ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي
محبت ٻرڙو
”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي
پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو
ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو:
”ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي
وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح
ڳالهايو“؟
هڪ، ٻه ٽي،.... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي ته مون اهو جملو
سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن
پٽاندر غلط ڳالهايو.
پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ
استادن ۽ ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽
خاص ماڻهن جي گفتن تي ڌيان شروع ڪيو ۽
ڀاسيم ته اهڙيون چڪون اسان جي عام
ڳالهه ٻولهه، ۾ عام جام پيون ٿين.
فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽
خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان
ڏيان. ڀرسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين
کان سواءِ ٻن سون کان وڌيڪ نثر توڙي
نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾
اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦير گهير سان
هزارين ڀيرا ورجائجندي نظر آئي، جيڪا
مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (ڇا
اوهان اها چُڪ پڪڙي؟)
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ گهڻگهري ۽ شاگرد جي
حيثيت ۾ ، سٺو اهو ئي رستو هو ته
پنهنجن خيالن کي سنڌيءَ جي ليکڪن توڙي
عالمن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪريان
۽ کانئن رهنمائي وٺان. پنهنجي ڳالهايل
جملي، ۽ عام طرح ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ
جملن تي جيڪا سوچ ڪيم ۽ ان جي نتيجي ۾
جيڪو ڪجهه (صحيح يا غلط) پلئه پيو،
هيٺ پيش ڪجي ٿو. انهيءَ نيڪ نيت سان
ته جيڪو صحيح هجي، ان کي قبولجي ۽
جيڪو غلط هجي، ان کي رد ڪجي ته جيئن
صحيح ۽ سٺي جو واڌارو ٿئي
پڇاڙي ڇا آهي؟
دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾، ۽ سنڌيءَ
۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي
(بظاهر) ڪا به معنيٰ نٿا رکن ۽ گهڻي
ڀاڱي مقرر آهن، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ
جي اڳيان، پٺيان يا ان جي وچ ۾ جڏهن
رکجن ٿا، تڏهن هڪ مخصوص معنيٰ ظاهر ڪن
ٿا.
اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا
آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان، مُنڍ ۾
اچي. ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن،
انهن کي ”اڳياڙي“ چئجي ٿو. مثال طور،
”ٻيٽ“ جي آڏو ”اُپ-“ اڳياڙي اچي
”اُپٻيٽ“ ۽ ”جاڳ“ جي آڏو ”سُ-“ اڳياڙي
اچي ”سجاڳ“ ٺاهي ٿي.
اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا
آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ڪانه
ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن،، انهن کي
”وچاڙي“ (وچياڙي) چئجي ٿو. مثال طور،
”مرڻ“، ”کرڻ“، ”ٺرڻ“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن
ئي لفظن جي پهرئين اکر کانپوءِ ”-آ-“
آڻڻ سان واريسر ”مارڻ“، ”کارڻ“،
”ٺارڻ“ وغيره ٺهن ٿا.
اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا
آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي
ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن
کي ”پڇاڙي“ سڏجي ٿو. مثال طور ”لوهه“
۽ ”ڪُنڀ“ جي پٺيان ”-اَر“ يا ”-آر“
اچي ”لوهر“ يا ”لوهار“ ۽ ”ڪنڀر“ يا
”ڪنڀار“ ۽ ”ڳنڍ“ جي پويان ”-اَپ“ اچي
”ڳنڍپ“ ۽ ”ميل“ جي پويان ”-آپ“ اچي
”ميلاپ“ ٺهن ٿا.
ضميري پڇاڙي ڇا آهي؟
اهڙو اکر يا آواز، يا اکر يا
اهڙا
آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر
ڪن، پر اهو اکر يا آواز هڪ ”ضمير“ جي
به نمائندگي ڪري، يا ان جو مَٽ هجي،
ته اهڙي اکر يا آواز کي ”ضميري پڇاڙي“
چئجي ٿو. مثارل طور، ”ڏسندا“،
”ويهندا“، ”گهمندا“، ”ڳالهائيندا“ ۽
اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان
”-اسي“ (يا ”-اسون“) ملائجي ٿو ته
واريسر ”ڏسنداسي“
(ڏسنداسون)، ”ويهنداسي“ (ويهنداسون)،
”گهمنداسي“
(گهمنداسون) ۽ ”ڳالهائينداسي“
(ڳالهائينداسون)، جهڙا ٺهيل لفظ فعل
سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو
ضمير آهي ”اسان“ يا ”اسين“. هنن لفظن
۾ ”-اسي“ (يا ”-اسون“)
هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي.
ڇا ضميري وچاڙيون ۽ ضميري اڳياڙيون
به ٿينديون آهن؟
هن مهل تائين ”ضميري وچاڙي“ ۽ ”ضميري
اڳياڙي“ جي عنوان تي (شايد) نه لکيو
ويو آهي. ”لکيو مانءِ“ (مون توڏانهن
لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضميري پڇاڙيون آهن،
پر قاعدي موجب انهن مان آخريءَ کي
”ضميري پڇاڙي“ ۽ ان کان اڳ واريءَ کي
”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح،
”لکانءِ ٿو“، ”لکينمِ ٿو“ ۾ اصولن
”ٻه- ٻه ضمير“ ظاهر ڪندڙ آواز آهن،
جيڪي مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهن
ڪري ٻنهي کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي،
يعني ”لکانءِ ٿو“ ۾ به ٻه ضميري
وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به.
”ضميري اڳياڙي“ جي لاءِ البته آئون
ڪجهه چئي نٿو سگهان- ٿي سگهي ٿو ته
هجي- باقي اها پڪ اٿم ته هن وقت تائين
کوجيل يا ڄاتل ناهي. ان سلسلي ۾ هن
مضمون اندر هڪ ٻه اشارا ملن ٿا، وڌيڪ
عالمن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
زمان حال
(١)
فعل ”لازميءَ“ جو ڦيرو اسان کي هن طرح
پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:
الف
هيڪل/نَرُ
هيڪل/نارِ
١-ضمير متڪلم * مان/ آءُ لکان
ٿو. *مان/آءُ لکان
ٿي.
٢-ضمير حاضر * تون لکين
ٿو. * تون لکين
ٿي.
