(xiii) ساکرو رسم الخط: هي رسم الخط سکر ۾ عام هوندو هو.
(xiv) گرمکي اکر: سنڌ ۾ گرو نانڪ جا پوئلڳ، نانڪ-پنٿي هندو، هي رسم الخط ڪم آڻيندا
هئا.
انهن کانسواءِ البيرني به ڪنهن رسم
الخطن جا نالا ڏنا آهن، جيئين اڳتي
بيان ڪيو ويو آهي. البيرونيءَ کان اڳ
۾ اسان کي عرب سياحن جي سفرنامن مان
سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخطن جي فقط
تعداد جي باري ۾ معلومات ملي ٿي. هن
(البيروني) عالم کان پوءِ انگريز
ماهرن نه فقط نالا ڏنا، پر انهن لکتن
۽ لپين جا نمونا پڻ پيش ڪيا.
هن ڏس ۾ ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کوٽاين مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي
لکيل اکرن، عرب سياحن جي دعويٰ کي
دليل طور پيش ڪيو. ڀنڀور مان لڌل
ٺڪرين کي پڙهڻ کانپوءِ نه فقط رسم
الخط جي باري ۾ڪجهه چيو ويو آهي پر،
ان وقت ڪم ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت،
سٽاء، مواد ۽ ٻوليءَ جي مجاز جي باري
۾ به راءِ ڏني ويئي آهي (1)؛
البته برهمڻ آباد (المنصوره) مان لڌل
ٺڪرين تي لکيل اکرن (رسم الخط) جي
باري ۾ اڃا ڪا راءِ يا رايو ڪونه ڏنو
ويو آهي، جنهن جي آڌار تي ڪجهه چئي
سگهجي، پر ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته
ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کنڊرن جي
کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺڪرين تي
لکيل اکر ثابت ٿا ڪن ته
هنن شهرن جا ماڻهو نه فقط
پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا، پر
هو پنهنجي روزاني زندگي، وهنوار ۽
اٿڻي ويهڻي ۾ پنهنجي ٻولي ڪم آڻيندا
هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا
هئا، پر هو اها ٻولي باقاعدگيءَ سان
لکي به سگهندا هئا(1).
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سماجي، تجارتي، علمي، ادبي ۽ لساني
ڪارج جي سلسلي ۾ اسان کي سڀ کان آڳاٽي
۾ آڳاٽي ۽ ان
وقت جي لحاظ کان گهڻي ۾ گهڻي معلومات ، عرب سياحن جي سفرنامن مان ملي ٿي.
انهن سياحن ۽ ماهرن ۾ سڀ کان پهرين
جاحظ (864ع) (2)، پوءِ اصطخري (951ع)
(3)، پوءِ مسعودي (957)(4)، پوءِ ابن
حوقل (245هه/956ع) (5)، پوءِ بشاري
مقدسي (958ع) (6)، پو ابن نديم (985ع
ڌاري)
(7)
۽ پوءِ البيروني
(1017ع کان 1030ع) پنهنجن پنهنجن
ڪتابن ۽ تذڪرن ۾، ان وقت جي ماڻهن جي
حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج
واپار ۽ ٻوليءَ لاءِ مستعمل رسم الخط
جو ذڪر ڪيو آهي. انهن سياحن، ماهرن ۽
محققن ۾ البيرونيءَ ته ان
وقت جي چالو رسم الخطن جا نالا پڻ ڏنا آهن. هو لکي ٿو:
ڏکڻ سنڌ
۾
کاري واري خطي تائين مالوَ شائو
(Malwashau)
نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان
کي مالواڙي (ملقاري) به چئبو آهي،
بَهمنوا (المنصوره) ۾ سئندو رسم
الخط ڪم ايندو آهي. لاڙي خط، لاڙ
ديس ۾ ڪم ايندو آهي. اردناگري رسم
الخط ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو
ويندو آهي (8).
البيرونيءَ جي هن راءِ، ٻين عرب سياحن
طرفان رسم الخط جي باري ۾ ڏنل معلومات
ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد (المنصوره) مان
رسم الخط جا حاصل ٿيل نمونا، جارج
اسٽئڪ (9) ۽
سرگريئرس
جي جڳ مشهور تحقيق(10)
مان ائين نٿو معلوم ٿئي ته سنڌي زبان
لاءِ عربي-سنڌي رسم الخط يا عربي حروف
تهجيءَ جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ سنڌي
صورتخطي ڪتاب (ڇاپي ٽئين) ۾ صفحي 27
تي، عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي عنوان
هيٺ، هڪ سوال ڪيو ويو هو. اهو سوال هو:
هي سوال اڃا تحقيق طلب آهي ته سنڌ ۾
عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪيئن
ٿي ۽ ڪڏهن ٿي (1)
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي خيال موجب:
عربي-سنڌي خط جو قديم نمونو، شاهه
ڪريم بلڙائيءَ (1537ع کان 1663ع) جي
ڪلام ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم کانپوءِ ٻين
بزرگن جو ڪلام به عربي-سنڌي رسم
الخط ۾ لکيل آهي (2).