٣-ضمير غائب * هي/ هو/اِهو/
اُهو لکي ٿو *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها
لکي ٿي.
گهڻ/نر
گهڻ/نارِ
٤-ضمير
متڪلم *اسان/اسين لکون ٿا
*اسان/اسين لکون ٿيون.
٥-ضمير حاضر*توهان/اوهان/توهين/اوهين
لکو
ٿا.
*توهان/
اوهان/
توهين/اوهين لکو ٿيون
٦-ضمير غائب*هي/هو/اِهي/اُهي لکن
ٿا.
*
هي/هو/اِهي/ اُهي لکن ٿيون
(٢)
فعل ”لازميءَ“ جي ڦيري ۾ فعل جي صورت
هن طرح رهي ٿي:
ب
١-
هيڪل، نر، ضمير متڪلم لاءِ * لکان
ٿو، پڙهان ٿو، گهمان ٿو.
* ڏسان ٿو،
ويهان ٿو، بيهان ٿو.
٢- هيڪل، نار ضمير متڪلم لاءِ
*لکان ٿي، پڙهان ٿي، گهمان ٿي،
* ڏسان ٿي،
ويهان ٿي، بيهان ٿي،
٣- گهڻ، نر، ضمير متڪلم لاءِ
*لکون ٿا، پڙهون ٿا، گهمون ٿا.
*
ڏسون ٿا، ويهون ٿا، بيهون ٿا.
٤- گهڻ، نار، ضمير متڪلم لاءِ
*
لکو ٿيون، پڙهون ٿيون، گهمون ٿيون.
* ڏسون ٿيون، ويهون ٿيون، بيهون ٿيون.
ٻ
١- هيڪل، نر، ضمير حاضر لاءِ
*لکين ٿو، پڙهين ٿو، گهمين ٿو.
* ڏسين ٿو،
ويهين ٿو، بيهين ٿو.
٢- هيڪل، نار، ضمير حاضر لاءِ *
لکين ٿي، پڙهين ٿي، گهمين
ٿي.
* ڏسين ٿي، ويهين ٿي، بيهين ٿي.
٣-گهڻ، نر، ضمير حاضر لاءِ *
لکو ٿا،پڙهو ٿا، بيهو ٿا.
* ڏسو ٿا،
ويهو ٿا، بيهو ٿا.
٤- گهڻ، نار، ضمير حاضر لاءِ * لکو
ٿيون، پڙهو ٿيون، گهمو ٿيون.
* ڏسو ٿيون،
ويهو ٿيون، بيهو ٿيون.
ڀ
١- هيڪل، نر، ضمير غائب لاءِ *
لکي ٿو، پڙهي ٿو، گهمي
ٿو.
* ڏسي ٿو، ويهي ٿو، بيهي ٿو.
٢- هيڪل، نار، ضمير غائب لاءِ
*لکي ٿي، ويهي ٿي، بيهي ٿي.
* ڏسي ٿي،
پڙهي ٿي، گهمي ٿي.
٣- گهڻ، نر، ضمير غائب لاءِ
* لکن ٿا، پڙهن ٿا، گهمن ٿا.
*ڏسن ٿا،
ويهن ٿا، بيهن ٿا.
٤- گهڻ، نار، ضمير غائب لاءِ * لکن
ٿيون، پڙهن ٿيون، گهمن ٿيون.
* ڏسن ٿيون،
ويهن ٿيون، بيهن ٿيون.
(٣)فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول
(جيڪڏهن هجي) يا نه، ۽ فعل هڪ مقرر
صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو (مفعول هيڪل هجي
يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي
ڪو به اثر نٿو وجهي)
ت
١-
فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي
ته *مان خطُ /چٺي لکان ٿو.
* مان خطَ / چٺيون لکان ٿو.
فعل (لکڻ ) جي ڌاتو (لِک) سان ”-آن
ٿو“ ڳنڍجي ٿو:
*
لکان ٿو، پڙهان ٿو، ڏسان ٿو.
٢-
فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي
ته *مان خطُ /چٺي لکان ٿي.
* مان خطَ /چٺيون لکان ٿي.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-آن ٿي“
ڳنڍجي ٿو:
*لکان ٿي، پڙهان ٿي، ڏسان ٿي.
٣-
فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته *
اسين خطُ / چٺي لکون ٿا.
*
اسين خطَ / چٺيون لکون ٿا.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اُون
ٿا“ ڳنڍجي ٿو:
*لکون ٿا، پڙهون ٿا، ڏسون ٿا.
٤-
فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته
*
اسان خطُ / چٽي لکون ٿيون
* اسان خطَ /
چٺيون لکون ٿيون
فعل(لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اُون
ٿيون“ ڳنڍجي ٿو:
* لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، ڏسون ٿيون.
٥-
فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته *
تون خطُ / چٺي لکين ٿو.
*تون
خطَ / چٺيون لکين ٿو.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اين
ٿو) ڳنڍجي ٿو:
*
لکين ٿو، پڙهين ٿو، ڏسين ٿو.
٦-
فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته
*تون خطُ / چٺي لکين ٿي.
*
تون خطَ / چٺيون لکين ٿي.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اين
ٿي“ ڳنڍجي ٿو:
*
لکين ٿي، پڙهين ٿي، ڏسين ٿي.
٧-
فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته
* توهين خطُ / چٺي لکو ٿا.
*توهين خطَ / چٺيون لکو ٿا.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-او ٿا“
ڳنڍجي ٿو:
*لکو
ٿا، پڙهو ٿا، ڏسو ٿا.
٨-
فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته
*توهين خطُ / چٺي لکو ٿيون.
*
توهين خطَ / چٺيون لکو ٿيون.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اَو
ٿيون“ ڳنڍجي ٿو:
*
لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، ڏسو ٿيون.
٩- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير غائب آهي
ته
*هي/هو/اِهو/اُهو خطُ / چٺي لکي ٿو.
*هي/ هو /اِهو/اُهو خط / چٺيون لکي
ٿو.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اي ٿو“
ڳنڍجي ٿو:
*لکي ٿو، پڙهي ٿو، ڳنڍي ٿو.
١٠- فاعل نار، هيڪل، ضمير غائب آهي
ته
*هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطُ / چٺي لکي
ٿي.
* هيءَ / هوءَ اِها/اُها خطَ / چٺيون
لکي ٿي.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان”-اي ٿي“
ڳنڍجي ٿو:
*
لکي ٿي، پڙهي ٿي، ڏسي ٿي.
١١- فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي
ته
* هي/هُو/اِهي/ اُهي خطُ / چٺي لکن
ٿا.
*هي/هو اِهي / اُهي خطَ / چٺيون لکن
ٿا.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اَن ٿا“
ڳنڍجي ٿو:
*
لکن ٿا، پڙهن ٿا، ڏسن ٿا.
١٢- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي
ته
*هي/هو/اِهي/اُهي خطُ / چٺي لکن ٿيون.
* هي/ هو/اِهي/اُهي خطَ / چٺيون لکن
ٿيون.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-ان
ٿيون“ڳنڍجي ٿو:
* لکن ٿيون،
پڙهن ٿيون، ڏسن ٿيون.
(٤) هر قسم جي فاعل/ضمير (نر هجي يا
نار، هيڪل هجي يا گهڻ) جي پٺيان ايندڙ
هعل
جي صورت ڪنهن به ٻئي فاعل/ضمير کان
ڌار ۽ نرالي نموني جي ٺهي ٿي ۽ اهو ان
ڪري ٿئي ٿو جو ڌاتو سان ڳنڍجندڙ
”پڇاڙي“ ٻي، ڌار، نرالي قسم جي آهي.
ڇا، توهان پرکي /تاڙي ورتو آهي ته فعل
سان مخصوص پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري پاڻ فعل
۾ اهو گڻ به پيدا ٿي پيو آهي ته اهو
پاڻ ۾ هڪ مخصوص ضمير کي به سمايل
ڏيکاري سگهي؟
ٿ
١-
ضمير متڪلم، هيڪل، نر/ نار جي حالت ۾:
*
خطُ لکان ٿو/ ٿي.
*
مضمون پڙهان ٿو/ٿي.
*
نظارو ڏسان ٿو/ٿي
هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان
فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ”مان/آءُ“ آهي.
فعل جي ڌاتو سان ”-آن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي
ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو
”مان/آءُ“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي
موجودي ڏيکاري سگهي.
* ”-آن“ مَٽُ آهي ”مان/آءُ“ جو. ”مان“
جو ”م-“ ڪيرائڻ سان اسان ک ”-آن“ ملي
ٿو. جنهن لفظ کي اسين ”آءُ“ لکون ٿا،
ان جو حقيقت اُچار ”آن“ (آنءُ) آهي.
*مان جو ”م-“ ڪيرائڻ سان مليل ”-آن“
يا ”آءُ“ جو حقيقتي اُچار ”آن“ هِتي
هن زمان ۾ ”ضميري پڇاڙيءَ جو ڪم ڪري
ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص
صورت – لکان. پڙهان، ڏسان، ٻُڌان- ٺهي
ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ
لفظ ”ٿو“ – لکان ٿو، پڙهان ٿو – ٻڌائي
ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر (نر) آهي ۽ لفظ
”ٿي“ – لکان ٿي، پڙهان ٿي- ٻڌائي ٿوته
هيءُ ضمير مونث (نار) آهي.
٢-
ضمير متڪلم، گهڻ، نر /نار جي حالت ۾
*خط لکون ٿا/ ٿيون.
*
مضمون پڙهون ٿا/ ٿيون.
*
نظارون ڏسون ٿا/ٿيون.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾
اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا،
توهان فاعل نه سڃاتو ؟
فاعل”اسان/اسين“ آهي.
*فعل جي ڌاتو سان ”-اُون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ
جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي
جو ”اسان/اسين“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي)
جي موجودي ڏيکاري سگهي.
*”_آن“ مَٽ آهي” مان/ آءٌ“ جو. ”مان“
جو ”م_“ ڪيرائڻ سان اسان ک”_آن“ ملي
ٿو. جنهن لفظ کي اسين ”آءٌ“ لکون ٿا،
ان جو حقيقي اچار”آن“ (آنءُ) آهي.
*مان جو ”م_“ ڪيرائڻ سان مليل”_آن“ يا
”آءٌ“ جو حقيقي اُچار ”آن“ هِتي هن
زمان ۾ ”ضميري پڇاڙي“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽
ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت –
لکان، پڙهان، ڏسان، ٻُڌان - ٺهي ٿي.
* فعل جي اُن مخصوص صورت کان پوءِ
ايندڙ لفظ”ٿو“ _ لکان ٿو، پڙهان ٿو –
ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر(نر) آهي،
۽ لفظ ”ٿي“ – لکان ٿي، پڙهان ٿي-
ٻڌائي ٿو ته هيءَ ضمير مؤنث (نار)
آهي.
2 ضمير متڪلم، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾
*خط لکون ٿا/ ٿيون
* مضمون پڙهون ٿا/ ٿيون.
* نظارو ڏسون ٿا/ ٿيون.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين)
۾ اڳيان فاعل جھاڻايل ناهي. پر، ڇا،
توهان فاعل نه سڃاتو؟ فائل”اسان/
اسين“ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان”_اُون“
پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا
ٿي پيو آهي جو ”اسان/ اسين“ (جيڪو
ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري
سگهي.
* - ”اُون“ مَٽ آهي ”اسان/اسين“ جو.
هن جو ڌاتو ڳولڻ لاءِ اسان کي ٽي
امڪان ذهن ۾ رکڻا ۽ ڇنڊڻا ڇاڻڻا پوندا:
١.
”اسان“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“ ۽
”آن“ (اس+آن) جو ٺهيل هجي. ”اس“
هي/هيءَ/اهو/اهو/هو/هوءَ/هِن/ هن جي
بدران ڪم اچي ٿو (اها ڳالهه هن مضمون
۾ ڪجهه دير پوءِ ڄاڻي سگهنداسين) ۽
”آن“ بابت ٿورو اڳ (ٿ ا) ۾ پڙهي آيا
آهيون. ”اس“ + ”آن“ (هي ۽ مان)=
”اسان“.
٢.