هن سلسلي ۾ البيرونيءَ جي راءِ جو جائزو وٺندي، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ لکي ٿو: پنهنجي هن بيان ۾ بيرونيءَ ڪم از ڪم ٽن
صورتخطين جو پتو ڏنو آهي، جيڪي 1020-
1030ع واري عرصي اندر رائج هيون،
ڀاٽيھ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪمن ڀاڱن ۾،
يعني جيسلمير واري سرحد لڳ، سنڌ جي
اڀرندين ڀاڱن ۾، اڌ-اکري ناگري
هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀانئجي ٿو ته
اندازن موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽
ٿرپارڪر ضلعن جي اڀرندين ڀاڱن ۾
اڌ-اکري ناگري هلندڙ هئي، سامونڊي
ڪناري يعني موجوده ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي
ڀاڱي ۾ ملقاري رسم الخط رائج هئي.
تاريخي اعتبار سان درياءَ کان اولهه
طرف ميرپورساڪري واري
علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان نڱامرا قوم آباد هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي
صورتخطي
نڱامري ڏانهن اشارو هجي.وچ سنڌ واري علائقي ۽
گاديءَ جي شهر بهمنوا يا منصوره ۾
سيندب يعني سئندو يا سنڌي
صورتخطي هلندڙ هئي. اها عربي-سنڌي
صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين
منصوره واري علائقي ۾ استعمال ٿي ۽
اتان آهستي آهستي سڄيءَ سنڌ ۾ رائج
ٿي(3).
ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو:
عربي-سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾
آڳاٽو نمونو خود محقق بيرونيءَ جي
لکيت ۾ ملي ٿو. هن ملقاري لفظ ۾ ق
حرف ڪم آندو آهي؛ مڱر (منگر) ۽
اڱل (آڱر)
لفظن ۾ ڱ جي اُچار لاءِ ڱ حرف ڪم
آندو اٿس؛ يعني ته خود محقق بيروني،
سنڌ جي مقامي اُچارن کي ادا ڪرڻ لاءِ
عربي حرفن مٿان ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر
ڪڍيا (1).
عرب سياحن جي سفر نامن ۽ انهن کان اڳ
جي لکيل تاريخي مواد جي مطالعي مان
معلوم ٿو ٿئي ته انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي
باري ۾ ، لکيل احوالن ۾ ڪيترن ئي
مقامي سنڌي لفظن کي عربي رسم الخط ۾
لکڻ جو رواج يا ابتدا البرونيءَ جي
آمد واري دور (1010ع- 1030ع) کان گهڻو
اڳ ٿي چڪي هئي،البروني 1017ع کان
1030ع واري عرصي ۾ هت آيو، جڏهن ته
پهريون عرب سياح جاخط هو، جنهن جو
احوال 864ع ۾ ملي ٿو، يعني البرونيءَ
جي اچڻ کان 153 سال اڳ. جاحظ کان پوءِ
هڪ ٻئي پٺيان ٻيا سياح به آيا، جيئن
اصطخريءَ جو سن 951ع آهي، ابن حوقل جو
سن 245هه- 956ع جي لڳ ڀڳ آهي.
جاگرافيدان مسعودي 303 هه/16- 915ع
ڌاري سنڌ ۾ آيو؛ بشاري مقدسيءَ جي
تصنيف جو سن 985ع/ 375هه آهي، ابن
نديم 377 هه/ 86- 985ع ڌاري سنڌ جو
احوال لکيو، پر البيرونيءَ جو احوال
1017ع کان 1030ع جو آهي، انهن سڀني
سياحن، مورخن، ماهرن ۽ جاگرافيدانن جي
سفرنامن ۽ تذڪرن مان نه فقط سفرنامن
جي ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين
ڳالهين کي لکت ۾ بيان ڪيو ويو آهي، پر
انهن سفرنامن مان سنڌي ٻولي، ان لاءِ
ڪم ايندڙ رسم الخط جي تعداد جي باري ۾
خبر پوي ٿي ۽ البيرونيءَ ته انهن رسم
الخطن جا نالا به ڏنا آهن. انهن
سفرنامن ۽ تذڪرن ۾ سنڌي ماڻهن، سنڌ جي
ماڳن، مڪانن ۽ دريائن وغيره جا نالا
عربي رسم الخط ۾ ڪجهه تبديليءَ
کانپوءِ ڏنا ويا، ان ڪري سنڌي زبان ۾
ڪافي وسعت اچي چڪي هئي.، هزارن جي
تعداد ۾ عربي ٻوليءَ جا لفظ سنڌي
ٻوليءَ ۾ داخل
ٿي ويا ۽ سنڌي لغت جو حصو بڻيا.