”اسين“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“۽
”اِين“ (اس +اِين) جو ٺهيل هجي. هن/هي
جي بدران ”اس“ ۽ ”-اين“ نار کي گهڻ
ڪرڻ جو/لاءِ هڪ آواز يعني اس+ -اِين
=
اسين.
”اَسُون“ بظاهر نئون لفظ ۽ اڻٻڌو ڀاسي
ٿو، پر ”لکيوسون“ ۽ لکنداسون“ جهڙن
هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي
جاچيو ته ايڏو اوپرو به نه لڳندو. ٿي
سگهي ٿو ته هي لفظ ”اس“ ۽ ”-اُون“ جي
ميلاپ سان ٺاهيو ويو هجي. ”اس“
(هي/هن) ۽ ”-اُون“، نر کي گهڻ ڪرڻ جو
آواز.
* ”-اُون“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري
پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري
ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت- لکون،
پڙهون، ويهون، ڏسون، ٻُڌون- ٺهي ٿي.
*فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ
لفظ ”ٿا“ – لکون، پڙهون ٿا- ٻڌائي ٿو
ته هيءُ ضمير نر آهي، ۽ لفظ ”ٿيون“-
لکن ٿيون، پڙهن ٿيون- ٻڌائي ٿو ته هي
ضمير نارِ آهي.
٣.
ضمير حاضر، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:
*خط لکين ٿو/ٿي.
*
مضمون پڙهين ٿو/ٿي
*
نظارو ڏسين ٿو/ٿي.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان
فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ”تون“ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ”-اِين“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”تون“
(جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودي
ڏيکاري سگهي.
*”-اِين“ مَٽ آهي ”تون“ جو. ”-اِين“
جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ نه
آهي. پر جيڪڏهن ”لکندين“، ”پڙهندين“،
”ڏسندين“، جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي
رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو
ته ”-اِين“ ”تون“ جو مَٽ آهي.
*”-اِين“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي
فعل جي هڪ مخصوص صورت-لکين، پڙهين،
ڏسين، ٻُڌين-ٺهي ٿي.
*فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ
لفظ ”ٿو“ –لکين ٿو، پڙهين ٿو- ٻڌائي
ٿو ته هي فاعل نر آهي، ۽ لفظ ”ٿي“ –
لکين ٿي، پڙهين ٿي- ٻڌائي ٿو ته هي
ضمير نارِ آهي.
٤. ضمير حاضر، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:
* خط لکو ٿا/ ٿيون
*مضمون پڙهو ٿا/ٿيون.
*
نظارو ڏسو ٿا/ٿيون.
*هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين ) ۾
اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي.
پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل
”توهان/اوهان/
توهين/
اوهين“ آهي.
*فعل جي ڌاتو سان ”-او“ پڇاڙي ڳنڍجڻ
جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي
جو ”توهان/اوهان/توهين/اوهين“ (جيڪو
ضمير حاضر آهي) جي موجودي ڏيکاري
سگهي.
”-او“ مَٽ آهي ”توهان/...“ جو ”-او“
جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ ناهي،
پر جيڪڏهن لکندوء، پڙهندوء، ڏسندوء
جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي
جاچيو ته پڌرو ٿي پوندو، ”-او“،
”توهان/.......“ جو مَٽ آهي.
*”-او“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل
جي هڪ مخصوص صورت --- لکو، پڙهو، ڏسو،
ٻڌو- ٺهي ٿي.
*فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ
لفظ ”ٿا“ – لکو ٿا، پڙهو ٿا- ٻڌائي ٿو
ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ”ٿيون“- لکو
ٿيون، پڙهو ٿيون- ٻڌائي ٿو ته فاعل
نار آهي.
٥-
ضمير غائب، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:
*خط لکي ٿو/ ٿي.
*
مضمون پڙهي ٿو/ٿي.
*
نظارو ڏسي ٿو/ٿي.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾
اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا،
اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”هي/هو/
هيءَ / هوءَ/ اِهو / اُهو/ اِها
/اُها“ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ”-اي“ پڇاڙي ڳنڍجڻ
جي ڪري، منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي
جو ”هي/.....“ (جيڪو ضمير غائب آهي)
جي موجودي ڏيکاري سگهي.
*”-اي“ مَٽ آهي ”هي/....“ جو. ”-اي“
بگڙي ”هي“ ٿيو آهي (ڪو ائين به چئي
سگهي ٿو ته ”هي“ جي ”هه“ ڪيرائي ”-اي“
پڇاڙي ٺاهي وئي آهي).
* ”-اي“ هتي، هن زمان ۾، ”ضميري
پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي
فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکي، پڙهي،
ڏسي، ٻُڌي- ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت- کانپوءِ
ايندڙ لفظ ”ٿو“ – لکي ٿو، پڙهي ٿو-
ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ”ٿي“ –
لکي ٿي، پڙهي ٿي- ٻڌائي ٿو ته فاعل
نار آهي.
٦.
ضمير غائب، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:
* خط لکن ٿا/ٿيون.
*
مضمون پڙهن ٿا/ٿيون.
*
نظارو ڏسن ٿا/ٿيون.
*هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان
فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ”هي/هو/اِهي/اُهي“
آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ”-اَن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ
جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي،
جو ”اهي/.....“ (جيڪو ضمير غائب آهي)
جي موجودي ڏيکاري سگهي.
*”- اَن“ مَٽ آهي ”هي /هو/اِهي /اُهي“
جو، ۽ ”-اَن“ سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن،
آسمانن، گلن، ميون.........) اِنَ،
اِنَن ۽ اُنَ – اَنن (جن ۾ اسين ”هه“
ملائي ”اِنهن“ چئون ٿا) پڻ ان جو چٽو
مثال آهي. اهڙيءَ طرح، اسان وٽ وَٽنِ،
سندن، کينِ کانئن، ڏانهنِ، مٿنَ،
مٿائن، هيٺائن، منجهن،، جهڙا ڪيترائي
لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ”-اَن“،
”هي/هو/هي/اهي/اُهي“ جي نشاندهي ڪري
ٿي.
*”- اَن“ هتي، هن زمان ۾، ”ضميري
پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي
فعل جي هڪ مخصوص صورت- لکن، پڙهن –
ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ
ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکن ٿا، پڙهن ٿا-
ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ٿيون-
لکن ٿيون پڙهن ٿيون- ٻڌائي ٿو ته فاعل
نار آهي.