هڪ ڳالهه هيءَ به توجهه جي لائق آهي
ته عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن جي اچڻ
واري عرصي جي لڳ ڀڳ ڪيترائي تاريخي
ڪتاب قلمبند ٿي چڪا هئا، جن ۾ سنڌ ۾
اسلامي فتوحات جي باري ۾ تفصيل سان
ذڪر ڪيو ويو هو. هن وقت تائين جن
تاريخي ڪتابن جا نالا مليا آهن، انهن
مان ڪي هي آهن.
(i)فتوح البلدان: هيءَ بلاذريءَ جي لکيل تاريخ آهي، جنهن ۾ هڪ باب سنڌ جي فتوحات جي
عنوان سان آهي، بلاذريءَ جي وفات
80/279ع ۾ ٿي،، يعني ابن حوقل کان 34/
35 سال پوءِ.
(ii) تاريخ يعقوبي: هن تاريخ ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح جو احوال تفصيل سان ڏنل آهي.
يعقوبيءَ جي وفات 284ع ۾ ٿي.
(iii)
تاريخ طبري:
هن تاريخ جو مصنف ابوجعفر محمد بن
جريد الطبري آهي. هيءُ 224هه
۾ ڄائو هو ۽ 310هه ۾ وفات ڪيائين. هن تاريخ ۾ سنڌ جي فتوحات جي باري ۾
ذڪر آهي ۽ حوالا ڏنل آهن، گويا هن
تاريخ جو مصنف ابن حوقل جو هم عصر هو.
(iv) الڪامل في التاريخ: هي ڪتاب ابن الاثير
جو لکيل آهي. هي عالم 555هه کان 630هه
تائين ٿي گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي
اوائلي فتوحات جي باري ۾ ذڪر آهي.
(v) فتح نامه سنڌ عرف چچنامو:
سنڌ جي تاريخ بابت هي پهريون مڪمل
ڪتاب آهي، هي ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾
لکيو ويو هو، جنهن جو فارسي ترجمو 613هه (1216ع) ۾
ٿيو. هن ڪتاب ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ
جي ماڻهن، ماڳن، دريائن، ندين، ڍنڍن،
قومن ۽ ذاتين جا نالا عربي-سنڌي حروف
تهجيءَ ۾ ڏنل آهن.
انهن سڀني تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي
ڳوٺن، ماڻهن، دريائن، ماڳن ۽ مڪانن جا
نالا عربي- سنڌي رسم الخط جي نموني ۾
لکيا ويا آهن، پر هن ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ
اهم ڪتاب چچنامو آهي، جنهن ۾ سنڌي
ٻوليءَ جا هزارين لفظ، عربي - سنڌي
رسم الخط ۾ لکيل آهن، جيئن اڳ ۾ ذڪر
ڪيو ويو آهي.
عربي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
معيار، مقام ۽ شڪل جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر
بلوچ صاحب لکي ٿو:
عربي دور حڪومت ۾ ٻوليءَ ۾ مرڪزيت
پيدا ٿي. سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ قبيلن
جي ٻولين ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جنهن
ڪري هڪ جامع سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل
وجود ۾ آئي.
سنڌ ۾ عربي دور جي ابتدا کان ئي عربن
جون آباديون قائم ٿيون. سنڌ وارن جا
عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽ عالمن سان
گهرا معاشرتي تعلقات پيدا ٿيا. عربن
سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، سندن دائمي
سڪونت سبب، عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾
شادين مرادين ۽ مٽين مائٽين جا سلسلا
قائم ٿيا. عرب ۽ سنڌي پاڻ ۾ ايتري قدر
ته سـڱيڻا ٿيا، جنهن ڪري سنڌ وارن جي
سماجي زندگيءَ تي اثر وڌيو. اسلام جي
اثر ماڻهن جي روزانه زندگيءَ تي وڏو
اثر ڪيو.