٥.
هن زمان جي فعلي ڦيري جي حوالي سان
ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:
ٽ
١.
ضميري پڇاڙي هر ”ضميري اَڪهه“ لاءِ
ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي:
*مان/مون/آنءُ/آءُ/آئون لاءِ ”-اَن“
نر توڙي نار، هيڪل
*تون/تو لاءِ ”-اَ ين“
*هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو لاءِ ”-اي“
*
اسان /اسين/اسون لاءِ ”-اَون“
نر توڙي نار، گهڻ
*
توهان/توهين/اوهان/اوهين لاءِ ”-اَو“
*هي/هو/اِنهن/اُنهن/هنن/هنن لاءِ
”-اَن“
٢.
ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري
آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي
۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي.
*لکان
هيڪل *لکين
*لکي
*لکون
گهڻ *لکو
* لکن
٣.
* هر هڪ هيڪل، نر فاعل جي پٺيان فعل
جو حصو ”ٿو“ اچي ٿو.
* هر هڪ هيڪل، نار فاعل جي پٺيان فعل
جو حصو ”ٿي“ اچي ٿو.
* هر هڪ گهڻ، نر فاعل جي پٺيان فعل جو
حصو ”ٿا“ اچي ٿو.
* هر هڪ گهڻ، نار فاعل جي پٺيان فعل
جو حصو ”ٿيون“ اچي ٿو.
٤.
فعل جي مڪمل صورت ٻن حصن ۾ ظاهر ٿئي
ٿي ۽ فاعل جي جنس ۽ ڳڻپ بابت ڄاڻ ڏئي
ٿي:
نر نار
* لکان ٿو، پڙهان ٿو
*لکان ٿي، پڙهان ٿي.
هيڪل * لکين ٿو، پڙهين ٿو *
لکين ٿي، پڙهين ٿي.
* لکي ٿو، پڙهي ٿو * لکي ٿي،
پڙهي ٿي.
* لکون ٿا، پڙهون ٿا * لکون
ٿيون، پڙهون ٿيون.
گهڻ * لکو ٿا، پڙهو ٿا
* لکون ٿيون، پڙهو ٿيون.
* لکن ٿا، پڙهن ٿا
* لکن ٿيون، پڙهن ٿيون.
٥.
فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل
آهي.
٦. اهو ضمير ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت
۾ موجود آهي.
٧. اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٺيڪ ان ڪري
٨. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي
حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو
پڙهايووڃي ٿو (ڏسو 1-الف)، ان ۾ حقيقتا
ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان
کي ويا ڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگجي ٿو؟
هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت
جاچيون، جنهن کي ”هئڻ“ يا ”هجڻ“ جو
فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ”حال“ ئي
آهي.
١.
هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني
پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:
ٺ
هيڪل/نر
هيڪل/نار
١.
ضمير متڪلم *مان (سُٺو) آهيان.
* مان(سُٺي) آهيان.
٢. ضمير حاضر * تون (سٺو)
آهين. * تون (سٺي) آهين.
٣. ضمير غائب
*هي/هي/اِهو/اُهو(سٺو)آهي.*هيءَ/هوءَ/اِها/اُها
(سٺي) آهي.
گهڻ/نر
گهڻ/نار
٤.
ضمير متڪلم *اسان (سٺا) آهيون.
*اسان (سُٺيون) آهيون.
٥. ضمير حاضر * توهان(سٺا)
آهيو.
* توهان (سُٺيون) آهيو.
٦. ضمير غائب
*هي/هو/اِهي/اُهي(سٺا)آهن.
*هي/هو/اِهي/اُهي(سٺيون آهن.
٢.اچو، ڏسون ته اکر ۽ لفظ ڪيئن ٿا
ڳالهائن:
ث
١-
”آهيان“:
- ڪير؟
+ ”مان/آءُ/آنءُ/آئون“ –جنهن کي ”ضمير
متڪلم“ چئبو آهي.
- زمان؟
+ حال (هن وقت، هاڻي، اجهو هينئر)
- ڳڻپ؟
+ هڪ (اڪيلو،هيڪل، واحد، ڇڙو)
- جنس؟
+ اها سڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين
آڏو اسم يا صفت نه اچي- اسم يا صفت
نر هوندي ته ”نر“ آهيان ۽ جي نار
هوندي ته ”نار“ آهيان.
- بناوت؟
+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو
وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن
لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ
”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. آهيان:
”آهه“ + ”-آن“
=
”آهيان“.
”آهه-“ ”زمان حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي
ٿو ۽ ”-آن“ مان /مون/آءُ/آئون/ آنءُ“
جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان
مليل پڇاڙي ”-آن“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“
آهي، جيڪا ”ضمير متڪلم“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ
جو ڏس ڏئي ٿي.
- جيڪڏهن ضمير موجود آهي ته پوءِ اسان
کي ساڳيو ئي ضمير متڪلم ”مان“ ڳنڍي،
”مان آهيان“ ڇو ٿو پڙهايو/سيکاريو
وڃي؟ ڇا، ان نموني فاعل جو ڏس ڏيندڙ
ضمير ”ٻه“ نه ٿي پوندا؟
+اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.
٢-
”آهين“:
- ڪير؟
+ ”تون“ – جنهن کي ”ضمير حاضر“ چئبو
آهي.
- زمان؟
+ حال.
- ڳڻپ؟
+ هيڪل.
- جنس؟
+ اها سڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين
آڏو اسم يا صفت نٿي اچي- اسم يا صفت
نر هوندي ته نر سڏبس ۽ جي نار هوندي
ته نار سڏبس.
-بناوت؟
+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سڏيو وڃي
ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن،
درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ
”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اِي“
=
”آهي“. ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو
ڏس ڏئي ٿو ۽ ”-اين“ ”تون“ جو. ان جو
مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙيءَ
”-اين“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا
”ضمير حاضر“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي
ٿي.
- ”تون آهين“ ڇو ٿو سيکاريو وڃي؟
+ اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.
٣-
”آهي“:
- ڪير؟
+ ”هي“
(هي/هيءَ/هُو/اِهو/اُهو/اِها/اُها)-
جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽
ڳڻپ ”هڪ“. ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر
تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت
هجي.
- بناوت؟
+ بظاهر
هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)،
پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست
ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“
جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اي“
=”آهي“.
”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي
ٿو، ۽ ”_اي“ ”هي/ هو/ هيءَ/ هوءَ/
اِهو/ اُهو/ اِها/ ُها“ جو. ان جو
مطلب ٿيو ته ”آهه“ سان مليل پڇاڙي
”_اي“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي جيڪا
”ضمير غائب“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي
ٿي. باقي ”هي آهي“ سيکارجڻ جو سبب
پنهنجن عالمن کان پُڇو.
(4) ”آهيون“:
+ ”اسان/ اسين“ جيڪو ”ضمير متڪلم“
آهي، زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان
وڌيڪ“ . ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر
تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت
هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي
سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته
ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“
۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اُون“
=
”آهيون“. ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو
ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-اُون“
”اسان/اسين/اسون“ جو. ان جو مطلب ٿيو
ته ”آهه“-“ سان مليل پڇاڙي هڪ ”ضميري
پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير متڪلم“ ۽
”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”اسين“
آهيون“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن
کان پڇو.
٥-
”آهيو“:
+ ”توهان/اوهان/توهين/اوهين“- جيڪو
”ضمير حاضر“ آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽
ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“ . ”نر“ يا ”نار“
هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان
اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ
لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها
آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ
”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ.
”آهه-“+ ”-او“
=
”آهيو“، ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ، جو
ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-او“
”توهان/توهين/اوهان/اوهين“ جو. ان جو
مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙي هڪ
”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير حاضر“
۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي
”توهان آهيو“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن
عالمن کان پُڇو.
٦-
”آهن“:
+ ”هي/هو/اِهي/اُهي“ – جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان
وڌيڪ“. ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن
پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي.
بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي
ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن،
درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ
”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اِن“=
”آهن“. ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو
ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-اِن“
”هي/هو/اِهي/اُهي“ جو. ان جو مطلب ٿيو
ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙيءَ هڪ ”ضميري
پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير غائب“ ۽ ”گهڻ“
هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي
”هي/هو/اِهي/اُهي/آهن“ سيکارجڻ جو سبب
پنهنجن عالمن کان پُڇو.
٣-
هن فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ
جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:
(پ)
١-
ضميري پڇاڙي هر ضميري آڪهه لاءِ ڌار،
نرالي ۽ مقرر آهي:
*مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون لاءِ
”-آن“
هيڪل * تون/ تو
لاءِ ”-اين“
*
هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو
لاءِ ”-اي“
* اسان/اسين/اسون لاءِ
”-اُون“
گهڻ
*توهان/اوهان/توهين/اوهين لاءِ
”-اَو“
*هي/هو/اِهي/اُهي لاءِ
”-اَن“
٢-
ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري هر ضميري آڪهه
لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽
مقرر صورت وٺي بيهي ٿي:
*آهيان
هيڪل * آهين
* آهي
*آهيون
گهڻ * آهيو
*آهن
٣- فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل
آهي.
٤- اهو ضمير ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت
۾ موجود آهي.
٥- اها ”ضميري پڇاڙي“ فاعل جي هجڻ جو
ڏس ڏئي ٿي، ۽ ٺيڪ ان ڪري
٦- پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن فعلي
ڦيري جي حوالي سان به اسان کي جيڪو
جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو (ڏسو
ا-ٺ)، ان ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا
موجود آهي. ڇا، ان کي وياڪرڻ جي درست
سکيا سڏي سگهجي ٿو؟
مٿي ڏنل سموريءَ ڳالهه ٻول جو نتيجو
هي نڪري ٿو ته زمان حال ۾ اسان وٽ
”ڪَرڻ، ۽ هئڻ“ واري فعل جي حوالي سان
جيڪو ڪجهه ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽
سيکاريو وڃي ٿو، ان ۾ بنا ڪنهن ضروري
سبب جي ساڳئي قسم جو فاعل ٻه ڀيرا
ورجايو وڃي ٿو:
هڪ ”مان“، ”اسان“، ”تون“، ”توهان“،
”هي“ ۽ ”اُهو/اُهي“ جي شڪل ۾ ۽ ٻيو
جيڪو ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي حالت
۾ ضميري پڇاڙيءَ جي مليل يا اڳواٽ جذب
ٿيل صورت ۾ آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو
ته صحيح فعلي ڦيرو هينئن ٿيڻ گهرجي:
”ڪَرڻ“ واري فعل جي حوالي سان-
* لکان ٿو- لکان ٿي- لکون ٿا- لکون
ٿيون.
*لکين ٿو- لکين ٿي- لکو ٿا- لکو ٿيون.
*لکي ٿو- لکي ٿي- لکن ٿا-لکن ٿيون.
هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي
ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو
وڃي ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن
طرح بيهندي:
* مان لکٿو-مان لکٿي-اسان لکٿا-اسان
لکٿيون.
* تون لکٿو-تون لکٿي-توهان لکٿا-توهان
لکٿيون.
*هي لکٿو-هيءَ لکٿي-هي/اهي لکٿا-
هي/اهي لکٿيون.
ساڳيءَ طرح، ”هئڻ“ واري فعل جو صحيح
ڦيرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ان جي آڏو
ڪوبه ضمير فاعل طور نه آندو وڃي، ڇو
ته واسطيدار ضمير فعلي صيغي سان ڳنڍيل
آهي:
* ضمير متڪلم، هيڪل-آهيان.
*ضمير متڪلم، گهڻ-آهيون.
* ضمير حاضر، هيڪل- آهين.
* ضمير حاضر، گهڻ- آهيو.
* ضمير غائب، هيڪل- آهي.
* ضمير غائب، گهڻ-آهن.
زمان حال ۾ ”ڪرڻ“ جي فعل جي حوالي سان
”ٻه“ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون ۽
عام جام اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه ٿورو
ذڪر ڪجي ٿو.(ٻِٽي ضميري پڇاڙيءَ جي
گڻن ۽ ان جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي
پوءِ ڳالهائبو.)