انهيءَ اجتماعي نفسيات جو ٻوليءَ جي
نفسيات تي اثر گهڻو پيو. بيشمار
عربيءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل
ٿيا، انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي لغت ۾
واڌارو ٿيو. انهن ۾ مذهب، معاشيات،
معاشرتي زندگي، زراعت، تجارت، ابلاغ،
صنعت، مواصلات
(Communication)،
جنگ، انتظامي اُمور ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ
داخل ٿيا(1)
اسلامي حڪومت جي اثر ڪري، جتي هزارن
جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي لغت جو حصو
بڻيا، اُتي ٻنهي تهذيبن جي ميل جول
ڪري، ڪيترائي سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾
شامل
ٿي ويا. عرب سياحن ۽ محققن پنهنجي سفر
دوران سنڌ ۾ بيشمار سنڌي لفظ، عربي
ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌا. سنڌي
ٻوليءَ جي انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن جي
عربيءَ ۾ عام استعمال جو خاص سبب هي
به هو، جو ڪيتريون ئي پسارڪيون شيون ۽
وکر، توڙي روزمره جي استعمال جا وڙ
جهڙوڪ
ٿوم،
گرم مصالحو
ڪپڙو، ستيون ڦڪيون ۽ ٻيون شيون سنڌ
جي مَنڊين ذريعي عربستان، ايران ۽
ٻين ملڪن ڏانهن اماڻيون وينديون هيون.
سنڌي ويدن، ويڄن ۽ طبيبن، طب جي ڪتابن
۽ ويدن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو، انهيءَ
ڪري سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي لفظ معمولي
صوتي تبديل سان، عربيءَ ٻوليءَ ۾ جيئن
جو تيئن رهيا ۽ رکيا ويا، جيڪي اڄ به
سڃاڻي سگهجن ٿا؛ البته ڪي لفظ گهڻي
صوتي تبديل سبب عربيءَ ۾ اهڙا ته مدغم
ٿي ويا جو اهي هاڻ سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا
اچي سگهن؛ مثلا اهڙا لفظ آهن:
سنڌي لفظ
عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ سنڌي لفظ
عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ
ٿوم
ثوم/فوم
کنڊ قند (1)
سڙهه شرعھ
ڪک ڪَخ
جت زط
گج قز
ڪاٻارو/ڪاٻالو قبالھ
ڪپور ڪافور
ڦردو
فَرضھ
نيل نيلج
ڪرمچ ڪرمز
ڪرڻ ڦل قرنفل
پوتي/پوتو فوطھ
جاءِ ڦل جائفل
هندورو
هندول
ٽِڦلو آطرفل
بيانو
هندول
مِک مِخ
ڇيٽ شِيٽ
اهڙيءَ طرح هيٺ مثال طور اهي سنڌي لفظ ڏجن ٿا، جيڪي سنڌ ۾
رهندڙ عربن جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، جن
کي هنن جيئن جو تيئن قائم رکيو. اهڙن
لفظن مان ڪي هي آهن:
سنڌي عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ سنڌي
عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ
انب انبھ، انبج
سکاڻ
سُڪان
ڀَت بهطھ، بهطا ڪات
قاطع
ڪاسو ڪاسھ
مُترڪو مطرقھ
سنداڻ سندان (1) هليلا هليلھ
اَڪرو عاکره
مٿي ڏنل لفظن توڙي اهڙن ٻين لفظن کي
عربي حروف تهجيءَ ۾ لکڻ لاءِ ڪيترن
ئي سنڌي آوازن کي، عربي اکرن ۾ لکيو
ويو يا عربي اکرن ۾ واڌارو ڪري نوان
اکر جوڙيا ويا ڇو ته عربي رسم الخط ۾
انهن سنڌي آوازن لاءِ حروف هئا ئي
ڪونه؛ مثلا:
سنڌي آواز عربي سنڌي حروف
سنڌي آواز
عربي سنڌي حروف
ڦ ف
ک ڪ
ڙ
ر
پ ف
ڻ
ن ک
ق/ک
ڀ
بهه
ڱ نگ
ٿ ف/ث
ڃ نج
ٻ ب
سنڌيءَ جا اُهي لفظ جيڪي او
پڇاڙيءَ وارا هوندا هئا، اهڙن لفظن
کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ
او کي ـھ ۾ تبديل ڪيو ويو. مثلاً:
سنڌي عربي
مترڪو مطرقھ
ڪاسو ڪاسھ
بيانو بيانھ
ڪاٻارو قبالھ
ڦڙدو فرضھ
توتيو توتيھ
اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغداد جي خليفن
سنڌ مان ڪيترائي پنڊت، ودوان، طبيب ۽
ويد گهرايا ۽ کين تعليمي ۽ طبي عهدن
تي مقر ڪيو(1). انهن مان ڪن جا نالا هئا:
پنڊت ماڻڪ، پنڊت ڀلو، پنڊت ڌنو، پنڊت
بکر ۽ پنڊت گنگو وغيره. انهن پنڊتن،
ودوانن، ويدن ۽ حڪمين بغداد ۾ رهي،
عربي زبان ۾ ويد، طب، ستارن جي علم ۽
ٻين علمن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۾ مدد
ڪئي. هنن جڙين ٻوٽين، پسارڪي وڙن ۽
وکرن ۽ دوائن جا ڪيترائي سنڌي لفظ ۽
نالا جيئن جو تيئن عربي ۾ قائم رکيا.