فعل/مذڪر بناوت
مفهوم/معنيٰ /فعل مونث
ج
لکانءِ ٿو=
لک+آن+ءِ
=
(مان) تو ڏانهن لکان ٿو.
لکانءِ ٿي.
لکانوَ ٿو= لک+آن+وَ
=
(مان) توهان ڏانهن لکان ٿو.
لکانوَ ٿي.
لکانس ٿو=لک+ آن+ اس =
(مان) هن ڏانهن لکان ٿو. لکانس
ٿي.
لکاننِ ٿو= لک+آن+ ان
=(مان)
هنن ڏانهن لکان ٿو.
لکاننِ ٿي.
ڄ
لکينمِ ٿو= لک+اين+ام=
(تون) مون ڏانهن لکين ٿو.
لکينمِ ٿي.
؟
=
(تون) (اسان ڏانهن لکين ٿو.) ؟
لکينس ٿو= لک+اين+اس
=(تون)
هن ڏانهن لکين ٿو. لکينس ٿي.
لکين ٿو= لک+اين+ ان
=
(تون) هنن ڏانهن لکين ٿو. لکينن
ٿي.
جهه
لکيم ٿو= لک+ اي+ام
=
(هو) مون ڏانهن لکي ٿو.
لکيم ٿي.
؟
=
(هو) (اسان ڏانهن لکي
ٿو). ؟
لکيس ٿو= لک+اي +اس
=
(هو) هن ڏانهن لکي ٿو.
لکيس ٿي.
لکينِ ٿو= لک+اي+ان
=(هو)
هنن ڏانهن لکي ٿو.
لکينِ ٿي.
لکيئه ٿو= لک+ اي+ ءِ
= (هو) تو ڏانهن لکي ٿو. لکيئه ٿي.
لکيوَ ٿو= لک+ اي+ وَ
=
(هو) توهان ڏانهن لکي ٿو.
لکيوَ ٿي.
ڃ
لکونئهِ ٿا= لک+ اون+ ءِ
=(اسين) تو ڏانهن لکون ٿا.
لکونئهِ ٿيون.
لکونوَ ٿا= لک + اون+ وَ
= (اسين) توهان ڏانهن لکون ٿا. لکونوَ ٿيون.
لکونس ٿا= لک+ اون+ اس
=(اسين) هن ڏانهن لکون ٿا. لکونس ٿيون
لکوننِ ٿا= لک+اون+ ان
=(اسين) هنن ڏانهن لکون ٿا. لکوننِ ٿيون.
چ
لکوم ٿا= لک+ اَو+ام
=
(توهان) مون ڏانهن لکو ٿا.
لکوم ٿيون.
؟
=
(توهان) (اسان ڏانهن لکو
ٿا). ؟
لکوس ٿا= لک+اَو+ اس
=(توهان) هن ڏانهن لکو ٿا.
لکوس ٿيون.
لکونِ ٿا= لک+اَو +ان
= (توهان) هنن ڏانهن لکو ٿا.
لکونَ ٿيون.
ڇ
لکننم (لکنم) ٿا= لک+ ان+ آءِ
= (اهي) مون ڏانهن لکن ٿا.
لکنئه (لکنم) ٿيون.
؟
=
(اهي) (اسان ڏانهن لکن ٿا) ؟
لکننئه (لکنئه) ٿا= لک+ ان+ آءِ
=(اهي) تو ڏانهن لکن ٿا.
لکننم (لکنئه) ٿيون.
لکنوَ ٿا
= لک+ ان+ وَ
= (اهي) توهان ڏانهن لکن ٿا.
لکنوَ ٿيون.
لکنس ٿا= لک+ان+ اس
=
(اهي) هن ڏانهن لکن ٿا.
لکنس ٿيون.
لکنن (لکنن) ٿا= لک+ ان+ اِن
=(اهي) انهن ڏانهن لکن ٿا.
لکنن (لکنن) ٿيون.
ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن
۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل
جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:
١-
ڪجهه لفظن جي اچار ۾ ”شَد“ جهڙي ڪيفيت
نظر اچي ٿي. (عام طرح سمجهيو وڃي ٿو
ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شد رکندڙ لفظ موجود
ناهن، جنهن ڳالهه سان مون کي اختلاف
آهن” شد رکندڙ لفظ يا اکر سنڌي ۾ ئي
نه، جيتري هندي ڄاڻان ٿو، ان ۾ به
موجود نظر اچن ٿا.) اهي لفظ سنڌيءَ ۾
زباني طرح ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا
وڃن، ۽ هنديءَ ۾ ”اڌ-اکر“ وڌيڪ لکجي
ٿو.
٢-
ضميري پڇاڙيون ان ساڳيءَ شڪل ۾ نظر
اچن ٿيون، جيئن ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري
فعلي ڦيري ۾ نظر آيون، ڪٿي ڪٿي تحرڪ
وڌيڪ نظر اچي ٿو. (ها، ”مان“ جي بدران
”-ام“ ۽ ”هن“ جي بدران ”-اس“ ضميري
پڇاڙي اڃا بحث هيٺ نه آيون آهن.)
(مٿي جيڪي به فاعل/ ضميري ننڍيءَ
ڏنگيءَ ۾ ڏنل آهن، اهي رڳو ان ڪري،
جيئن رسمارسمي طريقي موجب ”جيڪو غلط
آهي“ ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.)
١-
فعل ”لازمي“ جو ڦيرو (زمان ماضي مطلق)
اسان کي هن نموني پڙهايو/ سيکاريو وڃي
ٿو:
ح
هيڪل/نر
هيڪل/نار
١- ضمير متڪلم * مون لکيو
*مون لکيو
٢- ضمير حاضر * تو
لکيو
* تو لکيو
٣-ضمير غائب * هِن/هُن
لکيو *هِن/هُن
لکيو
گهڻ/نر
گهڻ/نار
٤- ضمير متڪلم *اسان
لکيو *اسان لکيو
٥- ضمير حاضر * توهان
لکيو * توهان لکيو
٦- ضمير غائب * هنن/هُنن
لکيو * هِنن/هُنن
لکيو
٢. هن فعلي ڦيري کي جيڪڏهن هينئن
پڙهجي ته
خ
* مون چٺو لکيو.
* فاعل ضمير متڪلم،هيڪل
نر
*مون چٺي لکي (لکيي).
* مون چٺا لکيا.
*مون چٺيون لکيون.
ڌيان ڏيئي سوچيو:
ضمير متڪلم هيڪل نر جي بدران ڪو به
ٻيو ضميرُ، فاعل طور آڻي پڙهبو، ته
به جملي جي بيهڪ اها ئي رهندي. مثال
طور:
* اسان/توهان/هن/هنن چٺو لکيو.
* اسان/ توهان/هن/هنن چٺا لکيا.
* اسان/ توهان/ هن/ هنن چٺي لکي.
*اسان/توهان/هن/هنن چٺيون لکيون.
ڌيان ڏئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو
به هجي، ضمير جي هر صورت سان هر هڪ
فعل جون چار صورتون، گڏجي، ٺهڪي ۽
درست نموني اچن ٿيون. ائين ڇو؟
اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ”ماضيءَ“ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو
فاعل سان نه، مفعل سان رهي ٿو.
مفعول جيڪڏهن
١-
هيڪل نر آهي ته – لکيو، پڙهيو، ڏٺو
٢- هيڪل نار آهي ته- لکي، پڙهي، ڏٺي
٣- گهڻ نر آهي ته-
لکيا، پڙهيا، ڏٺا
٤- گهڻ نار آهي ته – لکيون، پڙهيون،
ڏٺيون
هتي، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته زمان
ماضيءَ ۾ فعل جون صورتون هڪ ڊگهو ۽
تفصيلي بحث ۽ ڇنڊڇاڻ گهرن ٿيون، ڇو ته
زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغاجيڪا صورتخطي
۽ جيڪو اچار رکن ٿا، اهو ئي ڪٿي فعل
آهي ته ڪٿي اسم يا صفت.
مثال طور: (مان) لکيو آهيان (هتي ”لکيو“ اسم آهي)
مون لکيو آهي (هتي ”لکيو“ فعل آهي)
(مان) پڙهيو آهيان (هتي ”پڙهيو“ صفت
آهي)
مون پڙهيو آهي (هتي ”پڙهيو“ فعل آهي)
هتي، انهن بحثن کان پاسيرو رهي، رڳو
فعلي صيغي بابت ڳالهه ٻولهه ڪجي ٿي.
د
١-
مفعول، هيڪل، نر جي حالت ۾:
*مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺو
لکيو.
*مون/..........................
گهوڙو ڏٺو.
مفعول
هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک)
سان ”-اِيو“ ڳنڍجي ٿو- لکيو، پڙهيو،
گهميو، سمهيو. پر فعل جيڪڏهن اهڙو
آهي، جنهن جو امر فعل جي هڪ صورت
ٺاهي
(جيئن ”ڏِسڻ“ جي ”ڏِس“ مان ”ڏِسيو“ –
”مان ڏسيو پيو اچان“)، ۽ جنهن جو اسم
فعل جي ٻي صورت ٺاهي (جيئن ”ڏسڻ، جي
اسم ”ڏٺ“ مان ”ڏٺو“ ) ته اهڙيءَ حالت
۾ اسم جي پوئين اکر (ٺ) سان ”-او“
ملائجي ٿو-ڏٺو، ويٺو، بيٺو.
فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي.
٢-
مفعول، گهڻ، نرجي حالت ۾:
*مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺا لکيا:
* مون/.........................
گهوڙا ڏٺا.
مفعول، گهڻ، نر آهي ته فعل (لکڻ) جي
امر (لک) سان ”-اِيا“ ڳنڍجي ٿو-لکيا،
پڙهيا، گهميا، سمهيا-، پر فعل جيڪڏهن
اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي
ته اهڙيءَ حالت ۾ ”-آ“ ملائجي ٿو-ڏٺا،
ويٺا، بيٺا.
فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا
نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي.
٣-
فاعل، هيڪل، نار جي حالت ۾:
* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺي لکي.
*مون/......................
گهوڙي ڏٺي.
مفعل هيڪل نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِي“ يا حقيقت ۾ ”-اِيي“
ملائجي ٿو- لکي، پڙهي- پر فعل جيڪڏهن
اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي
ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ ”-اِي“ ملائجي
ٿو- ڏٺي، ويٺي، بيٺي.
٤-
مفعول، گهڻ، نار جي حالت ۾:
* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺيون
لکيون.
*
مون/.......................................گهوڙيون
ڏٺيون.
- مفعول، گهڻ، نار آهي ته فعل (لکڻ)
جي امر (لک) سان ”-اِيون“ ملائجي ٿو-
لکيون، پڙهيون- پر فعل جيڪڏهن اهڙو
آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ٿو
ته اهڙيءَ حالت ۾ به ”-اِيون“ ملائجي
ٿو- ڏٺيون، ويٺيون، بيٺيون.
٣-
زمان ماضيءَ ۾ ضمير جي صورت تي ڪجهه
نه ڪجهه ۽ هڪ عجيب اثر پوي ٿو:
- ”مان/آءُ/آنءُ“ جي ڀيٽ ۾ ”مون“ وڌيڪ
سونهي ٿو- مون لکيو.
- ”تون“ جي ڀيٽ ۾ ”تو“ ڪجهه هنڌن تي
ڏاڍو ٺهي ٿو- تو لکيو.
- ”هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِها/اُها“ جي بدران ”هَن/هُن/اِن/اُن“ وڌيڪ ٺهڪي ٿو- هن
لکيو.
- ”اسين“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو لڳندڙ
آواز ”اسان“ آهي – اسان لکيو.
- توهين/اوهين“ جي ڀيٽ ۾
”توهان/اوهان“ سٺو لڳي
ٿو – توهان لکيو.
- ”هي/هو/اِهي/ اُهي“ بدران
”هِنن/هُنن/اِنهن/اُنهن“ جو واهپو
سونهي ٿو- هنن لکيو.
* ضمير جي ان صوتي تبديليءَ جو ڪارڻ (شايد) فعل جو مفعول سان لاڳاپيل هجڻ
آهي.
هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت
جاچيون، جنهن کي ”هئڻ“ يا ”هجڻ، جو
فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ماضي ئي
آهي.
(وڌيڪ پڙهو)