اهڙن لفظن جا نالا اڳ ۾ ڏنا ويا آهن، ۽ اڳتي پڻ مثال طور ڏنا ويندا.
هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي
ته:
(وڌيڪ پڙھو)
(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد
زيب ادبي مرڪز، 1980ع ص ص 74-
75.
(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر:
حوالو ڏنل آهي ص ص 74- 75.
(1) سيد سليمان ندوي:
عرب و هند کي تعلقات،
هندوستاني اڪيڊمي، 30-1929ع،
ص 69
۽ پڻ ڏسو بزرگ بن شهاريار:
عجائب الهند، اردو ترجمو، ص
202.
(1)
جاحظ: رسالھ فخر السودان علي البيضان، اردو ترجمه، حوالو ڏنل
آهي، ص 55.
(1) بزرگ بن شهريار:
عجائب الهند، حوالو ڏنو ويو
آهي، 1920، ص 101 ۽ پڻ ڏسو،
سيد سليمان ندوي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 67 ۽ 69.
(1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر:
سنڌي لسانيات، صوتيات، لغت ۽
گرامر تي ٿيل تحقيق ۽ اشاعت،
سماهي مهراڻ ڄام شورو، سنڌي
ادبي بورڊ 1983ع
(2) Stack, G, Grammar of
Sindhi Language also see:
Aitken E.H. Gazetteer of
the Province of Sind,
Karachi, Merchantile Steam
Press, 1907. p 472.
(1)
Burton, R.F., Sind and the
races thet inhabit the
valley of river Indus,
W.H.Allen and Co.1851,p.152.
(1)
غلام علي الانا، ڊاڪٽر:
مقالو ڀنڀور جا آثار-سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو،
سماهي مهراڻ ، 4-1983ع، ص ص
61- 62.
(1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر
مقالو ڀنڀور جا آثار-سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو.
سماهي مهراڻ، 4-1983ع، ص ص
61، 62.
(2) جاحظ:
رسالته فخرالسودن علي البيضان، اردو ترجمو هندوستان عربون کي نظر مين. حصه
اول اعظم ڳڙهه ، حصو اول،
دارالمصنفين، 1965ع، ص 73 ۽
74.
(3) اصطخري: المسالک الممالک، ايضا، ص 375
(4) ابوالحسن مسعودي
:
مروج الذهب و معاون الجوهر
ايضا، ص ص 288 ۽ 289.
(5) ابن حوقل ڌار ڌار ملڪن جا
نقشا تيار ڪيا، ان ۾ هن سنڌ
جو نقشو پڻ ٺاهيو، جو غالبا
سنڌ جو پهريون نقشو هو، جنهن
۾ پهريون دفعو سنڌ جي شهرن جا
نالا عربي رسم الخط ۾
لکيائين.
(6) بشاري مقدسي:
احسن التقاسيم في معرفته،
اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو
آهي، ص ص 385- 386.
(7) ابن نديم: الفهرست ، اردو ترجمو، جلد دوم، 1962ع، ص ص 3-4.
(8) Sachau, E.C.,
Alberunis India, London,
Kegen Paul Trench Trubner,
1910. p. 173.
(9) See Stack G.Op.cit.
(10)
Grierson E.H.Linguistic
Survey of India, Vol: viii.
(1)
غلام علي الانا، ڊاڪٽر:
سنڌي صورتخطي، حيدرآباد،
سنڌي زبان پبليڪيشن 1969ع ص
17.
(2) Daudpota, U.M., Article,
Sindhi Literature,
Cultural Heritage, of
Pakistan, Karachi Oxford
University Press,
1955,P.156.
(3)
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر
:
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر
تاريخ، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد،
زيب ادبي مرڪز 1980ع، ص 74-
75.